’تنوير‘ عباسي
پيارَ پـُڪاريو
جيئڻ ڏاڍو اَوکو آهي، ڏينهن ڏکيا ۽ راتيون روڳي،
تنهنجو نانءُ وٺي ٿا گهاريون، مَن مـُرڪي ڪا هيءَ
دل موڳي!
هڪڙي ڍڪ پاڻيءَ جي خاطر رڻ جا رولا سر تي کنياسين،
امرت جي هڪ ڍڪ جي خاطر زهر جا ڪئي پيالا پيتاسين.
پيار سهاري، نفرت لائق جَڳَ سان ناتا ڪين ڇناسين،
سونهن سهاري، ڪَرڀَ ڀرئي هن جڳ کي ڪيئي گيت
ڏناسين.
منهن موڙي، سڀ ناتا ٽوڙي، وياسين پئي جيئن موت جي
ڏيري،
سونهن ڪيو سڏ، پيارَ پڪاريو، موٽي آياسين منهن
ڦيري!
سروپچندر ’شاد‘
اُلجهن
نيري ا ُڀ ۾ گدلا بادل ائين ٿا ڊوڙن، ڄڻ ڪي
ڇوريون،
گهڙا مَٿن تي کڻي ٽِلن ٿيون، ٽهڪ لڳائي؛
جوڀن جي پي سـُرڪي قـُدرت ائين ٿي جهومي،
ڳوٺاڻي ڪا نينگر پيئي ڄڻ ’ڏهوڪو‘ ڳائي!
سينو تاڻي، ڇال لڳائي جو وڄ ٽهڪي،
سانوڻ جي بيتاب جگر جا ڦٽ ا ُٿلن ٿا؛
مُنهنجيءَ ماٺ ۽ ويران دل ۾ تنهنجي ياد جا،
گيتن کان به وڌ پيارا سپنا جاڳن ٿا.
ڪنهن ناڪاره عاشق جان، منهنجو اوجاڳو،
تـُنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺو راتيون جاڳي:
آءُ وڇوڙي جو تون، مٺڙا، دريا جهاڳي.
تون مـُنهنجن سپنن جي آهين جان، او سائين!
توبِن منهنجا گيت، او سائين، چريا ٿيندا:
تو بن منهنجا سپنا ڦٿڪي ڦٿڪي مرندا!
ا ُهي سونهري سپنا جنهن ۾ مون، او سائين،
توکي دل جي سـُڃ ۾ کنڀيءَ جان کِڙندي ڏٺو آ؛
توکي تارن جان کِلندي، اک ڀڃندي ڏٺو آ؛
توکي جهنگ جي هرڻيءَ وانگي ٽِلندي ڏٺو آ.
توکي ڦـُٽين جان ڀاڪر ۾ کلندي ڏٺو آ؛
توکي بيخود ٿي پوپٽ جان چـُمندي ڏٺو آ؛
تُنهنجن ر ُخسارن تي پـُسي کي ٽِڙندي ڏٺو آ؛
مـُنهنجا هي سپنا ئي ته مـُنهنجي دولت آهن،
مـُنهنجي حياتي آهن، مـُنهنجي ملڪيت آهن!
سپنن کان سواءِ هڪ شاعر وٽ ٻيو ڇا هوندو؟
سپنا مون کان جي وڇڙيا، منهنجو ڇا ٿيندو؟
سپنن کانسواءِ آءٌ ته جيئرو رهي نه سگهندس،
مون کي حياتي گهرجي، سپنا گهرجن، سائين!
تون به نه گهرجين، چَين نه گهرجي، ڪجهه نه گهرجي،
سپننن کان سواءِ آءٌ ته جيئرو رهي نه سگهندس!
’ذوالفقار‘ راشدي
ڳوٺاڻي نينگر
جوانيءَ جي ڄڻ بارش ٿئي ٿي، چهري تي ڄڻ نـُور وسي
ٿو،
ڪوٺاريءَ ۾ سون ُ ڳري ڄڻ منهن تي قطرن وانگي ڳڙي
ٿو،
پاڪ مٽيءَ ۾ شبنم آهي، جنهن مان ٽيپو ٽيپو ڪِري
ٿو،
مـُکڙي کي گل وانگي چمي ٿو، زلفن کي شاخن جيان
ڌوئي ٿو-
چٽسالين سان چٽيل گا گهر مان جو ٽمي ٿو پاڻي!
رُت مستاني جوڀن تي آ، گيت رسيلا ڳائي،
هن اربيلي دوشيزه جي آنچل جيئن لهرائي،
ترش نگاهن جي تيزي ٿِي جوانن جي دل کائي،
فتنه خرامي، فتنه ادائي، زاهد کي هرکائي:
جذبن جي هڪ دنيا دل ۾ قيامت جيان ساماڻي.
قد و قامت توڻي دل ۾ مضبوطي آ، مضبوطي،
هٿ ۾ لاليون به نه آهن، آڱر ناهه مخروطي،
بخمل بوسڪي ڪينڪي پائي، ڦاٽل پائي پوتي،
باغيچن جي بلبل ناهي، کيتن جي آ طوطي:
پوءِ به راڻين جي آ راڻي، نينگر آ ڳوٺاڻي!
مون کي ههڙي معصومه جي عصمت پياري آهي،
محترمه جي شوخ نگهه جي غيرت پياري آهي،
پاڪيزه جي پاڪ هٿن جي محنت پياري آهي،
مون کي هن جي پيار جِي، ساٿي! دولت پياري آهي:
راڄ – ڌياڻي ناهه ته ڇا ٿيو، دل جي آهه ڌياڻي!
(2)
دعوت نگاه
لباس حسين عه مان هي خوشبو اچي ٿي،
ڪ عطرن عنبيرن جي بارش وسي ٿي،
گلابي نگاهن جي پلڪن مان گويا،
ندي باده ڪهنه جِي لهريون هڻي ٿي:
ڪ دنيا و عقبيٰ رڳو رنگ و بو آ،
ڏسان ٿو ته سامهون ڪائي خوبرو آ.
هو مُکڙين جي سَرتِي، هو غنچن جي جيڏي،
مشابهه آ صبحِ بهاران سان ڪيڏي!
ذري جيتري هو سبڪبار سهڻي،
وڌي ٿي نگاهن جي آڏو آ ايڏي:
هو راتين جي ڀرپور چانڊوڪي چئجي،
ڪ شامن جي نوخيز نوراني سڏجي!
هو نازن ڀري ناز جي آ نپايل،
بهشتِ برين جي فضائن ۾ پاليل؛
ستارن جي جهولين ۾ جهُوٽي ٿي جائِي،
ڪنول جيان محبت جي سمنڊن جي سانڍيل:
ڏٺم نـُور ُ نرمل جي شيرين جبين تي،
ڪئين چنڊ مـُرڪن ٿا چهرهء حسين ٿي.
هو جنت جي حورن جي ثاني آ، جائي!
حسينن جو سـُنهن، ليڪ فاني آ، جائي!
هو سيمينء بدن، ماه پيڪر جواني،
پَري ناهه ته حسن زماني آ، جائي!
دلاويز سپنن جي دنيا جي راڻي،
بسنتن بهارن جي آهي ڌياڻي!
هو خالق جي خوبين جي تفسير آهي،
ڪ آذر جي خوابن جو تعبير آهي،
ڪه آتشڪده جو آهي سرخ شعلو،
خليِلي گلستان جي تصوير آهي:
دلين جي دنيائن جي تنوير، جنهن سان،
ٿين سرخرو يعني دلگير جنهن سان.
پريان مـﮧ جبين سا ڏسي پئي چتائي،
پيارڻ گهُري ٿي اڃايل، الائي!
سڏي پئي، چوي پئي، ڪائي حور مون کي،
شرابي، هلي آ هتي سر سهائي:
اسان ٿا ميء ارغواني وراهيون،
هلي آ ته توکي اکين سان پياريون!
’درد‘ دريشاڻي
هڪ قصو
رات جي نيِري چـُپ ۾ اڪثر،
پنهنجي نازڪ نازڪ هٿ سان
دل جي ٽاريءَ تان پنَ غَم جا،
ڇڻ – ڇڻ ڪرندا آهن هيٺ، |
دل جي ٽاريءَ کي ڪو ڌيري
لوڏيندو آ شرمائيندي.
پِيلا پيِلا وهه جا ڳنڍڙا،
مون کي بنائي سـُک جو سيٺ! |
مخدوم محمد امين، ’فهيم‘
نئون سال، نئون نينهن
نوان ڏينهن ر اتيون، نيون روشنايون
نوان باغ بنگلا، هي بستيون ۽ جايون، |
نوان شعر ڪافيون، نوان بيت وايون،
نئين سال ۾ سڀ نيون بڻجي آيون: |
پرين، هو پُراڻيون ڇڏي ڏي جدايون،
نئين سال ۾ اچ، نئون نينهن لايون!
نوان گل چمن ۾، نئون رنگ وبو آ،
نئين سال جي اڄ خوشي سـُو بسـُو آ، |
صنوبر، سمن، موتيو سرخرو آ،
مگر مون کي تنهنجي اڃا آرزو آ: |
وري پاڻ گڏجي خوشي ڪا ملهايون،
نئين سان ۾ اچ نئون نينهن لايون.
خوشيءَ مان وڻن سبز پوشاڪ پاتي،
مان پايان ٿو تو لاءِ جهاتيءَ تي جهاتي، |
گلن ساڻ بلبل ملائي ٿي ڇاتي،
نه معلوم تو آهي ڇو دير لاتي: |
سگهو آ ته بلبل ۽ گل کي سِڪايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
اسين ڪشوَرِ دل جا سلطان آهيون،
چون ٿا جهان وارا، نادان آهيون، |
نه ٻئي مال و دولت جا خواهان آهيون،
محبت ڪريون ٿا جو انسان آهيون: |
غريبيءَ اميريءَ جا ويڇا وڃايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
هجون پاڻ گڏ زندگيءَ جي سفر ۾،
اگر آهيون بيڪار ڪنهن جي نظر ۾، |
فضا ۾، بيابان ۾، ۽ بحر و بر ۾،
ٿئي ڪو نه ڪو عيب ٿو هر بشر ۾: |
سڀن ۾ ٿين ٿيون بـُرايون ڀلايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
وئي مون کان اڄ اوچتو آه نڪري،
گهڙي ڌار توکان گذارڻ نه سـُٿري، |
مان ڀانيان ٿو توکي ويو آهيان وسري،
سڄڻ، هي به سڪندي ئي ويو سال گذري: |
حياتيءَ جون گهڙيون وڃن ٿيون اجايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
نهاريو مون شام و سحر، تون نه آئين،
اڃا تائين مون کي نظر تون نه آئين، |
قمر آيو، رشڪِ قمر، تون نه آئين،
ٻيا سڀ اچي ويا، مگر تون نه آئين: |
مٺا، آءُ موٽي، ڪري لک ڀلايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
ستارن ۽ شمس و قمر کان لِڪي آ،
لڪي آءُ، جن و بشر کان لڪي آ، |
فلڪ کان ۽ شام و سحر کان لڪي آ،
سڄڻ، تون سڀن جي نظر کان لڪي آ: |
نه ڪنهن کي ٻڌايون، ته ڪنهن کي سڻايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
نئين آئي موسم، نوان ٿيا نظارا،
جدائيءَ ۾ مون تان کِلن ٿا ستارا، |
نئون چنڊ نڪتو، نوان ڏئي اشارا،
خدارا وري آءُ، پرديس وارا! |
ڪري درگذر اچ ڪچايون ڦڪايون،
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
ڀلا ڇو سڄڻ ويٺين وعدا وساري،
’فهيم‘ آهي تنهنجي ئي سـُهڻل سَهاري، |
هي عاشق اڃا ويٺو راهون نهاري،
پرين، جيڪڏهن تون اچين قول پاري، |
ته لوڪان لڪي پاڻ محفل مچايون –
نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.
]4/1959ع[
’برده‘ سنڌي
سنڌو ڌارا
هِن ميدان جي ماءُ پياري! هردم تنهنجا سبز ڪنارا،
تنهنجي دم سان نام وطن جو، دائم ديس جا محل منارا؛
نرمل نرمل، پيارا پيارا، تنهنجا مٺڙا خوب نظارا:
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
هري پري ٿي سنڌ جي وادي، روُپ ر ُپي کان تو آ
ورتو؛
هن ديويءَ جي مانگهه بنئين تون، تڏهن نه هن سان
وَرُ آ پرتو؛
تنهنجا پکڙيل وارا پيارا، بڻجي پيا سي نهرون نارا:
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
تنهنجيءَ موج کي مالڪ بخشيو آهي اوج ازل کان،
سنڌو!
تنهنجي موج خوشين جي خالق، پڇ تون منهنجي دل کان،
سنڌو!
تنهنجين ڇولين منجهه ڇـُلن پيا، مـُرڪن چمڪن چنڊ
ستارا:
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
ڪَرَ موڙيندي، بند ٽوڙيندي، ڀاڳ سهاڳ اسان لئه
آڻين؛
سنڌ جي سونهن جي ضامن آهين، جئين شال جواني ماڻين!
تنهنجين موجن مهر ڀرين ۾ آهن ڪيئي لڪل سهارا:
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
تنهنجي صدقي ڪوجهيون ڪاريون مهندي ڪجل مـُساڳ
هنڊائن؛
گهوٽي لونگ ڪپور لڱن کي لائن، پنهنجو روُپ وڌائِن؛
وَرَ جي ڀر ۾ ويهي مـُرڪن، سـُهج منجهان ڪن مست
اِشارا:
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
لـُڙهي سڄڻ لهوارا تو ۾ ريِت پريت نباهيندا پيا؛
هيِر ۽ سيِر سنڌوءَ جي گڏجي، گيت پيارا، ڳائيندا
پيا؛
موٽي ماڳ مسافر ايندا، تري تري سي تار اوڀارا:
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
اچي اسان جا عيب اوڻايون تنهنجي پوتر پاڻيءَ ڏوتا؛
سِڪ جي سـُرڪ پياري، تو سڀ ديسي هڪ لُڙهيءَ ۾
پوتا؛
جيڏا سَرتا پاڻ ۾ پَرتا، وجهي ڳراٽيون، ’بردي‘
پارا؛
سنڌو ڌارا، سنڌو ڌارا!
سي حرفي
مير محمد جويو ’ميرل‘
الف
– اسا ڏي اڱڻ آوين، دلڙي ٿيوي شاد ساڏي؛
دک درد سمورا دوُر ٿيوي، ايهه بستي ٿيوي آباد
ساڏي؛
شب روز تيڪون پئي ياد ڪرون، شل تيڪون ڀي آوي ياد
ساڏي؛
ڪو قياس پووئي، من ڪرم ڪرين، ايجها اثر ڪري فرياد
ساڏي؛
’ميرل‘ آکي، محب ماهِي هـُڻ آڪي ڪرو امداد ساڏي.
ب
– بس ڀورل آوين تون، تان لک دفعي بسم الله آ کان؛
ايوين آکان آيا عربي، آيا آپ الله آکان؛
تيڪون ڏوهه ثواب سموري کول ڪي اپني گناهه آکان؛
بخشين بديان ماهِي ميڏيان، پردا پاند پناهه آکان؛
تئين نال حال اندر دا، ’ميرل‘، چاڪي نرم نگاهه
آکان.
ت
– تـُسان ڪنون حال ڳـُجها هـُڻ نهين اسا ڏي دل دا،
سڄڻ؛
وچ ته جُدائي جانب تيڏي، جسم پيا هي جَلدا، سڄڻ؛
طعني مهڻي ماڻهو ڏيندي، لوڪ بيگانا کِلدا، سڄڻ؛
’ميرل‘ ٻاجهون ماهي تيڏي چارا نه ڪو ئي چَلدا،
سڄڻ،
بهشت اهو مَين دوزخ آکان، بهشت جنهين تون نه
مَلدا، سڄڻ.
ث
– ثواب سموري ڏي ڪر، گناهه لوڪان دي گِهن ٻَهان؛
ڌن دولت سڀ ڏي ڪر تين، گهِن پيار تيڏي دا ڌن
ٻَهان؛
وحدت واڙ وجود اندر گهَت، ٻيائي ڪون مئين ٻَن
ٻَهان؛
ٻئي در ديکڻ ڇوڙ ڏيوان، بس پڪڙ تيڏي دامَن ٻَهان،
دامن دست پڪڙ ڪي، ’ميرل‘، ماهي هڪڙا مَن ٻَهان.
ج
– جشن ٿيان، عيدان ٿي ڳيان، دلبر دي ديدار ڪنون؛
آئي عاشق جٿون ڪٿون دي اٿي، روز الست اِقرار ڪنون؛
مخمور ٿئي اڄ مئيخاني، محبت دي ميخوار ڪنون؛
عاشق نال عقيدت ٻيٺي، سوال ڪرن سردار ڪنون؛
واه جو جانب جواب ڏتا، ’ميرل‘، محبت پيار ڪنون.
ح
– حقيقي حال دي وچ بيچين هو وان بيحال هو وان؛
ٻاجهون خيال ماهي دي، مَئين ٻئي خيال ڪنون بيخيال
هو وان؛
ر ُخسار رسيلي ا ُنهدي هو وان، ا ُنهدي خطڙي خال
هو وان؛
هار هو وان چا ڳچيءَ چاوي، ا ُنهدي دلَبڙي لعل هو
هو وان؛
’ميرل‘، اهڙي مهرباني جي ٿيوي ته هردم نال هو وان.
خ
– خودي دا خيال ڇوڙيوسي، نام ساڏا بدنام ٿيا؛
مشهور اساڏي محبت دا افسانا يارو عام ٿيا؛
ورد زبان تين وجود اندر بس ’ماهي‘ مٺڙا نام ٿيا؛
غير ڪنون دل دور ڪيتوسي، غير ساڏا هي غلام ٿيا؛
نينهن والي جو نماز پڙهيوسي، ’ميرل‘، عشق امام
ٿيا.
د
– اسان ڪون دوزخ دي ڪيون ملان دڙڪي ڏيندي هِن؛
’دوزخ دڙڪا، بهشت دلاسا‘، ڪيون پئي عمر وڃيندي
هِن؛
مونين وار، مسيت اندر ڪيون مـُصلي نرڙ گسيندي هِن؛
نيت صاف مرادان حاصل، اهڙا نيهن نه نڀيندي هِن؛
جنت جاون ’ميرل‘ سي ئي، ماهي ڪون جي مَنيندي هِن.
ذ
- ذڪر دا ذوق اسان ڪون رڳ رڳ دي وچ رَچ ڳيا؛
مَچ مجازي محبت والا من دي اندر مَچ ڳيا؛
سِينا صاف شفاف هئا، غير اندر دا گچ ڳيا؛
ماهي من وچ ماڻيا جنهن، سو بد راهي ڪنون بَچ ڳيا؛
’ميرل‘، اڄڪلهه ڪوڙ دي بازي، صافگوئي تين سچ ڳيا.
ر
- رهان بيچين ڀورل ڪو، چين نهين دن رين ڏونهين؛
سوز نراقان ساڙ سَٽيا، پئي آب هَريندي نين ڏونهين؛
تَڪ تَڪ راهان سهڻل تيڏيان، نين ته ٿڪ ٿڪ پئين
ڏونهين؛
واجهاوَن سي ول ول اکيان، مول نه ٿڪن عين ڏونهين؛
هو وي جي وس ’ميرل‘ دي، قربان ڪري ڪونين ڏونهين.
ز
– زوراور زلفان دي واه پيچ و خم تي ونگ ويکو؛
ونگان دي وچ واه عجائب ڍولڻ رکيندا ڍنگ ويکو؛
ڍنگ بڻيا جو ونگ اُتون، تنهن ونگ دي رنگ دا انگ
ويکو؛
آيا جيڪو زود زلف دي، کاڌي ويندا ڏنگ ويکو؛
’ميرل‘، ڏنگ محبت کاڪر، ماهي هڪڙا منگ ويکو!
س
- سَرو قد سهڻل دا، تي ڏند موتي مرجان هئا؛
صورت ويک ڪي يار سڄڻ دي، يوسف ڀي حيران هئا؛
تاري ڪَتيان تابع رهيان، شمس قمر پشيمان هئا؛
حوران پَريان هوش وڃايا، مَلڪ مڙئي مستان هئا؛
’ميرل‘، ڪيا مذڪور ڪران جو شاهد آپ قرآن هئا.
ش
– شمع داشان ويکو جو پتنگ اٿُان خود آون پئي؛
آون آون، نال خوشي دي جندڙي جان جَلاون پئي؛
سانگا سردا لاهه سراسر، سورهيه نام سڏاون پئي؛
”موتو قبل آنت موتو“، اهڙي راند رچاون پئي؛
’ميرل‘، حج اڪبر انهان، جي لنؤن ماهي نال لاون
پئي.
ص
- صبر دستور عـُشاقان، صاف صداقت ڄاڻ، ميان؛
مذڪور ڪرڻ بس ماهي دا، اِهيا عين عبادت ڄاڻ، ميان؛
ڏور ڏ ُکاندي ڏور پيا سا اهڙي سعادت ڄاڻ، ميان؛
”اِن الله مَع الصابِرين“، اهڙي عنايت ڄاڻ، ميان؛
صبر شڪر منظور ڪرڻ دي ’ميرل‘ هدايت ڄاڻ، ميان.
ض
– ضمير شرير ضدي ڪون وچ سختيان دي ساڙ، ادا؛
زيران زبران پيشان دي وچ اکر حقيقي آڙ، ادا؛
شدان، مدان، جَزمان، نقطي، وچ وجود دي واڙ، ادا؛
تَن ڪون تسبيح مَن ڪون مڻيا، اهيو طريقا تاڙ، ادا؛
’ميرل‘، پِڇي تيڏي مَٿون ماهي ڪري ڪا ماڙ، ادا.
ط
– طلب طريقت والي ترڪ سوا ته شريعت دي؛
حاصل حج حرمين ٿيندي، جي حال ڄاڻو ته حقيقت دي؛
مجاز ماهي دي موجان دي وچ نيڙي گهر معرفت دي؛
لڳا واءُ وصال والا تين ڪِر پئي ڪوٽ ڪثرت دي؛
من اندر اڄ واه جو، ’ميرل‘، وڳي نغاري وحدت دي!
ظ
– ظاهر توڙي باطن، ماهي مَين مهتاب لکان؛
ساراهه لکان ڪيا سهڻل دي، ڪيا شان اُنهندا تين
شتاب لکان؛
ڏکڙي ڏيوڻ سـُکڙي سمجهان ڪيهي آنهندي عذاب لکان؛
معاف جو ٿي ڳيان مديان ميڏيان، ڪيهي ڏوهه ثواب
لکان؛
جنهن دم ملدا نال ’ميرل‘ دي، ڪيها اُنهندا حجاب
لکان!
ع
– عنايت سمجهان مَين، جي ڀورل ڀَر نل ٻلهاوي چا؛
شفقت محبت نال او سهڻا سائين ڀاڪر پاوي چا؛
ٻهڳڻ ٻولي، چَپڙي چولي، الفت نال الاوي چا؛
جام محبت دا گر ميڪون پيار دي نال پلاوي چا؛
چشم ذرا چا مٺڙا ماهي، ’ميرل‘ نال ملاوي چا.
غ
– غرور تڪبر ميڏا، هٺ وڏائي دور ٿي ڳَئِي؛
آئي جيڪا عشق آري، سا سـُولي سر منصور ٿي ڳـَئِي؛
نينهن آيا گهِن نـُوري تجلا، دلڙي ساڏي پـُرنور ٿي
ڳَئي؛
نينهن آيا گهِن نـوري تجلا، دلڙي ساڏي پـُرنور ٿي
ڳَئِي؛
لڳي ميخ مجاز والي تين تنهن دم دل مخمور ٿي ڳَئِي؛
’ميرل‘ ڪون بس محبت هڪڙي ماهي دي منظور ٿي ڳَئِي؛
ف
– فقير حقير سڏا ڪر، سر دا سوال ڪرڻ آوان؛
حاضر، نوڪر، ٻانهان، ٻيلي، سر قدمان تي ڌرڻ آوان؛
پاند ڳچي پا، پيارل سائين، پيار تو ساڏا پنڻ آوان؛
سوَ سوَ سختيان، سانول سائين، سر اپڻي تي سهڻ
آوان؛
مٽي تو ساڏي، ’ميرل‘ آکي، محبت نال ڀرڻ آوان.
ق
– قسم هي، مٺڙا ماهي، ميڪون تيڏي سر دا، ڍولڻ؛
دلڙي آهدي ايوين، دريان ٿيوان تيڏي در دا، ڍولڻ؛
تون حاڪم ٿي جو حڪم هلاوين، چشمان تي چا ڌر دا،
ڍولڻ؛
تون ناز ڪرين مَين نياز ڪران، اُنهين ناز ڪيتي دل
ٺردا، ڍولڻ؛
هر ڪو آکي ’ميرل‘ ڪؤن هي در ماهي دا بردا، ڍولڻ!
ڪ
– ڪرم کپي هڪ اُنهندا، ٻئي دي ڪائي ڪاڻ نهين؛
ڄاڻ هِڪي تنهن ڄام دي ڄاڻان، ٻئي دي ڄاڻ سڃاڻ
نهين؛
روح ريڌل هڪ اُنهندي نل هي، ٻئي نل روح رهاڻ نهين؛
پيچ هَڪو تنهن پنهل نل هي، ٻئي نل ريِجهه ريجهاڻ
نهين؛
’ميرل‘، سوا هڪ ماهي دي ٻئي دي منڻي آڻ نهين.
ل
– لهُو لنِڱ ساري دا مَين ميل ڪٺا چا مَس ڪران؛
نام ماهي دا نال نزاڪت لکڻ ڪنون نا بس ڪران؛
وس هو وي جي وس ميڏي، مِين وس ڪنون چا وس ڪران؛
رس رڳان دي روڙ رڳان تون، نال رمز دي رس ڪران؛
ساراهه سهڻي سانول دي مِين، ’ميرل‘ ڪيا مس مس
ڪران!
م
– مڙهيوسي من دي اندر، ’احد‘ ’احمد‘ وچ مڙهيل هي؛
ويڇا هڪڙا وال نهين، بس جان جسم نل جڙيل هي؛
”ونحن آقرب“ آکان ايوين انگ انگ دي وچ اڙيل هي؛
جو نه منيندا ’ميم‘ اکر ڪون، توڙ ڪنون سو تڙيل هي؛
هڪڙي ’ميم‘ اکر وچ، ’ميرل‘، قلب اساڏا ڪڙيل هي.
ن
– نصيب نرالي سانون نينهن ڏيِتا ناسوت والا؛
ماڻيوسي ته مشاهدا مدهوشي اندر ملڪوت والا؛
پيتا اور پلايا مينون، ماهي جام جبروت والا؛
حد ڪنون لاحد ٿيوسي، لانگها لنگهه لاهوت والا؛
’ميرل‘، سانون ماهي مليا، هوت ا ُهو هاهوت والا.
و
– وصال والي وه وا هان اندر وچ هِير لڳي؛
ساهه اندر ٿي ساروڻي، تين ازغيبي اُڪير لڳي؛
خيال اندر خود خيال ٿيس مين، سختي وچ ته سرير لڳي؛
تصور دي وچ منهن ماهي دا، صورت ماهه منير لڳي؛
’ميرل‘ ٿيا مجبور ا ُٿان، جٿان زلف دي زور زنجير
لڳي.
هه
– هميشـﮧ هَڪيا تـَڪيا، هوت جو هان ثنا خوان تيڏا؛
عشق اندر وچ آيا، آڪر ڪيِس جو اعلان تيڏا؛
دلڙي باغ بهار جو ٿي ڳَئي، سڻ ڪي سو فرمان تيڏا؛
او ماهي، قسم الاهي ميڪون، ڍولڻ هي بس ڌيان تيڏا؛
مـُلڪان وچ مشهور جو ٿي ڳِيا، ’ميرل‘ اڄ مستان
تيڏا.
لا
– لاثاني، لامڪاني، حد ڪنون لاحد ٿيوڻ؛
ذوق ذري وچ ذات صفاتي، ڪات اڏي سر اَڌ ٿيوڻ؛
مهميزان محبوب ديان سهڪي، دلبر دا دلبند ٿيوڻ؛
رَند ٿيوڻ تين راهه ٿيوڻ دا، راز اهيو هي رِند
ٿيوڻ؛
وس ماهي دي ’ميرل‘ هي، گر ڪات ڪهڻ دا ڪنڌ ٿيوڻ.
ء
– اساڏي آه و فغان دا اثر ٿيا جو يار ماهي،
آيا آپ دلاسا ڏيوڻ، د ُکي ڪون دلدار ماهي؛
من دي مـُکڙي مرجهايل ڪون ڪيتا باغ بهار ماهي؛
مهر ايڏي اِنهه ’ميرل‘ تي ڪيتي هي منٺار ماهي،
قـُرب سندس جو نال ڪميڻي ڪيتي ڪرم اَپار ماهي.
ي
– يگانا يار ميڪون شل دائم اهڙا دان ڏيوي؛
نان نه منگدا هان مَين هرگز، منگدا هان بس مان
ڏيوي؛
مان اُهو جو محبت والا، سِڪ والا سو شان ڏيوي؛
الفت عشق سچي دي ڏيوي، ماهي محبت امان ڏيوي؛
وقت لاڏاڻي، ’ميرل‘، ميڪون ڪلمي دي ته زبان ڏيوي؛
- لا اِلـٰﮧ اِلا الله محمّد الرّسول الله.
آزاد نظم
سروُپچندر ’شاد‘
آئي رات سهائي
ڇم – ڇم ڇم – ڇم، ڇم – ڇم ڇم – ڇم....
ڪِرڻن جي ڏاڪن تان لهندي،
آئي سـُهائي رات!
ڌرتيءَ تي چانڊوڪي ڀٽڪي مست حسينه جان؛
ٿِڙن پيا وڻ مدهوشن جان نور جون سـُرڪيون پِي؛
سونهن جي چنڊ ڏي آڏري منهنجو چڪور بڻجي جيءُ؛
تنهنجي ڳلن تان، مٺڙا سائين،
نور چورائي،
چنڊُ ڌرتيءَ جي سونهن جرڪائي،
جرڪائي فڪرات ...
-
آئي سهائي رات ...
منهنجن پياسي نيڻن ۾ ٿو جاڳي اوجاڳو؛
سونهن ا ُٿي ڪَرَ موڙي تنهنجي اک پُوراليءَ ۾؛
چانڊوڪيءَ جي پَري نچي ٿي منهنجي پيالي ۾:
رات اڄوڪي مون آ، سائين، چورائي جڳ کان:
آءُ، چپن جي پيالي مان پيون چـُڪڙيون امرت جون؛
مَي جو پيالو آهه حياتي، آءُ هلي ڪِي پيؤن –
آءُ، متان بيرحم وقت هي وڃي چورائي رات،
آءُ، متان جاڳائي جڳ کي حسد وچان پرڀات!
- آئي سـُهائي رات ... |