سوچ - لوچ
ٽماهي مهراڻ جو ”شمشيرالحيدري خاص نمبر“ پڙهندڙن
تائين پهچائڻ جي سعادت نصيب ٿي آهي. شمشيرالحيدري
سنڌي ادب جو روشن تارو هو، جيڪو اُلهي ويو. سنڌي
سماج لاءِ صحافتي، سياسي ۽ ادبي خدمتون سندس لکڻين
ذريعي هميشه ياد رهنديون. شمشيرالحيدريءَ جهڙا
بهادر اديب ۽ شاعر ئي هن سماج ۾ پنهنجي قلم ذريعي
تبديلي، ترقي ۽ سجاڳيءَ جو ڪارڻ بڻجن ٿا.
شمشيرالحيدري سڄي زندگي ڪل وقتي اديب رهيو. هن وٽ
معاشري جي ترقي ۽ سماج ۾ سجاڳي جي اوليت هئي.
ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ توڙي ايم.آر.ڊي جهڙين تحريڪن ۾
هن جو عملي ڪردار رهيو. سنڌي سماج لاءِ سجاڳيءَ جي
پاداش ۾ هن ڪافي تڪليفون به سٺيون، پر معاشري کي
ميار ڏيڻ بجاءِ هُو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو،
شمشيرالحيدريءَ جو ادبي پورهيو ڪنهن کان به لڪل نه
آهي. سندس شاعري اسان جي پوئتي پيل سماج جي ڀرپور
عڪاسي ڪري ٿي، هُو نه رڳو شاعر، اديب ۽ نقاد هو،
پر قدآور صحافي پڻ هو، سندس لکيل اداريه توڙي
مضمون سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ۽ حل لاءِ ڀرپور
ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندس شاعري ۽ سنڌي ڊراما،
سنڌ جي ريتن رسمن جي پس منظر ۾ لکيل آهن.
سندس تحريرون مختلف مسئلن، معاملن کي اجاگر ڪن
ٿيون جڏهن ته صحافتي ڪردار ڪل وقتي تنقيدي ڪردار
رهيو. هن شاعري توڙي صحافت ۾ نوان لاڙا متعارف
ڪرايا. هُو هڪ بيباڪ صحافي هو ۽ هن هڪ پروفيشنل
صحافي طور سنڌي صحافت ۾ نرالي حيثيت ماڻي.
شمشيرالحيدري سنڌي ٻوليءَ جو هڪ وڏو نالو ۽ سنڌي
معاشري جو يگانو ڪردار هو، هُو هڪ ئي وقت اديب،
صحافي ته هو ئي، پر سندس يگاني طبيعت سبب سندس ٽهي
توڙي نئين ٽهي ساڻس محبت ڪري ٿي.
شمشيرالحيدري سڄي زندگي ادب ۽ سماج جي ترقيءَ ۾
جاکوڙيندي گذاري، هُو هڪ بهادر ۽ ارڏو انسان هو،
سندس سنڌ سان محبت جو اندازو مختلف وقتن ۾ تحريرن
ذريعي سنڌي سماج جي مسئلن جي نشاندهي مان اندازو
لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ هميشه شمشيرالحيدريءَ کي ياد
ڪندي ۽ سندس نه هجڻ واري خال کي محسوس ڪندي رهندي.
شمشيرالحيدريءَ پاران سنڌي ادب ۽ صحافت ۾ متعارف
ڪرايل نون ريتن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهوئي
شمشيرالحيدريءَ لاءِ وڏو خراج آهي.
سندس صحافتي خدمتن تي هميشه کيس عزت ۽ محبت حاصل
رهي. جيڪا هن کي هر ٽهيءَ مان ملي، هُو هڪ غريب
انسان ته هو، پر غربت ڪڏهن به هن جي اڏول ارادن کي
ڪمزور نه ڪري سگهي، شمشيرالحيدري هزارن ۾ ئي هڪڙو
حيدري هو. هُو پنهنجي ڪردارن ۾ ”مولا تي ننگ آ“ جي
عقيدي جو پڪو هو، هن جو سنڌي سماج سان هر صورت ۾
تعلق جڙيو رهيو، هن سرڪاري ادارن ۾ به نوڪريون
ڪيون ۽ صحافتي ادارن سان به لاڳاپيل رهيو، پر ڪڏهن
به سنڌي سماج لاءِ هن پنهنجي ذميواري کان لنوايو
ڪونه. شمشيرالحيدري پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ ۾ انتهائي
سادو، پر اعليٰ ذهن جو مالڪ هو، هن وٽ زندگي گذارڻ
جو پنهنجو طريقو هو، هُو پنهنجي ارادن ۾ صاف، پختو
۽ اصولن جو پابند هو، هن سموري زندگي ”ڀلي بُک ڀرم
جي شال نه وڃي شان“ ڏکين ۽ ڪسمپرسين وارين حالتن ۾
به شانَ ۽ مانَ کي قائم رکيو، ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته
هُو سنڌي قوم جو قيمتي اثاثو هو، سندس وفات سان
سنڌي سماج توڙي سنڌي ادب کي هڪ وڏو نقصان رسيو
آهي. شمشيرالحيدريءَ کي سندس خدمتن سبب انتهائي
عزت ۽ احترام سان ياد رکيو وڃي ٿو. هن زندگيءَ ۾
وڏا عهدا به ماڻيا ته وري زماني جي سختين کي به
مڙس ٿي منهن ڏنو، هن زندگي پنهنجي اصولن تي گذاري
۽ هر حال ۾ جيئڻ جي جنگ جاري رکي، هن ڪڏهن به
منافقي نه ڪئي، پر سنڌ جي مسئلن تي جتي به ڳالهايو
سڌو ۽ ’ڀير تي ڏونڪي‘ وانگر ڳالهايو.
ٽماهي مهراڻ شمشيرالحيدري جي خاص اشاعت جي سلسلي ۾
هڪ طرح ڪوشش وٺي هن يادگار دستاويز ۾ تحقيقي مواد
شامل ڪيو ويو آهي، هن رسالي سان شمشيرالحيدريءَ جي
زندگيءَ ۽ سندس گهڻ رُخي جدوجهد تي مستقبل جي
محققن کي سندن تحقيق ۾ مدد حاصل ٿي سگهندي. مهراڻ
جو شمشيرالحيدري نمبر سندن ڪيل قلمي پورهيي کي
ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرڻ جو واعدو بورڊ جي چيئرمين
مخدوم جميل الزمان صاحب شمشيرالحيدريءَ جي وفات تي
سندس ياد ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪيو هو جنهن ۾ هڪ ڪتاب
”شمشيرالحيدري- فن ۽ شخصيت“ جي نالي سان اڳ شايع
ڪيو ويو آهي ۽ شمشيرالحيدريءَ جي پهرين ورسيءَ جي
موقعي تي مهراڻ جو شمشيرالحيدري خاص نمبر شايع ڪيو
ويو آهي.
مهراڻ رسالي جي شمشيرالحيدري خاص نمبر جي اشاعت ۾
بورڊ جي مالي ڪميٽيءَ جي چيئرمين محترم نذر محمد
ڳاهو صاحب، بورڊ جي سيڪريٽري محترم الهڏتو وگهيو
توڙي بورڊ جي لاڳاپيل ڪارڪنن ڀرپور مدد ڪري خاص
نمبر جي وقت سر اشاعت کي ممڪن بڻايو ۽ محترم
دين محمد ڪلهوڙو جي معاونت حاصل رهي. اهڙيءَ طرح
هن خاص نمبر لاءِ مختلف عالمن، اديبن طرفان موڪليل
مواد رسالي جي خوبصورتيءَ ۾ اڃا وڌيڪ اضافو ڪيو
آهي. خاص طور شمشيرالحيدريءَ جي ڪٽنب مان شمشير جي
فرزندن- محترم سليم حيدري فتح علي حيدري ۽ نياڻي نسيم
حيدريءَ
جي مهرباني جن
خاص نمبر جي اشاعت ۾ دلچسپي وٺي مواد مهيا ڪرڻ ۾
ڀرپور مدد ڪئي.
ثمينه ميمڻ
ايڊيٽر
(انچارج) ”مهراڻ“
سليم حيدري
شمشيرالحيدريءَ جو ادبي خاڪو
شمشير علي ولد رسول بخش جعفري، تخلص ”شمشير“ ۽
مشهور شمشيرالحيدري جي نالي سان آهي. سندس جنم،
ضلعي بدين جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ 15- سيپٽمبر 1931ع تي ٿيو.
شروعاتي تعليم بدين ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جي
مدرسي مان حاصل ڪيائين. جنهن کان پوءِ پرائمري
اسڪول بدين مان چار درجا پڙهي، انگريزي اسڪول ۾
داخل ٿيو، جتان چار درجا پاس ڪري، ڪراچيءَ ۾ سنڌ
مدرسي ۾
داخل ٿيو پرکيس هڙتال ڪرائڻ جي ڏوهه ۾ رسٽيڪيٽ ڪري
ڪڍيو ويو. انهيءَ ڪري
اين.جي.وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو پر
سرٽيفڪيٽ نه هئڻ ڪري ٽن مهينن کان پوءِ، اهو اسڪول
به ڇڏڻو پئجي ويس، جنهن بعد نور محمد هاءِ اسڪول
حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، اُتي به امتحان ۾ ويهڻ
ڪونه ڏنائونس. سال کان پوءِ جڏهن سرٽيفڪيٽ مليو ته
ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول ۾ پريليمنري (Preliminary)
جو امتحان ڏيئي، اڳيان هلي ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺو
پر فيل ٿي پيو.
اهڙيءَ ريت تعليم ڇڏي نوڪري ڪرڻ شروع ڪيائين. ان
وچ ۾ ماءُ جي لاڏاڻي ۽ پيءُ جي ٻِي شادي ڪرڻ سان،
توجهه نه ملڻ ڪري پنهنجي مامي ڪامريڊ نذير حسين
حيدريءَ وٽ رهڻ لڳو جيڪو بهترين مقرر، صحافي،
مشهور حڪيم، سماج سُڌارڪ ۽ سُٺو اديب هو، وٽس
پنهنجي چڱي وڏي لائبريري پڻ هئي، جنهن ۾ مذهبي،
سائنسي، فقه، ترقي پسند ادب ۽ ٻين ڪيترن قسمن جا
ڪتاب موجود هئا جيڪي کيس پڙهڻ جو موقعو مليو.
شمشيرالحيدريءَ تي ڪامريڊ نذير حسين حيدريءَ جو
ايترو اثر پيو جو هو پوءِ پنهنجي پيءُ جي لقب
جعفري بدران حيدري سڏائڻ لڳو. پڙهڻ لکڻ، مباحثا
ڪرڻ، شاعري ۽ تنظيمڪاريءَ جو شوق ته کيس ننڍي
هوندي کان ئي هو پر ان ۾ نکار مامي جي صحبت ۽
همٿائڻ ڪري آيو . اڳيان هلي اختر رضوي جي سنگت
ترقي پسند خيالن کي پڪو پختو ڪيو. سندس حقيقي ادبي
سفر سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ سان شروع ٿيو، جتي
”مهراڻ“
رسالي جو 11 سالن تائين اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهيو.
ان وقت هن سرڪاري رسالي کي عوامي رسالو بڻائي سوين
لکڻيون سڌاري سنواري ڇاپيون. ان دوران ئي هن سنڌ
يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرز) ۽ ايم.اي سنڌي
لٽريچر ۾ پاس ڪئي. ”مهراڻ“
رسالي جيان 11 سال ماهوار ”نئين زندگيءَ“ جو پڻ
ايڊيٽر رهيو. 11 سالن تائين سنڌي ادبي سنگت جو
سيڪريٽري جنرل به رهيو. خاص ڪري ايوب جي مارشلائي
دور ۾ مڙهيل ون يونٽ خلاف اديبن جي اڳواڻيءَ وارو
دور ۽ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سطح تي اسڪولن مان
ختم ڪرڻ واري سازش خلاف هلايل تحريڪ ۽ سنڌي ٻوليءَ
کي بحال ڪرائڻ ۾ سندس ڪردار انتهائي اهم آهي.
1983ع ۾ روزاني مهراڻ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ڪم
ڪندي، ايم.آر.ڊي جي تحريڪ کي سچائيءَ سان منظر عام
تي پڌرو ڪرڻ ۾ پڻ پيش پيش رهيو. پاڪستان ٽيليويزن
تان سنڌي نشريات شروع ٿيڻ شرط هو ان جو آرگنائيزر
مقرر ٿيو ۽ اهڙيءَ ريت پهريون ميزبان، نيوزڪاسٽر،
ڊرامي جو ليکڪ، اسڪرپٽ رائيٽر ٿيڻ جونه رڳو اعزاز
حاصل ڪيائين بلڪه ان ميدان ۾ سنڌي ليکڪن جي
رهنمائي ڪري، نوان لاڙا متعارف ڪرايائين. هو مختلف
سرڪاري نوڪرين ۾ رهيو، ڪيترين ئي اخبارن جو
ايڊيٽر، مختلف ادارن جو پايو وجندڙ، توڙي هيڊ ۽
اعزازي صلاحڪار ۽ ميمبر پڻ رهيو، جنهن جو تفصيل هن
طرح آهي:
نوڪري: 1950ع ۾ رائيس مل بدين ۾ منشي، پي.ڊبليو.ڊي
۾ ٽيليفون آپريٽر، هوا ماپ کاتي جو آبزرويٽر،
ريوينيو ۾ داروغو، زمينداري ڪوآپريٽو بئنڪ جو
مئنيجر، 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ پهرين ڪلارڪ،
پوءِ اسسٽنٽ ايڊيٽر ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ ميمبر
پبليڪيشن اسٽاف، 1966ع کان 1976ع تائين، پبلڪ سروس
ڪميشن ذريعي وفاقي وزارت اطلاعات جي کاتي فلمز
اينڊ پبليڪيشنس جو سيڪشنل هيڊ مقرر ٿيو، جتان
ماهوار ”نئين زندگي“ ڪڍيائين، 1976ع ۾ وفاقي سرڪار
جي نئين کوليل کاتي مواصلاتي اطلاعات جو ڊپٽي
مئنيجر ٿيو، اتي جهاز رانيءَ تي ٻه ڊاڪيومينٽري
فلمون ٺاهيائين ۽ ”دي ڪميونيڪيٽر“
نالي سان انگريزيءَ ۾ ماهوار رسالو ايڊٽ ڪيائين
جتان 1978ع ۾ آمر ضياءَ جي دور ۾ کيس نوڪريءَ مان
ڪڍيو ويو، 1990ع ۾ جمهوريت جي بحاليءَ سان نوجوانن
واريءَ وزارت لاءِ سندس خدمتون حاصل ڪيون ويون جتي
هن يوٿ پاليسي جوڙي، جنهن کي ڏيهي توڙي پرڏيهي
ماهرن پهريون ڀيروعوامي يوٿ پاليسي مڃيو ۽ شهيد
بينظير ڀٽو پڻ ان ڳالهه کي ساراهيو، بعد ۾ کيس
ساڳئي وزارت تحت هلندڙ اداري يوٿ انويسٽمينٽ
پروموشن سوسائٽيءَ جو صوبائي سربراهه ڪيو ويو.
11- مئي 1993ع کان سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري طور
ڪم شروع ڪيائين جتان پوءِ کيس هٽايو ويو.
صحافت: ايڊيٽر هفتيوار پنجتني، سب ايڊيٽر روزاني
خادم وطن حيدرآباد، اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ نيوز ايڊيٽر
روزاني هلال پاڪستان حيدرآباد، مئنيجنگ ايڊيٽر
روزاني هلال پاڪستان ڪراچي
(ٻه ڀيرا)، چيف ايڊيٽر ماهوار هلچل، ايڊيٽر ماهوار
پارس، ايڊيٽر هفتيوار هدايت، چيف ايڊيٽر هفتيوار
اعلانِ حق، مئنيجنگ ايڊيٽر روزانه مهراڻ، چيف
ايڊيٽر روزاني خلق، ايڊيٽر ماهوار حياتي، وغيره.
تصنيف، تاليف، ترجمو: لاٽ (شاعري) بهترين سنڌي
افسانا (ترتيب)، سنڌي آزاد نظم جي اوسر (تحقيق)،
سنڌي شاعريءَ جو اڀياس (تحقيق)، آمريڪا جو سياسي
سرشتو (ترجمو)، ڪئنڊيڊ (ترجمو)، سُجاڳ سانگھڙ
(تحقيق، ترتيب)، ڪاڪ محل (ٽي.وي ڊرامو)، سوکڙي
(ترتيب)، ڪاروان ڪربلا (ترتيب)، انسانِ ڪامل
(ترتيب)، فليم اينڊ فليوٽ (ترتيب)، ايڪسپلورنگ سنڌ
(گزيٽيئرـ انور پيرزادي سا گڏ)، روشن تارا (ٻارن
لاءِ شاعري)، لاٽ (ٻيو ڇاپو) (نظم)، تاريخ سنڌ
(ڪلهوڙا دور) ٻه جلد (ترجمو)، تاريخ جو ڪچرو
(شاعري)، پيار جا نو گيت (جرمن شاعريءَ جو منظوم
ترجمو) ٽيليويزن لاءِ 150کان مٿي سنڌي ، اردو
ڊراما، ڊاڪيومينٽريون، اسڪرپٽ وغيره، 100 ٻاراڻا
گيت، 50 سنڌي لوڪ گيتن جو اردو ۾ ترجمو گيت منظر
جي نالي سان، شاهه لطيفؒ جي چونڊ ڪلام جو ترجمو.
اوارڊ: پي.ٽي.وي اوارڊ ــ 4، پاڪستان جي حڪيمن جي
ڪائونسل جا اوارڊ ـ2، مڃتا شيلڊ ـ سنڌي اڪيڊمي
دهلي، مڃتا شيلڊ ـ مارئي دهلي، سنڌ گريجوئيٽس
ايسوسيئيشن ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل،
مادر وطن گولڊ ميڊل (ايس.ٽي.پي) ڪراچي پريس ڪلب
گولڊن جوبلي شيلڊ، لائف ٽائم اچيومينٽ شيلڊ ـ سنڌ
اسيمبلي، لائف ٽائيم اچيومينٽ شيلڊ ـ آرٽس ڪائونسل
آف پاڪستان ڪراچي، سنڌي ادبي سنگت مڃتا شيلڊ، مڃتا
شيلڊ ـ ثقافت کاتو سنڌ، مڃتا شيلڊ ـ سنڌ اطلاعات
کاتو، عوامي آواز سٿ ـ شيلڊ، مڃتا شيلڊ ـ ماهوار
”نئين زندگي“ (پي.آءِ.ڊي)، پرائڊ آف پرفارمنس
حڪومت پاڪستان، شهيد محترمه بينظير ڀٽو شيلڊ،
سمبارا ٽاپ ٽين اوارڊ، مڃتا شيلڊ ـ اڪيڊمي آف
ليٽرس، شيلڊ ـ ايراني ڪلچرل سينٽر اينڊ اڪيڊمي آف
ليٽرس، لطيف اوارڊ 2012ع ثقافت کاتو سنڌ، مڃتا
شيلڊ ـ سنڌ مدرسو، مڃتا شيلڊ ـ ريڊيو پاڪستان
حيدآباد. |