فن جو افلاطوني نظريو.
منهنجو خيال آهي ته انهن سڀني مادي شين ۾ جيڪو عام
قدر
(COMMON VALUE)
آهي، اهو هيءُ ته اهي سڀئي خوبصورت هونديون آهن؛
۽ ’خوبصورت‘ هجڻ جي اها خصوصيت پنهنجيءَ جاءِ تي
منفرد آهي، يعني دنيا ۾ ان جهڙي ڪا به شيءِ ڪانهي.
جڏهن ڪو ترتيب يافتو ۽ تعليم يافتو انساني روح،
مناسب طريقي تي ان خصوصيت سان گهرو تعلق قائم ڪري
ٿو، تڏهن ان کي هڪ عجيب غريب قسم جي خوشي يا لذت
محسوس ٿيندي آهي؛ ڇاڪاڻ ته اسين انهيءَ لائق ڪو نه
آهيون ته جڏهن پهريون ڀيرو حـُسن جي ويجهو ٿيون،
ته ان کي صحيح طريقي تي پرکي به سگهون. اهو اسان
کي ڪڏهن به ڪو نه ٿي سگهندو. حـُسن ڪڏهن به اسان
جي قبضي ۾ ڪو نه ايندو. سوال هيءُ پيدا ٿو ٿئي ته
ان خصوصيت جو سبب ڇا آهي؟ انهيءَ جو جواب اسان کي
فلسفي جي ميدان ۾ وٺي هلندو، جتي آءٌ هلي ٿاٻن
کائڻ لاءِ تيار ڪو نه آهيان. البت ان جو مختصر
جواب هيءُ آهي - ۽ اهو جواب افلاطون ۽ ڪجهه
عيسائيت جو پڻ آهي - ته زمان ۽ مڪان ۾ متحرڪ شين
کان سواءِ هڪ ٻيو عالم يا حقيقت جو نظام پڻ موجود
آهي. انهيءَ عالم ۾ ڪي خيال يا اصول حڪمراني ڪن ٿا
– شايد بهترين لفظ ’صورتون‘ آهي. انهن ۾ هڪ خير
آهي، ٻيو انصاف، ٽيو سچائي، ۽ چوٿون حـُسن. اهي
صورتون انهن سڀني شين جو اصل ۽ بنياد آهن، جيڪي
اسان جي روزاني زندگيءَ ۾ نيڪ، صحيح، سچيون ۽
خوبصورت معلوم ٿين ٿيون. اصولن يا صورتن جي اها
غير مادي دنيا اسان جي پنهنجي ڄاتل سڃاتل دنيا کان
جدا ۽ علحدي ڪانهي، بلڪه انهن ٻنهي دنيائن جو پاڻ
۾ تعلق آهي. صورتن جي غير مادي دنيا پنهنجون
خوبيون مادي دنيا جي وڻن ٻوٽن تي قربان ڪري ٿي،
بلندي پهاڙين جي چوٽين تي وَسائي ٿي، ۽ بهار جي من
موهيندڙ صبح جي مست ڪندڙ نظارن ۾ ظاهر ڪري ٿي. پر
حسن جي صورت جو ديدار فقط وجدان
(Intuition)
جي وسيلي ڪري سگهجي ٿو. ان جي نظاري پَسڻ لاءِ
انساني روح بيقراريءَ سان ان جي پويان ڦرندو ٿو
وتي. جيڪڏهن انساني روح پنهنجي انهيءَ ڪوشش ۾
ڪامياب ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ حسن گرفتار ٿيو پوي، ۽
ڪنهن مادي شي – مثلاً رنگ يا پٿر يا آواز – جو
جسماني روپ اختيار ڪري نروار ٿئي ٿو. حـسن جي
پٺيان فنڪار ڊوڙي ٿو، ۽ ڊوڙندو رهي ٿو؛ تان جو ان
کي پنهنجي اختيار ۾ آڻي ٿو، ۽ پوءِ ان کي ڪنوار
وانگر سينگاري ڪنهن مادي شيءِ ۾ مجسم ڪري ٿو: ڄڻ
ته فنڪار انهيءَ شخص کي چئجي، جنهن جو روح عجيب و
غريب بصيرت سان نوازيو ويو آهي. انهيءَ بصيرت جي
ڪري ئي هو حسن کي سمجهي ٿو، ۽ ان کي مادي شيءِ جي
صورت ۾ آڻي ٻڌڻ يا ڏسڻ جي لائق بنائي ٿو. انهن
مادي شين کي اسين فن پارا چئون ٿا. جڏهن عام ماڻهو
ڪنهن فن پاري کي ڏسن يا محسوس ڪن ٿا، ته اهي خود
به حسن جو نظارو پَسن ٿا – اهو حسن، جنهن کي پهرين
پهرين فنڪار محسوس ڪيو هو، ۽ جنهن ان کي پنهنجي
تخليقي فن پاري ۾ آڻي، ديدار لاءِ عام ڪيو.
ڇا، اسان مان ڪو ٻڌائي سگهندو ته حُسن جي صورت
ڪهڙي آهي؟ ڪو به ڪو نه ٻڌائي سگهندو؛ ڇاڪاڻ ته،
جيڪڏهن افلاطون جو نظريو صحيح آهي، حـُسن بيمثال
آهي ۽ دنيا ۾ ان جهڙي ٻي ڪا به شيءِ ڪا نه آهي.
البت هڪڙي ڳالهه صاف آهي ته حـُسن ڪنهن مادي يا
محسوس ڪيفيت جو نالو ڪونهي – جيئن گرم، ٿڌو، سخت،
نرم، آلو، خشڪ، يا رنگين، وغيره. ٻين لفظن ۾، اسين
حسن جو احساس اکين يا ڪنن يا ٻين حواسن سان نه،
بلڪه روح سان ڪريون ٿا. مثال طور، فرض ڪريو ته
اوهين پنهنجيون آنڱريون بيخياليءَ ۾ پياني تي رکو
ٿا، ۽ هڪ کان پوءِ ڏهين ۽ ٻارهين سـُرَ تي رکندا
ٿا هلو. نتيجو هي نڪرندو ته پياني مان آواز جون
لهرون نڪري، فضا ۾ پڙاڏو ڪنديون، هوا کي
چيرينديون، ڪنن جي پردن سان ٽڪرائينديون ۽ رڳن مان
گذرنديون، دماغ ۾ وڃي پهچنديون. اهڙيءَ طرح، جڏهن
سڀئي جسماني حالتون ٿي گذرن ٿيون، تڏهن انهيءَ
آواز جي سماعت جو احساس ٿئي ٿو، جيڪو پياني جي
سـُرن تي آنڱرين رکڻ سان پيدا ٿيو هو. هاڻي فرض
ڪريو ته پياني جي انهن ساڳين سـُرن تي آءٌ
پنهنجيون آنڱريون رکان ٿو، پر اهڙي انداز سان،
اهڙيءَ ترتيب سان، جو انهن مان نڪرندڙ آواز ”باش“
(Bach)
جي نغمي جي موضوع ٺهي ٿا پون. هينئر به اهي ئي
اڳوڻيون جسماني حالتون واقع ٿيون آهن، پر هن دفعي
هڪ نئين ڳالهه به پيدا ٿي آهي: يعني بي انداز
خوشيءَ ۽ سرور جو احساس، جيڪو اسان کي نغمي جي ٻڌڻ
کان پوءِ حاصل ٿيو. عظيم موسيقيءَ جي صورت ۾،
آوازن جو اهو سـُر تار جيڪو اسان کي خوشيءَ ۽
سـُرور جي قريب پهچائي ٿو، حَسين ٿئي ٿو. تڏهن به،
پهرينءَ صورت ۾ جڏهن سـُرن تي بيخياليءَ سان
آنڱريون رکيون ويون هيون، ۽ ٻيءَ صورت ۾ جڏهن انهن
ئي سرن ’باش‘ جو نغمو پيدا ڪيو، فرق صرف نظم ۽
ترتيب جو آهي. انهيءَ فرق تي ٻيءَ صورت جي
خوبصورتيءَ ۽ پهرينءَ صورت جي بدصورتيءَ جو دارو
مدار آهي. ياد رکڻ گهرجي ته نظم ۽ ترتيب ڪا مادي
يا طبعي شي ڪا نه آهي، يعني اسين ان جي ڄاڻ پنهنجن
حواسن جي وسيلي ڪو نه ٿا ڪريون: تنهنڪري معلوم
ٿيندو ته حسين هجڻ جي خوبي، جيڪا هن مثال ۾ آوازن
جي خاص نظم ۽ ترتيب تي دارو مدار رکي ٿي، ڪا مادي
يا طبعي خوبي نه آهي.
ساڳيو حال تصويرن جو آهي. جنهن خام مواد مان
تصويرون ٺهن ٿيون، اهو ڪاغذ وغيره ۽ رَنگ آهن.
جيڪڏهن رنگن کي ڪاغذ وغيره تي بيخياليءَ سان
پکيڙيو وڃي، ته سواءِ هڪ رنگين مٿاڇري جي ٻي ڪا به
شي ڪا نه ٺهندي؛ پر جيڪڏهن انهن ئي رنگن کي ساڳئي
ڪاغذ وغيره تي هڪ خاص طريقي سان – مثلاً
”ريمبرانٽ“
(Rembrandt)
جي طريقي سان – پکيڙيو ويندو، ته هڪ سونهن پيدا
ٿيندي، جيڪا انساني روح تي گهرو اثر ڇڏيندي. جڏهن
ٻنهي حالتن ۾ هڪڙو ئي خام مواد استعمال ڪيو ويو
آهي، ته پوءِ انهن ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو آهي؟ - ڪاغذ
وغيره تي رنگن جو خاص نظم ۽ ترتيب ! اهو نظم ۽
ترتيب ڪا طبعي يا مادي شي ڪا نه آهي: تنهنڪري،
جيڪو حـُسن مادي جي نظم ۽ ترتيب سان پيدا ٿئي ٿو،
۽ جيڪو مادي جي بدران نظم ۽ ترتيب جي خصوصيت آهي،
سو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ جي خصوصيت آهي، جا بذات خود
مادي يا طبعي ڪين آهي.
انهيءَ نقطه نگاهه کان ڄڻ ته حُسن شيشي جي هڪ اهڙي
ٽُڪري وانگر آهي، جنهن مان انسان جو روح هڪ ٻئي
حقيقت جي نظام جو نظارو پَسي سگهي ٿو، اهو حقيقت
جو نظام غير مادي آهي؛ ۽ جيئن ته حُسن شين بلڪه
شين جي هڪٻئي سان تعلق جي خوبي آهي، تنهنڪري اهو
هر وقت پاڻ پڌري ڪرڻ لاءِ بيقرار رهي ٿو، ۽ ان
موقعي جي ڳولا ۾ رهي ٿو ته ڪو ان جي جلوي جي صحيح
تعريف ڪري ٿو يا نه. هي خارجي نقطه نگاهه آهي؛
ڇاڪاڻ ته ان جو اصل مقصد هي آهي ته حسن شين جي-
يا، وڌيڪ صحيح لفظن ۾، شين جي ترتيب جي – خوبي
آهي، يا ان خوبيءَ سان متعلق آهي.
ٽالسٽاءِ جو نظريو .
”انهن شين ۾، جن کي اسين فن پارا چئون ٿا، عام قدر
ڪهڙو آهي؟‘ ان سوال جي هڪ ٻئي جواب ۾، روس جي عظيم
ناول نويس ’ٽالسٽاءِ‘ (1828ع – 1910ع) جو نظريو
به ٻڌڻ لائق آهي. ٽالسٽاءِ جي خيال ۾، ”فن ٻين
تائين پهچائيل جذبو آهي“. فرض ڪريو ته ڪو فنڪار
(موسيقار يا مصور يا شاعر) پاڻ ۾ ڪنهن شي بابت سخت
جذبو محسوس ڪري ٿو. اهو به فرض ڪريو ته هو انهيءَ
جذبي کي رنگ يا آواز يا پٿر يا لفظن جو ويس پهرائي
ٿو. وري اهو به فرض ڪريو ته اهو جذبو ٻين تائين
پهچي ويو آهي. اهڙيءَ صورت ۾، ٽالسٽاءِ جي خيال
موجب، ڄڻ ته فن پيدا ٿي ويو، ۽ اها صورت اصل ۾ فن
پارو آهي. انهي لحاظ کان، سڀني فن پارن ۾ عام قدر
”شديد جذبي جي مڪمل اظهار
(communication)
جي قوت آهي.
هن نظريي جي خلاف ڪيترائي اعتراض ڪيا ويا آهن.
پهريون ته هي نظريو اهو ڪو نه ٿو ٻڌائي ته فن جي
تخليق لاءِ ڪهڙي قسم جي جذبي جو اظهار ضروري آهي.
شايد شديد جذبي جو سڀ کان وڌيڪ سنئون سڌو اظهار
جيڪو اسين ڏسون يا سوچيون ٿا، اهو هيءُ آهي ته ڪو
شخص شڪنجي ۾ ڦاٿل هجي، ۽ سخت اذيت ۽ تڪليف جي حالت
۾ دانهون ۽ ڪـُو ڪـُون ڪري رهيو هجي. ان وقت،
انهيءَ شخص پنهنجي جذبي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي –
يعني جيڪي ڪجهه هو محسوس ٿو ڪري ان جو نس پس اظهار
ڪري ٿو. پر ڪو به شخص ائين ڪو نه چوندو ته اها
دانهن ڪوڪ، جذبي جو اظهار ڪرڻ جي باوجود، ’فن‘
پيدا ڪري ٿي. ان جو سبب هي آهي ته اهو جذبو، جنهن
جو اظهار ٿيو، صحيح قسم جو ڪو نه آهي.
ٻيو اعتراض به گهٽ سخت نه آهي. سڀئي قبول ڪندا ته
فن پارا درجن جي لحاظ کان مختلف هوندا آهن. ڪي
اعليٰ ۽ عظيم هوندا آهن ۽ صدين تائين زنده رهندا
آهن، ته ڪي وري پنهنجي پيدائش جي پهرئين مهيني ۾
ئي فوت ٿي ويندا آهن. عام طرح هن ڳالهه ته سڀ متفق
آهن ته ٻن فن پارن ۾ هڪڙو ٻئي کان وڏيءَ اهميت
وارو هوندو آهي: مثلاً موزارٽ
Mozart،
1756ع – 1791ع) جا اوپيرا، سـُليوَن
Sullivan)،
1842ع – 1900ع) جي اوپيرن کان، ۽ ليونارڊو ڊاوِنسي
Leonardo davinci)،
1452ع – 1519ع) جون تصويرون ’رايل اڪيڊميءَ‘ جي
موجوده صدر، ميوننگز
Sir Alfred Munnings)،
1878ع)، جي تصويرن کان گهڻو اعليٰ ۽ عظيم آهن.
اها حقيقت آهي ته ڪنهن خاص موقعي تي اڪثر انسان
جنهن شي جي تعريف ۽توصيف ڪندا آهن، اها سدائين ڪا
عظيم فن پارو ڪا نه هوندي آهي. گهڻا ماڻهو يا ته
پريشان ٿي فن کان پاسو ڪندا آهن، ۽ يا ته ان سان
ڪو واسطو ئي ڪو نه رکندا آهن. اهي بي سري موسيقيءَ
– مثلا ”جاز“، ”سونگ“،
”ڪروننگ“، يا پنهنجي وقت جي سادي سودي موسيقي –
کي عظيم موسيقارن جي ڪلاسيڪي نغمن ۽ راڳن کان وڌ
سمجهندا آهن. اهڙيءَ طرح، ماڻهو باتصوير رسالن جي
سرورق تي ڇپيل اڌ اگهاڙين تصويرن کي ’نيشنل
گيلريءَ‘ جي سڀني تصويرن کان سٺو سمجهندا آهن.
تنهنڪري، جيڪڏهن اسين ڪنهن فن پاري جي قدر ۽ قيمت
جي ڪَٿَ ان جذبي جي خوبيءَ ۽ نوعيت سان ڪريون،
جنهن جو اظهار انهيءَ فن پاري ۾ ٿيو آهي، ته دنيا
جا ڪي ٻه ٽي فن پارا انهيءَ امتحان ۾ ڪامياب ٿي
سگهندا. تذڪرا شاهد آهن ته عظيم فن پارن پنهنجي
وقت جي عام موسيقيءَ ۽ اگهاڙين تصويرن جي مقابلي ۾
ڪن تمام ٿورين دلين ۾ امنگ اٿاريا هوندا؛ ڇاڪاڻ ته
سواءِ انهن ماڻهن جي، جن جي حصي ۾ اها ڏات آيل
آهي، عظيم فن پارن کي ڏسڻ يا ٻڌڻ شرط پسند ڪرڻ ۽
دل ۾ سانڍڻ ڪا ٻاراڻي راند ڪا نه آهي. فن پارن تي
تعريف ۽ پسند جي نظر ڪرڻ لاءِ اسان کي ترتيب ۽ مشق
جي ضرورت آهي. بهترين تصويرن ۽ جادو ڪندڙ موسيقيءَ
سان اسان کي ايترو گهڻو واهپو رکڻ گهرجي، جو رفتي
رفتي اسان جون اکيون کـُلي پون ۽ ڪنن جون تاڙيون
لهي وڃن. تنهنڪري، جيڪڏهن اسين ٽالسٽاءِ جي نظريي،
يعني ”جذبي جي اظهار ۾ ڪاميابي“، کي ڪسوٽي ڪري
وٺون، ته منهنجي خيال مطابق دنيا جا قبول ڪيل عظيم
فن پارا به ان ڪسوٽيءَ تي سچا ثابت ڪو نه ٿي
سگهندا. ائين ٿو سمجهجي ته ٽالسٽاءِ اهو نتيجو
انهيءَ ڪري ڪڍيو ۽ قبول ڪيو هو جو هن جي خيال موجب
روسي عوام جي گيتن، ”هئمليٽ“ جي مقابلي ۾، گهڻن
ماڻهن کي خوشي ۽ مسرت پهچائي هئي، تنهنڪري انهن ۾
گهڻو فن هو. انهيءَ حقيقت کان پاسو ڪري ته اهو
نتيجو انساني نسل جي عام فيصلي جي بنهه خلاف آهي،
هيءَ ڳالهه يقيني آهي ته جڏهن اسين چئون ٿا ته
فلاڻي تصوير فلاڻيءَ تصوير کان وڌ آهي، تڏهن اسين
ائين چوندڙ جي ڳڻپ ڪو نه ٿا ڪريون ته سؤ مان
ايڪونجاهه ماڻهن فلاڻيءَ تصوير کان فلاڻي تصوير
وڌيڪ پسند ڪئي آهي. ٻين لفظن ۾ فني ۽ جمالياتي
مسئلا ڳڻپ جي طريقن سان حل ڪو نه ڪيا ويندا آهن.
جيڪڏهن مون کان پڇيو وڃي ته ’فن يا فن پارا ڇا جي
ڪري ٻين شين کان بلند درجي جا هوندا آهن‘، ته آءٌ
ائين چوڻ جي بدران ته ’ان لاءِ، ته انهن ۾ ڪنهن
جذبي جو اظهار ڪيل هوندو آهي‘، هيءُ چوڻ وڌيڪ پسند
ڪندس ته ’ان لاءِ، ته اهي خوبصورت ۽ حسين هوندا
آهن‘.
فن جي طاقت
انساني روح تي فن جي طاقت، فن جي جادوءَ جو گهرو
اثر آهي. انهيءَ طاقت جو اندازو هن قابل ذڪر ڳالهه
مان ٿي ويندو ته عظيم فن پارا صدين کان هر هڪ نسل
تي پنهنجو اثر ڪندا پئي آيا آهن. سائنسي کوجنائن ۽
ايجادن جي قدر قيمت رڳو انهن جي پنهنجي دور ۾
ٿيندي آهي. هر ڪا نئين ايجاد پراڻيءَ ايجاد کي
منسوخ ڪري ان جي جاءِ وٺي ٿي. مثلاً، نيوٽن
Newton)،
1642ع – 1727ع) جي ’ڪشش ثقل‘ جي نظريي
(Theory of Gravitation)
جي جاءِ، آئن اِسٽائين
Einstein)،
1879ع – 1955ع) جي ’اضافي نظريي‘
(Theory of Relativity)
– اچي سنڀالي. اڻويهين صديءَ ۾ عام خيال هو ته
سڀئي جوهر هڪ ئي قسم جا، ٺوس ۽ لافاني آهن؛ پر
هاڻي ويهين صديءَ جي تحقيقاتن ثابت ڪيو آهي ته
جوهر هڪ ننڍڙو سج آهي، جنهن ۾ بجلي ڀري پيئي آهي.
اهڙيءَ طرح، سائنس جي ايجادن جي حيثيت ڄڻ ته منزل
مقصود تي پهچائڻ واري رستي تي کتل مختلف پٿرن جهڙي
آهي، جيڪي رستي تي هڪٻئي پٺيان ايندا رهن ٿا، ۽
جن کي انسان منزل تائين پهچڻ جي ڌن ۾ اتي ئي
ڇڏيندو اڳي وڌي ويندو آهي. پر، فن پارن جو معاملو
ان جي ابتڙ آهي. اها اهميت جيڪا فن پارا ايندڙ نسل
جي نگاهه ۽ راءِ ۾ رکن ٿا، ۽ اهو اثر جيڪو اهي
انساني روح تي هميشه ڪن ٿا، هر دور ۽ هر زماني ۾
ايترو ئي گهڻو، وڏو ۽ اونهو هوندو آهي، جيترو ان
دور ۾ هو جڏهن اهي وجود ۾ آيا هئا. حقيقت ۾ فن
پارن جي طاقت ۽ انهن جو اثر، وقت جي رفتار سان گڏ
برابر وڌندو رهي ٿو؛ ڇاڪاڻ ته هر ايندڙ نسل انهن
کي اڳي کان بهتر طريقي تي سمجهي سگهي ٿو. مثال
طور ’هومر‘
Homer)،
350 ق . م . ) جي عظيم الشان تحريرن کي اڄ به
انهيءَ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي، جهڙو انهن جي
وجود ۾ اچڻ واري دور ۾ ڏٺو ويندو هو. سچ پڇو ته هڪ
عظيم فن پارو سڀني زمانن جي دولت هوندو آهي، جنهن
کي ماڻهو هميشه پنهنجي ساهه سان سانڍيندا ايندا
آهن.
مشهور فيلسوف افلاطون
Plato)،
427 – 347 ق . م .) فن کي ايتري ته اهميت ڏني هئي،
جو هن کي پنهنجي ”خيالي رياست“
(Utopia)
مان فنڪارن کي ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ جو فيصلو ڪرڻو پيو هو؛
ڇاڪاڻ ته هن جي خيال مطابق فنڪار اهڙن جذبن کي
اٿارين ٿا، جيڪي هوند ستل هجن ته چڱو. مثلاً،
ڪنهن ا ُلميي
(tragedy)
جو هيرو زندگيءَ جي محرومين ۽ ناڪامين تي ڏاڍي
زوردار انداز ۾ اثرائتيون تقريرون ڪري، آه زاري
ڪري ٿو: پر حقيقي زندگيءَ ۾ همت وارا، خود اعتماد
۽ بردبار انسان انهن محرومين ۽ناڪامين جو مقابلو
وڏي صبر، خاموشيءَ ۽ استقلال سان ڪن ٿا. افلاطون
جو هي خيال به هو ته اڪثر فنڪار شين جو هوبهو نقل
ڪن ٿا – گويا فنڪارن جو ڪم ئي نقل ڪرڻ آهي. جڏهن
ڪو مصور ماڻهن ۽ مقامن جي تصوير، ۽ ڪو تمثيل نگار
نظارن ۽ واقعن جي ذري پرزي جو نقشو چٽي ٿو، ته
حقيقت ۾ هو انهن شين جي نقالي ٿو ڪري. تنهنڪري،
افلاطون اهو سوچيو ته فنڪار، مصور ۽ شاعر انساني
روح کي زندگيءَ کي هٽائي، ظاهرداريءَ ۽ بناوت
ڏانهن وٺي وڃن ٿا - ۽ اهڙيءَ طرح، انساني روح کي
اڳتي وڌڻ کان روڪي، وهمن ۽ وسوسن ۾ گرفتار ڪري ٿا
ڇڏين. افلاطون جي هن نظريي جي تشريح جو مقصد هيءُ
آهي ته افلاطون به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انساني
روح تي فن جي تاثير جو قائل هو.
فن جو تاثير
موسيقي .
ڇا، اسين فن جي تاثير بابت ڪجهه چئي سگهون ٿا؟ -
تمام ٿورو. ڇاڪاڻ ته اهو تاثير، مختلف هجڻ سبب،
ڪنهن سمجهه ۾ ايندڙ حدبنديءَ ۾ اچي نٿو سگهي. خاص
ڪري هيءَ ڳالهه عظيم موسيقيءَ جي باري ۾ بلڪل صحيح
آهي. راڳ ڪيترن ئي طريقن سان ٻڌي سگهجي ٿو. اوهين
خيال ۾ ئي آوازن جي درياءَ سان گڏ وهندا ٿا وڃون ۽
ڄڻ ته سجاڳيءَ ۾ خواب ٿا ڏسو. اوهان جو اهو
سجاڳيءَ جو خواب امنگ اٿاريندڙ، سوچ ۾ ٻڏل، ۽ عام
طرح لذت ڏيندڙ ۽ مسرت بخشيندڙ ٿئي ٿو. اهڙيءَ صورت
۾ اوهين خيالن جي هڪ عجيب غريب دنيا ۾ پهچي ٿا
وڃون، جتي اوهين پاڻ کي ڏاڍا نيڪ ۽ شريف محسوس ٿا
ڪريو: مثلاً، ڪٿي اوهين ڪِري پيل انسان کي سهارو
پيا ڏياريندا، ڪٿي گمراهن کي رستو پيا ڏيکاريندا،
ڪڏهن اڪيلي سر دشمن جي گهيري ۾ هوندا، ته ڪڏهن
ڪنهن دوشيزه کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏياريو هوندوَ –
ڄڻ ته اوهان پنهنجي نيڪيءَ جو ثبوت پيش ڪندي موت
جي بستري تي انهن سڀني ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏيو
هوندو، جن جيئري اوهان سان بدسلوڪي ڪئي هئي –
وغيره وغيره. پر ههڙي قسم جا سڀئي جذبا ۽ خيال
جيڪي اوهين خيالن جي عالم ۾ محسوس ڪريو ٿا، بلڪل
اهڙا ئي هوندا آهن، جهڙا روزاني عام حقيقي زندگيءَ
۾ اوهان کي محسوس ٿين ٿا. خيال جي عالم ۾ اهي جذبا
۽ خيال وڌيڪ بزرگ ۽ برتر صورت ۾ اوهان جي ذهن تي
ڇانئجي ٿا وڃن، ۽ اوهين انهن کان گهڻو لطف ۽ خوشي
حاصل ٿا ڪريو. انهن جذبن ۽ خيالن جي احساس جي
تجربي ڪرڻ جي حالت ۾، دراصل، اوهان پنهنجي
اندرينءَ شخصيت جو مشاهدو ڪيو آهي – جيتوڻيڪ اها
اندروني شخصيت اوهان جي حقيقي ۽ ظاهري شخصيت کان
وڌيڪ اعليٰ ۽ بزرگ هوندي آهي. موسيقي انهن جذبن کي
اٿارڻ کانسواءِ هڪ جذبو اهڙو به اڀاري ٿي، جيڪو
پنهنجي سر اڪيلو هوندو آهي. هي اهو جذبو آهي، جيڪو
آوازن جي سـُر تار ۽ ڦير گهير سبب سجاڳ ٿئي ٿو –
(جيئن ته اهو بلڪل اڪيلو ۽ خاص موسيقيءَ سان تعلق
رکندڙ آهي، تنهنڪري اسين ان جي وضاحت لفظن ۾ ڪري
نٿا سگهون؛ ڇاڪاڻ ته ان جو اهو مطلب نڪرندو ته اهو
جذبو ڪنهن ٻئي جذبي جي صورت ۾ تشريح جوڳو آهي ۽
ائين سمجهڻ غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪندو). اسين ايترو
ضرور ڄاڻون ٿا ته اهو جذبو جوش ڏياريندڙ آهي؛ ۽
جڏهن اسين اهڙي انداز سان هڪ دفعو به موسيقيءَ مان
لطف حاصل ڪريون ٿا، ته اسان کي خبر پوي ٿي ته صرف
اهو ئي جذبو، جيڪو خاص موسيقيءَ سان تعلق رکي ٿو،
موسيقيءَ کي پرکڻ جي سلسلي ۾ اهم ۽ قدر لائق هوندو
آهي. اهڙي انداز سان ٻڌل موسيقيءَ جي باري ۾
بهترين وضاحت منهنجي خيال ۾، مشهور روزنامه نگار
سيموئل پيپيز
Samuel Pepys)،
1633ع 1703ع) ڪئي آهي. هو لکي ٿو:
موسيقي مون کي مست ۽ بيخود ڪري ٿي ڇڏي، ۽ منهنجي
روح کي اهڙيءَ طرح وڪوڙي ٿي وڃي جو آءٌ سچ پچ
بيمار ٿيو پوان – بلڪل اهڙو بيمار، جهڙو پهرين به
هڪ ڀيري پنهنجيءَ زال جي محبت ۾ گرفتار ٿي رهي چڪو
آهيان“.
مصوري،
موسيقيءَ جي برعڪس، مصوري پنهنجي ماهيت ۾ ڪنهن
ٻيءَ شيءِ جي وجود جي طلب ڪري ٿي: يعني لازمي طور
ان ۾ ڪنهن نه ڪنهن موضوع- مثلاً شخص، واقعي، نظاري
يا هِندسِي شڪلين – جو اظهار هوندو آهي. تصوير ۾
کڻي موضوع جو عنصر اهم نه به هجي، تڏهن به ان جي
اهميت گهڻي آهي. عام راءِ هيءَ آهي ته تصوير جو
موضوع سمجهڻ جهڙو ۽سڃاڻن جهڙو هئڻ گهرجي. اسان جي
پنهنجي وقت ۾ ڪيترن ئي مصورن انهيءَ عنصر کي بنهه
ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مان موضوع ظاهر ٿئي؛ ۽
هاڻي ته پنهنجين تصويرن ۾ هو رنگي شڪلين ۽ هندسي
خاڪن ۽نمونن جا ميڙ پيش ڪن ٿا، يا اسان جي ڄاتل
سڃاتل شين جي تصوير اهڙي نموني تي ڇڪين ۽ ٺاهين
ٿا، جو انهن جون صورتون ئي ڦريو وڃن. مثلاً،
نارنگيءَ جي ٻوٽن مان يا لاريءَ جي ڇت مان هٿ پيا
ڦـُٽن؛ يا اهڙا پيانا ٺاهيا پيا وڃن، جن جي سـُرن
جي شڪل اکين جهڙي هوندي آهي. عام طرح چيو وڃي ٿو –
هيءَ کڻي ذاتي راءِ آهي، پر صحيح ضرور آهي – ته
اهڙي قسم جي ڪا به تصوير اڄ تائين مقبول ٿي نه
سگهي، بلڪه اڪثر تصويرون فني قدر منزلت جي اعليٰ
معيار تائين به ڪين پهچي سگهيون – البت ان جو
امڪان سو ضرور آهي.
تصوير ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن نه ڪنهن موضوع جو عڪس ورتل
هوندو آهي، پر رڳو موضوع جي هوبهو صورت ٺاهڻ ۾
تصوير جي فني بزرگيءَ جو راز پوشيده ڪو نه ٿو ٿئي.
جيڪڏهن ائين هجي ها، ته رنگين فوٽوءَ کي تصويري فن
جو اعليٰ نمونو سمجهيو وڃي ها؛ ڇاڪاڻ ته، ظاهر
آهي، فوٽوءَ ۾ موضوع جو هوبهو ۽ بلڪل صحيح اظهار
ٿئي ٿو. اهو ٻڌائڻ به مشڪل آهي ته ڪن عظيم ولنديزي
مصورن (مثلاً وَر ميئر
Vermeer،
1632ع – 1675ع) جون تصويرون آخر ڪهڙي لحاظ کان
رنگين فوٽن کان علحديون ٿين ٿيون. ان هوندي به،
انهن ۾ فرق ضرور نظر ايندو. تصويرن ۾ متاثر ڪرڻ جي
زبردست طاقت موجود آهي، ڄڻ ته اهي اسان جي دلين تي
وڃيو قبضو ڪن؛ پر رنگين فوٽن ۾ اهو اثر ڪٿي!
تنهنڪري، ظاهر آهي ته موضوع جي خالص ۽ صحيح اظهار
کانسواءِ
تصوير
۾
ٻيا
جـُزا به موجود
هوندا
آهن.
مثال
طور،
مصور جو
پنهنجي موضوع سان مزاجي يا جذباتي لاڳاپو، يا هيءُ
ته هو نظاري جي ڪهڙي خاص حصي تي گهڻو زور ڏيڻ چاهي
ٿو؛ هو پنهنجي مرضيءَ ۽ پسند مطابق ڪهڙي حصي کي
گهڻو نمايان ڪري ٿو، ڪهڙي حصي کي روشنيءَ ۾ آڻي
ٿو، ۽ ڪهڙي کي اوندهه ۾ ڇڏي ڏئي ٿو؛ يا هن جي اصل
ڪوشش هيءَ ٿئي ٿي ته هو پنهنجيءَ تصوير جي موضوعن
کي اهڙي انداز سان پيش ڪري جو انهن جو اصلي حـُسن
ابديت حاصل ڪري- پوءِکڻي ائين ڪرڻ لاءِ هن کي
انهن سڀني جزوي ڳالهين جي هوبهو عڪاسيءَ کي قربان
ڪرڻو پوي. هي مسئلا ڏاڍا منجهيل ۽ مشڪل آهن، جن تي
آءٌ وڌيڪ بحث ڪرڻ ضرور نٿو سمجهان. آءٌ رڳو هن
حقيقت ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ڪافي سمجهان ٿو ته تصوير ۾
جيتوڻيڪ ڪنهن نه ڪنهن موضوع جو عڪس ورتل هوندو
آهي، پر تصوير ڏسي جيڪا لذت ۽ خوشي محسوس ٿئي ٿي،
ان جو اصلي سبب موضوع جو صحيح ۽ هوبهو عڪاسي نه،
بلڪه تصوير جي هيئت
(form)،
خاڪو، روشني، ۽ رنگن جي خاص ملاوت ۽ ترڪيب آهي.
پهرين ته اها حقيقت واقعي غير اهم پئي لڳندي، پر
انهيءَ جو سچو احساس فقط ان وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن
اسان جين نظرن مان بيشمار تصويرون گذريون هونديون
۽ اسين تصويرن ڏسڻ جا عادي ٿي ويا هونداسين.
پهرئين ڀيري ڪنهن تصوير کي ڏسڻ وقت اسين جاچيندا
آهيون ته ان جو موضوع ڪهڙو آهي ۽ ان ۾ ڪهڙيءَ شي
جي عڪاسي ڪيل آهي، ۽ پوءِ پنهنجي ذوق مطابق ان مان
لطف ۽ خوشي حاصل ڪندا آهيون. اسين تصوير ۾ ڪنهن
قدرتي نظاري يا جنگ جي منظر يا هرڻ جي شڪار کي ڏسي
حيران ٿيون ٿا، ۽ بي اختيار مصور کي داد ڏيون ٿا
ته هن ڪهڙي نه ڪمال ۽ ڪاريگريءَ سان اهو نظارو
تصوير ۾ آندو آهي. تصويرن ڏسڻ ۽ ڏسندي رهڻ جي عادت
جڏهن اسان ۾ گهر ڪري ويندي، تڏهن ئي اسان کي هن
حقيقت جو احساس ٿيندو ته جيتوڻيڪ تصويرون
گهڻي قدر حقيقي
زندگيءَ سان مشابهت رکن ٿيون، ليڪن انهن جو اصل
قدر ۽ قيمت (يعني اها خوبي جيڪا اسان جي جذبن تي
اثر ڪري ٿي) انهن جي حقيقي زندگيءَ سان مشابهه هجڻ
۾ نه آهي.
ادب .
مصوريءَ ۽ موسيقيءَ جي مقابلي ۾، ادب جي طاقت ۽
تاثير تمام زياده آهي. حقيقت ۾ ادب جي رنگينين ۽
دلچسپين جي ڪا به حد مقرر ڪري نٿي سگهجي؛ ڇاڪاڻ ته
ان ۾ انساني تجربي جو سمورو عڪس، ۽ انساني فطرت جي
هر ر ُخ کي پوريءَ طرح ظاهر ٿيڻ جو موقعو ملي ٿو.
جيڪڏهن ادب غنائي شاعريءَ جي صورت ۾ آهي، ته اسان
کي زندگيءَ جي حـُسن مان لطف اندوز ڪرائي ٿو.
ڊرامي، خاص ڪري الميه ڊرامي
(tragedy)،
۾ زندگيءَ جي عظمت ۽ شان شوڪت کي ڏسي، اسان ۾
انسانيت سجاڳ ٿئي ٿي. مزاحي ڊرامو
(comedy)
ڏسي اسين خوش ٿيون ٿا، ۽ ٽهڪن مٿان ٽهڪ ڏيندا ٿا
رهون. وري جيڪڏهن ادب ۾ طنز ۽ مزاح هجي، ته اسين
ماڻهن جي بيوقوفين ۽ ذليل حرڪتن کي ننديون ٿا.
خيالي ادبپارن کي پڙهي اسان جي دلين ۾ پختا ارادا
پيدا ٿين ٿا ته دنيا کي اهڙو بنايو جهڙو ان کي ٿيڻ
گهرجي؛ يا ائين چئجي ته اسان ۾ پنهنجين دلي خواهشن
کي حاصل ڪرڻ جي شديد آرزو ڪَرَ موڙي اٿي ٿي.
اعليٰ ادب جي مطالعي مان جيڪو اثر پيدا ٿئي ٿو ۽
جيڪا خوشي اسان کي ملي ٿي، ان جي باري ۾ ڪيترا ئي
نظريا آهن. مثلاً اهي ماڻهو جيڪي تڪليفن ۽ مصيبتن
۾ پريشان رهندا ٿا اچن ۽ جيڪي پنهنجي ڏک کي وسارڻ
لاءِ وڌيڪ اذيتون سهن ٿا، اهي عظيم اَلمين
(great tragedies)-
جهڙوڪ ”ميڪبيٿ“ يا ”هئمليٽ“ – کي ڏسي ڇو ٿا خوشي
محسوس ڪن، جڏهن انهن المين ۾ رنج ۽ غم بي انداز
آهي، ۽ جڏهن انهن جا ويسڌاري
(characters)
هڪٻئي سان دغا ڪن ٿا، زهر ٿا پيارين، قتل ڪن ٿا، ۽
عام طرح نهايت ڪميڻپ جا طريقا اختيار ٿا ڪن! نيٺ
الميي جا ويسڌاري ڪهڙيءَ طرح، افلاطون جي نظريي
مطابق، پنهنجين بدبختين، شڪستن ۽ ڪمزورين کي وضاحت
سان بيان ڪن ٿا؟ جيڪڏهن روزاني زندگيءَ ۾ اوهان کي
ڪو ڏک پهچي – اوهان کي ڪو ڌڪ لڳي، کڻي اهو ڌڪ
جسماني هجي جهڙوڪ اوهان کي گوڏي ۾ هاڪي لڳي وڃي،
يا اهو ڌڪ نفسياتي هجي جهڙوڪ اوهان جو محبوب اوهان
سان بيوفائي ڪري – ته اوهين انهيءَ ڏک جي بار هلڪي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. انهيءَ ڏک جي بار هلڪي ڪرڻ
لاءِ اوهان کي حقيقي زندگيءَ ۾ اهو سبق سيکاريو
وڃي ٿو ته هر مشڪل کي استقلال، ثابت قدميءَ ۽
مستقل مزاجيءَ سان برداشت ڪريو، ۽ اهو به سمجهايو
وڃي ٿو ته پڇتائڻ مان ڪو به فائدو ڪو نه آهي. پر
الميي ۾ ڏيکاريل زندگيءَ مان جڏهن ماڻهن کي ڏک ۽
تڪليف پهچي ٿي، تڏهن هو ڊگهيون ڊگهيون تقريرون ڪري
پنهنجي دل جو غبار ڇنڊين ٿا؛ هر ڪنهن کي پنهنجي در
جو داستان ٻڌائيندا رهن ٿا، ۽ چون ٿا ته ڪهڙيءَ
طرح هڪ هڪ شي، هڪ هڪ شخص سندن دشمنيءَ ۽ مخالفت تي
ڪمر ڪشي بيٺو آهي. مثلاً، ’هئمليٽ‘ هميشه شڪايتون
ڏيندو ۽ دانهون ڪندو نظر ٿو اچي. اسان کان نه رڳو
اهڙن ڊرامن جي تعريف ۽ تحسين جي توقع رکي ٿي وڃي،
بلڪه اسين سچ پچ انهن جي ساراهه ڪريون ٿا، ۽
’هئمليٽ‘ ۽ ’ميڪبيٿ‘ کي دنيا جي عظيم ترين ڊرامن
مان ڪري ٿا ليکيون.
ڇو؟ ان جو هڪڙو مشهور جواب يوناني فيلسوف ارسطوءَ
ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اسين اسٽيج تي اَلمين
کي ڏسي ان ڪري خوشي محسوس ڪريون ٿا جو اهي اسان جي
جذبي جي وڌيڪ ۽ فالتو شدت کي گهٽائي ڇڏين ٿا. خاص
ڪري، رحم ۽ خوف جي جذبن کي ٻاهر نڪرڻ جو گهَٽ ُ نه
ملي، ته ا ُهي اندر ئي اندر ٽهڪندا ٿا رهن؛ اسين
سڙندا ۽ کامندا ٿا رهون، ۽ آخرڪار اهي جذبا اسان
کي سخت مزاج، چيڙاڪ ۽ بزدل ڪري ٿا ڇڏين. ارسطوءَ
جو خيال آهي ته الميا ڪنهن خوفناڪ واقعي جي چوٽ
کان اسان جي جذبن کي ٺارين ٿا. اهو خوفناڪ واقعو
جيتوڻيڪ سمورو هٿرادو هوندو آهي، پر ناٽڪ نويس
پنهنجي فطري ذهانت ۽ ڪاريگريءَ سان ان ۾ اهڙي
نموني رنگ ڀري ٿو، جو ٿوري وقت لاءِ اهو بلڪل
حقيقي ۽ اصلي پيو معلوم ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح،
الميا جذبن جي وڌيل تيزيءَ کي گهٽائي، ختم ڪري،
اسان جي نفسياتي صحت کي قائم رکڻ لاءِ مددگار ثابت
ٿين ٿا، ۽ انهن جي ڏسڻ کانپوءِ جڏهن اسين واپس
پنهنجي حقيقي زندگيءَ ۾ اچون ٿا، ته اسان ۾ زندگي
گذارڻ جا نوان ا ُمنگ ۽ نيون خواهشون پيدا ٿي وڃن
ٿيون، ۽ اسين پاڻ کي عقلمند، سياڻا ۽ گنڀير معلوم
ڪريون ٿا.
هن نظريي جي موافقت ۾ گهڻو ئي ڪي چئي سگهجي ٿو.
اسين گهڻو ڪري ادب جو مطالعو ان لاءِ ڪندا آهيون
ته ان جي وسيلي ا ُهي ڏورانها تجربا حاصل ٿين،
جيڪي سڌيءَ طرح زندگيءَ مان حاصل ٿي نٿا سگهن.
ڦِڪِي، هڪجهڙي ۽ ٿڪائيندڙ، بنهه عام زندگي
گذاريندڙ ماڻهن کي آخر ڇو ڪنهن حسرتناڪ ۽جاسوسي
ناول جي پڙهڻ مان لطف اچي ٿو؟ انهيءَ لاءِ، ته هنن
جي هنگامي ڪرڻ ۽ ڪنهن وڏي ڪم ڪرڻ جي دٻيل خواهشن
کي انهن ڪارنامن مان راحت ملي ٿي، جيڪي هو ڪتابن ۾
پڙهن ٿا ۽ ناٽڪ جي پردي تي ڏسن ٿا. هيءَ اها خواهش
هئي، جيڪا ماڻهو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ پوري نه ڪري
سگهيا هئا، ۽ جيڪا اڄ تائين دٻي پيئي هئي.
انهيءَ نقطـﮧ خيال کان، ادب ڄڻ ته زندگيءَ کان ڀڄي
وڃڻ جو رستو آهي. پر جيڪڏهن ائين هجي ها، ته هڪ فن
جي حيثيت ۾ اهو ڪڏهن به شاعريءَ، مصوريءَ ۽
موسيقيءَ سان برابري ڪونه ڪري سگهي ها، ۽ نه وري
اهو اسان کي انهن بيحد خوشي بخشيندڙ تجربن سان ئي
نوازي ها، جن سان زندگيءَ جا خزانا ڀريا پيا آهن:
۽ ظاهر آهي ته ان جو تاثير فن جي تاثير کان گهٽ، ۽
ٻين نشي ڏيندڙ شين جي تاثير کان تمام وڌ هوندو
آهي.
هن باري ۾ عام راءِ هيءَ آهي ته اعليٰ ادب زندگيءَ
کان ڀڄي وڃڻ جو رستوڪو نه آهي، پر زندگيءَ جي وسعت
۽ عظمت جو ضامن آهي. جيتريقدر وسعت جو تعلق آهي،
اعليٰ ادب جي مدد سان اسين زندگيءَ کي ڄڻ ته عزت ۽
احترام جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ۽ اهڙيءَ طرح زندگي
اسان کي اڳي کان وڌيڪ دلچسپ ۽ گذارڻ جي قابل معلوم
ٿئي ٿي: جيتريقيدر عظمت جو تعلق آهي، اعليٰ ادب جي
مطالعي کان پوءِ اسين هڪ اهڙيءَ خوبصورت، وڻندڙ ۽
پرڪشش دنيا ۾ پهچي وڃون ٿا، جنهن جو عام زندگيءَ
۾ اسين خيال به ڪري نٿا سگهون. ادب اسان کي
زندگيءَ ۾ نين نين ڳالهين جي خبر ڏئي ٿو، ۽ اسان
کي ان لائق ڪري ٿو جو اسين دنيا ۾ گهڻي دلچسپي،
وڌيڪ جوش خروش ۽ گهڻو حسن ڏسڻ لڳون ٿا، ۽ اسان کي
پنهنجي همدرديءَ جي جذبن جي وسعت ۽خيال جي پرواز
لاءِ موقعو ملي ٿو.
جوانيءَ ۾ اوهان کي پوڙهين عورتن ۾ ڪنهن به قسم جي
دلڪشي نظر نٿي اچي. ڪڏهن شام جي وقت وندر خاطر
انهن سان ملڻ جلڻ ۽ انهن سان گڏ چانهه پيئڻ ۾
اوهان کي ڪو به لطف ڪونه ٿو ملي. مسز گاسڪيل
Mrs. Gaskell)،
1810ع – 1865) جي هڪڙي ڪتاب جو نالو ”ڪرينفورڊ“
(cranford)
آهي، جنهن ۾ اهڙين ٻن پوڙهين ڪنوارين جي آکاڻي
کنيل آهي، جيڪي صديءَ کان هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي ۾
رهنديون هيون. هنن جي عمر گهڻي، ۽ آمدنيءَ جا
وسيلا ٿورا هئا. جيڪڏهن اوهين پوڙهين عورتين سان
ملو جـُلو ٿا، ته هاڻي انهن وٽ وڃڻ کان پهرين اهو
ڪتاب ضرور پڙهو. اوهان کي پاڻمرادو خبر پوندي ته
اوهين انهن سان گهڻي دلچسپ نموني ۾ پيش اچي رهيا
آهيو، ۽ هڪ ڄاتل سڃاتل ماحول ۾ انهن سان ڳالهه
ٻولهه پيا ڪريو. هي رڳو ان ڪري ته هاڻي هو اوهان
کي وڌيڪ مزيدار ۽ مطالعي جي قابل نظر اينديون، ۽
اوهين انهن جي خواهشن ۽ ناڪامين کي گهڻيءَ
همدرديءَ ۽ پيار سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا. اوهان کي
هنن ۾ اهڙيون اهڙيون مفيد ڳالهيون نظر اينديون، جو
اوهين جيڪڏهن مسز گاسڪيل جو ڪتاب نه پڙهو ها ته
اهي ڳالهيون يقيناً اوهان کان لڪل رهن ها.
فرض ڪريو ته اوهين پهريون ڀيرو ڪنهن جي محبت ۾
گرفتار ٿيا آهيو. هاڻي جيڪڏهن اوهان دنيا جي انهن
عظيم ڪهاڻين جو مطالعو ڪيو آهي، جن جو موضوع
”پهرين محبت“ آهي – مثلاً بليَڪ مور
Black Moore)،
1828ع – 1909ع) جي ڪهاڻي ”رچرڊ فيورل
(Richard feural)
– ته اوهين پنهنجي عشق جي جذبن ۽ تجربن کي اڳي کان
وڌيڪ لطيف محسوس ڪندا. هڪ عظيم ناول نگار، پنهنجي
قابليت ۽ هنر سان، ’پهرينءَ محبت،‘ جي حسن ۽
سينگار ۽ رازن ۽ رمزن بابت اهڙين اهڙين ڳالهين سان
اوهان کي واقف ڪرائيندو جو هونئن اوهين پنهنجي سر
ڪڏهين به انهن تائين پهچي ڪين سگهو ها. هتي اهو به
ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته ”لورناڊوني“ جي پڙهڻ مان
اوهين سترهين صديءَ جي انگريزي تاريخ جي اندروني
معاملن مان واقف ٿي سگهو ٿا؛ اوهين مشيني دور کان
اڳ جي بادشاهن جي زبردستين جو صحيح اندازو لڳائي
سگهو ٿا؛ ۽ ڪنهن برفاني طوفان ۾ ٻاهر نڪرڻ وقت دل
تي جيڪي گذري ٿو، ان جو به احساس ڪري سگهو ٿا. آءٌ
ائين ڪونه ٿو چوان ته اوهان ۾ پنهنجي سر انهن شين
جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي ڪا صلاحيت ئي موجود ڪا نه آهي،
پر منهنجي چوڻ جو مطلب فقط هي آهي ته جيڪڏهن اوهين
’بليڪ مور‘ جو ڪتاب پڙهو، ته انهن شين بابت اوهان
جي تنقيد يا تحسين يا قدرداني اڳي کان وڌيڪ لطيف ۽
گهڻو بلند ٿي ويندي.
آءٌ سمجهان ٿو ته اوهان کي ان عورت جي جذبن سان ڪا
به دلچسپي ڪا نه هوندي، جيڪا پنهنجي مڙس کي ڇڏي
عاشقن سان ڀڄي ويئي هجي، ۽ جنهن کي انهيءَ ڏوهه جي
سزا ۾ سماج ڌڪاري ڇڏيو هجي. پر جڏهن عظيم ناول
نگار ٽالسٽاءِ پنهنجي هڪ ناول ”اينا ڪرينينا“
(Anna Karenina)
۾ ڏاڍيءَ هنرمنديءَ سان انهن جذبن کي بيان ڪري ٿو،
ته اهي جذبا اهڙا حقيقي، سچا ۽ پـُردرد ٿي ٿا پون،
جو آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته انهيءَ آکاڻيءَ جو
ڊرامائي انداز سخت کان سخت دل واري انسان کي به
ڏڪائي ڇڏيندو. پنهنجي ٻئي ناول، ”جنگ ۽ امن“
(War and Peace)،
۾ ٽالسٽاءِ اهڙيءَ اڻو سرندڙ فڪري اونهائيءَ ۽
اهڙي باريڪ بينيءَ سان فوجي زندگيءَ ۽ ان جي ذري
پرزي جي تصوير ڪڍي ٿو، جو اوهين ائين سمجهندا ته
اهي سڀئي تجربا جيڪي جنگ ۾ هڪ سپاهيءَ کي پيش اچن
ٿا، ڄڻ سچ پچ اوهان تي ٿي گذريا آهن هن جي خواهشن
۽ تمنائن کان اوهان جي دل متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي
ڪين سگهندي؛ بهادريءَ ۽ همت جي ميدان ۾ اوهين هن
جو ساٿي ڏيو ٿا، ۽ خوف ۽ اذيت جا زبردست حملا
اوهان تي به ٿيڻ لڳن ٿا.
آءٌ خود پنهنجو مثال به پيش ڪندس. مون کي ڳوٺاڻي
زندگي ڏاڍي پسند هوندي آهي؛ خاص طرح ڳوٺ جي ٻنين
ٻارن مان گذرندي هڪ قسم جو عجيب لطف محسوس ڪندو
آهيان. پر، تڏهن به، ڳوٺاڻين شين بابت البت گهٽ
ڄاڻ هوندي اٿم. ڪيترن ئي وڻن، ۽ ٻوٽن ۽ پکين کي
ڏٺو ته ضرور اٿم، پر انهن جي نالن مان واقف ڪو نه
آهيان. ڪي ٿورا پکي آهن، جن کي آءٌ انهن جي آوازن
مان سڃاڻان ٿو. تنهنڪري، جڏهن به ڳوٺ ۾ وڃي گهڻي
وقت تائين رهڻ ۽ اتي جي ٻنين ٻارن مان گذرڻ جو
موقعو ملندو اٿم، تڏهن آءٌ پهرين ڪنهن وڏي انگريز
اديب – مثلاَ هڊسن
Hudson)،
1841 – 1922ع) يا هارڊي
Thomas Hardy)،
1841 – 1928ع) وغيره – جي ڪنهن ڪتاب کي ضرور
پڙهندو آهيان. هارڊي رڳو اهو نٿو ٻڌائي ته قدرت
پنهنجن رنگين ڪمن ۾ مصروف آهي، بلڪ هو ڏاڍي
خوبصورت انداز ۾، قدرت جي هر هڪ ڪم جو مڪمل جائزو
وٺندي، ٻڌائي ٿو،... مثلاً، ته اوهين ڪهڙيءَ طرح
رات جو اهو اندازو ڪري سگهو ٿا ته جڏهن هوا لڳي ٿي
ته ڪهڙي قسم جو گاهه کليل ميدان کي هوا جي آواز
کان محفوظ رکي سگهي ٿو. يا، مثلاً، اسين ته رڳو
ايترو چونداسين ته ’ٽيس‘ جولاءِ ۾ پنهنجو عاشق سان
ملڻ لاءِ هڪڙي قدرتي باغ جي پٺيان لنگهي ويئي هئي؛
پر هارڊي اها ڳالهه هن طرح بيان ڪري ٿو:
” – هوءَ بنهه ٻليءَ وانگر لڪي لڪي وڻن ۽ ٻوٽن جي
جهڳٽن مان ٿي گذري. سندس پيرن هيٺان سپيون ڀَڄي
ڀـُري ٿي پيون. سندس چولي تي هر هنڌ هينئن جي گِگن
جا چٽا ٿِي ٿي پيا. هن جا هٿ ڪڏهن ڪَنڊائن ٻوٽن جي
کير سان ڀرجي ٿي ويا، ۽ڪڏهن نرم نرم گپ ۾ آلا ٿي
ويا ٿي. هن هر هر پنهنجن اگهاڙن ڪلهن تي لڳل
لڳلڳدار چٽن کي اگهيو ٿي، جيڪي صوف جي وڻن جي شاخن
تي ته برف جهڙا بلڪل اڇا هئا، پر سندس جسم تي لڳي
ڳاڙها جهڙا رَت ٿي نظر آيا....“
ههڙي قسم جون لکڻيون اوهان جون اکيون کوليو ڇڏين
انهيءَ لاءِ ته قدرت جو مشاهدو ڪري، ان جو ذرو
پرزو ڏسي وائسي، ان جي خزائن مان گهڻوئي ڪجهه حاصل
ڪريو، ۽ پنهنجي وڻندڙ شغل – يا عشق – جي لاءِ
ايتري وسعت ڏسي سگهو، جيڪا قدرت جي مطالعي کان
سواءِ ناممڪن هئي.
ادب جو تاثير پنهنجين رنگينين ۽ طرح طرح جي هجڻ
ڪري لامحدود آهي، پر ان جو سڀ کان اهم ۽ قابل ذڪر
تاثير آهي ’ادب جي حيرت انگيزي‘. هيءَ اها طاقت
آهي، جيڪا اوهان جي سـُونجهه ۽ حيرانيءَ کي سجاڳ
ڪري ٿي. پرين ۽ جنن ڀوتن جا قصا اجهو هيئن شروع
ٿيندا هئا – ’هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، ......“؛ يا
ڪنهن ڏڪائيندڙ ۽ جاسوسي آکاڻيءَ جي شروعات هيئن
ٿئي ٿي – ’سياري جي شام هئي، پنج لڳا هئا، ۽ ڏيئڻ
ٻرڻ جو وقت هو...‘ جيڪڏهن آکاڻي چڱي آهي، ته مجال
آهي جو اوهين ڪتاب مان مـُنهن ڪڍي سگهو؛ ۽ دنيا
جهان کان بيخبر، ڏاڍي غور سان ڪتاب آخري صفحي
تائين پڙهي ويندا، رڳو ان لاءِ ته اوهين اهو معلوم
ڪرڻ گهرو ٿا ته ’اڳتي ڇا ٿيو؟‘ هتي آکاڻيءَ جي
پلاٽ جي اهميت بابت آءٌ اهو ضرور ٻڌائيندس ته
داستان گوئيءَ جي ڪاميابيءَ جو دارومدار گهڻو ڪري
پلاٽ جي عمدگيءَ تي هوندو آهي. پلاٽ کان پوءِ
ويسڌاري آهن. ناول نگار، ماڻهن جي هڪ ننڍڙي دنيا
پيدا ڪندو آهي. انهن ماڻهن جا هڪٻئي لاءِ جذبا، ۽
انهن جذبن جو هڪٻئي تي جنهن انداز سان رد عمل
ٿيندو آهي، ناول نگار پنهنجيءَ تخليق ۾ ڄڻ ته انهن
جو نقش چٽي ٿو. روزاني زندگيءَ ۾ ماڻهو ننڍين
ننڍين بيشمار ڳالهين تي هڪٻئي سان رسن ٿا ۽ پنهنجا
واڳاپا ٽوڙيو ڇڏين: مثلاً هيئن ٿئي ٿو جو اوهين
پنهنجيءَ زال کي ڌڪارڻ لڳو ٿا، ڇاڪاڻ ته هن جو نڪ
ڦِٿل آهي؛ يا اوهان جي دل ۾ ان شخص لاءِ عزت پيدا
ٿئي ٿي، جنهن کي اوهين هميشه نفرت جي نگاهه سان
ڏسندا هئا، ۽ اوهان جي دل ۾ پيدا ٿيل عزت فقط هن
معمولي ڳالهه سببان آهي جو اوهان شطرنج جي راند ۾
هن کي شڪست ڏني آهي! پر ناول ۾ اوهان کي ماڻهو جا
لاڳاپا، هنن جي سڀني ننڍين ننڍين ڳالهين سميت،
سچائيءَ ۽ خلوص سان ڀرپور نظر ايندا. ڦِينو نڪ،
شطرنج جي راند ۾ اوهان جي فتح، ۽ اهڙي قسم جا ٻيا
به ڪيترا ئي ننڍڙا ننڍرا واقعا، ناول جي صفحن ۾
ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا – ڄڻ ته هڪ پوري دنيا اوهان
جي نظرن اڳيان موجود آهي.
اعليٰ ادب ۾ هڪ قسم جو جادو آهي، جيڪو پنهنجن
سمورن اسرارن سميت اسان جي دل کي وڪوڙي وڃي ٿو.
هيءُ اهڙو جادو آهي، جنهن جو اثر لفظن جي قيد ۾
اهڙيءَ طرح نٿو اچي سگهي، جهڙيءَ طرح حسن لاءِ
اسان جو جذبو لفظن جي قيد کان آزاد رهندو آهي - ۽
شايد جنهن لاءِ اسان جو جذبو ويس بدلائي، انهيءَ
جادوءَ جي روپ ۾، اسان جي دل ۾ لڪي ويهي رهي ٿو.
شاعر ٿامس گري
(Thomas Gray)
چوي ٿو:
`The curfew tolls the knell of parting day,
The lowing herd winds slowly o’er lea,
The plowman homeward plods his weary way,
And leaves the world to darkness and to me`
هتي ڳوٺ جي ڪنهن وڻندڙ نظاري جو سنئون سڌو بيان ڪو
نه آهي؛ ۽ نه وري اسين اهو معلوم ڪرڻ چاهيون ٿا
ته هن ويرانيءَ ۾، جتي رڳو شاعر ۽ اونداهه رهجي
ويئي آهي، شاعر ڇا ڪندو؟ هن بند ۾ شاعر اسان کي هڪ
اهڙي هنڌ وڃي ٿو ڇڏي جو اسان ۾ گهڻو ڪي ڄاڻڻ جي
خواهش پيدا ٿي ويئي آهي. هن هڪ اهڙو جادو ويهي
رچيو آهي، جنهن جون ننڍڙيون ننڍڙيون لهرون پڙهندڙ
کي پنهنجي سموري جسم ۾ اڀرنديون محسوس ٿين ٿيون.
حقيقت ۾، ادب جي مطالعي مان حاصل ٿيندڙ طرح طرح ۽
بي انداز خوشين جي باري ۾ هيءُ تبصرو به ناڪافي
بلڪه بنهه ٿورو آهي. سچ پڇو ته هڪ سٺو ڪتاب اهڙو
بهترين ۽ مخلص دوست آهي، جيڪو سڄي زندگي ماڻهوءَ
جو ساٿ ڏئي ٿو. |