سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-  1959ع

مضمون

صفحو :15

آرين جو سنڌ تي تسلط تاريخي طرح ثابت ٿي چڪو آهي. آريا چاهي ڏکڻ کان آيا، سمنڊ رستي آيا، يا ’ميرو‘ پربت کان هماليه لتاڙي هندستان ۾ آيا، اهو ته چڱيءَ طرح ثابت ٿي چڪو آهي ته هنن پنهنجون بيٺڪون سنڌو واديءَ ۾ به قائم ڪيون هيون - ۽ اتان ئي ان خطي کي ’سنڌو‘ ۽ ’سپت سنڌو‘ نالا مليا؛ بلڪه ’سنڌو‘ (’سنڌ‘) تان ئي ”هند“ (هندستان) کي اهو نالو مليو. هن سلسلي ۾ آءٌ پڙهندڙن کي سرڳواسي ڪاڪي ڀيرو مل جي ”قديم سنڌ“ پڙهڻ جي ضرور گذارش ڪندس هن صاحب هيءُ ڪتاب نهايت ئي تحقيقي دليلن سان، جنهن محنت ۽ سنڌ لاءِ جنهن عقيدت سان ويهي لکيو آهي، سا پنهنجو مثال پاڻ آهي.

سنڌو واديءَ ۾ جڏهن آريا پنهنجون پڪيون پختيون بيٺڪون ڄمائي ويٺا، تڏهن هن خطي ۾ جيڪي ٻوليون رائج هيون – مثلاً ڪولن، سنٿالن ۽ دراوڙن جون ٻوليون، يا ٻيون اهڙيون ٻوليون، وغيره – سي رفتي رفتي سنسڪرت يعني آرين جي ٻوليءَ ۾ سمائجي ويون. ان جو وڏي ۾ وڏو سبب سنسڪرت جي ترقي يافته صورت هئي. ازان سواءِ، آرين جو تسلط ڪجهه اهڙي قسم جو رهيو - ۽ ان زماني جي حالتن موجب (اڄڪلهه جي حالتن وانگر) ڏاڍي کي ئي زنده رهڻ جو حق هو (The principle of Survival of the Fittest)  جو ڪمزور مقامي آباد ٿيل قبيلا آرين ۾ سمائجندا ويا، ۽ سندن ٻوليون سنسڪرت ۾ گم ٿينديون ويون. ان ڪارگذريءَ کي ڪيترو عرصو لڳو، ان لاءِ يقين سان ته ڪجهه چئي نٿو سگهجي، البته اهو سمجهي سگهجي ٿو ته ان لاءِ ڪافي عرصو لڳي ويو هوندو. ان بعد آريا اوڀر طرف پکڙڻ لڳا، ۽ سندن مکيه ڪـُلَ يا نُکون آئوڌ، ڪاشي، بنارس، پاٽنا وغيره ڏانهن پکڙجي ويون. ميرو پربت کان پهتل اصل آرين سان گڏجي، هنن آرين اتي پنهنجيءَ زبان کي صرف – نحو، وياڪرڻن، ڌرمي ڪتابن ۽ ساهت ۾ پلٽڻ شروع ڪيو. سنسڪرت جيڪا سنڌ ۾ رهين سا محض ’ٻولي‘ يعني ڳالهائڻ جو وسيلو‘ رهجي ويئي، ۽ اوڀر طرف اها ڳالهائڻ ۽ لکڻ جو وسيلو بڻجي ويئي. آهستي آهستي، اوڀر واري سنسڪرت برهمڻي وياڪرڻن ۽ مذهبي قيدن ۾ جڪڙجي ويئي. اتي ٻوليءَ کي ايتريقدر شـُڌ رکڻ جي پويان لڳي ويا، جو ڪن طبقن کي سنسڪرت ڳالهائڻ کان منع ڪئي ويندي هئي، ۽ غلط ڳالهائڻ وارن تي سزائون مقرر ڪيون وينديون هيون. نتيجو اهو نڪتو جو ’لکيت واري سنسڪرت‘، يعني نحوي پابندين ۾ جڪڙيل زبان، ’ڳالهائڻ واريءَ سنسڪرت‘ تي غالب پئجي، مٿس ٻنڌن وجهڻ ۽ قيدَ عائد ڪرڻ لڳي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته جنهن به ٻوليءَ کي هٿرادو ٻنڌڻن ۽ قيدن ۾ جڪڙيو ويو آهي، سا مري ويئي آهي. سنسڪرت کان پوءِ لئٽن جو مثال به انهيءَ اصول جي تائيد ڪري ٿو. جهڙيءَ طرح لکيل لئٽن لکيل ئي رهجي ويئي، ۽ ڳالهائجڻ واري لئٽن بندشن ڪري چند اپڀاشائن – فرينچ، انگريزي، اٽالين، پورچوگيز ۽ اسپينيءَ – کي جنم ڏيئي پاڻ مري ويئي، تيئن ان کان گهڻو اڳ لئٽن جي به ماءُ سنسڪرت پڻ ساڳئي قسم جي ٻنڌڻن ۽ بندشن ۾ قيد ٿي، ڪن اپڀاشائن کي جنم ڏيئي، مري چڪي هئي. اهڙين زبانن کي سڏين ئي ’مئل يا سـُڪي ويل زبانون‘ (Fossil languages). ويدن، پراڻن ۽ سوترن ۾ بند ٿيل سنسڪرت نه جاڳي سا نه جاڳي، پر ان جون ڌيئرون – پراڪرتون – پنهنجي پنهنجي طبعي ماحول جو اثر قبول ڪنديون اڳتي وڌنديون ويون. انهن مان سڀ کان وڌيڪ ترقي ’پاليءَ‘ ڪئي، جو جلد ئي ان کي هڪ نئينءَ قوت – ٻڌ ڌرم جي تبليع ۽ پرچار – جو سهارو ملي ويو.

ٻئي طرف سنڌ ۾ جيڪي آريا رهجي ويا، انهن جي ٻولي ڪنهن به قسم جي بندشن کان سواءِ قدرتي اصولن تي ارتقا ڪندي ويئي. منهنجي خيال ۾، ڪن سببن جي ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سنسڪرت هڪ ڊگهي عرصي تائين محض ڳالهائڻ جي ٻولي ئي رهي، ان ڪري ان جي اوسر ۽ ارتقا بنهه الڳ نموني تي ٿي. ٻولين جي ارتقا ۾ لفظن جي اچارن ۽ نحوي بناوتن جي سوس ۽ ڪفايت جو اصول عالمگير آهي. انهيءَ اصول تي سنسڪرت جون ڪيتريون ئي اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون، نحوي ڦيريرن گهيريون، اچارن جي اڻانگائي ۽ ڊيگهه ۽ ٻيون ڪي خصوصيتون، وقت جي راهه تي ڇڻنديون، ڪرنديون، گم ٿينديون ويون. سنڌ جي مخصوص جغرافيائي ماحول، هڪ مخصوص فضا، ۽ پيداوار جي ذريعن جي ورهاست، وغيره، ۾ اها زبان هڪ خاص مقامي ڍنگ رنگ اختيار ڪندي ويئي. ان دوران ۾ وڻج واپار، راڄنيتي ۽ ٻين ميدانن ۾ ٻين تمدنن ۽ زبانن سان جيڪو واهپو سنڌي ماڻهن جو رهيو، اهي اثر به سنڌ جي ٻولي قبول ڪندي ويئي، ۽ لفظن، نحوي بناوتن ۽ اچارن ۾ پنهنجي شڪل شبيهه اختيار ڪندي ويئي، ۽ ڪو اهڙو وقت آيو جو اصل سنسڪرت ۽ هن ٻوليءَ ۾ ساڳيءَ ٻوليءَ هوندي به هڪ وڏو ويڇو پئجي ويو - ۽ اهو ويڇو ايترو ته هو، جو جڏهن ڪن ماڻهن ٻنهي ٻولين کي ڀيٽڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سنسڪرت جي لحاظ کان نه رڳو اپڀرمش يا اپڀرنش يعني بگڙيل ٻولي، بلڪ ’وراچڊ اپڀرنش‘ يعني ’بنهه بگڙيل ٻولي‘ سڏڻ لڳا؛ پر، ساڳئي وقت، تمدني پهلوئن ۾ ۽ ڪن نحوي بناوتن ۾ اسان جي ٻولي ٻين سنسڪرتي پراڪرتن جي ڀيٽ ۾ سنسڪرت کي گهڻو وڌيڪ ويجهي پڻ نظر آين. هت آءٌ سنڌيءَ جي هڪ ڄاڻو، محقق ڊاڪٽر ٽرمپ، جو حوالو لفظ بلفظ لکڻ کان رهي نٿو سگهان. هو چوي ٿو:

“For, While all the modern vernaculars of India are already in a state of decomposition, the old venerable mother – tongue being hardly recognizable in her degenerate daughters, the Sindhi has, on the contrary, presented most important fragments of it, and created for itself & grammatical structure, which surpasses in beauty of oxecution and internal harmony by far the loose and levelling construction of its sisters.”

ڊاڪٽر ٽرمپ جي هن حوالي ۾ هڪ ڄاڻوءَ جو تاثر سمايل آهي – پر اهڙو ڄاڻو، جيڪو سنڌ ۽ هند جي تمدني پس منظر ۽ سڀيتائي فوقيت کان ايترو واقف نه هو. جيڪڏهن ڏيهي تحقيق جو مطالعو ڪجي ٿو ته وري هڪ ٻيءَ ڳالهه جو خيال رکڻو پوي ٿو. علم اللسان ۽ علم لغات اسان جي برصغير لاءِ نوان علم آهن. انهن علمن جي وسيع اصولن کان اڻڄاڻائيءَ ڪري ئي خود مارڪڻڊيه جهڙن ڄاڻن به سنڌيءَ کي ’بگڙيل‘ بلڪه ’بنهه بگڙيل‘ زبان سڏيو. هو سنڌيءَ ۾ اهڙيون حقيقتون ڏسڻ لڳا، جيڪي اصل سنسڪرت سان گهري واسطي ۽ لاڳاپي رکندي به، سنسڪرت جي اسلوب ۽ مزاج کان بنهه جداگانه هيون. اهو اسلوب ۽ مزاج خالص سنڌي ماحول ۽ خالص سنڌي تمدن جي پيداوار هو، ان ڪري ارتقا جون اهي چيزون جيڪي مقامي اثر ۽ مقامي ماحول جو نتيجو هيون، اهڙن عالمن جي راءِ ۾ ڪو به رد عمل پيدا ڪري نه سگهيون. ان ڪري جا چيز دراصل ارتقا ۽ اوسر جي نشانبر هئي، ان کي هو ٻوليءَ جو بگاڙو سمجهڻ لڳا. ٻولين جي ارتقا ۽ هڪٻئي سان ڳانڍاپي جي اصول کي پنهنجي اڳيان رکڻ کانسواءِ، محض ڪن لفظن جي مشابهت ۽ هڪجهڙائيءَ مان ڪي نتيجا ڪڍڻ صحيح نه آهي. مون اڳي ئي ذڪر ڪيو آهي ته لساني مشابهت جي اصولن سان گڏوگڏ ٻولين جو تمدني، طبعي ۽ عوامي پس منظر وسارڻ نه گهرجي. انهيءَ نڪتي کي وسارڻ ڪري، ڪي محقق صاحب ڪڏهن ڪڏهن اهڙا نتيجا ڪڍي ٿا ويهن، جيڪي نه فقط غلط ۽ گمراهڪن آهن، پر ايذائيندڙ پڻ آهن. اهڙا ئي ڪجهه نتيجا ڊاڪٽر صاحب جن به ويهي ڪڍيا آهن، جن جو پنهنجيءَ سمجهه آهر رد ڪد اڳتي هلي ڏيندس. هتي آءٌ اي . بي . جانسن جو هڪ قول ڏيڻ مناسب سمجهان ٿو. هو صاحب پنهنجي ڪتاب ”ٽريٽز آف لئنگئيج“ (ٻوليءَ جو اڀياس) ۾ چوي ٿو ته ’ٻوليءَ جي فطري اصليت متعلق غلط فهميءَ، انسانيت جي ٻين سمورين غلطين جي ڀيٽ ۾، انسان جو وڌيڪ وقت خراب ڪيو آهي، ۽ سندس ڪوشش ۽ قابليت کي اجايو ۽ بيسود ضايع ڪيو آهي.‘

ان ڪري، ضروري آهي ته ٻولين جا ماهر ۽ محقق ڪنهن ٻوليءَ جي تحقيق ڪرڻ وقت ٻوليءَ ۽ ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي فطري مزاج، طبعي ماحول، تمدني اصليت – موسيقي، مصوري ۽ ٻين لطيف فنن، عادتن، رسمن ۽ ريتن وغيره جو اڳواٽ اڀياس ڪن، ۽ انهيءَ ئي پس منظر ۾، ڪنهن ذاتي لاڙي يا اڳ قائم ڪيل مفروضن بغير، پنهنجي تحقيق ڪن. نظريا ۽ رايا قائم ڪرڻ – غلط يا صحيح – هڪ ڳالهه آهي، پر اهي ئي نظريا ڪنهن خاص رنگ ۾ مڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ، منهنجي خيال ۾ هڪ انتهائي نقصانڪار لاڙو آهي. هت منهنجو  اشارو ڪنهن به خاص شخص ڏانهن نه آهي. بدنصيباً، اسان جي سنڌ جي مؤرخن ۽ محققن جو اڪثر اهو ئي لاڙو رهيو آهي. سواءِ ڪنهن دليل دلائل جي، ڪو مؤرخ سنڌ جي نالي کي هڪدم حضرت نوح عليه السلام جي اولاد سان پڇ ٻڌي مهري بڻائڻ ٿو گهري، ته ڪو ان کي شري رامچندر جي ڀاءُ ڀرت جي اولاد سان منسوب ڪرڻ ٿو لڳي. هيءُ هڪ اهڙو رجحان آهي،  جو تنقيد ۽ تحقيق جا غلط طريقا ٿو رائج ڪري، ۽ صحيح تاريخ ۽ تنقيد انهيءَ گند ۾ ئي دٻجي رهجي ٿي وڃي؛ اسان جهڙن طالبعلمن کي پوءِ رڳو اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيڻيون ٿيون پون.

مضمون تي تفصيلي بحث ڪرڻ کان اڳ، هت هڪ ٻيءَ ڳالهه ڏانهن پڻ پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪائڻ گهران ٿو. سرڳواسي ڀيرومل کي سنڌ سان والهانه عقيدت ۽ پيار هو، ۽ انهيءَ پيار جي ڪري منهنجي ساڻس عقيدت آهي. پر هن ۽ ڪن ٻين عالمن هي نظريو پيش ڪيو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي موجوده شڪ يارهين – ٻارهين صدي عيسويءَ ۾ ٺهڻ لڳي هئي:  يعني ته سنڌي ٻوليءَ جي موجود ه  صورت عربن جي اچڻ کان به ٻه سو ورهيه پوءِ ٺهي راس ٿي، ان کان اڳ هت محض هڪ چچريل يا بگڙيل پراڪرت هئي. هنن صاحبن وٽ ڪو دليل ڪو نه آهي. تعجب آهي ته آخر ڀيرومل جهڙي ڄاڻوءَ اها راءِ ڪهڙي بنياد تي لکي آهي. شايد، اهو نتيجو هن اسان جي سنڌي ساهت ۽ شعر جي دير سان وجود ۾ اچڻ جي مفروضي تي قائم ڪيو آهي. بهرحال، ان نتيجي لاءِ ڪو به مطمئن ڪندڙ جواز پيش نه ڪيو اٿس. عربن جي اچڻ وقت ٻوليءَ جي ڪهڙي شڪل صورت هئي، ان لاءِ جيڪڏهن ڪا نحوي بناوت اسان کي نه ملي آهي، تڏهن به ڪن جزئيات جا جيڪي لفظ چچنامي ۾ ملن ٿا، انهن مان ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي تشڪيل ان وقت به ساڳي هئي، جهڙي هاڻي آهي. جڏهن اهي هڪ ٻه نه پر ڪيترائي لفظ – مثلاً ’ڍنڍ‘، ’ٻيٽ‘، ’مهراڻ‘، وغيره وغيره - ۽ ذاتين ۽ ڪٽنبن، ڳوٺن ۽ ديهن، شهرن ۽ ضلعن جا نالا ٻارهن سو ورهين کان – يعني عربن جي فتح کان اڄ تائين – ساڳيا رهيا آهن، تڏهن اسين ڪنهن به صورت ۾ ايترو عرصو ته انهن کي عربن جي ڪاهه کان اڳ ۾ به ڏيئي سگهون ٿا. لفظن جي پويان هڪ تاريخ هوندي آهي: ۽ انهن لفظن کي اونهيءَ طرح اڀياس ڪرڻ مان اهو ئي نتيجو ٿو نڪري ته اسان جي ٻوليءَ جي تشڪيل عربن کان گهڻو گهڻو اڳ ٿي چڪي هئي. جيئن مون اڳي ئي عرض ڪيو آهي ته منهنجيءَ راءِ ۾ سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ئي نه، پر سڌيءَ طرح ان جي هڪ تدريجي بدليل صورت آهي - ۽ اها بدليل صورت ان وقت کان تشڪيل وٺڻ لڳي، جڏهن آرين جو ڪجهه حصو پورب طرف لڏي چڪو هو؛ ۽ ڇاڪاڻ ته اسان جي ٻولي هٿرادو ويا ڪرڻن ۽ ڌرمي قيدين ۾ بند نه ٿي ويئي، ان ڪري اسان جي ٻوليءَ جي ارتقا آوازي ڦير گهير ۽ سماجي ضرورتن جي قاعدن پٽاندر بلڪل قدرتي طور ٿيندي ويئي. ان جا ڪجهه نشان اسان کي پوءِ جي تاريخ مان به ملن ٿا. ابن نديم (سن 377هه) جو اهو بيان ته سنڌ ۾ اٽڪل سؤ کن ’رسم الخط‘ (؟) آهن،  ڪافي غور طلب آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ بيان ۾ حد کان وڌيڪ مبالغو ڏسڻ ۾ اچي ٿو،  پر ان بيان مان اهو ئي ظاهر آهي ته ٻوليءَ جي لکڻ جي صورت محض مقامي ضرورتن جو نتيجو هئي، ۽ ڪن پابندين کان سواءِ، محض لکپڙهه جي سهوليت لاءِ، ماڻهو اها پنهنجي لاءِ مختلف طرح پيدا ڪندا ٿي ويا. اسان جي ٻولي بنيادي طرح فقط ڳالهائڻ جي ٻولي ئي رهي، ۽ لکڻ جون صورتون ماڻهو ضرورت آهر واپار ۽ ڏيتيءَ ليتيءَ لاءِ ٺاهيندا ۽ ڪم آڻيندا ٿي رهيا – ايتريقدر جو مختلف واپاري طبقن جا پنهنجا پنهنجا رسم الخط پيدا ٿي چڪا هئا. اهو ئي سبب آهي جو، سنسڪرت جي برعڪس، سنڌي، قيد بند جي ٻوساٽ کان آزاد رهي، کليءَ فضا ۾ ساهه کڻندي، زنده رهندي ٿي آئي. سنڌيءَ ۾ سنسڪرت وانگر ڪو همه گير رسم الخط پيدا نه ٿيو، ۽ ان ڪري سنسڪرت وانگر سنڌيءَ ۾ لکيل ادب جي ڪا به صورت – ناٽڪ، راڄنيتي، سماجي ۽ آرٿڪ مضمون آکاڻيون ۽ ناول – پيدا نه ٿي. هڪ طرح اها اسان جي بدنصيبي هئي جو اسين پنهنجو ڪو لکيل ادب پيدا نه ڪري سگهياسون؛ ٻئي طرف خوش قسمتي اها ٿي ته اسان جي ٻولي محض ڳالهائڻ جي ٻولي هجڻ ڪري سنسڪرت وانگر مري ڪين ويئي، پر زنده رهي. پهرينءَ بدنصيبيءَ جي تلافي وري ٻئي طرف ٿي ويئي: اها تلافي آهي اسان جو لوڪ ادب، اسان جي ٻولي پنهنجي لوڪ ادب جي ڪري ئي زنده آهي. اسان جو لوڪ ساهت اسان جي ٻوليءَ جي جيئري هجڻ جي نشاني آهي - ۽ اسان کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي تمدن جي ماضيءَ لاءِ پنهنجي لوڪ ساهت جي آئيني ۾ نهارڻ گهرجي. مون کي ان ۾ ڪو به گمان نه آهي ته اسان جو لوڪ ادب ۽  لوڪ فن نهايت قديم آهن، ۽ اسان جي قديم سنڌين جي آرزوئن ۽ آدرشن، ريتن ۽ رسمن، اٿڻ ۽ ويهڻ – مطلب ته زندگيءَ جي هر پهلوءَ جو مظهر آهن. انهيءَ آخري گذارش کان پوءِ، آءٌ ڊاڪٽر صاحب جي مضمون جو جائزو پيش ڪريان ٿو.

ڊاڪٽر صاحب پنهنجو مضمون قديم دور جي بيان سان شروع ڪيو آهي. هن حصي جي شروع ۾ ئي هڪ اهڙي ڳالهه بيان ڪئي ويئي آهي، جنهن ڪافي غلط فهمي پيدا ڪئي آهي، ۽ جنهن لاءِ خود ڊاڪٽر صاحب کي به وضاحت ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي. منهنجي سمجهه آهر، انهيءَ وضاحت کانپوءِ به اها غلط فهمي دور نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر صاحب مضمون جي شروع ۾ ئي هڪ غيريقيني، يا ائين کڻي چئي ته هڪ انتهائي انوماني خيال پيش ڪيو آهي ته ”سنڌ جي قديم ٻولي غالباً ڪا ’سامي‘ زبانن جي سٿ مان هئي، جنهن تي پوءِ آريائي ٻولين جو اثر پيو.“ سنڌ جي قديم ٻولي سامي زمانن جي سٿ مان هئي، تنهن مان ظاهر آهي ته اهو ئي مقصد نڪري ٿو ته سنڌ جي قديم ٻولي سامي زبانن مان هڪڙي زبان هئي. ڊاڪٽر صاحب ان لاءِ جيڪو جواز پيش ڪيو آهي، سو به محص ظني يا انوماني آهي، جيئن اڳتي هلي عرض ڪندس.

ان بعد ڊاڪٽر صاحب هيءُ خيال ظاهر ڪيو آهي ته جيئن ته ان (قديم) دور ۾ سنڌ جو ڏاکڻو حصو – ٿر ۽ لاڙ – سمنڊ هيٺ آيل هو، ان ڪري آرين جون بيٺڪون سنڌوءَ جي مٿئين ڪناري يعني پنجاب جي آسپاس قائم ٿيون -  ۽ دريا جي انهيءَ ئي خطي کي ”سنڌو“ نالو ڏنائون. آءٌ سمجهان ٿو ته يقيناً هتي ’پنجاب‘ جي خطي ۾ ڊاڪٽر صاحب اتر سنڌ ۽ وچولي سنڌ کي شامل ڪو نه ٿو ڪري. فرض ڪجي ته لاڙ ۽ تر وارا پاسا سمنڊ هيٺ هئا به کڻي، ته موجوده سنڌ جي باقي حصي ۾ آرين بيٺڪون ڇوڪين قائم ڪيون؟ دراصل، سنڌ جي ’ڌرتي و گيان‘ (Geology) جي ڄاڻن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌ جي موجوده طبعي تشڪيل (Topography) لکين ورهيه پراڻي آهي. لَڪيءَ جا جبل ۽ ان جي آسپاس وارا زمين جا ٽڪرا اڄ کان ڇهه ڪروڙ ورهيه اڳ سمنڊ منجهان پيدا ٿي چڪا هئا، ۽ جڏهن ’زندگيءَ‘ جي ارتقا ۾ ”ڌارائيندڙ جانور“ جو دور (age of mammals) پهتو، تڏهن ئي سنڌ مان سمنڊ هٽي موجوده طبعي حالت تي پهچي چڪو هو – يا ان ۾ کڻي موجوده سمنڊ جي پاسي ڏانهن چند ميلن جو فرق تصور ڪجي. طبعي تبديلين ٿيڻ ۾ لکين ورهيه لڳي وڃن ٿا؛ ۽ اهو تقريباً ثابت ٿي چڪو آهي ته سنڌ جي موجوده ڌرتيءَ جي پکيڙ جو دور لکها ورهيه پراڻو آهي. آرين کان گهڻو گهڻو اڳ، جڏهن پهريون انسان سنڌ ۾ پيدا ٿيو يا وارد ٿيو، تڏهن سنڌ لکين ورهين کان موجوده صورت ۾ موجود هئي: ان ڪري ڊاڪٽر صاحب جيڪو دورن جي ورهاست ۾ اولين قديم دور بيان ڪيو آهي، تنهن مان سندس مقصد شايد آرين کان چند هزار ورهين اڳ جو دور آهي. درحقيقت دنيا ۾ انسان جي وجود کان اڳ، سنڌ جي ايراضيءَ مان سمنڊ هٽي چڪو هو. انهيءَ کان انڪار ڪرڻ لاءِ ڪو به  سبب ڪونهي ته زندگي سنڌ ۾ به دنيا جي ٻين خطن وانگر پيدا ٿي، ۽ ارتقا ڪندي انساني جامي ۾ آئي.

تاريخ جو ٿورو گهڻو اشارو اسان کي جيڪو ملي ٿو، ان منجهان به ڊاڪٽر منجهان به ڊاڪٽر صاحب جو اهو جواز غلط ثابت ٿئي ٿو. آرين کان گهڻو گهڻو اڳ سنڌ ۾ ’نئين پٿر واري دور‘ جا نشان ملن ٿا. ڪزنس جي احوال موجب، مسٽر ڪارٽر، ڪراچيءَ کان فقط ويهن ميلن جي مفاصلي تي، جهرڪن جي آسپاس ۽ ٿرريءَ جي ويجهو نئين پٿر واري زماني جي بيٺڪن جا ڪيترا نشان ڏٺا هئا؛ خود آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جون رپورٽون پڻ انهن بيانن جي تصديق ڪن ٿيون. مٿين حقيقتن کي تفصيلي بيان ڪرڻ مان منهنجو مقصد صرف اهو آهي ته جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا، تڏهن سنڌ جيئن اڄ آهي تيئن موجود هئي، ۽ ڪو سبب نه آهي ته آريا فقط پنجاب جي خطي ۾ وڃي رهيا هجن. آرين جي هندستان اچڻ لاءِ هڪ نظريو اهو به آهي ته هو سمنڊ ذريعي پڻ آيا هئا؛ ۽ ائين به ٿي سگهي ٿو ته هو سمنڊ رستي ئي سنڌ پهتا، ۽ اڳتي وڌندا سموريءَ سنڌو واديءَ ۾ ڦهلجي ويا. ڪجهه عرصي کان پوءِ انهن جا ڪجهه ڪٽنب اوڀر ڏي وڌندا ويا. هنن جنهن خطي کي ’سنڌو‘ نالو ڏنو، ان ۾ سنڌ جو هيٺيون سمورو دوآبو شامل هو، ۽ انهيءَ ئي خطي تي پوءِ اهو نالو خصوصي طور قائم رهجي ويو. جيڪڏهن رڳو پنجاب ۽ ان جي ڪناري وارن خطن کي ’سنڌو‘ نالو ڏنو ويو هو ته اهو نالو موجوده سنڌ تي ڪيئن پيو، ۽ پنجاب تي اهو نالو قائم ڇو نه رهيو؟ پنجاب جي مٿئين علائقي – اٽڪ ۽ غازيپور طرف – مون ماڻهن کي ائين چوندو ٻڌو آهي ته ”هي سنڌ درياءُ آهي، ۽ سنڌ طرف ئي وڃي ٿو.“ اهي لفظ اڻپڙهيل ڳوٺاڻن جا آهن. ان منجهان به اشارو اهو ئي ملي ٿو ته آرين ’سنڌو‘ نلو درياءَ کي ڏنو، ۽ جنهن علائقي ۾ بيٺڪون ڪري ويهي رهيا، انهيءَ کي ’سنڌو‘ يا ’سنڌ‘ ئي سڏڻ لڳا. ڪو وقت آيو، جڏهن ملتان کان مٿي وارن علائقن مان ڪافي آريا لڏيندا پورب طرف وڌندا ويا. هيٺئين علائقي مان به ڪجهه ماڻهن جي لڏي وڃڻ جا مثال ملن ٿا. بهرحال، ملتان کان هيٺئين علائقي ۾ آريا گهڻي تعداد ۾ رهجي ويا، جي پنهنجي علائقي کي ’سنڌ‘ يا ’سنڌو‘ ئي سڏيندا رهيا. ٻوليءَ ۾ مقامي اثرن جي ڪري، ٻولي به ’سنڌ‘ سڏجڻ ۾ آئي.

ڊاڪٽر صاحب جي اها راءِ ته ”سرزمين سنڌ کي جن ماڻهن اول اول اچي آباد ڪيو، سي الهندي وارن ملڪن مان آيا، ۽ انهن سنڌ دريا جي الهندي ڪناري واري ايراضيءَ ۾ پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيون، - سا به تنقيد ۽ تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پوري نٿي اچي، ۽ غلط ثابت ٿي ٿئي؛ خصوصاً تڏهن، جڏهن انهيءَ راءِ مان ڊاڪٽر صاحب جو مقصد ’موهن جي دڙي‘ واريءَ تهذيب وارن ماڻهن بابت آهي – جيئن اڳتي هلي پاڻ وضاحت ڪئي اٿن. سنڌ کي اول اول جن ماڻهن اچي آباد ڪيو، انهن جي تاريخي طرح ڪا ڄاڻ ڪا نه ٿي ملي؛ البت تمدني ثبوت جي بنا ته ائين چئي سگهجي ٿو ته جيئن ته موهن جي دڙي کان اڳ ڪنهن سڀيتا جا پختا ثبوت ڪو نه ٿا ملن، ان ڪري موهن کي دڙي جي ’اولين تاريخي سڀيتا‘ سڏي سگهجي ٿو. ان لاءِ سبب هي آهي ته انهيءَ سڀيتا کان اڳ، يعني دراوڙن جي سڀيتا کان اڳ، ڪولن ۽ سنٿالن جا به ڪجهه ڪجهه نشان ملن ٿا. موهن جي دڙي واري تهذيب دراوڙ تهذيب آهي، جيئن کوجنائن ڪندڙن ثابت ڪري ڏيکاريو آهي؛ البت اتي دراوڙن سان گڏ ڪولن ۽ سنٿالن جون کوپريون ۽ هڏن جا پڃرا پڻ لڌا آهن. پر، خصوصي طرح سر جان مارشل ۽ ٻين ڄاڻن جي راءِ موجب، اها دراوڙ سڀيتا آهي. جيڪڏهن انهيءَ راءِ کي صحيح مڃجي– جنهن کي نه مڃڻ لاءِ ڪو به وزندار دليل موجود ڪونهي-  ته پوءِ اسان کي موهن جي دڙي جي تمدن ۽ ٻين تمدنن سان سندس لاڳاپي ڳولڻ لاءِ انهيءَ راءِ کي پيش نظر رکڻو پوندو. اهو خيال رکندي، گهڙيءَ لاءِ ائين چئجي به کڻي ته ”سنڌ جو هي قديم تمدن ’مغربي دريائي تمدنن‘ يعني دجله ۽ فرات دريائن جي سمير ۽ بابلي تمدنن جو ساٿياري آهي“؛ پر ائين چوڻ لاءِ يقيناً ڪو سبب ڪونهي ته ”- ازان سواءِ اهو سنڌ جو قديم تمدن ’هڪ قسم جو‘ سامي تمدن آهي، ۽ نه آريائي“، ۽ ”انهيءَ قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا ’سامي – صفت‘ زبان هئي“ – ڇاڪاڻ ته هڪ ته خود سمير ۽ بابلي تمدنن جو سامي تمدن هئڻ مشڪوڪ آهي، ۽ ٻيو ته ”ساٿياري“ لفظ جي معنيٰ شايد ’همعصر‘ آهي ۽ نه ’همجنس‘.

ڊاڪٽر صاحب مٿين چند جملن ۾ ڪجهه اهڙا لفظ ۽ فقرا ڪم آندا آهن، جن جي معنيٰ جي کين به پڪ ڪا نه ٿي ڏسجي، جو مختلف جملن ۾ اهي مختلف مفهوم ادا ڪن ٿا. ”ساٿياري“ لفظ منجهان ڊاڪٽر صاحب درحقيقت الائي ڪهڙي مراد ورتي آهي! ان جي هڪ صورت ته اها آهي ته ڊاڪٽر صاحب ’ساٿياري‘ لفظ انگريزي لفظن contemporary يا contemporaneous  جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي -  يعني ته اهي تمدن هڪ ئي تاريخي دور جي پيداوار آهن، ۽ عمعصر آهن. جيڪڏهن  اها ئي صورت صحيح آهي ته پوءِ انهيءَ مان اهو نتيجو ڪنهن به صورت ۾ ڪو نه ٿو نڪري ته اهو تمدن ”هڪ قسم جو سامي تمدن“ آهي. ”هڪ قسم جو“ صفتي  اصطلاح ڪم آڻي، ڊاڪٽر صاحب انهيءَ نتيجي کي نهايت منجهائيندڙ ۽ مبهم بنائي وڌو آهي. پر جيڪڏهن ان جو اهو ئي مقصد وٺجي ته قديم سنڌي تمدن ”سامي تمدن“ جي ئي هڪ صورت آهي، ته پوءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪڍيل نتيجو نه فقط حقيقتن جي بنا تي، بلڪه، جيئن مٿي چيو ويو، منطقي طرح به غلط ٿيندو. ان طرح جيڪڏهن چئجي ته آميريڪي ’ريڊ انڊين‘ ماڻهن جو ”سو“ تمدن به موهن جي دڙي جي تهذيب جو ساٿياري آهي، ۽ ان ڪري سنڌ جو قديم تمدن به هڪ قسم جو ’سـُو‘ تمدن آهي، يا ’سـُو‘ تمدن هڪ قسم جو سنڌي تمدن آهي، ته اها بلڪل بي معنيٰ ڳالهه ٿيندي. همعصر تمدنن کي محض ان ڪري ته اهي همعصر يا ساٿياري تمدن آهن.  هڪجهڙا يا هڪٻئي جي صورت جا تمدن سڏڻ منهنجي راءِ ۾ صحيح نه آهي. پر جيڪڏهن ’ساٿياري‘ مان مقصد اهو آهي ته هڪ ئي ٽولي ۽ ساٿي جا تمدن آهن، ته پوءِ اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته دراصل انهيءَ تمدنن جي ٽولي جو بنياد ڪهڙو، ۽ انهن تمدنن کي اسين ساٿياري ڇو ٿا سڏيون؟ منهنجي خيال ۾، ڊاڪٽر صاحب جي پيش نظر هڪ ته انهن تمدنن جو همعصر هجڻ آهي، ٻيو ڪن طبعي خصوصيتن جي هڪجهڙائي، ۽ ٽيون موهن جي دڙي مان لڌل مهرن جي دجله ۽ فرات جي تمدنن وارين مهرن سان ڪجهه ظاهري هڪجهڙائي. تاريخي مواد ۾ ڪن ٺوس ثبوتن جي غير موجودگيءَ ۾ اهي ٽيئي ڳالهيون ڪيترين ئي قياس آرائين کي جنم ڏيئي سگهن ٿيون، ۽ ڊاڪٽر صاحب جي قياس آرائي به ڪن مثبت حقيقتن جي انهيءَ غير موجودگيءَ جي سهاري تي بيٺل آهي. جيڪي ٿوريون گهڻيون حقيقتون موجود آهن، سي ته پاڻ اهو سوال پيدا ٿيون ڪن ته ڇا، بابل ۽ سمير جي تمدنن جو مـُکُ موهن جي دڙي جي تهذيب به ڪانهي؟ اچو ته ان رخ کي به جاچيون.

موهن جي دڙي جي تهذيب کي آريائي تهذيب سمجهڻ جو نظريو ته اٿڻ سان ئي ختم ٿي ويو هو- ۽ کوجنائن ۾ اهڙا ثبوت گهڻائي ملن ٿا، جيڪي ان تمدن کي غير آريائي تمدن ثابت ڪن ٿا. اڪثر محقق متفق طرح ان کي دراوڙ تمدن سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ دراوڙن جي جسماني ساخت ۽ تمدني جزئيات جا بيشمار نمونا ملن ٿا. فرات ۽ دجله جي تمدنن لاءِ پڻ اهو ئي رايو قائم ٿيل آهي ته اهي به دراوڙ تهذيب جا نشان آهن. هاڻ سوال اهو ٿو اٿي ته دراوڙ ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا؟ ڪي محقق سمجهن ٿا هندستان ۾ اهي ڀونوچ سمنڊ واري علائقي يا وچ ايشيا کان الهندي واري واٽ ڏيئي پهتا. انهن جي برعڪس، ٻيا چون ٿا ته دراوڙ اصل هندستان جا رهاڪو هئا، جي پوءِ ڀونوچ سمنڊ وارن علائقن ۽ ٻين مغربي ملڪن ڏانهن ويا هئا. هن گروهه وٽ نسبتاً تاريخي توڙي تمدني ثبوت گهڻا ميسر آهن، جن جي بنياد تي هو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري چڪا آهن. 1937ع ۾ علم اللسان جي هڪ ڄاڻو ۽ محقق ”فادر هيئرس“، موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي ڪن مهرن جي زبان پڙهي، ثبوتن سان اها راءِ قائم ڪئي آهي ته دراوڙ اصل هندستان جا رهاڪو هئا، جي پوءِ اولهه طرف وڌي ويا. هو صاحب چوي ٿو ته ”اٽڪل هڪ هزار اَٺ سؤ لکيتن (inscriptions) جي پڙهڻ کان پوءِ، جيڪي مون هيستائين حل ڪيون آهن، اهو ثابت ڪرڻ نهايت آسان آهي ته ڀونوچ واريءَ قوم جي لڏ پلاڻ متعلق جو اهو خيال آهي ته اها لڏپلاڻ اولهه کان اوڀر طرف ٿي، سو غلط آهي؛ ۽ اهو بلڪل ثابت ٿي چڪو آهي ته اها لڏپلاڻ ان جي برعڪس، يعني اوڀر کان اولهه طرف، ٿي هئي. سميري رسم الخط جي بنسبت موهن جي دڙي جي رسم الخط جي اوسر، انهن ٻنهي ملڪن ۽ مصر جي مذهبن، بادشاهن جي لقبن، اصل هندي ماڻهن جي راس منڊلن يا نکٽن جي تعداد ۽ انهن نکٽن جي نسبتي بيهڪ، اصلي هندي ماڻهن جي نکٽ ’هارپ‘ (يعني، ’چنگ‘) جو ’توروس‘ (يعني، ’ڍڳو‘) ۾  تبديل ٿيڻ – جا تبديلي يقيناً سمير ۾ ئي آئي هوندي -، ’بيروسس‘  جي لکيل ميسو پو ٽيميا جي ماڻهن جي قديم روايت، ۽ انجيل جي ’پيدائش جي باب‘ نمبر 2، 1-5 ۾ ساڳئي قسم جي روايت: اهي سموريون ڳالهيون اهو نتيجو ظاهر ڪن ٿيون ته ڀونوچ واريءَ قوم جي لڏپلاڻ هندستان مان شروع ٿي، ۽ ڏکڻ ميسوپو ٽيميا ۽ اتر آفريڪا مان هلندي ڪريٽ، سائپرس، يونان، اٽليءَ ۽ اسپين ۾ پکڙندي، ۽ پائرينس جبل کي پار ڪندي، وچ يورپ ۽ برطانيه تائين پهتي،  سلون کان شروع ٿيندي آئرلئنڊ تائين -  انهيءَ واٽ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اڀن پٿرن جي گهيرن ۽ ٺُلن جي سلسلي جا نشان ملن ٿا، ۽ اهي نشان شايد انهيءَ نهايت ئي تهذيب يافته ۽ جوشيليءَ قوم جا آهن، جن کي علم الانسان جا ماهر ’ميڊيٽرينين قوم‘ يا ڀونوچ واري قوم سڏين ٿا، ۽ جنهن کي هندستان ۾ هروڀرو ’دراوڙ‘ نالو ڏيئي ڌڪار جي نظر سان ڏٺو ويو آهي.“

 هن سلسلي ۾ مٿين راءِ ڪافي وزن رکي ٿي. ان سان گڏ، جڏهن اسين ٻيون حقيقتون جاچيون ٿا ته  انهيءَ  راءِ  جي  وڌيڪ  پختگي  ۽  صداقت  معلوم  ٿئي ٿي. سرجان مارشل جهڙو مستند ۽ مڃيل ڄاڻو به مختلف تمدنن جي ڀيٽ ڪندي موهن جي دڙي لاءِ چوي ٿو:

“…… a marvelous culture, surpassing in many respects the splendour of Egypt and Mesopotamia….”

موهن جي دڙي جي هيءَ تمدني برتري ٻڌائي ٿي ته سمير ۽ بابل وارا تمدن سنڌ جي هن قديم تمدن جي ڀيٽ ۾ ڪيترا ئي درجا پوئتي آهن - ۽ اهو شايد ان ڪري آهي جو اهي تمدن سنڌ جي قديم تمدن جي ئي هڪ صورت آهي، جا لڏ پلاڻ ڪري اوڏانهن پهتي، ۽ انهيءَ منتقليءَ ۾ ان جون ڪيتريون ئي خوبيون، سمير ۽ ميسو پوٽيميا پهچندي پهچندي، جهڪيون ٿي ويون. ان زماني ۾ تمدن جي لڏ پلاڻ تاريخ جو هڪ رنگ هو، ۽ انهيءَ رنگ بدلجڻ ۾ هزارين ورهيه لڳي ويندا هئا. ڪي عالم ته اهو به ثابت ڪري چڪا آهن ته موهن جي دڙي وارو تمدن سمير ۽ بابل جي تمدنن کال گهڻو جهونو آهي. موهن جي دڙي مان لڌل مهرن جي ميسو پوٽيميا جي لڌل مهرن سان ظاهري هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي، موهن جي دڙي جي قدامت به اهائي قائم ڪئي ويئي آهي جا ميسو پوٽيميا  جي تهذيب جي آهي، يعني اٽڪل پنج هزار ورهيه ق . م. هيءُ تخمينو جنهن بنياد تي لڳايو ويو آهي، سو نهايت ئي ڪمزور ۽ هڪ طرفو آهي. ڪيترن ئي ڏيهي عالمن، علم جوتش ۽ ويدن مان سوڌيل حقيقتن جي بنياد تي، موهن جي دڙي جي قدامت پنجن هزارن سالن کان گهڻي جهوني ۽ آڳاٽي ثابت ڪئي آهي. انهيءَ حقيقت کي خيال ۾ رکندي هيڪاري يقين پختو ٿو ٿئي ته سمير ۽ بابل جا تمدن موهن جي دڙي جي تمدن جا مرهون منت آهن.

باقي رهي ڪن خصوصيتن جي هڪجهڙائي، سو سڀ کان اول ته اهي تمدن دريائي تمدن هئا. پاڻيءَ جي سَٺو انساني تمدن جو هميشه آماجگاهه رهيو آهي، ۽ دريائي وادين جون ڪجهه خصوصيتون مختلف ملڪن ۾ به ساڳيون ٿين ٿيون؛ ان ڪري تمدنن جا اهي جزا جيڪي طبعي اثرن جو نتيجو ٿين ٿا، سي به هڪجهڙا ٿي سگهن ٿا.

هاڻي جيڪڏهن مٿين سمورين حقيقتن کي خيال ۾ رکبو، ته اهو ئي چئي سگهبو ته موهن جو دڙو دراوڙ تهذيب جو نشانبر آهي، ۽ اهي دراوڙ هندستان ۽ سنڌ مان لڏي ڀونوچ سمنڊ وارن علائقن ۽ ٻين مغربي ملڪن ۾ وڃي آباد ٿيا، ۽ اتي پنهنجون بيٺڪون قائم ڪيائون؛ ان ڪري ان طرف جا تمدن به موهن جي دڙي جي تمدن جي هڪ صورت آهن؛ ۽ موهن جي دڙي جي تمدن بهرحال انهن تمدنن کان وڌيڪ جهونو ۽ وڌيڪ بهتر تمدن آهي: چه  جائيڪ ائين چيو وڃي ته سنڌ جو قديم تمدن ’هڪ قسم جو سامي تمدن‘ آهي، جنهن ڳالهه جو نه آهي منهن نه سر، نه پير نه کـُر!

انهيءَ ساڳئي نطريي جي بنياد تي ڊاڪٽر صاحب هڪ ٻيو نتيجو هي ڪڍيو آهي ته ”انهيءَ قديم سنڌي تمدن جي ٻولي به ڪا ’سامي – صفت‘ زبان هئي، جا سنڌ جي اوائلي زبان هئي.“ هن نتيجي ۾ به ڊاڪٽر صاحب هڪ ذو معنيٰ ۽ منجهائيندڙ فقرو ”سامي – صفت“ ڪم آندو آهي. غالباً ’سامي – صفت‘ مان مراد سامي زبانن جهڙي، يا سامي زبانن جون خصوصيتون رکندڙ ڪا زبان آهي. ان لاءِ جواز هڪ مزيدار پيش ڪيو اٿن - ۽ اهو اشارو هي آهي ته انهيءَ جا مسخ ٿيل نشان موهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي موجود آهن! ڊاڪٽر صاحب اهو نتيجو ان بنياد تي ڪڍيو آهي ته (سندن چوڻ موجب) ڇاڪاڻ ته قديم سنڌي تمدن ’هڪ قسم جو سامي تمدن‘ هو، ان ڪري ان جي ٻولي به سامي – صفت آهي. ان جي بدران ڊاڪٽر صاحب لاءِ بهتر ٿئي ها جو سڌو پاڌو هيئن چون ها ته ’سنڌ جي قديم زبان ”هڪ قسم جي سامي زبان“ هئي‘، ۽ بس؛ ۽ پوءِ ڇاڪاڻ ته ان ٻوليءَ جو ڪو ذرو پرزو به اسان وٽ سڃاڻپ لاءِ موجود ڪونهي، انهيءَ ڪري ان جي ردڪدم جي ڪٿي ڪا گنجائش ئي ڪا نه رهي ها.

آءٌ مٿي اڳي ئي عرض ڪري آيو آهيان ته ڪنهن به بنياد تي قديم سنڌي تمدن کي هڪ قسم جو سامي تمدن سڏڻ صحيح نه آهي. هاڻي اچو ته ٻوليءَ تي به نظر وجهون، گرامر ۽ محاورن جون ننڍيون ننڍيون تبديليون ۽ خصوصيتون نظر انداز ڪندي، آءٌ هت فقط سامي زبانن جون بنيادي خصوصيتون بيان ڪندس، جيڪي علم اللسان جي ماهرن بيان ڪيون آهن. مري ويل يا زنده سامي زبانن جي گروهه جي سڀ کان اهم خصوصييت آهي ”ٽِه- اکرائي“ (Triliteralism)؛ يعني سامي زبانن جا سمورا ڌاتو ٽن صحيح حرفن جو مجموعو آهن. دراصل انهيءَ ٽه – اکري ڌاتو هجڻ جي خصوصيت ئي سامي زبانن جي رسم الخط ٺهڻ جو وڏو سبب سمجهي وڃي ٿي. سامي زبانن جي ٻي خصوصيت آهي حرف علت جو اندروني ڦيرو (internal vowel change)، جيڪو ڌاتوءَ جي مٽجڻ وقت (root inflexion) وقت ظاهر ٿئي ٿو. ڌاتوءَ جو مٽجڻ آريائي زبانن ۾ به آهي، پر سامي زبانن ۾ ان جو هڪ مخصوص نظام آهي. انهيءَ ڦيري سان ڪجهه اڳياڙين ۽ پڇاڙين (prefixes and suffixes) جو ڳانڍاپو، سامي زبانن جي نحوي بناوت جو مرڪزي نڪتو آهي. مون کي ياد آهي ته ننڍي هوندي جڏهن پنهنجي والد کان عربي لفظن جا اشتاق ٿي سکيم، تڏهن اهو ڏس ڏنائون ته عربي لفظن جا اشتقاق ٺاهڻ لاءِ ڪنهن به لفظ منجهان ”يتسمنو!‘“ جا ست اکر موقعي آهر ڪڍي ڇڏبا آهن، پر ان ۾ اهو خيال رکڻو آهي ته اشتاق ۾ ٽي اکر ضرور رهن. اهو قاعدو مون کي اڄ تائين ڪو نه وسريو آهي: مثال طور مصرف، متصرف، مستصرف، مصروف، مصارف، وغيره جهڙن لفظن تي اهو ’يستمنوا‘ وارو قائدو لڳائبو، ته اشتاق يا ڌاتو ’صرف‘ ملي پوندو. ٽه – اکري ڌاتوءَ واري خصوصيت نه صرف زنده سامي زبانن جي خصوصيت آهي، بلڪه مري ويل سامي زبانن – جهڙوڪ عبراني وغيره - ۾ پڻ اها خصوصيت قائم آهي. ان جي ابتڙ، سنڌيءَ جا اڪثر ڌاتو ٻه – اکرا آهن. جيڪڏهن سنڌ جي قديم ٻولي سامي سٿ مان هئي، يا سامي – صفت هئي، ته پوءِ ان خصوصيت جو ڪو جهڪو اهڃاڻ به اسان کي موجوده سنڌي زبان ۾ ڇو نٿو ملي؟ هيءُ هڪ اهڙو فرق آهي، جو سنڌي – قديم يا جديد – ٻوليءَ کي ڪڏهن به سامي زبانن جي قطار ۾ شمار ڪري نٿو سگهجي. سنڌيءَ جا ڌاتو ظاهر ظهور سنسڪرت جي ڌاتن سان لاڳاپيل آهن، بلڪ اڪثر حالتن ۾ بنهه ساڳيا آهن. اڳياڙين ۽ پڇاڙين ۾ به سنڌي خالص سنسڪرت جا اصول وٺيو بيٺي آهي، ۽ نه ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ جا. ان سلسلي ۾ آءٌ ڊاڪٽر صاحب توڙي پڙهندڙن کي ڀيرو مل جي ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ صفحي 332 کان 334 تائين پڙهڻ جي ضرور گذارش ڪندس. انهن صفحن مان چڱيءَ پر ثابت ٿي وڃي ٿو ته اسان جا اسم، اسان جون صفتون، اسان جا فعل ۽ اسان جون ضميري صورتون هوبهو سنسڪرت وارين اڳياڙين ۽ پڇاڙين جي نحوي صورت جو نتيجو آهن.

جيتريقدر ٻين ٻولين جي اثر جو تعلق آهي، اها ته مڃيل حقيقت آهي ته سنڌي ٻوليءَ تي، تاريخي سببن جي ڪري، قومن جي ڏاڍمڙسيءَ جي ڪري، وڻج واپار جي ڪري، ٻين ٻولين جو ڪجهه اثر ضرور پيو آهي. پر، اهو اثر محض چند لفظن کي پنهنجو ڪري ڇڏڻ تائين محدود آهي. اها ته اسان جي ٻوليءَ جي خوبي آهي جو ٻين زبانن جي لفظن کي اڌارو وٺي، انهن کي ڦيرائي گهيرائي، بنهه پنهنجو بڻايو ڇڏي. دنيا ۾ ٻي هڪ اهڙي ٻولي انگريزي آهي، جنهن ۾ تقريباً دنيا جي هر ٻوليءَ جا لفظ رائج ٿي چڪا آهن. انگريزيءَ تي انهن ٻولين جي اثر ڪري ڪو به ماڻهو انهيءَ کي ’بربر‘ يا ’بانٽو‘ ٻولين مان نڪتل يا ويجهيءَ طرح لاڳاپيل ڪو نه ٿو سمجهي. ٻولين تي علاقائي اثر به ٿئي ٿو – يعني هڪ ٻئي سان ويجهن ۽ ڳنڍيل علائقن ۾ اڪثر ٻولين جون ڪي ڪي خصوصيتون عام ملنديون آهن – جيئن ڊاڪٽر صاحب ’پِيتو‘، ’لاتو‘، ’ڪِيتا‘، وغيره جا مثال ڏنا آهن. داردي ٻولين جو کڻي اثر ڪجهه سنڌي ٻوليءَ تي پيو به هجي، پر خود انهن ئي مثالن مان ٻولين جي انفراديت ظاهر ٿي پوي ٿي. مٿيان ماضي بي قاعدي ٺهيل آهن، ۽ سنسڪرت ۾ ماضيءَ جي ڪن صورت ۾ ’ت‘ اکر وچ ۾ اچي ٿو: مثال طور، ڪرت =  ڪيو، پيتا = پيتو، سپته = سـُتو، وغيره. سرائڪيءَ ۽ پنجابيءَ ’ڪرت‘ کي ’ڪيتا‘ جي صورت ڏني، پر سنڌيءَ ۾ اهو ماضي ’ڪريو‘ ۽ ’ڪيو‘ بنجي ويو. ’پيتو‘ ماضيءَ جي صورت ۾ سنڌيءَ، سرائڪيءَ، پنجابيءَ ۽ لهندا ’ت‘ واري صورت قائم رکي. ’سپته‘ کي سنڌيءَ ۾ ’ستو‘، پنجابيءَ ۾ ’ستا‘، سرائڪيءَ ۾ ’سـُتو‘ ئي قائم رکيو وڃي ٿو. ’لاتو‘ واري صورت فقط سنڌي ۽  سرائڪيءَ ۾ قائم رهي؛ پنجابي (لهندا) ۾ اها صورت به ’لايا‘ بنجي ويئي. هند – آريائي ٻولين لاءِ ’لايا‘ جو جيڪو مثال ڊاڪٽر صاحب ڏنو آهي، سو شايد ڪنهن غلط فهميءَ کان. اهو ’لايا‘ لفظ ’لاتا‘ جو ماضي آهي، يعني آڻڻ؛ ’لاتو‘ سرائڪي ۽ سنڌيءَ جو، ۽ ’لايا‘ پنجابي ’لائڻ‘ يا لڳائڻ جي معنيٰ ۾ آهي. ازان سواءِ اهي مثال سنڌيءَ کي ڪنهن به طرح ڪنهن مخصوص اثر جي پابند ثابت نٿا ڪن. سنڌيءَ ۾ ڪيترا ئي ماضي بي قاعدي ٺهن ٿا – ڪن ۾ ’ت‘ آندي وڃي ٿي، ڪن ۾ ’ڌ‘، ته ڪن ۾ ’ن‘. اهي ٻوليءَ جون پنهنجون خصوصيتون آهن، جي هر ٻوليءَ ۾ علحديون علحديون ملن ٿيون. جيڪڏهن ڪو همه گير داردي اثر هجي ها ته ان جا مثال هر انهيءَ ماضي ۾ ملن ها، جيڪي هم وزن ۽ هڪجهڙن فعلن جي صورت ۾ موجود ملن ٿا. مثلاً ’ڏيڻ‘ فعل کي ئي وٺو: سنڌيءَ ۾ ماضي ’ڏنو‘، سرائڪيءَ ۾ ’ڏتو‘، پنجابيءَ ۾ ’دتا‘، ۽ هنديءَ ۽ ان سان لاڳاپيل هند – آريائي ٻولين ۾ ’ديا‘ آهي. اثر جي اها ورڇ هر ٻوليءَ جي پنهنجي آهي. ڪنهن مخصوص اثر کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر صاحب کي اهڙا مثال ڏيڻ گهربا هئا، جن ۾ ڪو اصول نمايان هجي، جن کي نسبتي اهميت (relative importance) هجي، ۽ جن کي علم لغت جي دائري ۾ ڪا حيثيت هجي.

اهي مثال ڏيندي ڊاڪٽر صاحب هڪ مثال ضمير متڪلم جي جمع واريءَ صورت ’اسين‘، ’اسان‘ ۽ ’آسي‘ کي (سنسڪرت جي) ’اسمي‘ لفظ (يا فقري؟) مان نڪتل ڏيکاريو آهي، ۽ ان لفظ کي سنسڪرت کان اڳ يا سنسڪرت جي زماني جي ڪنهن پراڪرت جو سڏيو اٿس، جنهن کي پروٽو – پراڪرت (Proto-prakrit) جو نالو ڏنو اٿس. پروٽو – پراڪرت مان ڊاڪٽر صاحب چو مقصد ته الائجي ڪهڙو آهي. ’پروٽو‘ جي معنيٰ آهي اصلي، بنيادي يا ابتدائي. جيڪڏهن پاڻ به اهو لفظ انهيءَ معنيٰ ۾ ورتو اٿس، ته پروٽو – پراڪرت، يعني بنيادي يا اصلي پراڪرت، مان سندس ڪهڙي مراد آهي؟ سنسڪرت جي زماني کان اڳ ڪهڙيءَ پراڪرات کي پاڻ پروٽو – پراڪرت سڏڻ ٿو گهري؟ خير، انهيءَ نئين نالي سموري انڪشاف کي منجهائي وڌو آهي. دراصل ’اسمي‘ سنسڪرت کان اڳ يا ان جي زماني جي ڪنهن پراڪرات جو لفظ نه، پر خالص سنسڪرت جي هڪ مرڪب ترڪيب آهي، جنهنجي معنيٰ آهي ”(آءٌ) آهيان“. انهيءَ لفظ جو ڌاتو آهي ’آس‘ (=ٿيڻ، جنهن ۾ ’مي‘ متڪلم واحد جي پڇاڙي ڳنڍيل آهي. اها ’مي‘ پڇاڙي ’هم‘ (= آءٌ) ضمير جي هڪ شاخ يا ڏانڊي (stem) ’م‘، يا ’مي‘ آهي، ۽ انهيءَ ئي ڏانڊيءَ مان ”آءٌ“ جون لاڳاپيل صورتون (oblique cases)، ”مون‘ وغيره‘ نڪتل آهن. انهيءَ ساڳئي مرڪب لفظ ”اسمي“ سان هند – يورپي ٻولين جو جيڪو سٻنڌ آهي، ان جو ذڪر ڪرڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو. هن سلسلي ۾ لائق پڙهندڙن جو ڌيان هيٺئين خاڪي ڏانهن ڇڪائڻ مناسب ٿو سمجهان.


*  “our misapprehension of the nature of language has occasioned a greater waste of time, effort and genius than all the other mistakes and delusions with which humanity has been afflicted.” (Quoted by Clyde Kluckbohn, in “Mirror for man”, Page-113.)

*  هن مان شايد مروج لپيءَ يا رسم الخط جا سؤ کن اکر مراد هجي.

* Cf. Dr. Pithawala: “A physical and economic Geogrophy of Sind”, pp.60-61.

*  ”قديم سنڌ“، ص 105

“After the study of above one thousand eight  hundred inscriptions, which upto now have been deciphered by the present writer, it is easy to realize that the wave of migration of the Mediterranean race which was supposed to have been from West to East, must now be finally settled as having  taken place in the opposite direction, i. e. from East to West. The development of the script of Mohen - Jo- Daro in relation with the Sumerian script, the religion of these two countries and that of Egypt the titles of kings the number of Zodiacal Constellations among the proto – Indian people and the relative positions of these constellations, the changing of the proto – Indian constellation of Harp (yal) for Taurus (the bull) which must have taken place in summer, the tradition of the ancient people of Mesopotamia recorded by Berosus, the parralel biblical account in Genesis II, 1-5, - all point to the same conclusion that the migration of the Mediterranean race commenced from India and extended through Southern Mesopotamia and Northern Africa, spread through Crete, Cyprus, Greece, Italy and Spain, and crossing the Pyrenes reached Central Europe and the British Isles. This route starting from Ceylon upto Ireland is marked by and interrupted chain of dolmens and other megaliths, that seem to be relics of this enterprising and highly civilized race which is termed ‘Mediterranean’ by the anthropologists and which in India has been quite unreasonably despised under the name ‘Dravidian – Rev. H. Heras, S. J.: Journal of Indian History. Vol. XVI, Part1, April 1937, Serial No. 46.

(Quoted by Bherumal in “Qadeem Sindh”, pp. 66-67)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com