فهميده حسين
شمشير
الحيدري هڪ نرالو شاعر
اسان جي ويجهي ماضيءَ ۽ حال جو شاعر ۽ اديب شمشير
الحيدري اڄ اسان ۾ ناهي، پر سندس تخليق ڪيل ادب
مستقبل ۾ کيس هميشه زندهه جاويد رکندو. مون شمشير
جو نالو پنهنجي ننڍپڻ ۾ پنهنجي گهر ۾ ٻُڌو هو،
منهنجن ٻن وڏن ڀائرن- ادا سراج ۽ عبدالحق سان
دوستي هئس ۽ اسان جي گهر به اچڻ وڃڻ هوس ۽ مون کي
ياد آهي ته بابا جي لائبريريءَ مان ڪو اهم ڪتاب
کُٽل هوندو هو ته بابا چوندو هو- ”اهو پڪ عبدالحق،
شمشير کي ڏئي ڇڏيو هوندو.“ ۽ ادا کي تنبيهه ڪندو
هو ته اهو ناياب ڪتاب آهي، سولو واپس ٿيندو ته
ڪونه، پر توکي واپس آڻڻو آهي.“ پوءِ وري ادا،
شمشير جا ڪتاب پڙهڻ بهاني کڻي ايندو هو ۽ وري شايد
موٽائيندو به ڪونه هو. ڇا ته ڪتابن جي چونڊ هوندي
هئي. سچ ته ڪو به ڪتاب موٽائي ڏيڻ جهڙو ڪونه هوندو
هو. پوءِ الائجي انهيءَ ڪتابن جي ڏي وٺ ۾ ڪيترا
ناياب ڪتاب شمشير ڏانهن رهيا ۽ ڪيترا ادا کانئس
وٺي واپس نه ڪيا ۽ حساب برابر ٿيو.
ڪراچيءَ ۾ شمشير صاحب سان ملاقات ڪڏهن ڪڏهن ڪراچي
ٽي.وي اسٽيشن تي به ٿيندي هئي. ساڻس ملاقات جو هڪ
سبب مون وٽ پڙهندڙ سندس ڌيءُ نسيم حيدري به هئي،
جيڪا پوزيشن هولڊر هئڻ جي باوجود ڪراچي
يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار مقرر نه ٿي
سگهي ته شمشير صاحب ان جو ڏوراپو به مون کي ڏنو
هو. ڏوراپا پنهجن کي ڏبا آهن پر يونيورسٽيءَ ۾
اپوائنٽمينٽ ۾ منهنجو ڪهڙو وس!! ان کان پوءِ به
ڪيترن هنڌن تي ملاقات ٿيون. سدائين محبت سان ۽
خلوص سان وڏن ڀائرن وانگي مليو هو، نه صرف هڪ وڏو
تخليقڪار ۽ دانشور هو پر هُو هڪ وڏو ماڻهو به هو.
دولت ۽ ٺٺ ٺانگر سان قد وڌائي ٿيل وڏو ماڻهو نه پر
پنهنجي علم، فن ۽ سنڌ جي محبت هن کي وڏو ماڻهو
بڻايو هو. هُو هڪ نرالو انسان ۽ نرالو شاعر هو.
تمام گهٽ تخليقڪار اهڙا هوندا آهن جيڪي جيئن
پنهنجي عام زندگيءَ ۾ هوندا آهن، تيئن ئي پنهنجي
تخليق ۾ ڏسبا آهن. ڪو امير هوندي غريبن لاءِ شاعري
ڪندو آهي ته ڪو زندگيءَ جو هر سک ماڻي ڏکن جي
عڪاسي ڪندو آهي پر زندگيءَ جو حقيقي تجربو
تخليقڪار جي تخليق ۾ جيڪو حقيقي رنگ ڀريندو آهي.
ان جو ڪو مَٽُ ئي نٿو ٿي سگهي. شمشير غريبن جو
هڏڏوکي شاعر، ان ڪري هو جو هن غربت ۾ گذاريو هو،
هُن ڀوڳيو هو، غربت جا سُور سَٺا هئائين...
هن جي شاعريءَ ۾ تبديليءَ جو پيغام ۽ انقلاب جو
اهڃاڻ هو، ڇو جو هن پاڻ اهڙي تبديلي، اهڙو انقلاب
چاهيو هو ۽ ان لاءِ هُن صرف دعوائون نه ڪيون پر
عملي طرح گهڻن ئي پليٽ فارمن تان پاڻ پتوڙيو به
هو. ان ڪري جتي سندس شاعريءَ ۾ خلوص ۽ جذبي جي
سچائي نظر اچي ٿي اتي اها پنهنجي دور ۽ پنهنجي
ماحول جي صحيح ترجماني به ڪري ٿي. انهيءَ ۾ سندس
انفرادي زندگيءَ سان گڏ سنڌ جي ماڻهن جي اجتماعي
زندگيءَ جو درد به سمايل آهي.
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر
ڀلا ڪير تو توکي روڪي
ته اي مهربان!
ڪڏهن منهنجي ميرن ۽ ڦاٽل بوسيده ڪپڙن
۽ دامن جي چتين تي
نفرت جون نظرون سڃيندو نه ڪر
غريبن جي صورت ۽ حالت تي
پنهنجي تبسم جا طعنا تڇيندو نه ڪر
محبت جو منهڙو مٽيندو نه ڪر
چوي ڪير ٿو
ته تون ڪجهه نه ڪر!
هو انتهائي حد تائين رومانوي شاعر آهي پر هن جي
ذاتي رومانس سان گڏ بين السطور قوم ۽ ڌرتيءَ سان
رومانس ڀريو پيو آهي.
هن پاپي سنسار ۾ ليڪن ڪيئن ڪو پريت پڄائي؟
جندڙيءَ ڪارڻ ڌرتيءَ تي هر انسان روڄ مچائي،
من جي چاهت، تن جي چنتا – تن من چنتا ڀانيان،
توکي ڪيئن سمجهايان.
هو فڪري طور هڪ مضبوط انسان هو، نظرياتي طور عمل ۾
يقين رکندڙ هو. هن سنڌي ماڻهن بابت نظريو رکيو، ته
ان لاءِ شاعري ڪيائين. هن سنڌي ٻوليءَ کي صحيح
مقام ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪئي ۽ ڪٿي به ٿڪو
ڪونه، مايوس ڪونه ٿيو، پنهنجي ذاتي غم کي پاڻ تي
طاري نه ڪيائين. سدائين ڀوڳن ڀوڳن ۾ زندگيءَ کي
ڀوڳيندو رهيو، ڪنهن کي روئيندڙ دل جو حال ڪونه
ڏَسيائين. هو هڪ اعليٰ ظرف انسان هو. سندس دوست ان
لاءِ ڪيترائي قصا ٿا ٻُڌائين پر مون به اهڙو
مشاهدو ڪيو هو. اسان سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ طرفان
ڪجهه مهينا اڳ ساڻس رهاڻ رچائي هئي، تنهن ۾ ڪن
تقريرن جي وچ ۾ ڀڻڪيو: ”ڪُوڙ ٿو ڳالهائي“، ”ائين
به ڪونهي“- آءٌ جا سندس پاسي ۾ ويٺي هيس، اهو ٻُڌي
سمجهيم ته ضرور پنهنجي تقرير ۾ اهڙو اظهار ڪندو پر
هن اعليٰ ظرف شخص ان بابت هڪ لفظ به نه چيو.
Witty
به انتها جو هو، جڏهن کيس ان ڏينهن آخر ۾ پڳ
پارائي ويئي ته آهستي سان چيائين: ”هن عمر ۾
ڪهڙيون پڳون ٻڌنداسين“. اهو هڪ عام جملو ڪونه هو،
ان ۾ وڏو طنز لڪل هو.
هو جيتوڻيڪ هر فن مولا هو. نثر ۾ ڊراما، مضمون،
مقالا، ٽيليويزن لاءِ اسڪرپٽ لکڻ، ايڊيٽنگ ۽ ترجما
ڪرڻ ۾ مهارت هئس پر سندس بنيادي سڃاڻپ شاعر واري
ئي حاوي رهي آهي. اها شاعري سندس نثر مان به جهلڪي
ٿي. چوندا آهن ته شاعر کي شاعر ٿيڻ لاءِ دردمند دل
سان گڏ ٻوليءَ جو وينجهار هئڻ به ضروري هوندو آهي.
سندس شاعريءَ ۾ مختلف ڌارائون گڏوچڙ ڏسڻ ۾ اچن
ٿيون.
قوم پرستي، ترقي پسندي، رومانويت ۽ حقيقت نگاري ۽
اُهي سڀ ڌارائون سندس انفرادي نواڻ ۽ جدت پسنديءَ
سان شاعريءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿيون، انهن کي نه هڪ ٻئي
کان ڌار ڪري سگهجي ٿو ۽ نه سندس شخصيت کان. هو
بيشڪ هڪ نرالو شاعر آهي، هن جي شاعريءَ ۾ جديد ۽
قديم فن ۽ فڪر سلهاڙيا پيا آهن. سندس شخصيت ۾ به
اهي ٻه قدر گڏيل هئا. هو ڏسڻ وائسڻ، ذاتي روين ۽
دوستين ۾ روايتي انداز ۾ گذاري ويو ۽ ان ۾ ڪا
تبديلي ڪانه آندائين پر سندس تخليقن ۾، خاص ڪري
سندس شاعريءَ ۾ هو بلڪل به روايت پسند ڪونه هو.
هن نوان تجربا ڪيا، نيون صنفون آزمايون ۽ نئين
شاعري تخليق ڪئي، نه صرف پاڻ تخليق ڪئي پر ٻين جي
رهنمائيءَ لاءِ انهن بابت لکيو به – نظم ۽ آزاد
نظم، سندس ئي ڪوششن سان سنڌي شاعريءَ ۾ مقبوليت
ماڻي پوءِ جي دور ۾ آزاد شاعريءَ جي نالي ۾ بنا رس
چس نظماڻا نثر ۽ نثراڻا نظم گهڻا ئي تخليق ٿيا پر
شمشير جا نظم آزاد هوندي به مترنم آهن، انهن ۾ هڪ
اندروني ردم آهي. آزاد نظم جي حوالي سان شمشير
الحيدريءَ جي باري ۾ سنڌ جو هڪ ٻيو شاعر قمر شهباز
لکي ٿو:
”مان کيس سنڌي آزاد شاعريءَ جو ابو چوندس. شايد
پهريون ڀيرو سنڌي ادب کي سريلي آزاد نظم جو تحفو
شمشير ئي ڏنو. هن جي شاعري ابتي گرامر جي بازيگري
نه، بلڪه ڇليل، گهڙيل، پالش ٿيل، سهڻن سلوڻن لفظن
جي خوبصورت سٽاءَ جو نالو آهي. لفظن جي هن وٽ کوٽ
ناهي. برجستگي هن جو هٿيار آهي. بي ساختگي هن جي
خوبي آهي. غزل هجي يا گيت، نظم هجي يا آزاد نظم،
هو هر صنف ۾ نواڻ جو قائل آهي. هن جي هر فعل ۾
انفراديت آهي. خودداري آهي، لاپرواهي ۽ بي غرضي
آهي. اهي سڀ خوبيون هن جي نثر ۾ به آهن. هو پنهنجي
ڏانءَ ۽ ڏات جي مڪتب جو پاڻ ئي باني (۽ مدرس) آهي،
پاڻ ئي رهبر، پاڻ ئي رهنما آهي.“ (ڪاڪ محل، مهاڳ).
ان کان سواءِ ٻي شاعريءَ ۾ به اها ئي خوبي اٿس:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،.
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
شمشير تقريباً هر صنف ۾ لکيو ۽ رسالن، اخبارن جي
ايڊيٽنگ به ڪئي. سندس قابليت هر هڪ موضوع ۽ صنف
مان پڌري آهي. ايڊيٽر جي حيثيت ۾ سِگا پاران
ڇپرايل شاهه لطيفؒ بابت سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل
مقالن جي ايڊيٽنگ ڏسو. سندس دور ۾ نئين زندگيءَ
رسالي جو ڇا اوج هو، ان جو ”سنڌ نمبر“
ڀانيان ٿي، ڪنهن کان ڪونه وسريو هوندو! مهراڻ
اخبار، هدايت رسالو ۽ ٻيا گهڻائي ڪتاب ايڊٽ
ڪيائين، ۽ ايڊيٽنگ ۾ پاڻ کي مڃرايائين.
سنڌي ادبي سنگت لاءِ سندس وڏيون خدمتون آهن. ذاتي
طور تي تمام بذله سنج (Witty)
۽ طنز مزاح ۾ ڳالهه ڪندڙ دوستن جو دوست آهي پر مان
سمجهان ٿي ته شمشير جي بنيادي خوبي سندس ٻوليءَ جي
منفرد خوبي، ان جو لهجو ۽ آهنگ آهي جيڪو هن کي
سندس شاعراڻي ڏات کان مليو آهي. اسان جي هن دور جو
هڪ ٻيو وڏو شاعر امداد حسيني ته هن کي غزل جو اهڙو
شاعر مڃي ٿو، جنهن جي غزل جي حوالي کان سواءِ غزل
جو ڪو حوالو کيس معتبر نٿو لڳي. امداد حسيني لکي
ٿو:
”غزل ۾ هيئتي لحاظ کان تجربي جي گنجائش يا ته آهي
ڪا نه، يا ته گهٽ آهي، پر سڀ کان پهرئين شمشير ئي
اهڙو تجربو ڪيو.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته:
”شمشير اجتماعي شعور جو شاعر آهي ۽ هو سڀ کان
پهرين ذهن کي متاثر ڪري ٿو. هو
Genuine
۽
Genius
شاعر آهي.“ (سنڌي ٻولي جرنل جنوري – مارچ 2012ع).
سچ ته اها وڏي ڳالهه آهي
genuine
هئڻ واري – اسان جي هن شاعر وٽ
سچ پچ ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ان جي مزاج ۽ فطرت موجب
اصلوڪي، فطري ۽ بنا ڪنهن لفاظيءَ ۽ مصنوعي تڪ
بنديءَ جي، بلڪل فطري اڌمن جي اٿل ڏسڻ ۾ ٿي اچي
هيءُ قطعو ڏسو:
دل جي پرشوق دلاسن تي هليا آياسين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرهمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
هن پنهنجي جديد سوچ ۽ انداز کي روايت سان به ڳنڍي
رکيو ۽ تمام سڀاويڪ نموني، آهستي آهستي پراڻي
راويت جي جاءِ نئين روايت ورتي، جيڪا ان دور جي
شاعرن جي روايت بنجي ويئي. شيخ اياز جي روايت،
تنوير ۽ نياز جي ۽ شمشير جي روايت جنهن تي کانئن
پوءِ اچڻ واري ٽهيءَ اوساري کنئي – هنن جا ڪيل
نوان تجربا، نوان گهاڙيتا ۽ نوان موضوع سنڌي
شاعريءَ کي نظم ۽ آزاد نظم جي نئين دنيا ۾ وٺي
ويا.. ۽ جيئن قمر شهباز چيو ته سنڌي آزاد نظم جو
ته ابو ئي شمشير هو – هن انهيءَ صنف بابت سنڌ جي
شاعرن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ به لکيو ته عملي طور
به مترنم آزاد شاعري ڪري ڏيکاري، ان ڪري ان صنف ۾
کيس هڪ
trend setter
چئي سگهجي ٿو.
سنڌي ٻوليءَ جو هيءُ باڪمال شاعر، پنهنجي شاعريءَ
۾ پنهنجي فڪري مطالعي ۽ شعوري تجربن سان گڏ نفيس ۽
حسين جذبن ۽ ڪيفيتن کي ائين ته پيش ٿو ڪري جو ٻولي
سندس گولي ۽ لفظ سندس غلام ٿا لڳن ۽ اندازِ بيان
جي روانيءَ ۾ ”لڳي اتر واءُ ڪينجهر هندورو ٿئي.“
وارو تاثر آهي. سانتيڪو ۽ سُرور وارو:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.
*
نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
هي ظلم آهي اسان سان، اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي.
اها رواني، اها سانت ۽ اهو سُرور شمشير جي سموري
رومانوي شاعريءَ جي نمايان خاصيت آهي. ”دل جي
پرشوق دلاسن تي هليا آياسين.“ وارو قطعو هجي يا
ساڳئي وقت ڪنهن انقلابي يا مزاحمتي تاثر وارو شعر
هجي. انهن ۾ رواني ته آهي پر هڪ قسم جو دڙڪو ۽
ڌڌڪو به ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي.
مزدور جي محنت نظرانداز نه آهي،
جمهور جي آهنگ بي آواز نه آهي،
شب روز نئين دور جت تعمير ڪريون ٿا،
ڄاڻي ٿو زمانو به، اهو راز نه آهي.
هن وٽ حق گهرڻ جو انداز به مختلف آهي:
گهُري ٿو شمشير حق جيئڻ جو،
انهيءَ کي ماري ڇڏيو ته واهه واهه.
زندگيءَ ۾ ته ماٺ رهڻو ڪونهي، حق گهرڻا ئي آهن. ها
صرف موت ئي انهيءَ آواز کي روڪي سگهي ٿو. اهو
شمشير جو انفرادي آواز ته آهي پر اهو سماج جو
گڏيل، اجتماعي آواز به آهي. ڪنهن وقت سنڌي ادب جو
تجزيو ڪندي مون لکيو هو ته:
”سنڌ جي ادب ۾ ٽن قسمن جون ڌارائون گڏ وچڙ
آهن. اسان وٽ جاگيرداڻو ادب به آهي، جيڪو
جاگيرداري اخلاقياقت کي پيش ڪري ٿو، جنهن ۾
زندگيءَ کان ڪٽيل ڪهاڻيون ۽ داستان به آهن ته ٺلهي
ذهني عياشيءَ لاءِ ڪيل شاعري به آهي، ساڳيءَ ريت
بورجوا يورپ جي ادبي روايتن موجب لکڻ جو فيشن به
رهيو آهي، جنهن ۾ مبهم اشارا ۽ علامتون ملن ٿيون.
شاعريءَ ۾ شاعر جي داخلي ڪيفيتن جي اپٽار ۾ پڙهندڙ
جي اندر جي ڪيفيتن کي يڪسر وساريو وڃي ٿو. وري
سوشلسٽ نظريي وارا ڄاڻن ٿا ته سماج جي تضادن کي
طبقاتي روين سان ڏسڻو آهي، استحصالي طبقن جي انسان
دشمن روين کي اگهاڙو ڪرڻو آهي، هيٺئين طبقي کي
شعوري طرح مربوط ڪرڻو آهي. قنوطيت ۽ مايوسي (pessimism)
بدران رجاعيت، اميد پرستيءَ (optimism)
جي فضا پيدا ڪرڻي آهي. هاڻي ڇاڪاڻ جو اسان جي سماج
۾ هڪ ئي وقت ٽنهي قسمن جا رويا ملن ٿا، ان ڪري هڪ
جي جهلڪ ٻئي ۾ پئي ڏسبي، پوءِ هڪ ٻئي تي الزام
تراشي به ٿيندي آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪميٽيڊ
اديب ته اها ڳالهه ياد رکن ته اسان جي ادب جو
بنيادي ڪم ملڪي ۽ عالمگير سطح تي هڪ اهڙي انساني
معاشري جو تصور ڏيڻ آهي، جيڪو انسان جي حيثيت ۽
وقار بلند ڪري، اهو اهڙا قدر پيش ڪري جيڪي بدلجندڙ
زماني جي تقاضائن سان هم آهنگ هجن.“ (ادبي تنقيد،
فن ۽ تاريخ (ص224).
شمشيرالحيدري ڪيترو ڪميٽيڊ هو، مٿئين بيان جي
روشنيءَ ۾ سندس آزاد نظم جو هيءُ بند ڏسو، جنهن جو
عنوان آهي- مسرت جي منزل:
مسرت جي منزل طرف هڪ قدم،
ڏئي ٿو نئين زندگي کي جنم،
سدا لازوال آهي انسان جي عظمتن جو ظهور،
اها آهي بس زندگيءَ جي حڪايت،
اٽل آهي بس زندگيءَ جي رهگذر تي،
نظارن جي تبديلين جي روايت.
شمشير جي شاعري مقدار ۾ ته بيشڪ گهٽ آهي پر معيار
۾ گهٽ ناهي. هو اسان جي دور جو هڪ تمام وڏو، منفرد
۽ نرالو شاعر آهي. اڄ هو اسان ۾ ناهي پر سنڌي ادب
جي تاريخ ۾ هميشه زندهه رهندو. سندس ئي لفظن ۾ کيس
ڀيٽا ڏينديس ته:
ويو مري شمشير محزون درد ۾،
هو چڱو، جنت مڪاني، ڪِيم پڇ.
مددي ڪتاب
1.
لاٽ – شمشير الحيدري، اداره ادب – نو، حيدرآباد
2.
ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ. ڊاڪٽر فهميده حسين، روشني
پبليڪيشن 2011ع
3.
ڪاڪ محل، شمشير الحيدري، سنگم پبليڪيشن ڪراچي
1987ع
4.
شمشير هڪ دور جو نالو (مضمون) امداد حسيني، سنڌي
ٻولي جرنل، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد (جنوري
– مارچ 2012ع).
5.
مهراڻ، شاعر نمبر (حصو پهريون) سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شورو 1990ع.
شوڪت حسين شورو
مولا تي ننگ آهي
دنيا ۾ شايد ورلي ڪو اهڙو ماڻهو هوندو جيڪو ڪيڏيءَ
به مشڪل مهل پريشانيءَ ۾ هوندي به شڪايت ڪرڻ بدران
خوش طبعي وچان اهو چئي ته ”مولا تي ننگ آهي“.
سنڌيءَ جي نامور شاعر، ڊرامه نگار ۽ صحافي
شمشيرالحيدري جو ”مولا تي ننگ آهي.“
فقط هڪ تڪيه ڪلام ڪونه هو، پر ڄڻ هڪ ورد هو. هن جي
سڄي زندگي ان آڌار ۽ ان ڀروسي تي گذري، هُو
زندگيءَ جي روزمرهه جا مسئلا مولا تي ڇڏي پنهنجي
ڪم کي لڳو رهيو. شمشيرالحيدريءَ جو نه رڳو لکڻ جي
لحاظ کان، پر عملي طور پڻ سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي
لاءِ وڏو يوگدان آهي. سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي تنظيم
”سنڌي ادبي سنگت“ کي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهلائڻ، ننڍن
وڏن شهرن ۾ ان جون شاخون قائم ڪرڻ ۽ ان کي هڪ
سگهاري تنظيم ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪارنامو
شمشيرالحيدريءَ ڪيو.
سنڌي ادبي سنگت جو جوڀن شمشيرالحيدري جو جوڀن هو.
جنرل ايوب خان جڏهن ملڪ جو صدر هو، ته هن 1962ع ۾
هڪ قومي تعليمي پاليسي جوڙائي، جنهن تحت سنڌ جي
اسڪولن مان سنڌي پڙهائڻ بند ڪيو ويو ۽ ان جي بدران
سنڌي ٻارن کي اردو پڙهائڻ جو حڪم صادر ڪيو ويو. ان
نادري حڪم جي خلاف سنڌ ۾ هڪ وڏي تحريڪ هلي ۽ ان ۾
سنڌي ادبي سنگت جو سڀ کان وڌيڪ اهم ڪردار هو.
شمشيرالحيدري ان وقت سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري
جنرل هو. هن سنڌي ادبي سنگت کي پهريون ڀيرو هڪ
تحريڪ جو روپ ڏنو. قومي تعليمي پاليسي جي خلاف اها
تحريڪ سڄي سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙجي ويئي. حڪومت نيٺ
ان پاليسيءَ کي بدلائي سنڌي زبان کي اصلي حيثيت ۾
بحال ڪيو.
مون جيستائين شمشيرالحيدري کي ڪونه ڏٺو هو، ته هو
منهنجي تصور ۾ هڪ نهايت قداور ۽ ڳري شخصيت هو.
حيدرآباد ۾ 1965ع واري زماني ۾ گول بلڊنگ ۾ سنڌي
ادبي سنگت جون هفتيوار ڪچهريون ٿينديون هيون. آءٌ
جڏهن پهريون ڀيرو سنڌي ادبي سنگت جي ڪچهريءَ ۾
شريڪ ٿيو هئس ته مون ڏٺو هڪ سنهڙو سيپڪڙو، هڏائين
مُٺ شخص سنگت جي ڪاروائي هلائي رهيو هو، ڇا ته
سندس آواز ۾ گرج ۽ بردباري هئي ۽ ڳالهائڻ ۾ سانوڻي
درياء جي ڇولين جهڙي رواني هئي! پوءِ خبر پئي ته
اهو شخص شمشيرالحيدري هو. ان وقت به اهو سنهڙو
سيپڪڙو ۽ هڏائين مُٺ شمشيرالحيدري مون کي علمي طرح
نهايت قداور، بردبار ۽ شاندار شخص لڳو هو.
خود اعتمادي سان ڀريل شمشيرالحيدريءَ ۾ مون ڪڏهن
به خودي ۽ وڏائيءَ جو تِر جيترو اهڃاڻ محسوس نه
ڪيو، هن پاڻ کي ڪڏهن به وڏو شاعر نه سمجهيو، هميشه
مولائي طبيعت وارو، وڏن توڙي ننڍن سان هڪ جهڙو
رويو رکندڙ. اهائي سندس وڏائي هئي. ڪي ٿورا اديب
آهن جيڪي عام ڪچهرين توڙي اسٽيج تي اچي خلق جي
اڳيان تمام سٺو ڳالهائي سگهندا آهن.
شمشيرالحيدريءَ جي ڳالهائڻ توڙي سندس تقرير ڪرڻ جو
انداز ايترو وڻندڙ ۽ دلپذير هوندو هو جو دل
چاهيندي هئي ته کيس ٻڌندو رهجي. هُو ادب جي ڪنهن
به موضوع تي ايتري ڄاڻ ۽ گنڀيرتا سان ڳالهائيندو
هو جو ڄڻ وڏڦڙو وسڻ لڳندو هو.
شمشيرالحيدري ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جي جان
هوندو هو. سدائين مُرڪڻو ۽ کلڻو. ڪڏهن مذاق جي موڊ
۾ هوندو ته سندس چپن تي هڪ شرارتي مُرڪ هوندي هئي
۽ اهڙي وڻندڙ مُرڪ مون رڳو شمشير ۾ ڏٺي. اهي ماڻهو
سچ پچ خوش قسمت آهن، جيڪي ڪچهرين ۽ محفلن ۾ شمشير
سان گڏ ويٺا ۽ هن جي صحبت جو مزو ماڻيائون. ان
زماني ۾ ڪڏهن ڪنهن محفل ۾ شمشير ڪونه هوندو هو ته
هن جي کوٽ ايتري محسوس ٿيندي هئي جو اها محفل ٻُسي
ٻُسي لڳندي هئي. تڏهن دل چوندي هئي:
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،
محفل کي مچائيندو هن جوئي سخن شايد.
هڪ ڀيري اهڙي هڪ محفل مان شمشير سان گڏ اُٿي رات
جو دير سان پنهنجي دور جي مشهور ڪراچي هوٽل ۾
چانهه پيئڻ جي لاءِ اچي ويٺاسين. شمشير سگريٽ
دکايو، سگريٽ ڇڪيندي ان جي رک چانهه جي ڀريل ڪپ ۾
ڇاڻيندو رهيو. مون سمجهيو شايد مڌ جي نشي ۾ ائين
ڪري رهيو آهي. مون کانئس پڇيو: ”شمشير، هي ڇا پيو
ڪرين؟ هي ائش ٽري ڪونهي تنهنجي چانهه جو ڪوپ آهي.“
هن جي چپن تي شرارتي مُرڪ مڙي آئي ۽ چيائين: ”اڙي
بابا، توکي ڪهڙي خبر! آءٌ چانهه کي دوآتشه پيو
ڪريان.“ مڌ، ڪڙڪ چانهه ۽ سگريٽ شمشير جي لاءِ
مانيءَ کان وڌيڪ ضروري هوندا هئا.
شمشيرالحيدري شاعري ٿوري ڪئي آهي، پر اها جيتري به
آهي، سنڌي ادب جي نهايت خوبصورت شاعري آهي، اهوئي
ڪارڻ آهي جو هو سنڌ جي برک شاعرن- شيخ اياز، برده
سنڌي، تنوير عباسي، نياز همايوني، استاد بخاري ۽
امداد حسيني جي سٿ جو شاعر ليکيو وڃي ٿو. ”آزاد
نظم“ تي لکيل سندس طويل مقالو، سنڌي ادب جو اهم
دستاويز آهي. شمشيرالحيدري سنڌي ادبي بورڊ مان
شايع ٿيندڙ ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ محمد ابراهيم جويو ۽
غلام محمد گراميءَ جهڙين گرانقدر علمي ۽ ادبي
شخصيتن سان گڏ ڪم ڪيو. ان کان پوءِ حڪومت پاڪستان
جي اطلاعات کاتي طرفان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي
”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر ٿيو. هن ”نئين زندگي“ کي
سرڪار پبلسٽي ڪندڙ رسالي بدران ادبي رسالي جو رنگ
ڏئي ڇڏيو. سرڪاري نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد روزاني
”مهراڻ“ اخبار جي ايڊيٽري سندس حوالي ڪئي ويئي.
تڏهن روزاني ”مهراڻ“ پنهنجي اوج جو زمانو گذاري
مڙئي رڙهي پئي. شمشيرالحيدري ان کي وري نئين سر
اوج تي رسايو.
اهو ڏاڍو ڏکيو وقت هو. ملڪ جو چونڊيل وزيراعظم
ذوالفقارعلي ڀُٽو ڦاهيءَ تي چڙهي چڪو هو. جنرل
ضياءالحق جي آمريت زورن تي هئي. ان وقت جمهوريت جي
بحالي لاءِ ايم.آر.ڊي جي تحريڪ شروع ٿي، پر ان جو
زور سڀ کان وڌيڪ سنڌ ۾ هو، سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو ان
تحريڪ دوران مارجي ويا. سوين سياسي ڪارڪنن کي
گرفتار ڪري مارشل لا ڪورٽن طرفان سزائون ڏئي ڦٽڪا
هنيا ويا. اهڙي ڏکئي دور ۾ فقط ”مهراڻ“ اخبار هئي
جنهن ۾ ايم.آر.ڊي واري تحريڪ بابت خبرون شايع
ٿينديون هيون. تڏهن ڪراچي مان روزاني ”هلال
پاڪستان“
حيدرآباد مان روزاني ”عبرت“، ”سنڌ نيوز“، ”آفتاب“
۽ ”مهراڻ“ نڪرنديون هيون.
مارشل لا جي سختيءَ واري دور ۾ اخبارن ۾ سينسر جي
پابندي لڳل هئي. انڪري ايم.آر.ڊي واري مزاحمتي
تحريڪ جي خبرن کي پڻ سينسر جي قنئچي ڪٽي ڇڏيندي
هئي، پر جيئن ته
پير پاڳاري ذوالفقار علي ڀُٽي جي خلاف
PNA
واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو ۽ جنرل
ضياءالحق کي گهڻو ويجهو هو، انڪري سندس اخبار
”مهراڻ“ ئي فقط سينسر کان آجي هئي. ان وقت حالت
اها هئي ته ايم.آر.ڊي جي تحريڪ خبرن جا رڳو ٻه
وسيلا هئا. ماڻهو مارشل لا جي خلاف تحريڪ جون
خبرون بي.بي.سي ريڊيو تان ٻڌندا هئا، يا وري
”مهراڻ“ اخبار ۾ پڙهندا هئا.
شمشيرالحيدري کي خبر هئي ته مارشل لا حڪومت جي
خلاف هلندڙ تحريڪ جون خبرون ”مهراڻ“ اخبار ۾ ڇاپڻ
جو نتيجو ڪهڙو نڪرندو، پر هو جيترا ڏينهن ”مهراڻ“
جو ايڊيٽر رهيو، هن ڪنهن به نتيجي جي پرواهه نه
ڪئي. نيٺ کيس ”مهراڻ“ اخبار مان هٽايو ويو، جنهن
لاءِ هو اڳ ۾ ئي ذهني طور تيار هو.
اهو اعزاز به شمشيرالحيدري کي حاصل آهي، ته هو
پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جو پهريون سنڌي
ڊرامه نگار ۽ ڪمپيئر هو. پي.ٽي.وي ڪراچي تان جڏهن
سنڌي پروگرام هلڻ شروع ٿيا ته عبدالڪريم بلوچ
پروڊيوسر جي حيثيت سان جيڪو پهريون سنڌي ناٽڪ پيش
ڪيو سو ”زينت“ هو.
مرزا قليچ بيگ جي ناول ”زينت“ کي ڊرامي جو روپ
شمشيرالحيدريءَ ڏنو هو. ان کان پوءِ
شمشيرالحيدريءَ
جو پي.ٽي.وي سان مستقل تعلق قائم ٿي ويو. هن
ڪيترائي سنڌي ناٽڪ لکيا ۽ مختلف پروگرامن ۾
ميزبانيءَ جا فرض سرانجام ڏنا، جنهن کي اڄڪلهه
اينڪر پرسن سڏيو وڃي ٿو. ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾
جيڪڏهن ڪنهن پروگرام جو تڪڙ ۾ اسڪرپٽ لکائڻو هوندو
هو ته شمشير کي سڏايو ويندو هو. هن جي لاءِ ڪڙڪ
چانهه ۽ سگريٽن جو بندوبست ڪري پروڊيوسر ڪمري جو
در بند ڪري هليو ويندو هو، پوءِ شمشير جو ذهن
ڪمپيوٽر وانگر هلڻ ۽ هٿ لکڻ ۾ مصروف ٿي ويندا هئا.
شمشيرالحيدريءَ جي شخصيت جي وڏي خوبي اها هئي ته
هُو مخلص ۽ سچو ماڻهو هو. هن جي سڄي زندگيءَ جو
اهو اصول رهيو ته هو هميشه سچ ڳالهائيندو هو. هن
زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مصلحتن کان ڪم وٺي سمجهوتا ۽
خوشامديون ڪري ذاتي ۽ مالي فائدا ڪونه ورتا، نه
پنهنجي لاءِ نه پنهنجن ٻارن جي لاءِ. هن مشڪل
حالتن ۾ هوندي به خودداريءَ سان زندگي گذاري.
زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ بيماري جي بستري تي هجڻ
جي باوجود هن پنهنجي خودداريءَ
کي قائم رکيو ۽ سرڪار کي اپيل ڪانه ڪيائين ته سندس
مدد ڪئي وڃي.
لاشڪ شمشيرالحيدري سنڌ ۾ پنهنجي دور جو هڪ تمام
وڏو ۽ مثالي شخص هو. |