غلام مصطفيٰ سولنگي
شمشيرالحيدريءَ
جي ڊراما نگاري
ٽي وي چينلز جي ”کنڀي واڌ“ کانپوءِ جنهن صنف سڀ
کان وڌيڪ ترقي ڪئي آهي، سو ڊرامو آهي. تنهنڪري
موجوده دؤر کي ”ڊرامي جو دؤر“ چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه
ٿيندو. هلندڙ دؤر ۾ ٽي وي ڊرامي جنهن فني ۽
ٽيڪنيڪي سگهه سان زندگيءَ کي سندس مڙني پهلوئن
سميت پاڻ ۾ سمايو آهي، تنهن ڊرامي کي نه رڳو سڀ
کان اثرائتي صنف طور سونهون ڪرايو آهي، پر تخليقي،
ٽيڪنيڪي ۽ موضوعاتي تجربن جي هڪ نئين دنيا پڻ وجود
۾ اچي چُڪي آهي. ان صورتحال کي جيڪڏهن ويهه
پنجويهه سال اڳ جي ڊرامن سان ڳنڍي ڏسجي ته حيرت
ٿيندي ته ويهه _ پنجويهه سال اڳ ڊرامو ڪسمپرسيءَ ۽
زبون حاليءَ ۾ هيو ۽ هاڻي ان صورتحال مان نڪري
ڊرامي ڪيڏو نه جلديءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي
آهي. هاڻوڪي سنڌي ڊرامي، جنهن روايت مان جنم ورتو
آهي، تنهن جا سلسلا ته پري پري تائين پکڙيل آهن.
ان ڏس ۾ انگريزي ۽ اردو ٻولين جي ڊرامن مان لاڀ
پرائڻ تائين جا ڪيترائي مرحلا اچي وڃن ٿا. انهن
مرحلن کي هڪ روايت بنائڻ ۾ جن ماڻهن بنيادي ڪردار
ادا ڪيو آهي، تن ۾ شمشير الحيدريءَ جو نالو سڀ کان
مٿانهون، منفرد ۽ اهم آهي.
شمشيرالحيدري هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هيو. پاڻ
ڪيترين ئي صنفن ۾ پنهنجا تخليقي جوهر ڏيکاريا
هئائين. شاعري ۽ ڊرامو سندس خاص ميدان آهن. خاص
طورتي ڊرامي ۾ سندس رتبو ان لحاظ کان به منفرد ۽
مٿانهون آهي، جو هُن هڪ اهڙي وقت ۾ ٽي وي ڊرامي جي
فن کي جيئرو ڪيو، جڏهن ٽي وي ڊرامي جو ميدان بنهه
خالي هيو. اُن وقت ڊرامو لکڻ هڪ ڏُکي ۽ ڪَڙي رياضت
هئي، پر شمشيرالحيدريءَ ان روايت کي نه رڳو اڳتي
وڌايو، پر ان ۾ نوان نوان تجربا پڻ ڪيا. اُن وقت
ڊرامو ريڊيو يا وري ٿوروٿَڪو ادبي رسالن تائين ئي
محدود هيو. اسٽيج نه هئڻ برابر هئي. وسيلن جي کوٽ
۽ مجبوريءَ
One_ Act
ڊرامن کي هَٿي وٺرائي. انهن سڀني مسئلن جي هوندي
هڪ نئين واٽ ڪڍڻ نهايت ڏکيو ڪم هيو.
شمشيرالحيدريءَ جوڙجڪ، ٽيڪنڪ ۽ مواد جي هڪ نئين ۽
سگهاري تخليقي عمل وسيلي سنڌي ڊرامي کي اُها
شاندار روايت عطا ڪئي، جنهن جي ڪُک مان اڄ جو سنڌي
ٽي وي ڊرامو ڄائو آهي. 2 نومبر 1967ع تي روشنين جي
شهر ڪراچيءَ ۾ پاڪستان ٽيلي ويزن ڪراچي مرڪز جو
افتتاح ٿيو. ٺيڪ ٻن سالن، ٻن مهينن ۽ ويهارو ڏينهن
کانپوءِ 22 جنوري 1970ع تي سنڌي پروگرامن جي
شروعات ڪئي وئي. ان وقت سنڌيءَ ۾ اصلوڪن ڊرامن لکڻ
جي ڪا به روايت موجود ڪونه هئي. تنهنڪري ڊرامي جي
کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ شمشيرالحيدريءَ، مرزا قليچ
بيگ جي ناول ”زينت“ کي ڊرامائي شڪل ڏني.”زينت“
ڊرامي جي پيشڪش عبدالڪريم بلوچ جي هئي. ٽن قسطن تي
مشتمل هن ڊرامي جي پهرين قسط 29 _ جنوري 1970ع تي
سنڌ جي ناظرين ڏٺي. ان کانپوءِ پروگرام ”رس رهاڻ“
۾ جيڪي ڊراما نشر ڪيا ويا، تن ۾ شمشيرالحيدريءَ جا
ڊراما سڀ کان گهڻا آهن. هِي اُهي بنيادي ڊراما
هئا، جن سنڌي ڊرامن کي نَون لاڙن سان سونهون
ڪرايو. 80ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري
شمشيرالحيدري”ڪاڪ محل“ ڊرامو لکيو. ان ڊرامي سنڌي
ڊرامي جي روايت کي تمام گهڻي اوج تي رسايو. ان
کانپوءِ پي ٽي وي ڪراچيءَ لاءِ شمشيرالحيدريءَ
ڪيترائي سيريلز، سيريز ۽ سولو پليز لکيا. ”دوست
پيهي در آيو“، ”دنيا دل وارن جي“، ”چمن آرام گهر“
۽ ٻيا ڏيڍ سئو کن ڊراما شمشيرالحيدريءَ جي ڪريڊٽ
تي آهن. انهن سڀني ڊرامن کي فن جي نواڻ، ٽيڪنيڪي
رچاءَ ۽ تجرباتي ڪشادگي ۽ گهرائيءَ جي ڪري هڪ مکيه
حيثيت حاصل آهي. شمشيرالحيدري جا هڙئي ڊراما
زندگيءَ کي اُن جي مڙني جُزن ۽ رخن سميت پنهنجي
گرفت ۾ وٺن ٿا ۽ سماجي رشتن ناتن ۽ لڳ لاڳاپن کان
ٿيندا باطني گهرائين تائين سفر ڪرائين ٿا. انهن
ڊرامن جو مرڪزي تصور انساني فطرت ۽ سماجي ڍانچي
جي ڏِنگاڻ جي ٽڪراءَ ۽ زندگيءَ جي عمل سان
سلهاڙيل آهي. سندس ڊرامن جا ڪردار زندگيءَ جي
مختلف طبقن جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ پنهنجي مسئلن جي
ڌُٻڻ ۾ ڦاسڻ جي باوجود به انساني عظمت جا خواب ڏسن
ٿا. گڏوگڏ اهي انساني پيڙائن ۽ ڏکن مان لنگهي ڪري
هڪ مثالي صورتحال جي خواهش ڪندي پنهنجي ڏسندڙن کي
زندگيءَ سان نبرڻ جو شعور عطا ڪن ٿا.
ڊرامي ۾ لکندڙ جو ”زندگيءَ جو نظريو“ گهڻو چِٽو ٿي
ڪري سامهون ايندو آهي ته هُو پنهنجي ڏسندڙن جي
ذهني تربيت ڪري رهيو آهي يا کين پراڻين روايتن جو
قيدي بنائي رهيو آهي. شمشيرالحيدريءَ جو نظريو
ترقي پسنداڻو آهي ۽ هُن پنهنجي فن کي هميشه علم ۽
ساڃاهه جي پکيڙ جو ذريعو سمجهيو هو. تنهنڪري سندس
ڊرامن جا ڪردار بدترين صورتحال هوندي به جيئڻ جي
جاکوڙ ڪرڻ سان گڏ ڏاڍ ۽ انياءَ جي خلاف محاذ
ٺاهيندي نظر اچن ٿا. ڊرامن جي حوالي سان
شمشيرالحيدريءَ جو اهو به ڪمال آهي جو هُو رڳو
احساس ۽ جذباتي رد عمل تائين محدود نه ٿو رهي، پر
ٻه_ ٽي وکون اڳتي وڌي زندگيءَ کي اُن جي گهرائيءَ
۾ وڃي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ صورتحال کي هڪ فڪري
ڇنڊ ڇاڻ جي عمل مان گذاري ٿو.
شمشيرالحيدريءَ ڪيترائي سولو پليز به لکيا. سولو
ڊرامن ۾ هڪ ڊراما نگار جن حدن جو قيدي ٿي ويندو
آهي، اُهي ڏاڍيون ڏکيون هونديون آهن. انهن حد
بندين ڪري فن جي پرک شروع ٿي ويندي آهي. پنجويهن
يا وري پنجاهه منٽن ۾ ڊراما نگار کي زندگيءَ جو هڪ
تسليءَ جوڳو ۽ هڪ نمائنده رُخ پيش ڪرڻو هوندو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ وٽس واقعن جي چونڊ ۽ مڪالمن جي
ڀرپور ۽ اثرائتي پيشڪش نهايت اهم هوندي آهي. ان
کانسواءِ انهن حدن ۾ رهي ڪري کيس هڪ وڏو فني تجربو
به ڪرڻو پوندو آهي ۽ پڻ ڊراما نگار جي حيثيت سان
پنهنجي ساک به برقرار رکڻي پوندي آهي.
شمشيرالحيدريءَ جي سولو ڊرامن ۾ ڪردار نگاري،
واقعن ۽ تاثر جو هڪ سهڻو ۽ وڻندڙ ڳانڍاپو جنم وٺي
ٿو ۽ اهڙيءَ طرح هُو ٿورڙي وقت ۾ گهرو معنوي تاثر
پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته
شمشيرالحيدريءَ جي ڊرامن جا موضوع گَهڻ پاساون
سماجي روين مان جنم وٺن ٿا. شمشيرالحيدريءَ جي
ڊرامن جي هڪ خوبي اها به آهي جو هُو بيحد نرم ۽
معصوم انداز ۾ انساني مزاج ۽ فطرت جي وڏن وڏن ڏکين
مرحلن تان نقاب هٽائيندو ٿو وڃي. هُو هورڙيان
هورڙيان پنهنجي ڏسندڙ کي ڊرامي جي دنيا ۾ اهڙيءَ
طرح ته ڇِڪي وٺي ٿو جو اهو ڏسندڙ، هڪ ڏسندڙ نه پر
پاڻ کي ان ڊرامي جو هڪ ڪردار سمجهڻ لڳي ٿو.
شمشيرالحيدري ڊرامي جي فن جي مِڙني باريڪين کان نه
ڳو سونهون هيو، پر پنهنجي تخليقي جوهر وسيلي ان کي
مرضيءَ مطابق قالب ۾ لاهڻ جو پڻ ماهر هيو. ان
کانسواءِ سادين ڪيفيتن ۾ به گهري لذت پيدا ڪرڻ جو
گُر ڄاڻيندو هيو. ڊرامن وسيلي انساني زندگيءَ جي
رازن جا پردا کوليندي کوليندي هُو هڪ اهڙي مثالي
دنيا جو تصور پيدا ڪري ٿو، جيڪو هڪ نظرياتيت ۽
ڪميٽيڊ اديب جو بنيادي آدرش هوندو آهي. پر ان آدرش
جي اظهار لاءِ هُو ڇرڪائيندڙ ڪيفيت يا وري سستي
جذباتين کان ڪم نه ٿو وٺي، پر نهايت آهستگيءَ ۽
سليقي سان هڪ عام صورتحال کان بلند ٿي ڪري هڪ خاص
ڪيفيت ۾ داخل ٿئي ٿو.
شمشيرالحيدري، زندگيءَ کي مڙني لاهن چاڙهن سميت
قبول ڪيو هو. تنهنڪري سندس ڊرامن ۾ زندگي پنهنجن
گهڻن پاسن سان پڌري ٿئي ٿي. ان حوالي سان ڏسجي ته
سندس سماجي نقطي نظر نهايت هاڪارو ۽ صحتمند آهي.
سندس ڊرامن جا ڪردار نه ته جذباتيت سان بغاوت ڪن
ٿا ۽ نه ئي وري ان کان ڪَن لاٽار ڪن ٿا، پر هڪ
سليقي ۽ حوصلي سان زندگيءَ جي مسئلن ۽ پيڙائن سان
مُنهن ڏين ٿا. ان جو سبب اهو آهي جو
شمشيرالحيدريءَ پنهنجي ڊرامي جي وسيلي انسان کي
سندس مڪمل سماجي دائري جي حوالي سان سمجهڻ ۽
سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حالتن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل
سماجي زندگيءَ ۽ انساني فعلن ۽ عملن جون جيڪي به
شڪليون ٺهنديون آهن ۽ جهڙيءَ ريت خواهشون، حسرتن ۾
بدلجي انساني پيڙائن جو روپ وٺنديون آهن، تن کي
شمشير الحيدريءَ گهرائيءَ ۾ وڃي محسوس ڪيو آهي ۽
انهن جو سماجي مطالعو ڪري کين پنهنجي مڪمل پس منظر
سان گڏ پنهنجن ڊرامن ۾ سمايو آهي. اهو سندس فن جي
ڪمال ۽ گهري نظر جو ثبوت آهي. پي ٽي ويءَ لاءِ
لکيل سندس مڙني ڊرامن ۾ فني سگهه ۽ تخليقي حسن
پوريءَ طرح موجود آهي ۽ تنهنڪري اهي سڀ ڊراما
مجموعي سنڌي ڊرامانگاريءَ جي روايت ۾ پيڙهه جي پٿر
جي حيثيت رکن ٿا.
نذير احمد چنه
شمشير الحيدري صاحب
شمشيرالحيدري، سنڌ جي تاريخ جو امر باب آهي، سندس
شخصيت جي رواني ۽ شگفتگي هميشه ياد رهندي. شمشير
سان واقفيت ۽ پوءِ دوستي سنه
63-1962ع ۾ حيدرآباد ۾ منهنجي ۽ منهنجي شهيد ڀاءُ
مشتاق چنه جي مضبوط بنيادن تي قائم آهي. انهن
بنيادن جو واسطو اسان ڀائرن پاران ون يونٽ تحريڪ
جي سلسلي بوٽ پالش تحريڪ کي اسان پوري حيدرآباد ۾
تمام متحرڪ ڪيو. جنهن ۾ محترم شمشير صاحب، سائين
غلام محمد گرامي صاحب، ناصر مورائي صاحب ۽ حليم
بروهي صاحب وڏو سهڪار ۽ شموليت ڪئي، پر شمشير صاحب
ادبي پروگرامز جيڪي خاص طور ڪراچي شهر ۾ منعقد
ڪرايا هئا، انهن ۾ شمشير صاحب جي شموليت اهم هوندي
هئي.
ڪراچيءَ جي حوالي سان ايدووڪيٽ نور الدين سرڪي
صاحب، اقبال جتوئي صاحب پڻ تمام اهم ڪردار ادا
ڪيو. اڄ شمشير حيدري صاحب جي پهرئين ورسي جي حوالي
سان مان سندس علمي، ادبي خدمات جي تعريف ڪندي اهو
به اظهار ڪريان ٿو ته 1973ع کان وٺي 1980ع تائين
منهنجي
News Producer Strip
جي دوران شمشير صاحب ڪراچيءَ
کان سنڌي نيوز جي نشريات ڪرڻ ۾ منهنجو مڪمل ساٿي
رهيو. اهڙي طرح شمشيرالحيدري ڪڏهن به ڪوڙي شهرت ۽
وڏائي واري رويي کان هميشه باز رهيو. سنڌي قوم کي
انهي شمشير صاحب جي نقش قدم تي هلڻ جو پيغام ڏيڻ
چاهيان ٿو. پاڻ انسان دوست نسل پرستي، تنگ نظر کان
هميشه پري رهيو.
حسيني اياز سومرو
حُبدار
حيدرِ ڪرار
شمشير صاحب، جُون 1993ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو
سيڪريٽري ٿي آيو، ته سڀني کان پهريان منهنجي دوست
طارق عالم ابڙو اڳتي وڌي، سنڌ جي هن حيدريءَ جي
قدم بوسي ڪندي خير عافيت ڪئي، حيدري بورڊ جي ٻين
ملازمن سان ملندو جڏهن مون وٽ پهتو ته غور سان
چهرو ڏسندي چيائين ته: ”سومرا تون به هتين آهين
ڇا؟“ اهو چئي پُٺي ٺپي پنهنجي آفيس ڏانهن بورڊ
عملدارن سان گڏ هليو ويو، ضروري ڪاغذ پٽن تي
صحيحون ڪرائڻ لاءِ آءٌ پنهنجي آفيس سپرنٽينڊنٽ سان
گڏ، سندن آڏو بيٺو هئس. واندي ٿيڻ شرط مون کي هٿ
جي اشاري سان سڏ ڪري پڇيائين ته: ”سومرا اُستي
حيات جي خبرچار ڏي؟“ عرض ڪيم ته سائين ان کي ته
حيدرآباد وارن لساني هنگامن ۾ دهشتگردن شهيد ڪري
ڇڏيو، کن پل لاءِ مون کي ڏسندو رهيو، ٿڌو ساهه ڀري
ان جي پونئرن جي پڇا ڪيائين. ٻڌايومانس ٽي پٽ آهن،
ٻه ننڍا آهن، هڪ وڏو آهي جيڪو ليٿ مشين جي دڪان تي
ڪم ڪندو آهي. يڪدم چيائين ته ان سان فوراً رابطو
ڪري 30 منٽن اندر مون کي ان سان ملاءِ. حيدري جي
حڪم جي تعميل ڪئي وئي. ان ڇوڪري کي سڏايو ويو،
جنهن کي آئل لڳل ڪپڙا پهريل هئا ۽ هٿ آئل ۾ ڀريل
هئا جنهن کي چيائين ته مون کي چانهه ٺاهي پيار ڇو
جو تنهنجو پيءُ چانهه تمام سٺي ٺاهيندو هو. همراهه
ڪڏهن پنهنجي لاءِ چانهه ڪونه ٺاهي هئي سو صاحب جي
حڪم جي تعميل ۾ لڳي ويو. حيدري صاحب ٻڌايس ته
سليماني چانهه ۾ هڪ چمچو کير ۽ 16 داڻا کنڊ جا هجڻ
کپن. همراهه چانهه تيار ڪري ڊڄندو ڊڄندو آفيس ۾
آيو. حيدري صاحب چانهه جو ڍڪ ڀريو ۽ چيائين ها پڪ
ٿي ته تون اُستي حيات جو پٽ آهين. هاڻي تون روز
آفيس ۾ ايندين ۽ منهنجي آفيس ۾ في الحال نائب قاصد
جي ڊيوٽي ڪندين.
صاحبو!! ڳالهه ڇوڪري کي نوڪريءَ ۾ رکڻ جي ڪونه هئي
.بقول حيدري صاحب جي ڳالهه هئي حق ادائي جي، ڇو جو
ڇوڪري جي پيءُ جي لجپت روڊ تي چانهه جو هڪ مشهور
هوٽل هوندو هو جتي حيدرآباد سان تعلق رکندڙ اديب،
فنڪار، گلوڪار اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ ڪچهري مچندي هئي
حيدري صاحب جي بيٺڪ به اتي هوندي هئي ۽ چانهه بسڪٽ
جو کاتو هلندو هو. ان هوٽل کان ٿورو پرڀرو رساله
روڊ تي ڪوٽڙي والا چيمبر نالي هڪ ڪمپائونڊ هوندو
هو جتي ”هلال پاڪستان“ جي آفيس هوندي هئي ۽ حيدري
صاحب اتي نيوز ايڊيٽر هوندو هو. بقول حيدري صاحب
جي ته هڪ سفاري سوٽ ۾ مون اتي اٺ ڏهه مهينا نوڪري
ڪئي ۽ انهن اٺ ڏهه مهينن دوران منهنجي چانهه، بسڪٽ
جو کاتو، اُستي حيات جي هوٽل تي هلندو هو ۽ اُستي
ڪڏهن به اهو نه چيو ته هيترو کاتو ٿيو آهي، نه اصل
نه جهڙو اُستي حيات جو ڀريل ڀريل بت هوندو هو،
اوتري ئي دل به. بدقسمتي جو اوچتو ملڪي حالات خراب
ٿي پيا، جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ٿي ويو. اسان
قلم مجاهدن کي رات جي اونداهي ۾ شهر بدر ٿيڻو پيو
۽ ”هلال پاڪستان“ اخبار کي سکر شهر منتقل ڪيو ويو.
انهن ڏينهن کان پوءِ اهڙن همدردن، سچن ماڻهن کان
ملڻ جي حسرت ئي دل ۾ رهجي وئي. گهڻي عرصي بعد جڏهن
پنهنجي جهوني ليبر يونين جي ساٿي استاد عيسيٰ خان
جي لاڏاڻي جو ٻڌي ڪراچي مان حيدرآباد آيس ته حبو
سان گڏ استاد جي تڏي تي عذرخواهي لاءِ ويس، اتي
اُستي حيات جي خبر پئي ته گذاري ويو آهي، ڏک سان
گڏ پشيماني سامهون هئي. زماني جي گردشن، ستم
ظريفين ۾ وقت گذرڻ لڳو جو سنڌي ادبي بورڊ ۾ استاد
عيسيٰ خان جي فرزند سان ملاقات ٿي ۽ اُستي حيات جا
ٿورا لاهڻ جي ڪوشش ڪيائين.
صاحبو!! بابا جي نسبت سان شمشير صاحب بورڊ ۾ مون
کي تمام ويجهو رکيو. جنهن ڪري آفيس جي ڪم ڪار کان
علاوه سندن ذاتي مصروفيتن ۾ به مون کي گهر جي فرد
جيتري اهميت مليل هئي. شمشير صاحب سان جيترا به
سال گڏ رهيس. مون هڪ ڳالهه نوٽ ڪئي ته شمشير صاحب
ڪڏهن به ٽيڪ ڏئي نه ويهندو هو، پوءِ اها ڪرسي هجي،
صوفا هجي يا ڪار جي سيٽ. هڪ ڏينهن نيٺ مون ان جو
سبب معلوم ڪيو، مسڪرائي چيائين: ٽيڪ ڏيڻ، سست ۽
ٿڪل ماڻهو جي نشاني آهي. واقعي شمشير صاحب زندگيءَ
جي آخري ڏينهن تائين به نه ٿڪيو تڏهن ته پنهنجي
آخري سالگرهه ۾ به بلڪل تندرست ۽ چوبند هشاش بشاش
ڏسڻ ۾ آيو پئي. نظر بيوفائي ڪري وئي ته ڇا ٿي پيو.
هو پنهنجي نالي جي اثر هيٺ ڪڏهن نه ٿڪجندڙ تلوار
جيان وقت جي باطل قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو،
شهادت جي افضل رات ۾ حيدر ڪرار جي حاضريءَ ۾ وڃي
حاضر ٿيو ۽ اسان کي اهو پيغام ڏيئي ويو ته حق ۽ سچ
جي راهه تي هلڻ وارن جو لاڏاڻو به حق سچ جي ڏينهن
۾ ٿيندو آهي. تڏهن ته شيخ اياز هيءُ نظم شايد
شمشير لاءِ ئي جهونگاريو هئو ته:
منهنجا جهونا ساٿي
اڄ تنهنجو جنم دن آهي،
مان چاهيان ٿو توکي
اڇوتي موتي جهڙو
هڪ لڙڪ آڇيان
تون جو اجهل ۽ اروڪ آهين
۽ اڃا تائين ساڳئي رستي تي وڃي رهيو آهين
رستو جو اونهي کڏ ڏانهن وڃي رهيو آهي
تون پنهنجي ڌن جو پڪو آهين
۽ تون ڌوڪيندو وڃين رهيو آهين
انهيءَ رستي تي
جو وڃي رهيو آهي اونهي کڏ ڏانهن
تون سمجهين ٿو ته ان کڏ ۾ ڪو بيٺو آهي
جيڪو توکي جهپي وٺندو!
منهنجا جهونا ساٿي
اڄ تنهنجو جنم دن آهي،
مان چاهيان ٿو توکي
اڇوتي موتي جهڙو
هڪ لڙڪ آڇيان.
شمشيرالحيدريءَ جي ياد ۾ شعري ڀيٽا
مير عبدالرسول ’مير‘
روشني
شمشير جي نانءُ
روشني
بيهي نه ٿي
هلندي رهي ٿي
ڏينهن رات!
روشني
رُڪجي نه ٿي
ٿڪجي نه ٿي
سهڪي نه ٿي
ساهي پَٽي ٿي
ڪانه ڪڏهين
وقت وانگر!
روشني
گَهٽجي سگهي ٿي
۽ وڌي ڀي سگهي ٿي،
بخت وانگر!
روشني
آوازُ ناهي،
جو سهاري کان سوا
بيهي وڃي،
۽ اها محتاج
’مِيڊيم‘ جي نه آ،
هُوءَ خلا مان ڀي
اِئين گذري وڃي ٿي،
جئن هوا مان،
جئن فضا مان!
روشني
هلندي رهي ٿي
روز جنهن رفتار سان،
سا ته
ڪهڙي ريت ڀي،
ڪنهن به ’مادي‘ جي
نه ٿي آهي
نه ئي ٿيندي ڪڏهن!
روشنيءَ جو
هي سفر
جاري رهيو آهي
ازل کان،
جو ڪٿي کُٽڻو نه آ
ٽُٽڻو نه آهي!
روشني
بي رنگُ آهي،
پو به ان ۾
رنگَ فطرت جا سڀئي
موجود آهن،
تنهن ڪري
ان ساڻ آهي
زندگي انسانَ جي!
هي ڪَوي
جيڪو به هڪ
انسانُ آ، پر
هي مهانَ آهي
مِڙين کان
ماڻهپي ۾!
هي
علمبردار آ
انسانيت جو،
هي ته
دعويدار آهي
سَچَ جو
۽ مَچَ جو!
تون به شاعِرُ،
پر اهو شاعر
اهو انسانُ آهين،
جو مثالَ آهين
تون پنهنجو پاڻ ئي
ڪردار ۾
پرچار ۾
گفتار ۾
اظهار ۾!
تو
گُذاري زندگي
جنهن رنگ ۾
۽ ڍنگ ۾،
سا اسان جي لاءِ روشن
راهه آ،
سا اسان جي لاءِ آهي
روشني!
تو
ڏنو پيغام جيڪو
قوم جي تعمير جو
تخليق ۾
تحرير ۾
تقرير ۾،
محفلن جي
روپ ۾،
شاعريءَ جي
ويس ۾،
۽ ادب جي
جنهن اوٽ ۾،
سو ته رهندو
لاٽ وانگر،
اونچي اونچي
ڳاٽ وانگر،
ڀاڳ وانگر،
واڳ وانگر،
ماڳَ وانگر،
۽ جُڳن جي
جاڳ وانگرَ،
ديس وارن جي
دلين ۾!
تنهنجو پورهيو
عمر ڀر جو،
عمر ڀر جو،
روشني آهي
اسان لئه،
جو ڪڏهن
کُٽڻو نه آ
رُڪڻو نه آهي،
ايستائين
جيستائين
انڌُ آ
انڌيرُ آهي،
۽ پَراهون پنڌ آ!
ايستائين،
جيستائين
ديسُ آهي
سنڌ آهي
۽ اسان جي
جندُ آهي!
ايستائين
جيستائين
هي حياتَ
آ
ڪائنات آ!
تون اسان جو
چنڊُ هوندين!
تون اسان جو
سِجُ هوندين!!
|