سڄڻ سنڌي
قلم کي عَلَمُ بڻائيندڙ هڪ ڪردار
ٻي مهاڀاري جنگ، جتي انساني تاريخ ۾ سانحو ۽ الميو
ڇڏي ويئي، اتي ڪنهن ٿئي ڄاتو ته هيءَ جنگ دنيا ۽
خاص طور تي ڏکڻ ايشيا مان انگريز فرنگيءَ کي
پنهنجو بيٺڪي نظام ويڙهي ڇڏڻ تي مجبور ڪندي. اسان
جي هن خطي ۾ اڳ موجود تحريڪن زور ورتو ۽ آزاديءَ
جون هوائون گُهلڻ لڳيون، بقول ڀٽائيءَ جي ته:
جر ٿر تِکَ تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي،
سڀئي شئي ٿيا، سوري سزا وار،
همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئن.
گانڌي جي نعرو هنيو ته :
سامراجيو.......!!
هندستان خالي ڪريو.
بابُوسڀاش چندر بوس ۽ ڀڳت سنگھ گانڌي جي سڏ جا
پڙاڏا بڻجي ويا.
روپلو ڪولهي پارڪر جي پهاڙن تي چڙهي ويو. فرنگي
سان وڏي ويڙهاند کان پوءِ گرفتار ٿيو ۽ وحشتناڪ
تشدد دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته روپلا.......!
ڪنهن لاءِ ٿو وڙهين؟ جواب آيو ڪارونجھر!!!
پڇيو ويو ته تنهنجي پشت پناهي ڪير ٿو ڪري؟
وراڻيائين: ڪارونجھر....... ڪارونجھر.......
ڪارونجھر..... ۽ ائين ئي ڪارونجھر پنهنجي واديءَ ۾
سڏ پڙاڏا ٿي گونجڻ لڳو.
۽ ٻئي پاسي سرزمين سنڌ جي سپوت سيد صبغت الله شاهه
ثاني عرف سورهيه بادشاهه جڏهن تخت نشين ٿيو، تڏهن
چيائين ته.
وطن يا ڪفن_ آزادي يا موت!
پير سائين پاڳاري جو اهو آفاقي نعرو ڏکڻ ايشيا ۾
آزادي پسند ۽ سامراج دشمن ڌرين لاءِ مشعل راهه
بڻجي ويو:
آزادي کان اوپرا، تون نه اسان جو ڀاءُ،
تون ڪو پٿر پنڌ جو، اسان اتر واءُ،
اسان تڏي آءُ، سانگو لاهي سر جو.
جهڙيءَ ريت ڪي دور، زمانه ۽ انقلاب فرد کي شخصيت،
شخصيت کي هستي بنايو ڇڏين، ساڳيءَ ريت ڪي فرد،
شخصيتون ۽ هستيون وري ڪن دورن، زمانن ۽ انقلابن کي
نت نين معنائن جون مالهائون پارايو ڇڏين.
جيئن لينن، زار شاهيءَ خلاف هڪ اڻٽر انقلاب کي
نئين معنى عطا ڪئي ۽ تاريخ ۾ نئين دور جو آغاز
ٿيو. مائوزي تنگ دنيا جي ٽن اجگر قوتن کان پنهنجي
وطن چين کي آزادي ڏياري ۽ هوچي منهه ويٽنام جي 160
سالن کان هلندڙ آجپي جي جنگ کي 40 سال لڳاتار
ويڙهه ڪري ڪيترن ئي شڪستن کي فتح عظيم ۾ بدلايو.
مولانا عبيدالله سنڌي خطي جي جديد قومي نظرئي هيٺ
نئين سر جوڙجڪ لاءِ نظريو پيش ڪيو. اهو انڪري جو
هڪ پاسي چيو پئي ويو ته هندستان هڪ قومي رياست آهي
۽ ٻئي پاسي وري ان بابت ٻه قومي رياستن جو خيال
پيش ڪيو ويو. جڏهن ته سورهيه بادشاهه سنڌ بابت
مڙني نظرين کي هڪ پاسي رکي چيو ته:
وطن يا ڪفن_ آزادي يا موت!
اهو تاريخ جي عبوري ئي صحيح، پر هڪ دور کي نئين
معنى بخشڻ جي شعوري جدوجهد هئي، جيڪا تاريخ جي
ڳلکڙن مان اڃا به ليئڙا پائي پنهنجي موجودگيءَ جي
امر احساس کي اڃا به اجاگر ڪري رهي آهي.
هڪ زمانو هو جو رڳو ڀارت ڊسڪس ٿيندو هو ۽ هڪ دور
آيو جو پاڪ- ڀارت زير بحث رهيا، پر تاريخ جنهن خطي
کي انڊس ويلي، مهراڻ، سنڌوءَ ۽ سپت- سنڌوءَ ٿي
سڏيو، تنهن کان هيستائين گھڻي پيار پاٻوهه، غور ۽
اتساهه سان صفحه هستي تي سدا سلامت، قائم- دائم
ڏسڻ لاءِ اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جا ميمبر
ملڪ به متوجهه آهن،
سائين جي.ايم.سيد چيو ته:
”سنڌ: ڪن فيڪون کان آهي ۽ اسان جي محبت به ان سان
ايتري ئي قديم آهي“.
عظيم ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي ”سيوِ سنڌ،
سيوِ دي ڪانٽينينٽ“ ۾ لکيو:
”تڏهن اها جدوجھد انهيءَ پس منظر ۾ اڀري الهندي ۽
الهي اڀرندي رهي آهي. انهيءَ جدوجھد کي تسلسل ۾
رکڻ ۽ ان کي پنهنجي پڄاڻي جي ويجهو ڪرڻ لاءِ جنهن
قومي تحريڪ جو جڙي راس ٿيڻ تاريخ جي گهُرج هو، ان
جو ادراڪ سنڌ ۾ توڙي جو ڪيترن ڏات ڌڻين کي هو.
شمشيرالحيدري انهن ۾:
لاکا لک سُڄن، پر ڦلاڻي ڀير ٻيو،
جنهن کان راڻا راڄيا، ڪوٽن منجھ ڪنبن،
جنهن جو جاڙيجن، ستي سونڪو نه لهي.
جي مثل هو.“
شمشير الحيدريءَ لاءِ اهو چوڻ ته هن ادب ۽ صحافت
جي ميدان تان جدوجھد ڪئي ۽ هو فوج شاهي خلاف سينه
سپر رهيو، ڇا سول آمريت ۾ جڏهن سنڌي ڪتابن، اخبارن
۽ رسالن ۽ پريسن تي بندشيون وڌيون ويون، سياسي
ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تي بغاوتن جا ڪيس داخل ڪري کين
ڦاسي گھاٽن ۾ بند ڪيو ويو. جڏهن سنڌي رسالن جي
ايڊيٽرن کي پابند سلاسل ڪيو ويو، جڏهن سنڌ جي
جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ اديبن، شاعرن ۽ دانشورن
مان ڪن کي پنهنجو همنوا بنائڻ لاءِ نيلام گھر
سجايا پئي ويا تڏهن شمشير جو ڪردار نه هو جنهن کي
ڊسڪس ڪجي؟
شمشير جدوجھد جي حوالي سان پنهنجي ذات ۾ ايترو
جامع هو جو ان کي جدوجھد جي علامت ۽ اهڃاڻ قرار
ڏجي ته بيجا نه ٿيندو. شمشير جي ادب ۽ صحافت جي
ميدان ۾ آمد ڪو حادثو نه هئي. هن ته پنهنجي ديس
سنڌ جي روشن آئيندي لاءِ نوان روڊ ميپس جوڙيا، جن
سان ئي قومي تحريڪ پنهنجي تڪميل جا مرحلا طئي ڪندي
آهي. شمشير جي اها ئي شعوري ڪوشش ۽ جدوجھد سنڌ جي
گڏيل فهم جي عڪاس هئي.
جدوجھد پنهنجي منظر ۾ جيئن به هجي، پر اها پنهنجي
پس منظر ۽ پيش منظر تي گھڻو مدار رکندي آهي. جڏهن
ڪراچي کي گادي واري هنڌ بنائڻ جي نالي تي سنڌ کان
ڌار ڪرڻ جي رٿا تيار ٿي ته ان خلاف سڀ کان سگھارو
آواز سنڌ جي تڏهوڪي وزير اعلى ايوب کهڙو جو هئو
جنهن کي انهي ڏوهه ۾ وزارت اعلى تان هٽائي
”پروپئگنڊا“ تحت سياست مان ئي بيدخل ڪيو ويو.
شمشير انهي تناظر ۾ اقتداري ايوان کان سياست جي
دنيا تائين ٿيندڙ سموري اٿل پٿل ۽ مخالفت توڙي
حمايت جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو. شمشير جو اهو اڀياس ۽
مشاهدو ئي هو جنهن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي
ميسارڻ لاءِ جيڪو شريف ڪميشن جي ذريعي قهري وار
ڪيوويو تنهن وار کي پنهنجي وجود جي ويڙهه ڪري
وڙهيو شمشير.
واجھ نه وجھ تون، وڍ ڏي، رت وهي ته به رڙهه،
پوئين وير به وڙهه، ويري سان وجود جي.
شمشير جڏهن شريف ڪميشن جي سنڌي ٻوليءَ کي محدود
ڪرڻ واري فيصلي کي سنڌ جي وجود تي ڪاري وار قرار
ڏيئي للڪاريو ته:
”سنڌ جي آسمان تي ادب ۽ صحافت جا ڪيترائي روشن
روشن، جڳمڳ جڳمڳ چنڊ، ستارا اڀري ۽ اسري آيا، نه
رڳو ايترو، پر سنڌي ٻوليءَ جي اصلوڪي حيثيت به
بحال ٿي.“
شمشير جي دورانديش جدوجھد سنڌي ادب ۽ صحافت جي
گلشن جي آبياري ڪندي رهي ۽ ها! شمشير جي اها
جدوجھد ترتيبوار هڪ کان ٻئي ۽ هاڻ اها ٽئين نسل
ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي.
ثابت ٿيو ته شمشير جي حڪمت ۽ دانائي تڏهن به
ڦلدائڪ هئي جڏهن هو حال حيات هو ۽ هاڻ جڏهن پاڻ
اهل ممات آهي تڏهن به سندس جدوجھد کي زندگيءَ جي
لڙائيءَ سان منسوب ڄاتو وڃي ٿو.
جڏهن ون يونٽ مڙهي ڪائنات جي زندهه حقيقت سنڌ کي
سابق سنڌ چوڻ جا نادر شاهي حڪم جاري ٿيا تڏهن
شمشير ”سنڌ جي سائين“ جي فڪري آهنگ سنڌي ادبي سنگت
جي پليٽ فارم تان ون يونٽ خلاف اديبن، شاعرن ۽
دانشورن جو هڪ عظيم قومي قافلو جوڙي ورتو ۽ پڻ
سنڌي زبان سوسائٽي به جوڙي جنهن جو مقصد سنگت کي
جبر کان بچائڻ نه هو، جو جبر خلاف جنگ جوٽيندڙ سڀ
لاڳاپا لاهي ايندا آهن، پر اها شمشير جي حڪمت عملي
هئي جو سنگت جي پليٽ فارم کان ٻاهر ويٺل شخصيتن ۽
انهن ئي شخصيتن جي نالي/حوالي سان ماڻهن کي متحد
ڪرڻو هو ته جئين سنڌ جي وجود جي بقا کي يقيني
بڻائي سگھجي.
شمشير ون يونٽ خلاف جدوجھد ڪندي سنگت جي اڀياسي
ڪلاسن، لطيف ۽ سچل جي ڏهاڙن جي نالي تي سنڌ جي
لکين ماڻهن کي متحرڪ ڪيو جو هن ڄاتو ٿي ته ورهاڱي
کان پوءِ سنڌ مان علم ۽ ادب جا سونهان ڪردار هليا
ويا آهن. شاهه لطيفؒ
جا شيدائي ۽ شارح به پرڏيهه پڌاري ويا آهن. سچل جي
فڪر جا پرچارڪ هاڻ نه رهيا آهن. سامي جي سلوڪن
جهڙا سنڌ جا سٻاجھڙا فرزند پنهنجي ديس جي ڌرتي ڇڏي
ويا آهن. سچ ته اهو آهي جي انهن جو ئي اجاري اڇو
ڪيل ورثو اسان وٽ نه هجي ها ۽ جديد ادب جا بنياد
جي انهن رکيا، اهي نه هجن ها ته هي ”فارسي زده“
قلمڪار سنڌي ٻولي کي گل و بلبل ۽ ساغر ۽ مينا جي
اٿاهه رڻ پٽ ۾ رلائي ڇڏين ها......!
عجب جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو هند_سنڌ جي مهان
شاعر شيخ اياز جي ابتدائي شاعري اردو ۾ هئي پوءِ
سنڌي اردو ۽ فارسي جو سنگم.............
ان سڄي صورتحال کي آڏو رکي شمشير جي چؤطرف چوڌار
توڙي جو ”مايا جو موهه“ ڇانيل هو، پر ٻئي پاسي
نسلن جي بقا ۽ تعمير نو جو سوال مايا جي موهه کي
مات ڏئي سنڌ جي بقا ۽ نئين نسل جي تعمير واري فرض
جي چونڊ شمشير جي شعور جي چونڊ هئي، ان صورت ۾
سندس همه جهت ڪاوشن کي خدمتون چئي رڳو ساراهي ڇڏڻ
ئي ڪافي ٿيندو؟ عجيب ناهي جو اسان مان ڪو، ڪي يا
اسان سڀ شمشير جهڙي داناءُ ۽ خوددار انسان جي خود
داريءَ کي سندس ئي نالو وٺي ان جو روڄ راڙو ۽ ماتم
پٽڪو ڪريون؟ ۽ هن جي ان گڻ کي سرڪار، ادارن ۽ سماج
جي ڪنهن در ڇو ڀِڪاري ڪريون؟
سنڌ کي سنڌ بنائڻ ۽ ان کي پنهنجي اصل اوج ۽ عروج
ڏانهن ويندو ڏسڻ جا حسين خواب سانڍي پنهنجي جيون
کي سڦل بنائڻ جا آدرش رکندڙ شمشير جو ادبي،
صحافتي، سماجي ۽ قومي ڪردار سنڌ لاءِ ڪو ٿور-
هٿيڪو ڪردار نه هو، جنهن کي بيان ڪري ڪو سوڳوار
ماحول جوڙجي، اهڙي ئي ماحول جا جوڙيندڙ معزز ۽
مهربان ڇا ان کان هن وقت تائين جا ارباب اقتدار ۽
صاحب اختيار نه رهيا آهن؟ پر بس!
مڙيا ئي مون ڏي، هوتن ڏي نه هڪڙي.
شمشير جي ادبي ڪمن جي ڀيٽا جي سندس صحافتي سنسار
سان ڪبي ته هڪ خوشگوار حيرت جي ڪيفيت پيدا ٿيڻ
لڳندي. سچ ته شمشير ڏات ۽ ڏانءُ جو حسين سنگم هو.
هائيڪو کي جڏهن بيت جي ڏيڍ ٽنگ سڏيو ويو ۽ آزاد
نظم کي ڇڙواڳ شاعري چيو ويو ۽ جديد سنڌي قومي،
عوامي انقلابي شاعري ۽ شاعرن تي ڪفر ۽ الحاد جون
فتوائون صادر ڪيون ويون، تڏهن شمشير جو ڪردار آزاد
نظم تي لکيل ٿيسز جو حوالو ۽ سنڌ ۾ ڪيترن ئي علمي،
ادبي ۽ صحافتي ادارن توڙي ميڙاڪن ۾ سندس ڪيل
تقريرون شاهڪار جو درجو رکندڙ هيون ۽ اثاثي طور
رهنديون جي انهن کي محفوظ ڪيو وڃي.
سرڪار نامدار هجي يا ڪو پير طريقت، انهن جي هٿ هيٺ
هلندڙ ادارا هجن يا اخبارون ۽ رسالا، شمشير جون
پنهنجن همعصر دوستن سان گڏ ٺاهيل تنظيمون هجن يا
روايتي انجمنون، پر شمشير پنهنجي ڪوشش، ڪاوش، خدمت
يا فرض جي حوالي سان سنڌ جي عظيم ترين روايتن جو
امين رهيو.
شمشير پي.ٽي.وي تي ڪيترائي ناٽڪ لکيا ته صحيح، پر
هن زندگي ۾ ڪوبه ناٽڪ رچايو ڪونه ۽ ائين ادب ۽
صحافت جي نالي تي هن ڪڏهن به عالي جناب ۽ عالي
مرتبت ٿيڻ جي خواهش نه سانڍي. ها! البته جي ڪنهن
حاڪم حڪم هلائي سنڌ جي وجود کي ميسارڻ جي ڪوشش ڪئي
يا ڪنهن جابر جمهور کي جھڪائڻ لاءِ لاٺي گولي ڪي
سرڪار رائج ڪئي ته هيءُ جوالا مکي بڻجي اڳتي اچي،
ان کي للڪاريندي چوندو هو ته:
بغاوت جا الزام، فتوى ڪفر جي،
اسان تي مڙهي تون سگھين ٿو اوملا!
مگر ديس پنهنجي جا غدار نه آهيون،
اها ڳالهه ڳهلا، وساري نه ڇڏجان.
ڪن زمانن ۾ کيس روپوشي ۽ گمناميءَ جهڙا ڏينهن به
گذارڻا پيا، پر ڀٽائيءَ جو بيت شاهد آ ته:
جيسين هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.
شمشير سنڌ جو اهو سجاڳ ذهن ۽ روشن ضمير اديب، شاعر
۽ دانشور هو، جنهن قلم کي عَلَمُ بڻائي گھڻ رخوئي
نه پر سڀ رخو ڪردار ادا ڪيو. شمشير کي ورائي ورائي
پڙهڻ، پرجھڻ جي ضرورت هميشه رهندي.
سنڌ جو هيءُ امر ڪردار، استاد بخاريءَ جي هن عزم
جيان هميشه اوچو ۽ اتم رهندو ته:
جو قوم جياري اهو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري اهو جيئندو رهندو،
مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
اصغر لاکو
هڪ انسان ساز شخصيت
ان ڏينهن آسمان ڪڪرن جي ڪاري چادر سان ڍڪيل هو ۽
ٿڌڙي ٿڌڙي هير گهُلي رهي هئي، جو آءٌ هٿ ۾ بندي
ڪري، حيدريءَ جي آستاني لاءِ، مزدا بس مان لهي،
اڳتي وڌيس ته شمشير جي گهر ڀرسان بيٺل گهاٽي ۽ چهچ
سائي وڻ ۾ ويٺل ڪوئل پئي ٻوليو ڄڻ ته اها ڪوئل نه
پر شمشير پاڻ علم جي اڃايلن کي آواز ڏئي رهيو هجي،
ادب جي سيکڙاٽن کي سڏي رهيو هجي ۽ رضا تي راضي
رهندڙن ۽ تَوڪل جو تُرهو ٻڌلن کي تنواري رهيو
هجي...
ڪڙو کڙڪايو. کن رکي، ننڍي نينگرڙي ٻاهر نڪري آئي ۽
کيس پنهنجو نالو ٻڌايو. ٻي گهڙيءَ ۾ ساڳئي نينگري
ڊوڙندي اچي، چيو: ”بابا چوي ٿو اندر اچو.“
هاءِ... حيدريءَ جو هِهڙو عشق پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽
ماڻهن سان!!، دل ئي دل ۾ چيم. حيدري ڌرتيءَ جي هر
فرزند کي پنهنجو فرزند سمجهي، پنهنجي ٻچن ۾
ويهاريندو ۽ گهر ڀاتيءَ وارو سلوڪ ڪندو هو.
شمشير سچي مُڃ جي واڻ سان واڻيل ۽ جنڊي لٿل
خوبصورت پاون واري کٽ تي ويٺو ۽ آءٌ سندس سامهون
رکيل پنڊي (سچن ڪانن مان ٺهيل ڪرسي) تي ويٺس.
شمشير هميشه وانگر مون سان خوش خير عافيت ڪئي:
”لاکا لَهر بَحر جا سائين...“
سنهڙي ۽ سيپڪڙي شمشير جو ٿُلهو ۽ گجندڙ آواز ۽اندر
مان نڪرندڙ معلومات جا ناياب موتي... علم، ادب،
سماج، سياست، تاريخ، طنز مزاح... مطلب ته زندگيءَ
جو هر پهلو ۽ موضوع... ڪهڙي ڳالهه ڪجي اهڙي ڪچهري
جو، جنهن ۾ ويٺي بار بار مزو پيو ايندو ۽ اٿڻ تي
دل اصل نه چاهيندي!
حيدريءَ جا ڪهڙا ڳڻ ڳائي ڪهڙا ڳائجن- جهڙو سچو ۽
کرو تهڙو محبتي ۽ مڻيادار، جهڙو مٺو ۽ ماٺيڻو،
تهڙو صاف شفاف ڪردار ۽ گفتار، جهڙو سادو ۽ سٻاجهڙو
تهڙو علم ۽ عقل جو ڀنڊار!
هونئن ته حيدري سڄو ئي سون هو ۽ مَٺُ جو ذرو به نه
هئس، پر هتي آءٌ ان جي شخصيت ۾ شامل هڪ اهڙي ڳڻ کي
ڳائي نروار ڪرڻ چاهيندس، جيڪو اڄ جي دؤر ۾ ناپيد ۽
ناياب ٿي چڪو آهي.
شمشير وٽ انسان سازيءَ جو وڏو
هنر ۽ ڏانءُ هو ۽ ڪردار جو وڏو ڪارنامو هو، هن
ڪيترائي ٻه ٽنگا ماڻهو، پنهنجي هنر، ڏانءَ ۽ ڪردار
ذريعي، مثالي انسان بڻايا، کيس اهو پورو يقين هو
ته ادارن جا هلائيندڙ ۽ سنڀاليندڙ انسان ئي آهن.
جيئن انسان پنهنجي قول، فعل ڪردار ۽ گفتار ۾ صاف،
سچو، مضبوط ۽ پڪو هوندو ته ادارا ازخود معاشري
لاءِ مفيد، ڪارگر ۽ لاڀائتا ثابت ٿيندا. اهوئي سبب
آهي، جو شمشير ادارا سازيءَ کان وڌيڪ انسان سازيءَ
تي زور ڏنو. ان اعليٰ ۽ عظيم ڳڻ ڪري شمشير هزارن
لکن ۾ هڪ هو.
هن فقير منش ماڻهوءَ جي نظر ۾ هڙئي انسان هڪ هئا.
هو هر قسم جي انساني درجابندي کي هميشه رد ڪندو هو
۽ عام خاص واري چڪر کان ڪوهين ڏور هو. اهوئي سبب
آهي جو هن ناچيز جي ننڍڙي ڪوٺ کي لبيڪ چئي هميشه
هلي آيو ۽ ڪيئي ڪلاڪ گوڏو گوڏي سان گڏي ويهي
ڪچهريون ڪيون. هن پنهنجي ماضي جي تاريخي ۽ اڻ مَٽ
جدوجهد جا قصا، علم ۽ ڏاهپ جا ڀنڊار کولي، ويٺلن
کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.
هن ناچيز کي به ٻه اکر لکڻ جو اُتساهه شمشير جي
صحبت مان مليو. پاڻ آخري دم تائين اسان جي اهڙي
رهبري رهنمائي ڪندو رهيو ۽ اَملهه ويچار ونڊيندو
رهيو.
ڪچهري هلندي چانهه آئي، مون لاءِ کير پتي ۽ شمشير
لاءِ سليماني. ٻن ڪلاڪن جي ان ڪچهريءَ دوران
ائشٽري گولڊ ليف جي ٽوٽن سان ٽُٻ ٿي چڪو هو.
ڀرواري وڻ ۾ ڪانون، ڪٻرين، جهرڪين ۽ ڦوسين جو ڏاڍو
شور ۽ هُل لڳو پيو هو، پر ڪوئل جي ڪوڪ هاڻي ڪنين
نه پئي پوي ۽ شايد ڪنهن ڳوڙهي ويچار ۾ ماٺ ويٺي
هئي. سج به هاڻي ٽڪر پويان اچي ويو هو ۽ سنهي ليڪ
وڃي بچيو هو. مون شمشير جي سنهڙن سيپڪڙن پيرن تي
هٿ رکندي کانئس موڪلايو. پاڻ هميشه وانگر منهنجي
پٺيءَ تي ٿڦڪيون ڏيندي: ”خدا حافظ“ چيو.
دروازو کولي ٻاهر آيس ۽ وڻ هيٺان گذرڻ لڳس ته ڪوئل
ڪُو ڪُو... ڪندي اڻ ڏٺئي مڪان ڏانهن اڏامي ويئي ۽
پوئتي وڻ ۾ ڪٻرين، ڪانون، جهرڪين ۽ ڦوسين جو شور ۽
هُل رهجي ويو.
ڪجهه عرصي کان پوءِ خبر پيم ته شمشير بيماريءَ جي
بستري تي آهي ۽ اسپتال داخل آهي. سندس عيادت لاءِ
اسپتال پهتس ۽ حيدريءَ جو هيڻو حال ڏسي، ذهن کي
خيالن جي وڻ ويڙهي وڪوڙي وئي ۽...
نيٺ ٿيو به ائين ٻئي ڏينهن، حيدر ڪرار علي مرتضيٰ
رضي الله تعاليٰ عنہ جي شهادت واري ڏينهن
(21 رمضان) وڏي اسُر ويل حيدريءَ کڻي واهه واهه
ڪئي!!
تنهن ڏينهن شمشير کان موڪلائي، گهاٽي وڻ هيٺان
گذرڻ دوران ڪوئل ”ڪُو ڪُو...“ ڪندي جو اڏامي، اصل
۾ اها ڄڻ شمشير جي اڏام هئي ۽ حيدري هٿ کڻي سنڌ
وارن کان وڏي واڪي موڪلائي رهيو هجي!!
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
سوبه دنيا مان اڄ گذاري ويو!
حَسين مسرت
حيدري شمشير
شمشير مياڻ ۾ رهي، ته شمشير ڪيئن چوارائي! حيدري
شمشير بي مياڻ شمشير وانگر هو. هُو وقت سان
وڙهندڙ، سوچن سان بغاوت ڪندڙ هو. شايد حالتن هن کي
اهڙو نه ڪيو هو. هُو ڪنهن باغي مٽيءَ مان تخليق
ڪيل هو، جنهن، جيئن ڏٺو، جيئن سمجهيو، جيئن سوچيو،
تيئن ڳالهايو. لفظن جي سختيءَ سان شمشير سياهيءَ
کي چاڪ ڪندو رهيو.
”سنڌي ماڻهو جسماني طرح وڏيرن ۽ جاگيردارن وٽ قيد
بڻيل آهي، جڏهن ته روحاني طرح اهو پيرن ۽ سيدن وٽ
جڪڙيل آهي“. (جويو 2012ع : 17)
محمد ابراهيم جويو صاحب پنهنجون يادگيريون
ورجائيندي 1940ع وارو دؤر ياد ٿو ڪري، جڏهن سنڌ
مدرسي ۾ پڙهائيندي هڪ ڏينهن مٿيان جملا چوڻ جي
پاداش ۾، هاسٽل جي مئنيجمينٽ شاگردن کي
جويي صاحب جي ڪلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪيو
ته، بائيڪاٽ واري ڏينهن ڪلاس ۾ ڪوبه شاگرد داخل نه
ٿيو. جويو صاحب ڪلاس ۾ ويو ته صرف هڪ پنجين جماعت
۾ پڙهندڙ شاگرد ڪلاس ۾ موجود هو ۽ اهو
شمشيرالحيدري هو، جنهن کي پوءِ ان جرم جي سزا طور
هاسٽل مان ڪڍيو ويو. اهو ڪو پهريون ۽ آخري ڀيرو نه
هو. سچ چوڻ ۽ سزا کائڻ سڄي عمر هن جو دستور رهيو.
ادارن مان نيڪاليءَ کي هُو خوش دليءَ سان قبول
ڪندو رهيو.
شمشير جا ساٿي، شمشير جا دوست، شمشير جا گهڻ گهُرا
سڀ اڄ هن کي بهادر صحافي، بيباڪ انسان، اڻٿڪ اديب،
بهترين شاعر، محنتي اسڪالر ۽ ٻين به کوڙ سارن
حوالن سان ياد ڪندا ٿا رهن. هن جي شخصيت جي تعارف
لاءِ لفظ کٽي ٿا وڃن پر شخصيتن جي همه گيري ختم نه
ٿي ٿئي. کوڙ سارا تعزيتي مضمون جيڪي دل جي گهراين
سان لکيل هئا، نظر مان گذريا، ته انهن ۾ هر ڪنهن
ايئن پئي پڪاريو ته: ”شمشير کي سڏ ڪريو شمشير ڪٿي
آهي“. پر لفظن جي هجوم ۾ مون کي ”شمشير“
ڪٿي به نظر نه آيو. شمشير پنهنجين لکڻين ۾ لڪل
آهي، پر ڪنهن ڳجهارت جيان نه! هو برهنه شمشير جيان
ظاهر آهي. شمشير وڏو شاعر مڃيو ٿو وڃي ۽ شمشير پاڻ
چوي ٿو ته:
”آءٌ شاعر ڪونه آهيان مون ٽيڪنيڪ سمجهي ورتي آهي،
ته شاعري ڪيئن ڪبي آهي پر جنهن کي شاعر چئجي، اهو
آءٌ ڪونه آهيان“. شمشير 2012ع : 265).
شمشير پنهنجي ڏات کي تجربو ٿو چوي. هو چوي ٿو ته
ٻين جي ضرورت هن کان لکرائي ٿي. شمشير، جنهن کي
بيباڪ صحافت جو پايو وجهندڙ سڏيو ٿو وڃي، جيڪو عام
ماڻهو جي سورن تي تڙپي ٿو. سنڌ جي دردن تي جذباتي
ٿو ٿئي. آمريت جي دؤر ۾ به قلم کي شمشير جيان
استعمال ٿو ڪري، اهو پنهنجي ذات لاءِ ڪيڏو نه بي
پرواهه ٿو نظر اچي. واقعي هُو مست الست قلندري
هزارن ۾ نه پر لکين ۾ حيدري هو. پنهنجي لاءِ شمشير
چوي ٿو:
”آءٌ رڳو هلندو رهيو آهيان، مون کي ايترو وقت نه
مليو آهي. سوچڻ لاءِ مهلت نه ملي آهي، موقعو نه
مليو آهي، جو انهن ڳالهين تي ويهي سوچيان، پوءِ
تجربا ڪريان پوءِ خوش يا رنج ٿيان“. (شمشير،
2012ع: 268).
ها! اهڙا انسان جيڪي زندگيءَ مان پنهنجو حصو ”بندر
اشڪِ چشمِ بلبل“ جيترو کڻندا آهن ۽ جڏهن ڏيڻ تي
ايندا آهن ته سمنڊ کي به مات ڏيئي ڇڏيندا آهن.
پنهنجي ذات کي وساري ”مولا تي ننگ آ“ چوڻ ايترو
سولو ناهي پر خبر نه آهي ته ويجها ساٿي هن جي سفيد
پوشي ۽ خودداريءَ جا قصا ڪيئن سولائيءَ سان بيان
ٿا ڪن. وقت جي مفڪرن جي تنگ زندگي، سماجي بيحسيءَ
جو ثبوت هوندي آهي، وقت جا نبض شناس جڏهن دليون
آزمائڻ جون ڳالهيون چوريندا آهن ته زمانو صرف
نهارڻ جون ڳالهيون ڪرڻ لڳندو آهي.
شمشير پنهنجي شعور کي صحافت ذريعي به پکيڙي ۽
رسالن ذريعي به جُهد ڪندو رهيو. حالتن اڳيان جهڪڻ
هن سکيو ئي نه هو. روزنامه
هلال پاڪستان جي چارج مليس ته به، محترمه نصرت ڀٽو
کي چيائين:
”هيءَ اخبار آءٌ پيپلز پارٽي جي پمفليٽ ڪري ڪونه
ٿو هلائي سگهان، آءٌ هن کي عوام جو ترجمان ڪري
هلائيندس، جيڪڏهن قبول آهي ته ٺيڪ، نه ته ڪو ٻيو
ايڊيٽر رکو“. روزاني ”مهراڻ“ ۾ به پير پاڳاري کي
چوي ٿو ته:
”هن اخبار کي عوام جي اخبار ڪري هلائيندس.“ (مهراڻ
1956-1957ع: 14)
شمشير ڪڏهن به ڪم ۽ روزگار جي ڪڍ نه لڳو، پر ڪم هن
کي ڳولهي وٺندو هو. ادارن جي مضبوطيءَ لاءِ هميشه
شمشير جي اڻٿڪ محنت کي استعمال ڪيو ويو ۽ وقت جي
جبر اڳيان گوڏا کوڙيندي هن کي ڪڍيو به ويو، پر
شمشير ڪڏهن به ڪنهن جي ان عمل کي قابل تنقيد نه
سمجهيو، هو پنهنجي ذات ۽ ڪم ۾ مست ئي رهيو. هن
زندگي جي ڪنهن به لمحي کي ساٿين جي دل آزاري لاءِ
استعمال نه ڪيو. جيتوڻيڪ انيڪ زخم دل ۾ سانڍيندو
رهيو. شمشير جي نظر صرف عوامي ضرورتن تي هوندي
هئي. صحافت ذريعي هن قلمي محاذ کولي ڇڏيا.
”ڪڏهن ڀير تي ڏونڪو“ هڻندو رهيو ته ڪڏهن سرِعام سچ
چوندو رهيو. ڪڏهن ”ڦلترو“ بڻجي کل مذاق ۾ سماج جا
ناسور پڌرا ڪندو رهيو. سندس آخري ڀير تي ڏونڪو، ان
وقت جي سياستدانن کي هضم نه ٿيو. شمشير ملڪ جي
خراب صورتحال جي باري ۾ هڪ رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل
جي ڏنل بيان جو ذڪر ڪالم ۾ ڪيو هو. طنز و مزاح جي
لباس ۾ لڪل تنقيد حڪمرانن جي سهپ کان مٿي هئي. خاص
طور تي ڪنهن فوجيءَ تي ڪيل طنز ويتر باهه ڀڙڪائي
ڇڏي.
شمشير جي قلم جو انداز تمام منفرد هو، ننڍن لفظن
جو استعمال اهڙي طرح ٿو ڪري ڄڻ بُهه ۾ چڻنگ لڳائي
ٿو ڇڏي. 1990ع ۾ روزاني ”هلال پاڪستان“ ۾ ”متان
سوچيو“ جي عنوان سان جيڪي ڪجهه لکيائين، اهو ملڪي
تاريخ جو اهم حصو آهي. اهڙيون ڳالهيون جن ڏانهن
عوام جو ڌيان ڇڪرائڻ چاهيائين ٿي، ”متان سوچيو“ جي
عنوان تحت، لکندو رهيو. سنڌي اديبن جي نالي هڪ
دفعي لکي ٿو ته:
”سنڌ ڌرتيءَ تي هڪ ئي وقت ايترين سارين شخصيتن
هوندي جيڪي موهن جي دڙي جي تهذيبي ۽ تمدني ورثي
کان واقف ۽ شاهه لطيف، سچل ۽ سامي جي پيغامن جا
وارث آهن، جيڪي سنڌ جي ماڻهن جي رهنمائي ڪري سگهن
ٿا. انهن ايترن دانشورن جي هوندي، اونداهه ۽ انڌير
جو راڄ آهي، جيڪڏهن اهي سڀ جا سڀ اڄ ئي مري وڃن ته
ڪهڙو فرق پوندو؟“ (شمشير 2- مارچ 1990ع)
شمشير جون نامڪمل ڳالهيون ۽ ڇڏيل سوال اڄ تائين
سنڌ لاءِ ساڳيا ئي سوال آهن. جولاءِ 1983ع روزاني
”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿيو ته پهرين ايڊيٽوريل ۾ سنڌ
جي ضلع ڪائونسلن جي نئين مالياتي سال جي بجيٽ جي
منظوريءَ مان سٺين/اميدن جي اظهار سان گڏ حيدرآباد
جي پڪي قلعي جي اهميت کي اجاگر ڪندي ان جي مرمت
ڏانهن به توجهه ڏياري اٿس.
16- آگسٽ 1983ع جي روزاني مهراڻ ۾ ايم.آر.ڊي جي
تحريڪ جي شروعات جي خبر اخبار جي سرخي جي حيثيت
سان ڏنائين. ضياءَ جو خطرناڪ صحافتي دشمن دؤر هو ۽
شمشير ان جي نشاني تي هو؛
18- آگسٽ 1983ع جي روزاني ”مهراڻ“ ۾ تفصيلي
ايڊيٽوريل ۾ شاگرد تنظيمن تي پيل بندش جي باري ۾
لکي ٿو ته:
”هي تنظيمون آهن، جتان آئيندي جي ابن ۾ ليڊرشپ
پيدا ٿئي ٿي ۽ جيڪڏهن انهيءَ نڪتي کي نظر انداز
ڪري شاگرد تنظيمن کي رڳو امن امان جي مسئلي هٿان
مجبور ٿي ٽوڙيو ويو ته پوءِ اهو قدم ملڪ کي مستقبل
۾ سياستدانن، مدبرن، مقررن، مبصرن، ماهرن ۽ اڳواڻن
کان محروم ڪرڻ جي برابر ٿيندو“. (شمشير، 1983ع)
وقت اها ڳالهه ثابت ڪئي ته آمريت جي دؤر جي مختلف
غير جمهوري پابندين، علم ۽ ادب کي ڪيترو نقصان
رسايو، جيتوڻيڪ ان وقت جا اديب پنهنجو آواز بلند
ڪندا رهيا پر ضياء جي پابندين ايندڙ نسلن جي شعور
کي تباهه ڪري ڇڏيو. ڪنهن اديب جي صلاحيت ۽ قابليت
کي سندس ڪم جي وزن سان نٿو پرکي سگهجي. ايئن نٿا
چئون ته شمشير جيترو ڪم اڄ تائين ڪوبه ڪري نه
سگهيو آهي پر دل اهو چوڻ ٿي گهُري ته شمشير جيڪو
به ڪم ڪيو آهي سو مڪمل شعور سان ڪيو اٿس. پنهنجي
ذات، پنهنجي سوچ، پنهنجي سچائي، پنهنجي سگهه سان،
هو رات کي رات چوندو رهيو. هن وقت جي سوريءَ جون
صدائون قبول ڪيون ۽ جيڪا تند تنواريائين، آخر
تائين اُها تنواريندو رهيو. سچل سرمست وانگر
”منصوري موج“ ۾ انالحق ته نه ٿو چوي پر ڳاڙهن گيتن
جي آرزو من ۾ ضرور رکي ٿو.
صحافت ۾، تحقيق ۾، شاعريءَ ۾، ترجمن ۾ ايئن به
ناهي ته شمشير شوق ۾ هر صنف تي طبع آزمائي ڪندي ٿو
نظر اچي، پر هن؛ قلم کنيو آهي ته نڀايو اٿس. هن جي
جاکوڙ ۾ محبت ۽ عشق نظر ٿو اچي، سر مستيءَ جو عالم
ٿو نظر اچي. شاعري ڄڻ ته وجدان اٿس! تحقيق پورهيو
اٿس! صحافت جنگ اٿس، قلم ڄڻ ته ڪا شعور جي کاڻ
اٿس. شمشير پنهنجي باري ۾ تمام گهٽ لکيو آهي. هڪ
مضمون ۾ پنهنجي ڪم جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”آءٌ اديبن ۽ شاعرن جون شيون جيئن جو تيئن ڪونه
ڇپيندو هوس، انهن جي اصلاح ڪندو هئس.“(شمشير،
2012ع: 259)
هڪ ٻئي جاءِ تي لکي ٿو:
”حڪومتن جي پبلسٽي واري مسئلي تي مون هميشه جهيڙا
ڪيا ته گهڻي پبلسٽي پرچي ۾ نه هجي، ان کي ادبي
رسالو ڪري هلائجي، مون فقط 20 سيڪڙو حڪومتي
پبلسٽيءَ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو ۽ چيم ته ان کان
وڌيڪ حڪومت جي تشهير نه هجڻ گهرجي، جيڪڏهن نه ته
آءٌ پرچو نه هلائي سگهندس.“
(شمشير، 2012ع: 259)
شمشير، عملي طرح سان ڪوششون ڪري سنڌي رسالو ”نئين
زندگي“ جي بجيٽ وڌرائي اديبن کي ملندڙ معاوضي ۾
اضافو ڪرايو، پر حيرت آهي ته هن ڪڏهن به پنهنجي
ذات لاءِ ڪوبه فائدو حاصل نه ڪيو. پنهنجي خودداري
۽ ذات جو ايئن ڀرم رکندو آهي جو سندس ڪرب کي ڪوئي
به محسوس نه ڪري سگهيو.
اسان وٽ الميو اهو آهي ته؛ اسين وڃڻ وارن کي ياد
ڪندا آهيون، پر جيئري ڪنهن جي زندگي آسان بنائڻ
لاءِ ڪوبه قدم ناهيون کڻي سگهندا. شمشير کي به
افسوس هو ته سنڌ لاءِ ڪوبه عملي قدم نٿو کڻي ۽ نه
ئي وري ڪالهه قدم کڻڻ لاءِ ڪو راهبر موجود آهي.
شمشير زماني جو شاعر هو، هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا کوڙ
اصطلاح ٿا ملن جيڪي زماني جي لاهن چاڙهن جي عڪاسي
ڪندڙ آهن:
”زماني جا منصور آهيون اسين، خوب مشهور آهيون،
اسان سورين تي نه گردن جُهڪائي، وڏي ڳالهه آهي.“
(شمشير)
شمشير پاڻ کي حال هيڻو چوندي به تمام مضبوط ٿو نظر
اچي. شمشير وٽ عشق جي سگهه آهي جنهن کي هن مصائب
به سختين کان لاتعلق رکيو آهي. پنهنجي عشق جي ڌُن
۾ مگن، پنهنجي ڪم ۾ رڌل انسان ڪڏهن، ڪنهن ڏانهن
مدد لاءِ واجهائبو ئي ڪين، سماج به چوڦير ٿيندڙ
واقعن تي سندس نظر رهي، انهن جي رد عمل ۾ لفظ
سرجيندو ويو ۽ هلندو رهيو جڏهن بيٺو ته وقت کي به
ساڪت ڪري ويو. وڃڻ کان پوءِ خبر پئي ته ”هڪ شمشير
هو زماني ۾“. شمشير چوندو هو ته:
”تاريخ تمام ٿورڙن ماڻهن کي ياد رکيو آهي. سندن
صلاحيتن تي غور ڪيو، مون کي تڏهن سمجهه ۾ آيو ته
تاريخ جن ماڻهن کي ياد ٿي رکي، اهي ڪنهن وڏي منصب
تي فائز آهن ڇو ته ماڻهو ڪونه ٿا ياد رکن. اها
تاريخ آهي جيڪا ياد ٿي رکي“. (شمشير: 271)
شمشير چوي ٿو ته جنهن شيءِ يا ماڻهو جي ضرورت سماج
کي آهي ان کي ياد رکيو ٿو وڃي. وقت ۽ سماجي حالتن
جي تبديلي ضرورت کي به بدلائي سگهي ٿي. شمشير جي
لکڻين مان اهو محسوس ٿو ٿئي ته هو پنهنجي پاڻ کي
ڪا وڏي هستي نٿو سمجهي، پر سندس لکڻيون به بلند
اظهار ڪن ٿيون ته هو شعور رکندڙ زندهه ذهن هو. هڪ
انٽرويو ۾ چوي ٿو ته:
”پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي جتي سياست سائنس ناهي.
اسان وٽ سياست آرٽ آهي، کيڏ آهي، هڪڙي راند آهي ۽
وقت ڪڍڻو آهي. هتي سياست ۾ شرافت فضيلت ته ڪا آهي
ئي ڪانه، سو هن ملڪ ۾ توقع رکڻ ته اسين مزاحمت سان
يا ٻئي ڪنهن طريقي سان کٽنداسين، اهو ڪونه ٿي
سگهندو“. (شمشير، 2012ع)
شاعر اديب آخر پنهنجي سماج کي ڇا ٿو ڏئي سگهي؟
شاعر ۽ اديب جيترو پنهنجي سماج سان سلهاڙيل ٿئي ٿو
۽ شايد ڪو ٻيو ايترو سماج کي ويجهو نٿو ٿئي، پر
هميشه خبر نه آهي ته ڇو اسان جا مفڪر اسان جا اديب
عمر جي آخري مرحلن ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿيندا آهن،
پنهنجي دؤر ۾، سماج جي دلين ۾ ڌڙڪندڙن جون دليون
جڏهن پنهنجون ڌڙڪنون ختم ڪرڻ لڳن ٿيون ته انهن کي
ٻڌڻ وارا ويجها ئي نٿا هجن، اديب پنهنجن لکڻين ۾
زندهه ٿا رهن، پر ڇا هي لفظي ڀيٽا انهن جي صلاحيت،
اهميت ۽ قابليت لاءِ ڪافي آهي. زندگي آزمائشن جو
مجموعو ٿئي ٿي، يقيناً اهي آزمائشون قلمن کي جلا
بخشيندڙ ٿين ٿيون پر انهن سنڀاليندڙ هٿن کي مضبوط
ڪرڻ لاءِ به ڪجهه سوچڻ جي ضرورت ئي محسوس نٿي. هو
پڪاريندا ٿا رهن پر منزلن جي موڙ تي رهبر ڀُلجي ٿا
وڃن. شمشير جي دل گهرڻ وارا به شمشير جي خاطر ڀلجي
ويا. شمشير پاڻ ٿو چوي ته:
”شمشير کي زماني جي نظر لڳي ويئي آهي.“
شمشير، زردار کي دغا باز ٿو ڪوٺي، هو هوش کي ڳولهي
ٿو، منصور کي ڳولهي ٿو. سرڪاري درٻار ۾ موجود
فنڪار حق جا حمايتي نٿا ٿي سگهن، فن کي حالتن جي
عڪاسي ڪندڙ ٿو سمجهي. شمشير جون لکين ڳالهيون آهن
ٻه چار ته ناهن، شمشير جهڙا قلندري ماڻهو جيڪي سڀ
ڪجهه ڏسي به چون ته مون ڪجهه به نه ڏٺو آهي؛ سماج
انهن جو قرض لاهي نٿو سگهي. شمشير، برهنه شمشير
هو. هِن شمشير کي سماج ۾ ڪير کڻي هلڻ جو ساهس ساري
سگهي ٿو؟ شمشير کي محفل مچائڻ لاءِ سڏ ڪرڻ وارن ۾
آهي ڪو جانباز جيڪو هن جي حيدري شمشير کي هٿ ۾
کڻي؟
حوالا
(1) حيدري زهير حسين (سهيڙيندڙ): 2012ع مولا تي
ننگ آ، پبلشر: ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي بدين،
(2) شمشيرالحيدري لاٽ، 1964ع، اداره ادب، نو
حيدرآباد سنڌ
(3) روزانه مهراڻ 1983ع
(4) روزانه هلال پاڪستان 1983ع
(5) رسالو مهران 1956- 1957ع
(6) روزانه هلچل 19- مئي 2012ع
(7) محمد بخش مشڪور ڦلڪارو، ايم.اي فائنل صحافت،
شمشيرالحيدري شخصيت، صحافتي خدمتون ۽ ڪم، سنڌ
يونيورسٽي ڄام شورو.
ريحانه نظير
شمشيرالحيدري
گهڻ رُخي شخصيت
ورهاڱي
کان پوءِ سنڌي ادب گهڻي ڀاڱي قومي ثقافتي ۽
لساني فڪر کي پنهنجو مسڪن بنايو، جنهن جو وڏو
سبب ان وقت جي بدلجندڙ سياسي پس منظر تي رکيل هو،
نوان ۽ جديد سماجي توڙي سياسي لاڙا ۽ رجحان سنڌي
ادب ۾ ٻوڏ جي وهڪري جيان لڙهي شامل ٿيندا ويا،
انڪري جديد ترقي پسند ادب جي اوسر ۾ اهي لاڙا،
مزاحمتي ادب جي صورت ۾ سنڌي ادب جو موضوع بنيا،
جنهن کي پڌرو ڪرڻ لاءِ ليکڪن، شاعرن، اديبن ۽
نقادن پنهنجون سموريون ڪاوشون ڪتب آڻي ڌرتي ۽ ڌرتي
واسين جي شعوري آبياري ڪئي، هنن پنهنجي قلم کي
هٿيار بنائي، تهذيبي ثقافتي ۽ لساني جنگ لڙي،
مخالفن جا حوصلا پست ڪري کين گوڏا کوڙڻ تي مجبور
ڪيو. اهڙن سرويچ، محب وطن، سنڌ دوست ۽ بيباڪ
اديبن ۾ شمشيرالحيدريءَ جو نالو پڻ ڳڻيو وڃي
ٿو، جنهن بغير ڪنهن لوڀ، لالچ ۽ مفاد جي، رهنما
بنجي رهنمائي ڪئي.
سنڌ جو هيءُ ارڏو پر فقير دل انسان 1932ع ۾ پيدا
ٿيو ۽ جڏهن پاڪستان دنيا جي نقشي تي اڀريو، تڏهن
هن جي عمر صرف سورنهن سال مس هئي، اها عمر خوابن ۽
خيالن جي دنيا، جنهن ۾ رومانوي تصور آسماني راڳ
آلاپي، پرين جي آستانن جو نظارو پسڻ لاءِ بي قرار
هوندي آهي، ان ڪچڙي وهيءَ ۾ هن (شمشير الحيدريءَ)
هڪ جسم جا ٻه اڌ ٿيندي ڏٺا، عضون کي هڪ ٻئي کان
ڌار رت جي درياءَ ۾ لڙهندي ڏٺو، درد جون اهي
دانهون ٻڌيون جن ڪنن جا پردا ڦاڙي ڇڏيا، اڃا شامِ
غريبان ختم ئي ڪانه ٿي هئي، مٿان طوفان نوح ۾
لڙهندي نئين انساني تهذيب ۽ ثقافت، خطي ۾ نمودار
ٿي، جنهن ڌرتي واسين جي ڦٽن تي ملم پٽي ڪرڻ بدران
لوڻ ٻرڪڻ شروع ڪيو، ڌرتي تڙپندي پنهنجي سڄڻ کي
پڪاريو:
سڏ سڻي پرين جو وانگي جي نه ورن،
ڪوڙي دعويٰ دوست جي ڪڄاڙو کي ڪن.
ڌرتي جي اها پڪار، اها ڪوڪ، جنهن دل اندر درد جو
درياءُ وهايو، ان سڏ کي اونايو ۽ مسلسل جهد جي
هڪ نئين شروعات ڪئي، اهڙن سچن، محب وطن وفا پرست ۽
باشعور ليکڪن ۾ شمشيرالحيدريءَ جو شمار ٿئي ٿو،
جنهن پنهنجي سموري زندگي قلم ۽ مس سان پورهيو ڪندي
گذاري. هو هڪ ماڻهو پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري مثل هو.
ڪهڙي پهلوءَ سان ڪهڙي صنف سان سندس قابليت جو ذڪر
شروع ڪجي ڇا هُو صرف سٺو شاعر هو؟ يا هُو صرف
قابل تعريف نقاد هو؟ پڪ سان هُو مترجم هوندو! يا
نه ته پوءِ ڀلا ضرور هُو جفاڪش، بيباڪ صحافي يا
ڪالم نگار هوندو! نه ته تاريخ دان، ناٽڪ نويس يا
افسانه نگار پڪ ئي پڪ هوندو. آخر ڪير هيءُ متوالو
يگانو ماڻهو آهي؟ سڀني جو هڪ جواب: هيءُ ادارو،
سڀني ادبي صنفن جو خالق، هن تخليقن کي ڪيترين
خوبين سان مالامال ڪيو.
شمشير بحيثيت شاعر جي، ڏسجي ته ان ۾ سندس انداز
بيان رومانيت ۽ مزاحمت جي فڪر سان سلهاڙيل نظر
ايندو:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو.
يا
قوم چاهي ٿي وري شاهه ۽ سچل جيان،
سچ
جا ڀنڀٽ وڏا ڀڙڪائجن،
رومانوي انداز جي هڪ جهلڪ ڏسو:
جبل مٿي جهڙ او سهڻا جبل مٿي جهڙ،
جهڙ ته مانکي جهوري ڙي سڄڻ،
وار ڇڏيم ڇوڙي ڙي،
مند ڏسي تون مڙ او سهڻا جبل مٿي جهڙ.
ان سان گڏ هن ”آزاد نظم جي اوسر“ جهڙو ڪيم
خواب تحقيقي مقالو ۽ ڪترائي تحقيقي مضمون، نظم جي
پس منظر تي لکيا. سندس شاعريءَ جو صرف هڪ مجموعو،
”لاٽ “ جي سري هيٺ شايع ٿي
.
مطلب ته سنڌ جي سياسي، سماجي، اقتصادي علمي ۽ ادبي
جدوجهد ۾ سندس ڪردار پنهنجي تخليقي معيار سان
هميشه قوم جي اميدن تي پورو رهيو. سندس صحافي قد
ڪاٺ جو جائزو وٺبو ته اهو به پنهنجي عملي ميدان ۾
هميشه مٿانهون رهيو.
سنڌي ادب جي مشهور معروف رسالي
”مهراڻ“ ۾ سندس خدمتون ساراهه جوڳيون رهيون. ان
کان پوءِ هو ڳچ وقت تائين ”نئين زندگي“ رسالي جو
ايڊيٽر رهيو جيڪو مرڪزي حڪومت طرفان شايع ٿيندو
هو. سندس تخليقي ڪاوشون وسارڻ جوڳيون نه آهن. محمد
ابراهيم جويو صاحب سندس انهن خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي
لکي ٿو ته:
”شمشير پنهنجي مزاج ۾ ارڏو ۽ بيباڪ انسان هو. هن
زندگيءَ ۾ ڪيترا لاها چاڙها ڏٺا، پر ڪڏهن به مايوس
نه ٿيو ۽ نه وري ڪڏهن حالتن کان مات کاڌي، ان کان
پوءِ سندس ذهن ۽ من تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۽
اڪير ڇانيل رهي.“ ص 21
مولا
تي ننگ:
رسالن جي ايڊيٽر هئڻ سان گڏ شمشير،
”مهراڻ“ اخبار جي ايڊيٽري پڻ ڪئي ”مهراڻ“ ۾ سندس
مشهور ڪالم ”ڦلترو“جي نالي سان مقبول ٿيو. ان کان
علاوه سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي مخزن
”سوکڙي“ پڻ ترتيب ڏنائين، ۽ ان سان هلال پاڪستان
پنهنجي ڪڍيل اخبار ”هلچل“
لاءِ پر اثر پر معنيٰ ڪالم لکي حق ۽ سچ جو نغارو
بلند ڪيو. هن ٽن آمرن جي دور سان مهاڏو اٽڪايو.
ڪرڪيٽ جي زبان ۾ هن ٽن آمرن کي آئوٽ ڪري هئٽرڪ
مڪمل ڪئي.
مترجم
طور هن ڪيترائي ڪتاب پرڏيهي ٻولين مان ڏيهي ٻولي ۾
آڻي، علم ادب جي ڪئنواس تي خوبصورت رنگ پکيڙيا جن
۾ آمريڪا جو سياسي سرشتو، ڪئنڊيڊ، تاريخ سنڌ
(ڪلهوڙا دور) پيار جي ڇانوَ (جرمن شاعريءَ جو
منظوم ترجمو) ان کان علاوه هن پاڪستان ٽيليويزن
لاءِ 150 کان وڌيڪ ڊراما لکيا، جيئن موتين مالها
وغيره، ان کان علاوه ڊاڪيومينٽريز ۽ گيت به لکيا.
تخليقي ۽ تنقيدي ادب ۾ شمشيرالحيدري اهو روشن
ستارو هو جيڪو هميشه ادب جي آسمان تي وهائو تاري
جيان جرڪندو روشن نظر ايندو هن افسانوي ادب ۾ پڻ
پاڻ موکيو. سندس افسانو
”پورس جا هاٿي“ ون يونٽ دور تي چٿر ڪندي نظر اچي
ٿو، ان سان گڏ هن ڪيترين ئي ڪهاڻي ڪتابن کي ترتيب
ڏنو، جن ۾ تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، زينت ناول جو
ڊرامائي تشڪيل اردو ۾ وغيره شامل آهن
هن سچ چيو هو ته:
۽ صدين کان مان پنهنجي فڪر عمل سان
حياتي جي هڏ کي
تحريڪ جو رت ڏيندو آهيان
مصور
جي دست هنر جو ڪرشمو
اهو منهنجو خون جگر ئي ته آ
قد بت جو هيءُ سنهڙو سيپڪڙو هڏائون پڃرو، سنڌي
ادب جو مضبوط هماليه کان اوچو ارادو رکندڙ ارڏو
انسان جنهن دربدر ٿيڻ قبوليو پر مات نه کاڌائين،
سچ چيو اٿن ته:
ههڙا ڀي انسان جيڪي ننگن تي نثار ٿيا.
قد
۽ بت جو بظاهر هيءُ ڪمزور ۽ نٻل انسان پنهنجي ضمير
جو هماليه کان اوچو آدرش رکندڙ ماڻهو هو. سندس
انفرادي سوچ سندس اجتماعي سوچ آڏو هميشه خاموش
رهي، هن پنهنجو وجود وساري صرف ساڻيهه جي سِڪ کي
اجاريو.
هيءُ
مست ملنگ سنڌ ڄائو، پنهنجي سموري حياتي سقراط
وانگر زندگيءَ جو زهر پيئندو رهيو، پر بقول شاهه
سائين جي ٻاهر ٻاڦ نه ڪڍيائين ۽ زندگيءَ کي کلندي
۽ مسڪرائيندي ٻئي هٿ ٻڌي الودع چئي موڪلائي ويو.
ابليس کي چئي ڇڏيو سجدي جي تياري ڪر،
دنيا تي ’اناالحق‘ جا اسرار کلن شايد!
|