محمد موسيٰ جوکيو
هڪڙو هو شمشير زماني ۾...
10-
آگسٽ جمع جو ڏينهن صبح جو سويل موبائيل فون
تي هڪڙو ميسيج اچي ٿو . پڙهڻ سان اکين مان نير
لارون ڪري وهن ٿا. دماغ کي چڪر اچيو وڃن ٿا،
سامهون ٽي.وي کليل آهي. شمشيرالحيدريءَ جي لاڏاڻي
جي خبر هلي پيئي. گھر جا سڀ ڀاتي سڪتي ۾ اچي ويا
آهن. سڄو ماحول سوڳوار آهي. قدرت خدا جي آهي انهي
وقت آسمان مان به بوندن جو وسڪارو ٿئي پيو. سڄي
گھر جون اکيون آليون آهن، ڪهرام متل آهي جو شمشير
منهنجي گھر جو ڀاتي هو، وڏو به هو، اهو اسان جي
گھر جو قضيو آهي، اسان
سڀ اشڪ بار آهيون. پاڙيوارن کي اسان جي تعلقاتن جي
خبر آهي. مون ڪجهه تعزيتون
به وصول ڪيون، منهنجو تصور موٽ کائي پوئتي هليو
ويو.
شمشير جو والد حڪيم رسول بخش جعفري منهنجي والد جو
پڳ مٽ يار هو، هي سٺ پنجهٺ سال اڳ جي ڳالهه آهي.
انهي وقت ۾ ايم.بي.بي.ايس ڊاڪٽر ڪونه هئا. حڪيم
رسول بخش جعفري اسان جو خانداني حڪيم هو . بابا
اسان کي به علاج لاءِ هن جي شفاخاني تي وٺي ويندو
هو، اتي ڪڏهن ڪڏهن شمشير به موجود هوندو هو. هو
مون کان ڏهه سال عمر ۾ وڏو هو، اتي ئي شمشير سان
سنگت جو پيچ پئجي ويو. وقت انهيءَ ۾ اهڙيون ميخون
ٺوڪي ڇڏيون جو اسان صفا يار غار ٿي وياسون. پوءِ
راند روند، گهمڻ ڦرڻ، هڪ ٻئي کي ڳولهي ڏسڻ، سڄو
شهر پيرن هيٺان ڪڍڻ، وري جي ڪڏهن ڪجھ وقت ملاقات ۾
وٿي پئجي وڃي ته هڪٻئي کي نياپا موڪلي گھرائڻ،
اسان جو اهڙو اٽوٽ رشتو جُڙي ويو
مون کي ننڍي هوندي کان ڪتابن، اخبارن، رسالن پڙهڻ
جو جنون هوندو هو. حيدري صاحب وري ننڍي
هوندي کان شاعر به هو، نثر
به لکندو هو. انهي اسان جي مشترڪ شوق مرڳو اسان کي
سنگت ۾ گهڻو ويجهو ڪري ڇڏيو. حيدري صاحب جي انهي
شوق جي ڪري مون به لکڻ جي پريڪٽس شروع ڪئي. انهي ۾
حيدري صاحب دل جان سان منهنجي رهنمائي ڪئي. هاڻي
حيدري صاحب هڪڙي دوست، ساٿي سان گڏ منهنجو استاد
به ٿي ويو. اسان جو گھڻو وقت هاڻي لکڻ، پڙهڻ ۽ بحث
مباحثي ۾ گذرندو هو.
حيدري صاحب ڪراچي سنڌ مدرسي جو شاگرد ٿي ويو. مگر
ڪن تنظيمي مسئلن جي ڪري اتان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي
نه سگھيو. بعد ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾
داخلا وٺڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر اتي به ڪي رنڊڪون
پيش آيون. انهيءَ کان پوءِ حيدري صاحب ٽنڊو باگو
هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان ڏنو، پر پاس نه
ٿيو. جنهن بعد بدين ۾ هُو ڪوآپريٽو
بينڪ جو مئنيجر مقرر ٿيو. ڪو آپريٽو بينڪ مڙيئي
نالي جي بينڪ هئي. ڪم ڪار ڪو نالي ماتر هو. بينڪ
واري جڳهه هن وقت جيڪا ڊاڪٽر سڪندر مينڌري جي
اسپتال آهي، انهيءَ جي لڳ ڀڳ هئي. پوءِ حيدري واري
بينڪ سنگت جي بيٺڪ وارو ڪم ٿئي ڏنو. اديب ۽ شاعر
لڏي کي هڪڙو ٺڪاڻو مهيا ٿي ويو جتي روز اديبن،
شاعرن ۽ ادب ذوق ماڻهن جو مجموعو موجود رهندو هو.
حيدري صاحب ميزبانيءَ جا فرائض به بجا آڻيندو هو ۽
ساڳئي وقت مير مجلس به هوندو هو. اهو سلسلو ڪجھ
وقت هليو، پر بينڪ هلي نه سگھي. اهُو ٿيو جو علم
ادب ۽ فن جي سٺي آبياري ٿي. بدين ۾ هڪ وسيع حلقو
علم، ادب جي فروغ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويو . بدين جو
به ادبي دنيا ۾ نالو روشن ٿي ويو.
بينڪ جي نوڪريءَ کان پوءِ حيدري صاحب کي سنڌي ادبي
بورڊ ۾ نوڪري ملي ويئي. حيدري صاحب حيدرآباد جا وڻ
وسايا. سنڌي ادبي بورڊ ٽه ماهي ”مهراڻ“ رسالو
ڪڍندو هو، جنهن جو ايڊيٽر مولانا غلام محمد گرامي
هو جنهن حيدري صاحب کي ”مهراڻ“ رسالي ۾ اسسٽنٽ
ايڊيٽر ڪري رکرايو. جيڪي ماڻهو ادبي ذوق رکن ٿا جن
جو وسيع مطالعو آهي، انهن کي پروڙ هوندي ته حيدري
صاحب ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
انهيءَ دور جا جيڪي به مشهور ليکڪ ۽ شاعر هئا.
حيدري صاحب انهن جو سهڪار حاصل ڪيو، ايڏو
ته زبردست مواد مهراڻ رسالي ۾ شايع ٿيندو هو جو
پڙهندڙن کي رسالي جو شدت سان انتظار رهندو هو.
مهراڻ رسالي جا اهي شهپارا سنڌي ادب جي تاريخ ۾
سنگ ميل جو درجو رکن ٿا . مهراڻ رسالي جا خاص
ايڊيشن اڄ به سنڌي ادب جا شاهڪار صحيفا آهن. مهراڻ
رسالي ۾ حيدري صاحب کي سنڌ جي جليل قدر عالم اديب
جناب محمد ابراهيم جويو ۽ سنڌ جو منفرد ناول نگار
۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان به ڪم ڪرڻ جو
موقعو نصيب ٿيو. حيدري
صاحب جي شخصيت تي انهن ٽن گران قدر شخصيتن جو اثر
غالب آهي. جن جي به دولت حيدري صاحب ادبي بٺيءَ ۾
پچي ريٽو ٿي ويو. حيدري صاحب جي ادبي پرورش جو اهم
ڏاڪو ٽماهي ”مهراڻ“ رسالو آهي.
جنهن کيس ادب جي اعليٰ مقام تي پهچايو. اهڙن بزرگن
جي صحبت ۾ رهي حيدري صاحب پنهنجي تعليم کي به جاري
رکيو. هن بي.اي (آنرس) ۽ ايم.اي به ڪئي.
20- صديءَ ۾ شعور جي بلندين لاءِ برصغير ۾ ادب جو
اهم رول رهيو آهي. ترقي پسند ادبي تنظيمن سياست جي
ميدان ۾ هڪ انقلاب برپا ڪري
ڇڏيو . انهيءَ جو اثر سنڌ تي پيو. ورهاڱي کان ڪجھ
سال اڳي سنڌ ۾ اهڙي ترقي پسند تنظيم وجود ۾ اچي
چُڪي هئي، جنهن جو نالو به لڳ ڀڳ سنڌي ادبي سنگت
يا ساهتيا هو. انهيءَ دور ۾ مسلمانن ۾ تعليم عام
ڪونه هئي، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي مسلمان، انهيءَ ۾
شامل هئا، جن ۾ شيخ اياز جو نالو به شمار ٿئي ٿو.
باقي گهڻائي سنڌي هندو ڪميونٽي جي هئي، جيڪي شهرن
۾ رهندا هئا، انهن وٽ تعليم به هئي پر ورهاڱي کان
پوءِ سنڌي هندو ڀائر سنڌ مان لڏي ويا، جنهن سبب
ادبي تنظيم جو سلسلو جاري رهي نه سگھيو
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ اڪيچار مسئلن
جو شڪار ٿي ويئي. شهرن تي ڀارتي پناهگيرن جا قبضا،
هندوئن جي ملڪيتن تي ڪوڙن ڪليمن جي آڌار تي والار،
سنڌي زبان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ، سنڌ جي اصل
وارثن کي گھٽ درجي جو سمجھڻ، سنڌ جي زرخيز زمينن
تي ڌارين جو هٿرادو قبضو، پڇاڙيءَ ۾ اولهه پاڪستان
جي تاريخي صوبن کي ون يونٽ جو نالو ڏيڻ، سنڌ صوبي
جو نالو وٺڻ به جُرم ۾ شامل هو. اهڙيءَ صورتحال ۾
سنڌ جي ساڃاهه وند ۽ محب وطن سنڌي سڄڻن هڪ ترقي
پسند فعال ادبي تحريڪ جي شدت سان ضرورت محسوس ڪئي،
پر اهڙي هيبتناڪ، ظلم، تاريڪ ۽ بربريت واري دور ۾
اهڙو پُرخطر ڪارنامو ڪير بجا آڻي؟ انهي خون خوار
شينهن کي گهنڊڻي ڪير ٻڌي! اهو هماليا جبل جيڏو وڏو
سوال سنڌ
واسين جي سامهون هو!! ڌڱ مڙس موجود هئا، پر جھڙوڪر
سڀني کي نانگ سونگھي ويو هجي. انهيءَ
موقعي تي انهي ميڙ مان هڪڙو سنهڙو، سيپڪ نوجوان ست
ساريندي اٿيو، جنهن موت جھڙي خاموشي ٽوڙي قلندري
نعرو هڻي اعلان ڪيو ته:
”اڄ سنڌي ادبي سنگت جي ”ٻئي جنم“ جي شروعات ٿي چڪي
آهي، آءٌ سڄيءَ سنڌ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي تنظيم
ڪاري ڪندس. سنڌ جي مڙني سُورن جي درمان سنڌي ادبي
سنگت ٿيندي. مون کي ڪامل يقين آهي ته سنڌ جي سڀني
سڄڻن جي ساٿ سان ڌرتيءَ ماتا تي جيڪي ڪارا ڪڪر
ڇانيل آهن، جيڪي به غلاميءَ جا زنجير جڪڙيل آهن،
اهي ٽوڙي سنڌ ڌرتيءَ جي شناخت قائم رکڻ تائين سُک
نه سمهنداسون.“
اهو شمشيرالحيدري هو جيڪو ظاهر ۾ سنگل باڊي،
ڪمزور، ناتوان، مگر هُو پنهنجي عزم، ارادي، حوصلي
۽ شعور جي حوالي سان کير ٿر جبل کان به وڏو مضبوط
۽ اڏول انسان هو. تاريخ شاهد آهي ته ون يونٽ جو
خاتمو سنڌي ادبي سنگت آندو. سنڌي ادبي سنگت
انقلاب، مزاحمت ۽ شعور جي بيداريءَ جي هڪ درسگاهه
ثابت ٿي. حيدري ڏينهن رات هڪ ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ چپي
چپي تي سنڌي ادبي سنگت جون برانچون قائم ڪيون.
سنڌي ادبي سنگت پُرعزم نموني، هڪ قومي ڪارج سمجھي
سنڌي ادب جي ڪايا پلٽي ڇڏي، جنهن جي بدولت سنڌي
ادب جو معيار دنيا جي سڌريل ادب ۾ ليکجڻ ۾ آيو.
سنڌي ادب جا وڏا نالا، سنڌي ادبي سنگت جي پيداوار
آهن، جن ۾: شيخ اياز، امر جليل، نسيم کرل، تنوير
عباسي، استاد بخاري، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي،
محمد خان مجيدي، امداد حسيني، رسول بخش پليجو، علي
بابا، آڪاش انصاري، مبين پنائي، ڪنول لوهاڻو، نور
محمد ساگر هدايت بلوچ، سڄڻ سومرو، حميد سنڌي، رشيد
ڀَٽي ۽ ٻيا جن جو تعداد هزارن ۾ آهي/ شامل آهن.
شمشير حيدري صاحب ون يونٽ جي خلاف هڪ تاريخي
ياداشت نامو لکيو جنهن تي لکن جي تعداد ۾ سنڌ جي
ماڻهن کان در در تي وڃي صحيحون ورتيون، انهيءَ دور
۾ بدين شهر ۾ ”شاهه قادريءَ“ جو وڏو ميلو لڳندو هو
جنهن ۾ سڄي سنڌ، بلوچستان، پنجاب، سرحد کان لکن جي
تعداد ۾ ماڻهو ايندا هئا. حيدري صاحب انهيءَ ميلي
۾ به صحيحون وٺڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪئي، جنهن ۾ مون
به هڪ ڪارڪن جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو
هو. ٽن ڏينهن جي ميلي دوران ، هزارن جي تعداد ۾
صحيحون حاصل ڪيون ويون. ٻن هفتن جي مهم جوئي مان
جيڪي لکن جي تعداد ۾ صحيحون گڏ ٿيون، انهن صحيحن
وارن پنن کي ڪپڙي تي چنبڙائي هڪ تمام وڏي شيٽ تيار
ڪئي ويئي. اهو تاريخي دستاويز سرڪار کي به اماڻيو
ويو ۽ سنڌالاجي جي حوالي به ڪيو ويو، جيڪو شايد
اُتي اڄ به موجود هجي . سنڌي ادبي سنگت 60 / 70
واري ڏهاڪي ۾ زبردست سرگرم عمل رهي. حيدري صاحب
مسلسل 11 سال سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري
جنرل رهيو.
شمشير حيدري مرڪزي اطلاعات
کاتي جي ماهوار سنڌي رسالي ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر
ٿيو . انهيءَ رسالي جو چيف ايڊيٽر سنڌ جي مشهور
ادبي شخصيت جناب عبدالواحد سنڌي هو. ”نئين زندگي“
رسالو سرڪار پنهنجي پبلسٽيءَ جي لاءِ شروع ڪيو هو
مگر انهي رسالي جو رُخ حيدري صاحب صفا بدلائي
ڇڏيو. انهي رسالي جو مواد وقتي ضرورتن مطابق ترقي
پسند هو. سنڌ جي مقبول ۽ مشهور ليکڪن جو مڪمل
سهڪار ”نئين زندگي“ رسالي سان هو. سنڌي ادب جي
تاريخ ۾ رسالي ”نئين زندگي“ جو ڪليدي ڪردار آهي.
حيدري صاحب انهي رسالي جو به 11 سال ايڊيٽر رهيو. حيدري
جي رسالي ڇڏڻ کان پوءِ اهو رسالو ڪنهن کي به ياد
نه آهي. هن وقت ته اهو رسالو به نڪرڻ بند ٿي ويو
آهي.
ڀُٽي صاحب جي دور ۾ ٻوليءَ وارن هنگامن کان پوءِ
سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تي بُرو وقت نازل ٿيو هو. سنڌي
ادبي سنگت تي حڪمرانن جي ڪَرڙي نظر هئي. ڪيترن
ڪتابن ۽ رسالن تي بندش پئجي ويئي. ڪي اديب ۽ شاعر
جيل حوالي به ٿيا، سنڌي ادبي سنگت جي سرگرمين تي
به سخت چوڪسي هئي، هڪڙو جمود طاري هو.
شمشيرالحيدريءَ اهو تسلسل قائم رکڻ لاءِ سنڌ جي
ساڃاهه وند اديبن ۽ شاعرن سان صلاح مشورو ڪرڻ بعد
ڊاڪٽر سليمان شيخ جي رفاقت سان سنڌ گريجوئيٽ
ايسوسيئيشن جو بنياد رکيو. فقط نالي جي تبديلي
هئي، مول، متا، مقصد ۽ ڪار گذاري ساڳئي هئي. جيئن
حيدري صاحب سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان
پُرجوش ڪم ڪيو، انهي ساڳئي جذبي سان حيدري صاحب
سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي تنظيم ڪاري ڪئي. سنڌ
جي پڙهيل لکيل ماڻهن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ٿي ويو.
سڄيءَ سنڌ ۾ سگا جي برانچن جو ڄار ڦهلجي ويو.
حيدري صاحب جو انهيءَ قومي ڪم ۾ مرڪزي ڪردار رهيو.
ڀُٽي صاحب جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ جڏهن ممتاز علي
ڀُٽو صاحب مرڪز
۾ مواصلات جو وزير هو. انهيءَ دور ۾ ممتاز علي
ڀُٽي صاحب پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اهم عهدي تي
شمشيرالحيدري کي مقرر ڪيو. شمشير صاحب پنهنجي
سرڪاري فرائضن سان گڏ پنهنجي اصلي ذميوارين کان
ڪڏهن به غافل نه رهيو. هن جي آفيس ۽ رهائش گاهه تي
24 ڪلاڪ سنگت ساٿ، دوستن يارن لاءِ ”دربارِ عام“
هوندي هئي. هن سرڪاري منصب تي ويهي سنڌ جي مسئلن
تي وڌ ۾ وڌ ڪم ڪيو. هن ادبي، سماجي، ثقافتي لڏي جي
وڌ ۾ وڌ خدمت ڪئي.
ضياء جي ڪاري دور جا اثر سڄيءَ سنڌ تي غالب رهيا،
حيدري بندو به انهيءَ دور کان متاثر ٿيو. هو قلم
جو مزدور هو، ريڊيو ۽ ٽي.وي مان هُن جو اُپراسو
ٿيندو هو. ريڊيو، ٽي.وي جو سڄو شيڊول تبديل ٿي
ويو. سرڪار کي به حيدريءَ جي قلم جي ضرورت نه رهي.
”آڻيون ۽ چاڙهيون“ حيدري جي زندگيءَ جو منشور هو.
وڏو عيال وارو، جنهن جي ڪفالت هن جي ذمي هئي.
حيدريءَ جي سڄي سنگت به
ضياء شاهي جي عتاب ۾ هئي، تنهن هوندي به حيدري
صاحب جي سنگت به حيدري صاحب جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ
ڪراچي شهر ۾ هڪ وڏو ڪمرشل ميوزيڪل پروگرام منعقد
ڪرايو، جنهن ۾ ملڪ جا نالي وارا ڪلاڪار جن ۾ مُني
بيگم به شامل هئي، اعزازي طور شريڪ ٿيا، مُني بيگم
جي انهي وقت وڏي هاڪ هئي. ڪراچيءَ ۾ اهو تاريخي
پروگرام هو، خرچ
لٿي پٿي ٻه لک رپيا بچت ٿي. 80 واري
شروعاتي ڏهاڪي ۾ ٻه لک رپيا وڏي موڙي هئي. حيدري
صاحب ٻن لکن جي وڏي رقم کڻي بدين پهتو. هن پنهنجي
ويجھي سنگت جو تڪڙو هنگامي اجلاس گُهرايو . حيدري
صاحب اجلاس ۾ اعلان ڪيو ته:
”هن دور ۾ قلم منهنجو ساٿ نٿو ڏي، مون في الحال
قلم پيٽيءَ ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو آهي. هاڻي آءٌ ٻني
ٻاري جو ڪم ڪندس. پنهنجي گھر کي پالڻو آهي. مون وٽ
ڪجھ رقم آهي، زمين هٿ ڪري وڏيرو شمشير ٿيندس مون
کي توهان روايتي وڏيرو نه سمجھجو، آءٌ جديد وڏيرو
هوندس. پنهنجي ٻنيءَ تي ٺڪي ٺام ٺاهي اتي لطيف جي
نالي ٿلهو ٺاهبو، جتي
لطيف، سچل، سامي، سانوڻ فقير، شاهه عنايت ۽ ٻين
بزرگن جا ڏهاڙا ملهائينداسين، ادبي محفلون،
مشاعرا، سُر سنگيت جا پروگرام ڪنداسون. مون کي
اميد آهي ته توهان منهنجي همت افزائي ڪندا ۽ مڪمل
سهڪار ۾ به رهندا.“
هيءُ 33-32 سال
اڳ جو قصو آهي. انهيءَ وقت لاڙ جي زمينداري زوال
پذير هئي. لاڙ جو زميندار قرضين کان لڪڻ ۾ پورو
هوندو هو. زمينداريءَ جا طور طريقا حساس ماڻهن
لاءِ ناقابِل عمل هئا. مون حيدري صاحب کي باادب ۽
التجا جي نموني چيو ته:
”استادِ محترم، علم ۽
ادب جا ڌڻي، عقل ۽ دانش جا صاحب، آءٌ
توهان جو ادنيٰ شاگرد به آهيان. نيازمند ۽ معتقد
به آهيان. زندگيءَ جو وڏو عرصو توهان جي ڇانوَ ۾
به رهيو آهيان، ستن پيڙهين کان زميندار به آهيان،
وڏيرو به سڏجان ٿو، پر منهنجو تجربو آهي ته لاڙ
جي زمينداري، کوٽ کاتي وارو ڪاروبار آهي. انهيءَ
ڪري آءٌ معمولي نوڪري ڪري پنهنجي گهر جي ڪفالت
ڪريان ٿو. توهان انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃو جيڪڏهن
توهان منهنجي صلاح نه مڃي، ته اها رقم ڪنهن
اونهيءَ کڏ ۾ ڪري پوندي، جنهن مان اوهان کي پائي
جا ڦُلا به
حاصل نه ٿيندا.“ (اڄ جي دور ۾ لاڙ جي زراعت سڌريل
آهي)
حيدري صاحب منهنجي اها صلاح رد ڪري ڇڏي. حيدري
صاحب آڙيڪاپن جي ور چڙهي ويو، صفا بنجر ۽ هيٺ
مٿانهين ڪلراٺي زمين هن جي مٿي ۾ لڳي. سنگت ساٿ
کان ٽريڪٽر وٺي، تيل جا ڊرم ڀرائي زمين جي ڪم ڪار
۾ لڳي
ويو. زمين جي وچ تي ٻٻر جو هڪ وڏو درخت هو، جنهن
جي ڇانوَ ۾ پنج ست کٽون، پٽ تي ڪجھ تڏا توريون
وڇايل، هر وقت ماڻهن جو مجموعو موجود . اهو حيدري
صاحب جو عارضي آستانو هو، جتي لنگر چالو هو، ته
چانهه جو دور به، حيدري صاحب جي آستاني تي اهڙن
ماڻهن جو به ڳچ تعداد هوندو هو. هُو اهڙن ماڻهن جي
خاطر تواضع به ڪندو هو. انهيءَ رنگ ۾ به حيدري
صاحب ڳچ عرصو رهيو.
انهيءَ دوران هڪڙي سنڌي رسالي پنهنجي بيڪ پيج تي
هڪ ڪارٽون لڳايو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته حيدري صاحب
ڦُل سوٽ ٽاءِ
سميت ڪلهي تي هر ۽ پاڃاري پويان هر ۾ چوني لڳل،
انهيءَ ۾ هڪ شيشي به ٻڌل آهي. ڪيپشن ۾ لکيل آهي
ته:
”شمشيرالحيدري ڳچ وقت کان گم آهي. هُن جو ڏس پتو
پيو آهي ته هو ٻني ٻاري ۾ رُڌل آهي. ادبي برادري
حيدري صاحب جي غير موجودگيءَ ۾ اُٻاڻڪي، حيران ۽
پريشان آهي. حيدري صاحب تائين جيڪڏهن هيءُ اطلاع
پهچي ته بنا دير سنگت وٽ پهچي وڃي. جيڪڏهن ڪو ٻيو
به ادب دوست ماڻهو حيدري صاحب کي وٺي سنگت وٽ
پهچائيندو ته ان کي وڏي اعزاز سان نوازيو ويندو.“
منهنجو دوست محمد رمضان خاصخيلي ۽ آءٌ پنهنجي ڪنهن
ذاتي ڪم ڪار سان، ڪراچي وياسين. اسان کي پنهنجي
دوست عبدالرحمان نقاش سان ملڻو هو. هُو انهيءَ وقت
روزانه ”هلال پاڪستان“ سان وابسته هو. هُن اسان کي
ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملڻ لاءِ وقت ڏنو هو. اسان مقرر
ٽائيم تي پريس ڪلب پهتاسين. سنڌي صحافين جو چڱو
حلقو پريس ڪلب ۾ موجود هو. هنن جي اڳيان شمشير جي
ڪارٽون وارو رسالو موجود هو. هنن انهيءَ تي پئي
ٽيڪا ٽپڻي ڪئي. نقاش اسان کي ڏٺو، سڀني کي رڙ ڪري
چيائين ته:
”شمشير صاحب جا مجيجي اچي ويا آهن. هاڻي پاڻ کي
سربستيون خبرون هنن کان ملنديون.“ سڀيئي
صحافي اسان ڏانهن متوجه ٿيا. اسان هنن کي ٻڌايو
ته:
”حيدري صاحب ميو متارو خوش جوڙ حيدري فارم تي حاضر
موجود آهي. فقير، فقرائن
جا ولر هن جي چوگرد آهن، لنگر هلي پيو، هر ڪم واري
ماڻهوءَ کي ان جي غذا ملي ٿي. تازيون مڇيون، ديسي
ڪڪڙ، ڪنهن وقت تِتِر، ڍنڍ جا پکي، ته ڪڏهن وري
ڇيلو ۽ گھيٽو اچيو وڃي. ٽريڪٽر ڪم ڪن پيا، تيل جا
ڊرم ڀريا پيا آهن. ڪنهن وقت ڳائڻ وارو فنڪار به
اچيو نڪري. نه ته به سازن وڄائڻ وارا مقامي فنڪار
هر وقت موجود هوندا آهن. اسان به هفتي ڏيڍ ۾ هن
وٽان ڦيرو ڪندا آهيون، ڪڏهن هو نياپو ڏياري به
گهرائي وٺندو آهي . ريڊيو به وٽس آهي، ڪنهن وقت
خبرون به ٻُڌي ٿو ته ڪڏهن ڪلام، گانا به ٻُڌي وٺي
ٿو. اسان اخبارون رسالا کڻي ويندا آهيون، ته اهي
وهاڻي هيٺان رکي ڇڏيندو آهي. ڪڏهن ڪا چٺي چپاٽي به
لکندو هوندو. باقي اڳي وانگر هن کي ڪڏهن به لکندي
يا پڙهندي نه ڏٺو اٿئون. خوش ويٺو آهي، چوي ٿو ته
پنهنجي ٺڪاڻي وارا ٿيون. پوءِ سنگت سان راهه
رسم جاري رکبي. اسان کيس شروع ۾ جھليو هو ته
زمينداري ڪاروبار تنهنجي وس ۾ ناهي، تون قلم جو
ڌڻي آهين، پر هن جو مؤقف آهي ته هن وقت چرٻٽ راجا
جو راڄ آهي، اسان جو قلم نٿو اگھامي، انهي جي ڪري
ڌنڌي جي مٽ سٽ ڪئي اٿم، هاڻي اڳتي ڏسجي ته حيدري
فارم ڪهڙا ٿو رنگ ڪڍي“.
پريس ڪلب وارن هڪ طنز ۽ مزاح سان ڀريل ياداشت نامو
لکيو. جنهن تي سڀني صحيحون ڪيون. انهيءَ ۾
انهن جو مطالبو هو ته:
”حيدري تون اسان جو استاد ۽ روشنيءَ جو مينار
آهين. توکان سواءِ اسين ڏاڍا اياڻا، حيران ۽
پريشان آهيون، توکي اسان نماڻو عرض ڪريون ٿا،
”بادشاهه پير“ جو واسطو ڏيون ٿا. ته تون ڪنهن به
صورت ۾ اسان وٽ پهچي وڃ، اسان کي تنهنجي سخت ضرورت
آهي“.
ياداشت نامو طنزمزاح سان ڀريل هڪ شاندار ليک هو،
واپسيءَ ۾ اسان اهو پنو حيدري جي حوالي ڪيو، پڙهي
ٽُٻيءَ ۾ پئجي ويو، چيائين ته:
”آءٌ سنگت کي جواب لکندس جيڪو هن ريت هوندو ته مون
پنهنجي زندگي ڀرپور نموني گذاري آهي ايئرڪنڊيشن
آفيسون، جهازن جا سفر ملڪ اندر ۽ ٻاهر به گھميو
آهيان، پر جيڪا آسائش ۽ مزو هن وڻ جي ڇانوَ ۾، ۽
حيدري فارم تي مون کي مهيا آهي، جيڪي رس رهاڻيون
مون کي هتي نصيب ٿيون آهن، اهي منهنجي زندگيءَ جو
انمول خزانو آهي. آءٌ هن وقت پنهنجو پاڻ کي هتي
بهتر سمجھان ٿو.“
ٿيو ايئن جو جيستائين حيدري صاحب وٽ پونجي هئي،
ايترو وقت هو ٺاٺ باٺ سان رهيو . پوءِ حيدري فارم جو
زوال اچي ويو. حيدري صاحب ٽپڙن جو ٿيلهو کڻي،
اباڻي شهر بديڻن ۾ پهچي ويو. حيدري صاحب جي دماغ ۾
اهو خيال دامنگير ٿيو ته خواجه ڪميونٽي بنيادي طور
ڪاروباري طبقو آهي، انهي ڪري ڪاروبار ۾ نصيب
آزمائڻ گهرجي، پٽ سٽ ڪري هن ڪجھه رقم هٿ ڪئي. غريب
آباد جي پي.ايف روڊ تي هڪ دڪان مسواڙ تي ورتو،
جنهن جي فٽنگ ڪرائي چڱو خاصو ڪائونٽر ٺهرايو.
ضروري فرنيچر وٺي هڪ بورڊ ”حيدري ٽريڊرس“
مهاڙي ۾ لڳائي ڦرڻي ڪرسي تي ويهي، ڪراچيءَ جي هڪ
زرعي دوائن واري ايجنسي سان لهه وچڙ ڪري ڪاروبار
شروع ڪيو، اهو ڪاروبار به ڄمي نه سگھيو، چند مهينن
کان پوءِ اها فٽنگ ۽ فرنيچر دڪان جي مالڪ کي مسواڙ
۾ ڏيئي، پنهنجا پلاند آجا ڪيائين..
انهيءَ دوران بدين- ڪڍڻ روڊ تي سرڪار، سمال
انڊسٽريز جي نالي سان هڪ پلان جوڙيو، حيدري صاحب
بدين ۾ موجود هو، جنهن پوتا ميل ڪيو ته زمينداريءَ
۾ به فيل ويس، ڪاروبار به هلي نه سگھيو، آءٌ ڪتابي
دنيا جو ماڻهو آهيان. انهيءَ شعبي ۾ تجربو به آهي.
سمال انڊسٽريءَ ۾ پلاٽ هٿ ڪري وڏو ڇاپ خانو
لڳائجي، هتي ڀر پاسي ۾ وڏا ڪارخانا ۽ آئل فيلڊون
به آهن. ڇپائيءَ جي ڪاروبار جا موقعا به آهن. اڳتي
هلي اخبار ۽
رسالا به ڪڍجن، اهو گذر معاش لاءِ منافعي بخش
ذريعو ٿيندو. حيدري منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ
لاءِ ٻن پلاٽن جي زر ضمانت جمع ڪرائي.
حيدري صاحب جو اهو پلان هو ته انهيءَ اسڪيم تحت
گھٽ ۾ گھٽ 40-30 ملازمن جي ضرورت پوندي. اهو
ڪاروبار چوويهه ڪلاڪ هلندو. انهيءَ ڪري ملازمن جي
لاءِ ڏهن کان ٻارنهن گھرن جي ڪالوني ضروري آهي.
سمال انڊسٽري جي پاسي ۾ قاضيه واهه جو ڪنارو آهي،
جنهن تي مختلف ماڻهن جا قبضا هئا. حيدري صاحب
ڪالونيءَ جي لاءِ ويهه هزار فوٽن جا قبضا خريد
ڪيا، جنهن تي ان جي سيڙپ تقريباً اڌ لک رپيا ٿي.
انهيءَ تي لوڙهو ڏياري هڪڙو چوڪيدار مقرر ڪيو.
حيدري صاحب جو مقصد هو ته پلاٽن تي قرض کڻبو، پوءِ
ڪنسٽرڪشن ڪرائبي، پوءِ وڌيڪ قرض کڻي مشينري وٺبي،
ڪالوني به ٺهرائبي. اهو سڄو پلان هڪ ڪروڙ رپين جو
رٿيل هو، پر سرڪار جي ڪمن
۾ کانچا هوندا آهن. ڪٿي
بريڪ به اچي ويندي آهي. حيدري صاحب وٽ موڙي ڪونه
هئي. سڄو
ڪم خالي کوپڙيءَ جي زور تي هو. انهيءَ ڪري اهو سڄو
پلان ناڪام ٿي ويو. حيدري صاحب مايوس ٿي ڪراچيءَ
جا وڻ وسايا. ڪالونيءَ واري سرزمين تي ماڻهو قبضو
ڪري ويا. سمال انڊسٽري وارا پلاٽ به رولڙي جو شڪار
ٿي ڪينسل ٿي ويا. حيدري صاحب جي لڳايل موڙي به
پوري ٿي ويئي.
1983ع ۾ پير پاڳاري جي اخبار”مهراڻ“ حيدري جي پُکي
۾ نڪتي. مهراڻ اخبار اهڙي هئي، جنهن کي ڌڻي به
ڪونه پڙهندا هئا. ضياءَ جي خلاف تحريڪ عروج تي هئي
. ضياءَ جي ظلمن جي خلاف حيدري جي اندر ۾ باهه جا
مچ ٻرندڙ هئا. حيدري صاحب اخبار جو سئو تي ڪانٽو
رکيو. ”مهراڻ“ اخبار کي اسپيڊ ڏني . عجيب و غريب
عنوانن سان باڪس ۾ نوان سلسلا شروع ٿيا. مهراڻ
اخبار سڀني سنڌي اخبارن کان گوءِ کڻي ويئي. ٻين
اخبارن لاءِ
به اها مجبوري ٿي پئي ته جيترو ممڪن ٿي سگھي
”مهراڻ“ اخبار جو گس وٺجي. ضياءَ جي نڙي ۾ ”مهراڻ“
اخبار ڦاسي پئي. هن پير پاڳاري کي سگنل ڏنو ته
”مهراڻ“ اخبار جو ڦاهو سندس
نڙي مان ڪڍي . پير پاڳاري کي فوجين جي آشيرواد
حاصل هئي. حيدري صاحب کي ”مهراڻ“ مان بي دخل ڪيو
ويو.
مهراڻ اخبار ايم.آر.ڊي ۾ ايتري سگھ پيدا ڪئي جو
جنرل ضياءَ کي انڌي منڍي جمهوريت جو اعلان ڪرڻو
پئجي ويو
1988ع ۾ بينظير صاحبه جي پهرين دور ۾ مرڪزي وزير
پرويز علي شاهه، حيدري صاحب جي
خدمتن جي اعتراف ۾ کين پنهنجي محڪمي ۾ يوٿ
انويسٽمينٽ پروموشن بيورو جي اهم عهدي تي مقرر
ڪيو. سندن لاءِ گريڊ 18 هو. 19 گريڊ لاءِ سمري
تيار هئي، ته بينظير جي حڪومت جو زوال اچي ويو ۽
حيدري صاحب جي نوڪري پوري ٿي. انهيءَ کان پوءِ
حيدري صاحب ڪنهن به سرڪاري محڪمي ۾ اگهامجي نه
سگھيو. حيدري صاحب وري پهنجي قلم جو پورهيو شروع
ڪيو.
شروع کان وٺي حيدري صاحب جي اخباري دنيا سان
وابستگي رهي آهي. ”هلال پاڪستان“ شروع ۾ عبدالشڪور
منشي ڪڍندو هو. حيدري صاحب ”هلال پاڪستان“ کان
صحافتي پيشي جي شروعات ڪئي. انهيءَ کان پوءِ ڪجھه
وقت روزانه ”خادم وطن“ سان منسلڪ رهيو. وري
”مهراڻ“ اخبار انهي کان پوءِ به وري روزنامه ”هلال
پاڪستان“ ڪراچي روزانه ”برسات“، هفتيوار ”هدايت“،
”هلچل“، ”پنجتني“،”هاري حقدار“،
”اعلانِ حق“، رسالو ٽه ماهي ”مهراڻ“،
ماهوار
”نئين زندگي“، ”پارس“، ”نئون نياپو“، ”حياتي“،
وفات کان ٻه سال اڳ روزانه ”مومل“ اخبار ڪراچيءَ
جا ايڊيٽر رهيا. ”حيدري صاحب جا 20 کان وڌيڪ سنڌي،
انگلش، اردو ڪتاب ڇپيل آهن. چالهيارو کن قلمي
نسخا، ترتيب ڏنل ۽ بنا ترتيب ڏنل آهن مختلف
دورن ۾ اخبارن، رسالن، ريڊيو، ٽي.وي لاءِ شاعري
ڊراما، اسڪرپٽ، تبصرا، ترجما، تجزيه، ڪالم،
انٽرويوز هزارن جي تعداد ۾ ڇپيل آهن، اهي نشر ٿيا
آهن ۽ ٽيليڪاسٽ به ٿيا آهن.
حيدري صاحب فقير منش ماڻهو هو، ڪڏهن به ڪنهن اوارڊ
کي سنڀالي نه رکيو. هو چوندو هو ته منهنجي لاءِ
”حيدري“ اوارڊ منتخب ٿيل آهي. جيڪو منهنجي لاءِ
ڪافي آهي. تڏهن به ڪجھه اوارڊن جي لسٽ هن ريت آهي:
پاڪستان ٽيليوزن اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت اوارڊ،
سنڌي اڪيڊمي اوارڊ دهلي، ماروي اوارڊ دهلي، سگا
ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، سمبارا، ٽاپ ٽين اوارڊ، ماهوار
نئين زندگي اوارڊ، بزمِ جنگ اوارڊ، پاڪستان جي
حڪيمن جي ڪائونسل جا ٻه اوارڊ، صدارتي پرائيڊ آف
پرفارمنس ۽ ٻيا به ڪيترائي اوارڊ.
حيدري صاحب جي زندگيءَ جو وڏو حصو
29 ڊي پاڪستان ڪواٽرس ڪراچيءَ ۾ گذريو. اهو گهر
نئين زندگي جي ايڊيٽريءَ دوران سرڪاري طور مليو،
هن کي پنهنجو ذاتي گھر نه آهي. ڪافي دفعا سرڪار
گھر خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن متبادل بندوبست
نه هئڻ سبب اڃا تائين انهي ننڍڙي زبون حال گھر ۾
رهائش پذير آهي. کيس پنج پُٽ، ٽي نياڻيون، هڪ
بيواهه آهي. پُٽن کي به هاڻي مڙوئي روزگار جهڙيون
نوڪريون آهن.
منهنجو ازل کان حيدري صاحب سان روح جو رشتو ڳنڍيل
آهي. مائٽن جي تعلق ڪري اسان هڪ ٻئي جا گھر ڀاتي
ٿي رهياسون. ادبي ذوق اسان جي دوستيءَ جا پيچ پخته
ڪري ڇڏيا. منهنجو جڏهن به حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃڻ
ٿيندو هو ته ٺڪاڻو حيدري وٽ هوندو هو. حيدري جڏهن
بدين ايندو هو ته منهنجو هن سان مڪمل ساٿ هوندو
هو. اسان ۾ ڪڏهن به وٿي نه پئي. حيدريءَ جون
ڳالهيون، حيدري جا طنز مزاح وارا ٽوٽڪا، سدائين
لازوال مُرڪ، هر
وقت باغ بهار صبح جي ٿڌڙي هير جھڙو سڀاءُ، حيدري
کي ڏسڻ سان گوندر به لهي ويندا هئا. ٿڪاوٽ
جو احساس ختم ٿي ويندو هو. ڳڻتي پڇتاءُ، بخيلي،
بيزاري، ڪاوڙ، ذهني فڪر انهي قسم جون ٻيون
علامتون، ڪڏهن به حيدريءَ جي ويجھو نه آيون. بلاشڪ
حيدري اڄ جي دور جي مرد قلندر هو.
حيدري منهنجي روح جو راڻو هو ۽ مون جي لاءِ پير
مرشد جو درجو رکندڙ رهنما استاد، گهر جو وڏو،
منهنجو آئيڊيل
، هڪ بي مثل انساني صفتن جو ڀنڊار هو . هو صوفي
لاڪوفي هو. هن جو تعارف لطيف جو هيءُ شعر آهي:
نڪي کڻن پاڻ سان نڪي ساڻن
پاڻ،
اهڙا جن اهڃاڻ، آءٌ نه جيئندي ان ري.
رب جا شان آهن، مون جيڪو تعلق حيدري سان ڳنڍيو
آهي، حيدري ان جو اهڙو عملي ثبوت ڏنو آهي جو
منهنجون گذريل پيڙهيون، منهنجي دور وارو نسل،
منهنجو ايندڙ نسل، قيامت تائين فخر ڪندو ’چئوڪنڊي‘
منهنجي وڏڙن جي آخري آرام گاهه آهي. سڀني کي خبر
آهي ته اهو منهنجي وڏڙن جوکين جو قبرستان آهي.
حيدري صاحب به پنهنجي لاءِ اها جاءِ منتخب ڪئي، اڄ
حيدري صاحب اتي سپرد خاڪ آهي. انهيءَ کان وڌيڪ
منهنجي لاءِ ٻيو ڪهڙو وڏو اعزاز ٿي سگھي ٿو، ڪيئن
به هجي پر آءٌ ايئن سمجھان ٿو ته حيدري صاحب
زندگيءَ ۾ به مون سان ۽ منهنجي پوري خاندان سان
نڀاهيو، پر گذاري وڃڻ کان پوءِ به هُو منهنجي
خاندان سان گڏ آهي. آءٌ حيدري صاحب کي ڪهڙن لفظن
سان ڀيٽا ڏيان، مون وٽ حيدري صاحب جا هي لفظ آهن،
شال قبول پون:
ڪٿي آهي شمشير جو چنگ
چوري،
زمانو ته ڀلجي ويو، چارڻ جون ڳالهيون.
|