فتح علي حيدري
بابا حيدري - سنڌ جو حقيقي مور
اڪثر اهو چيو ويندو آهي، ته هر ڪامياب مرد پٺيان
هڪ سگهڙ عورت جو هٿ هوندو آهي، مڃون ٿا ته اِها
ڳالهه درست آهي پر اسان جي نظر ۾ ڪاميابيءَ جو
مطلب، انهيءَ مرد جو دولتمند هجڻ آهي. هتي شمشير
(بابا) جي ڪاميابيءَ پٺيان امان جو ساٿ آهي. جنهن
عورت تمام گهڻي غربت ۾ به هن ڪامياب انسان سان
گذاريو. جنهن جو پورو گهر سنڌ هو، جنهن جون راتيون
سنڌ جي ڪنهن به گهر ۾ گذرنديون هيون. سنڌ جو هر
ٻار هن جو پنهنجو ٻار هو.
اهڙي دور ۾ جڏهن ٻار هجن ۽ مفلسيءَ جو عالم، جنهن
جي گهر جو منظر اهڙو هجي پر شاعريءَ ۾ رومانس ۽
سچائي هجي، هن ڌرتيءَ سان ۽ جنهن جي ٽي.وي پليز ۾
خوشي ۽ طنز و مزاح هجي، جنهن جي طبعيت ۽ مزاج ۾
بيورو ڪريٽڪ اسٽائيل نه هجي، شمشير جتي به هجي،
شمشير ئي نظر اچي ٿو. ڪالاباغ ڊئم جي لاءِ نيويارڪ
۾ مناظرو هجي يا ڪنهن ٻئي اشوءَ تي حيدرآباد ۾
شرڪت، شمشير جو آواز صاحبِ اقتدار لاءِ تلوار ثابت
ٿيو.
مون کي اڄ به ياد آهي ته جڏهن مون سندس ٽي.وي پلي
۾ ڪم ڪيو. اهو شخص ڪير هو جو شام تائين پروڊيوسر
جي ڪمري ۾ اسڪرپٽ لکندو ۽ اسان ياد ڪندا ۽ هڪ ٻن
ڪلاڪن ۾ رڪارڊنگ اوڪي ٿي ويندي، اهائي ڪوالٽي هئي
ته بابا سائين ڪيترن ئي آرٽسٽن، ڳائڻن ۽ نه ڄاڻ
ڪيترن ماڻهن کي اداڪار بنايو. ڪيترن ئي ماڻهن کي
شاعر ۽ اديب بنائيندڙ شمشير ڪڏهن به گهر کي ٽائيم
نه ڏنو. ڪڏهن ڪڏهن مان اهو سوچيندو آهيان ته ڪاش!
اسان به شمشير جو اولاد نه، پر دوست هجون ها ته
شايد اسان کي به اُن سان گڏ ويهڻ ۽ کانئس سکڻ جو
موقعو ملي ها.
هيءَ به هڪ حقيقت آهي، ته جڏهن به مون کانئس پڇيو
ته اوهان جي شاعريءَ جو ڪتاب ڪٿي آهي؟ ته چوندو:
”هڪ ڪاپي هئي، معلوم نه آهي ته ڪٿي آهي“، پر هتي
افسوس هيءُ آهي ته شمشير جي لاٽ، جيڪا هُن 1960ع ۾
ٻاري هئي، سڀني ان روشنيءَ ۾ پاڻ کي منور ڪيو، پر
اهو نه سوچيائون ته ڪيستائين اها لاٽ ٻرندي. اڄ به
شمشير جهڙا ڪيترا شاعر، اديب، ناول نگار ۽
ڪهاڻيڪار هوندا، جن جي تخليق، ڪنهن اداري ۽ سهاري
جو اوسيئڙو ڪندي هوندي. خدارا انهيءَ تي رڳو فخر
نه ڪريو ته اسان پنج هزار سال پراڻي سنڌ ڌرتيءَ جا
وارث آهيون، اسان کي اڄ اڳتي لاءِ سوچڻو پوندو،
اهائي شمشير جي لاٽ جي منزل آهي.
جيڪڏهن شمشير جو ساٿ، غربت سان گڏوگڏ هن ڌرتيءَ جا
رهندڙ به ڏيندا، ته يقيناً شمشير ادب ۾ سنڌ لاءِ
نوبل پرائيز به ماڻي وٺي ها ڇو ته پنهنجي خداداد
صلاحيتن جي ذريعي شمشير هر شعبي ۾ پاڻ کي مڃرايو
آهي. شاعري، صحافت، ڊرامه نگاري، سماجي تنظيم،
قومي تحريڪ يا سرڪاري نوڪري 82 سالن جي ڄمار ۾
2012ع تائين جڏهن ملڪ ۾ هر طرف ڦرمار آهي، هن شخص
تي دولت ۽ چور بازاريءَ جو پاڻي نه چڙهيو، نه ڪنهن
جي آڏو جُهڪيو. هيءُ اهو ئي معراج آهي، ته انسان
صبر ۽ شڪر ڪري، ته خدا پاڪ عزت ۽ شهرت گهر ۾ ئي
ڏيئي ٿو. انهن شين لاءِ انسان پنهنجو پاڻ کي ڪار ۽
بنگلي جو طلب نه ڪري. اهو ئي ڪارڻ آهي ته بابا
سائين جي خودداري ئي سندس سڃاڻپ بڻي.
هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو سمجهي ٿو ته هن جي زندگي هاڻي
موت جي ويجهو ٿيندي وڃي ٿي، پر همٿ ۽ سڪون چهري تي
اٿس، پاڪ لين اسپتال ۾ پنهنجي دوستن کي ياد ڪندڙ
شمشير پهريون ڀيرو اهو احساس ڏياري رهيو هو، ته اڄ
منهنجي همعصر شاعر ۽ دوست، گڏ نه آهن. جيئن هدايت
بلوچ، تاجل بيوس، تنوير عباسي، خان محمد پنهور ۽
نه ڄاڻ ڪيترا دوست فون ڪندا ته بابا سائين هر هڪ
کي چوندو ته ڪجهه ڏينهن آرام ڪرڻو آهي، زندگيءَ ۾
سوچيو ته اسپتال اچان، باقي ٺيڪ آهيان.
اسپتال جا بهترين ڏينهن جيڪي مون ڏٺا، جڏهن ميڊم
مهتاب اڪبر راشدي، نصير مرزا ۽ حميد آخوند صاحب،
بابا سائين جن وٽ آيا هئا، هڪ زندهه، باهمٿ ۽
پنهنجي گرجندڙ آواز ۾ شمشير اهو ئي لڳو جيئن هو
موت جي بستري تي نه پر ڪنهن شو ۾ ڳالهائي رهيو
آهي.
نظر نه سهي پر اخبار آهي ضرور، پوٽو هجي يا پوٽي،
بابا سائينءَ کي هر ڏينهن، ملڪي حالتن جي آگاهي
گهربل هوندي هئي. بابا سائين آخري ڏهه ڏينهن، آغا
خان اسپتال ۾، ۽ امڙ سانئڻ لياقت اسپتال ۾، هڪ
ديوار ٻنهي جي وچ ۾، ڪهڙي محبت آهي. هيءَ اُها ئي
عورت آهي، جنهن شمشير کي شمشير بنايو، جنهن اسان
کي جنم ڏنو پر اڄ به شمشير ان سان نه ٿو ملي سگهي
۽ نه ئي ٽائيم ڏيئي سگهي ٿو، ڇو ته اڄ به سنڌ جو
هيءُ عظيم فرزند، سنڌ جي ماڻهن کي اهو چئي رهيو
آهي ته سنڌ جي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪيو. مون کان جو
ڪجهه ٿي سگهيو، ڪيو آهي، بس.
ٽي.وي تي بابا سائينءَ جي لاڏاڻي کان اڳ، ٿر ۾ مور
مرڻ جون خبرون زور شور سان هر چئنل تي هلي رهيون
هيون، ته بابا سائين چوندو هو ته سنڌ ۾ ڪا ٻي خبر
نه آهي ڇا؟ هاڻي حالتون بهتر ٿي ويون آهن ڇا؟ ڪهڙي
خبر هئي ته هينئر سندس جي ئي خبر هلندي، ته سنڌ جو
حقيقي مور، سنڌ کي ڇڏي هليو ويو.
حنا ناز ابڙو
نانا سائينءَ سان يادگيريون
منهنجو نانا
سائينءَ، جيڪو منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اهم شخصيت هو.
سچ ۽ صبر سان زندگي گذارڻ وارو منهنجو نانا
سائينءَ، جيڪو اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ناهي. نانا
سائينءَ کي اسان تمام گهڻو ياد ڪندا آهيون. هر
خوشيءَ جي موقعي تي، اسان کي نانا سائين تمام گهڻو
ياد ايندو آهي. نانا سائينءَ جي مذاق، نانا جون
ڳالهيون نانا سائينءَ جو غصو ۽ دڙڪا به، اسان کي
هميشه ياد ايندا آهن. نانا سائينءَ گهر جي سڀني
ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو. ننڍي هوندي مون
کي هنج ۾ ويهاري، پنهنجن ڪمن ۾ مصروف هوندو هو.
ڪڏهن اخبار پڙهڻ ۾ ته ڪڏهن لکڻ ۾، هميشه ڪنهن نه
ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندو هو. مون کي به نانا جي هنج
۾ تمام گهڻو سڪون ملندو هو ۽ عادت ٿي ويئي هئي
نانا سائينءَ جي هنج ۾ ويهڻ جي.
پوءِ نانا سائينءَ آمريڪا ويو ته نانا سائينءَ کي
تمام گهڻو ياد ڪندي هيس. نانا سائينءَ جڏهن آمريڪا
مان خط لکيو، ته ان ۾ منهنجو ذڪر ڪندي لکيائين ته:
”حنا ضرور منهنجي ڪمري ۾ ايندي هوندي، منهنجي
سامان کي هٿ لاهيندي هوندي، شرارت ڪندي هوندي، حنا
ته صفا چٽ کاتي ۾ آهي“. نانا سائينءَ سان پوءِ
ايتري گهڻي ملاقات نه ٿيندي هئي، پر نانا سائينءَ
سان تمام گهڻو پيار هوندو هو. نانا سائينءَ کي
جڏهن به آءٌ خوشي سان ٻڌائيندي هيس ته آءٌ ڪلاس ۾
فرسٽ آئي آهيان، ته نانا سائينءَ مذاق ۾ چوندو هو
ته: ”تون فرسٽ اچين يا ٽاپ اچين، پر تون اوٽوميٽڪ
فيل آهين“. نانا سائينءَ هميشه مون کان اخبار،
سگريٽ ۽ لائيٽر گهرائيندو هو، جڏهن به نانا ۽ ناني
اسان وٽ رهڻ ايندا هئا ته مان خوشيءَ سان نانا
سائينءَ جو ڪم ڪندي هيس ۽ نانا سائينءَ جي شاباش
سميت قرابت حاصل ڪندي هيس. نانا جي شاعري مون کي
تمام گهڻي وڻندي آهي. نانا سائينءَ جو هيٺيون شعر
تمام گهڻو پسند آهي:
شمشير کي سڏ ڪيو، شمشير ڪٿي آهي،
محفل کي مچائيندو، ان جو ئي سخن ”شايد“.
نانا سائينءَ جي ڪمي تمام گهڻي محسوس ٿيندي آهي.
عيدن ۽ شادين جي موقعن تي نانا سائينءَ ۽ ناني
کانسواءِ، ويراني محسوس ٿيندي آهي. نانا سائينءَ
جون يادگيريون لکڻ وقت نانا سائينءَ جي تمام گهڻي
ياد آئي ۽ اکيون آليون ٿي ويون، ناني به تمام گهڻو
ياد آئي. مون کي فخر آهي ته مان هڪ اهڙي شخصيت جي
ڏهٽي آهيان، جنهن پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گهڻي عزت
حاصل ڪئي ۽ مرڻ کان پوءِ به اهوئي رتبو حاصل ڪيو.
الله سائين نانا سائينءَ کي جنت الفردوس ۾ جڳهه
عطا فرمائي (آمين).
ڪومل نسا ابڙو
نانا سائينءَ سان گذاريل يادون
تمام گهٽ ماڻهن کي اهڙا سونهري موقعا ملندا آهن،
ته اهي ڪنهن ماڻهوءَ بابت پنهنجون يادگيرين سميت
جذباتن جو اظهار ڪن. مان به پنهنجي نانا سائينءَ
سان گذاريل يادگيريون شيئر ڪرڻ چاهيان ٿي.
ناني ۽ ڏهٽي جو هڪ پيارو رشتو هوندو آهي، منهنجو
به منهنجي نانا سائينءَ سان تمام پيارو ۽ محبت
ڀريو رشتو هو. تمام سهڻيون يادون گذري چڪيون آهن
منهنجون منهنجي نانا بابا سان. مون کي ياد آهي ته
نانا سائين تمام گهڻا سگريٽ ڇڪيندو هو ۽ جيڪي
سگريٽ جا خالي پيڪٽ ٿيندا هئا، ته اسان ٻار، انهن
مان گهر ٺاهيندا هئاسين، ۽ راند روند ڪندا هئاسين
مون کي تمام سٺو لڳندو هو، جڏهن نانا سائين اسان
ٻارن کي مذاق مان ”پڪوڙي“ چوندو هو. جڏهن اسان
سنڌي ڳالهائڻ ۾ ڪجهه غلطيون ڪندا هئاسين يا سنڌي
لفظن جي جڳهه اردو جا لفظ ڳالهائي ويندا هئاسين،
ته نانا سائين اسان کي دڙڪا ڏيندو هو.
نانا ۽ ناني کي هميشه اسان سڀني ٻارن ۽ وڏن جي
سالگرهه جا ڏينهن ياد هوندا هئا. سڀني کان پهريان
نانا ۽ ناني اسان کي مبارڪباد ڏيندا هئا. منهنجي
لاءِ منهنجو نانا هڪ بهترين شخص هو. نانا سائين جي
زندگيءَ مان تمام گهڻا سبق حاصل ڪيا آهن، جيڪي
زندگيءَ ۾ هر قدم تي منهنجي لاءِ مشعل راهه ثابت
ٿيندا.
نانا سائين کي هميشه لکندي ۽ محنت ڪندي ڏٺو آهي،
ان ڪري مون ۾ به پڙهڻ ۽ لکڻ جو جذبو پيدا ٿيو آهي.
جڏهن نانا سائين آغا خان اسپتال ۾ تمام گهڻي نازڪ
حالت ۾ هو ته مون نانا سائين کي خوش ڪرڻ لاءِ نانا
سائين کي پنهنجي رزلٽ ٻڌائي، ته مان ميٽرڪ ۾ ”اي
ون“ گريڊ ۾ پاس ٿي آهيان، ته نانا سائين تمام گهڻو
خوش ٿيو ۽ ان حالت ۾ شاباش ڏنائين. هن عيد تي نانا
۽ ناني تمام گهڻو ياد ايندا. نانا هڪ اهڙي شخصيت
هئي، جنهن کي وسارڻ ناممڪن آهي. مان پنهنجي نانا
بابا لاءِ ٻه ٽي سٽون لکيون آهن:
”هن جي زندگي غربت جو درياء هئي،
هو پاڻ ان ۾ ٻڏنڌر ڪشتيءَ جيئن هو.
ان حالت ۾ به هو حق تي هو، هو سچ تي هو، ها هو
منهنجو نانا شمشير هو.
مان دعا ڪريان ٿي ته نانا کي جنت الفردوس ۾ سڀ کان
مٿاهين جڳهه ملي
(آمين).
ڪنول نسا ابڙو
MY NANA JAN
Everyday people are born and people die. some
people remain ordinary without making any great
fame or fortune but they are'nt forgotten- not
by their friends, not by their families while
some of these people become special who are'nt
forfotten even by those who hardly knew them. My
Nana jan was one of these very special people.
What made him so special? why is he remembered
not only by friends and family but even by other
people.? very simply , because he was essence of
love and because of his devotion and love for
Sindh and his everlasting poetry.
I didn't spend much time with him nor i had any
long conversations with him but whenever we met
, i found him busy in doing his work and that
gave me a lesson of dedication to work. he
always used to speak so gently with us. I always
felt pleasure in sitting beside him. he was
quite conscious about, how we speak sindhi and
always corrected our sindhi words and
pronunciation. I was also impressed by his
handwriting. i always tried to write like him
but i couldn't.
He had a wish that somebody in the family would
become a doctor. he had expectations with my
mother but unfortunately she couldn't become a
doctor, but when i got admission in MBBS ,he was
very happy and felt proud. i'm glad that i gave
him this happiness.
I was quite inspired by his great qualities. His
patience, simplicity, courage, dedication to
work and above all i was inspired by his never
complaining quality. Although , he didn't get
any luxury ,any comfort , any big amount for his
work but he never complained about his life.
He was caught in a fatal disease . He fought
that disease with all his courage and strength
and despite of the pain , he never complained. I
think about him when i catch myself complaining
about my "Tons of studies" OR "a terrible
headache" and suddenly that studies or headache
doesn't seem so terrible after all.
10th August 2012 was a terrible day for us.
He left us. He left this entire world,but he has
left great memories and his everlasting poetry
among us. There is no doubt that he'll be missed
not only for his presence, but also for the
things that made him the man that we remember
today.
رکيل مورائي
شمشير تي ڪنهن شهنشاهه جو فرمان نه هليو
شمشير جي وفات شايد سنڌي شاعرن جي ان
نسل جي پڄاڻي ٿي، جن اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ ڀرپور
حصو وٺي هن ملڪ ۾ اهو محسوس ڪرايو ته هنن اها جنگ
ادب جي ميدان تي کٽي ورتي آهي، دراصل جيڪا جنگ
سياسي ميدان تي وڙهڻي هئي، هيءَ ادب جي اها ٽهي
هئي، جنهن جي اڳواڻي شاعرن ۾ اياز ڪري رهيو هو ۽
سياسي حوالي سان جي.ايم.سيد اڳيان هو.
سنڌي شاعريءَ ۾ مزاحمت، ان جي پيدا ٿيڻ
کان وٺي موجود رهي آهي ها! الڳ الڳ وقتن تي ان جي
اظهار ۾ تبديلي ضرور آئي آهي، مثال طور
قاضي قادن کان وٺي ڀٽائيءَ جي ئي دور جي ميين شاهه
عنايتؒ تائين ۽ ڀٽائيءَ کان وٺي اياز تائين ۽ اياز
کان وٺي اڄ تائين، اها مزاحمت ئي سنڌي شاعريءَ جي
پهرين ۽ آخري سڃاڻپ رهي آهي. يا چوڻ گهرجي ته
مزاحمت ئي سنڌي شاعريءَ ۾ نمايان رهي آهي. سنڌي
شاعريءَ جا ٻيا پهلو اُن جي اندر دٻجي رهجي ويا
آهن، ورهاڱي تائين ايندي، مزاحمت سنڌي شاعريءَ ۾
گهڻن ئي اظهارن ۾ آئي آهي، الڳ حوالن ۾ عبدالڪريم
گدائيءَ ۽ نياز همايونيءَ جي مزاحمتي شاعري اياز
جي مزاحمتي شاعري، تنوير، شمشير، امداد جي شاعري.
هي سڀ مزاحمت جا الڳ اظهار آهن:
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين.
هيءُ مزاحمت جو اهو اظهار آهي، جيڪو
اياز جو نه آهي، نياز جو نه آهي، تنوير جو نه آهي،
هيءُ اظهار شمشير جو آهي ۽ اهو شمشير جي لهجي جي
سڃاڻپ کڻي اچي ٿو، اهو لهجو، اها ٻولي جيڪا لاڙ کي
نمايان ڪري ٿي ۽ ائين شمشير جو اظهار حيرت جي حد
تائين پنهنجو آهي، جنهن دور ۾ شمشير لکڻ شروع ڪيو،
ان دور ۾ مٿيان شاعر جن جو ذڪر ٿي چڪو آهي، ڀرپور
نموني لکي رهيا هئا، يقيناً شمشير انهن جو اثر
ورتو هوندو، پر اهڙو اثر شمشير جي اظهار مان ظاهر
نٿو ٿئي، اهو شمشير جو شاعراڻو ڪمال آهي، جيتوڻيڪ
شمشير جي پٺ ۾ لاڙ جي باڪمال شاعر مولوي احمد
ملاح جي مزاحمت پڻ موجود آهي ۽ ان جي اظهار جي
پنهنجي علحدگي، خود حيرت ۾ وجهندڙ آهي ۽ اڳتي هلي،
ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ محمد خان مجيدي جي
شاعريءَ سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ پنهنجو حصو گڏيو پر
لاڙ شمشير جي روپ ۾ جيڪو شاعريءَ کي، سنڌ کي ۽
سنڌي لٽريچر کي ڏنو، ان جو مثال وري شايد ٻيو نه
ڏيئي سگهجي ڇاڪاڻ ته شمشير تخليقي حوالي ۾ نهايت
مٿاهون نالو ٿي، سنڌي ادب ۾ شامل ٿيو ۽ اڳتي هلي
هن سنڌي ادب کي جيڪو ڏنو، ان سڀ مان ڪجهه اسان جي
سامهون آهي ۽ ڪجهه اڃا اوجهل آهي جيڪو سهيڙجي جڏهن
اسان جي سامهون ايندو تڏهن شمشير گهڻو مٿاهون ٿي
بيهندو، اهڙي پڪ آهي.
اهو ته وڏو سچ آهي ته کيس روزگار جي
لڳاتار غم پاڻ سموهڻ جو موقعو ئي ڪو نه ڏنو. هن
فقط پنهنجو ڪم ڪيو، ان کي ترتيب ڏيڻ طرف هن ڌيان
گهٽ ئي ڏنو، جنهنڪري سندس اهو ٽڙيل پکڙيل ڪم،
انهيءَ حالت ۾ رهجي ويل آهي، جنهن کي هاڻ سهيڙڻ جي
گهڻي گهڻي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو اڄ اسان کي شدت سان
محسوس ٿيو آهي ته:
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
ها دنيا مان جسماني طور ڀلي هُو 10- آگسٽ 2012ع تي
اسان کان جدا ٿي ويو، پر هو پنهنجي ادب، صحافت، ۽
شعوري طور ايستائين اسان سان گڏ هوندو، جيستائين
اسان سنڌي آهيون، سنڌ آهي، سنڌي ٻولي آهي ۽ سنڌي
ادب آهي، ڇاڪاڻ جو شمشير خود ائين چوندو رهيو آهي.
زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين هن جو موت بابت تصور
چٽو رهيو، بيماريءَ جي ڏينهن ۾ به هُو اهو محسوس
ٿيڻ نه ڏيندو هو ته اڳتي الائي ڇا ٿيڻو آهي. سڄي
عمر پنهنجي ضمير جي آواز تي لبيڪ چوندڙ شمشير
موڪلائي ويو. سندس ڳالهين ۾ سندس چهري تي يا سندس
دل ۾ اها ئي صاف شفاف ڳالهه هئي، جيڪا هن جي
زندگيءَ جو اصول هئي. موت جي ڊيڄاريندڙ احساس گهٽ
۾ گهٽ شمشير جي روين ۾ ڪا به تبديلي نه آندي ۽ هو
پنهنجي گذريل زندگيءَ تي نهايت مطمئن رهيو ۽ سڪون
سان پنهنجي حياتي ان قوت آڏو پيش ڪئي، جنهن آڏو
اها پيش ڪرڻي آهي، تنهنڪري ائين چوڻ ۾ وڌيڪ
سهنجائي محسوس ٿئي ٿي ته، شمشير صاحب زندگي به
شاندار گذاري، ته موت به شاندار نموني ماڻيو، آرام
سان ۽ سڪون سان بنا ڪنهن ڏوراپي جي بنا ڪنهن شڪايت
جي!
شمشيرالحيدري، 15- سيپٽمبر 1931ع تي ڪڍڻ
شهر ۾ ڄائو. ۽ 10- آگسٽ 2012ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات
ڪيائين. ائين 81 سال ڄمار ماڻيندڙ شمشير صاحب جي
زندگيءَ جا ڪي به پل نه آهن، جيڪي هن ڪنهن مصلحت ۾
گذاريا هجن. هن پرائمري تعليم کان پوءِ بي.اي
(آنرس) ۽ ايم.اي سنڌيءَ ۾ ڪئي، هو شاعريءَ سان گڏ
حڪمت ۾ به مهارت رکندڙ هو، جنهنڪري سموري زندگيءَ
۾ ڪنهن به وڏيءَ بيماريءَ ۾ نه گذاريائين. جڏهن
ڪنهن بيماريءَ کيس ورتو ته سدائين لاءِ پاڻ سان گڏ
وٺي ويئي ۽ اسان کيس ڏسندا رهياسين ۽ هاڻ فقط هٿ
مهٽي رهيا آهيون.
سنڌي ٻوليءَ جي نهايت تخليقي شاعري
شمشير ڏانهن اهو ڪريڊٽ به وڃي ٿو، ته هن سنڌ ۾
آزاد نظم کي نه رڳو هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو، پر
سنڌيءَ ۾ جيڪي آزاد نظم هن لکيا، اهي اهڙي شاهدي
ڏين ٿا ته آزاد نظم سنڌ ۾ پنهنجو پاڙون پختيون
ڪيون. هن آزاد نظم لکيا، جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن
پر آزاد نظم کي سنڌ ۾ پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ
جيڪو ڪتاب ”سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر“ نالي سان
لکيو، اهو خود نئين شاعريءَ جو اهڙو اڀياس آهي
جيڪو جديد سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ڪتاب ڪري ليکيو
ويندو.
شمشير صاحب جو پهريون ۽ آخري شاعراڻو
ڪتاب ”لاٽ“ آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 1961ع ۾ ڇپيو
۽ ٻيو نئون ڇاپو ڪجهه واڌارن سان 2012ع ۾ شايع ٿيو
آهي. مجموعي طور سندس ڇپيل ڪتابن جي لسٽ ۾ (1) لاٽ
(شاعري). (2) تاريخ جو ڪچرو (شاعري). (3) سنڌيءَ ۾
آزاد نظم جي اوسر (نثر). (4) سنڌي شاعريءَ جو
اڀياس (نثر). (5) ڪاڪ محل (ناٽڪ). (6) شاهه لطيف
بابت مقالا (ترتيب).
(7) دنيا جا بهتري افسانا (ترتيب). (8) روشن تارا
(ٻاراڻا گيت). (9) پيار جا گيت (جرمن شاعري جو
ترجمو). (10) ايڪسپلوزنگ سنڌ (انور پيرزادي سان گڏ
تحقيق) شامل آهن ۽ ان کان سواءِ اڻ ڳڻيا ترجما ۽
ايڊٽ ڪيل ڪتاب، ٽي ويءَ لاءِ سوين ناٽڪ ۽ ان کان
وڌيڪ اسڪرپٽ به اچي وڃن ٿا.
شمشير صاحب 11 سال سنڌي ادبي سنگت جو
سيڪريٽري رهيو ۽ ان فورم تان هن سنڌي ٻوليءَ ۾
ووٽر لسٽون لکرائڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اينٽي ون
يونٽ تحريڪ ۾ جيڪا جدوجهد ڪئي، اها تاريخ جي صفحن
۾ محفوظ رهندي، هو صحافتي زندگيءَ ۾ 11 سال نئين
زندگيءَ جو ايڊيٽر رهيو، سنڌي ادبي بورڊ جو اسسٽنٽ
سيڪريٽري ۽ پوءِ سيڪريٽري رهيو، ٽه ماهي ”مهراڻ“
رسالي جو ايڊيٽر رهيو، هدايت اخبار جو ايڊيٽر رهيو
۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ذميواريون نڀايائين. سڀ کان
اهم ترين ذميواري اها نڀايائين ته سندس سموري
زندگيءَ ۾ ڪنهن شهنشاهه جو فرمان مٿس نه هليو.
هُو پنهنجي دل، دماغ ۽ ضمير جو پاڻ
شهنشاهه ٿي رهيو ۽ اها شهنشاهي 10- آگسٽ تي هن
پنهنجي ئي مرضيءَ سان ڇڏي ڏني. هُو دل جو امير
ترين شاعر پنهنجي مفلسيءَ واري زندگيءَ ۾ اسان
سڀني کان اهو چئي موڪلائي ويو ته ”مولا تي ننگ
آهي.“
مان اها ڳالهه به ڄاڻائڻ چاهيان ٿو ته
هُو جنهن مسلڪ سان واسطو رکندو هو، ان تحت هُو
خوشقسمت شخص به رهيو، ته هن کي هيءُ جهان ڇڏڻ لاءِ
اهڙو ڏينهن نصيب ٿيو، جيڪو حضرت علي ڪرم الله وجہ
جي شهادت جو ڏينهن آهي ۽ جنهن ڏينهن لاءِ اڻ ڳڻيا
شخص دعائون پنندا آهن. هر ڏينهن جو پنهنجو مرتبو
آهي ۽ ائين هن ڏينهن کي اسلام ۾ پنهنجو مرتبو آهي،
جيڪو شايد شمشير صاحب کي نصيب ٿيڻو هو، ٻيءَ طرح
شمشير صاحب اهو شخص هو، جنهن لاءِ چئجي ته :
اهڙو مفلس نه ڪنهن ڏٺو هوندو،
هڪ دل سا به ڪٿ وساري ويو.
پر سنڌ اهو ڪيئن وساريندي ته شمشير ان
مفلسيءَ سان جيڪا ميراث سنڌ کي ڏني، اها سنڌ
ڪيترين صدين ۾ به خرچ ڪري نه سگهندي، هن جو ڪتاب
”لاٽ“ ان جو مثال آهي، ان کان سواءِ هن سنڌي
نوجوانن کي جيڪو لکڻين معرفت ۽ شخصي طور اتساهه
ڏنو، اهو سنڌ جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي، ان تي
اسان کي يقين آهي. شمشير جي شاعري جڏهن گڏ ٿي
سامهون آئي، تڏهن يقيناً اها هڪ اهڙي دري کوليندي
جيڪا سنڌ جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ روشنيءَ جو
مستقل پيچرو بڻجندي.
هڪ تارو سنڌ جي شاعراڻي آڪاش تان لهي
ويو پر اسان جي دلين کي منور ڪري ويو. اهي دليون
جيڪي سندس دوستن جون دليون آهن، سندس پڙهندڙن جون
دليون آهن. سندس اولاد ۽ انهن جي اولاد جون دليون
آهن، مون کي ياد ٿو اچي ته هن پنهنجا ٻه
تازا شعر، جيڪي ورهين کان پوءِ لکيا هئا، اهي انيس
انصاري اڪيڊميءَ پاران ڪوٺايل بسنت مشاعري ۾ پڙهيا
هئا، اهي ئي سندس زندگيءَ جا آخري شعر آهن جيڪي اڄ
هتي ڏيڻ مان ضروري سمجهان ٿو:
( 1 )
رستي تي هلندي،
گهر ۾ ويهندي،
بازارن ۾ گهُمندي ڦرندي،
پيار جون پياريون پياريون ڳالهيون،
ڪڏهين منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿڙو ڏيئي،
سمنڊ ڪناري ننگين پيرين،
ڪڏهين آلي واريءَ تي يڪساهيءَ ڊوڙي ڊوڙي،
ڪري پوين ٿي ۽ مان توکي کڻي وٺان ٿو ڀاڪر پائي،
ڪڏهين ڪنهن شهر جي باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي،
تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو.
ڪڏهين شام لڙيءَ جي ويلي ايڪانت ۾،
منهنجن ٻانهن ۾ جهولين ٿي،
پر تو ساڻ هي سڀ ڳالهيون تڏهين ٿينديون آهن،
جڏهين تون موجود نه هوندي آهين.
( 2 )
تون به انهيءَ جهڙي ئي آهين،
سڌ ٻڌ ان جهڙي ئي آهين،
شڪل شباهت، قد ۽ قامت،
ساڳي ئي رنگت،
مرڪ به ساڳي، ٽهڪ به ساڳيا،
نيڻ نهار به بلڪل ساڳي،
ڄڻ ته اهائي ساڳي آهين،
پوءِ به ڪيڏو فرق ٻنهي جي وچ ۾ آهي،
هن ته مون کي سمجهيو ٿي سپنن جو راجا،
۽ تون مون کي انڪل انڪل ڪوٺين ٿي،
وقت جي ويڇي ڪيڙو آهي، ڪيڏو هي دلچسپ مذاق،
ڪاش تون هن جهڙي نه هجين ها!
ڪاش تون هن جهڙي نه هجين ها!.
جيتوڻيڪ نظمن جو اظهار اهو نه آهي جيڪو
اظهار شمشير صاحب جي” لاٽ“۾ آيل نظمن وارو آهي،
پوءِ به هي آخري شعر، سندس شاعراڻي ڪتاب جي سونهن
ضرور ٿيندا. ” لاٽ“ ڪتاب تازو ئي ڇپيو آهي، جنهن
سلسلي ۾ مان سندس اسپتال داخل ٿيڻ کان اڳ مهينو کن
لڳاتار ملندو رهيس، اهو حال احوال ڇپجي چڪو آهي.
اها هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، سندس ٻيا ڪتاب ڪيترن شخصن
ڇپجڻ جي آسري ۾ کانئس ورتا، اهي ڇپجي نه سگهيا.
سنڌي ادبي بورڊ، ثقافت کاتو سنڌ ۽ سنڌي لينگئيج
اٿارٽي، سنڌ جا سرڪاري ادارا آهن، انهن وٽ سندس
ڪتاب آهن، اميد آهي ته اهي سڀ منظر عام تي اچي
ويندا، پر اهو افسوس سدائين لاءِ رهندو ته اهي
ڪتاب هُو پاڻ ڏسي نه سگهيو ۽ هاڻي جيڪي اکيون اهي
ڪتاب ڏسنديون اهي شمشير صاحب جون نه هونديون.
ڇاڪاڻ ته اهي هاڻ سدائين لاءِ بند ٿي ويون، هاڻ
جيڪي اکيون اهي ڪتاب ڏسنديون ۽ پڙهنديون انهن مان
کين اندر جو اهو نور ڏسڻ ۾ ايندو جيڪو انهن ڪتابن
کي لکندي شمشير پنهنجون اکيون وڃائي ويٺو هو يا
اهو نور جيڪو شمشير انهن ڪتابن ۾ ڇڏي ويو آهي، اڄ
جي پڙهندڙن کي شمشير جي ڪتابن مان پلئه پوندڙ نور
هڪ نئين روشني ڏيندو، جنهن روشنيءَ جي پويان شمشير
زندگيءَ جا 81 سال سفر ڪيو هو ۽ ان سفر مان هٿ ڪيل
اها روشنيءَ جي لاٽ شمشير حاصل ڪئي ۽ پنهنجي سموري
ديانتداريءَ سان هُو اها ايندڙ نسل کي راهه ڏيکارڻ
لاءِ اسان وٽ ڇڏي ويو. هاڻ اسان تي آهي ته اسان ان
” لاٽ“ کي ڪيترو روشن رکون ٿا ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن
ڏانهن ڪيئن ڪيتري ديانتداريءَ ۽ حفاظت سان منتقل
ڪريون ٿا؟ ڇا اسان ۾ ايتري تخليقي صلاحيت به آهي،
جيتري شمشير جي هنن سٽن ۾ آهي:
اسان کي آهي زماني تي دسترس حاصل،
اوهان جي ياد کان ليڪن فرار ئي ڪونهي.
اڄ جي نئين دور ۾ جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي
پريشانيون آهن، سنڌ جي حوالي سان سنڌي ادب جي
حوالي سان، سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان ۽ سڀ کان
وڌيڪ ته خود سنڌ جي جياپي جي حوالي سان ۽ جڏهن
شمشير جيڪو اسان لاءِ اتساهه جو سبب بڻيل هو، اهو
به نه رهيو آهي، ته ويتر هڪ گهرو ڏک اندر ۾ واسو
ڪري ويو آهي ۽ جڏهن اونداهي تيز ٿي ويئي آهي، تڏهن
وري به سندس هڪ شعر ئي اندر ۾ هڪ همٿ جاڳائي ٿو،
هڪ نئين مزاحمت لاءِ اُتساهي ٿو ۽ هڪ نئين روشنيءَ
جي لاٽ بڻجي، دل ۽ دماغ ۾ چمڪڻ لڳي ٿو:
دور نئينءَ تعمير جو آهي نه دور،
اي ميان ”شمشير“ ڇو آهين ملول!
پروفيسر سليم سهتو
منهنجو محسن
شمشيرالحيدري
شمشيرالحيدريءَ سان منهنجي واقفيت ستر جي ڏهاڪي
کان شروع ٿي، انهن ڏينهن ۾ گهڻو ڪري ادبي پروگرامن
۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندو هئس ۽ جيئن ته
شمشيرالحيدري هر پروگرام ۾ باقاعدگيءَ سان شرڪت
ڪندو هو، تنهنڪري ساڻس ملاقات ٿيندي رهندي هئي.
سندس وڏو پُٽ اظهر حيدري سٺ ۽ ستر واري ڏهاڪي ۾
اسان جي اسڪول اين.جي.وي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ڪراچيءَ جو شاگرد هو، جي توسط سان شمشير سان سندس
گهر پاڪستان ڪوارٽرز گارڊن ويسٽ ڪراچيءَ ۾ ڪچهريون
ٿينديون هيون.
شمشيرالحيدري جي وفات سان سنڌي ادب ۾ جيڪو خال
پيدا ٿيو آهي، منهنجي خيال ۾ وڏي عرصي تائين ڀرجي
نه سگهندو. مان کيس پنهنجو محسن انڪري به سڏيندو
آهيان جو هن مون کي منهنجي ايم.اي فائينل سنڌي ادب
جي مقالي ۾”مرزا قليچ بيگ جي ناول نگاري“ لکڻ ۾
وڏي مدد ڪئي. سندس سمجهائڻ جو انداز نهايت پُراثر
۽ آسان هو جو مون کي پنهنجي مقالي لکڻ ۾ گهڻي
ڏکيائي محسوس نه ٿي.
شمشير سان منهنجي ويجهڙائپ جو هڪ ٻيو سبب
اين.جي.اسڪول اولڊ بوائز ايسوسيئيشن به آهي، جنهن
جو هو اسي واري ڏهاڪي ۾ صدر ۽ مان تنظيم جو نائب
صدر هئس، نائب صدر گرلز پروفيسر ڊاڪٽر ڪلثوم قاضي
۽ جنرل سيڪريٽري الطاف سومرو هو. ڪلثوم قاضي مشهور
ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار امر جليل جي ڀائيٽي آهي.
الطاف سومرو پي.ٽي.وي تي گهڻو عرصو پروڊيوسر ڪم
ڪري گذريل سال رٽائرڊ ٿي ويو. تمام گهٽ ماڻهن کي
خبر هوندي ته شمشيرالحيدري اين.جي.وي اسڪول جو
پراڻو شاگرد رهي چڪو آهي. ان اداري کي اهو اعزاز
حاصل آهي ته ان مان حفيظ پيرزادو، عبدالستار گبول،
ڊاڪٽر حميده کهڙو، امر جليل، تنوير عباسي ۽ ٻيا
ڪيترائي نالي وارا اديب، سياستدان، قانوندان ۽
ڊاڪٽر علم حاصل ڪري چڪا آهن.
دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي هيءُ جهان ڇڏڻو آهي
شمشيرالحيدري به هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو.
منهنجي دُعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت الفردوس ۾
جاءِ ڏئي. لطيف سائين اهڙن ماڻهن لاءِ فرمايو آهي
ته:
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
ڊاڪٽر مخمور بخاري
سک سمهڻ ”شمشير“ اڃا ڪِٿ
(آزاد نظم جي اوسر جو جائزو)
سنڌي ادب
۾ نئين روايتن کي اپنائڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ جو؛
دنيا جي زرخيز
ادب وانگر رجحان موجود آهي، ان ئي اثر هيٺ اسان جي
اديبن، شاعرن، محققن ۽ نقادن هڪ نئين لاڙي ۽ فني
تبديليءَ ڏانهن ڌيان ڌريو آهي. اهڙا لاڙا ۽ رجحان
شاعريءَ جي حوالي سان هجن يا نثر جي اعتبار کان
هجن، انهن کي پنهنجي مخصوص ماحول ۽ وقت جي گهرج
پٽاندڙ پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.
سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جهڙي حيثيت به ان ئي
رجحان هيٺ عام ٿي آهي. هن صنف تي ڪافي اعتراض به
ٿيا ته بحث به. پر ٻئي طرف نظم جي هن گهاڙيتي کي
قبول ڪندڙن پاران ان جي حق ۾ دليل ڏنا ويا.
شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو اهو معتبر شاعر، نقاد ۽
عالم هو جنهن وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ”آزاد
نظم جي اوسر“ لکيو، جيڪو پنهنجي موضوع، مضمون ۽
ترتيب جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار جي حيثيت
رکي ٿو. هن مقالي ۾ شمشيرالحيدري هڪ سڄاڻ نقاد جي
حيثيت ۾ آزاد نظم جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ وقت جهڙو
بيرحم جج پنهنجو فيصلو ڄڻ شمشير جا مضبوط دليل ٻڌڻ
کان پوءِ ان جي حق ۾ ڏيئي ڇڏيو! ان لاءِ هنن صفحن
۾ آزاد نظم جي ان ڪيس کي ورائي پڙهڻ ۽ ان بابت
ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت، ان لاءِ به آهي جو
ڏسون ته سنڌي ادب جي ويڄ/ نقاد شمشيرالحيدري سنڌي
شاعريءَ جي روح جو ڪيس ڪيئن وڙهيو آهي.
آزاد نظم جي اوسر:
هيءُ مقالو، بنيادي طرح هيٺين ستن بابن ۾ ورڇيل
آهي:
باب پهريون: جديد شاعري
باب ٻيون: سنڌي شاعريءَ جو مزاج
باب ٽيون: آزاد نظم جو تاريخي پس منظر
باب چوٿون: آزاد نظم اردو ۾
باب پنجون: غزل کان آزاد نظم تائين
باب ڇهون: آزاد نظم جو فن
باب ستون: سنڌي آزاد نظم جو مستقبل
هنن ستن بابن ۾ جنهن ڪمال سان سنڌي شاعريءَ جي
ڪلاسيڪل، روايتي، عروضي ۽ جديد دور جو مطالعو ڪيو
ويو آهي، اهو اڀياس شمشيرالحيدري جهڙو باڪمال نقاد
ئي ڪري پيو سگهيو. ڇاڪاڻ ته هو خود به آزاد نظم جو
باڪمال شاعر هو. اڄ کان لڳ ڀڳ مني صدي اڳ جڏهن
سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي ابتدا ٿي، ته ان تي ڪافي
اعتراض ڪيا ويا. عروض ۽ روايت سان سلهاڙيل شاعرن ۽
نقادن ان کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪيو. قطعي نظم ان
جي ته شعر پنهنجي ظاهري ڍانچي (فن) جو نالو ناهي،
پر ان ڍانچي/ سانچي ۾ ماپيل سٽون/ لفظ جيڪڏهن
پنهنجي اندر ۾ ڪو جذبو، احساس ۽ خيال جي اڇل نه ٿا
رکن، ان وقت تائين اهي لفظ ۽ اهي سٽون بي روح ٿين
ٿيون ۽ آزاد نظم خيال جي اڇل جو انوکو تجربو آهي.
جديد شاعريءَ واري باب ۾ حيدري صاحب سنڌي شاعريءَ
سان جڙيل جدت جي متعلق لکي ٿو:
”سنڌي جديد شاعري اڃا تجرباتي دور مان گذري رهي
آهي، جنهن کي ان جو تشڪيلي دور چئي سگهجي ٿو.
دراصل هر ڪا نئين شاعري هڪ مسلسل تجربو هوندي
آهي.“ (ص 16)
ڪنهن به ٻوليءَ جو شاعر پنهنجي شاندار روايت/
ڪلاسيڪيت کان پنهنجو پاند آجو ڪرائي نه سگهندو
آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٻولي، لولي، سوچڻ، لوچڻ،
تهذيب، تمدن، ثقافت سڀ ڪجهه ان روايت سان ڳنڍيل
هوندو آهي، جيڪا روايت پنهنجي شاندار رڪارڊ جي
بنياد تي ان زبان جي ادب ۽ شاعريءَ جي ڪلاسيڪيت جو
درجو حاصل ڪري وٺندي آهي، پر ان جو مقصد هرگز نه
ٿو ٿئي ته فقط روايت جي پٺيان اکيون ٻوٽي هلجي.
دنيا جي ڪيترين ئي زبانن جي اعليٰ فهم رکندڙ
اديبن، شاعرن ۽ نقادن روايت ۽ جدت جو سنگم قائم
رکيو آهي، ساڳئي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ به روايت سان
جدت کي ڳنڍي هلڻ جو مثال موجود آهي.
ايران کان اڏامندي جڏهن غزل اسان وٽ پهتو ته هتان
جي شاعرن ان کي فن ۽ مزاج مطابق قبول ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. فن ته قبول جوڳو هو/ آهي، پر ان اجو ايراني
مزاج سنڌي مزاج سان ٺهڪي ڪيئن اچي؟ اهو سوال انهن
ماڻهن لاءِ انتهائي ڳورو هو جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي
وسعت ۽ ان جي روايت سان جڙيل مزاج کان واقف هئا.
خليفي گل هالائي جي ذهني تربيت ڪافيءَ جي شاعر پير
علي گوهر ”اصغر“ وٽ ٿي، ان لاءِ ان جيڪو پهريون
ڀيرو سنڌي غزل جو مڪمل ديوان ”ديوان گل“ ڏنو. اهو
هو ته عربي بحرن تي مشتمل پر ان جا استعارا،
تلميحون، تشبيهون مطلب ته سمورو ڪجهه سنڌي هو.
ڇاڪاڻ ته هو روايت سان جڙيل هجڻ باوجود شاعريءَ ۾
نئين هيئتن ڏانهن وڌي رهيو هو، اها ان دور ۾ هڪ
نئين امنگ هئي. هڪ نئين واٽ جنهن تي گل کان پهرئين
ڪي ٻيا شاعر نور محمد ”خسته“، حافظ عالي، مرزا
تقي، ميان ڇتن، ملا اويس شڪارپوري، ملاصاحبڏنو
’صاحب‘ ۽ خليفو ڪرم الله شڪارپوري به هليا، پر ڪو
پڪو پختو رستو جوڙي نه سگهيا. ها البته رستي جا
نشان مقرر ضرور ڪيائون. شعري هيئت ڪافيءَ سان
لاڳاپيل گل غزل چيا. سانچو فارسيدانن وارو استعمال
ڪيائين، ان ۾ مسالو پنهنجو ڳوهيائين ۽ سنڌي غزل جي
عمارت جوڙيائين:
آيو اڄ يار گهر پيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا،
مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا،
کلئو اڄ باغ گل رنگي هزارو هيج مان زنگي،
نباهئو نينهن نر نيهي وئا ڏکڙا ورئا سکڙا.
(ديوان گل، 1858ع ص 4)
”گل“ بابت شمشيرالحيدري لکي ٿو:
”سنڌيءَ ۾ غزل جو پهريون نشان ”گل“ جو ديوان آهي.
غزل جي انهي شاعريءَ ۾ اسان کي فارسيت بجاءِ ٺيٺ
سنڌي مزاج نظر ايندو، زبان، ماحول، فضا ۽ سمورا
اسم هتي جا آهن، وڻ ۽ وليون ماڻهن جا ڌنڌا ۽
عادتون، ماڳ ۽ منظر سڀ مقامي آهن، بحرن ۾ عروضي
قانون واري سختي ڪانهي ۽ صوتي اچارن تي قافيا به
موجود آهن، جيئن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ آهن،
سنڌي غزل جي اها پهرئين روايت هئي، جا تصوف جي دور
سان متعلق آهي، پر گهڻو پوءِ جي غزل گو شاعرن جن
کي اسين ’بي تعلق دور جا فارسيت زده شاعر‘ چئون
ٿا، انهيءَ روايت سان پنهنجو تعلق قائم نه ڪيو.“
(ص 22)
گل جي واٽ تي قاسم نه هلي سگهيو، ان جي غزل ۾
فارسيت جو رنگ غالب آهي. گل کان پوءِ سانگيءَ جو
غزل ان جي واٽ تي هليو ۽ وڌيڪ جرڪيو. ”سنڌي شاعري
جي مزاج“ واري باب ۾ حيدري صاحب لکي ٿو:
”سنڌي غزل ۾ ٻي اهم روايت ”سانگيءَ“ قائم ڪئي،
جنهن پهريون ڀيرو عشقيه شاعريءَ کي مڪمل روپ ڏنو.
سانگيءَ جي ڪالم ۾ به اسان کي ايراني منظر نٿا
ملن، سندس زبان ۽ لب لهجو به مقامي آهي ته ان جي
پيشڪش به پنهنجي اٿس. ڪلاسيڪي تلميحون به استعمال
ڪيون اٿس ته ترڪيبون ۽ استعارا به. عروضي اصولن جي
سختيءَ کي سانگيءَ به نه قبوليو آهي.“ (ص 23-22)
سانگيءَ کان پوءِ مرزا قليچ بيگ نثر ۽ نظم ۾ نوان
بنياد رکيا. جيتوڻيڪ هن به عربي عروض جي مطابق شعر
چيو، پر ان ۾ پنهنجي روايت ۽ مزاج کي قائم رکيو.
سنڌ ۾ غزل جو وارد ٿيڻ به بادشاهن جي درٻار سان
وابسته آهي ۽ ڪيترن ئي درٻاري شاعرن ان کي ان لاءِ
واپرايو ته سندن انعامن ۽ مان مرتبي ۾ واڌارو
ايندو، پر هنن تاريخ کان اڻڄاڻ شاعرن اهو سوچيو ئي
نه، ته سڀاڻ جي نقاد جي نظر ۾ سندن شاعراڻي حيثيت
ڇا رهندي؟ ساڳئي وقت غزل سان گڏ مثنوي، مسمط،
رباعي، مخمس ۽ مسدس جهڙيون شعري هيئتون به فارسيءَ
مان سنڌيءَ ۾ پهتيون. هنن ۾ مسلسل بيانيءَ وارو
پهلو موجود آهي، جيڪو سنڌي بيت، وائي ۽ ڪافيءَ ۾
به موجود آهي. منهنجي خيال موجب نظم به ان ئي بيت
۽ وائي ۽ ڪافيءَ جي بنيادي هيئت مان ئي ڦُٽي نڪتو
آهي. سنڌي آزاد نظم ابتدا ۾ پابند نظم ۾ سفر ڪيو.
صاحب مصنف سنڌيءَ جي ڪن ابتدائي ۽ شاهڪار نظمن جا
نالا ڄاڻايا آهن.
”سنڌ ۾ عربي عروض ۽ فارسي آلوده غزل ته پهتو، پر
ڪن ساڃاهه وند شاعرن ان کي پنهنجي مزاج سان قبول
ڪيو ته ڪن ان کي ان جي فارسي مزاج سان قبول ڪيو.
اهڙا شاعر شعر جي روح تائين ته نه پهچي سگهيا مگر
ٺلهو فن جي پٺيان پنهنجيون زندگيون ڳاري ويٺا. هن
ايڏي وٺ وٺان کان پوءِ به سنڌي شاعريءَ جي روايت
قائم رهي، ڇاڪاڻ ته جنهن به شعر جون پاڙون پنهنجي
زمين ۾ کتل هونديون آهن، اهو شعر هزارن سالن جي
حياتي ماڻيندو آهي. فارسي غزل کي سنڌي مزاج سان
قبول ڪندڙ ان ۾ محبوب ’رقيب رو سياه‘ جي بجاءِ
ڪلاسيڪل شاعريءَ جيان محبوب کي مذڪر بجاءِ مؤنث ۾
پيش ڪيو.“ (ص 26).
شمشيرالحيدري ان بحث کان پوءِ لکي ٿو:
”پنهنجي ماضي جي زندهه روايتن جي حفاظت سان گڏ، هر
ڪا شاعري پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم
ڪندي آهي، ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل
حالتون هونديون آهن، جديد شاعريءَ جو هيئت جي
تجربن ۾ سڀ کان وڏو اضافو ’جديد نظم‘ آهي.... مواد
جي لحاظ کان زماني جي جديد ترين فڪر ۽ بين
الاقوامي احساس کي سنڌي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني ويئي
آهي. بنيادي روايتن جي حوالي سان هيءَ ڳالهه شايد
سڀ کان اهم آهي ته جديد نظم نگاريءَ ۾ ڪٿي به
مغربي منظر نه ايندا.“ (ص 27-26)
بحث کي گڏ ڪندي شمشيرالحيدري ڪي نتيجا به ڪڍي ٿو:
(1) سنڌيءَ جي ”عظيم شاعري“ (ڪلاسيڪل) عروضي
پيمانن تي نه بلڪ هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي
ٻڌل آهي.
(2) عروضي پابنديون سنڌي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن ۽
سنڌي شاعرن انهن تي ڪڏهين به مڪمل طرح عمل عمل نه
ڪيو آهي.
(3) ٺيٺ ايراني ماحول واري روايتي شاعري، شروع کان
اڄ تائين، سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن به دور سان نٿي
ٺهڪي ۽ اها سنڌي مزاج کان مختلف آهي.
(4) سنڌي شاعري شروع کان اڄ تائين ٻاهريون صنفون
فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون آهن. هڪڙي
گروهه انهن ۾ زبان، مواد، ماحول، ڪردارن ۽ اسلوب
جي لحاظ کان مڪمل طرح ايراني شاعريءَ جي تقليد
ڪئي، تنهنڪري سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۾ ان جو ڪوبه
دخل ڪونهي.
(5) جديد شاعري، ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي ۽
سنڌي مزاج سان موافق آهي. (ص 28-27)
سنڌيءَ ۾ آزاد نظم اردو کان پوءِ آيو آهي، اردو
اسان جي تمام ويجهڙائيءَ واري زبان آهي جو ڏينهن
رات اسان جو ان زبان سان واسطو پئي ٿو، ان زبان جا
اديب ۽ شاعر بت شڪن آهن، هو وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ
شعر جي خصوصيت، اهميت، مزاج سان گڏوگڏ هيئتن ۾ به
ڦير ڦار ڪندا رهن ٿا. شمشيرالحيدري جي ”آزاد نظم -
اردو ۾“ جي سري هيٺ ڪيل تفصيلي گفتگوءَ مان اهو
ظاهر آهي ته اردو دان محمد حسين
’آزاد‘ 15- آگسٽ 1867ع تي جي عنوان سان ليڪچر ۾
روايتي شاعريءَ
جي سطحيت ۽ غير سنجيدگيءَ جي خلاف ڳالهايو (ص 36).
اڳتي هلي 1874ع ۾ هڪ مشاعري ۾ آزاد ۽ حاليءَ
پنهنجا نظم پڙهيا. اها ڳالهه ان وقت ۾ روايت شڪن
هئي، پر باوجود ان جي، هنن ٻنهي صاحبن جا نظم خيال
۾ ته نوان هئا پر هنن جي هيئت ۽ اسلوب ساڳيو
مثنوين ۽ قصيدن جهڙو هو، پر تنهن هوندي به هنن جي
نظمن اردو شاعريءَ کي نوان موضوع ڏنا(ص 37).
اهڙيءَ ريت اردو جي هنن روشن خيال اديبن ۽ شاعرن
جي ڪوشش ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اردو شاعريءَ ۾ آزاد،
حالي، اسماعيلميرٺي، مولانا عبدالحليم شرر، مولوي
حيدر علي طبا طبائي، مولوي عبدالحق ۽ سجاد حيدر
يلدرم تبديليون آنديون، اهي تبديليون فن ۽ فڪر جي
حوالي سان هيون، ان طرح اهي تبديليون سفر در سفر
آزاد نظم تائين پهتيون. لڳ ڀڳ 1900 عيسوي ۾ مولانا
عبدالحليم شرر بنا قافيي جي نظم ۾ ڊرامو لکيو،
جيڪو ”دلگذار“ رسالي ۾ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ
اردو شاعريءَ ۾ اهي هيئتي تجربا ڪامياب ٿيا، ن.م
راشد ۽ ميرابي 1935ع کان آزاد نظم ڏانهن باقاعده
قدم وڌايو.
شمشيرالحيدري جي هن تفصيلي گفتگوءَ کان پوءِ اسان
جي سامهون اردو زبان ۾ آزاد نظم جو پس منظر چٽو ٿي
بيهي ٿو، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اردو جا اديب
۽ شاعر روايت شڪن رهيا آهن، هنن جلد ئي وقت سان گڏ
پنهنجي شاعريءَ جي مزاج کي سمجهيو ۽ ان ۾ تبديليون
آنديون.
”آزاد نظم جي اوسر“ مقالي جو پنجون باب ”غزل کان
آزاد نظم تائين“ اهم باب آهي، جنهن ۾ ”سنڌي شاعري
۾ نظم جو لاڙو“، ”نظم جو فني مزاج“، ”آزاد نظم جي
اصليت“ جي عنوان هيٺ سنڌي شاعري جي ڪومل مزاج،
گهاڙيتن اندر تبديلي جي گنجائش، سنڌي سماج جي
حالتن جي پس منظر ۾ نظم جي فطري ضرورت بابت جيڪا
ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آهي، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو
ته سنڌيءَ ۾ بيت ۽ وائي بنيادي گهاڙيتا آهن، جنهن
مان ئي نظم جو وجود ٿيو. حيدري صاحب جي خيال موجب
گل جا ڪجهه غزل مسلسل غزل آهن، جيڪي نظم کي ويجها
آهن. ڪافي داخلي ۽ بيت خارجي ڪيفيتن جي ڀرپور
ترجماني ڪن ٿا ۽ آزاد نظم انهن ٻنهي ڪيفيتن جي
گڏيل تصوير آهي. مقالي جو مصنف لکي ٿو:
”فني مزاج جي لحاظ کان ”نظم“ جي صنف ئي
آهي، جنهن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيت يعني ”غمِ جانان“
۽ ”غمِ دوران“ يا
”جذبي“ ۽ ”فڪر“ جو بهترين ميلاپ پيدا ٿي سگهي ٿو“.
(ص 60)
آزاد نظم جي وجود ۾ اچڻ جي بنياد سبب بابت لکي ٿو:
”زندگي جي اڄوڪيءَ سخت ڪشمڪش واري حالت ۾ ”ذاتي
دُکن“ جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي، ۽ سڄي دنيا جي
ملڪن ۽ تهذيبن جي هڪٻئي ۾ قربت وڌي وڃڻ ڪري
”انساني ڏکن“ جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي. شخصيت
۽ انسانيت جي انهي تاريخي احساسات جي ڀرپور
ترجمانيءَ لاءِ گهربل وسعت جي تصور مان ئي ’آزاد
نظم‘ جي صنف جي ايجاد عمل ۾ ئي آئي آهي.“ (ص 60)
سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ وڏو انقلاب آندو، هن
پرڏيهي ادب کي ترجمي جي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو
جنهن کي مرزا صاحب جا آزاد ترجما سڏي سگهجن ٿا جو
اصل جي خيال کي سنڌيءَ ۾ آڻيندي ان کي مقامي ماحول
ڏنو. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب ۾ نوان خيال ۽ گهاڙيتا
متعارف ٿيا. مرزا صاحب خود به طبعزاد نظم لکيا. هن
جا نظم سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي جو سبب بڻيا. ڪشنچند
بيوس به جديد شاعريءَ ڏانهن مضبوط وکون کنيون ۽
اهائي واٽ اختيار ڪندي ورهاڱي کان ڏهاڪو سال اڳ
سوڀراج’فاني‘سنڌيءَ
جو پهريون آزاد نظم لکيو جيڪو
’سنڌو‘ رسالي ۾ شايع ٿيو(ص 86). اهڙيءَ طرح شيخ
اياز، شيخ راز، نارائڻ شيام ۽ ڪن ان وقت جي نوجوان
شاعرن آزاد نظم تي تجربا ڪيا(ص 86).
ورهاڱي کان پوءِ هن صنف به پنهنجو سفر جاري رکيو.
شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، گورڌن
محبوباڻي، نعيم دريشاڻي، شيخ راز، قمر شهباز،
تاج بلوچ، واسديو نرمل، ارجن شاد ۽ ٻين ڪيترن ئي
آزاد نظم لکيا. هن وقت هيءَ صنف نوجوان شاعرن جي
محبوب صنف بڻجي چڪي آهي. ڪيترائي بهترين آزاد ۽
نثري نظم لکيا ويا آهن، پر ان سان گڏ نئين ٽهي ان
لاءِ رياضت جي عمل کي هن وقت گهٽائي ڇڏيو آهي،
ڇاڪاڻ ته هيءَ صنف جيتري آسان نظر اچي ٿي. اوتري
ئي اها ڏکي، وقت گهرندڙ، گهري مطالعي ۽ مشاهدي تي
آڌاريل آهي.
شمشيرالحيدري هڪ سُڄاڻ نقاد وانگر آزاد نظم جي
دنيا ۾ ابتدا، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ارتقا، سنڌي
شاعريءَ جي مزاج، گهاڙيتن ۾ تبديلين ۽ آزاد نظم جي
فن بابت هن مختصر، پر جامع مقالي ۾ انتهائي ڌيان،
گيان ۽ سنجيدگيءَ سان لکيو آهي.
هيءُ ڪتاب موضوع ۽ ان جي مضمونن ۽ مواد جي ترتيب
جي حوالي سان اڌ صدي گذرڻ بعد به انتهائي اهم ۽
ڪارائتو آهي، جنهن جو مطالعو سنڌي ادب جي شاگردن ۽
استادن لاءِ اڄ به ضروري آهي.
شمشيرالحيدري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل هيءَ محنت، اڄ
به اسان کان گهڻو مانُ گهري ٿي!! |