سيڪشن؛رسالا

ڪتاب:مهراڻ 3/ 2012ع شمشير الحيدري نمبر

مضمون

صفحو:9

مخدوم سليم الله صديقي

تارون جي تار، ٻُڏيو ڪين ٻُڏن

 

 

 

 

جيڪي انسان جڏهن ڪنهن بامقصد جدوجهد ۾ وقت صرف ڪندا آهن، ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سندن وابستگي ڪنهن جماعت يا گروهه سان ٿي ويندي آهي، پر جڏهن شمشيرالحيدري ادب، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان وچن ڪيو ته پنهنجي ذات کي ئي مرڪز بڻائي، اڳتي وڌندو رهيو.

ويٺي ٿي وريا، وري سي وينجهار،

اندر ڪري اڌ زخم تن ڀريا،

جان جان ٿي مڙيا، پاڻ ئي لڌائون پنڌ ۾.

(سليم)

سندس سڃاڻپ اهائي هئي ته هو شمشيرالحيدري آهي، جاکوڙي، مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ، ضمير جو ساٿاري ۽ خوددار.

تارون جي تار، ٻڏيو ڪين ٻڏن،

وڃيو پار پون، جهوليندا جهان ۾.

(سليم)

”سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن“ جي بانين ۾ جتي محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ ڊاڪٽر خان محمد پنهور جو نالو اچي ٿو، اتي شمشير جي راءِ ۽ بنيادي جاکوڙ کي وسارڻ ساڻس ناانصافي ٿيندي. 1977ع ڌاري اسان جي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالشڪور صاحب ڪراچي ڊفينس ۾ مسجد طوبيٰ يا گول مسجد جي سامهون ڪلينڪ کولي، جنهن ۾ روزانو شام جو ڊاڪٽر سليمان شيخ پڻ اڪوپنچر ذريعي علاج ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪلاڪ ويهندو هو، جتي اڪثر شمشير ڪچهريءَ لاءِ ايندو هو. ادب ۽ سياست کان سواءِ وقت جي مناسبت سان موضوع زيرِ بحث ايندا هئا. اسان جي رهائش ڪلينڪ جي مٿان واري فليٽ ۾ هئڻ سبب اڪثر شامل ٿيڻ جو موقعو ملندو هو، سندس شخصيت اهڙي هئي جو جيڪر کيس ويهي ٻڌجي ۽ بنا ڪنهن بوريت جي ٻڌبو ئي رهجي.

مون کيس آزاد خيال صوفين جي ويڙهي ۾ ڏٺو، سندس نثر ۽ نظم اهڙائي رخ متعين ڪيا، اِهي اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي ڪوڙ ۽ دوکي کان باغي ٿي سچ ڏانهن تيزيءَ سان ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. انهيءَ ڊوڙ ۾ کانئن ٺاهه ٺوهه جا سڀ طور طريقا وسريو وڃن. شمشير به هر ڏکئي وقت ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جو ساٿ ڏنو.

شهيد ڀٽي جو قتل سامراجي آمريت خلاف ڏونڪي جو ڪم ڪيو، سنڌ جنهن ذوالفقار علي ڀٽي جهڙا ناليوارا ليڊر پيدا ڪيا، تنهن جي اُڌمن، آهُن جي صورت ورتي ۽ ايم.آر.ڊي جي موومينٽ شروع ٿي، محترمه بينظير ڀٽو کي نظربند ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي نامور اڳواڻن مان- غلام مصطفيٰ جتوئي، برادرم شهيد عبدالغني صديقي ان وقت پيپلز پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري سنڌ ۽ پيار علي الانا وغيره مهاڏو اٽڪايو، سالن جا سال جيل ڀوڳيائون، ان ڏس ۾ سائين پير صاحب پاڳاري پڻ پاڻ ملهايو، هن هڪ وک اڳتي وڌائيندي ”مهراڻ“ جي لاءِ شمشير جي چونڊ ڪئي، جنهن بيباڪيءَ سان ايم.آر.ڊيءَ لاءِ خبرون نشر ڪيون. سندس شايع ڪيل مضمون ۽ خبرون سنڌ جي تاريخ جو هڪ باب آهن.

سندس علمي ادبي خدمتون پڻ تعريف جوڳيون آهن، مهراڻ ۾ غلام محمد گراميءَ جهڙي شخصيت کان گهڻو ڪجهه پرايائين. پاڻ مهراڻ جو ايڊيٽر رهڻ کان سواءِ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو، ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت پڻ سندس يارهن سالن واري سيڪريٽري شپ دوران وڏو اوج ماڻيو. اهڙيءَ طرح اطلاعات کاتي جي رسالي ”نئين زندگيءَ“ جو پڻ 11 سال ايڊيٽر رهيو ۽ ان کي ادبي رنگ ۾ رچايائين، سندس تحريرن ۾:

(1)  انسان ڪامل (1953ع)

(2) ڪاروان ڪربلا (1954ع)

(3) ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ (ڪهاڻين جو مجموعو) 1961ع

(4) لاٽ (شاعري) 1961ع

(5)  تاريخ جو ڪچرو (شاعري)

(6) تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دؤر) ترجمو (1963ع)

(7) آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو) 1963ع

(8) سوکڙي (ترتيب) 1964ع

(9) سنڌ ۾ آزاد نظم جي اوسر (نثر)

(10)         سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (نثر)

(11)          شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ متعلق مقالا (ترتيب)

(12)         دنيا جا بهترين افسانا (ترتيب)

(13)         روشن تارا (گيت)

(14)         پيار جا گيت (جرمن شاعريءَ جو ترجمو)

ان کان علاوه پاڻ پي.ٽي.وي لاءِ پڻ سؤ کان وڌيڪ ڊراما لکيا. پي.ٽي.وي جڏهن سنڌي پروگرامن لاءِ وقت مقرر ڪيو ته عبدالڪريم بلوچ پروڊيوسر جي حيثيت سان جيڪو پهريون ڊرامو پيش ڪيو سو مرزا قليچ بيگ جو زينت هو، جنهن کي شمشير ڊرامائي صورت ڏني، ان کان سواءِ ”گلن واري ٽوڪري“ پڻ وڏو نالو ڪمايو.

شمشير شاعريءَ جي ميدان ۾ پڻ شمشير زني ڪئي، کيس سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ آزاد شاعريءَ جو در کوليندڙ چئجي ته غلط نه ٿيندو. سندس ڪتاب ”سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر“ پڙهڻ جهڙو آهي. هونئن به شاعري ۽ حڪمت سندس ٻانهن ٻيلي هئا، حڪمت کيس پنهنجي والد حڪيم رسول بخش کان ورثي ۾ ملي هئي، جنهن جي گهر ۾ هو 15- سيپٽمبر 1931ع ۾ ڄائو، جڏهن ته ادبي ذوق مامي جي صحبت ۾ حاصل ٿيس، جنهن جي ڪتبخاني ۾ مولانا مودوديءَ جي تفسير کان وٺي تصوف، فقيہ ۽ فلسفي جهڙا سڀ ڪتاب نظر مان ڪڍيائين.

هونئن به پاڻ ضلع بدين جي شهر ”ڪڍڻ“ ۾ ڄائو، هيءُ اهوئي ضلعو آهي جتي مخدوم محمد زمان لواريءَ واري، خليفي نبي بخش، مولوي احمد ملاح ۽ محمد سومار شيخ جهڙن گلن جو واس محسوس ڪري سگهجي ٿو.

شمشير ڪنهن فرقي جو پرچار ڪندي نه ڏٺو ويو، پر پنهنجو تعلق خالق حقيقي سان رکندو آيو، الله ۾ آسرو ”مولا تي ننگ چئي“ ورجائيندو رهندو هو:

آسرو جن الله، اوکا ڪين ٿين،

سانت ۽ صبر وٽيون سي پين،

اهڙا ئي جيئن، مئي پڄاڻان ڏيهه ۾.

(سليم)

هيءُ سنڌ ڄائو، 81 ورهين جي ڄمار ۾ 10- آگسٽ 2012ع تي وفات ڪري ويو.

 

رسول بخش گچيرائي

شمشير الحيدري پنهنجي ۽ لکڻين جي آئيني ۾ هڪ مشعل،

هڪ دانشور، فلسفي ۽ قوم جو رهنما

 

 

 

 

شمشير: (شم= نَنهن + شير = شينهن. يعني شينهن جا نَنهن. جيئن ته تلوار يا تيغ، شينهن جي نَنهن جهڙي هوندي آهي، تنهنڪري ان کي تلوار سڏيو ويو آهي).

الحيدر: (حيدر جي معنيٰ آهي- حيّ = زندگي+ در= وارو. معنيٰ جان رکندڙ، بهادر، شينهن. عربيءَ ۾ اسم عام مان اسم خاص بنائڻ لاءِ لام تعريف يا الف لام  آڏو آندو ويندو آهي. اهڙي طرح حيدر جي آڏو (اڳيان) الف لام آهي، ان ڪري الحيدر جي معنيٰ ٿيندي- خاص شينهن (يعني شيرِ خدا- اسد الله) جو حضرت عليؓ جن جو لقب آهي. هاڻي شمشير جي نسبت وڃي حضرت علي ڪرم الله وجہ سان ٿي). تنهنڪري شمشير الحيدري جي معنيٰ ٿي (الحيدري = حيدر واري/جي) حيدر جي تلوار. نظم ۾ شين ثاني، کسره (زَير ب) سان به ڪم آندل هوندي آهي.

حضرت علي ڪرم الله وجہ جن جو قول آهي ته جيڪو حضور نبي ڪريمﷺ جن جي فيصلي کي نه مڃي (حق کي تسليم نه ڪري) ته ان جو فيصلو عليءَ جي تلوار سان ٿيندو.

ڏٺو وڃي ته شمشير الحيدري جي قلم جي تيز نوڪ هميشه سچ ۽ حق لکيو ۽ اها نوڪ، سچ ۽حق کي نه مڃيندڙن جي خلاف هلي. ان لحاظ کان اسان ”شمشيري ادب“ کي ”سچو ادب“ جو نالو ڏئي سگهون ٿا. جنهن جي پڙهڻ سان انسان ۾ انسانيت، جراءت، همت، حق پرستي، پنهنجي ديس، ديس واسين، ٻولي، تهذيب و تمدن، سماج ۽ ثقافت سان محبت پيدا ٿيندي ۽ هڪ راهه هموار ٿئي ٿي: امن ۽ ترقيءَ جي، خوشحالي ۽ خود مختياريءَ جي، قومي وقار ۽ غيرت جي ۽ سنڌ مخالف سوچ ۽ عمل خلاف جهاد ڪرڻ جي.

هيءَ هئي لفظ ’شمشير‘ جي مختصر وضاحت ۽ تشريح، جيڪا مون ان ڪري ڪئي جو ڪنهن به شخصيت تي، سندس نالي جو ڪافي اثر رهندو آهي.

شمشير الحيدري لاڙ جي شهر ڪڍڻ ۾ خواجه رسول بخش جي گهر ۾ 15- سيپٽمبر 1931ع تي جنم ورتو جيڪو پنهنجي خانداني خصوصاً پنهنجي مامي نذير حسين حيدري جي تربيت ۽ علمي و عملي پرورش مان تيار ٿي شاعري، ادب، تحقيق، صحافت، مذهب ۽ تصوف ۽ فلسفي جي کوجنا ۾ لڳي ويو. شمشير، پنهنجي تيز ذهانت، جسماني جدوجهد ۽ تلواري نوڪ جهڙي قلم سان اڳتي وڌيو. هيءُ پاڪستان ٽيليويزن جو پهريون سنڌي ڪمپيئر هو ۽ ساڳئي وقت پي.ٽي.وي تي پهريون ڊرامو ”زينت“ ۽ سنڌي گيت لکڻ جو به اعزاز ماڻيو. هيءُ فلم سينسر بورڊ جو ميمبر، اردو ڊڪشنري بورڊ جو ميمبر، پيس ورڪرس يونين حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري، اولهه پاڪستان ليبر فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽيءَ جو ميمبر، سنڌ گريجوئيٽ جو باني ميمبر، سنڌي ادبي سنگت جو باني ميمبر پڻ هو.

سنڌي ادبي سنگت لاءِ بدر الدين سومرو لکي ٿو ته: سنگت جي بنياد کان منزل به منزل جن ماڻهن هن تحريڪ کي اڀاريو (تن ۾ گوبند مالي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز، نورالدين سرڪي کان سواءِ) محمد ابراهيم جويو، شمشيرالحيدري، اياز قادري ۽ تنوير عباسيءَ جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا. بدرالدين سومرو ليڪچرار شعبه صحافت سنڌ يونيورسٽي، آفتاب اخبار 9- آگسٽ 1985ع) شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جو لاڳيتو ڏهه سال جنرل سيڪريٽري رهيو. شمشير پاڪستان رائيٽرس گلڊ سنڌ جو باني ميمبر ۽ روشن تارا اسڪولن جو پهريون ايڊمنسٽريٽر، ايوان صحافت بدين جو تاحيات ميمبر پڻ رهيو. هر جاءِ تي شمشير ڏيئي جي لاٽ کي ٻاريندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته:

ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،

اهو ئي پنهنجي مقدر جو فيصلو آهي.

پهاڙ جيڏا ارادا رکان ٿو سيني ۾،

هوا جي زور کان ئي زياده حوصلو آهي.

شمشير! سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽن جي مهم ۽ ون يونٽ خلاف لکين سنڌين جون صحيحون ڪرائڻ واري مهم ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. هي سنڌي ادبي بورڊ جي ڪلارڪي (1955ع ۾)، ٽماهي”مهراڻ“
رسالي جي سب ايڊيٽري، انساني ضمير جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوششن ۾ مسلسل مصروف آهن. اهي انسان جي سموريءَ ارتقا۽ تمدن جا دشمن، دنيا جي مختلف حصن ۾ قومن جي ”خود اختياري“ واري حق کي غصب ڪري کين پنهنجي غلاميءَ هيٺ رکڻ گهرن ٿا. اهو آهي عالمي امن امان ڪرائڻ ۽ انساني بنيادي حقن جي حفاظت ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري جو حال!

شمشير لکي ٿو ته: مٿئين پڌرنامي ۾ ڄاڻايل انساني مساوات جا حق اُهي آهن، جيڪي 1300 (بلڪ 1400 اڳ) اسلام اسان جي اڳيان رکيا. جنهن رنگ ۽ نسل، حسب ۽ نسب جا سمورا بت ڀڃي  ڇڏيا ۽ اها ئي تعليم هن سرزمين سنڌ جي درويشن (۽ صوفي بزرگن) اسان کي ڏني آهي.

سنڌ وارن جو عقيدو آهي ته:

امن خدا جو امر ۽ قدرت جو نور آهي،

امن پيغمبرن جو مقصد ۽ ولين ۽ درويشن جو دستور آهي. امن ڪائنات جي تخليق جو راز ۽ نسوروئي ناز آهي. امن تاريخ جي تقاضا ۽ وقت جو آواز آهي. امن انسان جي اولين مراد ۽ آخرين منزل آهي.

شمشير لکي ٿو ته:

”17- فيبروري 1843ع تي انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ان وقت سنڌ ”سوني جهرڪي“ جي نالي سان مشهور هئي. چوندا هئا ته ان ۾ سون ۽ چانديءَ جا اڻميا انبار آهن. انگريزن هڪ سؤ سال حڪومت ڪئي پر ڪانه ڇڏيائون، اهڙي ڪا قيمتي شي جيڪا پنهنجي ملڪ نه کڻي ويا هجن.”

هو وڌيڪ لکي ٿو ته:

انگريز سرڪار جو پهريون گورنر سنڌ نيپيئر جڏهن 1849ع ۾ انگلنڊ ويو ته برطانيه سرڪار سنڌ ۾ گورنر جو عهدو ختم ڪري، سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ملائي ڇڏيو. مسئلن جو دير سان حل ٿيڻ جي ڪري (سنڌ وارن جي احتجاج تي) 1868ع ۾ ڪمشنر جيڪو اڳ بي اختيار هو، تنهن کي اختيار مليا ۽ سنڌ کي نيم آزادي ملي، ليڪن ان مان وري ڪامورا شاهي زور ورتو ۽ سنڌ وارن ۾ سنڌ جو بمبئي کان آزاديءَ جو خيال پيدا ٿيو ۽ سڀ کان پهريان 1913ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي ڪراچي واري سالياني عبدالشڪور منشي جي ”هلال پاڪستان“ اخبار يا بيگم نصرت ڀٽو جي ”هلال پاڪستان“ جي ايڊيٽري، ”نئين زندگي“ رسالي جي ايڊيٽري، حيدر بخش جتوئي جي ”هاري حقدار“ اخبار يا نذير حسين حيدري جي اخبار ”اعلان حق“، محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو ”ساڻيهه ڊائجسٽ“ هجي يا ”ماهوار پارس“ رسالي جي ايڊيٽري هجي، روزانه ”هلچل“ اخبار هجي يا جنرل ضياء الحق جي دهشتناڪ مارشل لا دور ۾ ”مهراڻ“ اخبار ۾ سندس بهادريءَ وارا ايڊيٽوريل ۽ ”ڀير تي ڏونڪو“ ۽ ”فقير بيان ٿو ڪري“ وغيره ڪالمن ۾ شمشيرالحيدري
ظلم خلاف ذهنن ۾ بغاوت جون باهيون ٻاهري ڇڏيون ۽ وڏي واڪ چوندو رهيو ته:

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،

سرِ عام هر بات چوندا رهياسين،

اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،

اسان رات کي رات چوندا رهياسين.

1967ع ۾ شمشير پنهنجي هڪ مضمون:
”اقوام متحده جو انساني حقن جو عالمي پڌرنامو“
جيڪو 10- ڊسمبر 1948ع تي جنرل اسيمبليءَ منظور ڪيو، تنهن کي ”انساني ضمير جي آواز کي دٻائڻ ۽ قومن جي خود اختياري واري حق کي غضب ڪرڻ جو پڌرنامو“ سڏيندي لکي ٿو ته:

”حقيقت ۾ هن پڌرنامي ۾ انسان جي شخصي، شهري، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حقن کي عالمي طور مڃيو ويو ۽ ان کي برابري ۽ مساوات جو درجو ڏنو ويو.“

سڀئي حقوق بيان ڪرڻ بعد لکي ٿو ته ان پڌرنامي ۾ لکيل آهي ته:

پڌرنامي مطابق عزت ۽ مرتبي جي لحاظ کان سڀ انسان برابر آهن. سڀيئي هڪڙي سلوڪ جا مستحق آهن، ڪوبه انسان ڪهڙي به خاندان، قوم يا ملڪ ۾ پيدا ٿيو هجي، رنگ اڇو يا ڪارو هجيس، ڪهڙي به زبان ڳالهائي، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڪهڙو به عقيدو رکندو هجي ليڪن انسان هئڻ جي حيثيت سان کيس پنهنجن بنيادي ۽ فطري حقن کان ڪنهن به طرح محروم نه ٿو رکي سگهجي. غلامي ڪهڙي به رنگ ۾ هجي، اها انسانيت جي توهين آهي ۽ آقائيت هر صورت ۾ ملامت جوڳي آهي.

اجلاس ۾ سيٺ هرچند راءِ وشنداس، مرحبائي ڪميٽيءَ جي چيئرمن جي حيثيت ۾ پنهنجي مرحبائي تقرير ۾ سنڌ کي بمبئي پرڳڻي کان ڌار ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. ان بعد 6- مارچ 1920ع تي غلام محمد ڀرڳڙي بمبئيءَ جي گورنر کي خط لکي سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪرڻ جي گهُر ڪئي. ان بعد شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ 26- ڊسمبر 1925ع تي آل انڊيا ڪانگريس جي ڪانپور واري اجلاس ۾ ”سنڌ جدائي“ جو مسئلو پيش ڪيو ۽ ساڳي ريت هن ڪانپور ۾ آل انڊيا خلافت ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ به اها ڳالهه آندي. هلندي هلندي نيٺ سنڌ بمبئي سرڪار کان جدا ٿي الڳ صوبي جي صورت اختيار ڪئي ۽ 1947ع ۾ سنڌ هڪ صوبي جي صورت ۾ پاڪستان ۾ شامل ٿيو. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد سامراجي قوتن هن ملڪ کي اسرڻ ڪونه ڏنو بلڪ مسئلن ۾ گهيري ڇڏيو.

شمشيرالحيدري 1972ع ۾ عوامي حڪومت جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي ابتدائي دور ۾ گذريل 25 سالن جي پاڪستان جي حالت تي لکي ٿو ته:

”پاڪستان جا مسئلا نهايت منجهيل رهيا. گذريل 25 سالن واري آپيشاهي راڄ دوران هن ملڪ کي سڄي دنيا سان، پاڙيسري ملڪن سان ۽ وري سڀني صوبن کي هڪٻئي سان ۽ صوبن اندر عوام جي مختلف طبقن ۽ گروهن کي هڪٻئي سان ويڙهائڻ جي منظم سازش عمل ۾ ايندي رهي. امن جو پکيئڙو پَرَ ڪري اڏامي ويو. پاڪستان سڄو ئي فساد جو گهر ٿي ويو. ملڪ جي سسي لهي ويئي. مڙس به ويا ته ٽڪا به ويا، ڪافر ۽ مؤمن جي نالي تي، ٻاهر ڀارت سان جنگيون ڪيون ويون ته اندر ماڻهن جي فڪر ۽ تهذيب کي ٻوساٽي سياسي ۽ اقتصادي تشدد کي عام ڪيو ويو، خالي خزاني ۽ سياسي ۽ اخلاقي ڏيوالي جي حالت ۾ نئين حڪومت اچي واڳ ورتي آهي.“

نئين حڪومت اميد سٺي رکندي شمشير لکي ٿو ته:

”هاڻي اسين دنيا سان ٺاهه واري گس تي نڪري آيا آهيون. پاڙيسري ملڪ ڀارت سان امن جي ڳالهه چوري چڪا آهيون، سرحدن تان فوجون هٽرائي، کٽيل ايراضي موٽائڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ڪونهي. ڀٽي صاحب جي تدبر جو اهو نتيجو آهي، جنهن ۾ بيشڪ آئيندي جي امن جي آس رکي سگهجي ٿي. ڀارت وارن به جيڪو امن ڏانهن لاڙو ڏيکاريو آهي سو برصغير جي مستقبل لاءِ گهڻو همٿائيندڙ آهي، ڪهڙو مومن، ڇا جو ڪافر؟ ڀائپيءَ جو بنياد فقط انسانيت ئي آهي. پاڪستان هاڻي فساد جي گهرَ هجڻ بدران، امن جو اڏو هجڻ کپي، نفرت سان اسان جو وڙ نه آهي ۽ اسان جي حڪومت ان کي پنهنجي عوام جي آسودگيءَ جي علامت ٺهرائي رهي آهي، سا هڪڙي ئي ڳالهه مبارڪباد جي لائق آهي.“

شمشير 1970ع واري اليڪشن  کان پوءِ قائم ٿيندڙ نئين حڪومت ۽ عوامي عيوضين ۾ اُميد رکندي لکي ٿو ته:

”ملڪ جو آئين بحال ٿيندو، آئيني حڪومتون وجود ۾ اينديون ۽ عوام جا عيوضي، اسيمبلين ۾ وڃي، حقن ۽ واسطن جا مستقل معاملا نبيرڻ لڳندا. ان ريت، انتشار ۽ بي اطمينانيءَ جي صورت کي ختم ڪري، تعمير ۽ ترقيءَ جي ماحول پيدا ڪرڻ جو ڪم عوام جي چونڊيل نمائندن جي ذمي وڃي ٿيندو. اهو سندن فرض ٿيندو ته جمهوريت جي رواج لاءِ عوام جنهن نموني جوابداريءَ جو ثبوت ڏنو آهي، اهڙي ئي نموني هو عوام جي گهرجن کي پورو ڪري، پنهنجي جوابداريءَ جو ثبوت ڏين. ان ريت، قوم پنهنجن حقن لاءِ نئين جدوجهد کان بچي پوندي ۽ ملڪ مضبوطيءَ سان ترقيءَ طرف هلڻ لڳندو.“

شمشير عوامي حڪومتن جي خلاف سياستدانن کي به هدايت ڪندي لکي ٿوته:

”جڏهن ملڪ جو آئيني نظام مڪمل ٿي ويندو آهي تڏهن ان تي اعتراض اجايو، ۽ ان جي انحرافي قوم ۽ ملت سان بغاوت ۽ غداري ليکي ويندي آهي. عوام کي پوءِ انهن ئي آسان معاملن لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي آهي. قومن جي بيداري ان ڪري وقت جي شناس واري وصف منجهان پرکي ويندي آهي.“

8- جولاءِ 1972ع تي شمشير صاحب لکي ٿو ته:

”ڪلهه ئي سنڌ اسيمبليءَ سنڌي زبان کي سنڌ ۾ دفتري ۽ عدالتي زبان طور رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪري، پاڻ ملهايو آهي ان ريت، سنڌ جا ڪيترائي تهذيبي، اقتصادي، ادبي، سياسي ۽ سماجي مسئلا عنقريب گهڻي ڀاڱي حل ٿي ويندا. ”حقدار بحقدار رسيد“ جيتوڻيڪ سنڌي زبان جي منزل اتي ئي ڪانهي پر سنڌي ادب، ٻولي ۽ تهذيب جي حفاظت واري جهونيءَ هلچل ۾ اهو بيشڪ هڪ نشان آهي ان لاءِ سڀني کي مبارڪباد.“

شمشير الحيدري پنهنجي هڪ مضمون:
”سچل جي ڪلام ۾ شخصيت جي تربيت“
۾ نهايت فلسفيانه انداز سان سچل جي ئي زباني لکي ٿو ته:

”آءٌ اهو آهيان جيڪو پاڻ کي سمجهان ٿو ۽ آءٌ اهو به آهيان جيڪو ٻيا مون کي سمجهن ٿا. آءٌ هڪ ئي وقت اهي ٻئي شيون رکان ٿو.“ پر اهي ٻئي شيون يا شخصيتون ناقص آهن ڇاڪاڻ ته: ”آءٌ پنهنجي باري ۾ جيڪي ڪجهه ڄاڻان ٿو، سو ان کانسواءِ آهي جيڪو ٻيا ماڻهو منهنجي باري ۾ ڄاڻن ٿا. ۽ جيڪي ڪجهه ٻيا ماڻهو منهنجي باري ۾ ڄاڻن ٿا. سو ان کان سواءِ آهي جيڪو آءٌ پنهنجي باري ۾ ڄاڻان ٿو. تنهنڪري آءٌ دراصل اهو ناهيان جيڪو پاڻ کي سمجهان ٿو. آءٌ تنهنڪري دراصل اهو به ناهيان جيڪو ٻيا مون کي سمجهن ٿا.“

ته پوءِ آءٌ ڇا آهيان؟ منهنجي اصل شخصيت ڪهڙي آهي؟ ڇا اڃا منهنجي ڪا ٽين شخصيت به آهي جنهن کي نه آءٌ ڄاڻان ٿو ۽ نه دنيا ڄاڻي ٿي؟ بهرحال آءٌ سڃاڻجان ٿو پنهنجي نالي سان، پنهنجي روپ سان ۽ پنهنجي عمل سان. جيڪي منهنجي شخصيت جون علامتون ۽ وصفون آهن. پر دراصل انهن مان ڪابه هڪ يا ٽئي گڏجي منهنجي اصل شخصيت نٿيون پيش ڪن.

انساني شخصيت جو اهو مسئلو فلسفي ۽ نفسيات جي عالمن وٽ سدائين ويچار هيٺ رهيو آهي، پر اڄ تائين جيڪي به جواب ملي سگهيا آهن، سي هڪ مسلسل تحقيق جي صورت ۾ آهن ۽ انهن ۾ اڃا به ڪا قطعيت نظر نٿي اچي. شمشير لکي ٿو ته: ”انهيءَ سلسلي ۾ صوفي بزرگن جي تلقين قطعي آهي. هو جڏهن ”پاڻ سڃاڻڻ“ جي ڳالهه ڪن ٿا ته ان مان مراد اها انهيءَ شخصيت جي ڳولا آهي، جيڪا هر ڪنهن وصف ۽ وجود کان بالا، اها اڻ ڏٺل شڪتي آهي، جيڪا انسان جي عقل جهڙي محدود آهي ۽ نه کانئس ٻاهر جي دنيا جهڙي منتشر.

اها لامحدود، لازماني ۽ لامڪاني آهي پر تنهن هوندي به اها ڇاڪاڻ ته انسان جي شخصيت آهي، تنهنڪري انسان جي ئي اندر آهي. شاهه، سچل، فريد، باهو، ۽ رحمان بابا جهڙن بزرگن جو سمورو پيغام انسان جي انهيءَ اصل شخصيت جي ڳولا ۽ سڃاڻپ جو پيغام آهي. انهيءَ ڏس ۾ سچل جو ڪلام انهيءَ ڪري منفرد آهي جو هو انتهائي جارحيت سان پنهنجو پاڻ باز پرس ڪري ٿو، ۽ پوءِ انتهائي سادگيءَ سان اهڙيءَ ريت جواب ڏئي ٿو جيئن ڪنهن مبڌريءَ (نو آموز- شروع ڪرڻ وارو) کي الف. ب جي پٽي پڙهائجي. هو واضح لفظن ۾ سڀني نالن، حيثيتن، روين ۽ عملن کي رد ڪري چوي ٿو ته:

”ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي،

آءٌ    جوئي    آهيان   سوئي  آهيان.“

اها ”جو ڪجهه هجڻ“ واري شخصيت، سندس (سچل جي) ڪلام ۾ هر هنڌ ايتري قدر واضح آهي، جيتري قدر ڪنهن ٻئي بزرگ نه پئي ڪئي آهي. سندس اها ”جوئي آهيان“ واري شخصيت، انسان ذات جي انهيءَ سڀ کان اُتم حيثيت کي متعين ڪري ٿي، جيڪا سندس سموري ماحول تي محيط ٿئي ٿي. تنهن ڪري اها انسان جي تخليق ۽ تهذيب جو مقصد ۽ مدعا بنجي ٿي. سچل جو سارو ڪلام، دراصل انسان جي اصل شخصيت جي تربيت جو عظيم شاهڪار آهي.“

شاهه لطيف جي 218 هين ورسيءَ جي موقعي تي، شمشير، پنهنجي هڪ ”حال احوال“ ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليہ جن جي سنڌ سنوارڻ، سنڌي ٻولي جياريندڙ ۽ عالمي امن پيدا ڪرڻ واري ”گنج“ تي ڪم ڪرڻ لاءِ عرض ٿو ڪري ته:

”لطيف اسان جي علم ادب، زبان، تهذيب ۽ ثقافت جي عالمي علامت آهي، جنهن کي جيترو اجاگر ڪجي سو ٿورو آهي. دراصل لطيف اسان لاءِ مستقل موضوع آهي، جنهن تي مستقل لکڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.“

شمشير پنهنجي ”حال احوال“ ۾ ڪيترن ئي ادارن جو ذڪر ڪندي آخر ۾ ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ جي ڪم کي ”ايءُ پڻ چڱو ڪم“ سڏيندي، شاهه لطيف تي خصوصي ڪم ڪرڻ لاءِ ”شاهه لطيف ثقافتي مرڪز“ جي قيام ۽ ان جي رٿا ۽ عمل متعلق لکي ٿو ته:

”هن رٿا موجب جيتري قدر اسان کي معلوم آهي ته: اهو شاهه لطيف جي ڪلام ۽ سنگيت تي تحقيق جو وڏو مرڪز ٿيڻو هو: ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن جي رهائش ۽ مطالعي جون سڀ ضرورتون اتي مهيا ڪرڻيون هيون، رسالي جا سڀ ڇاپي ۽ دستخطي نسخا اتي محققن لاءِ ۾ وجود ڪري رکڻا هئا؛ شاهه صاحب جي سفر ۽ حضر جي سڀني ماڳن جي روبرو مشاهدي لاءِ عالمن کي اوڏانهن پهچائڻ جو بندوبست ڪرڻو هو. شاهه صاحب جي سنگيت تي تحقيق، مطالعي ۽ سکيا لاءِ عالمن ۽ طالبن کي هاسٽل ۾ اچي رهڻو هو؛ ٻوليءَ جي ڏيهي پرڏيهي ماهرن کي مدعو ڪري، شاهه صاحب جي لغت ۽ لفظن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻي هئي. مطلب ته رسالي بابت هر معاملي جو اهو وڏو تحقيقي مرڪز بنجڻو هو.

ليڪن...! جڏهن ته ڊاڪٽر اقبال ۽ نذر الاسلام تي ڪم ڪندڙ اڪيڊميون ۽ ٻيا ادارا سڄو سال پنهنجيءَ مخصوص مهم ۾ مصروف رهن ٿا. (بهرحال) ضروري آهي ته ان ڏس ۾ جلد ئي لڳاتار ڪم جي رٿابندي ڪري وڏي پايي تي ترت ئي ابتدا ڪري ڇڏجي.“

شمشير، نئين زندگي رسالي جي ايڊيٽري دوران اڪثري ڪري ”نمبر“ ڪڍيا، مثال طور:
1. سيرت النبيﷺ نمبر جنهن جي متعلق لکي ٿو ته:

هيءُ شمارو ”سيرت النبيﷺ نمبر“ جي صورت ۾ پيش ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ حضور پاڪ ﷺ جن جي زندگي ۽ تعليم بابت مفيد مقالا درج آهن، عقيدت ۽ احترام جي هيءَ حقير پيشڪش، اميد ته بارگاههِ رسالتﷺ ۾ مقبول ۽ پڙهندڙن وٽ پسند پوندي.“ هو وڌيڪ  لکي ٿو ته:

”دنيا جا سمورا مدبر سندنﷺ جن جي اخلاقي ۽ روحاني عظمت ۽ مرتبي جا معترف ۽ مداح آهن، سندنﷺ جن جي پاڪ سيرت ۽ تعليم جيئن جاهليت واري دور واري انسان کي دڳ لاتو تيئن هاڻوڪي انسان کي به هاڳ تي پهچائي سگهي ٿو. بشرطيڪ ان تي عمل ڪجي ۽ علمي مونجهارن ۾ نه پئجي.“ (جون 1969ع)

2. ”عوام نمبر“ جنهن ۾ اولهه پاڪستان ۽ اوڀر پاڪستان جي ثقافتي، معاشي زندگيءَ جا مختلف روپ، هنر، موسيقي ۽ ناچ، لوڪ گيت، ريتون رسمون، تهذيب ۽ گهڻو ڪجهه تفصيلي مواد هڪ نومبر 1969ع ۾ سمايل آهي.

3. ”سنڌ نمبر“ ۾ شروعات ”هو جمالو“ سان ٿيل آهي ان بعد: سنڌ جي بيهڪ، حدون، پکيڙ، تاريخ، تهذيب (جنهن جي ابتدا 17 کان 25 هزار ورهين کان چئي وڃي ٿي)، گاديءَ جو هنڌ، انتظام، مکيه اقتصادي عمل، مکيه صنعتون، مکيه فصل، مکيه دستڪاريون، حيدر بخش جتوئي جو ”جيئي سنڌ“
گيت، سنڌ جو نئون جنم، سنڌو درياء، جنهن متعلق هڪ روايت به لکيل آهي ته جنت مان چار درياء نڪتل آهن: فرات، نيل، جيحون ۽ سيحون انهن مان ”سيحون“ سنڌو آهي جنهن جي متعلق ويدن جي ڏهين منڊل ۾ هن ندي (سنڌو سيحون) جي تعريف 75 شلوڪن ۾ ڪيل آهي“ جن مان ڪجهه سلوڪ هن ۾ ڏنل آهن.

ان کان سواءِ سنڌ (تاريخ ۽ نالي تي تحقيقي مضمون)، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، اچو ته پنهنجي سنڌ گهمون، سنڌ جي ارضيات جو جائزو ۽ نقشو، معدني پيداوار، سنڌ جا قديم تختگاهه، سنڌ ۾ آبپاشي جو سرشتو، سنڌ جي مٽي، سنڌ جي سياسي تاريخ، جيئي سنڌ - جيئي پاڪستان، سنڌ جو پهريون سنڌي حڪمران (227هه)، سنڌ جا وڃايل درياء، درياء شاهه تي گيت، سنڌ جا وڃايل بندرگاهه، سنڌ ۾ تعليمي اوسر، سنڌ جا ماڻهو سنڌ جو سنيهو، شاهه لطيف، شاعري، سنڌ جي ساک، سنڌ جا سورما، عمرڪوٽ جو قلعو، حيدرآباد جو قلعو، سنڌ جي اقتصادي جاگرافي، سنڌ جي بجيٽ، قومي بجيٽ، جمهوريت جي بحالي، جمهوريت جي فتح ۽ دردمنديءَ جو ديس وسي پيو. وغيره وغيره (جون- جولاءِ 1970ع)

هن نمبر لاءِ ڪيترائي شمشير ڏانهن خط پهتا ۽ آگسٽ- سيپٽمبر 1970ع واري پرچي ۾ لکي ٿو ته:

”سنڌ نمبر: سنڌي ادب جي بارگاهه ۾ قبول ۽ مقبول ٿيو، سا نئين زندگيءَ جي وڏي سعادت آهي، اسان جي حقير محنت ان ريت ۽ايڏو جلد اگهائجي! تُنهنجي توقع اسان کي ايتري حد تائين اصل ڪانه هئي. سچ پچ ته ان جو سمورو سهرو اسان جن انهن عالمن ۽ اديبن جي سر تي سونهي ٿو، جي بنهه مختصر مهلت ۾ اهڙو مخصوص مواد اسان کي پهرئين ئي سڏ تي مهيا ڪري ڏنو. ٻيا آهن اسان جا ذوق شوق، جوش ۽ جذبي وارا سڄاڻ سنڌي پڙهندڙ جن نئين زندگيءَ کي هميشه پئي نوازيو آهي. ”سنڌ نمبر“ لاءِ وٽانئن بيحد تعريفي خط آيا آهن، جن سان اداري جي گهڻي همت افزائي ٿي آهي. خطن جي مناسب چونڊ اسين ايندڙ پرچي ۾ پيش ڪنداسين. ڪيترائي پڙهندڙ هيءُ نمبر خريد نه ڪري سگهيا انهن لاءِ اسان وٽ ڪافي خط آيا آهن جن ۾ ”سنڌ نمبر“ کي نئين سر سنواري ڇپائي پيش ڪرڻ لاءِ غور ٿي رهيو آهي.“

پاڻ ڪيترائي نمبر ڪڍيائون ۽ هر شيءِ جي باري ۾ ڪافي مواد آهي. پڙهڻ کان پوءِ آءٌ (راقم الحروف) ائين محسوس ڪري رهيو آهيان ته شمشير جا پرچا جيڪي حقيقت ۾ ”علم جي کاڻ“
آهن تن جي مطالعي ۽ اڀياس ۾ رڌل رهان ۽ شمشير تي لکڻ ڇڏي ڏيان! پر اها شمشير جي حق تلفي ٿيندي. جڏهن ته اسان وٽ محنتي، سچي ۽ جاکوڙي ماڻهو جو قدر گهٽ آهي. ڪاش! جيڪڏهن سندس مزار تي ”علم ادب جو مينار“ ٺهرايو وڃي ته هو ان جو حقدار آهي.

آڪٽوبر 1967ع ۾ هڪ هنڌ ”دنيا جي اڄوڪي دور“ تي لکي ٿو ته:

”دنيا جو اڄوڪو دور، انسان جي عظيم حاصلاتن جو دور آهي. علم ۽ حڪمت جي عروج جو دور آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جا بهترين قدر ۽ معيار موجود ٿي چڪا آهن ۽ فطرت جا لڪل اسرار کلي ظاهر ٿي پيا آهن.“

اڳتي هلي لکي ٿو ته:

”هيءُ حيرت انگيز معجزن جو عظيم دور آهي، عظيم هجڻ سان گڏ هيءُ ايڏو عجيب دور به آهي. هي عجيب تضادن جو دور آهي. روشنيءَ سان گڏ اوندهه به ساڳئي هنڌ رهي ٿي. جيترو علم آهي اوتري جهالت آهي. انسانيت ۽ حيوانيت هڪ ٻئي سان شريڪ آهي. ظلم ۽ انصاف هڪ هنڌ رهن ٿا. ڪوڙ ۽ سچ گڏ گهمن ٿا. هيءُ بيحد روشن، بيحد اونداهي وارو دور آهي. هيءُ حيرت انگيز تضادن جو عجيب دور آهي. انسان جيتري قدر پاڻ کان ٻاهر جي دنيا جو علم حاصل ڪيو. اوتري قدر هو پنهنجي اندر جي دنيا کان جاهل بنجي ويو آهي، جيتري قدر سندس دماغ روشن ٿيو آهي، اوتري قدر سندس دل ۾ اونداهي اچي وئي آهي. جيتري قدر سندس ذهن زندهه ٿيو آهي، اوتري قدر سندس ضمير مرده بنجي ويو آهي. مادي ترقيءَ جي جنون ۾، هو روح جي راحت کان غافل بنجي ويو آهي. انسانيت جي اعليٰ قدرن کان هٽي، هو خود غرض ٿي ويو آهي. محبت بدران نفرت، ۽ امن بدران فساد جو باعث بنجي ويو آهي. چنڊ ڏانهن اڏامڻ جو خواب ڏسي، هن ڌرتيءَ جي انچ انچ هيٺان بارود جون سرنگون وڇائي ڇڏيون آهن. قدم قدم تي ڪوس ۽ قتلام شروع ڪري ڏنو آهي. علم جي اوچي مناري تي چڙهي، اندر جون اکيون ٻوٽي، هو پنهنجي تباهيءَ جي عميق اوڙاهه ۾ خوبصورتيءَ جو رقص  ڏسي رهيو آهي. هيءُ علم ۽ جهالت جو، روشني ۽ اونداهه جو عجيب مونجهارن جو دور آهي.“

آءٌ (گچيرائي) هميشه افساني جي خلاف رهيو آهيان، 1965ع کان اڄ تائين يعني 47 سالن کان رضاڪارانه طور مسلسل گرلس ۽ بوائز هاءِ اسڪولن ۾ پڙهائيندو رهيو آهيان. ليڪن مون ته ڪڏهن به افسانو نه پڙهيو آهي، ليڪن پنهنجن شاگردن کي به روڪيندو آيو آهيان ته سڀ ادب پڙهو پر افسانو نه پڙهو ڇو ته ان کي مان ڪوڙ سمجهان ٿو ايتري قدر جو گذريل سال 9th جي هڪ ڇوڪريءَ جو نالو ”افسانه“ هو ته مون ان جو نالو ڦيرائي ”نفيسه“
ڪري ڇڏيو. ليڪن شمشيرالحيدريءَ ڏي ڪنهن پڙهندڙ افساني جي مخالفت ۾ خط لکيو ته رسالي ۾ افسانه هجڻ نه گهرجن يا تمام گهٽ  ڏنا وڃن ته ان جي جواب ۾ شمشير لکيو ته:

”افساني جي صنف هن وقت، وندر سان گڏ، قومن جي ذهني تعمير لاءِ هڪ انتهائي ڪارگر وسيلو ثابت ٿي آهي ۽ سنڌي افساني ۾ اها لياقت وڏي پايي تي پهتل آهي.“

افساني جي باري ۾ شمشير جي لکت مون کي ان ڳالهه تي آماده ڪيو آهي ته آءٌ افساني کي پڙهان ليڪن ڪوشش اها ئي ڪندس ته سڀ کان پهريان:

”بهترين سنڌي ادب

ڀاڱو پهريون

افسانا

مرتب: شمشير الحيدري“

هٿ ڪري ان جو مطالعو ڪريان، جنهن ۾ شمشير 1958ع کان 1968ع تائين سنڌي جي مختلف رسالن ۽ مجموعن مان نمائنده،

تاريخ جي متعلق شمشير لکي ٿو ته:

”قومن جي زندگيءَ لاءِ تاريخ کان وڌيڪ ٻي ڪابه رهنمائي ٿي نٿي سگهي.“

ادب ۽ زبان جي ترقيءَ لاءِ شمشير چوي ٿو ته:

”ادب ۽ زبان جي ترقيءَ لاءِ هيءَ ڳالهه طئه شده آهي: جيستائين اسان وٽ باقاعده پيشو رکندڙ نه پيدا ٿيندا، تيستائين ادبي پيدائش جو معيار ڪڏهن به مٿي اچي نه سگهندو. دنيا جي ترقي يافته زبانن جا مثال ڏسجن جتي لکندڙ لاءِ اقتصادي مشڪلاتن جو مسئلو آهي ئي ڪونه. سندن هڪڙو ئي ڪتاب کين ڪروڙن جو مالڪ بنايو ڇڏي. بيشڪ، اهو ڪتاب لازوال ئي هوندو. اسان وٽ جڏهن وڪري جو دائرو ايڏو وسيع نه آهي، جيترو انگريزي، فرينچ، جرمن يا ٻين ٻولين جو آهي، ته پوءِ ان جو ٻيو تدارڪ: فقط هيءُ آهي ته لکندڙن کي ٻين ترت وسيلن سان ورسائجي. سردست، اهو بيحد ضروري آهي ته کين سٺا معاوضا ڏنا وڃن ۽ سرنديءَ وارا پنهنجي ادب جي سرپرستي ڪن. ان لاءِ ڳرن ادبي انعامن جو رواج هڪدم پوڻ کپي.“

هڪ انٽرويو دوران شمشير هڪ سوال:
”سنڌ ۾ تبديليءَ“ جي باري ۾ چيو ته: اسين سڀ چاهيون ٿا ته سنڌ ۾ تبديلي اچي، ليڪن:

(1) ڪنهن به ٻوليءَ جي حفاظت جو پهريون ذريعو ماءُ جي هنج هوندو آهي ۽ ان ۾ به بگاڙ شروع ٿي ويو آهي.

(2) ٻوليءَ جو ٻيو محافظ پرائمري استاد آهي، اهي ڪير آهن، ڪيتري لياقت اٿن، اهو عمل وڏي رڪاوٽ آهي، سنڌي اسڪول ختم آهن، هزارين خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي.

(3) جمهوريت ۽ اڪثريتي حڪومت ۾ وڏو فرق آهي، ڇو ته جمهوريت ۾ عوام، سڌيءَ طرح Involve هوندو آهي ۽ جمهوريت ۾ سڀ حق ۽ واسطا عوام وٽ هوندا آهن ۽ اهي عوام مٿي منتقل ڪندو آهي، هتي حق ۽ واسطا صدر، وزيراعظم ۽ اسيمبلين وٽ آهن، اتان وري جڏهن هيٺ اچن اسان وٽ گهربل اڪثريتي مقصد هن طرح حاصل ڪيو وڃي ٿو:

هڪ هزار عام ماڻهن بدران هڪ ئي خاص ماڻهوءَ جي (يعني وڏيرن) راءِ وٺڻي ٿي پوي. اهڙي طرح (اميدوار) 15 هن يا 20 هن ماڻهن کي هٿ ڪري پنهنجو مقصد (گهربل ووٽ) حاصل ڪري وٺي ٿو. ان ريت چونڊون هڪ خاص طبقي جي مفادن مطابق ٿين ٿيون ۽ عام ماڻهن جي ڀلائيءَ جا ڪم ٿي نه ٿا سگهن. اهو سڀ ڪجهه ٻاهرين طاقتن جي اشاري تي ٿي رهيو آهي ته پوءِ تبديلي به ٻاهرين طاقتن جي هٿن ۾ ٿي وئي آهي، ان لاءِ اسان کي جلد سوچڻ ۽ فڪر ڪرڻ کپي.

هڪ سوال تي علي قاضي چوي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو گهڻا ووٽ ڪاسٽ ئي نه ٿا ڪن پر جي ڪن ته پوءِ ڀوتارن ۽ وڏيرن کان جان آجي ٿئي، جي جواب ۾ شمشير چوي ٿو ته:

”اسين سڀ ان راءِ جا آهيون پر ووٽ منجهه اڪثريت اهڙي ماڻهوءَ کي چونڊي ڇڏي ٿي جيڪو صحيح نه هجي ته پوءِ ڇا ڪبو؟ اسان وٽ تبديلي انقلاب جو نالو آهي. انقلاب معنيٰ هيٺان کان مٿي تائين تبديلي اچي. انقلاب اوچتا نه ايندا آهن بلڪ انقلاب منظم هوندا آهن. انهن جي پويان هڪ ذهن، نظريو ۽ طاقت هوندي آهي، جنهن سان نقصان به ٿيندا آهن. اوهان وٽ ٿوري وقت ۾ غير سياسي قوتون اچن ٿيون جن کي ماڻهن کي مارڻ جي تربيت ته مليل آهي پر جيارڻ جي تربيت مليل نه آهي.“

هڪ رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ پنهنجي رسالي کي وڌيڪ بهتر ۽ مقبول بنائڻ لاءِ شمشير صاحب، 18 جنوري 1972ع تي اڱاري جي ڏينهن حيدرآباد جي پاڪستان ڪائونسل جي سهاري سان، ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ رسالي جي پڙهندڙن ۽ لکندڙن جي گڏجاڻي ڪوٺائي جنهن ۾ پاڪستان جي پبليڪيشن جي ٻن نمائندن به شرڪت ڪئي. ان گڏجاڻيءَ ۾ جيڪي عالم اديب، شاعر، شاگرد، صحافي، نقاد ۽ عام پڙهندڙ شريڪ ٿيا، انهن ۾: (شمشير کان سواءِ باقي)

1. مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، 2. محمد عثمان ڏيپلائي، 3. محمد خان غني، 4. خواجه غلام علي الانا، 5. ع. ق. شيخ، 6. عبدالقيوم”صائب“، 7. نياز همايوني، 8. ڊاڪٽر نجم عباسي، 9. حميد سنڌي، 10. عبدالله
”خواب“، 11. سرويچ سجاولي، 12. عبدالجبار ”شام“، 13. ابراهيم سومرو، 14. پٿر سنڌي، 15. سڪندر بلوچ، 16. سيد ظفرحسن شاهه، 17. منير سنڌي، 18. امداد حسيني، 19. شوڪت حسين، 20. مراد علي مرزا،
21. عبدالحق عالماڻي، 22. پيرمظهر الحق، 23. صلاح الدين 24. بينا صلاح الدين، 25. سحر بلوچ، 26. نياز حسين شاهه ۽ 27. محمد شعيب ڀٽو جا نالا قابلِ ذڪر آهن. ساڍي ڇهين بجي شام جو رسالي جي ترقي لاءِ صلاح مشورن تي مشتمل ڪچهري شروع ٿي ۽ ساڍي اٺين بجي ختم ٿي، جنهن ۾ مکيه تجويزون هي هيون:

1. رسالي ۾ سنڌي ادب ۽ ثقافت جي نمائندگي وڌائجي.

2. افسانوي ادب تي وڌيڪ ڌيان ڏجي.

3. ليکڪن کي معاوضو وڌائي ڏجي.

4. ٻارن جا صفحا پرچي ۾ شامل ڪجن.

5. پورهيت طبقي بابت مضمون ڏجن.

6. سنڌي فنڪارن جي ڪم کي پيش ڪجي.

آخر ۾ شمشير لکي ٿو ته:

”انشاءَ الله اسين مڙني صلاحن تي عمل ڪنداسين. ادارو مڙني محبن جو سندن قيمتي مشورن، دلچسپي ۽ تعاون لاءِ ازحد ٿورائتو آهي.“

2001ع ۾ پنهنجي هڪ ”حال احوال“ ۾ شمشير صاحب  سنڌ خصوصاً ڪراچيءَ تي لکي ٿو ته:

”دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ جو ماڻهو، ڪنهن به ڪنڊ مان سنڌ ۾ داخل ٿي ڪراچيءَ اچي رهي کائي پي سگهي ٿو، ووٽ ڏئي سگهي ٿو، پاسپورٽ ۽ ويزا حاصل ڪري سگهي ٿو، صرف هڪ شرط سان ته اهو مسلمان هجي. اهو شرط پورو ڪرڻ وارا بهاري، بنگالي، برمي، ايراني، عرب، بوسنيائي، يوپيائي، سيپيائي، تاجڪ، افغاني، پنجابي ۽ پختون لکن جي تعداد ۾ ڪراچيءَ آيا آهن ۽ اچي رهيا آهن. انهن جي سدائين جاري رهندڙ آمد جي نتيجي ۾ رهائش ۽ ڪاروباري اڏاوتن جو سلسلو به سدائين جاري رهندو اچي. هر روز نيون پلازائون، نوان اسڪوائر، نوان اوينيو اڏجي رهيا آهن. جڏهن ڪراچيءَ جي آبادي (ٻاهرين لوڌ) جي اڏاوتن تي روڪ جي رٿابندي نه ڪئي وئي ته خدانخواسته ڪڏهن به زلزلي جي لهر ڪراچيءَ تي اچي ڪڙڪي ته پوءِ ڪي.ايم.سي ۽ ڪي.ڊي.اي وٽ ته لوهه ۽ سيمنٽ جي پهاڙن جي ڍيرن کي ڍوئڻ ته ڇا چورڻ لاءِ به ڪي مشينون موجود نه ملنديون.“

شمشير صاحب مٿيون ٽڪرو پنهنجي هڪ زلزلن تي لکيل حال احوال ۾ ڏنو آهي، جنهن ۾ هن زلزلن جي تاريخي ڄاڻ انگن اکرن سان ڏني آهي ۽ بچاءَ لاءِ ڪجهه تدبيرون، زلزلن جا اسباب پڻ ڏنا آهن.

آخر ۾ وري لکي ٿو ته:

”سڀ کان وڌيڪ جيڪا ڳالهه اصل ۽ بنيادي آهي... ته انساني جانين جي صدقي، ڪراچيءَ ۾ آبادي (ڌارين لوڌ) تي روڪ جا ٺوس انتظام ڪيا وڃن ۽ هن کان پوءِ گهڻ ماڙ عمارتن جي اڏاوت تي فوري ۽ مڪمل بندش وڌي وڃي، نه ته ٻيءَ صورت ۾ زلزلن جا ڪي اصول نه ٿيندا آهن سڀ ڪجهه زمين اندر دفن ٿي سگهي ٿو.“ افغانن جي لوڌ پهرين ڏينهن تي هڪ لک ويهه هزار پناهگير سرحد ٽپي آيا آهن، جن جو رخ سنڌ ڏانهن آهي.“

”سام“ جي متعلق شمشير لکي ٿو ته:

”سام پوڻ جو قديم ۽ اخلاقي اصول فقط سنڌ سان ئي مخصوص آهي جنهن موجب هاريل ڌر جي عورتن جي عصمت جي نگهداشت، کٽندڙ ڌر تي لازم هئي يا وري جنگ جي حالت ۾ جنگ ڪندڙ حاڪم يا سردار جو ڪو وفادار دوست انهن جي عورتن جي ذميداري قبول ڪندو هو. اها هڪ اهڙي اخلاقي ذميداري هئي، جنهن جي پوئواري هر قسم جي نقصان ۽ خطري تي حاوي، فرض ۽ ايمان جي حد تائين لازم سمجهي ويندي هئي. جهڙي طرح جڏهن دودي سومري، علاؤ الدين جي حملي وقت پنهنجون سومريون ڄام ابڙي وٽ سام ڪري موڪليون هيون ته علاؤ الدين جي حوالي نه ڪيون. هن هڪ عظيم جرئتمندي جو ثبوت ڏيندي علاؤ الدين جي جي فوج سان لڙائي ڪري ٿو ۽ ڄام ابڙو، سندس پٽ ممٽ ۽ سڀ ساٿي سامن تان سر ڏئي سرها ٿين ٿا ۽ پوءِ سموريون سومريون ستيون ٿين ٿيون ۽ ان طرح اهي به پنهنجي لڄ ۽ ناموس تان پاڻ قربان ڪري ڇڏين ٿيون.“

شمشير موجوده دور کي ”بي سماج ننگري“
سڏيندي لکي ٿو ته:

”اڄڪلهه سماج جي اڻهوند آهي. سماجي زندگيءَ جو مقصد آهي ته گڏجي گذارجي، زماني جي سڌريل طريقن سان هلجي. اڳوڻي زماني ۾ سماج ۽ سماجي زندگي هوندي هئي. سوشل ورڪ جي باقاعدي روايت ۽ اصول بلڪ عادت هئي جهڙي طرح مسجدن ۾ نماز پڙهڻ ۽ اسڪول ۾ پڙهائيءَ جو وقت مقرر آهي. تڏهن نوجوان لاءِ ڏينهن رات سماجي ڪم ڪرڻ لاءِ وقت مقرر هوندو هو ۽ سندس گهر وارا ان وقت لاءِ ڪجهه به نه چوندا هئا ۽ هو اهو مقرر وقت سماجي ڪم ۾ ئي رڌل رهندو هو.“

شمشير الحيدري جي نالي خواهه هر لکڻي جي آئيني ۾ پڙهندڙ کي ان لکڻيءَ جي مقصد، ڳالهه ۽ مسئلي جي ڪاميابي، حل يا ترقيءَ جو عڪس نظر ايندو ۽ اهو عڪس تڏهن حقيقت بنجي سامهون ايندو جڏهن شمشير جي دانشورانه لکڻيءَ تي عمل ڪيو ويندو يا ايئن کڻي چئجي ته شمشير جي لکڻي هڪ مشعل آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ سنڌ جي هر مسئلي کي حل ڪري سگهجي ٿو ۽ سنڌ هڪ آزاد، خود مختيار ۽ ترقي يافته بنجي سگهي ٿي.

سندس نالي جي تشريح پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته سندس هر لکڻيءَ ۾ حيدري حق جو اثر نظر ايندو، تلوار جيان سندس قلم ۾ تيزي ۽ رواني ۽ شينهن واري گجگوڙ نظر ايندي. ڏٺو ويندو ته سندس ڪيل ساري ادبي پورهيي تي سندس نالي جو پورو پورو ”شعاع“ آهي. شمشير، ”ڀير تي ڏونڪو“ ۽
”فقير بيان ٿو ڪري“ ڪالم لکي ضياء جي ظالمانه حڪومت جي خلاف زبردست آواز اٿاريو. 10- ڊسمبر 1948ع تي ”اقوام متحده جو انساني حقن جو عالمي پڌرنامو“ کي بهتر قرار ڏيندي موٽ ۾ لکي ٿو ته:

”ناحق واريون قوتون ضمير جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن. دنيا جي مختلف حصن ۾ قومن جي خودمختياري واري حق کي غصب ڪري کين پنهنجي غلام جي دام هيٺ رکڻ گهرن ٿيون. غلامي ڪهڙي به رنگ ۾ هجي، انسانيت جي توهين آهي ۽ آقائيت هر صورت ۾ ملامت جوڳي آهي. اهو آهي عالمي امن ڪرائڻ ۽ انساني بنيادي حقن جي حفاظت ڪندڙ گڏيل قومن جي اداري جو حال!“

انگريزن طرفان سنڌ تي قبضو ڪرڻ ۽ سون (Golden) ۽ ٻيون قيمتي شيون سنڌ مان کڻي وڃڻ 1849ع ۾ سنڌ کي بمبئي کان سنڌ کي آزاد ڪرائڻ واري تحريڪ، پاڪستان ۾ سنڌ جي شموليت، 1947ع کان 1970ع تائين آپيشاهي، اندروني ويڙهه ذريعي امن تباهه ڪرڻ، سياسي، اقتصادي تباهي کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ اميد سمجهي، ان کي بچائڻ لاءِ سياستدانن کي هدايت، 7 جولاءِ 1972ع تي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي دفتري ۽ عدالتي ٻولي قرار ڏيڻ وارو سنڌ اسيمبلي واري پاس ڪيل ٺهراءُ جو ذڪر، سچل جي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ فلسفيانه انداز سان ۽ ان کي ”شخصيت جي تعمير“ سان تعبير ڪرڻ، شاهه لطيفؒؒ جي 218 ورسي جي موقعي تي شاهه تي ٿيل ڪم کي ”اي پڻ چڱو ڪم“ سڏيندي سڀني ادارن پر خصوصي طور ”لطيف ثقافتي مرڪز“ کي سچ پچ اصل ڪم جو بنياد لکندي پنهنجي معلومات مطابق ساري پروگرام جو نهايت متاثر ڪندڙ شقون بيان ڪيو آهن جي پڙهڻ سان واقعي لطيف پوري دنيا تي حاوي ٿي وڃي جيڪڏهن انهن تي عمل ڪيو وڃي ته! ان عظيم رٿيل رٿا تي عمل نه ڪرڻ جي ڪري لکي ٿو ته ضروري آهي ته ان ڏس ۾ جلد ئي لڳاتارا ڪم جي رٿابندي ڪري وڏي پايي تي ان جي ترت ابتدا ڪري ڇڏجي.

شمشير ”سيرت النبيﷺ نمبر“ ۾ بهترين مواد ڏنو آهي ۽ لکيو آهي ته:

”حضور ﷺ جن جي زندگي مبارڪ اڄ به هاڻوڪي انسان کي ماڳ تي پهچائي سگهي ٿو ۽ دنيا جا سمورا مدبر حضورﷺ جن جي اخلاقي ۽ روحاني عظمت ۽ مرتبي جا معترف ۽ مداح آهن.“

”سنڌ نمبر“ ته ڄڻ سنڌ جو هر لحاظ کان واضح نقشو آهي ۽ اهو نمبر پنهنجو مثال پاڻ آهي. جنهن جي گهرج هن وقت ته ڇا پر ان وقت شمشير ڏي خط لکيا ويا ته رسالو ”سنڌ نمبر“ ختم ٿي ويو آهي، اسان کي نٿو ملي وري ڇپرايو وڃي.

شمشير اڄڪلهه دور تي لکيل مضمون ۾ لکي ٿو ته:

”اڄ جو انسان علم جي اوچي مينار تي چڙهي اندر جون اکيون ٻوٽي هو پنهنجي تباهي جي عميق اوڙاهه ۾ پنهنجي تباهيءَ جو رقص خوبصورتيءَ سان ڏسي رهيو آهي. ان کان سواءِ افساني جي افاديت، ترقيءَ لاءِ رهنما اصول، سنڌ ۾ تبديليءَ لاءِ سونهري نڪتا. جمهوريت ۽ اڪثريتي حڪومت ۾ فرق جو عظيم فلسفو پيش ڪري سنڌي قوم کي خبردار ڪيو آهي ته هاڻي ڇا ٿيڻ گهرجي! ڪنهن به رسالي يا اخبار کي ڪيئن مقبول ۽ مفيد بنائجي، ان جا ڪارائتا اصول مرتب ڪري ان تي به ڪم ڪيو اٿس.“

سگا جي ماهوار رسالي ”حياتي مخزن“ جي سرواڻي دوران سنڌي قوم کي حياتيات، ماحوليات جي علم ڄاڻ، ماڻهن کي گدلاڻ جي معاملن بابت معلومات، ڌرتي جي ماحول کي صاف رکڻ، موجود گدلاڻ کي گهٽائڻ ۽ وڌيڪ گدلاڻ کي روڪڻ جا اپاءَ ۽ ان لاءِ ”حياتي سنگت“ قائم ڪرڻ، جنهن ۾ رضاڪارن جا جٿا شامل ٿيا آهن ۽ انهن جي ذريعي سنڌ ۾ گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ، ماهوار رضاڪارن جي ڪمن جي رسالي ۾ رپورٽ ڏيڻ رضاڪارن ڏانهن رسالي جي ڪاپي موڪلڻ مطلب ته هن رسالي ۾ به گهڻو ڪجهه مواد آهي جو نهايت مفيد آهي.

هن مضمون کي پڙهڻ کان پوءِ پڙهندڙن اهو محسوس ضرور ڪندو ته شمشير جو اهو سمورو مواد هٿ ڪري پڙهجي پر نه هٿ اچڻ جي صورت ۾ هن ئي مضمون مان هو اهي سڀ فائدا نه صرف اڪيلو انسان بلڪ پوري قوم حاصل ڪري سگهي ۽ عمل ڪرڻ سان سنڌ کي شاداب، خوشحال ۽ آزاد ڏسي سگهجي ٿو.  شمشير پنهنجي آخري عمر ۾ هڪ انٽرويو ڏيندي چوي ٿو ته:

”سنڌ کي موجوده حالتن مان ٻاهر ڪڍي اچڻ ۽ سنڌ کي بچائڻ لاءِ هر ماڻهوءَ جي سچائيءَ سان عملي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي ليڪن پير صاحب پاڳارو، راڻيپور وارا پير ۽ طالب الموليٰ (ٽنهي گادين جا لکين مريد سندن حڪمن تي نڪري اچن) چون ته سڀڪجهه ٿي سگهي ٿو.

شمشير جي چواڻي ته: ”ادب ذهنن جي اندر تبديلي آڻي ٿو. روس ۽ فرانس ۾ به اديبن انقلاب آندو، ان مان، اسٽالن جي ان ڳالهه کي تقويت ملي ٿي ته: جڏهن ٻي عالمگير جنگ ۾ هٽلر سوويت يونين تي ڪاهه ڪئي ته اسٽالن پنهنجي ملڪ جي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي جنگ وارن علائقن مان ڪڍي محفوظ جاين تي وڃي پهچايو هو ۽ جڏهن ان ڳالهه تي اعتراض ڪيو ويو ته اسٽالن چيو ته:

”سڄو ملڪ سڙي رک ٿي وڃي ته ان کي وري به آباد ڪري سگهجي ٿو، پر هي اديب، شاعر ۽ دانشور سڄي پورهيت انقلاب جو قيمتي ورثو آهن جن کي بچائڻ ڄڻ انقلاب جي حفاظت ڪرڻ آهي.“

واقعي اديبن، شاعرن ۽ دانشورن جي سڃاڻپ زندهه قومن جي نشاني آهي، ڪاش! جيڪڏهن اسان جي حڪومتن ۾ به اهڙو قدر هجي ۽ شمشير ۽ ان جهڙن ٻين اديبن شاعرن ۽ دانشورن جو قدر هجي جيڪي انقلابن جا وارث آهن ۽ انهن جي ذريعي ئي تبديلي اچي وڃي ليڪن افسوس جو هتي ته مؤدب جي ڳالهه کي رد ۽ غير مؤدب جي آرڊيننس کي عوام جي چونڊيل اسيمبليءَ مان بنا بحث مباحثي جي داٻي سان پاس ڪرايو وڃي ٿو. بيشڪ شمشير جي چواڻي ته:

”جمهوريت ۽ اڪثريتي حڪومت ۾ وڏو فرق آهي جو جمهوريت ۾ هيٺيان کان مٿي حق ۽ واسطا منتقل ٿيندا آهن ۽ اڪثريتي حڪومت ۾ وري صدر، وزيراعظم ۽ اسيمبلين کان هيٺ منتقل ٿيندا اچن!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com