سيڪشن؛رسالا

ڪتاب:مهراڻ 3/ 2012ع شمشير الحيدري نمبر

مضمون

صفحو:16

طارق عزيز شيخ

شمشير الحيدري:

تون ياد وري آئين...

 

 

 

 

 

سنڌ جو ناميارو شاعر، ڊرامه نگار، مضمون نويس، صحافي ۽ ٽي.وي جي ڪيترن پروگرامن جو اسڪرپٽ رائيٽر شمشيرالحيدري 15- سيپٽمبر 1932ع ۾ بدين ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو رسول بخش خواجه هو. ابتدائي تعليم بدين ۾ پرايائين. بعد ۾ سنڌ مدرسة الاسلام ۽ اين.جي.وي اسڪول ڪراچي مان پڙهيو. هُن بدين ۾ ديني تعليم سنڌ جي وڏي عالم حاجي احمد ملاح جي مدرسي مان حاصل ڪري چڪو هو. سنڌ مدرسي ۾ سندس استاد ناميارو عالم ۽ ڏاهو محمد ابراهيم جويو رهيو.

شمشير الحيدري اهو اديب هو، جنهن سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ڪيون، پر ڪابه نوڪري مستقل طور ڪونه ڪري سگهيو. پنهنجي طبعيت ۾ آزاد انسان هو. هن پهرين نوڪري 1950ع ۾ پاڪستان رائيس ملز ۾ منشي طور ڪئي، جتي 60 رپيا ماهوار پگهار کنيائين. انهيءَ کان پوءِ آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر بڻيو. جلد ئي هوا ماپ کاتي ۾، روينيو کاتي ۾ ۽ ڪوآپريٽو بينڪ ۾ تڪڙيون تڪڙيون نوڪريون تبديل ڪندو رهيو. انهيءَ دوران شمشيرالحيدري شاعري به ڪندو رهيو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ۾ مقرر ٿيو، جتي سڄا سارا يارنهن ورهيه نوڪري ڪيائين. اهو به انهي ڪري جو هن جو اديباڻو مزاج هو ۽ علم ادب سان واسطو ڳنڍيل رهندو هئس. 1966ع ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي مرڪزي اطلاعات ۽ نشريات واري کاتي ۾ فلمز اينڊ پبليڪيشنز جو سيڪشن انچارج مقرر ٿيو. 11 ورهيه اتي گذارڻ بعد  ”نئين زندگي“ رسالي جو ايڊيٽر مقرر ٿيو. 1976ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو سرڪار طرفان مرڪزي مواصلاتي کاتي پاران ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل ٺاهيو ويو، جتي هو ڊپٽي مئنيجر بڻيو. ڏيڍ سال کان پوءِ جڏهن جمهوري حڪومت جو تختو پلٽيو ويو ۽ ضيائي آمريت آئي ته اهو سيل به ختم ڪيو ويو ۽ شمشير کي اڳوڻي حڪومت جو خاص ماڻهو سمجهندي برطرف ڪيو ويو. هُو ضيائي آمريت ۾ ڪنهن به سرڪاري عهدي تي ڪونه رهيو. انهيءَ وقت ۾ ريڊيو، ٽي.وي ۽ رسالا سندس روزگار جو ذريعو بڻيل رهيا. 1988ع ۾ جڏهن بينظير ڀٽو وزيراعظم بڻي ته شمشير الحيدريءَ کي يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن سوسائٽي ۾ سينئر ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جتان چيف آف پبلڪ رليشن جي عهدي تان ڪجهه عرصي بعد 1990ع ۾ ريٽائرڊ ڪيو ويو. 1993ع ۾ هن کي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

شمشير الحيدريءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هُو پي.ٽي.ويءَ جو پهريون سنڌي ڪمپيئر ۽ پهريون ڊراما رائٽر رهيو آهي. هن لاتعداد سنڌي ڊراما لکيا. سنڌي ڊرامن جو سلسلو ناٽڪ سڀاء جيڪو بعد ۾ ناٽڪ رنگ جي نالي سان هلندو هو، انهي ۾ اڪثر شمشير جا لکيل ڊراما هوندا هئا. هن جو پي.ٽي.وي تي پهريون ڊرامو مرزا قليچ بيگ جو پيش ڪرايو هو، جيڪو مرزا صاحب جي ناول ”زينت“ کي ڊرامائي شڪل ڏئي بڻايو هئائين، اهو ڊرامو ٽن قسطن ۾ هليو هو. شمشير سنڌي پروگرام
”رس رهاڻ“ جو ميزبان ٿيو هو جيڪو 12- جنوري 1970ع تي نشر ٿيو هو. سندس ڪيترائي پي.ٽي.وي ڊراما يادگار بڻجي ويا، جن ۾ دنيا دل وارن جي، وڃي ٿيا خير ۽ ڪاڪ محل شامل آهن.

شمشير الحيدري ادبي ۽ صحافتي حيثيت ۾ به پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو هو. 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي ٽِماهي رسالي ”مهراڻ“ جو اسسٽنٽ ايڊيٽر بڻيو. روزاني ”خادم وطن“ ۾ سب ايڊيٽر رهيو،
”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر رهيو، ساڳئي اخبار جو مئنيجنگ ايڊيٽر بڻيو، ”نئين زندگي“
رسالي جو ايڊيٽر رهيو. ”اعلان حق“ رسالو جاري ڪيائين. پبلشر ۽ ايڊيٽر رهيو. هن اردو ٻوليءَ ۾ به ڊراما لکيا جيڪي تمام مقبول ٿيا. شمشير اردو ۾ شاعري پڻ ڪئي.

شمشير لکڻ جي شروعات ”الوحيد“ اخبار سان ڪئي جڏهن هو سنڌ مدرسي ۾ پڙهندو هو. هن پهريون نظم 1949ع ۾ ”سنڌ مدرسة الاسلام“ نالي لکيو جيڪو انهي اداري جي رسالي ”ڪرانيڪل“ ۾ شايع ٿيو هو. سندس پهريون شاعريءَ جو مجموعو ”لاٽ“ نالي 1962ع ۾ شايع ٿيو جڏهن ته ٻين ڪتابن ۾ انسان ڪامل، ڪاروان ڪربلا، پورس جا هاٿي، تنهنجون ڳالهيون سڄڻ، تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دؤر)، آمريڪا جو سياسي سرشتو، سوکڙي، چونڊ سنڌي افسانا، سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر، ڪاڪ محل، تاريخ جو ڪچرو، سنڌي شاعريءَ جو اڀياس ۽ پيار جو گيت شامل آهن.

شمشيرالحيدري پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکي رهيو هو، پر آخر ۾ جڏهن سندس طبيعت خراب رهڻ لڳي ۽ ڪمزوري وڌي ويس ته پنهنجي پٽ کان اها لکرائڻ شروع ڪيائين، جيڪا سندس زندگيءَ جي اٺين ڪلاس تائين لکجي سگهي. ان کان علاوه هڪڙو ڪتاب ”ٻارن جا گيت“ ۽ ٻيو ڪتاب ”گيت غزل بيت وايون“ نالي سان اٿس جيڪي نه ڇپجي سگهيا آهن.

شمشير الحيدريءَ جي وفات کان ٻه ورهيه اڳ ۾ ڊاڪٽرن ڪينسر جو ٻڌايو هو، جنهن جو هن گهروارن سان ذڪر نه ڪيو بلڪه پاڻ حڪيم هئڻ ڪري پنهنجو علاج ڪندو رهيو، پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿيس. وفات کان 41 ڏينهن اڳي جڏهن ساهه جي تڪليف وڌي ويس ته پنهنجي پٽ جاويد حيدري جيڪو پي.آءِ.اي جو ملازم آهي، جي پئنل تي علاج ڪرائيندو رهيو، پر ڪجهه ڏينهن بعد ثقافت کاتي پاران آغا خان اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو، جتي طبيعت آخر تائين سڌري ڪونه سگهي ۽ 10- آگسٽ 2012ع تي صبح ساجهر 6 وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. آخري ڏينهن ۾ هن جي سيني ۾ بلغم ڄمي ويو هو. جنهن سبب ساهه کڻڻ ۾ انتهائي ڏکيائي ٿي رهي هئس ۽ پڇاڙڪا چار ڏينهن کيس هٿرادو ساهه مشين تي کڻايو ويو هو.

شمشير الحيدري جي وفات وقت 81 ورهيه ڄمار هئي. مرحوم کي سنڌ جي تاريخي قبرستان چوڪنڊي، جيڪو ڪراچيءَ کان 40 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي، ۾ دفن ڪيو ويو. سندس وڇوڙي بعد سندس لکيل مقبول گيت ”تون ياد وري آئين“ مٿس ٺهڪي اچي ٿو.

هن سنڌي ادب کي هر صنف سان فائدو رسايو. شاعري، ڪهاڻي، ڊرامو، ڪالم، مضمون، تحقيق ۽ تاريخ جو هڪ ئي وقت بهترين ليکڪ هو، جنهن جو خال ڀرجڻ ناممڪن آهي.

وزير ”فرهاد“ سولنگي

شمشير هڪ قلمڪار

 

 

 

 

سنڌ جي امر شهيد مخدوم بلاول شهيد جي 490 ورسي ملهائي پئي ويئي ۽ مون کي ان ورسيءَ ۾ شرڪت جو موقعو مليو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن کان اديب، تاريخدان، محقق، شاعر، صحافي ۽ مختلف مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ سڄاڻ ذهن شريڪ ٿيا. پروگرام دوران ڪنهن مقرر تقرير ڪندي چيو ته: سنڌ جا دشمن سندس سونهن، وسيلا ۽ سندس زرخيز مٽي آهي، جيڪا هر ڌارئي لاءِ اک ۾ ڪنڊو آهي. مقرر جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته سنڌ جي سونهن ئي سندس دشمن آهي پر سونهن صرف سنڌ جي زرخيزي، وسيلن ۽ ماليات سان منسلڪ نه آهي پر سنڌ جي سونهن ان ۾ رهندڙ انهن ذهنن، ضميرن، دماغن جي بدولت آهي جن سنڌ جي سونهن ۾ اضافو ۽ جٽاءُ برقرار رکيو آهي.

        سنڌ جي سونهن سنڌ جا اهڙا امر ڪردار آهن جن هن ڌرتيءَ تي پنهنجي ڏات جا ڏيئا روشن ڪيا آهن. شهيد مخدوم بلاول کان شهيد غزاله بتول تائين، هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي جن پنهنجي ڪردار جي عظمت سان سنڌ جي سونهن ۾ اضافو ڪيو آهي، جن ۾ ڪن قلم سان، ڪن فڪر سان، ڪن علم سان، ڪن آواز سان، ڪن ڪردارن سان پاڻ ملهائي مڃتا ماڻي آهي.

        سنڌ جي علم ادب جي تاريخ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن جو تعداد تمام گهڻو آهي. جن پنهنجي ڏات ۽ ڏانءُ جي ذريعي پنهنجي ٻوليءَ ثقافت لاءِ پاڻ نچوڙيو آهي ۽ انهيءَ نچوڙ سبب ئي سنڌي قوم انهن کي سٺي نظر سان ڏسي ٿي. هڪ اهڙو ئي شخص جيڪو جيستائين جيئرو هو. واندڪائيءَ کان وانجهيل رهيو. سندس شمار سنڌ جي ناليوارن شاعرن، اديبن، صحافين، ڊرامه نگارن ۽ قلمڪارن ۾ ٿئي ٿو. لفظ تعارف سندس نالي جو محتاج آهي ۽ اهو آهي- شمشير الحيدري.

درياءَ کي قطري جي ضرت سمجهو،

لڙڪن جي طلاطلم جي حقيقت سمجهو،

دل دوست جي فرقت ۾ روئي ٿي جڏهن،

انسان جي انسان سان الفت سمجهو.

        شمشير سان منهنجي پهرئين ڪچهري 1992ع ڌاري ڪراچي ٽي.وي سينٽر تي ٿي. انهن ڏينهن ۾ سندس ڊرامو ’وساريل واٽون‘ ريڪارڊ ٿي رهيو هو. اقبال سعيد انصاريءَ جي آفيس ۾ ويٺا هئاسين، پاڻ مون ڏي نهاري چيائين ته هن ڊرامي ۾ تنهنجو به ڪردار آهي. مون چيو مانس ته سائين ڪهڙو. پاڻ چيائين، ته هيروئنيءَ جو ۽ پوءِ مون سندس ڊرامي ۾ ڪم ڪيو.

        شمشير جي ڏات ۽ ذات کان مان تمام گهڻو متاثر هيس. سندس نثر ۽ نظم ۾ جان هوندي هئي. سندس قلم مان اندر جا اڌما ڇُلڪي نڪرندا هئا. پاڻ ڪردارن ۾ ساهه وجهندڙ تخليقڪار هو.

        سندس گهڻ رخي شخصيت هئڻ سبب منهنجو قلم ڏڪي پيو ته شمشير تمام وڏو ماڻهو ۽ منهنجو شعور محدود انهيءَ ڪري شايد انصاف نه ڪري سگهان. سندس شخصيت جا ڪيترائي پاسا آهن، پاڻ يارن جو يار، پاڻ ٻوليءَ جو پارکو، پاڻ حساس جذبن جو شاعر، سنڌي ڊرامي جو ليکڪ، بهترين منتظم ۽ صحافي، سماج سڌارڪ، حڪيم، محقق ۽ مترجم رهيو آهي.

        خواجه شمشير علي ولد رسول بخش 15- سيپٽمبر 1932ع ۾ ڳوٺ ڪڍڻ ضلع بدين ۾ ڄائو. پاڻ پرائمري تعليم بدين ۾ ورتائين. بعد ۾ هو 1947ع ڌاري سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويو. ان کان علاوه ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد ٽالپر اسڪول ۾ به پڙهيو. 1963ع ڌاري ايم.اي سنڌي، اديب عالم فاضل جو امتحان پاس ڪيائين.

        هن سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ دوران 1956ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي تنظيم جو پايو وڌو، جنهن جون شروعاتي گڏجاڻيون مدرسي جي سينيٽوريم هال ۾ ٿينديون هيون. انهيءَ دور ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل اياز قادري ۽ پاڻ جوائنٽ سيڪريٽري هو پر بعد ۾ اياز قادريءَ جي استعفى بعد پاڻ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي آيو. هن انهيءَ منصب تي رهندي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪئي.

        1962ع ۾ قومي تعليمي پاليسي تحت حڪومت طرفان سنڌي زبان کي اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ختم ڪرڻ خلاف سنڌ جي اديبن جيڪا زبردست جدوجهد ڪئي، ان تحريڪ جو شمشير پڻ هڪ حصو هو. پاڻ سنڌ جي اهم سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو بنياد وجهندڙ ساٿين مان هڪ ساٿي هو.

        سندس لکڻين جي شروعات ٻالڪپڻ کان ٿي پاڻ ٻارڙن لاءِ لکيل نظم، گيت ۽ ڪهاڻيون انهيءَ دور جي اخبارن ۾ ٻارڙن جي ڪالم جون زينت بڻبيون هيون. سندس ٻاراڻي ڪهاڻي (ٽي رٺل گُڏيون) ان وقت جي اخبار ’الوحيد‘ ڪراچيءَ ۾ ڇپي. ان کان پوءِ سندس لکڻ پرهڻ جو اهو سلسلو اڳتي هلندو رهيو. سندس پهريون تخليقي نظم (سنڌ مدرسة الاسلام ) هو.

        شمشير الحيدري نثر ۾ ڪهاڻيون، افسانا، ناٽڪ، ڪالم، ترجما ڏيئي پاڻ کي سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد مقام حاصل ڪيو. ان کان علاوه هن شاعريءَ جي مڙني صنفن تي پڻ لکيو. سندس پهريون شعري مجموعو سال 1962ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.

        شمشير الحيدري سنڌي ادب ۾ ڪهاڻيڪار صحافي، مترجم، ڪالم نويس، ناٽڪ نويس، تاريخدان ۽ شاعر طور پنهنجو نالو ڳڻائي پنهنجو پاڻ ملهايو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾:

1. انسان ڪامل (شخصيات)                  1953ع

2. ڪاروان ڪربلا (تاريخ)                             1954ع

3. پورس جا هاٿي (ڪهاڻيون)                        1958ع

4. تنهنجون ڳالهيون سڄڻ (مرتب)                  1961ع

5. لاٽ (شاعري)                                      1962ع

6. تاريخ سنڌ (ڪلهوڙا دور) (ترجمو)         1963ع

7. آمريڪا جو سياسي سرشتو (ترجمو)              1964ع

8. سوکڙي (مرتب)                            1964ع

9. بهترين سنڌي ادب (افسانا)                       1969ع

10. سنڌي ۾ آزاد نظم جي اوسر                     1987ع

11. ڪاڪ محل ( ناٽڪ)                             1988ع

12. تاريخ جو ڪچرو (شاعري)

        شمشير الحيدري پنهنجي طبيعت جو هڪ منفرد ماڻهو هو. پاڻ ڪڏهن به زر جي پويان نه ڊوڙيو. هن هميشه سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ ڦهلاءُ لاءِ پنهنجو توانايون استعمال هيٺ آنديون. هن ڪڏهن به ڳالهيون ڪري وقت نه وڃايو بلڪه هن مسلسل جدوجهد واري زندگي گذاري. شمشير سنڌي ادبي سنگت کي عروج تي پهچايو. هن سنڌ جي اديبن ۾ سياسي ۽ سماجي جاڳرتا پيدا ڪئي. پاڻ سنڌ جي اهم ۽ شانائتن ادارن ۾ صحافي ۽ لکاريءَ واري اهم حيثيت ماڻي. هن ٽماهي ”مهراڻ“ رسالي ۽ ”مهراڻ اخبار“، ”هلال پاڪستان“ ۾ بهتر انداز سان ڪم ڪيو. هيءُ ڪڏهن به ادارن جو محتاج نه رهيو پر ادارا هن جي محتاجيءَ هيٺ رهيا.

        پاڻ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا. سندس ٽي.وي لاءِ لکيل ڊرامن جو هيٺ ترتيب وار وچور ڏجي ٿو:

نمبر

ڊرامي جو نالو

پروڊيوسر

تاريخ

1.

معمو

عبدالڪريم بلوچ 

05-10-1973

2.

زينت

عبدالڪريم بلوچ

05-10-1973

3.

ٺاهه

سيد ذوالفقار نقوي

07-11-1974

4.

پلٽن

منظور قريشي

03-02-1975

5.

زينت (سيريل)

منظور قريشي

03-04-1975

6.

علاج

سيد ذوالفقار نقوي

03-10-1975

7.

دنگي منجهه درياء

هارون رند

31-01-1976

8.

منزل (سيريل)

سيد ذوالفقار نقوي

25-06-1976

9.

ناٽڪ سڀا (ممتا)

سيد ذوالفقار نقوي

21-09-1976

10.

ناٽڪ سڀا (روانگي)

منظور نقوي

29-10-1979

11.

ناٽڪ سڀا (ڪيميا گر)

سيد ذوالفقار نقوي

24-11-1985

12.

لطيفي لات (ڪاڪ محل)

محمد بخش

23-11-1985

13.

ناٽڪ رنگ (عيد ڪارڊ)

محمد بخش

27-05-1986

14

ناٽڪ رنگ (سنگيت)

محمد بخش

23-02-1987

15.

ناٽڪ رنگ (عيد مبارڪ)

محمد بخش

02-08-1987

16.

ناٽڪ رنگ (ڪمدار)

فيض ٻگهيو

20-03-1988

17.

ناٽڪ رنگ (هٿ ملاءِ)

سيد ذوالفقار نقوي

21-08-1988

18.

ناٽڪ رنگ (اوور ٽائيم مسافر خانو)

سيد ذوالفقار  نقوي

10-10-1988

19.

ناٽڪ رنگ (آخري حل) سيريل

فيض ٻگهيو

31-08-1989

20.

ناٽڪ رنگ (تماشو)

اقبال سعيد

13-04-1991

21.

ناٽڪ رنگ (تماشو) تنهنجو ناهي جواب

اقبال سعيد

08-06-1991

22.

ناٽڪ رنگ (پڇتاءُ)

محمد بخش سميجو

15-11-1992

23.

ناٽڪ رنگ (وساريل واٽون)

اقبال سعيد

19-12-1992

24.

ناٽڪ رنگ (وڃي ٿيا خير)

اقبال سعيد

09-05-1996

25.

ناٽڪ رنگ (دنيا دل وارن جي)

منظور قريشي

28-05-1998

26.

ناٽڪ رنگ (نانگا ننڊ نه ڪن)

نعيم بلوچ

12-09-2005

27.

ناٽڪ رنگ (ڏهن ڏينهن جي ڳالهه)

فرخ عزيز خان

14-12-2007

28.

ناٽڪ رنگ (ٻڪر جوچڪر)

نعيم بلوچ

08-12-2008

29.

ناٽڪ رنگ (نئون وڏيرو)

مقبول شجراع

01-07-2009

        شمشيرالحيدري قلندري طبيعت رکندڙ سنڌ جو سٻاجهو اديب هو. سندس هميشه تڪيو ڪلام هوندو هو ته ”موليٰ تي ننگ“. هيءُ توڪلي انسان سدائين ڪاغذ ۽ قلم جو پورهيو ڪندڙ ساده صفت انسان نوجوانن کي اتساهه بخشيندڙ انسان اڄ اسان ۾ ناهي رهيو پر سندس قلمي پورهيو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ نمايان ۽ اهم حيثيت رکي ٿو. شمشير سان منهنجي آخري ملاقات 19- اپريل 2012ع تي آرٽ ڪائونسل هال ڪراچي ۾ ٿي. پاڻ وئيلچيئر تي هڏڙن جي مٺ وڃي بچيو هيو. سندس جسم تي ماس نالي ڪا شيءِ ڪا نه هئي. نظر جي روشني اڳ ۾ ئي کيس کان رسي چڪي هئي. پهرئين ته مان هن کي سڃاڻي نه سگهيس پر پوءِ جڏهن غور سان سندس ويجهو ٿيس ته منهنجو اندر ڳري لوڻ ٿي ويو ته هيءُ آهي- شمشير؟

        سندس صحت کي ڏسي ڏاڍو ڏکارو ٿيس ۽ بعد ۾ چيومانس ته: ”سائين مان وساريل واٽون وارو هيروئني آهيان- ’وزير فرهاد‘.“ پاڻ ڳراٽڙي پائي مليو ۽ سڄي رات فنڪشن گڏجي ڏٺوسين. مون کي خبر نه هئي ته هيءَ ساڻس آخري ملاقات آهي.

        اهو عجب اتفاق آهي ته منهنجو پيارو دوست ۽ محسن ساهتي پرڳڻي جو عوامي شاعر
سائين مسرور پنائي به 10
- آگسٽ 2004ع تي وفات ڪري ويو ۽ ساڳي تاريخ 10- آگسٽ 2012ع تي
سائين شمشير به اسان کان وڇڙي ويو.

اڄوڪو ڏينهن به گذري ويو خيالن ۾،

اڄوڪي رات ڏکن جي ڀلا کٽي ته سمهون،

ڪڏهن خيال ڪڏهن انتظار ۾ آهيون،

اوهان جي ياد اسان کي سمهڻ ڏيئي ته سمهون.

امير علي بروهي

نرمل جذبن وارو شاعر: شمشير الحيدري

سِنڌ جي لاڙ ۽ بدين وارو علائقو، ان معنيٰ ۾ مَردم خيز رهيو آهي ته هتي اهڙن مانجهي مڙسن جنم ورتو آهي، جن سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مثال طور: مير غلام محمد (جنهن لاڙ ۾ مدرسو کولي عام ماڻهن کي تعليم ڏياري)، ڊاڪٽر نذير حُسين حيدري (جيڪو لاڙ جو معتبر سياسي/ سماجي اڳواڻ هو)، قاسم پٿر (بٺوري جو مشهور سياسي اڳواڻ)، محمد خان مجيدي (ڀلوڙ شاعر ۽ سياسي ڪارڪن)، ڊاڪٽر آڪاش انصاري (چلولو شاعر) ۽ اسان جو شمشيرالحيدري (جيڪو هڪ ئي وقت سٺو شاعر، بي باڪ صحافي ۽ سٺو ڊرامه نگار هو) وغيره.

شمشير جو جنم بدين ضلعي جي ”ڪڍڻ“
ڳوٺ ۾ 15- سيپٽمبر 1932ع تي ٿيو. بنيادي تعليم بدين مان، سيڪنڊري ايجوڪيشن سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان هائير ايڊيوڪيشن سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. هو اسڪولي زماني کان وٺي بيحد ذهين شاگرد سمجهيو ويندو هو، پر ادب سان ڪو خاص لڳاءُ نه هوس. چون ٿا ته سندس مامو نذير حُسين حيدري پنهنجي دؤر جو سجاڳ ذهن انسان هو، جنهن جي ذاتي لائبريريءَ سڀني نظرين ۽ مذهبن جا ڪتاب موجود هئا، جيڪي هو پڙهڻ لاءِ شمشير کي ڏيندو هو ۽ اهڙيءَ ريت منجهس ادبي ذوق پيدا ٿيو.

هو عام ماڻهو هو، تنهنڪري پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ پهريائين رائيس مل بدين ۾ منشي ٿيو، پوءِ P.W.D ۾ ٽيليفون آپريٽر ۽ آخر ۾ ڪو آپريٽيو ڪريڊٽ بئنڪ بطور مئنيجر نوڪري ڪيائين. سنڌي ادبي بورڊ ۾ ابراهيم جوئي صاحب جي تعاون سان نوڪري مليس ۽ يارنهن سالن تائين ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪيائين، پوءِ وري پاڪستان پبليڪيشن ڊائريڪٽوريٽ ۾ ”نئين زندگي“ رسالي جو ايڊيٽر ٿي رهيو.

عجيب درويش صفت انسان هو. ماڻهو ادب مان ڪمائيندا رهيا، ڪن عهدا ورتا، ڪن کي وزارتن ۾ جايون مليون، ڪن سرڪاري کاتن مان رقمون ڦٻايون، پر شمشير پنهنجو گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ وارو ماڻهو هو... ڪڏهن به عهدن پٺيان نه ڊوڙيو ۽ نه وري مال متاع هٿ ڪرڻ ۾ مصروف رهيو.  شمشيرالحيدري وٽ جلال ۽ جمال، جذبو ۽ ذوق، علم ۽ عرفان، حسن ۽ عشق توڻي شاعري هڪ ئي وقت موجود هئا.

شاعريءَ جي فن ۽ وسعت، تقدس ۽ عظمت لاءِ چيو ويندو آهي: ”شاعري جُز است پيغمبري.“
منهنجي خيال ۾ شاعر هڪ اهڙو انسان آهي، جيڪو عام فهم ٻوليءَ ۾ انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي سچ پچ ته عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، گهڻو جوش ۽ بيحد نازڪ احساس مليل هجن. خليل جبران چوي ٿو:

”شاعر هن لوڪ کي پرلوڪ سان ملائڻ واري هڪ ڪڙي آهي. هو مٺي پاڻيءَ جو اهو چشمو آهي، جنهن مان اڃايل روح پياس ٻُجهائن ٿا. هُو سندرتا جي درياء جو ڪنارو آهي. تازن ڦلن سان ڀريل وڻُ آهي، جنهن مان بُکايل دليون سيرَ ٿين ٿيون... هُو خدا جو موڪليل فرشتو آهي، جيڪو عام ماڻهن کي هُن جو پيغام پهچائي ٿو....“

سنڌي شاعري اِن معنيٰ ۾ زرخيز ۽ آباد رهي آهي؛ جو هتي اهڙن شاعرن گوهر افشاني ڪئي آهي، جن جو ڪلام هيئت توڻي فڪر جي خيال کان ڪافي بلند رهيو آهي. شاهه عبداللطيفؒ کان وٺي مرزا قليچ بيگ تائين، عبدالحسين سانگيءَ کان وٺي شيخ اياز تائين، نارائڻ شيام کان وٺي طالب الموليٰ، شمشيرالحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني تائين سوين شاعر آهن جن نيون فڪري راهون ڏسيون آهن، پر مان شمشير کي جديد دؤر جي شاعرن ۾ ممتاز حيثيت وارو انڪري سمجهان ٿو، جو هُن جي شعرن ۾ شيريني آهي، مِٺاج آهي، خيالن جي گهرائي آهي ۽ اهائي خوبي عام و خاص کي متاثر ڪري ٿي.

شمشير جو شعر، بيان ۽ زبان جي لحاظ کان نئون آهي. هُن جو مجموعو ”لاٽ“ جي نالي سان ڇپيو هو، جنهن ۾ بيت، نظم، گيت ۽ آزاد نظم توڻي غزل تي طبع آزمائي ڪئي اٿائين. سندس هڪڙو شعر ملاحظه ڪريو:

اسين حال هِيڻا، اوهان جي خدائي وڏي ڳالهه آهي،

هَلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي وڏي ڳالهه آهي.

شمشير، غزل جو به سٺو شاعر هو. نموني طور هڪڙو غزل نقل آهي:

پيئڻ جا بَهانا، پيارڻ جون ڳالهيون،

جيئن شال، ڪر ڪي جيئارڻ جون ڳالهيون.

 

هلي آ، تيستائين دليون آزمائيون،

اکين کي ڪرڻ ڏي، نهارڻ جون ڳالهيون.

 

ارادن کي ملندو، عمل جو سهارو،

چڱيون ٿينديون گڏجي گذارڻ جون ڳالهيون.

 

متان ياد ۾ ئي ، گم نه ٿي وڃين ٿون،

اهي ئي آهن وسارڻ جون ڳالهيون.

 

هڪل سان ته پهتا هئا يار پنهنجا،

وري ويا ڪري آگ ٽارڻ جون ڳالهيون.

 

گلستان ئي شايد، جلائي ڇڏيندا،

وڌي ويون ٻوٽن کي، ٻارڻ جون ڳالهيون.

 

ڪٿي آهي ”شمشير“ جو چنگُ چوري،

زمانو ته ڀُلجي ويو چارڻ جون ڳالهيون.

شمشير جي طبيعت ۾ کل ۽ ڀوڳ جو عنصر گهڻو شامل هو. هُن مزاحيه شاعري به ڪئي آهي ۽ گهڻن مشهور نظمن جي پئروڊي به لکي اٿس. هيٺ آءٌ سندس هڪ مشهور پئروڊي نقل ڪريان ٿو:

ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

مان ڏوئي آن، مان ڏوئي آن،

مون ڪيئي ڀتَ رڌيا آهن.

هِن گهر جي گدلي رڌڻي ۾،

هيءَ پِيچَ جي پاٽ به ڏوهي آ،

۽ ٻارڙو ڪوئي کچڻيءَ لاءِ،

جي روئي ٿو ته دروهي آ،

هي ڏوهه نه آ، ماڻهوءَ لئه،

مون ديڳ جي دمڻي لاٿي آ،

مان ڏوئي آن...

تون ڍڳڙيءَ سان وهنوار رکيو،

مون هڪ هٽي سان ٽوڙي آ،

مون بريانيءَ جي خوشبوءِ سان،

ڪئي اڦراٽن جي موڙي آ،

مان ڏوئي آن...

مون ڏاتِ انوکي آندي آ،

ٿو ڀتُ وڙهي اڦراٽن سان،

هر ٻوڙ جي لذت پنهنجي آ

مٽرن سان، آلو ٽماٽن سان،

ٿو تنهنجو ڀاري پيٽ ڏڪي،

ڪيئن دالين جي سرٻاٽن سان،

مان ڏوئي آن...

 

امين چانڊيو

 

انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي

 

 

 

 

 

 

سنڌي شاعريءَ جي گلدستي ۾ سرسبز، تازن توانن، خوشبوءَ سان ڀرپور مُرجهايل من مهڪائڻ وارن گلڙن جي ڪا کوٽ ۽ اَڻهوند نه آهي، پر جيڪا ڪمي آهي ته ”قول ۽ فعل“ جي محسوس ٿئي پئي.....

ڳالهه اِتان کڻجي ته فڪر جي ڦرهي عمل بنا بي معنيٰ يا روحاني صلاحيت کان خالي/ اخلاق کان خالي ”قول ۽ فعل“ جي معاملي ۾ جيستائين عوام آڏو اسان پنهنجي ”قول ۽ فعل“ ۾ گڏ نظر نه اينداسين، تيستائين اسان پاڻ کي صاف سٿرو بڻائي نٿا سگهون. هڪ ليکڪ جو شان ۽ تعظيم به ان ۾ آهي ته هو پنهنجي قول جي پاسداري لاءِ پنهنجي ضمير جي روشنيءَ ۾، صحيح رخ يا مثبت رستو اختيار ڪري فڪري جدوجهد لاءِ ثابت قدم رهي، پر جيڪڏهن تخليقڪار ٻئي معيار جي خود فريبيءَ ۾ ڦاٿو ته ان جو ٻٽو معيار ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن وڃي ڀت سان ضرور لڳائيندو. جن به قلمڪارن چالاڪيءَ مان ڪم وٺي، ”اندر ڪارو ڪانءُ ٻاهر ٻولي هنج جي“، وارو ڪردار ادا ڪيو آهي، سي ڪڏهن به عوام جون دليون کٽي نه سگهيا آهن. منهنجي هن سڄي خيال کي تاج بلوچ جي هن شعر به واهه جو Define ڪيو آهي:

”ان مهل ڪونه ڪنهن جي ڪم ايندو،

وقت جي احتساب کي سمجهو

يا اياز گل جو شعر آهي ته:

ڪجهه عمل ڏي به سوچ او ڏاها!

تو ته خالي خطاب پوکيا هن.

قول ۽ فعل جي واٽ هلندڙ جي عظمت کي ساراهيندي، اتساهه آڻيندي ڀٽائي صاحب به هڪ خوبصورت سِٽَ سرجيندي، ڏاڍي سهڻي انداز ۾ فرمائي ٿو ته: ”وکر سو وهاءُ جو پئي پراڻو نه ٿئي. ڀٽائي سرڪار جي اهائي سٽ ”قول ۽ فعل“ ۾ امتياز نه هئڻ جو راز ۽ نياز آهي.

”قول ۽ فعل“ جي شمع روشن ڪندڙ سنڌ جو هڪ ارڏو قلمڪار شمشيرالحيدري 21- رمضان مبارڪ 2012ع تي اسان سڀني کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪري ويو. سائين شمشيرالحيدري جو اسم گرامي جڏهن به ذهن ۽ دل تي ترڻ لڳندو آهي ته اسان جي احساس مان مايوسي، نا اُميدي، پريشاني ۽ گهٻراهٽ جا ڪارا ڪڪر هٽڻ شروع ٿي وڃن ٿا. اچو ته هن جسماني طرح ضعيف پر هماليه کان اوچا ارادا، جذبا ۽ آدرش رکندڙ تخليقڪار جون روشن ڪيل شمعون پسون ۽ روشني حاصل ڪريون:

”ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،

اهوئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،

پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾،

هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي.

هن تخليق ۾ سچ جو اظهار ۽ سماجي شعور ۽ ڪڙو سچ دريائي وهڪري وانگر منزل تي پهچائي يا پڄڻ تائين حوصلو بخشي ٿو:

”عارضي سونهن تي هرکي ڪيئن جوڌا ۽ جوان،

راهه ڀلجي ۽ وساري ٿا ڇڏن منزل کي.“

جڏهن به ڪي گهٻرايل مزاج جا ماڻهو شمشيرالحيدري جا ماڻڪ موتي، هيرا لال، جواهرن جهڙا امنگ سان ٽمٽار شعر پڙهندا ته اهي تنگ نظريءَ جي عذاب مان ڇوٽڪارو ضرور حاصل ڪندا:

”دنيا تنهن کي نيچ نوائي جيڪو خود ئي ڪنڌ جُهڪائي.

ان جي واسي دنيا آهي جيڪو حڪم هلائي،

تون ڀي حڪم هلاءِ نادان دنيا تنهنجي آهي.“

اهڙو فڪر هڪ غير معمولي (Uncommon) فڪر آهي. انڊلٺ جهڙن اهڙن تخيلاتي شعرن ۾ شمشيرالحيدري وڏو ماهر هو. هن نظر جي عينڪ پائيندڙ هميشه سچائي، وفائي، کرائي ۽ انقلابي جدوجهد ڪندڙ جو فڪري، فلسفي، آدرشي جوهر وڏو شاندار، دلڪش ۽ جادوگري وارو به آهي ته سنجيدگي (Being sober) طرف به آڻي ٿو بيهاري. هن جي شخصيت جو پس منظر به هن شعر مان چٽو ڏسي سگهجي ٿو:

”انڌيرن ۾ پلجي پئي روشنائي، وڏي ڳالهه آهي،

اڃا وقت کي پئي ڳولي سچائي، وڏي ڳالهه آهي.“

اوهان ٿورو ماضي طرف نظر ڊوڙايو، شعرن جي فڪر جون جهلڪيون هن عظيم تخليقڪار جي قول، فعل ۾ ڏسڻ، پسڻ ۾ هوبهو ملي وينديون. پُرخلوص، مخلص سادي سودي پيار ڪندڙ، تڪليفون برداشت ڪندڙ، دوستن جو دغائون درگذر ڪندڙ، سنڌي ادب جو سرمايو شمشيرالحيدري سموري حياتي ويڇن، نفرتن، انارڪين خلاف عملي طرح جنگ جوٽي ۽ صبر، سهپ، پيار ۽  محبت جو پيغام ڏنو. هن جو هڪ شعر جيڪو صدين تي محيط آهي، جنهن ۾ ڪوڙن، بااثرن، مڪريلي وڏگهراڻي طبقي جي دلين تي ڄڻ ته هِن مڱ ڏريا آهن. ڪوڙي ۽ سچي محبت کان کوکلي منفي سوچ وارن لاءِ ته جبل جو لاوو بڻيل آهي ته:

”دل جي پُرشوق دلاسن تي هليا آياسين،

سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،

ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،

نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.

هن پروقار شعر سان دوکي جي ديوار، نفرتن کي وساري دل جا دروازا کولي سچي روحاني سڪ، محبت کي سلامي پيش ڪري سگهجي ٿي. لڳي ٿو ته شمشير عشق جي اونهي عميق مان چاهت جي چيڪي مٽي ڳولي، حقيقي پيار جي معنيٰ سمجهائڻ لاءِ ڪمال فني هنر سکي ورتو هو. هڪ طرف سندس شعر لٽيرن خلاف نفرت، ڪروڌ جو اظهار ڪن ٿا ته ٻئي طرف فطري سونهن، روحانيت، اخلاقي قدر، انساني تهذيب، نينهن جي هيئت تي سيس نوائڻ جو آفاقي ۽ الستي پيغام پهچائي ٿو. صاف گو، منهن تي سچ چئي ڏيندڙ، شهنشاهن کي به سچ چئي ڏيڻ ۾ شمشير ئي ابتدا ڪئي ۽ ظلم سهڻ، روئڻ، پٽڻ، ڊڄڻ، هٽڻ جي ناڪه بندي به ڄڻ هن ڪئي هئي:

”نه الجهو اسان عاشقن سان نه الجهو،

لتاڙي ڇڏياسين ستارن جا سپنا.“

شمشير جي ڪلا جا ڪرشماتي مظهر، طاقت، وارا آهن ۽ اُهي ئي ترقي پسند ادب جي سگهه آهن ڇو ته خوفناڪ ماحول ۾ اهڙيون آدرشي فڪر رکندڙ تخليقون، ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هونديون آهن.

شمشيرالحيدري جي ڪلام کي اسان رڳو غزل، گيت، وائي، قطعي ۽ هائيڪي ۾ لکي پنهنجو فرض پورو نٿا ڪري سگهون، پر هن جي پوري فڪري سمنڊ ۾ هر سوچ جو سونو موتي توجهه طلب آهي ڇو ته سندس سموري شاعريءَ ۾ زندگيءَ جو حقيقي مشاهدو به آهي.

سماجي نابرابرين جي خاتمي آڻڻ لاءِ ڏات ڌڻي هئڻ ۽ شعور رکندڙ جي حيثيت ۾ شمشيرالحيدري پنهنجي زندگيءَ ۾ نهايت برجستو ۽ اڳواڻي وارو ئي ڪردار ادا ڪيو.

پورهيت طبقي جو حامي ۽ سرمائيدارانه نظام جي هن باغي شاعر، نثر نويس، ڪالم نگار، ڊرامه ليکڪ ۽ ٻين خداداد صلاحيتن جي سرموڙ قلمڪار کي سنڌوماٿريءَ جي ادبي تاريخ لکندڙ محقق، هن بيباڪ قويءَ جو نالو فخر سان سونهري اکرن ۾ جابجا لکندا ڇو ته هيءُ منفرد عوامي شاعر ۽ قلمڪار شاهه لطيفؒ جي هن سٽ تي ئي ساهه ۽ ويساهه رکندڙ هو ته:

”لوڪ وهي لهوارو تون اوچو وهه اوڀار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com