ع.غ تبسم
شمشير واقعي صدين جو پڙاڏو رهندو
آءٌ فخر سان وڏي واڪي اهو چوندس ته: هو لطيف جو
اهو سورمو هو جو جيڪڏهن لطيف سرڪار جي ڏينهن ۾ هجي
ها ته سندس ڏات، ڪمال جي ڪردار رکندڙ، باضمير هئڻ
پنهنجي اعليٰ ظرفيءَ، ساڻيهه ۽ سونهن پرستيءَ
جهڙين ناياب عملي خصلتن ڪري ان ايڏي وڏي ڪردار
نگار، شاهوڪار ۽ شاهڪار سرجڻهار سرتاج الشعراءِ جي
قلم جو ضرور موضوع بڻجي ها.
پنهنجي علميءَ ۽ ادبيءَ قد ڪاٺ ۾ هن يگاني شمشير
جهڙو مثال منهنجي ٻاهٺ سالن جي عمر ۾ مون آڏو ٻيو
رهيو ئي ڪونه ۽ اها اهڙي ببانگ دُهل واري منهنجي
دعويٰ صرف ٻڌ سڌ تي نه پر ساڻس گڏ گهڻو وقت گذارڻ،
زندگيءَ جي ڪيترن ئي سفرن جي همسفريءَ ۽ رفاقتن جو
نچوڙ آهي. جنهن ۾ اڃا سندس ڪيتريون ئي اعليٰ
قدريون منهنجيءَ ويسر ڪري مون کان رهجي سگهن ٿيون.
پر هو انساني ڪردار جو پنهنجي وجود ۾ هڪ ناپيد ۽
ديومالائي ڪردار هو. هو سنڌ جي نابيني شعور جي
لاشڪ بينائي هو.
جنهن دور ۾ هڪ هريڙ آڌر هر ماڻهو پسارڪو هٽ کوليون
ويٺو وڃي، اتي ان دور ۾ شمشير هڪ وڏيءَ وٿ وارو نه
صرف پنهنجي پيٽ پوڄا وارو حڪيم پر سنڌيءَ قوم ۽
ٻوليءَ جو غير متنازع ۽ بي مثال اڪابر مسيحا پڻ
رهيو.
سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مشاعرن، ادبي، غير ادبي،
شادين مرادين جي ڪاڄن اڻ ڳڻين ڇيڄن، شغلن، راڳن،
ويراڳن جي ورونهن تي ڳائيندا وڄائيندا ٽهڪندا
ٽڙندا رهياسين. سندس زير لب مخصوص مرڪ سندس ننڍا
ننڍا موقعي محلن جا ڇپندڙ، انوکا ۽ مختصر لفظ ۽
جملا اڃا به منهنجن ڪنن ۾ ٻُرندا ۽ ذهن سميت
لُونءَ لُونءَ کي رقصان ڪندا آهن. آءٌ اڪيلي صرف
اڪيلي شمشير لاءِ ئي اهو چئي سگهان ٿو ته:
تجھے
ہم ولی
سمجھتے
جو نہ بادہ خوار ہوتا
(غالب)
پنهنجي اندرينءَ ٻاهرينءَ ڪل ڪائنات ۾ هو تنها خود
سر، قابلِ رشڪ، خوديءَ وارو انسان هو.
ہن
جي غربتن ۽ نادارين جو شايد ڪنهن کي اندازو هجي؟
پر پنهنجي ڪل عمر پنهنجي نفس سان جهيڙي هوغربتن ۾
جا اميري ماڻي ويو ان تي آءٌ ڀانيان ٿو ته سنڌ جي
ارڏائپ، سنڌ جي دانش ۽ سنڌ جو ضمير هميشه فخر ڪندو
رهندو.
ساڻس عمر جي آخري ڪجهه مهينن ۾ هن جو ۽ منهنجو
نوابشاهه پيپلز ميڊيڪل ڪاليج وارو ٻن ڏينهن جوساٿ
۽ عمر جي وچولي حصي ۾ سنڌ جي چپي چپي کان وٺي
آمريڪا جي واشنگٽن، ۽ نيويارڪ وارا گڏ گذاريل
ڏينهڙا هن عظيم شمشيرالحيدريءَ جي يادن جو خزانو
بڻجي عمر جي آخري پساهه تائين منهنجو سرمايو
رهندو. آءٌ سنڌ جي هن انوکي ڏات ڌڻي کي ڪڏهن به نه
وساري سگهندس. هن جي ڏاهپ هن جي شاعريءَ جي
وشالتا، نت نوان موضوع ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ نظم مروج
ڪرڻ ۾ سندس بنيادي ڪردار سنڌي شاعريءَ کي ابد
تائين ياد رکندو.
جي ڪلام ۽ ڪردار عملي جاکوڙ تي سطحي شمارن،
سيمينارن ۽ گڏجاڻين بدران آءٌ سمورن ادارن ۽ وس
وارن کي گذارش ڪندس ته هن املهه انسان جي جملي رخن
تي تحقيقي ڪم ڪرائين ۽ سندس نالي جو هڪ شاندار
ڪارنر پڻ قائم ڪيو وڃي جو ههڙو سڀني وصفين لازوال
ڪردار، شايد سنڌ وري صدين کان پوءِ ماڻي سگهي ۽
جنهن دور ۾ هيءُ جيڪو جياپو هلي رهيو آهي، ان کي
سامهون رکي آءٌ ائين به چئي سگهان ٿو ته سنڌ وري
شايد ئي ڪو ههڙو شمشير وري ٺاهي سگهي جيڪو سنڌ جي
سمورن آدرشن، قدرن، دانشوريءَ، بردباريءَ ۽
حياداريءَ جو يڪ جاءِ مثال بڻجي سگهي.
هدايت بلوچ
مولا تي ننگ آ
طبعي طور نٻل، معاشي طور تي مفلس، دماغ دهرو، آواز
ڪڙڪيدار، خاموش طبيعت، پر ڳالهائي ته وٺ ڪونه
ڏيئي، جر ٿر تک تنوار وانگر، سندس قلم تخليقي نثر
۽ شاعريءَ سان گڏ ٽيليويزن تي ڊرامن لکڻ لاءِ سندس
گذر سفر جو ذريعو. شاعر، ڪالم نويس، نقاد سندس
شاعري توڙي نثر جو انوکو رنگ، ڪنهن به گلا غيبت ۾
نه، ڪنهن کي گارگند ڪرڻ وارو نه!
هلال پاڪستان کان مهراڻ تائين، سندس لکڻيون اداريا
بي ڊپا... ڪامريڊ آهي، پر ڪامريڊ هئڻ جي لاڦ نه
هنيائين، خاموشيءَ سان ڪم ڪندو رهيو. ”مهراڻ“
اخبار جو ايڊيٽر ٿيڻ کان اڳ، ان اخبار جي مالڪ
حضرت پير سائين پاڳاري سان سندس تفصيلي ملاقات ٿي
هئي. پير سائين سگار پي رهيو هيو، شمشير کي به
سگار آفر ڪيو هئائين، پر شمشير کيس چيو هو ”نه
سائين! منهنجو پنهنجو برانڊ آهي“ پوءِ شمشير ولس
سگريٽ جو پاڪيٽ ڪڍيو ۽ پنهنجا سگريٽ ڇڪيندو رهيو.
پير سائين جو آڇيل سگار نه پيڻ به ته هڪ مزاحمت جو
نمونو ئي آهي. بريڪنگ نيوز شمشير سگريٽ ڇڪڻ ڇڏي
ڏنو.
ڳالهه ٻولهه شروع ٿي، شمشير پير سائين کي چيو:
”سائين! توهان جي اخبار ۾ مان توهان جي ذات يا حرن
جون خبرون نه هلائيندس، اهو ڪونه لکندس ته حضرت
پير سائين هيڏي آيو، هوڏي ويو، يا حرن ڪهڙا ڪمال
ڪيا.“
پنهنجي منطق کي مضبوط ڪرڻ لاءِ
پير سائين کي چيائين:
”سائين! انگريزي اخبار ڊان هارون فيملي جي اخبار
آهي، انگريزي جي سڀ کان وڏي اخبار آهي، ان ۾ توهان
ڪڏهن به هارون فيمليءَ جي اٿ ويهه، اچڻ وڃڻ يا
سندس سرگرمين جي ڪا خبر پڙهي آهي، جنگ اخبار مير
خليل الرحمان جي آهي. اردوءَ جي سڀ کان وڏي اخبار
آهي، پر ڪڏهن مير خليل الرحمان يا سندس ڪٽنب جي
سرگرمين جي ڪا خبر نه ملندي. اهڙي ريت مان توهان
جي اخبار کي هڪ معياري اخبار بنائڻ چاهيان ٿو جيڪا
مريدن کان سواءِ عالم، دانشور ۽ ٻيا به پڙهي
سگهن.“
سندس منطقي ڳالهيون پير سائين کي پسند آيون ۽ کيس
اخبار هلائڻ جا ڪل اختيار ملي ويا.
پوءِ توهان ڏٺو ته جيڪا اخبار پير سائين جي مريدن
لاءِ ڇپبي هئي، ان کي شمشير جي قلم ڪٿان کان ڪٿي
پهچائي ڇڏيو. اتفاق سان اهو ايم. آر. ڊي جو زمانو
هو، شمشير جي موجودگي ۾ سندس اداريا اهڙا ايندا
رهيا جو ڄڻ انهن ۾ بجلي جو ڪرنٽ هجي، اخبار ڪيئي
هزارن تي وڃي پهتي، اخبار کپي ويندي هئي ته ڏهوڻي
قيمت تي وري پئي وڪرو ٿيندي هئي، يا چئجي ته بليڪ
تي وڪبي هئي. پير سائين جي مريدن ۽ حرن جي ميڄالي
۾ اخبار جو نئون انداز نه ويٺو،
پير سائين، گادي مريد ۽ حر سنڀاليندا آهن، هنن
پير سائين کي منٿون ڪري شمشير کي فارغ ڪرائي ڇڏيو.
منهنجو يار آهي، دوست آهي، چاليهن سالن جو ياراڻو
آهي، يار به آهيون، پاڙيسري به آهيون. ادبي دنيا ۾
اسان جو ٽياڪڙو مشهور هو. شمشير الحيدري، تاجل
بيوس ۽ مان. تاجل بيوس جي شڪل به شمشير سان گهڻي
ملندڙ هئي، شمشير نظر جو چشمو پائيندو هو، ان جهڙو
ڏسڻ ۾ اچڻ لاءِ تاجل به زيرو جو اڇو چشمو پائيندو
هو. اسان ٽئي پاڪستان ڪوارٽرس ۾ رهندا هئاسون، مان
۽ شمشير ته اڃا به اتي ٽڪيل آهيون، پر پوءِ تاجل
پاڪستان ڪوارٽرس ڇڏي ويجهو ئي گارڊن ۾ آفيسر
ڪالوني ۾ هليو ويو ۽ بعد ۾ اتان به هلي ويو، ڪنهن
پري واري علائقي ۾، پر پوءِ به اڪثر اسان جون
شامون گڏ گذرنديون هيون، ماڻهو سحر جا سڪائتا ۽
سوالي هوندا آهن، اسان ٽئي شامن جا شيدائي
رهياسون.
توڙي جو جوش مليح آباديءَ ۽ ساحر لڌيانوي به اسان
جي ڪيمپ جا ماڻهو هئا، پر الائي ڇو جوش لکيو هو:
ہم ایسے
بادہ کشوں
کو قبول حق کے
لئے،
اگر رسول نہ آتی
تو صبح کافی
تھی۔
يعني جوش کي صبح جو سمو
نئی
صبح پہ نظر ہے،
مگر آہ
یہ
بھی
نہ پہنچی۔۔۔
یہ
سحر رفتہ رفتہ کہیں
شام تک نہ پہنچی۔
مگر اسان ٽئي سحر کي شام تائين پهچائڻ لاءِ وڏا وس
ڪندا هئاسون ڇو ته:
”مڌ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو“ واري ڳالهه کي
اسان سچو ثابت ڪرڻ لاءِ وڏا وس ڪندا رهياسين.
ڳالهه هلي پئي ته پوءِ تاجل اسان کان ڏور وڃي گهر
ورتو، پر دل کان ڪڏهن به ڏور نه ٿيو، بقول ڀٽائي
”ڪي اوڏا به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين!“
اوڏا به ڏور جو مثال ته منهنجي گهر جي سامهون
رهندڙ ملا به آهي، جيڪو پنج وقت نماز پڙهندو آهي ۽
مسجد ۾ آذان به ڏيندو آهي، ڏور به اوڏا سپرين جو
مثال تاجل سائين، هو اسان کان طبعي طور پري رهندي
به دل کان دور نه ٿيو. بس عزرائيل هن کي اسان کان
جسماني طور ڏور ڪري ڇڏيو آهي پر هو اسان جي دل جي
ڌڙڪنن ۾ سمايل آهي.
شمشير، الله کي مڃيندو آهي الائي ڪونه، پر اثنا
عشري آهي. محرم جي مهيني ۾ سندس گهر وارا ڪارا
ڪپڙا اوڍي مجلسون ٻُڌڻ ويندا آهن، هيءُ شام جون
مون وٽ ايندو آهي. ڪارا ڪپڙا ته ڪونه پائيندو آهي،
پر سندس قميص جو آڳو جڳهه جڳهه تان سگريٽن جي ڦُلن
سان سڙيل هوندو آهي. ڪڏهن منهنجي ويٺي ئي سگريٽ جي
ڪا چڻنگ سندن دامن تي ڪري پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن
پڇندو آهيان: شمشير تنهنجي قميص جي دامن ۾ هيڏا
ٽنگ آهن، ته جواب ڏيندو آهي، ها ان جو اهو فائدو
آهي ته منهنجي قميص کٽيءَ کان مٽجي نه سگهندي آهي.
نصير مرزا ڪاوش ۾ شمشير بابت تمام سٺو ڪالم لکيو
آهي، جنهن ۾ هن مهرباني ڪري منهنجو حوالو به ڏنو
آهي، ان ڪالم ۾ نصير اهو به ٻڌايو آهي ته شمشير
ماڻهن جا نالا ڪيئن مٽائنيدو آهي، ان ۾ تاج بلوچ،
ذوالفقار نقوي، مقبول ڀٽي، ممتاز مرزا، منظور
قريشي، بيدل بدوي وغيره جا نالا اچي ويا آهن. هڪ
نالو ٻيو به آهي جيڪو نصير کان يا ته رهجي ويو
آهي، يا کيس خبر ناهي، اسان جو دوست آهي، سنڌ
گريجوئٽس جو سرگرم شخص آهي، ڪتاب ڇاپيندو آهي.
سندس نالو آهي ڪرم الاهي چنا، تنهن کي شمشير گرم
الاهي چڻا چوندو آهي. پنهنجو به نالو رکيو، اٿس
پاڻ کي ”شمشير الهيڏڙي“ چوندو آهي، تنوير عباسي
کيس ”ڪفگير الديڳڙي“ سڏيندو هو.
شمشير جي علمي حيثيت يا شاعريءَ تي ڳالهائڻ لاءِ
ته ٻيا ڳالهائيندا، ڇو ته مان اڃا ايڏو نه ٿي
سگهيو آهيان جو سندس شاعريءَ جي ڪمال تي ڳالهايان،
سندس شعر ۽ قطعا اڪثر دوستن کي زباني ياد آهن.
کيس عمر جي آخري حصي ۾ ملٽن جو مقابلو ڪرڻ جو شوق
جاڳيو، هو نابين ٿي پيو، ملٽن 44 سالن جي عمر ۾
نابين ٿيو. شمشير 82 سالن جي عمر ۾ هن کي چئلينج
ڪيو، شايد کيس ڪو سنڌي نابين شاعر ڪونه وڻيو جو هو
ملٽن سان مقابلي ۾ لٿو. پر دوستو! اها ته سراسر
ڌانڌلي آهي، ملٽن سان مقابلو ٺهي ئي ڪونه ٿو، هو
جوانيءَ ۾ نابين ٿيو هو، هيءُ 82 سالن جي عمر ۾
کيس چيلينج ٿو ڪري، اسان ان مقابلي کي نه ٿا مڃون.
دوست همدرديءَ لاءِ ايندا اٿس جواب ڏيندو آهي:
”اکيون رب رکيون“ ٿي ويون آهن، اڃا دوست همدردي جي
موڊ ۾ هوندا آهن ته شمشير پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾
چوندو آهي: ”هيستائين ڏسي ڪم هلايو اٿئون، هاڻي
ٻڌي ڪم هلائبو.“
دوستو شمشير جي پارت اٿوَ ڇو ته هميشه سندس مولا
تي ننگ هوندو آهي.
(شمشير جي آخري ڏينهن ۾ لکيل)
سلطانه وقاصي
سنڌي ادب جي جدوجهد جو هڪ باب
سدا ظلم جي
مات چوندا رهياسين،
سرعام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين
(شمشير الحيدري)
هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ جنم وٺي، اڄ جي ايڪويهين صديءَ
جي ظالم دور جي سفر تائين شمشيرالحيدري جهڙي
نازڪڙي، نماڻي، ارڏي، ماڻهوءَ زندگي سولي ڪونه
گذاري.
شمشيرالحيدري انهن اديبن مان هڪ آهي جن کي پڙهي
مون جهڙن ڪيترن اديبن لکڻ شروع ڪيو. اکيون بند ڪري
هليا وڃون ان دور ۾ جيڪو مون نه ڏٺو آ، شايد توهان
مان ڪيترن ان دور جا قصا ٻُڌا هوندا. سنڌ جي
تاريخ، جيڪا اديبن جي حوالي سان لکي ويئي آهي، يا
وري ٻُڌي ويئي آهي، ان دور ۾ شيخ اياز، جمال ابڙو،
رشيد آخوند، ثميره زرين، رشيد ڀٽي، امر جليل، حميد
سنڌي، غلام رباني، نسيم کرل ۽ ٻيا ڪيترائي وڏا
نالا آهن جن ان دور ۾ قلم کي هٿيار بڻائي ۽ سنڌين
جي بقا لاءِ جنگ جوٽي.
ڪنهن به شخصيت تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ سولو ڪم نه آهي.
خاص ڪري ادبي شخصيت تي لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اسان وٽ
سنڌي اديب هونئن ئي ڏچن ۾ هوندو آهي. آس پاس جون
نراسايون ڏيندڙ ماحول، اديب جي وجود ۾ بيچيني پيدا
ڪندو آهي. ڪجهه اديب جهڙوڪر شمشيرالحيدري فطرتاً
ارڏا هوندا آهن. پاڻمرادو بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر ڦٽي
ڪري تحرڪ پيدا ڪندا آهن. انهن جي وجود جي بيچيني
انهن جي لکڻين ۾ موجود هوندي آهي. هروڀرو پنهنجو
پاڻ کي پتنگن وانگر اچي آڳ ۾ وجهندا آهن.
مال موهي نه سگهيو، ڪاڪ کان جهلجهي نه سگهيا،
ڇال ڇورين جا لنگهي، ڪاپڙي وڌندا ئي رهيا،
مون کي اڄ شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي
پنهنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.
(شمشير الحيدري)
هڪ خوبي جيڪا سنڌي اديبن جي فطرت ۾ شامل آهي، اها
آهي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان محبت ۽ ڌرتيءَ جو درد.
هيءُ ڌرتيءَ جو درد اسان سنڌ واسين کي مقدر ۾ مليل
آهي. ان درد جي صليب تي ٽنگيل ڪيترائي اديب سالن
کان وٺي متحرڪ آهن. اهڙن ئي اديبن مان هڪ جو نالو
آهي شمشير الحيدري.
ڪٿي آهي شمشير جو چنگ چوري،
زمانو ته ڀلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون.
سنڌي اديبن جي ڪردار تي اڄ تائين ڪيترن لکيو آهي،
سنڌ جون حالتون جڏهن به ڪنهن انتهائي خطرناڪ موڙ
تي اچي وينديون آهن، ان ويل اسان مان ئي ڪي سڄاڻ
ماڻهو اديبن جي ڪردار جي وٺ پڪڙ ڪندا آهن. سائين
منهنجا مڃيوسين ته سنڌي اديب ڏوهي آهي. هن اديب
قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ قومي گيت لکيا، انقلابي
افسانا لکيا، انهن اديبن جو وڏو ڏوهه هيءُ آهي ته
هنن سنڌي قوم کي سجاڳيءَ جو سبق ڏنو. هي اديب قلم
جي تلوار سان سچ جي پلصراط تي هليا آهن، نه صرف
پاڻ هليا آهن، پر هن اٻوجهه قوم کي ڇڪي اچي پلصراط
تي بيهاريو آهي.
”شمشير“ جڏهن عزت و ذلت ٿي خدا جي هٿ ۾،
ڇو ڪنهن سان شڪايت ٿئي ڇو ڪنهن سان گلا مون کي
سنڌي ادبي سنگت (جنهن سان شمشيرالحيدريءَ جو
بنيادي واسطو آهي) جي تاريخ تي نظر وجهبي، ته
معلوم ٿيندو ته سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم مان
پيدا ٿي، اڳتي وڌندڙ اديب نه صرف پنهنجي خاندان،
پر سنڌ جي عوام جي به گڏيل ملڪيت آهن.
سنڌ جي ڌرتي جو هڪ عجيب مزاج آهي. ڏٺو وڃي ته قاضي
قادن جهڙو اديب، جنهن مخدوم بلاول جي شهادت ۾
متنازع ڪردار ادا ڪيو، پر ان جي ادبي پورهئي کي
ادبي دنيا ۾ رد ڪرڻ جي جرئت ڪير به نه ڪري سگهيو
آهي. اڄ به سنڌ جي ادبي تاريخ
قاضي قادن جي ذڪر کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو
اديب سالن کان وٺي ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جي حصار ۾
جڪڙيل رهيو آهي. ان سبب جي ڪري ئي اسان جي ادبي
تاريخ ۾ مزاحمتي ادب جو حصو گهڻو رهيو آهي. مزاجاً
سنڌي جنگجو، ويڙهاڪ ۽ تحريڪن هلائڻ ۾ هميشه اڳڀرا
رهيا آهن. رهبر سچا هجن، باقي سنڌي قوم هر وقت
قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي. ون يونٽ جي پوين
پساهن ۾ اديبن طرفان نڪتل حيدرآباد ۾ وڏو جلوس،
اديبن جون بک هڙتالون، ڪتابن ۽ رسالن تي پابنديون،
اديبن کي جيلن حوالي ڪرڻ، اها اڃا ڪلهه جي ڳالهه
آهي.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۽
نثر جي ذريعي احساس ڏاري ٿو. جي.ايم.سيد پاڪستان
جي نفي ڪري ڪيترائي ڪتاب لکي ٿو، ۽ نظر بند رهي ٿو.
هڪ قافلو آهي، جنهن ۾ شمشيرالحيدري،
رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، طارق اشرف، آغا سليم، سراج
ميمڻ، حميد سنڌي. حميد سنڌيءَ جي رسالي
روح رهاڻ ۽ طارق اشرف جي سهڻيءَ ۾ لکيل ايڊيٽوريل
۽ ٻيو مواد، اهائي سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي جي ادبي
ويڙهاند آهي، جنهن سنڌي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو.
هن هيڏي ساري تمهيد جو مقصد آهي ته اڄ هيءُ شخص،
جنهن جو نالو شمشيرالحيدري آهي، هو ان دور کان وٺي
اڄ جي دور تائين جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هو نه صرف
ادبي ويڙهه وڙهيو آهي، پر جسماني طور به تڪليفون
سَٺيون اٿس. سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تي
پنهنجي ساٿين سميت جيڪو
شمشيرالحيدريءَ
جو ڪردار آهي، سو ذڪر ڪرڻ يا ساراهه ڪرڻ کان
مٿاهون آهي.
هيءُ اسان جو ڏاهو، جيڪو اسان سڀني لاءِ قابلِ
احترام آهي ۽ اها به مون کي خبر آهي ته هُو ان دور
بابت ڪجهه تاريخ به لکي رهيو هو، اميد اٿم ته اهي
تاريخي حقيقتون ڪتابي صورت ۾ سنڌين آڏو جلد
اينديون.
انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي،
اڃا وقت کي پيئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي
(شمشير الحيدري)
شمشير الحيدريءَ جي شعرن جي چونڊ مان ڪونه ڪنديس،
مهراڻ رسالي ۽ هلال پاڪستان اخبار ۾ ڪيل ڪم جي
ساراهه ڪونه ڪنديس، ان جي عظمت جا قصا ڪونه
ٻُڌائينديس، صرف اهو چوڻ ڪافي آهي ته شمشير
الحيدري سنڌي ادب جي تاريخ ۽ جدوجهد جو هڪ باب
بڻجي ويو آهي.
اڄ اسان کي اهو به ته ياد رکڻو آهي، ته
شمشيرالحيدري کي موٽ ۾ اسان وٽان ڇا مليو آهي؟
جيڪڏهن حساب ڪتاب ڪبو ته پوءِ شمشير پنهنجا ڪپڙا
ڇنڊي، پري بيهي اسان کي ڏسي پيو مُرڪندو ۽ اسان
پنهنجا ناقدريءَ وارا جهول لڪائڻ جي باوجود به
لڪائي نه سگهنداسين. هڪ شڪايت عام آهي ته اسان
پنهنجي نالي وارن، جدوجهد ڪرڻ وارن جو قدر ڪونه ٿا
ڪريون. سچ پچ اهو وڏو سچ آهي. اڃا هفتو کن اڳ ۾
قمر شهباز جي ورسي هئي، اسان ان کي ياد نه ڪيو.
هاڻ ته اسان مئلن جا ماتمي به نه رهيا آهيون.
مان توکي ٻُڌايان ٿو ”ضيا“ دؤر جو قصو،
هٿ توکي ٻڌي يار مان فرياد ڪريان ٿو،
تون ياد ڪرين يا نه ڪرين ياد ڪريان ٿو.
اسان سڄاڻ اديبن کي هڪ اهڙو فصل پوکڻو پوندو، جنهن
۾ اسان ۽ اسان جو ايندڙ نسل پنهنجي مهان ڪردارن کي
ياد رکي. ياد رکڻ لاءِ انهن جي مڃتا، انهن جي
ڪردار جا سڀئي پهلو سامهون رکڻا پوندا. اڄ شمشير
الحيدري ۽ ٻيا ڪيترائي اديب اسان سان گڏ آهن، اسان
کي کپي ته انهن کي پڙهون، انهن کي ٻڌون، انهن جي
ڳالهين تي عمل ڪريون، جيڪي اسان وٽان هليا ويا
آهن، انهن جا ڏهاڙا ملهائي انهن کي مڃتا ڏيون.
جيڪڏهن ائين اسان نه ڪيو، ته پوءِ سليٽ تي لکيل
اکرن وانگر هڪ لمحي ۾ اسان ميسارجي وينداسين. |