ڊاڪٽر صاحب خواه مخواهه جتي ڪٿي ائين ڏيکارڻ جي
ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ماڻهو هر سٺو اخلاق عربن کان
سکيا؛ پر جيڪڏهن علم الانسان جي نظر سان ڏٺو وڃي
ته مهمان نوازي وغيره قبائلي اوصاف آهن، جيڪي لڳ
ڀڳ هر اهڙي تمدن ۾ پنهنجيءَ پنهنجيءَ صورت ۾ موجود
هئا ۽ آهن. معاشي ارتقا ۽معاشي ضرورتن جو وڌڻ،
انهن وصفن جي ختم ٿيڻ جوڪارڻ آهي، عربن يا ٻيءَ
ڪنهن حمله آور قوم جي اچڻ جو انهن جي پيدا ٿيڻ ۽
ختم ٿيڻ سان ڪو واسطو ڪونهي.
افسوس ته اهو آهي جو ڊاڪٽر صاحب اسان جي خالص سنڌي
شاعريءَ ۾ به عربي شاعريءَ جي تمثيلن ڳولڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي. مثال طور، ڊاڪٽر صاحب عربي شاعرن جي
پنهنجي محبوب جي ڳچيءَ کي ڏاچيءَ جي ڳچيءَ سان
مشابهت ڏيڻ جي تمثيل پيش ڪئي آهي. شڪر آهي ته سنڌي
شاعرن مان ڪنهن به، ڪنهن سنڌي محبوب جي ڳچيءَ کي
ڏاچيءَ جي ڳچيءَ سان تشبيهه نه ڏني آهي، ڇاڪاڻ ته
اٺن جي ڳچين ۾ انساني سونهن صرف عربن کي ئي نظر
اچي سگهي ٿي. ڊاڪٽر صاحب سانوڻ فقير جو مثال ڏنو
اهي، تنهن ۾ هِن سٽ – ”جويون جيسلمير جون، اَٿئي
ڪل ڪنواٽ“- ۾ ’ڪنواٽ‘ منجهان مقصد ڪنواٽ جي ڳچي
نه، پر ڪنواٽ اٺن جي چنچلتا ۽ مستاني چال ڏانهن
اشارو آهي.
ڊاڪٽر صاحب اسان جي ٻوليءَ جو علم ادب جي واڌاري
جو جيڪو بيان ڏنو آهي، ان مان ته فقط ايترو ئي
ثابت ٿي سگهيو آهي ته ويچارن عربن ته سنڌيءَ لاءِ
ڪجهه به ڪو نه ڪيو، البت ڪن سنڌي عالمن عربي علم ۾
واڌارو ضرور آندو. سنڌ حساب ڪتاب جي علم ۾ عربن
کان اڳڀري هئي – جيئن ابن ندين جو حوالو ثابت ڪري
ٿو. هونئن به تاريخي طرح اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته
عرب تنهن زماني مطابق اعليٰ حسابي علم هندستان
منجهان سکيا: ۽ جيئن ته هندستان ۾ سڀ کان اول سندن
واسطو سنڌ سان ئي رهيو، ان ڪري هو اهو علم سنڌ
منجهان سکيا. ان سلسلي ۾ به آءٌ ائين ڪو نه چوندس
ته ڪو سنڌين عربن جي علم ادب تي ڪو ٿورو يا احسان
ڪيو؛ ڇاڪاڻ ته انساني ارتقا ۾ قومون هڪٻئي سان
تمدني ۽ علمي ڏي – وٺ ڪنديون رهيون آهن، ۽ ان ۾ ڪا
فخر جي ڳالهه آهي ته محض اها ته اهي چيزون
انسانذات جي مجموعي ترقيءَ ۽ تمدن جي واڌاري جو
اهڃاڻ آهن.
سڀ کان عجيب ڳالهه سنڌي نام نهاد پهرئين شعر متعلق
آهي، جنهن تي نه رڳو ڊاڪٽر صاحب پر ٻين ڪن عالمن
به ويهي اجائي دماغ سوزي ڪئي آهي. اهو شعر آهي -
؛”اره بره کنکره....“. انهيءَ شعر جي روايت خالص
عرب مؤرخن جي نهج تي آهي، يعني اها روايت پنجن کان
به مٿي راوين وٽ سينه بسينه هلندي آئي آهي، ۽ ابن
کانپوءِ ”روضـ العقلا“ جي مصنف وٽ پهتي. روايت
ايتري ڪمزور آهي جو ان کي تاريخي درجو ڏيڻ ئي
زيادتي آهي. ان کانسواءِ، جيئن ڊاڪٽر صاحب خود به
اعتراف ڪيو آهي، هن شعر جا لفظ سمجهه کان ٻاهر
آهن. تاريخي طرح ڪڏهن ان کي يحيٰ سان منسوب ٿو ڪيو
وڃي ته ڪڏهن سندس پٽ فضل برمڪيءَ سان! ان بعد هڪ
ٻيو مؤرخ ان کي پيغمبر صلعم ڏانهن منسوب ڪري، حضرت
بلال رضه جو چيل ڄاڻائي ٿو. جيتريقدر ان جي معنيٰ
جو تعلق آهي، ان مان ته اهو ئي يقين ٿئي ٿو ته اهو
پيغمبر صلعم جي شام ۾ چيل آهي. ٻوليءَ جي صورت به
حبشي ٻوليءَ جهڙي آهي.لساني عالمن ٻولين جي گروهه
بندي ڪندي اهو ڄاڻايو آهي ته آفريڪي ٻولين ۾ اها
هڪ عام خصوصيت آهي ته هم وزن اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون
نحوي اعتبار کان جملن جو خاص امتيار آهن. جيڪڏهن
ڪا صفت استعمال ڪرڻي هوندين ته ان جي پڇاڙي جملي
جي سمورن لفظن جي پويان گڏبي آهي. جملي جي مختلف
نحوي صورتن – اضافي، توصيفي ۽ تشبيهي - ۾ مختلف پر
مقرر ٿيل اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون ڪم آنديون وڃن ٿيون.
هن جملي ۾ پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته ”ڪراڪري“ لفظ
کانسواءِ سمورن لفظن ۾ ”ره“ پڇاڙي ڪم آيل آهي، ۽
غالباً اهو ’ڪراڪري‘ لفظ به ”ڪراڪره“ آهي، جو
ڪاتبن جي غلط لکڻ سان ’ڪراڪري‘ بڻجي ويو آهي - ۽
ان طرح ’ره‘ پڇاڙي سڀني لفظن ۾ ثابت ٿئي ٿي. ان
لحاظ کان به اهو ظاهر آهي ته اهو جملو ڪنهن آفريڪي
زبان جو - ۽ غالباً حبشي ٻوليءَ جو – آهي. اهو
جملو حضرت بلال رضه جي مرقد مبارڪ تي لکيل آهي.
اهي سمورا اهڃاڻ انهيءَ نتيجي جي تائيد ڪن ٿا.
تاريخي طرح جيئن ته سموريون روايتون ڪمزور آهن، ان
ڪري معنوي توڙي لساني اعتبار کان ”ابن نورالدين“
جي روايت کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب کي
آءٌ اها ئي گذارش ڪندس ته ان نقطه نگاه کان جيڪڏهن
پاڻ حبشي ٻوليءَ تي ڪا کوجنا ڪرڻ فرمائيندا ته
لاشڪ سندن محنت بارآور ٿيندي!
ان شعر (يا چون – چون جي مربي؟) منجهان ڊاڪٽر صاحب
جيڪي انومان ويهي ڪڍيا آهن، انهن جي منطقي يا علمي
حيثيت ڪا ئي ڪا نه آهي. اول ته اهو سنڌي ٻوليءَ جو
شعر آهي ئي ڪو نه، ان ڪري ٻيا سمورا نتيجا به ان
جي بنياد تي برخود غلط آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ شعر چوڻ
جي صلاحيت عربن جي ڪري نه، پر جيئن دنيا جي ٻيءَ
هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ ٿيو آهي تيئن، پنهنجي ملڪ ۾
ماحول جي سادن سٻاجهن انسانن، سندن هڪٻئي سان قرب
۽ پيار، سندن امن پسنديءَ، سندن گوناگون زندگيءَ
جي سونهري پهلوئن، ۽ سنڌي تمدن جي موسيقيءَ ۽ فن
جي طفيل پيدا ٿي هئي، ۽ عربن کان صديون اڳ پيدا ٿي
چڪي هئي. افسوس صرف اهو آهي ته ان جو تاريخي
رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي. آءٌ ته ائين به چوندس ته
انهيءَ جو سبب به عرب ئي هئا. سنڌ ۾ اچڻ وقت عربن
۾ هڪ نئون جذبو ڪارفرما هو، ۽ مذهبي روايتن جي
ڪري، سنڌي جي تمدن جي فنون لطيف کي ڪا ترقي ڏيارڻ
بدران يا انهن جي ڪا همت افزائي ڪرڻ بدران، انهن
جو بنهه خاتمو ڪري ڇڏيائون. سنڌ موسيقيءَ، رقص ۽
شعر شعريت جي سر زمين آهي - ۽ اهي چار ئي شيون
ابتدائي عربن هٿان شرعي نگاهه کان يقيناً عتاب هيٺ
آيون هونديون. اهي لطيف فن وري به تڏهن اپڙي
سگهيا، جڏهن سنڌ تي وري مقامي ماڻهن جو راڄ قائم
ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو عربن جي زماني کان وٺي
مقامي راڄ تائين شعر، موسيقيءَ ۽ رقص جو اسان وٽ
ڪو به تاريخي رڪارڊ ڪو نه ٿو ملي؛ پر عربن کانپوءِ
رفتي رفتي سنڌ جي تمدني زندگيءَ ۾ جان اچڻ جا نشان
ملڻ لڳن ٿا.
سنڌي ٻوليءَ لاءِ انگريزن جي زماني ۾، يا ان کان
ڪجهه عرصو اڳ، عربي رسم الخط محض حالتن جي بنا تي
رائج ٿيو. هڪ ته مسلمانن جي سنڌ ۾ اڪثريت هئي، ۽
جيئن ته سندن مذهبي تعليم عربيءَ ۾ ٿيندي هئي، ان
ڪري عربي رسم الخط ئي ڪارآمد ۽ بهتر سمجهيو ويو.
ان کانسواءِ، ڪجهه سنڌي ادب جيڪو مخطوطن ۾ بند ٿيو
پيو هو، اهو به عربي رسم الخط ۾ هو. ان ڪري، عربي
لپي وقت جي تقاضائن جي ڪري رائج ٿي ويئي. عربي رسم
الخط جديد زماني جي تقاضائن موجب يقيناً هڪ غير
ترقي يافته بلڪه تنزل ڏانهن مائل رسم الخط آهي –
ساڳي حالت ناگري لپيءَ سان آهي. پر جيئن ته اسان
جو سمورو ادبي سرمايو عربي لپيءَ ۾ محفوظ ٿي چڪو
آهي، ان ڪري ان کي ڇڏڻ ادبي آپگهات وارو مثال
ٿيندو. البت ان ۾ جيڪي بي ضرورت اکر ۽ لفظ آهن،
جيڪي سنڌي ٻوليءَ تي عربيءَ ( ۽ فارسيءَ) جي فوقيت
قائم رکڻ کانسواءِ ٻيو ڪو خاص ڪارج پورو ڪو نه ٿا
ڪن، اهي يقيناً جديد دور جي تحريري ۽ طباعتي، علمي
۽ ادبي تقاضائن موجب ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ حائل آهن،
۽ انهن کان جيڪڏهن ڪنهن طرح ٻوليءَ جا پَلَوَ آجا
ٿين ته چڱو. ڪاش، سنڌيءَ جا اهل علم حضرات ان
نـُڪتي تي ڪجهه سوچين!
ڊاڪٽر صاحب لاءِ، لفظن جي تلفظ ۾ ڪن ماڻهن جي
ٻاتائيءَ ۽ زبان جي ڪمزوريءَ سبب، سمورن سنڌ وارن
کي غلط اچار ڪندڙ چوڻ مناسب نه هو. سنڌي ٻوليءَ ۾
’ش‘ ۽ ’ج‘ ٻئي اکر عام هئا، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو
زبان صحيح نه اٿلڻ ڪري ڪي اچار نه ڪري سگهيو ته ان
کي طعنو ڏيڻ انهن لاءِ ئي زيب وارو هو، جي هونئن
ئي پاڻ کانسواءِ دنيا کي ’گونگو‘ سڏڻ جا عادي هئا،
حالانڪه اچارن ۽آوازن جي لحاظ کان ته هو پاڻ ئي سڀ
کان وڌيڪ گونگا هئا ۽ آهن. ايتريقدر، جو اڄ تائين
ڪافي عرب، اسان جا پنهنجاآواز اچارڻ ته درڪنار،
خود پنهنجي ’ج‘ جو صحيح اچار ڪري نٿا سگهن –
مثلاً، ’مسجد‘
کي ’مسکد‘
۽ ’جمال‘ کي ’گمال‘ وغيره اچارين ٿا. ان ڪري، ڇا،
ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته عربيءَ ۾ ’ج‘ شايد آهي ئي
ڪو نه! اها ساڳي عربي الف – بي موجود رکندي، ۽
سنڌين سان ٻه سو ورهين کان مٿي لاڳاپي هئڻ جي
باوجود، عربن جي زبان صاف نه ٿي سگهي آهي. اڄ
تائين ڪنهن عرب کي انگريزي يا ڪا ٻي زبان
ڳالهائيندي ٻڌو ته اوهان کي ان جو يقين ٿي ويندو.
تنهنڪري، ائين چوڻ ته عربن جي صحبت ۾ اچڻ يا عربي
رسم الخط جي رائج ٿيڻ سبب سنڌ وارن جا اچار صحيح ۽
صاف ٿيا، بلڪل غلط آهي.
جيتريقدر اعرابن جو تعلق آهي، سو محض عربي لپيءَ
کي اختيار ڪرڻ ڪري ائين ٿو چيو وڃي ته اهي اعراب
سنڌيءَ کي عربيءَ کان مليا. رسم الخط جي حد تائين
ته اهو صحيح آهي، باقي اچارن تي عربيءَ جي اثر
ثابت ڪرڻ لاءِ اهو ڪو دليل ڪونهي. سنڌيءَ جا اچار
اصل کان اهي ئي آهن – ايتريقدر جو سنڌيءَ جي ڪنهن
به اسم جو آخري حرف ساڪن ڪونهي. ان جي برعڪس،
عربيءَ جي اڪثر اسمن جا آخري حرف ساڪن آهن، جي پڻ
سنڌيءَ ۾ سمائجڻ سان متحرڪ ٿي پون ٿا. عربيءَ
بدران جي ڪو ٻيو رسم الخط اختيار ڪجي ها ته انهيءَ
۾ به لازمي طرح اهڙيون ڪي ماترائون، لاڪنائون يا
نشانيون قائم ڪجن ها، جيڪي لفظن جي متحرڪ اکرن کي
چٽو ڪري بيهارين. ڊاڪٽر صاحب جيڪي مثال اعرابن جي
ڦير گهير جا ڏنا آهن، انهن مان ته ڪو به مطلب ڪو
نه ٿو نڪري، ۽ نه ئي ڪجهه ثابت ٿئي ٿو – سواءِ
انهيءَ جي ته سنڌيءَ جي نحوي بناوت نرالي آهي. خود
ڊاڪٽر صاحب جيڪي مثال ڏنا آهن، انهن جي نحوي بناوت
جون صورتون به مختلف آهن. هت آءٌ فقط ٻه مثال ئي
ڏيندس. ڊاڪٽر صاحب مردن جي نالن مٽجڻ جو جيڪو مثال
ڏنو آهي، ان ۾ مردن (۽ زالن) جي نالن جي ڪا خصوصيت
ڪانهي. بلڪه لفظن جي خصوصيت آهي. سنڌيءَ جا لفظ
مختلف نحوي بناوتن پٽاندر مبني يا غير مبني آهن.
اهو اصول ماڻهن (مردن ۽ زالن) جي نالن سان به لاڳو
آهي. انهن ڦيرين گهيرين کي لساني ماهرن انگريزيءَ
۾ ”فليڪشن“
(flexion)
سڏيو آهي، جيڪي ٻوليءَ جي مقرر اصولن موجب عمل ۾
اينديون آهن. مثال طور، ڊاڪٽر صاحب مردن جي اهڙن
نالن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جو آخري اکر ’و‘ آهي –
جيئن ’الهڏنو‘، ’الهڏنا‘ ۽ ’الهڏني‘ وغيره ۾ ’و‘
مٽجي مختلف صورتون اختيار ڪري ٿو. پر ڪي سنڌي نالا
’و‘ پڇاڙيءَ ۾ هوندي به مختلف ’فليڪشن‘ جو مثال
پيش ڪن ٿا - ۽ انهن جو ’و‘ جي تبديلي ‘آ‘ جي وڌاءَ
سان ٿئي ٿي: مثلاً ’کـُدُو‘، ’علو‘، ’اِسـُو‘
وغيره نالا ندائي صورت ۾ بلڪل ڪو نه ڦرندا، ۽ ’اي
کدو‘، ‘اي علو‘ ’اي اِسـُو‘ وغيره ئي رهندا.
مفعولي صورت يا جريءَ ۾ ’آ‘ جو اضافو ڪرڻو پوندو:
مثلاً ’کـُدُوءَ جو پٽ‘، ’اِسوءَ جو پٽ‘، ’علوءَ
کي چيم‘، وغيره – انهن ۾ ’ءَ‘ يعني ‘آ‘ جو اضافو
ڪرڻو پوي ٿو. ساڳيءَ طرح، زالن جا نالا به فقط
صورت فاعلي ۾ مبني آهن- پر ٻين صورت ۾، برعڪس
عربيءَ جي، غير مبني آهن. مثلاً، ڊاڪٽر صاحب جي
ڏنل مثال ۾، ’بانو آئي‘: فاعلي حالت ۾ ’بانو‘ لفظ
ڪو نه ٿو مٽجي؛ پر ’بانوءَ کي چيم‘ يا ’بانوءَ جو
پٽ‘ وغيره ۾ ’ءَ‘ يا ’اَ‘ جو اضافو ٿئي ٿو. ڊاڪٽر
صاحب جا ان جي صورت ’بانو کي چيم‘ يا ’بانو جو پٽ‘
(’ءَ‘ کان سواءِ) ڏني آهي، سا غلط آهي. ان مثال ۾
به ’بانو‘ لفظ ’بانوءَ‘ بنجي وڃي ٿو. اها به
اعرابن جي نحوي تبديل آهي، ان جو مردن ۽ زالن جي
نالن (مذڪر ۽ مونث) سان ڪو به خاص واسطو نه آهي.
هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڏنل هڪڙو مثال پڙهندڙن
جو ڌيان لهڻي: ”احمد آيو“ (فعل لازمي)، ”احمدَ
چيو“ (فعل متعدي). سنڌيءَ ۾ ته لفظ ’احمد‘ کي زير
اعراب سان قبوليو ويو آهي، ۽ ڇاڪاڻ ته زير اعراب
وارا سڀ لفظ سنڌيءَ ۾ مبني آهن، تنهنڪري هتي به
چئبو ”احمدِ آيو“ ۽ احمدِ چيو“. هن سلسلي ۾ جو
ڪجهه ضميرن متعلق ڊاڪٽر صاحب هلندي هلندي انڪشاف
ڪرڻ فرمايو آهي، تنهن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي! بهتر
آهي ته ڊاڪٽر صاحب پاڻ ان تي ٻيهر سوچين – پڪ آهي
ته قائم ڪيل نتيجي کان بنهه ٻئي ڪنهن نتيجي تي
سندن رسائي ٿيندي!
مٿين مثالن مان ظاهر ٿي چڪو هوندو ته ڊاڪٽر صاحب
جا اهي لفظ ته ”سنڌي ٻولي جو هيءُ فن اعراب، عربي
ٻوليءَ جي گهري اثر جو نتيجو آهي“،- سنڌي گرامر
متعلق غلط فهمين تي مبني آهي، ۽ انهن لاءِ وٽن ڪو
به علمي جواز ڪونهي.
گرامر جي جزن ۽ ڀاڱن تي عربي اثر ظاهر ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر
صاحب ڪي ته بنهه هلڪي قسم جا مثال ڏنا آهن- ۽ سچ
پچ ته ڊاڪٽر صاحب جهڙي عالم مان اها اميد ڪا نه
هئي ته عربي اثر چمائڻ خاطر پاڻ علمي مناسبت کي به
وساري ويهندا.
’نار‘ لفظ سڌو سنئون سنسڪرت جي لفظ ’نار‘ سان
لاڳاپيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”زمين جي سوراخن
مان نڪرندڙ پاڻيءَ جون ڌارون“. پاڻيءَ سان انهيءَ
تعلق جي بنياد تي سنڌي لفظ ’نار‘ ٺهيو آهي، نه ڪه
’ناعوره‘ منجهان نڪتو آهي. عربن شايد ’نار‘ پهريون
ڀيرو ايران يا سنڌ ۾ ئي ڏٺو هوندو. ٻين مثالن
منجهان ڪيترا ئي لفظ اهڙا آهن، جيڪي سنڌيءَ منجهان
عربيءَ ۾ داخل ٿيا آهن، جن جي تحقيق متعلق آءٌ اڳي
ئي عرض ڪري آيو آهيان.
حيرت آهي ته ڊاڪٽر صاحب ’سوريه‘ ۽ آشچريه‘ مان
’سورج‘ ۽ ’اچرج‘ لفظن کي عربي اثر جو نتيجو ظاهر
ڪيو آهي! ان لاءِ دليل ڪو به ڪو نه ڏنو اٿن، ان
ڪري آءٌ کين ايترو عرض ڪندس ته پاڻ لساني طرح حرفن
جي مٽاسٽا جي تاريخ جو ملاحظو فرمائين. سنسڪرت جي
’يه‘، پراڪرتن ۾ ’ج‘ ۾ ڦرندي آهي؛ ۽ ان ’يه‘ جو
اچار ئي ’ي‘ ۽ ’ج‘ جي وچ جو آهي، جنهن کي ٻين
ٻولين ’ج‘ ۾ تبديل پئي ڪيو آهي – انهيءَ ئي بنا تي
’سوريه‘ لفظ ’سورج‘، ۽ ’آشچريه‘ ’اچرج‘ بنيو آهي.
اها تبديلي عربن کان اڳ، صديون اڳي ٿي چڪي هئي.
اهڙا سوين لفظ ڊڪشنرين ۾ (فقط سنڌيءَ ۾ نه، پر
مرهٽي، گجراتي، بينگالي وغيره ۾) ڌاتن سوڌا موجود
آهن. يڌ – جڌ، ينتر – جنتر، ياترا – جاترا، يم –
جم، ڪاريه – ڪارج، وغيره: اهي سمورا لفظ انهيءَ
اصول تي مٽيا آهن، ۽ اها تبديلي سنڌيءَ کان سواءِ
ٻين پراڪرتن ۾ پڻ عربن کان گهڻو اڳ ملي ٿي.
ضميرن متعلق ڊاڪٽر صاحب جن فرمائين ٿا ته ’هو‘ ۽
’آءٌ‘ عربي الاصل
آهن. وري به شڪر آهي جو ”غالباً“ لفظ ڪم آڻي، ڪجهه
شڪ جي گنجائش رکي اٿن. ’هو‘ جي لاءِ ته پاڻ ڪو
دليل ئي ڪو نه ڏنو اٿن. سنڌيءَ ۾ ’هو‘ ضمير غائب،
ضمير اشاري ڏور جي صورت آهي، جنهن کي غائب طور
استعمال ڪجي ٿو. ’آءٌ‘ لاءِ پاڻ فرمائين ٿا ته
’آءٌ‘ عربي ”اَنا“ جو سنڌي نمونو آهي، ۽ منصوره ۽
ديبل ۾ عربن جي موجودگيءَ ڪري ڪم اچي ويو! اهوخيال
به سندن انهيءَ نظريي تي ٻڌل آهي ته عربن کان اڳ
سنڌيءَ ۾ نه فعل هئا، نه اهو خيال به سندن انهيءَ
نظريي تي ٻڌل آهي ته عربن کان اڳ سنڌيءَ ۾ نه فعل
هئا، نه ضمير- مطلب ته سنڌي گونگا هئا! رڳو حرف
صحيح ۾ پنهنجو مطلب ادا ڪندا هئا؛ ۽ جيئن ته ’آءٌ‘
۾ سمورا حرف علت آهن، ان ڪري يقيناً عربيءَ مان
اصليت اٿس!
’آءٌ‘ لفظ، سنسڪرت جي ’اهم‘ لفظ مان نڪتل آهي-
جنهن جي معنيٰ آهي ’آءٌ‘. انهيءَ ’اهم‘ منجهان
انگريزي ’آئي‘
(I)،
اٽالين ’آئيو‘، گجراتي ’هون‘، ماگڌي ’هنئون‘ ۽
سنڌي ”آءٌ“ نڪتل آهن. ان جي هڪ جـُز ’م‘ منجهان
سنڌي ’مون‘، انگريزي ’مي‘
(ME)،
وغيره نڪتل آهي، جنهن جي نحوي صورت هوبهو ساڳي
آهي، جيئن اڳتي مثالن منجهان ثابت ڪندس.
سنسڪرت ’اهم‘ لفظ مختلف پراڪرتن ۾ مختلف صورتون
اختيار ڪيون آهن؛ پر انهن صورتن ۾ لساني اصولن
موجب ڪو خاص فرق نه آهي. پراڻيءَ ماگڌي پراڪرت ۾
ان جي صورت آهي ”هنئون“. ڏهين صدي عيوسيءَ جي هڪ
ماڳڌي (بهار علائقي جي) شاعر ”سڌ تلو پاد“ جو هڪ
شعر هيٺ مثال طور ڏجي ٿو:
”هنئون جـَگ، هنئون ٻـُڌُ، هنئون ٽـُرنجن،
هنئون امڻس آر ڀؤ ڀنجڻ!“
(آئون جـُڳ، آئون ٻـُڌ، آئون نرنجڻ، آئون امڻس ۽
ڀؤ – ڀڃڻ!)
- يعني ’آءٌ ئي دنيا آهيان، آءٌ ئي ٻـُڌ آهيان،
آءٌ ئي نرنجن ايشور آهيان، آءٌ مانسڪ اڪرتا آهيان،
آءٌ ئي ڀؤ ڀڃندڙ يعني ڏک دور ڪندڙ آهيان‘.
]
’ڪهاڻي‘، بمبئي، ڏياري نمبر، 1959ع، ص 137[
گجراتيءَ ۾ ان جي صورت آهي ’هون‘، ۽ سنڌي ۾ آنءٌ
يا آئون. انهن صورتن جي نه رڳو لساني صورت هڪجهڙي
آهي (ڇاڪاڻ ته سنڌيءَ ۾ ڪيترن سنسڪرت لفظن جي ’هه‘
مٽجي ’آ‘ ٿي ويندي آهي)، پر انهن جي نحوي صورت به
ساڳي آهي. هت آءٌ فقط گجراتيءَ جو ئي مثال ڏيندس،
جو اهو ئي هن وقت منهنجي سامهون آهي. سنڌيءَ توڙي
گجراتيءَ ۾ ضمير واحد متعڪلم جون ٻه صورتون آهن:
سنڌيءَ ۾ ’آءٌ‘ ۽ ’مون‘، ۽ گجراتيءَ ۾ ’هون‘ ۽
’مين‘. اهي ٻئي صورتون سنسڪرت جي ’اهم‘ ۽ ’م‘ مان
نڪتل آهن. سنڌيءَ جو ’مان‘ سنسڪرت ’ميا‘ مان نڪتو
آهي، ۽ ان جي نحوي صورت فعلي حالتن کان آزاد آهي -
۽ ’آءٌ‘ کان مختلف پر وسيع آهي. انهن جي باهمي فرق
جو پتو چٽيءَ طرح فعلن جي حالتن ۽ زمانن منجهان
پوي ٿي. هت آءٌ انهيءَ فرق کي واضح ڪرڻ لاءِ فقط
هڪ ئي مثال ڏيندس، ۽ اهو آهي زمان ماضيءَ جو مثال.
ٻين زمانن ۾ جيئن ته ’مون‘ جو استعمال ڪو نه ٿو
ٿئي، ان ڪري اهو هڪڙو ئي مثال ڪافي سمجهان ٿو
جيڪڏهن فعل متعدي آهي ته ان جي زمان ماضيءَ ۾ ضمير
متڪلم واحد هميشه ’مون‘ (يا ’مان‘) ڪم ايندو ۽ نه
’آءٌ‘؛ پر جيڪڏهن فعل لازمي آهي ته ’آءٌ‘ (يا
’مان‘) ڪم ايندو، ۽ نه ’مون‘. مثال طور. ’مون رپيو
ڏنو‘ يا ’مون ماني کاڌي‘. اتي ’مون‘ جي بدران
’مان‘ ڪم آڻي سگهجي ٿو (ڇاڪاڻ ته اهو فعل جي حالت
کان آزاد ۽ مبني آهي)، پر انهن جملن ۾ ’آءٌ‘
استعمال ڪرڻ غلط آهي. ’آءٌ رپيو ڏنو‘ يا ’آءٌ ماني
کاڌي‘ – سنڌيءَ ۾ اهو استعمال غلط آهي. ٻئي طرف،
فعل لازميءَ ۾ ان جو استعمال بلڪل ابتڙ آهي. ’آءٌ
آيس‘ يا ’آءٌ ويس‘- اهي جملا صحيح آهن – اتي ’مون‘
ڪم آڻڻ غلط ٿيندو. (’مان‘ ضمير، ٻنهي قسمن جي فعل
۾ استعمال ٿي سگهي ٿو.) هوبهو ساڳي نحوي ڪيفيت
گجراتي ’هون‘ ۽ ’مين‘ ضميرن جي آهي. فعل متعديءَ ۾
سنڌيءَ جي ’مون‘ بدران ’مين‘ ڪم ايندو، ۽ لازمي
فعل ۾ سنڌي ’آءٌ‘ جي جاءِ تي ’هون‘ ڪم ايندو. ان
جي ابتڙ استعمال، سنڌيءَ وانگر غلط ٿيندو.
1) مين رپيو آهي.
(مون رپيو ڏنو.) – متعدي
2) هون آويو.
(آءٌ آيس.) - لازمي
پهرئين مثال ۾ ’هون‘ استعمال ڪرڻ غلط آهي، ۽ ٻئي
مثال ۾ ’مين‘ ڪم آڻڻ غلط ٿيندو. هنن مثال ۽ وضاحت
مان اميد ته پڙهندڙن توڙي ڊاڪٽر صاحب جن کي معلوم
ٿي ويو هوندو ته اهي لفظ ’آءٌ‘ ۽ ’هون‘ نه صرف
معنوي ۽ لساني اعتبار کان ساڳيا آهن، پر انهن جي
سموري نحوي ڪيفيت پڻ اها ئي ساڳي آهي. ظاهر آهي ته
انهن ٻنهي جو ماخذ ساڳيو آهي - ۽ اهو ماخذ آهي
سنسڪرت ’اهم‘، ۽ نه عربي ’انا‘!
ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ جي پڇاڙين متعلق جيڪي
فرمايو آهي، سو به صحيح نه آهي. مون اڳي ئي سنسڪرت
فعلن جي پويان ضميري پڇاڙين جا مثال ڏنا آهن، ۽
اهو ثابت ڪيو اٿم ته اسان جون سموريون پڇاڙيون
هوبهو سنسڪرت واريون آهن - ۽ سنڌي انهن کي قائم
رکندي آئي آهي. انڊو – يورپين ٻولين جي تاريخ مان
پتو پوي ٿو ته شروع شروع ۾ سمورين ٻولين جي فعلن ۾
اهي پڇاڙيون ڳنڍيل هيون، ۽ ٻوليون ارتقا ڪنديون
اهي پڇاڙيون ڇڏينديون آيون آهن، ۽ اڄ يورپي ٻولين
۾ ڪو ڇڊو مثال ملندو، جنهن ۾ اهي پڇاڙيون قائم
هجن. هندستان جي ٻولين ۾ سنڌي، ڪشميري۽ سرائيڪيءَ
۾ ئي اهي ئي پڇاڙيون قائم آهن. ڪشميريءَ جون
پڇاڙيون به هڪ انوکي تاريخ رکن ٿيون – مثلاً
’مورم‘
=
’مون ماريو‘، وغيره. انهن پڇاڙين جو استعمال ساڳيو
آهي، پر نحوي صورت مختلف اٿن. محض ان ڪري ته عربي
۽ فارسيءَ ۾ اِهي پڇاڙيون ڪم اچن ٿيون، تنهنڪري
سنڌيءَ کي عربيءَ کان (يا فارسيءَ معرفت عربيءَ
کان؟) مليون آهن – اهو ته ڪو دليل ڪونهي. عربيءَ
جو فارسيءَ تي به اثر رهيو آهي، ۽ ڪيترا عربي لفظ
فارسيءَ جو جز بڻجي ويا آهن، پر شايد خود ڊاڪٽر
صاحب به اها چوڻ جي جرات ڪو نه ڪندو ته فارسيءَ
جون اهي پڇاڙيون عربي اثر جو نتيجو آهن. پوءِ
سنڌيءَ جي پڇاڙين کي عربي يا فارسي اثر جونتيجو ڇو
ٿو قرار ڏنو وڃي؟
ڊاڪٽر صاحب کي سنڌيءَ جي انفرادي حيثيت کان
ايتريقيدر ته انحراف آهي، جو سنڌيءَ جي ندائي سٽا
”نانگ – نانگ!“ يا ”چور – چور!“ وغيره کي به عربي
ندائي سٽا ’تحذير‘ جو نتيجو سڏيو اٿن. دنيا جي
تقريباً سمورين ٻولين ۾ ندائي سٽا انهيءَ نموني جي
آهي، ڇاڪاڻ ته اهي ئي ترڪيبون انسان جي بنيادي
احساسن ۽ انهن جي رد عمل جو اظهار آهن. خطري ڏانهن
ڌيان ڇڪائڻ لاءِ، انسان ڪوشش ڪندو آهي ته مددگارن
کي سڏڻ وقت کين خطري کان آگاهه به ڪري. هو، ان
ڪري، خطري واري لفظ کي دهرائڻ سان ئي هو پنهنجو
اهو مقصد بهتر نموني سان ادا ڪري ٿو. ان کي فقط
عربيءَ جو ورثو ثابت ڪرڻ عجيب منورتيءَ جو مظاهرو
آهي، ۽ انساني نفسيات ۽ ٻولين جي نحوي
ترڪيب کان
اڻڄاڻائيءَ
جو
ثبوت.انگريز جيڪڏهن
‘help, help!
‘thief, thief!’
۽
‘fire, fire!’
چوي ٿو، ته انسان جي خطري جي احساس جي شدت کان؛
ڇاڪاڻ ته خطري کان آگاهيءَ جو اهو ئي هڪ موزون
طريقو هن وٽ آهي- ان ۾ عربيءَ يا ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ
جي اثر کي ڪو به دخل ڪونهي!
ڊاڪٽر صاحب ’تعميري دور‘ متعلق جيڪي ڪجهه فرمايو
آهي، ان لاءِ آءٌ صرف هي عرض ڪندس ته جيڪي بيت يا
ڏوهيڙا اسان جي قديم شاعريءَ ۾ ملن ٿا، انهن ۾
اسان کي عربيءَ جو اثر ڇو ڪين ٿو ملي؟ ڊاڪٽر صاحب
آڳاٽن شاعرن جا جيڪي بيت ڏنا آهن، انهن مان ڪنهن
هڪڙي ۾ به، ڪو هڪڙو به عربي لفظ ڪو نه ٿو ملي.
انهيءَ کان پوءِ جي شاعريءَ ۾ پاڻ عربيءَ جا ڪجهه
لفظ ۽ مذهبي ترڪيبون ملن ٿيون. شاعر ۽ سگهڙ زبان
جا صحيح نمائيندا آهن، ۽ اسانجن شاعرن ۽ سگهڙن
هميشه عوام جي ٻوليءَ ۾ شعر چيو آهي: ۽ پراڻي
شاعريءَ جي مطالعي مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته عوام
جي زبان تي ۽ پراڻيءَ سنڌي شاعريءَ ۽ ان جي فن تي
عربيءَ يا فارسيءَ جو ڪو به اثر ڪو نه ٿيو. جيڪڏهن
سنڌ جي ڪن ماڻهن عربيءَ ۽فارسيءَ کي قبول ڪيو ته
فقط درٻاري شاعرن ۽ ٻولڙين؛ عوام جو ان سان ڪو
تعلق ڪو نه رهيو. خود ’شاهه‘ اهڙن ماڻهن تي سخت
طنز ڪئي آهي. عوام فقط اهي ٿورڙا عربي ۽ فارسي لفظ
قبول ڪيا، جيڪي مذهبي تحريڪن ذريعي هنن جي ٻوليءَ
۾ سمائجندا ويا. عوام ئي زبان کي ٺاهيندو ڊاهيندو
آهي. جيڪڏهن عربيءَ جو ڪو ايترو گهرو اثر عوام جي
زبان تي ٿئي ها، ته اهو يقيناً قديم عوامي شاعرن
جي ٻوليءَ ۽ شاعريءَ ۾ ظاهر ٿئي ها – ڇاڪاڻ ته اهي
عربي دور جي بنهه ويجهي زماني جا شاعر هئا.
ڊاڪٽر صاحب جيڪو مثال اٺين صديءَجي شاعريءَ جو ڏنو
آهي-
”جـَرَ نه کٽن ڪنگرين، راوَ نه ڳنڍين ويڻ،
گولي ويئي گجرين، توءِ چوندا دودي ڀيڻ!“
- ان ۾ ته عربيءَ يا فارسيءَ جو ڪو اڻلـَکو اثر به
ڪو نه ٿو ملي. جيڪڏهن عربيءَ جو سنڌيءَ تي ڪو
بنيادي اثر ٿئي ها ته يقيناً ان وقت جي ان شاعريءَ
۾ ظاهر ٿئي ها. مٿيون شعر ته سڌو سنئون خالص سنڌي
شعر آهي، جنهن جي هر لفظ جو ڌاتو سنسڪرت آهي،
جنهنجي شعري
ترڪيب ’دوهي‘
جهڙي آهي، جنهن منجهان خالص سنڌي تمدن جهاتيون
پائي رهيو آهي: ان هوندي به ڪو چوي ته سنڌيءَ تي
عربيءَ جو ڪو بنيادي اثر ٿيو آهي، ته اها محض ڏاڍ
مڙسي ٿيندي.
آخر ۾ آءٌ ڊاڪٽر صاحب کان معافي گهرندي، وري به
هيءُ عرض ڪندس ته سنڌي ٻوليءَ ۽ سڀيتا جي ترقيءَ
لاءِ ضرور آهي ته اسين ڪنهن به ذاتي پسند ۽ رجحان
کي پاسيرو رکي، خالص ادبي ۽ علمي خقطه نگاهه کان
ان جي تاريخ ۽ ارتقا کي جاچيون: اڳ قائم ڪيل
مفروضن کي ڇڏي، حقيقت پسندانه رويي سان ان جي
تحقيق ڪريون، ۽ ڪنهن ڌارينءَ قوم ۽ ڌارئين تمدن تي
فخر ڪرڻ بدران پنهنجي ئي ملڪ، ٻوليءَ ۽ تمدن تي
فخر ڪريون - (تازو هڪ ڪتابڙو ”ملتاني زبان ڪيا
هي؟“ سيد علي شاهه ملتانيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي،
ان جي پڙهڻ جو مشورو آءٌ ڊاڪٽر صاحب کي ضرور
ڏيندس). سنسڪرت کان اسان جي ڪن عالمن کي هروڀرو چڙ
آهي، ورنه ڪو سبب نه آهي ته هو علمي تحقيق ۾
ٻاهرين ۽ اوپٽين ڳالهين کي ڇڪي آڻين. سنڌيءَ ۾
جيڪڏهن عربي ۽ فارسي امتزاج آهي، ته ان يقيناً
اسان جي ٻولويءَ جي لفظ کي شاهوڪار ڪيو آهي. اڄ
اسان جي زبان ٻن رنگن ۾ رڱيل آهي: هڪ اهو، جنهن ۾
سنسڪرت جي لفظن کي خواه مخواهه آندو وڃي ٿو، ۽ ٻيو
اهو، جنهن تي عربي فارسي لفظن جومارو آهي –
(منهنجو مضمون به انهيءَ ڪمزوريءَ جو بيمار آهي،
جنهن لاءِ افسوس اٿم). اچو ته اهڙي سنڌي ٻولي پيدا
ڪريون، جنهن ۾ ڪو رنگ سواءِ سنڌيءَ جي نه هجي،
جنهن تي اسين فخر ڪريون، ۽ جنهن جي تمدن تي اسين
بجا طور ڳاٽ اوچي ڪرڻ جا مستحق ٿيون.
وکر سو وهاءِ جو پئي پـُراڻو نه ٿئي!
سيد امجد علي شاهه
آخري حل
محترم رشيد آخوند جو ترجمو ڪيل هيءُ مضمون،
پاڪستان جي سابق مالي وزير مسٽر امجد عليءَ جي
انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب ’آج اور ڪل‘ جو پويون باب
آهي، جنهن کي مصنف جي شڪريي سان ’مهراڻ‘ 1959ع ۾
پيش ڪيو ويو. محترم پڙهندڙن لاءِ اڄ به علمي ۽
ادبي لحاظ کان دلچسپ ۽ افاديت ثابت ٿيندو آيو. -
ادارو.
پٺتي
پيل ملڪن جي ترقيءَ جي منجهيل ۽ ڳـوڙهن مسئلن مون
کي ايترو ته حيران ۽ پريشان ڪري وڌو هو، جو منهنجي
راتين مٿان راتين جي ننڊ حرام ٿي ويئي هئي. خبر نه
آهي، ڪيتريون راتيون مون انهن مسئلن جا حل
سوچيندي، انهن تي غور ڪندي، ۽ خدا کي مدد لاءِ
ٻاڏائيندي، اکين ئي اکين ۾ ڪاٽي ڇڏيو، پر مون کي
جا راهِ
نجات نه ملڻي هئي، سا نه ملي. آخر هڪ رات جڏهن
انهن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ۾ ڏيئي وٺي آءٌ بنهه ٿڪجي
پيس ۽ ڪو به حل نه پئي سجهيم، تڏهن مون کي ننڊ اچي
ويئي.
..... اوچتو ائين سمجهيم، ڄڻ ڪو مون کي سڏي رهيو
هو. آءٌ هڪدم اُٿي ويٺس. هڪ آواز هو، جيڪو مون کي
ٻڌائي رهيو هو ته انسانن جي اڪثريت جون خراب
حالتون تيستائين نه سڌرنديون، جيستائين اقليت جي
دلين ڦيرو نه کاڌو آهي؛ ڇو جو رڳو اقليت وٽ ئي
اڪثريت جي حالتن سڌارڻ جا ذريعا موجود آهن. ان تي
مون هن آواز کان پڇيو ته آخر اهو دل جو ڦيرو ايندو
ڪيئن؟ جواب آيو، ”تون ان ڳالهه جو خيال نه ڪر، اهو
اسان جو ڪم آهي.“
پوءِ مون ڏٺو ته آءٌ پنهنجي بئگ هٿ ۾ کڻي، هوائي
جهاز ۾ چڙهي، ماسڪو وڃي رهيو آهيان. ماسڪو پهچي،
مون ملڪ جي سربراهه سان ملاقات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
خوش قسمتيءَ سان ٿورن ڏينهن ۾ منهنجا لايا سجايا
ٿيا، ۽ مون کي هن جي پروقار حضور ۾ پيش ڪيو ويو.
هو مون سان ڏاڍي خوش اخلاقيءَ سان پيش آيو. رسمي
گفتگو کان پوءِ، مون هن کي چيو: ”آءٌ ڪنهن ملڪ،
ڪنهن جماعت، ڪنهن اخبار يا ڪنهن خبر رسان ايجنسيءَ
جو نمائندو ڪو نه آهيان. اوهين هڪ عظيم انسان
آهيو، ۽ پنهنجي عظيم ملڪ کي انقلابي اصولن پٽاندڙ
عظمت جي اعليٰ بلندين تي پهچائي رهيا آهيو،
تنهنڪري آءٌ اميد ٿو ڪريان ته اوهين مون ناقص جي
خيالن کي پڻ توجهه سان گوش گذار فرمائيندا.“ آءٌ
فوراً هي تسليم ڪري ويٺس ته هن جي اڳيان سڀ ڌاريا
نظريا پراڻا ۽ ناقابلِ عمل ٿي چڪا هئا، ۽ هن
پنهنجن نظرين کي جديد ترين ٿي ليکيو، پر سمجهيم ته
جيڪڏهن هن منهنجن خيالن کي به ٻڌو ته ڪا اربع خطا
ڪا نه ٿيندي.
هن مرڪندي مون کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني. آءٌ کيس
چوڻ لڳس: ”’زار‘ جي شهنشاهيت واري روس ۾ هڪ نئين
نظام حيات جو اچڻ ويهين صديءَ جي مکيه واقعن مان
هڪ آهي. هي نئون نظام انساني برادريءَ جي هڪجهڙن
حقن جي بنيادن تي ٻَڌل آهي. ان جي شروعات تڏهن ٿي،
جڏهن
”ٽوڪيو، 10 آگسٽ، 1959ع.
”گذريل
رات، اٽڪل پنجهتر هزار ماڻهن جي روحن کي تسڪين
پهچائڻ لاءِ، ناگاساڪي (ڏکڻ جپان) جي ’يوراڪامي‘
نديءَ ۾ روشن شمعدان وَهايا ويا. اهي ماڻهو چوڏهن
سال اڳ مري ويا هئا، جڏهن ٻيءَ عالمگير جنگ ۾ سندن
شهر تي ائٽم بم ڦاٽو هو.
”شمعدانَ نديءَ ۾ لهوارا ٿيا، ته هڪ جلوس، هٿن ۾
مشعلَ کڻي، نئي سر تعمير ڪيل ’تن شوڊو‘ ديول ڏانهن
وَڌيو، جيڪا ’9-آگسٽ 1945ع‘ تي جنگ جي ٻئي ۽ آخري
ائٽم بم سان تباهه ڪئي ويئي هئي.
”اَڇا چوغا پهريل پادري سڄي ناگاساڪيءَ ۾ ملهائجڻ
واريءَ يادگار تقريب جي افتتاح لاءِ، صبح سوير اچي
ديول ۾ گڏ ٿيا هئا. هڪ عام ميڙ شهر جي ’امن –
پارڪ’ ۾ اچي گڏ ٿيو، جتي بم جو انتهائي ڌماڪو
محسوس ڪيو ويو هو.
”شام جو ٻوڌي ۽ عيسائي، ’شنتو‘ ڌرم جي رسمي
پرارٿنائن ڪرڻ ۽ ’بائيبل‘ جي دعائن پڙهڻ لاءِ ’امن
– پارڪ’ ۾ گڏ ٿيا. فوت ٿي ويل ماڻهن جي عزيزن،
پارڪ جي وچ ۾ بيٺل تمام وڏي ’امن جي پـُتلي‘ اڳيان
گـُلن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، جنهن جو هڪڙو هٿ مٿي
آسمان ڏانهن کنيل آهي.
”بادلن ڀَريل آسمان هيٺ، پنجن هزارن کان وڌيڪ
ماڻهن اسڪولي ڇوڪرين جو گيت ٻڌو – ’ناگاساڪيءَ مان
امن اُسري رهيو آهي!
”شهر جي ميئر، انهيءَ موقعي لاءِ آيل پيغامَ پڙهي
ٻڌايا، جن ۾ جپان جي وڏي وزير، نوبوسڪي ڪِشيءَ، جو
پيغام پڻ هو.
”مقامي وقت مطابق يارهن لڳي ٻن منٽن ۾ ڪي سيڪنڊ اڳ
(گرنوچ، ٻه لڳي ٻه منٽ) – جنهن گهڙيءَ، چوڏهن سال
اڳ، ناگاساڪيءَ تي تباهي آئي – ديولن ۽ مندرن جا
گهنٽ وڄڻ لڳا، ۽ جهازن جي سِيٽن جا آواز به انهن
جي شور ۾ شامل ٿي ويا: ان وقت ٽي لک ٽيٽيهه هزار
ماڻهن، مري ويلن لاءِ خاموش پرارٿنائون ڪيون. آخر
۾ مسٽر ٽگوا، ميئر، ’امن جو پڌرنامو‘ پڙهيو، ۽ هن
موقعي جي ڪارروائي ختم ٿي.
”شام جو هيروشيما ۾ ٿيندڙ جنگي هٿيارن خلاف پنجين
عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ غير ملڪي وفدن، پنج سو
جپانين سان، هڪ هٿيارن خلاف بمباريءَ جي مظاهري ۾
شرڪت ڪئي.“
]’ڊان’،
ڪراچي، 11 آگست، 1959ع[
اشتراڪي انقلاب جي ميٽَ ’زار‘ جي ڪاريءَ ۽ گنديءَ
تختيءَ کي مهٽي صاف ڪيو. ايڪيتاليهه سال گذري چڪا
آهن، ۽ اشتراڪي انقلاب جي ڪري روس هڪ عظيم طاقت
بڻجي ويو آهي. جڏهن توهين ڪجهه ڳالهائيندا آهيو ته
دنيا هڪدم سائين جن جي لفظن کي سوَن ٻولين ۾ شايع
ڪندي آهي. اها آهي اوهان جي طاقت ۽ اهميت، جيڪا
اوهان ايڪيتاليهن سالن جي ننڍڙي عرصي ۾ حاصل ڪئي
آهي. هاڻي آءٌ پڇڻ گهران ٿو ته جنهن ’عوام‘ لاءِ
اوهان ان نظريي کي جنم ڏنو، ۽ بجلي – گهرن ۽
فولادي صنعتن جي مدد سان ان کي وڌايو ۽ ڦهلايو، ڇا
اهو عوام اڄ وڌيڪ آسودو ۽ خوشحال آهي؟ ڇا، جنهن
صنعت جي ديوَ کي انسان پنهنجو خون ۽ پگهر هڪ ڪري
وجود ۾ آندو آهي، سو سندس قوت ۽ جذبن کي پيڙهي نه
رهيو آهي، ته جيئن هو موڳو ۽نٻل ٿي وڃي، ۽ زندگيءَ
جي خوشين ماڻڻ جي قابل نه رهي؟ آءٌ ڄاڻان ٿو ته
’اِسپٽنڪ‘ سيارن اڄ هن کي گهمنڊ ۾ وجهي ڇڏيو آهي؛
هو پاڻ کي جيٽ هوائي جهازن ۾ محفوظ سمجهي ٿو؛ پر
ڇا هو انساني فخر محسوس ڪري ٿو؟.... ۽ ڇا هو حقيقت
۾ پاڻ کي محفوظ تصور ڪري ٿو؟ جواب ۾ مون کي ٻڌايو
ويندو ته اڄ هن لاءِ جيڪي ترقيءَ جون راهون کليل
آهن، تن جو اڳ هو خواب به لهي نٿي سگهيو؛ اڄ هن کي
جيڪا آزادي ۽ امن امان مليل آهي، سو زار جي دور ۾
کيس ڪڏهن به نصيب نه ٿيو هو: مون کي ان جواب تي ڪو
اعتراض ڪونهي، پر آءٌ سمجهان ٿو ته عوام جي ترقيءَ
۽ ڀلائيءَ لاءِ اوهان جي نئين نظام جا مقصد اڃا به
ڪي ٻيا آهن. ان نظام جا اعليٰ ترين مقصد هي آهن ته
ماڻهو پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ پاڻ هجن: هنن کي محنت
۽ جدوجهد گهٽ ڪرڻي پوي، ۽ وٽن سڪون ۽ سـُڪار زياده
کان زياده هجي. تنهن کانسواءِ، کين روزيءَ جو فڪر
نه هجي: سندن ٻارن جي سار سنڀال، تعليم ۽ روزگار
حڪومت جي ذمي هجي، ۽ هنن وٽ ايترو وقت بچي جو هو
ان کي فن حاصل ڪرڻ، ادب پيدا ڪرڻ، ۽ سير ۽ تفريح ۾
صرف ڪري سگهن.“
روسي حڪومت جي سربراهه منهنجين ڳالهين کي غور سان
ٻڌو پئي. منهنجي خاموش ٿيڻ کانپوءِ، عزت مآب
ڳالهائڻ شروع ڪيو:
”ائين درست آهي ته اسان صنعت جي ديوَ کي وجود ڏنو
آهي؛ پر ان کي پيدا ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو به
ڪو نه هو. اسان جا نظريا ايترا ته انوکا ۽انقلابي
هئا جو پراڻي نظام جي حامين هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته
انهن کي اسرڻ کان روڪيو ۽مٽايو وڃي؛ تنهنڪري اسان
کي قربانيون ڏيئي پنهنجن نظرين جي حفاظت ڪرڻي
پيئي. اسان ڏاڍيون اذيتون سهي ۽ وڏا ڪشالا ڪڍي، ان
سرشتي کي سلامت رکيو آهي. شايد تون سمجهين ٿو ته
هيءَ دنيا هڪ ’سمجهو دنيا‘ آهي. توکي ياد نه آهي
ته هٽلر ڇا ڪيو؟ هن ٻي وڏي جنگ جي آفت آڻي اسان جي
لکن ماڻهن کي ماريو، ۽ هزارن گهرن، ادارن ۽ آبادين
کي تباهه ڪيو. ان تباهيءَ جي تلافيءَ لاءِ، اسان
انساني محنت جا ڪروڙين ڪلاڪ صرف ڪري، هزارين ٽَن
مال اسباب استعمال ڪري، نئين سر پنهنجي ملڪ جي
تعمير ڪئي. هڪ وحشي ماڻهوءَ جي جنگي جنون اسان جي
گهربل ترقيءَ کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو. اجهوهينئر، گذريل
پنجن سالن ۾، اسين ان قابل اچي ٿيا آهيون، جو
پنهنجي ماضيءَ جي روايتن مطابق ترقيءَ جون نيون
منزلون طي ڪري سگهون. تو پنهنجي گفتگو ۾ عوام جي
حالتن کي بهتر بنائڻ ڏانهن اشارو ڪيو آهي. ڇا اسين
هر سال سندن رهائش لاءِ نوان گهر نه پيا بنايون؟
ڇا اسين زياده کان زياده ڪپڙا، بوٽ ۽ کاڌي جون
شيون هنن کي مهيا ڪري نٿا ڏيون؟ ڇا روسين جي گهرن
۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن نه آهن؟ ڇا هنن کي دنيا جي
بهترين بئليٽ ناچ ۽ اوپرا راڳ مان لطف اندوز ٿيڻ
جو موقعو نٿو ملي؟ ڇا سندن ٻارن جي پرورش حڪومت جي
ٻالڪ – گهرن ۾ نٿي ٿئي؟ ڇا ٻارن کي مفت تعليم نٿي
ملي؟ ڇا کين جديد ترين هوٽلن ۾ رهڻ لاءِ، ۽ قدرتي
نظارن مان راحت وٺڻ لاءِ، سير تفريح جي اجازت نٿي
ڏني وڃي؟ ائين برابر آهي ته اسين پنهنجي عوام جي
گهرجن کي پوري ڪرڻ ۽ سندن آرام ۽ خوشيءَ جي ڏس ۾
انهن سهوليتن کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڪري سگهون ها، پر
اسان جو گهڻو وقت ۽ محنت پنهنجيءَ حفاظت ۾ صرف ٿيو
آهي. تنهن هوندي به، جڏهن اسان جو نئون منصوبو
تڪميل کي رسندو، تڏهن اسان جي عوام کي اڄ کان بي
انداز سهولتون ميسر ٿينديون، ۽ اسان جي ترقيءَ سان
دنيا جا ڪي ٿورا ملڪ مقابلو ڪري سگهندا. هاڻي،
جيستائين سندن سياسي آزاديءَ جو تعلق آهي، تون
ڪيئن ٿو چوين ته هو آزاد نه آهن؟ هنن کي پوري
پـُني آزادي مليل آهي. هو حڪومت جي منصوبن جي باري
۾ پنهنجا رايا ڏيئي سگهن ٿا. حڪومت جڏهن به ڪو
نئون قدم کڻندي آهي، تڏهن کين هرڪو موقعو ڏيندي
آهي ته هو ان تي غور ڪن ۽ پنهنجا نيڪ مشورا ڏين.
جڏهن اسين منصوبن کي عملي صورت ڏيڻ لڳندا آهيون،
ته پوءِ هنن کي نقطي چينيءَ جي ڪهڙي اجازت ڏني
وڃي، جيڪا هر طرح تخريبي ثابت ٿيندي؟ تنهنڪري،
منهنجا دوست، مغربي طاقتن جي عملي دشمنيءَ هوندي
به اسين ايترو ته اڳتي نڪري ويا آهيون جو شايد ئي
تون اسان جي ترقيءَ جو اندازو لڳائي سگهين. اسان
هن ملڪ جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو آهي. اڄ روس هڪ
پٺتي پيل زرعي ملڪ مان مَٽجي، هڪ عظيم ترين صنعتي
ملڪ بڻجي ويو آهي. جيتوڻيڪ صنعتي لحاظ کان آمريڪا
روس جي برابر آهي، پر هيءَ منهنجي دعويٰ آهي ته
روس فوجي لحاظ کان آمريڪا کان گهڻو طاقتور آهي.
تون شايد ان ڳالهه کي نه مڃين، پر ايترو ته ضرور
قبول ڪندين ته آمريڪا ڪنهن به صورت ۾ روس کان
سگهارو نه آهي. هاڻي وري اسان جي دوست ملڪن ڏانهن
به نظر ڪر. انهن مان هر ملڪ اڄ اڳي کان وڌيڪ
مضبوط، خوشحال ۽ ترقي يافته آهي. ڇا، عوامي چين جي
عظيم ترقي هڪ معجزو نه آهي؟ ڪنهن جي خواب خيال ۾
هي اچي سگهيو ٿي ته اهو چين جيڪو يورپي ملڪن،
آمريڪا ۽ جپان جي رحم ڪرم تي پلبو هو، سو ڏهن سالن
جي ٿورڙي عرصي ۾ هڪ وڏي طاقت بڻجي ويندو! هن حقيقت
کان رڳو اهي انڪار ڪندا، جيڪي انڌا يا احمق آهن.
اسان کي پنهنجين ڪاميابين تي ناز آهي. اسان جو
آئيندو نهايت روشن آهي. اسين هميشه اڳتي وڌندا
رهنداسين. هاڻي ٻڌائي، توکي ڇا چوڻو آهي؟“
آءٌ – ”آءٌ پهرين ئي اوهان جي عظيم ڪاميابين ۽
ڪامرانين کي تسليم ڪري چڪو آهيان. آءٌ هي به مڃان
ٿو ته اوهان جو ملڪ موجوده زماني جي هڪ وڏي طاقت
آهي. خود منهنجو هتي حاضر ٿيڻ ان حقيقت جو دليل
آهي، نه ته آءٌ پهرين روس ۾ نه اچان ها. نه وري
مون کي ڪوان ڳالهه کان انڪار آهي ته اوهان جو عوام
ترقي يافته ۽خوشحال آهي. منهنجو ۽ اوهان جو اختلاف
رڳو ذاتي آزاديءَ ۽ خوشي حاصل ڪرڻ جي مختلف طريقن
تي آهي. پر هينئر هي بهتر ٿيندو ته هتي ان بحث کي
نه ڇيڙيو وڃي. آءٌ توهان کان فقط هي پڇڻ ٿو گهران
ته توهان دنيا جي ٻين ماڻهن لاءِ ڇا ڪيو آهي؟- خاص
ڪري ايشيا جي ماڻهن لاءِ، جيڪي اڃا تائين غريب ۽
جاهل آهن، ۽ جن کي هڪ ڏينهن ۾ به ويلا به پيٽ ڀري
ماني نٿي ملي! توهان جي قابل قدر ليڊرن ۽ مفڪرن
سڄيءَ دنيا لاءِ ”يوٽوپيا“ (هڪ مڪمل، مثالي ۽
معياري دنيا) جا خواب لڌا آهن؛ پر اسين اڃا تائين
ان ’مثالي دنيا‘ کان ڪيترو نه پري آهيون! ڇا، اسان
ايشيائي ملڪن جي ماڻهن کي ٺلهو اميدن جي آسري تي
جيئڻو پوندو؟ ڇا، هڪ عظيم طاقت هجڻ جي حيثيت ۾
توهان جو هي فرض نه آهي ته ايشيا جي ڏتڙيل انسانن
جي ڀلي لاءِ ڪجهه ڪريو؟ منهنجو هي مطلب هرگز نه
آهي ته آءٌ توهان تي ڪنهن ملڪ جي گـُڻن کي ظاهر
ڪريان؛ پر ڇا هي صحيح نه آهي ته آمريڪا پٺتي پيل
ملڪن جي مدد ڪري رهيو آهي؟
عزت مآب- ”مون کي تنهنجي ناسمجهيءَ تي افسوس ٿئي
ٿو. تون پڇين ٿو ته اسان دنيا جي ٻين ماڻهن لاءِ،
۽ خاص ڪري ايشيا جي عوام لاءِ، ڇا ڪيو آهي. ڇا تو
ڪڏهن هي سوچيو آهي ته جيڪڏهن روس اڃا به زار جي
قبضي ۾ هجي ها، ته ايشيا جي حالت ڇا هجي ها؟ تون
اڄ به سلطنتِ برطانيه جي غلاميءَ ۾ هجين ها، ۽ اهي
سڀ ملڪ جيڪي اڄ آزاد آهن، اڃا تائين مغربي يورپ
جون نوآباديون هجن ها. نوآبادي ملڪن جي عوام جي
حيثيت ۾ جيڪا اوهان جي حالت هجي ها، تنهن کي تون
مون کان وڌيڪ سمجهي سگهين ٿو. روس دنيا جو اهو
پهريون ملڪ آهي، جنهن ظلم، استبداد ۽ سرمائيداريءَ
جي خلاف، دنيا جي مسڪين ۽ محڪوم عوام جي حق ۾ نعرو
بلند ڪيو. اسان ٻي وڏي جنگ کان پوءِ، هر بين
الاقوامي ميڙ ۾ نوآبادين جي آزاديءَ ڪاڻ اڻٿَڪ
ڪوششون ڪيون آهن. جيڪڏهن سامراجين کي هي ڊپ نه هجي
ها ته متان نوآبادين جا عوام سندن ظلمن جي نتيجي ۾
اشتراڪي ٿي وڃن، ته جيڪر اوهان کي ڪڏهن به آزادي
نه ملي ها. تو آمريڪا مدد جي متعلق به ڪجهه چيو
آهي. اها به اسان جي وجود جي برڪت آهي جو اڄ
آمريڪا پٺتي پيل ملڪن جي مدد ڪري رهيو آهي. تو
ضرور آمريڪي ڪانگريس ۾ خارجي امدادي منصوبن تي
وقت بوقت ٿيندڙ مباحثن کي پڙهيو هوندو: انهن
مباحثن ۾ هميشه هي اعلان ڪيو ويندو آهي ته آمريڪا
پٺتي پيل ملڪن کي رڳو ان ڪري مدد ٿو ڪري، ته جيئن
اهو اشتراڪين جي قبضي ۾ اچي نه سگهن. خود روس جو
وجود نوَن آزاد ٿيل ملڪن جي آزاديءَ ۽ بقا جي
ضمانت آهي. جيڪڏهن اڄ اشتراڪي روس نه هجي ها ته
اوهان جي ملڪن کي وري غلام بڻايو وڃي ها. تنهنڪري،
اوهين گويا اسان جي اثر هيٺ آزادي ماڻي رهيا آهيو.
ان کانسواءِ، تون هي وساري رهيو آهين ته اسين به
ايشيائي ملڪن کي سندن ترقيءَ ۾ مدد ڏيئي رهيا
آهيون. اسين انهن ملڪن کي آمريڪا جي ڳاٽي ڀڃندڙ
وياج جي مقابلي ۾ سستن اگهن ۾ اڌار ڏيون پيا. پر،
اسين ان لاءِ ڪنهن ملڪ کي آمريڪا وانگر معاهدن ۾
شامل ٿيڻ تي مجبور نه ڪندا آهيون. اسان جي مدد
ڪنهن به قسم جي زور ۽ زبردستيءَ کان پاڪ آهي. ڇا
تون اڃا به سمجهين ٿو ته اسين ايشيا ۽ دنيا جي ٻين
ملڪن جي ماڻهن جا خيرخواهه ۽ همدرد نه آهيون؟ تو
شايد انهن شين جي قيمتن کي نه ڏٺو آهي، جيڪي اسين
ٻين ملڪن کي وڪڻون پيا. ايشيا ۽ ٻين کنڊن جا ملڪ
اسان کان خام مال ۽ ٻيو صنعتي سامان اهڙن گهٽ
اَگهن تي خريد پيا ڪن، جيڪي اڳي ڪڏهن به ميسر نه
هئا. هاڻي اسين پنهنجي مال جي وڪري ۾ تمام گهڻو
اضافو ڪرڻ وارا آهيون، ته جيئن دنيا جا ملڪ اسان
کان سستو مال خريد ڪري مغربي سرمائيدارن جي ڦندي
مان آجا ٿين. تو پنهنجي گفتگو ۾ ’يوٽوپيا‘ جو به
ذڪر ڪيو هو. ان ۾ اسان جو اڄ به ايمان آهي. توکي
معلوم آهي ته اشتراڪي سرشتي هيٺ اسان عظيم ترقي
ڪئي آهي. اهو ساڳيو سرشتو اسان سڄيءَ دنيا کي آڇيو
آهي. اسان جو نظام سرمائيدارن جي پراڻي، تنگ نظر ۽
رت – چوس نظام کان صد بار بهتر آهي. هاڻي ان جو
مدار دنيا جي ٻين ملڪن تي آهي ته هو پنهنجون ٻوٽيل
اکيون کولين ۽ اسان جي طرز زندگي جي خوبين کي
جاچين. ڇا عوامي چين ڪنهن ٻئي نظام ۾ ايترو طاقتور
ٿئي ها، جيترو اڄ آهي؟ - يقيناً نه. مغرب جا
سرمائيدار ۽ اجاره دار، اشتراڪي نظام کي لڳاتار
ٿڏيندا رهيا آهن؛ پر هي سندن ڏوهه نه آهي، ڇو ته
اشتراڪي نظام سببان هنن جو وجود خطري ۾ پئجي ويو
آهي. اسان جي خلاف هنن جون تخريبي ڪارروايون جاري
آهن. ان هوندي به، گهڻيئي ملڪ اسان جي نظام جي
قوتن ۽ برڪتن مان واقف ٿي چڪا آهن، ۽ جيئن جيئن
وقت گذرندو ويندو، ۽ تيئن تيئن هو ان جي افاديت کي
وڌيڪ سمجهندا. وقت اسان جي پاسي آهي. هر نئين
ڏينهن تي اسان وٽ وڌيڪ خوراڪ، وڌيڪ مال، وڌيڪ
مشينون، ۽وڌيڪ سائنسدان ۽ وڌيڪ ماهر پيدا ٿي رهيا
آهن. اسان جي تحقيق ۽ سائنسي کوجنا جيئن پوءِ تيئن
اسري پيئي. اسان جا هوائي جهاز وڌيڪ تيز رفتاريءَ
سان اڏامن ٿا. اسان جا راڪيٽ عرش جي بلندين تي
پهچي رهيا آهن. اهي سڀ ڳالهيون ثابت ڪن ٿيون ته
وقت اسان جو ساٿ ڏيئي رهيو آهي: ۽ وقت ثابت ڪري
ڏيکاريندو ته سرمايئدارانه معيشت نين حالتن جي
دٻاءَ کي سهي نه سگهندي…. پوءِ، جيئن اسان جي
معيشت ترقي ڪندي، تيئن اهو دٻاءُ تيز ٿيندو ويندو.
اهو سڀڪجهه توهان جي حق ۾ فائديمند ثابت ٿيندو.
توهان کي ڏينهون ڏينهن گهڻي مدد ملندي، ۽ مال به
تمام سستو ملندو.“
آءٌ.- ”حضور ڪجهه دير اڳ فرمايو ته اشتراڪي روس جو
وجود نون آزاد ٿيل ملڪن جي بقا جي ضمانت آهي، ۽
جيڪڏهن اشتراڪي روس نه هجي ها ته اسان جا پراڻا
خود سر حاڪم وري اسان تي غالب پئجي وڃن ها: جيڪڏهن
آءٌ توهان جي ڳالهه قبول ڪريان، ته پوءِ هي ضروري
ٿيندو ته روس سلامت رهندو اچي ۽ سندس اثر بين
الاقوامي سياست ۾ قائم رهي. مون کي ڄاڻ آهي ته
توهين پاڻ کي فوجي لحاظ کان مغربي طاقتن جي مقابلي
۾ برتر سمجهو ٿا، پر فرض ڪريو ته ٽين وڏي جنگ ۾ هي
ظاهر ٿي پوي ته توهان پنهنجي فوجي طاقت جي باري ۾
وڌاءَ کان ڪم ورتو هو، ۽ مخالف جي قوت کي غلطيءَ
وچان گهٽ سمجهيو هو، ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ تنهنڪري،
ڇا هي لازمي نه آهي ته ٽين وڏي جنگ کي منهن ڪڍڻ ئي
نه ڏنو وڃي؟“
عزت مآب – ”هاڻي تون بين الاقوامي امن جي موضوع تي
ڳالهائي رهيو آهين. ان کان پهرين جو آءٌ۽ ان ڏس ۾
ڪجهه چوان، آءٌ توکان هڪ سوال ٿو پڇان. امن کي
قائم ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن ڪيتريقدر پاڻ پتوڙيو آهي،
جيڪي هينئر مغرب سان فوجي معاهدن ۾ شامل آهن؟ مغرب
سان فوجي معاهدن ۾ شموليت ڪري، اوهين اسان کي
ڪمزور بڻائي رهيا آهيو؛ ۽ اسان کي ڪمزور ڪرڻ معنيٰ
اوهين ان ملڪ کي ڪمزور پيا ڪريو، جنهن نه فقط
اوهان کي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ پر آزادي قائم رکڻ ۾
مدد ڪئي آهي!“
آءٌ- ”توهين شايد مون سان اتفاق ڪريو ته جمهوري
ملڪن ۾ حڪومتن جي اهم مسئلن جا فيصلا عوام جي
مرضيءَ مطابق ڪيا ويندا آهن. ڪا به جمهوري حڪومت
پنهنجي عوام جي مرضيءَ خلاف ڪنهن به قدم کڻڻ جي
همٿ نٿي ڪري سگهي. ان جو تازو مثال برطانيه جو
سوئيز واهه تي حملو آهي. جڏهن ’ايڊن‘ سوئيز واهه
تي حملو ڪرايو، تڏهن برطانوي عوام جي اڪثريت سندس
ان قدم جي خلاف هئي. توهين برطانوي پارليامينٽ ۾
مخالف ڌر جي راين کان ضرور واقف هوندا . تنهنڪري،
جنگ جوٽڻ وقت، ڪنهن به جمهوري حڪومت لاءِ هي لازمي
آهي ته پهرين هوءَ پنهنجي عوام جي تائيد حاصل ڪري.
جيستائين جمهوري ملڪن جي عوام جو تعلق آهي، هو جنگ
کان سخت نفرت ڪن ٿا، ۽ ڪڏهن به جنگ جوٽڻ جي اجازت
نه ڏيندا. 1938ع ۾ چئمبرلين، هٽلر جي طاقت کان
هيسجي، ساڻس امن جون ڳالهيون هلايون. ان
بدناموسيءَ واريءَ ڳالهه ٻولهه کي چئمبرلين .’عزت
وارو امن‘ جو نالو ڏنو. ان مان ظاهر آهي ته
برطانيه جي عوام جنگ کان نٽائڻ ٿي چاهيو. تنهنڪري،
حضور جن مڃين يا نه، پر هيءَ حقيقت آهي ته دنيا
جون جمهوريتون ڪڏهن به جنگ شروع ڪرڻ نه ڏينديون.
ان مان ثابت آهي ته مغربي طاقتن سان اتحاد ۽
معاهدا، تخريبي مقصدن جي تحت نه ڪيا ويا آهن. اڄ
جي فوجي حالتن جي مدنظر، ٽين جنگ جي صورت ۾ ايشيا
جي ڪن ملڪن عملي مدد جي خاطر نه، پر اخلاقي سببن
جي ڪري مغرب جي معاهدن ۾ شموليت ڪئي آهي. اسان جي
شموليت ان ڪري ضروري آهي ته جيئن مغرب جا ملڪ، خاص
ڪري آمريڪا هي محسوس نه ڪن ته ايشيا ۾ سندن دوست
نه آهن. توهان کي شايد هيءَ ڳالهه کل جهڙي لڳي، پر
ايشيائي ملڪ جي ڀلائي انهيءَ ۾ آهي. حضور جن هڪ
امن پسند انسان آهن، پر ان ڳالهه جو ڪهڙو ثبوت آهي
ته توهان جو جانشين به اهڙو ئي امن پسند هوندو؟ -
هو شايد ايشيا جي ڪمزور ملڪن کي بي يارو مددگار
سمجهي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪري!“
عزت مآب – ”تنهنجو ائين سوچڻ سرار ناداني آهي. تون
مغرب جي ليڊرن کي امن جا متوالا سمجهين ٿو. ۽، ان
جي برعڪس، تواسان تي حمله آور هجڻ جوگمان ظاهر ڪيو
آهي. تون سمجهين ٿو ته اسين رڳو انهيءَ انتظار ۾
آهيون ته وجهه وٺي ايشيا جي ملڪن تي قبضو ڪريون؛ -
پر اسين جنگ ڪريون ئي ڇو، جڏهن ايشيا ۾ اسان جو
اثر ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي؟ ايشيا جا باشندا
جيئن پوءِ تيئن اسان جي ڪاميابين کان متاثر ٿي
رهيا آهن؛ تنهنڪري خواهه مخواهه جنگ ڪري، اسين
روسي عوام جي جان ۽ مال کي ڇو خطري ۾ وجهون؟
ازانسواءِ روس هينئر تيز رفتاريءَ سان ترقي پيو
ڪري، ته پوءِ ڇو اسين ان ترقيءَ کي ٻنجو ڏيون؟
تنهنڪري اسان کي جنگ نه، پر امن کپي! جيتوڻيڪ
مخالف اسان لاءِ گهڻيئي رڪاوٽون پيدا ڪندا رهيا
آهن، پر تڏهن به اسان امن کي برقرار رکڻ جي هرممڪن
ڪوشش پئي ورتي آهي. آخر آمريڪا کي ڪهڙو حق ٿو پهچي
جو هو ”ڪومائي“ ۽ ماتسو“ ٻيٽن جي حفاظت جو ڍونگ
رچائي، جڏهن ته اهي ٻيٽ عوامي چين جي ملڪيت آهن؟
تنهنڪري، تنهنجو ائين چوڻ صحيح نه آهي ته اسين امن
جا طالب نه آهيون.“
آءٌ – ”حضور جن هينئر صاف صاف فرمائي رهيا آهن ته
اوهين ۽ اوهان جا دوست ملڪ امن جا طالبو آهن.
ساڳيءَ طرح، آءٌ به واضح لفظن ۾ عرض ڪري چڪو آهيان
ته مغربي جمهوريتون به امن جون خواهان آهن. هاڻي
جيڪڏهن اهي دعوائون واقعي صحيح آهن ته پوءِ ڇو
دنيا جا ملڪ هٿيارن ٺاهڻ تي هڪ سو ارب ڊالر خرچ
ڪري رهيا آهن؟ توهان چڱيءَ طرح سمجهو ٿا ته جيڪڏهن
اسلح سازيءَ تي اوهان جو خرچ پنجاهه سيڪڙو گهٽجي
وڃي ته روسي عوام کي ڪيڏو نه فائدو رسندو! اڄ پٺتي
پيل ملڪن کي، فوجي امداد کانسواءِ، مختلف صورتن ۾،
هر سال رڳو پنج ارب ڊالر ڏنا پيا وڃن؛ پر جيڪڏهن
دفاعي خرچ گهٽائي هڪ چوٿائي رکيو وڃي، ته دنيا جي
شاهوڪار ملڪن کي پنجهتر ارب ڊالر صافي بچندا.
ايتري ساريءَ بچت مان انهن ملڪن جي اندرئين ٽئڪس
گهٽائي سگهجن ٿا، ماڻهن جو معيار زندگي وڌائي
سگهجي ٿو، ۽ باقي بچندڙ رقم کي پٺتي پيل ملڪن جي
ترقيءَ ۾ لڳائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پٺتي پيل ملڪن کي
هر سال پندرهن ارب ڊالر ڏهن سالن تائين برابر
ملندا رهن، ته ڏهن سالن جي آخر ۾ سندن عوام جو
معيار زندگي اڄ کان ٻڻو ٿي ويندو. ڇا، توهين هي
پسند نه ڪندا ته توهان جي ملڪ جا ماڻهو سٺو کائين،
سٺو پهرين، ۽ سٺيءَ طرح زندگي گذارين؟ ڇا توهين
اهو به پسند نه ڪندا ته نون آزاد ٿيل ملڪن جا
ماڻهو پڻ چڱن گهرن ۾ رهن، پيٽ ڀري کائين، ۽ پڙهيل
ڳڙهيل هجن، ته جيئن هو موجوده زماني جي مادي
ترقيءَ مان فيض حاصل ڪري سگهن؟ جيڪڏهن واقعي توهان
۽ مغرب جنگ جي خلاف آهيو ته پوءِ جنگ جي تيارين تي
بي انتها خرچ ڇو ٿي رهيو آهي؟ آخر انهن ائٽم بمن،
راڪيٽن ۽ ٻين ائٽمي هٿيارن جي ذخيرن مان ڪنهن کي
فائدو رسندو؟ بدقسمتيءَ سان مغرب ۽ توهان کي هڪٻئي
تي ڀروسو ڪونهي، تنهنڪري اوهين ٻئي طاقتون ڊپ وچان
اسلح سازيءَ ۾ رڌل آهيو، ته متان ان تباهيءَ ۽
برباديءَ جي ميدان ۾ مخالف گوءِ کڻي وڃي. فرض ڪريو
ته اتفاق سان، يا ڪنهن سوچيل سمجهيل رٿ موجب، اڄ
دنيا ۾ جنگ ڇڙي ٿي پوي. ان صورتحال ۾ جيڪي تباهه
ڪاريون ٿينديون، تن کي حضور جن چڱيءَ طرح سمجهي
سگهن ٿا. پوءِ دنيا جي ’سکي‘ ملڪن جو ڪهڙو حال
ٿيندو؟ منهنجي خيال ۾، توهين ۽ مغربي طاقتون ائٽمي
تباهيءَ کانپوءِ وري نئين سر پنهنجن ملڪن جي تعمير
کي جـُنبي پوندا. مطلب ته وري ڏهن سالن تائين
اوهين ۽ مغرب، دنيا جي مادي ذخيرن کي، جن جي پٺتي
پيل ملڪن وٽ بيحد کوٽ آهي، پنهنجي تعمير ۾ صرف
ڪندا، ۽ دنيا جي حالت اها وڃي بيهندي، جيڪا ٻيءَ
وڏي جنگ کان پوءِ هئي. توهان کي ته خبر آهي ته ٻي
وڏي جنگ کان پوءِ عالمي بئنڪ جهڙيءَ بين الاقوامي
جماعت به پنهنجي وجود جي پهرين ٽن سالن ۾ سڄو قرض
فقط مغربي يورپ کي ڏنو آمريڪا ته ذري گهٽ 45 ارب
ڊالر مغربي يورپ کي امداد طور ڏنا - ۽ جيستائين
انهن ملڪن جي حالت بلڪل سڌري نه ويئي، تيستائين
دنيا جي ٻين پٺتي پيل ملڪن کي ڪنهن به قسم جي مدد
نه ڏني ويئي. هاڻي جيڪڏهن وري جنگ لڳِي، ته پوءِ
ايشيا جا پٺتي پيل ملڪ ته بنهه نيست نابود ٿي
ويندا، ڇو جو هنن کي اهي پنج ارب ڊالر به ملڻ بند
ٿي ويندا، جيڪي هينئر کين ملي رهيا آهن! انهن
ڳالهين مان ظاهر آهي ته دنيا جو مستقبل حضور جن
جي هٿن ۾ آهي. توهين چاهيو ته پنهنجيءَ دنيا کي،
مغرب جي دنيا کي، ۽ غريب ملڪن جي دنيا کي بچائي
سگهو ٿا: ۽ ائين تڏهن ٿيندو، جڏهن توهين جنگ کي
اسرڻ جوموقعو نه ڏيو. هڪ دفعي توهين جنگ نه ڪرڻ جو
فيصلو ڪري ڇڏيو، ته پوءِ ٻنهي ڌرين جي درميان اسلح
سازي ۾ ڪميءَ بابت فيصلن ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي.“
عزت مآب – ”مون توکي پهرين به چيو هو ۽ هينئر وري
به چوان ٿو ته اسان کي جنگ نه کپي – اسان کي امن
کپي. جنگ جا خواهشمند مغرب جا سرمائيدار ۽ اجاره
دار آهن، جن کي ڄاڻ آهي ته هو روس سان تجارتي
مقابلي ۾ پنهنجون مَنڊيون وڃائي ويهندا، تنهنڪري
هو سڄيءَ دنيا تي جنگ جي آفت ڪڙڪائڻ گهرن ٿا.
برطانيه جي تيل جي ذخيرن بچائڻ لاءِ، ايڊن سئيز تي
حملو ڪيو. مون کي ڊپ آهي ته اهي طاقتون وري نه ڪو
اهڙو قدم کڻن! تون انهن کي ڇو نٿو مڃائين ته جنگ
بيسود آهي! اسين پاڻ ڪيئن ٿا پنهنجي طاقت کي
گهٽائي سگهون، جڏهن اسان کي هنن جي بدگمانن ۽
سازشن جي خبر آهي؟“
آءٌ – ”مون اڳ ئي عرض ڪيو ته جمهوري ملڪن جون
حڪومتون جنگ جهڙا مکيه فيصلا تڏهن ڪري سگهنديون
آهن، جڏهن هنن کي عوام جي پٺڀرائي هوندي آهي. سئيز
واهه تي حملي وقت ايڊن کي برطانوي عوام ساٿ نه
ڏنو، ۽ نتيجي ۾ حملو ناڪامياب ٿيو. آخر مغربي ملڪ
به پنهنجي جان ۽ مال کي خطري ۾ ڇو وجهندا، جڏهن
سندن معيار زندگي اڳي کان گهڻو بهتر آهي. فرض ڪريو
ته دنيا جي معاشي ڊوڙ ۾ توهين کٽي ٿا وڃو، پر تنهن
هوندي به مغرب جي عوام جو معيار زندگي 1939ع کان
ته وڌيڪ رهندو؛ هو ۽ سندن ٻار زندهه رهندا. آءٌ
سمجهان ٿو ته هو معمولي غربت سان جيئري رهڻ کي موت
تي هر طرح ترجيح ڏيندا، جمهوري ملڪن ۾ جنگ جي خلاف
مهم هلائڻ آسان آهي. ڪا به جمهوري حڪومت مون کي
پنهنجي ملڪ ۾ امن جي مهم هلائڻ کان روڪي نٿي سگهي.
آءٌ جمهوري ملڪن ۾ تقريرن، ريڊيو، سئينما،
ٽيليويزن ۽ اخبارن جي ذريعي جنگ جي خلاف تبليغ ڪري
سگهان ٿو. پر، ابتدائي فيصلو توهان تي ڇڏيل آهي.
هڪ دفعو توهين هاڪار ڪريو، ته ٻين کي مڃائڻ سولو
ٿي پوندو.“
عزت مآب – ”مون کي خوشي ٿي آهي جو تو بيڊپائيءَ
سان پـُرزور لفظن ۾ پنهنجي نقطهء نظر کي پيش ڪيو
آهي. هاڻي تون مون کي ڪجهه وقت ڏي ته آءٌ تنهنجن
مشورن تي غور ڪريان. آءٌ توکي پوءِملاقات لاءِ
گهرائيندس. تيستائين تون اسان جو ملڪ گهمي ڏس ته
اسان روسي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڇا ڪيو آهي.“
هفتي کانپوءِ عزت مآب مون کي ملاقات لاءِ گهرايو.
هو هن ڀيري اڪيلو نه هو، پر ڇهن وڏن عهديدارن سان
گڏ ويٺو هو. هنن مان هڪ پرڏيهي وزير هو، جنهن کي
مون فوراً سڃاتو. پر هن کي ڏسي آءٌ خوش نه ٿيس، ڇو
جو اقوام متحده جي ميڙن ۾ گهڻيئي دفعا مون کيس
سڀني جي فيصلن کي رد ڪندي ٻڌو هو.
عزت مآب مون کي ڪرسي آڇيندي چيو، ”هي منهنجا ساٿي
آهن، جن کي مون تنهنجن خيالن ٻڌڻ لاءِ گهرايو آهي.
مون کي اميد آهي، تون هنن کي به مون وانگر متاثر
ڪندين.“
آءٌ – ”آءٌ حضور جن جو ٿورائتو آهيان، جو توهان
مون ناچيز کي موقعو ڏنو آهي ته هن جليل القدر ميڙ
جي اڳيان پنهنجن خيالن کي پيش ڪريان. آءٌ توهان جي
ساٿين کي يقين ٿو ڏياريان ته آءٌ هتي پرخلوص نيت
سان آيو آهيان. جيڪڏهن هنن منهنجي مقصد کي قبول
ڪيو، ته اهو سڄيءَ انسانذات تي ڀلائي آڻيندو.“
پوءِ مون هنن سان اها سڄي گفتگو ڪئي، جيڪا عزت مآب
سان ڪري چڪو هوس. هنن ڳالهه ڳالهه تي مون کان آڏي
پڇا ڪئي. پرڏيهي وزير ته بنهه مڇڏ هو. سڄي گفتگو
جي دوران هن جو رويو هڪ طرفو ۽ سخت رهيو. هو ورائي
ورائي چوندو رهيو ته ’سويت عوام هميشه کان امن
پسند آهي؛ مغرب وارن هميشه روس طرفان امن جي پيشڪش
کي ٺڪرايو آهي؛ تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته
توهين پهرين مغرب کي پرامن ٿيڻ تي راضي ڪريو،
۽پوءِ هتي ماسڪو اچو.‘
آءٌ – ”آءٌ اڳ به اها وضاحت ڪري چڪو آهيان ته
مغربي جمهوريتن جي عوام جو امن ۾ پختو يقين آهي.
سندن حڪومتن جون نيتون کڻي ڪهڙيون به هجن، پر هنن
کي جنگ جي حق ۾ راضي ڪرڻ سولي سٿري ڳالهه نه آهي.
توهان جي ملڪ جو عوام به امن گهري ٿو، پر توهان جي
نظام ۾ هو حڪومت جي فيصلن خلاف نٿو وڃي. اهڙيءَ
صورت ۾، منهنجون ڪوششون تڏهن ڪامياب ٿينديون،
جڏهين توهين منهنجي حمايت ڪندا. جيڪڏهن توهين ائين
نه ڪندا، ته پوءِ ڪو به فيصلو ٿي نه سگهندو، ۽
اسين هميشه هڪٻئي تي الزام مڙهيندا رهنداسين.“
عزت مآب – ”اسين تنهنجي نظريي کي کڻي مڃون به، پر
امن جي ڏس ۾ هيستائين اسان جيڪي ڪجهه ڪيو آهي،
تنهن کان وڌيڪ ڇا ٿا ڪري سگهون؟ ڇا اسان سخت
ناسازين جي باوجود جنگ کي ٽاري، امن پسنديءَ جي
ثبوت نه ڏنو آهي؟ ڇا اسان هٿيارن گهٽائڻ ۽ ٻين
تڪراري مسئلن جي فيصلن لاءِ مغرب سان اقوام متحده
جي ميڙن ۾ بار بار گفتو نه ڪئي آهي؟ ڇا اسان
پنهنجن وڏن مدبرن کي مغربي ملڪن ۾ امن جي ڳالهين
هلائڻ لاءِ نه موڪليو آهي؟“
آءٌ – ”جيڪڏهن حضور جن صحيح معنيٰ ۾ امن پسند آهن،
۽ امن جي واسطي عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن، ته
مون کي يقين آهي ته مغربي طاقتن ۽ اوهان جي وچ ۾
فيصلو ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٻئي ڌريون تيار
ٿينديون، ته دنيا جو ڪو به مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.
هڪ دفعي مغرب ۽ توهين، پنهنجن پراڻن شڪن کي وساري،
يقين ۽ ڀروسي واريءَ فضا ۾ امن جون ڳالهيون شروع
ڪريو، ته مون کي پڪ آهي ته توهين ضرور ڪنهن
فيصلي تي پهچندا.“
پرڏيهي وزير – ”پر اسان جا شڪ ڪيئن مٽجي سگهن ٿا؟
اسين مغرب تي ڪيئن ٿا ڀروسو ڪري سگهون، جڏهن سندن
گذريل حرڪتن مان ظاهر آهي ته هو اسان کي تباهه
ڪرڻ چاهين ٿا، برباد ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ اسان جونالو
نشان صفحهء هستي تان مٽائڻ گهرن ٿا؟ اڄ اسين فوجي
لحاظ کان طاقتور آهيون، تنهنڪري هو پنهنجن ناپاڪ
ارادن کي عمل ۾ آڻي نٿا سگهن. هنن کي خبر آهي ته
جيڪڏهن هن وقت هو جنگ ڇيڙيندا، ته پاڻ ئي صفحهء
هستي تان مٽجي ويندا، ۽ اسان جو وار به ونگو نه
ٿيندو.“
آءٌ – ”ان قسم جي بحث مان ڪو کڙتيل ڪو نه نڪرندو.
آءٌ رڳو ايترو چوندس ته جيڪڏهن مغرب جا ارادا
اهڙا هجن ها ته هو توهان سان ان زماني ۾ ئي جنگ
ڪري ها، جڏهن وٽن ائٽم بم هو، ۽ توهان وٽ اڃا هي
مهلڪ هٿيار نه هو. تنهنڪري، مون کي يقين آهي ته
مغرب جو عوام جنگ جي خلاف آهي، ۽ هو ضرور امن
پسنديءَ جو اظهار ڪندو.،
عزت مآب – آءٌ توکي اهي حقيقت ٻڌائي سگهان ٿو ته
آمريڪا ڇو ان زماني ۾ اسان سان جنگ نه ڪئي؛ پر
هينئر ماضيءَ جي اپٽار اجائي آهي. هاڻي تون اسان
کان ڪهڙو قدم کڻائڻ ٿو چاهين؟ اسين دنيا تي هر طرح
سان واضح ڪري چڪا آهيون ته اسان کي امن کپي.“
آءٌ – ”آءٌ حضور جن جي آڏو پهرين ئي پنهنجو نقطهء
نظر رکي چڪو آهيان. آءٌ وري به چوندس ته امن جي ڏس
۾ دنيا جي وڏن مدبرن جون تازيون ملاقاتون ناڪامياب
ٿيون آهن: انهن ملاقاتن مان تيستائين ڪجهه نه
ورندو، جيستائين گذريل سمورن شڪن شبهن ۽نااتفاقين
کي وساري، دلين ۾ ڦيرو نه آندو ويو آهي. سڀ کان
پهرين هي ضروري آهي ته ٻئي ڌريون سچيءَ دل سان امن
جي خواهش ڪن، ۽ پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ
سنجيدگيءَ سان عملي قدم کنيا وڃن. جيڪڏهن اوهين
اهو فيصلو ڪري چڪا آهيو، ته پوءِ مناسب آهي ته
اوهين ان جو عام اعلان ڪريو. مون کي ڄاڻ آهي ته
اڳي توهان ۽ مغرب ان قسم جا گهڻيئي اعلان ڪيا آهن؛
مون کي هيءَ به ڄاڻ آهي ته انهن اعلانن تي عمل ڪرڻ
لاءِ توهان امن – ڪانفرنسون پڻ ڪوٺايون؛ پر هن
ڀيري هيءُ اعلان هڪ جدا نوعيت جو ٿيندو.“
عزت مآب – ”تون ڪيئن ٿو چوين ته هڪ وڌيڪ اعلان سان
صورتحال ۾ ڦيرو اچي ويندو، ۽ اهو اسان کي امن جي
ويجهو آڻيندو. تو جن امن – ڪانفرنسن جو ذڪر ڪيو
آهي، ڇا اهي ظاهر نٿيون ڪن ته اسين سچيءَ دل سان
امن جا خواهان آهيون؟ ڇا اسان جي ليڊرن انهن ميڙن
۾ واضح لفظن ۾ نه ٻڌايو آهي ته روس جي عوام جو امن
۾ پختو ايمان آهي؟“
آءٌ – ”پر هن ڀيري هي اعلان هڪ نئين طريقي سان ڪيو
ويندو. ان ۾ سڀ کان پهرين واضح ڪيو ويندو ته
’عالمي جنگ سڄيءَ دنيا تي تباهي ۽ بربادي آڻيندي،
تنهنڪري روس عالمي جنگ جي هر امڪان کي ختم ڪرڻ
چاهي ٿو: ان سلسلي ۾ اسان جو پهريون فيصلو هي آهي
ته اسلح سازيءَ ۾ ايتريقدر ڪمي آندي وڃي، جو دنيا
جو ڪو به ملڪ وڏي پيماني تي جنگ
شروع ڪرڻ جي قابل نه رهي: اسان جي ٻي تجويز هيءَ
آهي ته ننڍن ملڪن جي فوجن مان هڪ ’گڏيل قومن جي
فوج‘ ٺاهي وڃي، جيڪا ايتري ته طاقتور هجي جو ڪنهن
به حمله آور ملڪ کي سولائيءَ سان شڪست ڏيئي سگهي:
اسين وڏين طاقتن کي نينڍ ٿا ڏيون ته هو هڪ بين
الاقوامي امن – ڪانفرنس ۾ اچي اسان سان گفتگو ڪن،
۽ انهن تجويزن کي عملي جامو پهرائين.“
عزت مآب – ”پر فارموسا، ڪوريا، ورهايل جرمني، ۽
اهڙن ٻين غير حل شده مسئلن جو ڇا ٿيندو؟“
آءٌ – ”جڏهن هڪ دفعي دنيا مان جنگ جو انديشو ختم
ٿي ويندو، ته مون کي اميد آهي ته انهن مسئلن جو به
ڪو نه ڪو حل نڪري ايندو. اهي مسئلا واقعي ڏاڍا
منجهيل آهن، جن کي تسلي بخش طريقن سان طي ڪرڻ لاءِ
اعليٰ تدبر جي ضرورت آهي؛ ليڪن مون کي يقين آهي ته
دنيا جا مدبر سياستدان جنگ جي عذاب مان نجات حاصل
ڪرڻ ۽ هنن تڪراري مسئلن جي حلن تلاش ڪرڻ جي اهميت
ضرور محسوس ڪندا – ٻيءَ صورت ۾، هو چڱيءَ طرح سوچي
سگهن ٿا ته جيڪڏهن موجوده صورتحال اڃا به قائم رکي
ويئي، ته پوءِ نه هو پاڻ رهندا، نه سندس مسئلا ۽
ملڪ، بلڪه سڄي دنيا تباهه ٿي ويندي. آءٌ حضور جن
کي خاطري ٿو ڏيان ته جيڪڏهن هڪ دفعي دنيا جي ماڻهن
جي راءِ کي اڀاريو ويندو ۽ هنن کي محسوس ڪرايو
ويندو ته امن حاصل ڪرڻ سندن اختيار ۾ آهي، ته هو
پنهنجن سياستدانن تي زور آڻي کين مجبور ڪندا ته
بين الاقوامي مسئلن جو حل ڳولين.“
عزت مآب – ”چڱو، هاڻي تون مون کي ڪجهه وقت ڏي ته
آءٌ پنهنجن ساٿين سان گڏجي تنهنجين تجويزن تي غور
ڪريان. توکي گهڻا ڏينهن ترسڻو نه پوندو، آءٌ توکي
جلد ئي گهرائيندس. ڀلا، عالمي امن جي اعلان
کانسواءِ، روس جي عوام کي ٻي تنهنجي ڪهڙي طلب
آهي؟“
آءٌ – حضور جن بيحد مهربان آهن. في الحال مون کي
ٻيو ڪجهه به چوڻو نه آهي.“ اڃا هفتو کن مس گذريو،
ته مون کي وري عزت مآب سان ملڻ لاءِ گهرايو ويو.
هن ڀيري هو اڪيلو هو، ۽ ترجمان کانسواءِ ٻيو ڪو به
ماڻهو وٽس موجود ڪو نه هو. هو ڪن ڳوڙهن ويچارن ۾
ويٺو هو.
عزت مآب – ”مون کي افسوس آهي جو توکي ايترا ڏينهن
انتظار ڪرڻو پيو؛ پر تنهنجين تجويزن تي ويچار ڪرڻ
لاءِ مون کي وقت کپندو هو. اسين ان نتيجي تي پهتا
آهيون ته تنهنجين تجويزن مان ڪو خاص فائدو ڪونه
ٿيندو: اسان کي يقين آهي ته مغربي سرمائيدار ۽
سامراجي، اشتراڪي ملڪن سان اقتصادي مقابلي کان بچڻ
خاطر، ۽ پنهنجين تجارتي مَنڊين جي حفاظت لاءِ، جنگ
چاهين ٿا. کين بخوبي معلوم آهي ته تجارتي مقابلي ۾
هو اسان کان هارائي ويندا، تنهنڪري هو جنگ جي
امڪانن کي وڌائيندا ئي رهندا. پر، انهن تلخ حقيقتن
جي باوجود، اسين تنهنجيءَ راءِ کي آزمائش جو موقعو
ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڇاڪاڻ ته اسين امن جا خواهان
آهيون، اسان هميشه امن لاءِ پاڻ کي پتوڙيو آهي، ۽
هيءَ هڪ وڌيڪ ڪوشش پڻ امن جي راءِ ۾ اسين ڪري رهيا
آهيون: آءٌ تنهنجين تجويزن پٽاندر اعلان ڪرڻ لاءِ
تيار آهيون!“
آءٌ – ”مون کي اوهان جي انهيءَ فيصلي تي ڏاڍي خوشي
ٿي آهي. آءٌ سمجهي سگهان ٿو ته مغرب ڏانهن اوهانجن
شڪن شبهن واريءَ حالت ۾، اوهان لاءِ هيءُ فيصلو
ڪرڻ ڪيتريقدر مشڪل هو. مون کي دنيا جي، ۽ خاص ڪري
ايشيا ۽ آفريڪا جي مظلوم انسانن جي روشن مستقبل ۾
ايمان آهي. هاڻي آءٌ توهان جي آڏو ٻه رٿون رکان
ٿو: هڪ ته عالمي امن جي باري ۾ اعلان، اهڙي سهڻي
نموني ۾ ڪيو وڃي جو هڪدم دنيا جي ماڻهن جي ذهنن تي
اثر ڪري؛ ۽ ٻيو ته توهان جا دوست ملڪ به موقعي آهر
اهڙو ئي اعلان ڪن.“
عزت مآب – ”مون کي تنهنجي پهرينءَ رٿ سان اتفاق
آهي ته امن جي مهم ڪنهن اثرائتي نموني ۾ هلائي وڃي
ان کي ڪجهه وقت لڳندو – پر گهڻو نه – تيستائين
تنهنجو هتي رهڻ ضروري آهي. باقي رهي تنهنجي ٻي رٿ،
سو ان جي باري ۾ آءٌ دوست ملڪن سان مشورو ڪندس.
مون کي يقين آهي ته هو به ان مهم ۾ منهنجي حمايت
ڪندا، ڇو جو اسان وانگر هو به امن قائم ڪرڻ لاءِ
بيچين آهن. منهنجو خيال آهي ته جيستائين هي اعلان
ٿئي، تيستائين اسان جي ڳالهين کي مخفي رکيو وڃي.
تون يقيناً اسان جي باهمي گفتگو جي اهميت کان واقف
آهين.“
آءٌ – ”حضور جن خاطري ڪن ته اسان جي گفتگو مخفي
رهندي. آءٌ تيستائين ڪا به ڳالهه ظاهر نه ڪندس.“
اسان جي ملاقات کي اڌ مهينو ٿي ويو، ۽ آءٌ اڪيلو ۽
پريشان ٿيڻ لڳس. ڇو ته آءٌ ڪنهن سان به نٿي مليس،
۽ ٺلهي سير تفريح ٿڪائي ٿي وڌم. ڪنهن ٻئي شهر ۾ به
وڃي نٿي سگهيس، ڇو ته مون کي ڪنهن به ڏينهن ملاقات
لاءِ سڏ ٿي سگهيو ٿي. هي اڌ مهينو مون ڪافي بي
صبريءَ ۾ ڪاٽيو. آخر هڪ ڏينهن پيغام آيم ته ٻئي
ڏينهن چئين بجي ڌاري هڪ جلسي ۾ شرڪت لاءِ تيار
رهان. مون کي چيو ويو ته آءٌ ان موقعي تي پنهنجو
قومي لباس پهريان.
خدا خدا ڪري ٻيو ڏينهن آيو. موسم خوشگوار هئي، ۽
آءٌ به خوش هوس. مون پنهنجو ملڪي لباس پاتو، ۽
بيچينيءَ سان مقرر ڪيل وقت جو انتظار ڪرڻ لڳس. آخر
هڪ خاص آفيسر مون کي موٽر ۾ وٺي وڃڻ آيو. سندس
ڀڙاڪيدار ڊريس ڏسي آءٌ حيران ٿي ويس. اسين موٽر ۾
چڙهي ’سـُرخ چؤڪ‘ ۾ آياسين. سڄو ميدان حشام ماڻهن
سان ڀريو پيو هو. لينن جي مجسمي وٽ هڪ رنگارنگي
اسٽيج ٺاهيو ويو هو، ۽ مون کي وڌيڪ حيرت ٿي، جڏهن
مون کي انهيءَ اسٽيج تي آڻي ويهاريو ويو. آهستي
آهستي بالا آفيسر اچڻ لڳا. پهرين اشتراڪي ملڪن جا
ايلچي آيا. ان کان پوءِ ٻين ملڪن جا ايلچي آيا، جن
کي اسٽيج جي هڪ پاسي جڳهه ڏني ويئي. سوين فوٽو
گرافر اچي جمع ٿيا هئا؛ ساڻن فلمي ڪئمرائن وارا به
هئا. اخباري نمائندن جي جڳهه ته صفا ڀرجي ويئي
هئي. پنجن ۾ اڃا ٻه منٽ هئا، ته عزت مآب ڪابينه جي
وزيرن سميت اسٽيج جي پهرينءَ قطار ۾ اچي ويٺو. هو
تارن ۽ تمغن سان سينگاريل، سونهري ۽ اڇيءَ
يونيفارم ۾ ڏاڍو پـُروقار پئي لڳو. جيئن هو اچي
ويٺو ته روس جو قومي ترانو وڄڻ شروع ٿيو. تراني جي
اختتام تي هن پنهنجو نائب مون ڏانهن موڪليو، جنهن
مون کي عزت مآب جي ڀر واريءَ ڪرسيءَ تي آڻي
ويهاريو. هو عظيم انسان مون ڏانهن نهاري مشڪيو، ۽
پوءِ مائيڪرو فون تي بيهي تقرير ڪيائين. تقرير جو
ترجمو هن ريت آهي:
”معزز سفيرو ۽ ساٿيو! اسين هن اڄوڪي غير معمولي
مواقعي تي ان ڪري جمع ٿيا آهيون، ته دنيا تي هڪ
دفعو وري واضح ڪريون ته روس امن جو طالب آهي. اڳي
به گهڻن ئي موقعن تي اسان امن لاءِ ڪوششون ورتيون
آهن، پر افسوس ته اهي ڪامياب نه ٿيون. انهن
ناڪاميابين لاءِ هينئر ڪنهن کي قصور وار ٺهرائڻ
فضول آهي. اڄ وري به اسين امن جي واٽ ۾ هڪ وڌيڪ
ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا آهيون، ڇو ته روسي عوام ۽
اسان جي دوست ملڪن جي عوام پاڻ کي امن لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ آمريڪا ۽ مغرب جي ٻين ملڪن کي
رڳو ايترو چوندس ته جنگ سڄي انسانذات جي تباهي آهي
– انهن مڙني شين جي تباهي، جن کي جوڙڻ ۾ توهان جي
۽ اسان جي عوام پنهنجو رت ۽ پگهر ڏنو آهي. اسين
ايڏي ساري انساني پورهئي کي ڇو تباهه ڪريون، جنگ
کي ڇو نه ختم ڪري ڇڏيون؟ آءٌ پنهنجيءَ حڪومت جي
طرفان اعلان ٿو ڪريان ته اسين جنگ کي مٽائڻ جي
فيصلي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون: آءٌ دنيا جي ٻين ملڪن
کي نينڍ ٿو ڏيان ته هو به ساڳيو فيصلو ڪن، ۽ اسان
سان گڏجي هٿيارن گهٽائڻ جو ڪو حل ڳولين. اڄ وڏيون
طاقتون دفاع تي هڪ سؤ ارب ڊالرن کان وڌيڪ خرچ ڪري
رهيون آهن. ڪيڏو نه زبردست زيان آهي پيسي جو! ڇو
نه اسين ايتري ساري خرچ مان هڪ وڏو حصو بچائي،
پنهنجي ۽ انهن ملڪن جي ترقيءَ تي صرف ڪريون، جن کي
اسان جي مدد جي ضرورت آهي! تنهنڪري، اچو ته انهيءَ
فرض جي پورائيءَ لاءِ اسين سڀ متحد ٿي هٿيارن
گهٽائڻ جي فيصلي تي اتفاق ڪريون، ۽ ان لاءِ اهڙو
طريقو اختيار ڪريون جو ڪا به هڪ طاقت ٻيءَ طاقت تي
ناجائز چڙهائيءَ جي قابل نه رهي. ساڳئي وقت، اسين
هڪ اهڙي طاقتور بين الاقوامي فوج قائم ڪريون، جيڪا
هر ڏاڍائي ڪندڙ ملڪ کي شڪست ڏيئي سگهي. اچو ته
ننڍن ملڪن کي اجازت ڏيون ته هو اها فوج ٺاهي امن
جي رکوالي ڪن. اڄ جي دور ۾ ڪو به ملڪ ٻين ملڪن کان
بيگانو رهي گذاري نٿو سگهي، ڇو جو زمين ۽ خلائن جا
فاصلا مٽجي چڪا آهن. اڄ جي دور ۾ اسين سڀ هڪٻئي
کان ڪجهه نه ڪجهه لهڻو. تنهنڪري، اچو ته گڏجون؛
اچو ته هڪٻئي جي تعاون سان دنيا جي محتاجن کي کاڌو
ڏيون ۽ مسڪينن کي ڪپڙا ڍڪايون؛ اچو ته دنيا جي
غريبن کي موقعو ڏيون ته هو به اڄ جي ترقي يافته
دور جي راحتن مان مزو ماڻين! آءٌ روسي حڪومت جي
طرفان واعدو ٿو ڪريان ته اسين پٺتي پيل ملڪن جي
ڏتڙيل ماڻهن جي حالت سڌارڻ لاءِ تيار آهيون. هن
وقت اسان وٽ پٺتي پيل ملڪن جو هڪ نمائندو موجود
آهي. آءٌ توهان سان سندس تعارف ٿو ڪرايان. هن مون
کان امن لاءِ هڪ دفعو وري ڪوشش وٺڻ جو واعدو ورتو
آهي. آءُ کيس دنيا جي آڏو پيش ڪريان ٿو، ۽ کيس
اجازت ٿو ڏيان ته هو اسان جي طرفان ’امن جو ايلچي‘
ٿي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وڃي. مون کي اميد آهي ته
هو ڪامياب ٿيندو. هاڻي اچو ته اسين سڀ، امن جي
تراني جي آجيان ڪندي، پاڻ کي ۽ اڄ جي ڏينهن کي امن
لاءِ وقف ڪريون. عالمي امن زنده باد!“
عزت مآب جي تقرير ختم ٿيندي ماڻهن ڏاڍي زور شور
سان تاڙيون وڄايون. سوَن اڇن ڪبوترن کي آسمان ۾
اڏايو ويو. پوءِ سڄو ميڙ امن جي تراني جي احترام ۾
اٿي بيٺو. تراني کي روسي اوپيرا جا ٻه ٽي سو
موسيقار ڳائي رهيا هئا. منهنجين اکين ۾ پاڻي تري
آيو، ۽ مون سان گڏ ٻين جون به دليون ڀرجي آيون.
تراني جي ختم ٿيڻ تي سڄو ميڙ وري ويهي رهيو، ۽
پريڊ شروع ٿي.
هڪ هزار ٻار، قطار در قطار، اسان جي سامهون گذرڻ
لڳا. سڀني کي اڇا ڪپڙا پيا هئا. سندن هٿن ۾ ننڍڙا
جهنڊا هئا، جن تي روسي، چيني، انگريزي، فرانسي،
عربي ۽ لاطيني زبانن ۾ ”امن“ جا لفظ لکيل هئا.
ساڻن هڪ بئنڊ به هئي، جنهن جي مڌر سُرن سان سـُر
ملائي، ڳائيندا، پريڊ ڪندا پئي ويا. هو ڳائي رهيا
هئا- ”اڄ اسان لاءِ هڪ نئين پرهه ڦٽي آهي. اسين سج
جي چمڪندڙ پيشانيءَ تي ’امن‘ جو نالو لکيل ڏسون
ٿا. هن جا سنهري ڪرڻا ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ امن جو
پيغام پکيڙي ڇڏيندا. هو اسان ۽ اسان جين مائرن
لاءِ اميدن جو هڪ نئون صبح آڻيندو. امن جي
جياريندڙ فضا ۾ جڏهن اسين پلجي جوان ٿينداسين، ته
پنهنجين امڙن کي، پيار جا پورهيا ڪري، آرام ۽ راحت
ڏينداسين، ۽ انهن ڀائرن ۽ ڀينرن کي به نه
وسارينداسين، جيڪي ڏورانهن ديسن ۾ رهن ٿا – اسين
سندن مدد ڪنداسين. اسين ٻاڏايون ٿا ته ’امن جي
ايلچيءَ‘ کي ان نيڪ مهم ۾ ڪاميابي ٿئي!“
ٻارن جي لنگهي وڃڻ کان پوءِ هڪ چئن ڦيٿن واري گاڏي
آئي، جنهن تي هڪ جيٽ بمبار هوائي جهاز رکيل هو.
هوائي جهاز تي وڏا وڏا ائٽم بم لڳل هئا. سڀني ائٽم
بمن تي وڏيون تختيون چهٽيل هيون، جن تي هر هڪ بم
جي تباهه ڪُن طاقت انگن اکرن ۾ لکيل هئي. گاڏيءَ
تي هڪ وڏو تختو به لڳل هو، جنهن تي لکيل هو ”اڄ“.
ان جي گذري وڃڻ کان پوءِ هڪ ٻي گاڏي آئي، جنهن تي
ساڳئي نموني جو جيٽ هوائي جهاز کيل هو. پر هن ڀيري
ان کي هڪ آرام بخش مسافريءَ جو جهاز بڻايو ويو هو.
ان ۾ ڪيترا ئي مرد، عورتون ۽ ٻارڙا ويٺل هئا، جيڪي
پاڻ ۾ کلي ۽ خوش ٿي رهيا هئا. ان گاڏيءَ جي تختيءَ
تي لکيل هو ”سڀاڻي“. هاڻي هڪ ٻي گاڏي آئي، جنهن تي
ايشيا جي ڪنهن ملڪ جي جهوپڙي رکيل هئي. جهوپڙي
ڪکائين هئي. ان ۾ پَٽ تي هڪ ماڻهو ستو پيو هو،
جيڪو مليريا جي تپ ۾ مبتلا هو. ٻارن کي ڦاٽل ڪپڙا
پيا هئا، ۽ زالس لَپَ چانورن جي صفا ڪري رهي هئي.
ان منظر ايشيا جي ماڻهن جي غربت ۽ بدحاليءَ کي
چڱيءَ طرح چٽيو پئي. جهوپڙيءَ تي هڪ وڏو تختو
رکيل هو ”اڄ“. ان کانپوءِ ٻي گاڏي آئي، جنهن تي
ساڳي جهوپڙي هئي. پر هاڻي ان جهوپڙيءَ جي ڇت پڪين
سرن جي اڏيل هئي، ۽ منجهس هڪ در ۽ ٻه دريون هيون.
ٻارن کي سٺا ڪپڙا پيا هئا، ۽ هو سڀ تصويرن جا ڪتاب
ڏسي رهيا هئا. سندن ماءُ گوشت ڌوئي رهي هئي، ۽ ان
جي سامهون اَن، اٽو، ڀاڄيون ۽ کير رکيل هئا. تختي
تي لکيل هو ”سڀاڻي“.
ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ نئين گاڏي آئي، جنهن تي
آفريڪا جي هڪ سون جي کاڻ جو نظارو هو. کاڻ ۾ ڦاٽل
ڪپڙا پهريل آفريڪي مزدور، پٺن تي ڳرا بار کنيو ڪم
ڪري رهيا هئا. هو سڀ پگهر ۾ شل هئا. هڪ آفريڪي
مزدور کي هڪ ’اڇيءَ چمڙيءَ واري‘ جمعدار چهبڪ سان
سَٽيو پئي. گاڏيءَ تي لکيل هو ”اڄ“. پوءِ ٻي گاڏي
ساڳيءَ کاڻ سان لنگهي. پر هاڻي مزدورن بدران کاڻ
مان سون مشينن پئي ڪڍيو. آفريڪي مزدور انهن مشينن
جي سنڀال ڪري رهيا هئا. کين اجري پوشاڪ پهريل هئي.
هنن سان گڏ اڇي چمڙيءَ وارا مزدور به هئا. سڀني ڪم
ڪندي هڪٻئي سان چرچو ڀوڳ پئي ڪيو. تختيءَ تي لکيل
هو ”سڀاڻي“.
ان کانپوءِ ڪيتريون ئي گاڏيون آيون. ڪن تي
سائنسدان هئا، ته ڪن تي ڊاڪٽر، ۽ ڪن تي سماجي
ڪارڪن. هي پنهنجيءَ پنهنجيءَ ڪرت جا ماهر، انساني
ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا. ڪن سائنسدانن وسيع
خلائن ۾ اڏامندڙ راڪيٽ تيار پئي ڪيا ته جيئن انسان
عرش تائين سفر ڪري سگهي، ته ڪي سائنسدان لوڻياٺي
پاڻيءَ مان مِٺي پاڻيءَ بنائڻ جي کوجنائن ۾ مصروف
هئا ته جيئن دريائن کان سواءِ سمنڊ مان بنهه پيئڻ
۽ آباديءَ لاءِ پاڻي حاصل ڪري سگهجي، ۽ ڪي
سائنسدان سج جي ڪرڻن مان صنعتي توانائي پيدا ڪرڻ
جي ڪوشش ۾ لڳل هئا. ڊاڪٽر وري مهلڪ مرضن ۽ وچندڙ
وبائن جي علاج لاءِ نين دوائن ۽ وڍڪٽ جي نون طريقن
جي کوجنائن ۾ رڌل هئا. ٻئي طرف سماجي ڪارڪن ٻارن
جي فلاح و بهبود جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾
هئا، ۽ گهرو زندگيءَ ۾ گهڻي کان گهڻي خوشي ۽ راحت
پيدا ڪرڻ بابت سوچي رهيا هئا. |