سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :1

مهراڻ 4- 1959ع

غلام محمد گرامي

گذارش

سنڌي زبان ۽ تعليمي ڪميشن جي رپورٽ

هن انقلابي حڪومت جتي ملڪ جي مختلف مسئلن متعلق صحيح معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف ڪميشنون ۽ ڪاميٽيون مقرر ڪيون هيون، اتي هڪ ”تعليمي ڪميشن“ پڻ مقرر ڪئي ويئي هئي، جنهن کي اهو ڪم سونپيل هو ته هوءَ پاڪستان جي تعليمي مسئلن بابت رپورٽ پيش ڪري ۽ هن دور ۾ تعليم کي وڌائڻ لاءِ سفارشون پيش ڪري. چناچه اها رپورٽ تازو شايع ٿي چڪي آهي، ۽ اهل فڪر حضرات ان جي مختلف سفارشن متعلق مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تبادله خيالات ڪري چڪا آهن.

ڪميشن جي مختلف سفارشن سان اتفاق ۽ اختلاف جي قطع نظر، جي سفارشون تعليمي سرشتي ۾ علائقائي ٻولين جي مقام ۽ استعمال متعلق ڪيون ويون آهن، اهي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نٿيون ڪري سگهجن. انهن سفارشن جي تعميل ۽ تڪميل کان پوءِ جي دور رس نتيجا نڪرڻا آهن، اهي اسان جي تعليم ۽ ثقافت لاءِ ڪيتريقدر مفيد ۽ صحتمند ٿي سگهن ٿا، ان متعلق هر اهلِ فڪر کي سوچڻ گهرجي.

هت تفصيلي طور سفارشن کي بيان ڪرڻ کان بچندي، فقط ايترو ظاهر ڪرڻ مناسب ٿو سمجهجي ته انهن سفارشن موجب سنڌ جي ثانوي اسڪولن ۾ سنڌي زبان کي ذريعه تعليم هجڻ جي درجي کان به محروم ڪيو ويو آهي، ۽ ان جي جاءِ تي ’اڙدو‘ کي زريعه تعليم بڻائڻ لاءِ سفارش ڪئي ويئي آهي. سفارش جي ان غير مفيد ۽ غير مدلل حصي سان سنڌ جي تعليمي ماهرن، عالمن، اديبن، شاعرن ۽دانشورن اختلاف ظاهر ڪيو آهي. چناچه سنڌي اخبارن ۾ ان قسم جا مطالبا، ٺهراءَ، پريس بيان ۽ خطَ ڪافي انداز ۾ شايع ٿي چڪا آهن، ۽ سنڌ جي سڀني روزانه اخبارن – ’مهراڻ’، ’نواي سنڌ‘، ’عبرت‘، ’هلال پاڪستان‘ – نهايت پرمغز ۽زوردار ايڊيٽوريل نوٽ پڻ لکيا آهن، ۽ هفتيوار اخبارن پڻ ان مطالبي جي تائيد ڪئي آهي. اهڙي همه گير علمي ۽ فني مطالبي جو رد عمل ڪهڙو ٿئي، ان متعلق ڪجهه چوڻ قبل از وقت ٿيندو، تاهم اميد اها آهي ته اهڙي متفقه طور ڪيل تقاضا کي هيءَ انقلابي حڪومت نظر انداز ڪري، قبوليت جي شرف کان محروم نه ڪندي.

ان قاضا جا ڪي علمي ۽ ثقافتي پهلو اهڙا آهن، جن تي شايد غور نه ڪيو ويو آهي:

1 . سنڌي زبان نهايت قديم ۽ تاريخي زبان آهي. برصغير هند و پاڪ ۾ هن کان وڌيڪ جهوني زبان ٻي ڪا نه آهي. ڪن عالمن لکيو آهي ته خود سنسڪرت به سنڌي زبان کان پوءِ پيدا ٿي آهي.

2. سنڌي زبان هڪ علمي ۽ سرمائيدار زبان آهي، جنهن کي پنهنجي لغت آهي، ۽ اندازي طور منجهس 2 لک لفظ آهن. چيو وڃي ٿو ته انگريزي زبان ۾ به 2 لک کن لفظ مس ٿيندا. اصطلاحات ۽ محاورات جو وڏو انداز انهن کان سواءِ آهي.

3 . هن ٻوليءَ کي پنهنجو رسم الخط آهي، جنهن کي عربي – سنڌي رسم الخط چيو وڃي ٿو. اهو پوري اسلامي دنيا – ايران، مصر، افغانستان، بلوچ ايراضي، ملايا، انڊونيشيا، ترڪي – جي ٻولين ۽ انهن جي رسم الخط کان تاريخي طور قديم رسم الخط آهي، جو خالص عربي رسم الخط تان ورتل آهي. ان جي مقابلي ۾ فارسي ۽ اڙدو، پشتو ۽ بلوچي رسم الخط ۾ وڏو فرق آهي. فارسي نستعليق خط آهي، ۽ اڙدو ان تان ورتل آهي. گويا پوريءَ دنيا ۾، عربي رسم الخط وانگر، محفوظ ۽ علمي رسم الخط فقط سنڌي زبان جو رسم الخط آهي، جنهن ۾ هزارها ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. اهو به ياد رهي ته برصغير هندو پاڪ جي تهذيبي ۽ تعليمي تاريخ ۾ اهو سنڌي – عربي پهريون رسم الخط آهي، جو ديونا گري خط جي جاءِ تي، خالص ديني ۽ قومي اثرات کي قبول ڪندي، بحال ڪيو ويو، ۽ جو ڏيڍ صديءَ کان وٺي هلندو اچي ٿو.

4 . سنڌ ٻوليءَ کي پنهنجو گرامر آهي، جو هر حيثيت سان مستقل ۽ سائنٽيفڪ آهي، جو سنسڪرت ۽ عربي صرف ۽ نحو وانگر ڪامل به آهي، پر ڪن حيثيتن سان انهن کان به وڌيڪ علمي ۽ فني آهي.

5 . سنڌي زبان کي پنهنجي عظيم تاريخي حيثيت سان گڏ، رڳو ٻوليءَ جي وجود ۽ ان جي لساني تشڪيل، لغت جي ترتيب، صرف ۽ نحو جي اصولن متعلق وڏو علمي ۽ تاريخي ذخيرو موجود آهي. سنڌيءَ کان سواءِ هندي، سنسڪرت، پارسي، انگريزي ۽ جرمن ٻولين ۾ علم الالسنه متعلق تمام گهڻا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ادب ۽ لغت متعلق علمي طرح ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي.

6. سنڌي زبان ذريعه تعليم رهندي آئي آهي. سندس ادبي ۽ شعري ذخيرو اگرچه سمن جي راڄ ۾ پيدا ٿيو، پر ڪلهوڙن جي دور ۾ ٺٽي جي عالمن ۽ بزرگن سنڌي ٻوليءَ کي ديني تعليم لاءِ ذريعه تعليم ڪري استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. محمد هاشم ٺٽوي ۽ ابوالحسن ڏاهري، ملامعين، مخدوم صادق نقشبندي، مخدوم ضياءَ الدين، ۽ ان کانسواءِ ان دور ۾ پاٽ، بوبڪ، هالا، چوٽياريون، سيوهڻ، مٽياريءَ ۾ جي به مڪتب ۽ مدرسا هئا، تن ۾ ديني ڪتاب، عربي ۽ فارسيءَ سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ ۾ به پڙهايا ويندا هئا، ان کانپوءِ ميرن جي راڄ ۾ اگرچ سرڪاري زبان فارسي هئي، پر ذريعه تعليم وري به سنڌي ٻولي ئي رهندي آئي آهي. خود انگريزن جي دور ۾ به پوري صوبي جي تعليمي  نظام لاءِ ذريعه تعليم سنڌي ٻوليءَ کي قبول ڪيو ويو، ۽ تصنيف تاليف لاءِ هندن ۽ مسلمانن هن ٻوليءَ ۾ ئي پنهنجا ڪتاب لکيا. اهڙيءَ زبان کي پنهنجي تاريخي ۽ تعليمي منصب ۽ حق کان محروم ڪرڻ لاءِ ڪو به علمي ۽ تهذيبي دليل نظر نه ٿو اچي.

7 . سنڌيءَ کي مادري زبان هئڻ جو پڻ حق ۽ شرف حاصل آهي. صدين کان اها ٻولي هن ملڪ جي ماڻهن جي مادري زبان رهندي آئي آهي، ۽ تعليمي نقطه نظر سان ماهرن جي اها راءِ آهي ته اها تعليم ئي ڪارگر ثابت ٿئي ٿي، جا ٻارن کي مادري زبان ۾ ڏني وڃي ٿي.

انهن علمي، تاريخي ۽ ثقافتي دليلن کي اڳيان رکي ئي اها تقاضا ڪئي ويئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ذريعه تعليم واري درجي تان نه هٽايو وڃي.

سنڌي زبان ۽ ذريعه تعليم:

زبان جو مسئلو، انساني فڪر ۽ علم جي تبادلي ۽ ڏي – وٺ لاءِ آهي. ان جي ادبي ۽ تهذيبي حيثيت، مادري زبان ۽ غير مادري زبان جي حيثيت سان اضافي آهي. هڪ زبان هڪ گروهه لاءِ مفيد آهي،  ته ٻين لاءِ غير ضروري. ٻيو ته ٻوليءَ جو مسئلو انساني ذهن جي نشونما ۽ ارتقا سان تعلق رکي ٿو. ان کي ڪنهن به خاص تهذيبي ۽ وقتي نقطه نگاهه سان نه ڏسڻو آهي. هر انسان کي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو حق مليل آهي. ان حيثيت سان، سنڌي زبان برعظيم پاڪستان جي ترقي يافته، علمي ۽ ادبي زبان آهي، جنهن جو ثقافتي ورثو بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪو آهي. جا زبان ڏيڍ صديءَ کان وٺي اڄ تائين مختلف درسگاهن ۾ ذريعهء تعليم رهي چڪي آهي، جنهن زبان ۾ مختلف علمن ۽ فنن تي هزارين مستند ۽ معياري ڪتاب لکجي چڪا آهن، جنهن زبان ۾ قرآن، حديثن،تصوف، فقـﮧ ۽ تاريخ کانسواءِ، سائنس، جاگرافي، طبيعات، رياضي، گرامر، لغت ۽ ادب جي مختلف اصناف تي معياري ڪتاب لکجي چڪا آهن، جنهن زبان ۾ سوين رسالا ۽ اخبارون موجود آهن، جا زبان پاڪستان جي مـُئني ڪروڙ باشندن جي تعليمي ضرورتن جي ڏيڍ صديءَ کان وٺي پورائي ڪندي ٿي اچي، جا اڙدوءَ ۽ انگريزيءَ ۽ عربيءَ ۽ فارسيءَ وانگر ملڪ جي وڏي علمي ۽ ترقي پذير زبان آهي، جنهن جي معيار ۽ علمي وسعت لاءِ ’شاهه جو رسالو‘ ئي ڪافي دليل آهي، جنهن لاءِ ’سورلي‘ چوي ٿو ته شاهه ”پوريءَ دنيا جو عظيم شاعر آهي، سندس مقابلي جو ڪو به شاعر نڪو مشرق ۾ پيدا ٿيو آهي، نڪو مغرب ۾!“.... اهڙي زبان، جنهن ۾ ’ذريعهء تعليم‘ هجڻ جون صلاحيتون ڏيڍ صديءَ کان تسليم ڪيون ويون آهن، تنهن کي تعليمي ڪميشن، ڪنهن به علمي ۽ فني ۽ سائنٽيفڪ بنيادن کي اڳيان رکڻ کانسواءِ، قطعاً نظرانداز ڪري، کيس ذريعهء تعليم هجڻ جي حق کان محروم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، سا سفارش هر خيال سان صحيح نٿي چئي سگهجي. ان سفارش ڪندي هڪ طرف تعليمي فلسفي کي اورانگهيو ويو آهي، جنهن موجب دنياي تعليم جي ماهرين جو متفقه فيصلو آهي، ۽ ان فيصلي ۾ ڪنهن به طبقي يا فرد اختلاف نه ڪيو آهي، ته ”تعليم ڏيڻ جو بهترين ذريعو فقط ’مادري زبان‘ ئي آهي.“ ان سفارش جي روشنيءَ ۾، پاڪستان جي هڪ وڏيءَ آباديءَ کي جڏهن ته ذريعهء تعليم ۽ مادري زبان کان محروم ڪيو وڃي ٿو، تڏهن لازمي طور پاڪستان جي هڪ وڏي آبادي تعليم ۽ ان جي روشن نتيجن کان محروم رهجي ويندي، ۽ لازمي طور پاڪستان جو هڪ وڏو حصو فڪري ۽ علمي خيال سان پست ۽ مفلوج ۽ بيڪار ٿي ويندو، ۽ ان بيڪار حصي جو هڪ تندرست جسم سان وابسته هجڻ جسم لاءِ بوجو ثابت ٿيندو، ۽ هن ايٽمي دور ۾، اڳتي هلي، پاڪستان  جي اجتماعي وقار ۽ ثقافت لاءِ هڪ داغ ثابت ٿيندو.

صدر مملڪت خود فرمايو آهي ته ”پاڪستان ۾ سنڌي، پشتو ۽ پنجابي علائقائي زبانون آهن،“ ان سان گڏ فرمايو اٿن ته ”ٻوليءَ جي مسئلي کي جذباتي طور نه پر سائنسي اصولن موجب حل ڪيو وڃي.“ مسٽر ذوالفقار علي ڀـُٽي فرمايو آهي ته ”سنڌي علائقائي زبان آهي، ان جي هر طرح حفاظت ڪئي ويندي“. ان کان سواءِ سيد سليمان ندوي، ڊاڪٽر ذاڪر حسين، مولوي عبدالحق ۽ رضي الدين صديقي، وائيس چانسلر، کلي نموني ۾ چئي چڪا آهن ته ذريعه  تعليم فقط مادري زبان ئي ٿي سگهي ٿي. ايترين صحيح ۽ صحتمند حقيقتن هوندي، تعليمي ڪميشن جا معزز ميمبر سنڌي ٻوليءَ کي نظر انداز ڪري، علمي ۽ ادبي ۽ ثقافتي نقطه نظر سان ڪا صحيح راءِ قائم ڪري نه سگهيا آهن، ان لاءِ افسوس آهي.

هت اها به وضاحت ڪرڻ ضرور آهي ته اهاليانِ سنڌ انگريزي ۽ اڙدوءَ ۽ انهن جي حقن ۽ علمي حيثيتن جو احترام ۽ اعتراف ٿا ڪن. هت انهن علمي زبانن متعلق نه ڪو نفرت پيدا ٿيڻ جو سوال اُٿي ٿو سگهي، ۽ نه ڪو انهن جي علمي ورثي کي ڌڪارڻ ۽ڇڏڻ جو وهم ئي پيدا ٿئي ٿو، انهن جو احترام ته هر خيال سان ڪرڻو آهي. پر جڏهن ته اڙدو زبان ڪنهن به علائقي جي زبان ڪا نه آهي – جيئن صدر مملڪت فرمايو آهي ته ”اڙدو ڪنهن به علائقي جي زبان ڪا نه آهي“- تڏهن ان مان تصديقي طور نتيجو فقط اهو ئي ٿو نڪري سگهي ته اڙدو ڪنهن به اهڙي علائقي جي ماڻهن جي لاءِ نڪا مادري زبان جي حيثيت رکي ٿي، نڪو ذريعه تعليم ئي ٿي سگهي ٿي، جنهن علائقي ۾ ڪا علائقائي زبان اڳ ئي موجود آهي، ۽ جا علائقائي زبان ’مادري زبان‘ به آهي، ۽ ان سان گڏ ’ذريعه تعليم‘ طور به استعمال ٿيندي رهي آهي. اسان جي فقط اها تقاضا آهي ته جڏهن ته هر حيثيت سان سنڌ جي ’علائقائي زبان‘ به سنڌي زبان آهي. ’مادري زبان‘ به سنڌي زبان آهي، ته ’ذريعهء تعليم‘ به سنڌي آهي، نه پوءِ اهي ڪهڙا علمي ۽ ادبي، معاشي يا معاشرتي اصول آهن جي مانع ٿا ٿين، يا اهي ڪهڙا اسباب آهن  جي رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن، جن جي ماتحت هڪ باضابطه، ڏيڍ صديءَ کان هلندڙ علمي ۽ اصولي چيز کي فوراً نظرانداز ڪيو وڃي، ۽ ’مادري زبان‘ ۽ ’ذريعه تعليم‘ کان محروم ڪري، مُني ڪروڙ آباديءَ کي پنهنجي علمي ۽ ثقافتي گذريل ورثي کان به اجنبي ڪيو وڃي، ۽ ان سان گڏ موجوده پوري نسل کي اڳتي هلي پاڪستان جي علمي ۽ فڪري، اجتماعي نظام ۾ مفلوج ۽ پست طبقي بڻجڻ جو بنياد رکيو وڃي!

اهو ظاهر آهي ته سفارش جي روشنيءَ ۾ عمل ڪرڻ سان، ان جي دور رس علمي ۽ فڪري غلط نتيجن کي يڪسر ڇڏي ڏيڻ سان، پاڪستان ۾ هڪ بي زبان ۽ بي شعور، موجوده مني ڪروڙ جي آباديءَ، ان جي ايندڙ ڪروڙين نسلن سميت، جي اضافي ڪرڻ ۾ ڪهڙو علمي ۽ ادبي مفيد منطق سمايل آهي، ان جي ڪا به وضاحت نڪا سفارش جي محترم ميمبرن ڪئي آهي، ۽ نڪو هن دور ۾ ڪو اهڙو عالم فاضل ۽ تعليمي ماهر ئي سـُجهي، نڪو اقتصاديات ۽ معاشيات جو ماهر ئي سـُجهي، جو وضاحت ڪري ٻڌائي سگهي ته پاڪستان جي تعليمي ۽ ادبي ۽ ثقافتي واڌاري لاءِ ڪنهن علائقائي زبان کي نظر انداز ڪرڻ ۾، يا ڏيڍ صديءَ کان مني ڪروڙ آباديءَ جي ذريعه تعليم ۽ مادري زبان کي فوراً ڇڏي ڏيڻ ۾ هي هي علمي ۽ فڪري ۽ ثقافتي ۽ معاشي فائدا آهن!

اسان جي گذارش اها آهي ته ذريعه تعليم کي نظرنداز ڪرڻ سان، هڪ طرف صدين جو اهو ورثو، جو اڄ به پوري پاڪستان جي ثقافتي عزت جو ضامن بڻيو بيٺو آهي، اهوناس ٿي ويندو، ٻئي طرف موجوده توڙي ايندڙ نسل، فڪري ۽ ادبي صلاحيتون وڃائي، گونگو ۽ ٻوڙو ٿي ويندو، ٽئين طرف ڪاليجن، درسگاهن، پرائمري اسڪولن جي شاگردن ۽ استادن تي اثر پوندو، ۽ چوٿين طرف سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۽ انهن جي ملازمن، ايڊيٽرن، ڪمپازيٽرن، تي برو اثر پوندو، پنجين طرف ريڊيو ۽ سرڪاري اشاعتي ادارن ۽ پريسن جي عملي ۽ فنڪارن تي اثر پوندو، ڇهين طرف انهن سڀني سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ محڪمن تي برو اثر پوندو، جن جي ڪارگذاري ۽ ڊيوٽيءَ جو تعلق سنئون سڌو ۽ هر حال ۾ سنڌي زبان سان آهي ۽ ان سان گڏ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سنڌي سمجهندڙن سان آهي. لهٰذا، هن خالص ادبي ۽ تعيلمي مسئلي متعلق اسان جي صدر مملڪت ۽ وزير تعليم ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي خدمت ۾ گذارش آهي ته هو ملڪ جا سربراهه، معمار ۽ ملت جا سرپرست آهن، سفارش جي ان حصي کي ڪا العدم قرار ڏيئي، هڪ وڏي تهذيبي ۽ عمراني مسئلي کي حل ڪرڻ فرمائين، ۽ سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙن جي تعليمي مسئلي کي فقط تعليمي ۽ تهذيبي فلسفي آهر حل ڪرڻ جو حڪم ڪن، ۽ ٻئي ڪنهن به خارجي مسئلي هن خالص تعليمي ۽ علمي مسئلي سان خلط ملط ڪرڻ جي ڪوشش کي روڪڻ جو حڪم ڏين. اها به مودبانه گذارش آهي ته پاڪستان جي سالميت ۽ اجتماعيت لاءِ، ۽ ان جي تهذيبي ۽ ثقافتي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ، جڏهن ته علائقائي زبانن  بنگالي، پنجابي، پشتو، سنڌي ۽ بلوچي زبانن – جي ادب ۽ شعر سان گڏ تعليمي درسگاهن، ادبي ادارن ۽ علمي سرگرمين کي زنده ۽ ترقي پذير رکڻو آهي، ته پوءِ انهن کي صحيح نموني ۾ وڌڻ ۽ ويجهڻ جي آزادي ڏني وڃي. انهن کي صحيح ۽ صحتمند ذريعا ۽ وسيلا پڻ ڏنا وڃن، جيئن اهي ترقي ڪندي پنهنجن علائقن ۾ علم ۽ فن جي روشني پکيڙي سگهن، ۽ ملت کي ذهني ۽ فڪري طور غذا پهچائي، هڪ تنومند ۽ توانا ملت پيدا ڪن، جا ملت اڄ ۽ سڀاڻي جي سائنسي دور ۾ عالمي تقاضائن آهر سوچي سگهي، سمجهي سگهي، هلي سگهي، ۽ وڌي سگهي.

مادري زبان

مادري زبان متعلق هڪ عالمي ۽ بين الاقوامي اصول هي آهي ته اها زبان جا ڪنهن جغرافيه خطي ۾ مخصوص قومي روايات ۽ ادب جي ترجمان ٿي پيدا ٿي هجي، ۽ اها انهن جي تبادله خيالات لاءِ استعمال ٿيندڙ هجي، سا مادري زبان آهي. ان حيثيت سان عربي زبان فقط عرب، مصر، لبنان ۽شام لاءِ مادري زبان جو درجو رکي ٿي، باقي دنيا لاءِ غير مادري زبان، ديني ۽ لٽرري ۽ علمي زبان چئي وڃي ٿي. ان طرح پارسي ايران لاءِ مادري زبان لاءِ، باقي دنيا لاءِ علمي زبان چئي وڃي ٿي. ان طرح انگريزي انگلنڊ لاءِ ۽ فرينچ فرانس لاءِ مادري زبانون آهن، پر باقي دنيا لاءِ انهن جي حيثيت ثانوي درجي جي آهي، ۽ محض علمي آهي. بلڪل ان اصول موجب، اڙدو ڪنهن به خاص جغرافيه حدود ۾ رهندڙ خطي جي مادري زبان نه آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريزيءَ، عربيءَ ۽ فرينچ وانگر ان زبان جو دائرهء نفوذ گهڻين قومن ۽ ملڪن تائين وسيع ٿي ويو آهي، ان ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ۽ سمجهندڙ انداز جي حيثيت سان ڪروڙين آهن، پر مادري زبان جي حيثيت سان 5 – 10 لک ماڻهو به اهڙا نه ملندا، جي هڪ محدود جغرافيه رقبي ۾ ان ٻوليءَ سان وابسته هجن. ان طرح، بنگله فقط بنگال جي مادري ٻولي آهي، باقي پاڪستان ۾ ان جي ڳالهائيندڙن جو ڪو به نمايان انداز ڪين آهي. پنجاب، سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان لاءِ ان جي حيثيت هوبهو اڙدوءَ واري علمي زبان ۽ غير مادري زبان جي آهي. ان حيثيت سان سنڌين لاءِ جيئن عربي، فارسي، انگريزي ۽ فرينچ زبانون ڪي ديني آهن ته ڪي علمي زبانون آهن، پر مادري زبانون نه آهن، تيئن اڙدو ۽ بنگله ۽ پشتو زبانون به سنڌين لاءِ محض علمي ۽ غير مادري آهن. جيئن بنگال ۽ پنجاب لاءِ پشتو ۽ سنڌي محض غير مادري ۽ علمي ٿي سگهن ٿيون، تيئن پشتو وارن لاءِ سنڌي ۽ بنگله ۽ اڙدو به غير مادري زبانون آهن. باقي رهيو پنجاب ۽ اڙدوءَ جي اشاعت ۽ ترويج جو سوال ۽ مثال، سو ان لاءِ گذارش آهي ته گذريل هڪ صديءَ کان اهاليانِ پنجاب پنهنجيءَ مادري ٻوليءَ کي فقط ڳالهائڻ تائين محدود رکيو آهي، ۽ تعليمي ۽ اشاعتي حيثيت سان هنن اڙدوءَ کي ترجيح ڏني آهي. سکن اگرچه گرم کي ايجاد ڪئي، پر جڏهن ته اها نوزائيده ٻولي فقط هڪ مذهبي گروهه جي ٻولي هئي، تنهنڪري مسلمان ان کي قبول ڪرڻ کان قاصر رهيا. ممڪن هو ته اگر پنجاب ۾ پنجابيءَ کي لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ها، ته پوءِ پنجابيءَ کي پنجاب لاءِ مادري زبان تسليم ڪيو وڃي ها. ان ريت، جيئن بنگال لاءِ پنجاب جي پنهنجي فني ۽ لغوي پسند دليل نه آهي، تيئن پنجاب لاءِ به بنگال وارا حجت ڪين ڪري مڃيا ويا آهن: هو بنگله کي قبول ڪرڻ کان ائين ئي قاصر آهن، جيئن بنگالي اڙدوءَ کي قبول ڪرڻ کان عاجز آهن. ان طرح، سنڌيءَ ۽ پشتو وارا به بنگله ۽ اڙدوءَ متعلق عاجز ۽ قاصر آهن. ان مان واضح ٿيو ته اڪيلي پنجاب جي مثال کي باقي پاڪستاني علائقن لاءِ حجت قرار نه ٿو ڏيئي سگهجي. ان حيثيت سان ته بنگال وارن بنگله کي ترجيح ڏني، ۽ اڙدوءَ کي تعليمي ۽ مادري زبان ڪري قبول نه ڪيو. ان طرح، پنجاب وارن اڙدوءَ کي قبول ڪيو آهي، ۽ بنگاليءَ کي ڇڏي ڏنو آهي. بلڪل ان خيال سان ئي ، اهاليانِ سنڌ جو مطالبو آهي ته انهن لاءِ ذريعه تعليم سنڌي هئڻ گهرجي، باقي زبانون انهن لاءِ به ثانوي ۽ علمي حيثيت رکن ٿيون، جن ۾ هو علمي مطالعو ڪري سگهن ٿا. جيئن انگريزي ۽ عربي ۽ فارسي ۽ فرينچ انهن لاءِ علمي زبانون آهن، تيئن بنگله ۽ اڙدو به علمي زبانون آهن، جن جي لٽريچر کي وڏي اهميت ۽ عزت حاصل آهي، پر انهن کي مادري زبان هئڻ جو حق حاصل نه ٿو ٿي سگهي. ان لٽريچر کي پڙهڻ سنڌين لاءِ علمي معلومات جو بهترين ذريعو ٿي سگهي ٿو، پر مادري زبان ۽ ذريعه تعليم ٿين جو ڪو به دليل نظر نه ٿو اچي، جنهن کي عالمي راءِ ۽ بين الاقوامي حقوق ۽ آزاديءَ جا اصول ۽ تهذيبي قدر تسليم ڪري سگهن.

”سنڌي زبان سوسائٽي“:

حيدرآباد جي مشهور عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن، موجوده دور ۾ سنڌي ادب جي حفاظت ۽ اشاعت سان گڏ تعليم جي واڌاري ۽ سڌاري لاءِ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ بڻائي آهي. ان سوسائٽيءَ ۾ هر مڪتبِ فڪر  جا اديب شامل ٿي چڪا آهن. ان سوسائٽيءَ پهريائين پهريائين ”تعليمي ڪميشن“ جي سفارشن، خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي ”مادري زبان“ ۽ ”ذريعه تعليم“ هجڻ متعلق تبادله خيالات ڪري، فيصلو ڪيو آهي ته انهن سفارشن جي اثرات متعلق، علمي ۽ فني طور، پنهنجي راءِ ۽ مشورن ۽ تجويزن کان حڪومت کي واقف ڪيو وڃي.  ان سلسلي ۾ ”سنڌي زبان سوسائٽي“ پنهنجي ابتدائي ميڙ ۾ جو ريزوليشن پاس ڪيو آهي، ان جي تائيد پوريءَ سنڌ مان ٿي رهي آهي، ۽ اهڙا ٺهراءَ روزانه اخبارن ۾ اچي رهيا آهن. ان کانسواءِ، سنڌ جي روزانه اخبارن – ”مهراڻ“ ڪراچي، ”نواي سنڌ“ ڪراچي، ”عبرت“
حيدرآباد، هلال پاڪستان“ حيدرآباد – جي فاضل ايڊيٽرن نهايت مدلل ۽ معياري ايڊيٽوريل نوٽ لکيا آهن. انهن کانسواءِ سنڌ جي هفتيوار اخبارن – ’الهلال‘ ٽنڊو الهيار
،
’ڍنڍورو‘ خيرپور ميرس، ’مجاهد‘جيڪب آباد،  ’انسان‘
حيدرآباد، ’تنظيم‘ جمالي حيدرآباد، ’ماءِ فلئگ‘ حيدرآباد،
’الحيدر‘ ٺٽو، ’سنڌ جي پڪار‘ حيدرآباد، ’آزاد‘
ڪراچي، ’خادم وطن‘ ميرپورخاص، ’پنجتني‘ حيدرآباد،
’همدرد‘ ميرپورخاص، ’مظلوم‘ نوابشاهه- پڻ ڪافي طور خدمت ڪئي آهي. انهن اخبارن به ايڊيٽوريل نوٽ شايع ڪيا آهن. اميد آهي ته موجوده انقلابي حڪومت، هن واجبي ۽ خالص تعليمي تقاضا تي نظرثاني ڪندي، ۽ڪميشن رپورٽ جي پيش ڪيل سفارشن ۾ ترميم ڪرڻ جو حڪم ڪندي.

ٺهراءُ : ”سنڌي زبان سوسائٽي“، حيدرآباد، جو اهو ٺهراءُ پيش ڪرڻ پڻ افاديت کان خالي نه ٿيندو، جنهن کي سنڌ جي ادبي ۽ تعليمي، صحافي ۽ فني حلقن جي متفقه تائيد حاصل هجڻ جو شرف حاصل آهي.

”شهر جي عالمن، اديبن ۽ معزز شهرين جو هي اجلاس، تعليم ڪميشن جي قومي تعليم بنسبت ظاهر ڪيل سفارشن ۾ صفحي ’290‘ تي آيل انهيءَ تجويز تي تشويش جو اظهار ٿو ڪري، جنهن مطابق، اولهه پاڪستان صوبي جي سنڌ ۽ سرحد علائقن ۾ اڙدو زبان کي ابتدائي ٽئين درجي کان لازمي ڄاڻائيندي، حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزنن ۾ ڇهين درجي کان اڙدو کي تعليم جو واحد ذريعو ٺهرايو ويو آهي. تعليم ڪميشن جي انهيءَ اصول تي پوري غور ۽ خوض ڪرڻ بعد، هيءُ اجلاس محسوس ٿو ڪري ته سال ’1963ع‘ کان سنڌ علائقي ۾ موجوده رائج تعليمي ذريعي (يعني، سنڌي زبان) کي اڙدوءَ ۾ بدلائڻ سان سنڌي علم ادب، زبان ۽ ثقافت جي ترقيءَ جا دروازا هميشه لاءِ بند ٿي ويندا، ۽ هتي جي موجوده تعليمي ادارن جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويندو،  جنهن جو اثر پاڪستان جي اڌ ڪروڙ سنڌي ڳالهائيندڙن ۽ سندن ايندڙ نسلن تي بيحد برو پوندو.

”هن اجلاس جو خيال آهي ته جيڪڏهن پاڪستان جي مختلف علاقائي زبانن، ادب ۽ تعليمي ادارن کي زنده رکڻو آهي، ته پوءِ انهن کي آزاديءَ سان وڌڻ ويجهڻ جا موقعا ڏيڻ گهرجن. لساني، تعليمي توڙي نفسياتي لحاظ کان، ڪنهن به نسل جي صحتمند تعليم ۽ تربيت صرف اهڙيءَ صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي، جڏهن ان جي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو ذريعو سندس ’مادري زبان‘ کي ٺهرايو وڃي.

”هيءُ اجلاس حڪومت پاڪستان کي زوردار گذارش ٿو ڪري ته سنڌي زبان پاڪستان جي هڪ تمام قديم، ترقي يافته، شاهوڪار، ۽ تاريخي، علمي ۽ ادبي زبان آهي، جنهن کي پاڪستان جي هڪ اهم حصي جي مادري زبان هجڻ جو شرف پڻ حاصل آهي. جيڪا گذريل ڏيڍ صديءَ کان سنڌ صوبي جي سڀني تعليمي درسگاهن ۾ ذريعهء تعليم رهندي آئي آهي، ۽ جيڪا پاڪستان جي هڪ وڏي علائقي جي معاشي ۽ معاشرتي، ذهني ۽ فڪري ترقيءَ جو ذريعو بڻيل آهي، تنهن جي موجوده حيثيت کي نظر انداز ڪرڻ پاڪستان جي باشندن جي هڪ وڏيءَ اڪثريت کي سندس ذهني پرورش جي حقيقي ذريعي کان محروم ڪرڻ جي برابر ٿيندو، ۽ اها ڳالهه سڌيءَ طرح ملڪ جي اجتماعي توڙي انفرادي، علمي توڙي ادبي، تعليمي توڙي تهذيبي ترقيءَ تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي: تنهنڪري ضروري آهي ته سنڌي زبان کي سابق صوبي سنڌ جي سڀني مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ذريعهء تعليم جي حيثيت سان بدستور بحال ۾ برقرار رکيو وڃي.“

”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ جو ساليانو اجلاس

’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ جو ساليانو اجلاس ڍاڪا ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ پنجاب، سنڌ، سرحد ۽ بنگال جي مشهور اديبن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. ان اجلاس جي خصوصيت اها آهي ته نه فقط اديبن ۽ دانشورن جي علمي ۽ ادبي حقن جي حفاظت لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي، پر ان سان گڏ علمي طور به اهڙا ذريعا ۽ وسيلا سوچيا ويا، جن جي پايه تڪميل تي پهچڻ سان اديبن جي خوشحال آئيندي جون اميدون وابسته ٿي سگهن ٿيون.

صدرمملڪت جو پيغام:

رائيٽرس گلڊ جي افتتاح لاءِ صدر مملڪت پاران جيڪو پيغام پيش ڪيو ويو، اهو پنهنجي نيڪ مقصد ۽ خلوص جي حيثيت سان علمي ۽ ادبي دنيا ۾ وڏو مقام رکي ٿو. اهو پيغام هيءُ آهي: ”مون کي هي ڏسي انتهائي مسرت ٿي آهي ته پاڪستان رائيٽرس گلڊ جو پهريون ساليانو اجلاس 31- جنوري 60ع تي ڍاڪا ۾ ٿي رهيو آهي. اڄوڪي ڏينهن تي گذريل سال مون رائيٽرس گلڊ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. اڄ مان نهايت دلچسپيءَ سان گلڊ جي ارتقائي منزلن کي ڏسڻ لاءِ چشم براهه آهيان. مان نهايت خوش آهيان، ۽ اوهان جي ڪاميابيءَ سان گڏ اديبن ۽ شاعرن جي بهبوديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ هڪ منظم ۽ صحتمند ادارو قائم ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ منهنجي دلي مبارڪباد قبول فرمائيندا. مون کي يقين آهي ته اوهان جهڙا اديب ۽ عالم هروڀرو ڪنهن مشوري جا محتاج نه هوندا، پر جي اوهين مون کي اجازت ڏيو ته هوند هڪ اهم ڳالهه بطور مشوري جي عرض ڪري ڇڏيان. ا ُها اِها ته اوهان جو فڪر آزاد آهي، تنهنڪري اوهين پنهنجي تاثرات کي نهايت آزاديءَ سان لکو ۽ پنهنجي ماحول کي آزاد نموني ۾ متاثر ٿي، پنهنجي گرانقدر خيالات کي ظاهر ڪريو: ڪنهن به خوف يا ڪنهن مصلحت کي اڳيان آڻي، پنهنجي ذهن کي ملوث ۽ ڪـُند نه ڪريو. مان پنهنجي طرفان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته اهو ممڪن آهي ته ذاتي ۽ انفرادي طور تي منهنجو اوهان سان اختلاف ٿي پوي – حتاڪه احتجاج به ڪري سگهان ٿو – پر ان سان گڏوگڏ اهو يقين پڻ ڏياريان ٿو ته مان اوهان جي حقن جي حفاظت ڪندس، بشرطيڪ اهو وطن عزيز جي مفاد جي خلاف نه هوندو!“

صدر مملڪت، اديبن جي حقن ۽ انهن جي فڪري ۽ فني آزادگيءَ ۽ حفاظت متعلق يقين دهانيءَ کان پوءِ، پاڪستان جي ٻين علائقائي ٻولين جي خدمت ۽ ترجمي ڏانهن توجهه ڇڪائيندي، صلاح ڏني ته ”مان محسوس ٿو ڪريان ته اوهين گهڻو تڻو پاڻ سان ئي مخاطب رهو ٿا، پر مان مشورو ڏيندس ته پنهنجيءَ تخليق کي پاڪستان جي ٻين ٻولين تائين ترجمو ڪري پهچايو.“

ان کان پوءِ صدر مملڪت، ايندڙ دور جي نظام تعليم ۽ ان جي نصاب متعلق اديبن کي ٻڌايو ته هو ان لاءِ نصاب تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪن:  ”نئين نظامِ تعليم جي نفاد جي سلسلي ۾ اوهان اديبن کي خدمت ڪرڻ جا ڪافي موقعا ملي سگهن ٿا. اوهين ئي آهيو جي هر قسم جي شاگردن لاءِ مناسب ۽ مفيد نصاب ٺاهي سگهو ٿا. مون کي يقين آهي ته گلڊ هن اهم ۽ اعليٰ تجويز ۾ ذميدارانه حيثيت سان حصو وٺندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com