مير عبدالرسول ’مير‘
شمشير جي ياد ۾
راتين جو راڻو
اڃا ساهه سُک جو پَٽيو هو ڪٿي!
۽ درياهه دُکَ جو گهٽيو هو ڪٿي!
اڃا گهاءُ گهرو ڇُٽو ئي نه هو،
۽ سوداءُ سِر جو کُٽو ئي نه هو،
اڃا پارَ پورن جا پڌرا هئا،
اڃا زخم آلو سُڪو ئي نه هو!
اڃا تاتِ تارن ۾ تازي هُئي،
۽ برسات تارن ۾ تازي هُئي،
تري تات تارن ۾ تارا تَڪي،
اڃا رات تارن ۾ تازي هئي!
اڃا گهُٽ ٻوسٽ جو گهيرو هيو،
سويرو به جهڙو اويرو هُيو،
خزائن جا رِڻ پٽ هُئا روح ۾،
بهارن ڀَڳو ڪونه ڀيرو هُيو!
اڃا سارَ ساڳي سَوائي هئي،
ڪٿي ننڊ نيڻن ۾ آئي هُئي!
اڃا آهه! زاريءَ جو عالم هيو،
اڃا تائين تَن مَنَ ۾ تائي هُئي!
اڃا ياد ايندو جو نالو هُيو،
اُهو نانءُ جڳ کان نرالو هُيو،
اُهو نانءُ اِئن هو، جيئن زندگي،
اُهو زندگيءَ جو حَوالو هُيو!
اڃا يارُ ’تاجل‘، هو وسريو ڪٿي؟
۽ هُن ساڻ پَلُ پَلُ، هو وسريو ڪٿي!
ته شمشير اِئن موڪلاڻي ڪئي!
جيئن پرهه جي ٿي پُڄاڻي وئي!
لَڙي آيون لُڙڪن جون لارون وري،
پَکن ۾ پَچارون پڪارون وري،
اُڏامي ويون آهون آڪاسَ ڏي،
سڄي سنڌ سارون سنڀارون وري!
وري جيءَ جهورِيءَ جهوري ڇڏيو،
وري قلب سارو ئي ڪوري ڇڏيو،
وري واِرياسو سڄو ئي وجود،
اسان کي جِيئن جو ’صدوري‘ ڇڏيو!
اسان کي ڇڏي ويو اڪيلو ڪري،
پري ويو، پري ويو، پري ويو، پري!
ڪري ڌر تتي ويو اسان جون دليون،
رڳو هاڻ ٻارڻ ٻري ٿو ٻري!
لڳي ٿو حياتيءَ جون حُسناڪيون،
هي برکا، ۽ برکا جون برساتيون،
پري ٿي ويون، سڀ پري ٿي ويون،
رِهاڻين، ڪهاڻين ڀريون راتيون!
ڏسڻ ۾ ته سادوئي انسانُ هو،
مگر سُرت جو پاڻ سلطانُ هو،
سراپا هيو پاڻ دُک درد، پر
اسان درد وارن جو درمانُ هو!
اسان ديس وارن جو دلبر هُيو،
اسان کي انهيءَ جو وڏو ڀَرُ هُيو،
اسان کي مِٺو هو، مِٺن کان مِٺو،
اسان جي محبت جو مَحورُ هُيو!
اسان آسوندن جو اڳواڻ هو،
ڏکيءَ ۾ سُکيءَ ۾ اسان ساڻ هو،
ائين هو، جِيئن زندگي، روشني،
اسان لئه اُجالن جو اهڃاڻ هو!
هو موتيءَ جو داڻو، اسان کان ويو،
نماڻو، سياڻو، اسان کان ويو،
ڪچهريءَ جو ڪوڏيو ۽ محفل جو مورُ،
هو راتين جو راڻو، اسان کان ويو!
ڀلا هاڻِ ڪنهن ساڻ محفل ڪجي!
۽ ڪهڙي طرف، دل کي مائل ڪجي،
اڙي چنڊ! تون ئي کڻي اڄ ٻُڌاءِ،
ته ڪنهن پاسي، دردن ڀَري دل ڪجي!
هُو محفل جو ماڻو، اسان کان ويو،
هٿن مان اُڏاڻو، اسان کان ويو،
هُو موتيءَ جو داڻو، اسان کان ويو،
۽ راتين جو راڻو، اسان کان ويو!
مير عبدالرسول ’مير‘
تو جهڙو نانءُ
شمشير جي نانءُ
ڪهڙو شعر لِکان مان توتي،
آبُ اکين مان اوتي اوتي!
منهنجو اهڙو ڏانءُ ڪٿي آ،
منهنجي اهڙي ڏات ڪٿي آ،
۽ تو جهڙو نانءُ ڪٿي آ!
ڪهڙي سِٽَ لکان مان توتي،
جهڙي تنهنجي ريتِ سُريت،
اهڙي سِٽَ لکان مان توتي!
ڪهڙو گيتُ لکان مان توتي،
جهڙو تنهنجو مَنُ مهڪي،
اهڙو گيت لکان مان توتي!
ڪهڙو شعر لکان مان توتي،
جهڙو تنهنجو روپُ سروپُ،
اهڙو شعر لکان مان توتي!
جهڙو تنهنجو ڏاهو ڏانءُ،
جهڙو تنهنجو ٿڌڙو ٿانءُ،
جهڙو تنهنجو اُجرو نانءُ.
جهڙي تنهنجي ڏاهي ڏات،
جهڙي تنهنجي ذات صفاتِ،
جهڙي تنهنجي ساري حياتِ.
اهڙو شعر لکان مان توتي،
آبُ لکان مان اوتي اوتي!
ها، پر اهڙو ڏانءُ ڪٿي آ!
ها، پر اهڙي ڏات ڪٿي آ!
منهنجو اهڙو نانءُ ڪٿي آ!!
۽ تو جهڙو ڏانءُ ڪٿي آ،
۽ تو جهڙو ڏات ڪٿي آ،
۽ تو جهڙي نانءُ ڪٿي آ!
ڪهڙو شعر لکان مان توتي،
آب اکين مان اوتي اوتي!
(سلام)
نظم
ٿورِڙو ڪُڇندو هُيو،
ٿورڙو پُڇندو
هُيو،
پر، گهڻو لُڇندو هُيو!
هُو
ٻُڌڻ کان
۽ ٻڌائڻ کان
گهڻو لکندو هُيو
پڙهندو هُيو
هِنَ ڏيهه خاطر!
۽ اڃا ان کان گهڻو
جاڳي جلِي
جلندو هُيو
پرڀات تائين،
ديپَ وانگر!
هُو
سماجي هن ڪڙهائيءَ ۾ پيو
پچندو هُيو
ڪڙهندو هيو!
۽ ڪڏهن اُٻري
ڪڏهن اُٿلي به پوندو
اوچتو هو!
هُو
سراپا پيارَ جو پيڪر هُيو،
بي ريا
خوددارُ
باڪردار هو!
هُو
بنهه بيباڪ هو
بي داغ هو
روشنيءَ وانگر!
هُن
لکڻ کي،
۽ پڙهڻ کي
زندگي ارپي ڇڏي
ساڻيهه خاطر!
پر، جڏهن
هُنَ جي نظر جي
شامَ ٿي وئي
اوچتو،
سِج سانجهيءَ ڏي لَڙيو!
ٻاٽَ جو گهيرو
شروع ٿيو
لاٽ تي،
ڌُنڌ جو ديرو
شروع ٿيو
ديد تي،
روشني اڻ موڪلائي
ڌار هُن کان ٿي وئي،
بي وفا بڻجي وئي!
پو ته
هُنَ جي پورهئي ۾
ڪو خلل پئجي ويو!
پو ته
تخليقن کي
تحريرن ۾ آڻڻ
ٿي پيو مشڪل، مگر
هُنَ
نه گهٻرايو
نه ئي هارايو
ان حالَ ۾!
ايترو ارڏو هُيو
باهمت هُيو، جو
مون جڏهن
ان حال ۾
هُنَ کان پڇيو،
’شمشير!
ڪهڙو حالُ آ؟‘
هُن وراڻيو،
خير آهي،
ٺيڪ آهيان،
ٿورڙي تڪليف آهي
ديد جي، پر
ننگُ مولا تي اٿم!
پاڻ ڀي زندهه
مان آهيان،
۽ اڃا زندهه
سمورا رنگ
۽ آهنگَ آهن
زندگيءَ جا!“
هُن جي
هي ورندي ٻُڌي،
حوصلي کي ڏِسي،
مون نهاريو
سنڌ ڏي،
سنڌ کي سُرهو ڏٺم،
سنڌ کي سُرهو ڏٺم،
سنڌ جي مُک تي سجايل
مُرڪ هئي!
سنڌ اطمينان سان،
سنڌ پوري عزم سان
مون ڏي نهاري،
ڪُجهه چئي
خاموش ٿي وئي!
مون ادب سان
ڪنڌُ پنهنجي کي جُهڪايو،
۽ چيو
اي سنڌڙي!
تنهنجي ٻَچن
پوڙهن پڪن
ٻارن ٻڍن تي آ
سلام!
اي سنڌڙي!
توتي سلامُ،
اي جندڙي!
توتي سلامُ،
اي حيدري!
توتي سلامُ!!
محمد ايوب جوڻيجو
غزل
هيرن جي کاڻ هو،
چوڏهين چانڊاڻ هو.
علم ۽ ادب ۾،
اديبن جو سرواڻ هو.
پيار ۽ محبت ۾،
پنهنجو مٽ پاڻ هو.
مشاعري ۽ محفل ۾،
ٿيندو اڳواڻ هو.
موسيقي ۽ راڳ جي،
رکندو ڄاڻ هو.
غزل
ادب ۾ اعليٰ مقام تنهنجو،
شاعري ۾ مشهور آ نام تنهنجو.
فقيري طبيعت ۽ نياز نوڙت،
سنڌ هند ۾ نالو آ عام تنهنجو.
قلم سان ڪيائين جيڪا هي خدمت،
رهندو هي قائم ڪام تنهنجو.
شخصيت تنهنجي ڀلي، محبت تنهنجي مٺي،
سنگت تنهنجي سٺي پيارو ڪلام تنهنجو.
”ايوب“ شمشير جهڙو ڏسان ڪونه جڳ ۾،
زبان تي صبح شام آ نام تنهنجو.
غزل
محبتي مٺڙو پيارو ماڻهو،
اڇو اُجرو سارو ماڻهو.
لکڻي جنهن جي مٺڙي مٺڙي،
محنتي موچارو ماڻهو.
نالو جنهن جو ادب ۾ اعليٰ،
ادب جو هو سهارو ماڻهو.
حق سچ لکندو رهيو،
ناڻي ڪين وڪاڻو ماڻهو.
تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو،
ادب کي وڌائڻ وارو ماڻهو.
نظم
وهه وا شمشير تنهنجي شاعري،
ڏاڍي سهڻي ڏاڍي پياري.
ادب جي خدمتن ڪيائين خوب،
سهڻي صورت ماڻهو محبوب،
ادب لاءِ وقف عمر ساري.
ڪندو تون سڀ سان پيار هُئين،
شاعري سان تون سرشار هُئين،
نڀائي وئين تون سڀ سان ياري.
تُنهنجا شعر سارا ڏاڍا هِن پيارا،
ڏاڍا جبر لاءِ هن ڪات ڪهاڙا،
رکي تو هميشه جاکوڙ جاري.
ڪري ياد توکي ٿي سنڌ ساري،
رهي جت تو حياتي گذاري،
وئين ”ايوب“ جي ڪري دل ڏُکاري.
گلشن ”سنڌو“ سولنگي
سونهن جو شاعر چوان
(نظم)
تُنهنجي وڇوڙي جو پڙاڏو
اڄ جو گونجيو سنڌ ۾
سڄي سنڌ سُڏڪي پئي
تنهنجي وڇوڙي وڍ ڏنا.....
هيءَ جا ڪائنات رُني
رات ۾ سانت رُني
پکين جي ڄڻ لات رُني
هرڪا اک آلي هئي
تُنهنجي حيات کي ڏنل
موت جي مات رُني
تنهنجي وڇوڙي وڍ ڏنا....
سڄي سنڌ سُڏڪي پئي.
تنهنجون هي انمول ڪٿائون
موتي مڻيادار ڪوِتائون
هر سنڌي ساهه ۾ سانڍيندو
سوچن جو زنجيرُ چوان
ڏات جو شمشيرُ چوان
سونهن جو شاعر چوان
تو محبتن جو درس ڏنو
اڄ هر درس آ تولئه رُنو
تنهنجي وڇوڙي جو پڙاڏو
اڄ جو گونجيو سنڌ ۾
سڄي سنڌ سُڏڪي پئي
تُنهنجي وڇوڙي وڍَ ڏنا....
تون حقيقين جو هيرو هُئين
تُنهنجون سوچون ”ڪوهه نور“ جي
چمڪ وانگر هميشه
نيڻن جي دريچن ۾
فطرت جي منظرن کي
ڏسنديون رهنديون
ها…
توڙي جو تون نه هوندين
پر……
تُنهنجون تخليقون،
توکي زندهه رکنديون
هر ”نئين ذهن ۾“
تُنهنجي وڇوڙي وڍ ڏنا....
ڳالهه ٻولهه: غلام مصطفيٰ سولنگي/علي سنديلو
هڪڙو شمشير آ زماني ۾!
(برک دانشور، ٻهڳڻي شاعر، منفرد قلمڪار ۽ ڊراما
نگار شمشيرالحيدريءَ سان ڪچهري)
شمشيرالحيدريءَ جو ڳاڻيٽو
انهن ڳاڻ ڳڻين تخليقڪارن ۾ ٿئي ٿو، جن هلندڙ دور ۾
سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ شاعريءَ کي سونهن، سندرتا ۽ هڪ
اعتبار پئي بخشيو آهي. شمشيرالحيدري اهو نالو آهي،
جيڪو ادبي حلقن ۾ هڪ حوالي طور ورتو ويندو آهي ۽
جنهن جي ذڪر کان سواءِ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي
تاريخ اڻپوري آهي.
شمشيرالحيدري صاحب اها تقليد لائق ادبي شخصيت آهي،
جنهن جي سموري زندگي لاڳيتي محنت، جاکوڙ ۽ ڪوشش جو
هڪ چٽو مثال آهي. ائين کڻي چئجي ته پاڻ پنهنجي
سموري ڄمار قلم ۽ ڪاغذ سان نڀاءُ ڪندي گذاري
اٿائين. هو اڄ جنهن منزل ۽ مقام تي آهي، تنهن جو
بنيادي سبب ڌرتيءَ، ڌرتيءَ واسين ۽ مقصد سان
سچائيءَ جو اهو جذبو آهي، جيڪو تخليقي ڪم لاءِ هڪ
دليل سمجهيو ويندو آهي. سندس مامو ڊاڪٽر نذير حسين حدري سندس لاءِ هڪ رول ماڊل رهيو ۽ تربيت ۽ ادبي
شخصيت ٺاهڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ۽ اڄ شمشير صاحب ان
ئي ذهني سکيا جي نتيجي ۾ هڪ اعليٰ تخليقڪار جي
حيثيت سان پنهنجي هڪ ڌار سڃاڻپ رکي ٿو.
شمشير الحيدري صاحب کي جيتوڻيڪ هڪ شاعر جي حيثيت
سان گهڻو سڃاتو وڃي ٿو، پر تخليقي ادب جي ٻين صنفن
/ شعبن ۾ سندس ڪم ايترو ته مٿانهون آهي جو ان کي
ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. شاعريءَ
وانگر نثري ڪاوشن ۾ پڻ شمشير صاحب پنهنجي لاءِ هڪ
ڌار رستي جي چونڊ ڪئي آهي. جيئن سندس شاعريءَ جا
موضوع ۽ اسلوب
پنهنجي دور جي ٻين نمائنده شاعرن کان صفا مختلف
آهي، اهڙيءَ طرح سندس نثري لکڻين جو انداز پڻ گهڻو
نرالو ۽ وڻندڙ آهي. اڄ ان ئي نرالي ڪم ۽ سڃاڻپ سان
گڏ شمشير صاحب سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي نمائندگي ڪري
رهيو آهي.
شمشير الحيدري هڪ منفرد قلمڪار هئڻ سان گڏ هڪ
انتهائي نفيس، محبت ڪندڙ ۽ خوشبودار انسان آهي. هن
انٽرويوءَ ۾ شمشير صاحب جي ذاتي زندگي ۽ ادبي
ڪيريئر، سنڌي ادب، شاعري، تنقيد، ميڊيا، ڊرامن
وغيره جهڙن موضوعن تي سندس خيالن ۽ راين کي گڏ ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي ويئي
آهي.
سوال: سائين شمشير صاحب! شروع ۾ اوهان کان هڪ
روايتي قسم جو سوال پڇنداسين. علم ۽ ادب سان
لاڳاپيل اڪثر دوست اوهان جي شخصيت ۽ ادبي ڪمن کان
سونهان آهن، پر ٿي سگهي ٿو ته ڪافي دوست اوهان جي
خانداني پس منظر ۽ اوهان جي تعليم بابت ڄاڻڻ
چاهيندا هجن.
شمشيرالحيدري:
منهنجو نانو حاجي غلام علي پنهنجي وقت جو وڏو
تونگر هيو. پاڻ ڪڇ، ڀڄ ۽ رحم ڪي بازار ۾ چمڙيءَ
جون وڏيون واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون هئائين. هو وڏو
وقت رحم ڪي بازار ۾ رهيو هو. رحم ڪي بازار هڪ تمام
وڏو واپاري بندر هو. جڏهن اتي زوال آيو ۽ ڪاروباري
سرگرميون جهڪيون ٿيون ته منهنجو نانو، اتان لڏي پلاڻي اچي بدين ضلعي جي شهر ڪڍڻ ۾ آيو. ڪڍڻ هڪ
تاريخي شهر آهي ۽ اڄ ڏينهن تائين به چڱو موچارو
ڪاروباري مرڪز آهي. اها ڳالهه ته، ٿي منهنجي ناني جي. منهنجو ڏاڏو وري ٽنڊي
باگي تعلقي جي ”ڪوڇاهين“ نالي شهر ۾ رهندو هو. اهو
اسماعيلي خواجن جو شهر هو ۽ اڃا تائين به اتي
اسماعيلي خواجا آباد آهن. ڏاڏو وري اتان هجرت ڪري
بدين شهر ۾ اچي ويٺو. اهڙيءَ طرح بدين منهنجو
ڏاڏاڻو شهر ٿيو. اسان وٽ سنڌ ۾ اهو عام رواج آهي
ته والدين پنهنجي ڌيءُ کي پنهنجي گهر ۾ ويم
ڪرائيندا آهن، تنهنڪري منهنجي امان کي به سندس
والدين بدين مان ڪڍڻ وٺي آيا، جتي مان پيدا ٿيس،
يعني منهنجي پيدائش جو شهر ڪڍڻ آهي. باقي مون گهڻو
وقت ڪڍڻ کان ٻاهر ئي گذاريو آهي. منهنجو نانو جڏهن
ڪڍڻ کان نندي شهر ۾ لڏي آيو ته منهنجو ٻالڪپڻ، ان شهر ۾ گذريو. منهنجي ناني، نندي شهر ۾ زمينون خريد ڪيون. پاڻ سکر ماڻهو هو. وٽس اٺ به
هئا، گهوڙا،
گڏهه به هئا ۽ مال ڍڳو پڻ جام هو. اهڙيءَ طرح
منهنجو ننڍپڻ به اهڙي ئي ٻهراڙيءَ واري ماحول ۾
گذريو. ننڍپڻ ۾ ٻني ٻاري جو ڪم ڪار ڪرڻ ۽ اٺن، گهوڙن تي چڙهڻ جو شغل ڏاڍو رهيو.
مان اٺ گاڏو به هلائي ويندو هيس، گهوڙن کي وهنجارڻ
به ويندو هيس. مان وڏ ڀرو ٿيس ته مون کي بدين شهر
جي هڪ سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ ويهاريو ويو. ان وقت
اسان بدين شهر جي غريب آباد پاڙي ۾ رهندا هئاسين.
سنڌ جو ناليوارو شاعر ۽ ڏاهو شخص مولوي حاجي احمد
ملاح،
ان ئي پاڙي ۾ رهندو هو، پرائمري اسڪول ۾ داخل
ڪرائڻ کان اڳ مون کي مولوي حاجي احمد ملاح جي
مدرسي ۾ ويهاريو ويو. مان اتي قرآن پاڪ پڙهيو ۽
ديني تعليم پڻ پرائي. اسڪول ۾ خوشخطيءَ تي گهڻو
ڌيان ڏنو ويندو هو. ڪاٺ جي پٽيءَ تي بار بار ميٽ
هڻائي ڪانهن جي ڪلڪ سان ڪاري يا نيري مس سان اکر
لکرايا ويندا هئا. تنهنڪري اکر ڏاڍا سهڻا ٿيندا
هئا. هاڻي ته اهو رواج ئي ڪونهي. شروع ۾ ئي ٻار
بال پين کڻن ٿا، تنهنڪري اکر به مزي جا ڪونهن.
پرائمريءَ کان پوءِ وري مان انگريزي اسڪول ۾ داخل
ٿيس، جتي چار درجا انگريزيءَ جا پڙهيس. منهنجو
مامو نذير
حسين حيدري ۽ ٻيو منهنجي ناني جو سئوٽ، جنهن کي
اسان نانو ئي چوندا هئاسين،
تنهنڪري
مون کي سنڌ مدرسي موڪليائون.
سوال: پر توهان ته سنڌ مدرسي ۾ پنهنجي تعليم
جاري نه رکي سگهيا. ان جا ڇا ڪارڻ هئا؟ اوهان پاڻ
سنڌ مدرسو ڇڏي ويا يا اوهان کان ڇڏرايو ويو؟
شمشيرالحيدري:
مان چار درجا انگريزيءَ جا بدين ۾ پڙهي سنڌ مدرسي
۾ آيو هوس. ميٽرڪ ۾ ئي هوس ته مون کي سنڌ مدرسي
مان ڪڍيو ويو. اهڙيءَ طرح مان ميٽرڪ نه ڪري سگهيس.
ڳالهه اها آهي ته منهنجو مامون ڪامريڊ نذير
حسين حيدري انقلابي طبيعت جو ماڻهو هو. سندس شخصيت
جو مون تي تمام گهڻو اثر هو. پاڻ سٺو اديب به هو،
شاعر به هيو، خطيب به هو، قومي اڳواڻ به هو، سياسي
اڳواڻ به هو، جيل ۾ به ويو هو. پاڻ مسلم ليگ ۾
شامل هو. ان وقت ٻي ڪابه سياسي پارٽي ڪونه هئي.
پاڪستان جي تحريڪ زورن تي هئي. مامي واري تحريڪي ۽
انقلابي طبيعت جو مون تي به اثر پئجي ويو. مون
جڏهن اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ته اسڪول جي هندو
هيڊ ماستر ريمارڪس وارن سڀني خانن ۾
Very Good
لکيو. صرف هڪ خاني ۾
Good لکيائين. سندس نالو هيرانند ڪرم
چند هو. ڏاڍو ذهين ۽ مثالي استاد هيو. الله...
الله... ڇا ته انسان هيو. هاڻي ٿو قدر پئي، انهن املهه انسانن جو. سو هڪ جاءِ تي رڳو
Good ڏسي مون کي به خار لڳي ويئي
۽ سرٽيفڪيٽ ڦاڙي سندس ٽيبل تي اڇلائي گهر هليو
آيس. ان ئي اسڪول ۾ بابي جو هڪ دوست عبدالجبار
صاحب استاد هو،
بابي جي چوڻ تي هن هيڊ ماستر کان ٻيو سرٽيفڪيٽ
ٺهرائي ڏنو ۽ پوءِ مان سنڌ مدرسي هليو آيس.
تحريڪي ذهن ڳوٺان کڻي آيو هوس. مدرسي ۾ هڪ هال يا
آڊيٽوريم هوندو هو. شام جو اُتي ڇوڪرن کي گڏ ڪري ليڪچر ڏيندو هوس. اهي
ليڪچر اڪثر اسڪول انتظاميه خلاف هوندا هئا. ڪڏهن
کين ڀڙڪائيندو هيس ته هتي ماني سٺي ڪانهي، پڙهائي
سٺي ڪانهي، صفائي سٺي ڪانهي. مطلب ته ڇوڪرن جي چڱي
خاصيBrain-washing…. ڪري ورتم. ان دوران مون کي مدي جو بخار
ٿي پيو ۽ مان موڪل وٺي ڳوٺ هليو آيس. مهينو ڏيڍ
بخار ۾ مبتلا رهيس. پويان ڇوڪرن هڙتال ڪئي ۽ اسڪول
بند ڪرايائون. اسڪول جو پرنسيپال ڪي.
آر ٿامس هو. ڇا ته اصول پرست شخص هو! هو ڇوڪرن کي
سمجهائڻ هاسٽل تي آيو، پر کيس ڌڪا ڏئي، اتان ڪڍيو ويو. گذدر صاحب ۽ آفندي صاحب
به ڇوڪرن کي ڏاڍو سمجهايو پر ٻاڪرا ڦر مُڙيا
ئي ڪونه. هل هنگامو ڪري ڀنڀور کي باهه ڏيئي
ڇڏيائون. نيٺ هڙتال ختم ٿي.
مان موٽي آيس ته پرنسيپال مون کي هڪدم پاڻ وٽ
گهرايو ۽ چيو ته اسان انڪوائري ڪئي آهي ۽ خبر پئي
آهي ته ان گوڙ گهمسان پويان تنهنجي رٿابندي آهي.
تنهنڪري توکي اسڪول مان ڪڍيو ٿو وڃي. ميڙيون منٿون
ڏاڍيون ڪيونسين،
پر هڪ به ڪونه هلي. هو ڏاڍو ڪڙڪ ۽ اصول پسند انسان
هو. ڪابه رعايت ڪونه ڏنائين. ان وقت هڙتالن جي
ڪابه روايت ڪونه هئي، تنهنڪري پرنسيپال لاءِ اهو
سڀ ڪجهه ڏاڍو ڏکيو ۽ برداشت کان ٻاهر هو. اهڙيءَ
طرح مون کان سنڌ مدرسو ڇڏرايو ويو. ان کانپوءِ ٽي
مهينا اين.جي.وي اسڪول ۾ پڙهيس. اُتي سرٽيفڪيٽ ڪونه ڏئي سگهيس، سو اتان به
ڪڍيو
ويم.
پوءِ وري حيدرآباد ۾ نور محمد هاءِ اسڪول ۾ آيس،
اتان به جواب مليو. چيائون ته توکي ته اسڪول جو
سرٽيفڪيٽ ئي ڪونهي. داخلا ڪيئن ڏينداسين؟ ائين ڌڪا
ٿاٻا کائيندي سال پورو ٿي ويو.
مون کي سنڌ مدرسي مان هڪ سال لاءِ ڪڍيو ويو هو،
تنهنڪري هڪ سال گذرڻ کان پوءِ مون کي سرٽيفڪيٽ ملي
ويو. سرٽيفڪيٽ وٺي سڌو ٽنڊي باگي جي تاريخي اسڪول
”مير غلام محمد خان ٽالپر هاءِ اسڪول“ هليو آيس،
اتي آزمائشي امتحان ڏنم ۽ ستاويهن ڇوڪرن ۾ ٽاپ
ڪيم. هوشيار ته ننڍي هوندي کان ئي هيس. اهو امتحان
پاس ڪيم ۽ پوءِ مون کي ميٽرڪ ۾ ويهاريو ويو. اڪثر
ڪري نمونيا ۽ ڪجهه ٻين بيمارين جي ڪري مان چڱيءَ
طرح پڙهي نه سگهيس ۽ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پاس نه ٿي
سگهيس. هڪ پيپر دوران مون کي نمونيا ٿي پئي ۽ پوءِ
مون کي ڳوٺ پهچايو ويو. پوءِ وري مون سپليمينٽري
امتحان ڏنو، پر فيل ٿي پيس. نيٺ بابي چيو ته هاڻي
توکان پڙهائي ڪونه ٿيندي. ڪا نوڪري
ڪري شادي ڪري گهر آباد ڪر. مون ائين ئي ڪيو. پوءِ
وري 1954ع ۾ مان حيدرآباد هليو آيس. جتي منهنجي
ويجهڙائپ محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان ٿي. پاڻ ڏاڍو
جاکوڙي، انقلابي سوچ رکندڙ ۽ محب وطن انسان هو.
هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي چيائين ته علم پرائڻ جي ڪابه
عمر ڪونهي. بهتر آهي ته اوريئنٽل ڪاليج مان اديب
سنڌ تي جو امتحان ڏجي. ان ڪاليج جو پرنسيپال مخدوم
امير احمد هو. پاڻ وڏو عالم ۽ داناءُ شخص هو. ساڻس
ملياسين ۽ پوءِ وري اديب سنڌيءَ جو امتحان ڏنوسين.
ڏيپلائي صاحب انگريزي پڙهيل ڪونه هو، پر مون کي ته
انگريزي ايندي هئي. سو اديب سنڌيءَ سان گڏ
انگريزيءَ جو پرچو به ڏنم ۽ اهڙيءَ طرح مون کي
ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. اتان ئي مون ٻارنهن
درجا پاس ڪري ورتا. انٽر ڪرڻ کان پوءِ ڊاڪٽر غلام
علي الانا مون کي صلاح ڏني ته يونيورسٽيءَ ۾ داخلا
وٺ ۽ سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪر. مان داخلا ورتي. بي.اي
(آنرس) ڪيم ۽ پوءِ وري ايم.اي ڪري ورتم. لا ۾ پڻ داخلا ورتي هيم. پهريون سال به ڏنو هيم
پر پوءِ وفاقي حڪومت جي ماهوار رسالي ”نئين
زندگيءَ“ ۾ نوڪري ملي وڃڻ ڪري، ڪراچيءَ هليو آيس ۽ پوءِ لا نه ڪري
سگهيس. اهو آهي منهنجو تعليمي ڪيريئر.
سوال: اوهان پنهنجي مامي گهڻ پاسائين شخصيت جي
ڪري پاڻ به تخليقي طور تي گهڻ پاساوان ٿي ويا.
اوهان شاعري به ڪئي، نثر به لکيو، ادارت به ڪئي،
صحافت به ڪئي، ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ لاءِ به لکيو، ٻارن لاءِ به لکيو، تنقيد
جي موضوع تي
به لکيو ۽ ترجما پڻ ڪيا. هڪ صنف کان ٻي صنف تائين، اوهان جو سفر ڪيئن رهيو؟ اهو ڪهڙو لقاءُ
آهي جو اوهان اهي سڀ صنفون
Adopt ڪيون؟
شمشيرالحيدري:
مامو نذير
حسين حيدري گهڻي مطالعي وارو ماڻهو هو. سندس
لائبريريءَ ۾ هر قسم جا ڪتاب هوندا هئا. وٽس مذهبي
ادب
جا ڪتاب به هوندا هئا
ته ڪميونسٽ ادب پڻ، جماعت اسلاميءَ جا ڪتاب به
هوندا هئا ته قاديانيت جا ڪتاب پڻ. ان کان سواءِ
ٻين مذهبن جهڙوڪ: هندومت، ٻڌمت ۽ عيسائيت جي باري
۾ پڻ تمام گهڻا ڪتاب هوندا هئا. پاڻ روشن خيال ۽
کليل ذهن جو مالڪ هو. کيس ڏسندي مون کي پڙهڻ جو
ڏاڍو شوق ٿي پيو. وٽس وڏا وڏا ۽ ڳرا ڳرا ڪتاب
هوندا هئا جيڪي آءٌ وڏي چاهه سان پڙهندو هوس.
شروع ۾ اهو جيڪو مطالعو مون کي نصيب ٿيو، سو هن
وقت تائين به مون کي ڪم اچي پيو. جيڪڏهن هن وقت
مان ڪجهه به نه پڙهان ته پوءِ به مان سڀني موضوعن
تي ڳالهائي ۽ لکي سگهان ٿو. ناول به تمام گهڻا
پڙهيا. سعادت حسن منٽو کي پڙهيو، ڪرشن چندر کي
پڙهيو. شاعري به تمام گهڻي پڙهي. مذهبي ڪتاب به
پڙهيا. ”صحاح سته“ جيڪي حديثن جا ڇهه مستند ڪتاب
آهن،
به مون پڙهي ورتا هئا. مامو ڪافي رسالا پڻ
گهرائيندو هو، اهي سڀ به پڙهندو هوس. اهڙيءَ طرح
ننڍي عمر ۾ ئي مون ادب جون مڙئي صنفون پڙهي ورتيون
هيون. تنهنڪري انهن صنفن جي سڃاڻپ به ٿي ته ڪهاڻي
ڇا آهي، ناول ڇا آهي، شاعري ڇا آهي، صحافت ڇا آهي،
تحقيق ڇا آهي ۽ تاريخ ڇا آهي؟ مطلب ته منهنجي
تخليقي شخصيت جو بنياد نهايت سگهاري نموني پيو ۽
ان جي ترقي وري سنڌي ادبي بورڊ ۾ ٿي. ٽه-ماهي
”مهراڻ“ سان وابستگي ٿي، ته ان لاءِ ايندڙ سمورو مواد پڙهڻو پوندو
هو ۽ ان جي اصلاح ڪرڻي پوندي هئي. شاعري، افسانا،
تحقيقي مقالا وغيره بار بار پڙهڻا پوندا هئا. ائين
کڻي چئجي ته ادب سان منهنجو عملي ڳانڍاپو سنڌي
ادبي بورڊ ۾ ٿيو.
سوال: سنڌي ادبي بورڊ ۾ اوهان ڪهڙين ادبي
شخصيتن جي ويجهو رهيا ۽ جن اوهان جي ادبي اوسر ۾
ڪو ڪردار ادا ڪيو هجي. اوهان جي دور ۾ ته دائود
پوٽو صاحب هو، گرامي صاحب هيو، جويو صاحب هو.
شمشيرالحيدري:
سنڌي ادبي بورڊ ۾ بنيادي ڪم محمد ابراهيم جوئي
صاحب
جو آهي. پاڻ ان وقت سيڪريٽري هو. هن شخص جي محنت، جاکوڙ
سچائي ۽ ذهن نهايت مثالي هو ۽ هينئر به ماشاءَ
الله سندس سوچ جي سطح نهايت بلند آهي. سنڌ ۽ سنڌي
ادب جي حوالي سان پاڻ جيڪو ڪجهه ڪيو اٿائين سو
سڀني جي اڳيان آهي، وسيع مطالعي وارو ماڻهو آهي، حالتن ۽ معاملن کي سمجهڻ وارو فهم رکندڙ
شخص آهي. سنڌي ادبي بورڊ کي اڏيندڙ ۽ ٺاهيندڙ شخص
محمد ابراهيم جويو ئي آهي. پاڻ سنڌ مدرسي ۾ منهنجو
انگريزيءَ جو استاد هو. ساڻس تعلق
تڏهن کان ئي هو. جوئي صاحب تن ڏينهن ۾ هڪ ڪتاب
“Save Sindh, Save Sub. continent” (سنڌ بچايو، ننڍو کنڊ بچايو). لکيو هو.
پاڻ لکيو هئائين ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ کي ڪهڙا
مسئلا درپيش ٿيندا. ان ڪتاب تي سخت رد عمل ٿيو ۽
پوءِ کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. 1947ع ۾ جڏهن
پاڪستان قائم ٿيو ۽ سنڌ سرڪار ٺهي ته ان وقت سائين
جي.ايم.سيد سنڌ جو تعليم وزير ٿيو. جويو صاحب سندس ٻالڪو هيو ۽
اهڙيءَ طرح کيس سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ڪري
رکيو. سائين جي.ايم.سيد ۽ جويو صاحب ٻئي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا
گُهريا
هئا، تنهنڪري هن اداري جي شروعات ڏاڍي سٺي ٿي.
علامه دائود پوٽو، ميران محمد شاهه، پير حسام
الدين راشدي، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ان جا بنيادي ميمبر هئا.
اهي تمام وڏيون شخصيتون هيون ۽ انهن سنڌي ادبي
بورڊ جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. هاڻي اسان
جي نوجوانن کي اهي ماڻهو ڏٺي ئي ڪونه ٿا وڻن.
ڪو شڪ ناهي ته اڄ جو نوجوان نهايت
باصلاحيت آهي، پر انهن هستين کي هرگز نظر انداز نه
ڪرڻ گهرجي. آئن اسٽائين پنهنجو ”اضافيت جو نظريو“
ڪهڙو وري نوجوانيءَ ۾ ڏنو هو؟ ٽئگور کي جڏهن نوبل
پرائيز ٿي مليو ته هو ڪو نوجوان ڪونه هو. سياڻا
چوندا آهن ته وڏا سوچيندا آهن ۽ نوجوان ان تي عمل
ڪندا آهن. نوجوانن جو ڪم عمل ۾ آڻڻ آهي ۽ سوچڻ جو
ڪم وڏڙن جو آهي. سوچڻ جو ڪم تجربي کان پوءِ ئي
شروع
ٿيندو آهي. سائين جي.ايم.سيد،
علامه دائود پوٽو، راشدي صاحب، ميران محمد شاهه ۽
ڊاڪٽر بلوچ وڏي دماغ ۽ تجربي وارا ماڻهو هئا. انهن
جيڪو ڪم ڪيو، تنهن جهڙو هاڻي ٻيو ڪوبه نه ٿو ڪري
سگهي. سندن جهڙي سوچ ۽ معاملي فهمي نه رهي آهي.
منهنجي خوش قسمتي آهي جو انهن ماڻهن سان گڏجي ڪم
ڪرڻ جو موقعو مليو. مان انهن کان گهڻو ڪجهه سکيو،
مان هن وقت جيڪي ڪجهه آهيان سو سندن طفيل آهيان.
سوال: اوهان جي تخليقي شخصيت جو مکيه پهلو
شاعري آهي. اوهان ٻين کوڙ صنفن ۾ ڀرپور ڪم ڪيو
آهي. اوهان
ادب جي
ذاتي طور ڪهڙيءَ صنف مان مطمئن آهيو ۽ اهو
ڪيئن
Define
ڪندا ته اوهان ڪهڙيءَ صنف ۾ گهڻو
Contribute ڪري سگهيا آهيو؟
شمشيرالحيدري:
جيڪو مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندو آهي، تنهن لاءِ اهو چيو
ويندو آهي ته
“Jack of all, master of none”
مان اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهان ته مان ڪهڙي شعبي ۾
ڀرپور ڪم ڪيو آهي. هڪ ماڻهو جيڪو ڪجهه لکي ٿو، سو
کيس ڏاڍو پيارو هوندو
آهي. تخليق اولاد وانگر هوندي آهي. ڪنهن
ماڻهوءَ جو پٽ جيڪڏهن انڌو منڊو يا چريو کريو
هوندو ته هو ان کي نظر انداز نه ڪندو نه؟ هو سندس
اولاد آهي ۽ کيس ان لاءِ به پيار هوندو آهي.
جيڪڏهن ڪوبه ليکڪ ادب جي ڪجهه صنفن تي ڪم ڪري ٿو ۽
محنت سان ڪري ٿو، ته پوءِ ان جو قدر ڪرڻ ضروري آهي.
ڪنهن جي پورهئي کي نظر انداز هرگز نه ٿو ڪري
سگهجي. اهڙيءَ طرح مان نه ٿو چئي سگهان ته ڪهڙو
شعبو مون کي وڌيڪ پسند آهي،
ڪهڙي شعبي ۾ مون وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. اهو پڙهندڙن تي
ڇڏيون ٿا، ته اهي طئي ڪن.
سوال: توهان هڪ ڊگهو تخليقي سفر طئي ڪيو آهي.
ان سموري سفر ۾ اوهان ڇا جي ڳولا ڪئي آهي؟ توهان
جي تخليقي ڳولا جا رخ ڇا رهيا آهن؟ ڇا
Objective
رهيو آهي توهان جو؟ ڇا ڏيڻ چاهيو آهي، توهان پنهنجي تخليقن ذريعي؟
شمشيرالحيدري:
مان ته ائين ٿو محسوس ڪريان ته ڄڻ مان ته هڪ ڀٽڪيل
ماڻهو آهيان، مان اڪثر انٽرويوز ۾ اهو چيو آهي ته مان
شاعر به ڪونه آهيان. اوهان چيو ته منهنجي سڃاڻپ
شاعري آهي، پر مان پاڻ کي ڪڏهن به شاعر نه سمجهيو
آهي. منهنجو مطالعو وسيع رهيو ۽ ورهين جا ورهيه
”مهراڻ“ ۽ ”نئين زندگيءَ“ جي ادارت مون وٽ رهي ته
شاعري، افسانا، تحقيق ۽ ٻيون کوڙ ساريون تخليقي
شيون منهنجي هٿن مان گذريون، تنهنڪري مون کي به
لکڻ، پڙهڻ جي رمز ۽ اٽڪل اچي وئي ۽ نثر ۽ نظم لکڻ جي سگهه ۽
صلاحيت اچي وئي. نثر هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا هر
ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه لکي ٿو سگهي.
شاعري
اصل ۾ پيغمبري درجو آهي، جيڪو هر شاعر کي نصيب نه
ٿو ٿئي. مان پاڻ کي ان درجي تي فائز ٿيلن ۾ شمار
نه ٿو ڪريان. شاعر ڪائنات جي رازن سان گڏ انسان جي
نفسيات کي پڻ سمجهندو آهي. بس! مون کي شاعري ڪرڻ
جو هڪ ڏانءُ اچي ويو آهي ۽ ڪجهه وزن بحر جا چڪر
سمجهه ۾ اچي ويا آهن،
باقي مون ڪجهه ڏنو ڪونهي. مان ڀٽڪيل رهيو آهيان،
تنهنڪري مون آڏو ڪوبه مقصد ڪونه رهيو آهي. شاعريءَ
جهڙي ڪا شيءِ مون ڏني آهي، پر اها شاعري ڪونه
چئبي.
سوال: سائين! اها ته توهان جي ڪسر نفسي چئبي.
انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته
“Diamond never says itself diamond” جيڪي سنڌي ادب جا پارکو ۽ نقاد آهن، سي
شاعريءَ جي حوالي سان اوهان کي نهايت مٿانهون
رتبو ڏين ٿا، خاص ڪري جديد شاعريءَ جي حوالي سان.
توهان انهن جي راءِ کي رد ته نه ٿا ڪري سگهو نه؟
شمشيرالحيدري:
ٽي.ايس.ايليٽ چيو آهي ته: جيڪڏهن ڪوبه شاعر جيڪو پنهنجي وقت ۾ اهڙي
شيءِ ڏئي ويو آهي جيڪا ماڻهن کي پسند اچي ٿي، ته پوءِ ان جي معنيٰ آهي ته اهو هڪ ”هالو چالو شيءِ“ ڏئي
ويو آهي ۽ جيڪي سٺا شاعر آهن سي اهڙي شيءِ ڏيندا
آهن جنهن کي پڙهندڙ گهٽ هوندا. زمانو ۽ زندگي
لاڳيتو اڳتي وڌندو رهي ٿو. ايندڙ زماني ۾ مٿڀري
ذهن جا ماڻهو ايندا رهندا ۽ اهي وڌيڪ تخليقي ذهن
رکندڙ هوندا. اسان وٽ اها ڳالهه هلي پئي ته فلاڻو
عوامي شاعر آهي، انقلابي شاعر آهي، مهان شاعر آهي،
اهي
اسان جا پنهنجا لقب ڏنل آهن. بس، اهو پنهنجي دل ۽
ٻين جي دل خوش ڪرڻ لاءِ ڪريون پيا. زماني جو جيڪو
وهڪرو آهي، تنهن جي حساب سان برابر اهي عوامي،
انقلابي ۽ مهان شاعر آهن، پر تاريخ ڪنهن کي پنهنجي
ورقن ۾ جاءِ ڏيندي يا نه ڏيندي، سا هڪ ٻي ڳالهه
آهي. تنهنڪري ٽي.ايس.ايليٽ جي ان راءِ سان اسان کي سهمت ٿيڻ
کپي. اسان جي ڪم جي ننڍي وڏي، معياري ۽ غير معياري
هجڻ جو فيصلو ايندڙ وقت ڪندو. اسان ڪنهن لاءِ ڪجهه
به نه ٿا چئي سگهون.
سوال: سائين شمشير اصاحب! اوهان ان ڳالهه کي
ٿورو چٽو ڪندا ته آخر مستقبل ئي ڪنهن جي مقام ۽
مرتبي جو تعين ڇو ڪري؟ حال ۾ ان جو تعين ڇو نه ٿيڻ
کپي؟
شمشيرالحيدري:
ڪنهن جي علمي قد ڪاٺ جو تعين ڀلي حال ۾ ڪري ڇڏجي،
پر جيڪڏهن مستقبل ان کي رد ڪري ڇڏيندو ته پوءِ
اوهان ڇا ڪندا؟ مستقبل ته اوهان جي هٿ وس ۾ ناهي
نه؟ مستقبل جي ماڻهن جي ذهنيت اسان کان مٿي هوندي،
ان ۾ اسان ۽ توهان جو ڪو ڏوهه ته ڪونهي نه؟
سوال: يعني هن وقت اسان ڪنهن جي مقام ۽ مرتبي
جو تعين ڪيون ٿا سو غير اهم آهي؟
شمشيرالحيدري:
ها! اهو تاريخ ۽ ايندڙ وقت جو ڪم آهي. اسان وٽ
هينئر ڪيترائي جوان آهن، جن وٽ پئسو ڏوڪڙ جام آهي.
مهيني ۾ هڪ ٻه ڪتاب ڏيو ويٺا آهن. اسان وٽ ڳڻڻ کان
وڌيڪ شاعر آهن. رهندا ڪيترا؟ اها ڪنهن کي به خبر
ناهي. شاهه سائين آهي. کيس ٽي سئو سال گذري چڪا
آهن. تاريخ ئي آهي نه، جيڪا هيل تائين شاهه کي زندهه رکيو پئي اچي.
مان ائين به چوان ٿو ته ٿي سگهي ٿو ته ايندڙ دور
اهڙو به ٿئي جو متان شاهه صاحب کي به ڪڍي ڇڏي. ٿي
سگهي ٿو ته ايندڙ ماڻهن جو مزاج اهڙو هجي جو اهو
شاهه جي شاعريءَ کي قبول نه ڪري. هنن جو ذوق ممڪن
آهي ته ڪو ٻيو هجي. شاهه جا جيڪي موضوع آهن، شاهه
جو جيڪو فڪر آهي، سوچ آهي، سا عين ممڪن آهي ته
انهن جي ترجيحن ۾ ئي نه هجي.
سوال: هاڻي توهان جي شاعريءَ طرف ٿا اچون،
توهان شاعريءَ جي شروعات آزاد نظم سان ڪئي هئي؟
توهان پنهنجي ايم.اي (سنڌي ادب) جو مونو گراف به آزاد شاعريءَ
بابت لکيو آهي؟
شمشيرالحيدري:
مان پنهنجي شاعريءَ جي شروعات،
آزاد نظم سان نه ڪئي هئي. شروع ۾ مون ڪجهه ٻاراڻا
نظم، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرايا هئا. اهي نظم پابند هئا، يعني اها پابند شاعري هئي. پوءِ وري مون
غزل لکيا.
آزاد نظم مون پهريون ڀيرو ان وقت لکيو جڏهن مان
حيدرآباد آيس. ٽه-ماهي ”مهراڻ“ جي
اسسٽنٽ
ايڊيٽر طور. مهراڻ جي ڪنهن پرچي ۾ سائين
ع.ق شيخ هڪ آزاد نظم لکيو، پر اهو حقيقت ۾ نثري
نظم هو. ع.ق.شيخ جو اهو نثري نظم پڙهڻ کان پوءِ
لڳو ته اهو ته آزاد نظم ناهي. مون آزاد نظم جو
اونهو مطالعو ڪيو هو، تنهنڪري سوچيم ته معاملي کي
ڪجهه چٽو ڪجي. سو مون آزاد نظم جي ٽيڪنڪ تي لکيو ۽
ٻڌايم ته آزاد نظم هيئن لکبو آهي. اهڙيءَ طرح مون
آزاد نظم لکڻ شروع ڪيا. ان وقت نام نهاد ساڄي ڌر ۽
کاٻي ڌر جو ٽڪراءُ هليو پئي. ساڄي ڌر وارن اها
فتويٰ ڏني ته آزاد نظم لکڻ ڪفر آهي. مون کي حيرت
ٿي ۽ مان کين چيو ته ڪابه تخليقي صنف ڪافر نه ٿي ٿِي
سگهي. جيڪڏهن آزاد نظم لکڻ ڪفر
آهي
ته پوءِ غزل لکڻ به ڪفر آهي ڇو ته غزل ۾ به ڪفر جي
ڳالهه ڪري سگهجي ٿي. انهن معاملن کي چٽو ڪرڻ لاءِ
مان آزاد نظم تي مونو گراف لکيو.
سوال: منهنجي خيال ۾ اوهان سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جي پهرين مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽريءَ طور خدمتون
سرانجام ڏنيون هيون. سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
سان اوهان جي وابستگي ڪيئن ٿي؟ ان وقت
ڪهڙيون فڪري ڌارائون موجود هيون، جن سنڌي ادبي
سنگت
سنڌ
کي گائيڊ ٿي ڪيو؟
شمشيرالحيدري:
اصل ۾ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جي شروعات ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ٿي چڪي هئي،
پر اها هڪ تنظيم نه بڻجي سگهي هئي. ورهاڱي کان
پهرين مِٺا
رام هاسٽل ۾ اسان جا ڪجهه هندو دوست هئا، جن ٻه ٽي
ادبي ڪچهريون ڪيون هيون. تنهن کان پوءِ جلد وري
ورهاڱو ٿيو،
ته اهي لڏي هندستان هليا ويا. ان وقت مختلف ادبي
بزمون سنڌ ۾ قائم ٿيل هيون. هڪ جمعيت شعراءِ سنڌ
به هئي. ان سان واڳيل شاعر رڳو غزل جا شاعر هئا.
مشاعرا ڪندا هئا ته رڳو غزل پڙهائيندا هئا. غزل
جون چٽا ڀيٽيون ٿينديون هيون. وٽن جيڪو غزل هوندو
هو سو ”فارسي زدهه“ هوندو هو. تشبيهون به فارسيءَ
جون ته استعارا به فارسيءَ وارن جا، ٻولي به
فارسيءَ سٽيل، زير اضافت ۽ ٻيا ٽڪساٽ فارسيءَ وارن
جا ئي هلندا هئا. عام ماڻهوءَ جي سمجهه کان اها
شاعري مٿي هئي ڇو ته ان ۾ سنڌي ٻولي تمام گهٽ ڪتب
آندي ويندي هئي. ان جمعيت ۾
Original
شاعر گهٽ هوندا هئا.
Original مان منهنجو مطلب اهي شاعر آهن جيڪي
پنهنجي جذبن، احساسن، ڪيفيتن جي ڳالهه ڪن ۽ پنهنجي
مشاهدي جي آڌار تي شاعري ڪن. سندن جيڪو فارسيءَ جو
مطالعو هوندو هو. تنهن مان خيال يا
Inspiration
وٺي جڳاڙ ڪندا هئا. گل ۽ بلبل جي ڳالهه به ائين ئي
هوبهو ڪندا هئا، جيڪا فارسيءَ يا اردوءَ ۾ ڪيل
هوندي هئي. محبوب جي حسن جي ڳالهه به فارسيءَ واري
انداز ۾ ڪندا هئا. اهڙي شاعريءَ جو چلتو، ان دور ۾ ڏاڍو هوندو هو. خاص ڪري جمعيت
شعراءِ سنڌ شاعراڻن حلقن ۾ گهڻو
Dominant هئي. هاڻي ڳالهه ٻڌائبي اوهان کي سنڌي ادبي سنگت جي ٺهڻ جي.
لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جي جاءِ تي اسان
دوستن جي هڪ گڏجاڻي ٿي. اُتي هڪ
خيال
آيو ته انفرادي طور تي سڄيءَ
سنڌ ۾ جيڪي ادبي تنظيمون ڪم ڪن ٿيون، تن سڀني کي
گڏائي هڪ جماعت ٺاهجي. ان وقت جديد ادب جي پڻ
ليکڪن کي ڄاڻ هئي، حقيقت نگاريءَ جو پڻ بحث هليو
پئي ۽ گڏوگڏ ”ڪامريڊ پڻي“،
جو زور به اسان وٽ ڏاڍو هو. انهن ڳالهين ڪري اهو
لڏو سگهارو ۽ گهڻو ٿي پيو. جنهن کي ”کاٻي ڌر“ جي
نالي سان سڏيو ٿي ويو. تنهنڪري ضرورت محسوس ڪئي
وئي ته نئين خيال يا نئين روشنيءَ وارو ڪو پليٽ
فارم هجي. اها هڪ بنيادي ضرورت هئي. اهڙيءَ طرح
سنڌي ادبي سنگت جو قيام عمل ۾ آيو.
جيتري قدر سنڌي ادبي سنگت جي نالي جو تعلق آهي ته
علامه دائود پوٽي
ٽماهي ”مهراڻ“ جي هڪ پرچي جي اداريي ۾ لکيو هو ته اچو ته هڪ سنڌي ادبي سنگت ٺاهيون. اهڙيءَ طرح
اهو نالو چونڊيو ويو. اسان جو هڪ پيارو دوست هو
مقبول ڀٽي، ڏاڍو ذهين، سرگرم ۽ عملي ماڻهو هيو. ان
هڪ
رٿ ڏني
ته سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ
لاءِ ملڪي سطح تي مهم هلائجي. طئي ٿيو ته ان ڏس ۾
سڄي پاڪستان مان هڪ لک صحيحون وٺبيون. ان وقت
بنگلاديش به اسان سان گڏ هو. ايوب خان ملڪ جو صدر
هو، ملڪ ۾ سخت مارشل لا لاڳو هئي. اهڙي سرگرمي
نهايت خطرناڪ پڻ
هو.
اسان چيڪ بوڪ وانگر بُڪڙيون
ڇپرايوسين ۽ صحيحون وٺڻ لاءِ نڪري پياسين. بسن تي
۽ ريلن تي، شهرن ۽ ڳوٺن جو سفر ڪيو سين. اهڙي قسم جون صحيحن واريون سلپون اخبارن پڻ ڇپيون. ماڻهن
ڏاڍو ساٿ ڏنو ۽ رت سان اهي سلپون صحيح ڪري ڏنيون.
اڄ ڀلي سنڌ جي حوالي سان ڪهڙيون به تحريڪون
هلنديون هجن، پر اهڙي مهم جو هن وقت تصور به نه ٿو
ڪري سگهجي. ماڻهن جو سهڪار مثالي رهيو. سنڌي ادبي
سنگت
سنڌ
جي ان تحريڪ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
کي وڏي سڃاڻپ ۽ مڃتا ڏني. سنڌ مدرسي ۾
جڏهن اسان جو ميڙاڪو ٿيو هو ته ان ۾ سنڌي ادبي
سنگت
سنڌ
جو بنياد پيو. ڪميونسٽ پارٽيءَ وانگر اهو اصول طئي ڪيو ويو
ته تنظيم جو ڪوبه صدر نه هوندو. سيڪريٽري جنرل،
جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي، اطلاعات سيڪريٽري ۽
آڊيٽر جا عهدا رکيا ويا. اسان جو پهريون سيڪريٽري
جنرل اياز قادري ٿيو. اياز قادري،
جمعيت شعراءِ سنڌ ۾ نهايت سرگرم رهيو هو، جو سندس
قادري خاندان جا ڪيترائي ماڻهو ان تنظيم جي پليٽ
فارم تان سنڌ سطح جا مشاعرا ڪرائيندا هئا. جمعيت
شعراءِ سنڌ وارا اياز قادري کي وڪوڙي ويا ته تون
هنن ڪافرن ۽ ملحدن سان ڇو گڏيو آهين؟ اياز قادري
اچي ڦاٿو. جمعيت شعراءِ سنڌ ۾ سندس گهاٽا دوست
هئا. نيٺ مجبور ٿي هن استعيفيٰ ڏني. پاڻ پورو هڪ
سال سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جو سيڪريٽري جنرل هو. چڪر بازيءَ ۽ پريشانيءَ ڪري
ڪوبه ڪم نه ڪري سگهيو. سندس وڃڻ کان پوءِ سيڪريٽري
جنرل جي چارج مون وٽ رهي.
منهنجي ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جو هڪ ڪانووڪيشن ٿيو. ان ۾ ٻه ٺهراءَ پاس ٿيا. هڪ
اهو ته سنڌي ادبي سنگت
سنڌ هر مذهبي مت ڀيد کان مٿانهين تنظيم
هوندي. ان ۾ هر مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل
هوندا. تنهنڪري ان ڪانووڪيشن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت
ڪرڻ بدران شاهه جو ڪلام پڙهيو ويو. ٻيو ٺهراءُ اهو
پاس ڪيو ويو ته سنڌي ٻوليءَ کي عربي ۽ فارسيءَ جي
لفظن کان پاڪ ڪيو ويندو ۽ نج سنڌي ٻولي لکي ويندي.
ٻئي ڏينهن کان اسان خلاف باهه ٻري ويئي. مولوي خير محمد نظاماڻي ميدان تي نڪري آيو. سلام آهي ان
بزرگ کي. سندس لکڻي، لکڻي نه، پر باهه جا ٽانڊا
هوندي هئي. قابل قلمڪار هو. هن پنهنجي اخبار ۾
ايڊيٽوريل لکيو ”هندوانا ذهنيت“ جي عنوان هيٺ
لکيائين ته قرآن پاڪ جي تلاوت به نه ڪيائون ۽
عربيءَ ۽ فارسيءَ جي مخالفت به ڪيائون. ائين ڇو؟
هنديءَ لاءِ به ڇو نه چيائون. تنهنڪري اهي ڪافر
آهن. اسان جو سائين سردار علي شاهه ذاڪر وڏو ڏاهو
شخص ۽ ذهين صحافي هو. ان لکيو ته اها ”هندوانا“
ذهنيت نه پر صفا ملحداني ذهنيت آهي. مون وٽ سندن
اهي لکڻيون هاڻي به موجود آهن. اهو ٽڪراءُ سالن جا
سال هلندو رهيو.
اسان جو پيارو دوست علي نواز وفائي هفتيوار اخبار
”آزاد“ ڪڍندو هو. هر هفتي اسان جي خلاف ڪجهه نه
ڪجهه ضرور لکندو هو. ڪٿان دڙڪن ڌمڪين جا خط پئي
آيا ته ڪٿان وري لعنتن ملامتن جون چٺيون چپاٽيون
پئي آيون. اخبارن ۾ اسان جي خلاف واويلا مچي ويئي. مضمونن ۽ ايڊيٽوريلن ۾ اسان جي خلاف
باهه ٻاري ويئي.
مان سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان اهو سوچي ڇڏيو ته
انهن کي ڪوبه جواب نه ڏجي. مهيني ماسين رڳو هڪ
بيان ڏئي ڇڏيندو هوس ۽ پوءِ ته وري ممڻ مچي ويندو
هو. وڏا مقابلا هليا. نيٺ وڃي ڪيسن
۾
پياسين. ڪڏهن جيڪب آباد جي ڪورٽن ۾ ڪيس پئي
هليا ته ڪڏهن وري حيدرآباد ۾. حيدرآباد ۾ محمد بخش
مجنون وٽ اسان جو ڪيس هو. پاڻ سٽي مئجسٽريٽ هو.
انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڪراچيءَ ۾ نوڪري هئي. هڪ ڀيري
ڪيس جي شنوائيءَ لاءِ حيدرآباد وڃڻ ٿيو. مجنون
صاحب چيو ته يار توهان به اديب ۽ هو به اديب آهن،
مان ته اچي ڦاٿو آهيان. پرچاءُ ڪيو. مجنون صاحب
سٺو ليکڪ به هو ۽ مسڪين جهان خان کوسي تي زبردست
ڪتاب لکيو هئائين. حيدربخش جتوئيءَ جو پٽ غلام
مصطفيٰ جتوئي اسان جو سنڌي ادبي سنگت جو سرگرم
دوست هو. سندس گهر ۾ شيخ محمد ابراهيم خليل جي
نياڻي هئي. شيخ محمد ابراهيم خليل جمعيت شعراءِ
سنڌ جو صدر هو. تنهنڪري محمد بخش مجنون ۽ ڪجهه ٻيا
شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ حيدر بخش جتوئيءَ کي اچي
وچڙيا ته معاملو ٺاهي ڇڏيو. گهر جي ڳالهه ٿي پئي،
نيٺ هڻندي ماريندي وڃي سرچاءَ ڪيوسين ۽ ڪيس تان
ٻئي ڌريون هٿ کڻي ويون.
سوال: معنيٰ ته ساڄي ڌر سنڌي شاعريءَ ۽ ادب جو
روايتي مزاج برقرار رکڻ ٿي چاهيو ۽ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
سماجي حقيقت نگاري ۽ جديد ادب جي لاڙن کي وڌيڪ اهم ٿي
سمجهيو. ڇا سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جي اها سوچ يا مزاج،
ترقي پسند تحريڪ جي ڪري پيدا ٿيو هو؟
شمشيرالحيدري:
ها! بلڪل! اهو سمورو ٽڪراءُ ترقي پسند تحريڪ جي
ڪري ئي ٿيو هو. دنيا بدلجي رهي هئي. ٻي مهاڀاري
جنگ کان پوءِ نئين دنيا اڏجي چڪي هئي. نئين دنيا ۾
نئين ادب جنم ورتو هو. تنهنڪري ان جي اثرن کان
اسان ڪٿي ٿي بچي سگهياسين. ان تبديليءَ کي قبول
ڪرڻ اسان لاءِ اڻٽر هو. تبديلي قبول نه ڪيون ها ته
اسان جو بقا ممڪن نه ٿي سگهي ها.
سوال: سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
ايڏو مقابلو ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي
وڏي هٿي وٺرائي، هاڻوڪي دور ۽ ان دور ۾ اوهان ڪهڙو
فرق محسوس ٿا ڪريو؟ خاص ڪري سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جي حاصلات جي حوالي سان؟
شمشيرالحيدري:
هڪ دلچسپ واقعو ٿو ٻڌايان اوهان کي. مان جهڙو
حيدري ماڻهو، جنهن کي سکر جو ڀاڙو به ڪونهي، سوهڪ
ڀيري وڃي نيو يارڪ نڪتو،
اتي هڪ دوست هو، جيڪو ٽيڪسي هلائيندو هو. هڪ ڏينهن
نيا گرا آبشار ڏسڻ وياسين. نيا گرا آبشار جو ٻيو
خوبصورت پاسو ڪئناڊا ۾ هو، تنهنڪري دوست چيو ته
سڀاڻي اوڏانهن هلنداسين. رڳو ويزا وٺڻي ۽ پل ئي ته
ڪراس ڪرڻي هئي. ٻئي ڏينهن ويزا آفيس ٻاهران بيٺي،
دوست جو انتظار پئي ڪيم،
ته هڪ اسپين ڄائي آمريڪي ڇوڪري ڀرسان اچ بيٺي ۽
سگريٽ دکائڻ لاءِ مون کان لائيٽر گُهريائين. ڄاڻ سڃاڻ ٿي، ٻڌايو مانس ته پاڪستان کان آيو آهيان.
پڇيائين ته آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
ٻڌايو مانس ته اسان وٽ آئين آهي، پر ان تي عمل
ڪونهي. قانون آهي، پر اهو لاڳو ڪونهي. اوهان وٽ
آمريڪا ۾ آئين به
آهي، ته قانون پڻ آهي ۽ ٻنهي تي سختيءَ سان عمل ڪيو پيو وڃي.
منهنجو جواب ٻڌي ڇوڪريءَ کان دانهن نڪري ويئي. سندس چهرو هيڊو پيلو ٿي ويو. توهان جي سوال جو اهو ئي
جواب آهي مون وٽ. هاڻي توهان جي چهري جو رنگ هيڊو
پيلو ٿئي يا نه؟ اهو منهنجو مسئلو ناهي.
سوال: اها سوچڻ جي ڳالهه آهي شمشير صاحب ...
پر مان اهو ...؟
شمشيرالحيدري:
(اڌ مان ڳالهه ڪٽيندي) اها ڇوڪري چوڻ لڳي ته تون
هاڻي ان ملڪ ۾ ڪيئن ويندين جتي ڪو آئين ۽ قانون ۽
ڪو ضابطو ۽ اصول ئي ڪونهي. چيم ته وڃڻو ته آخر آهي
ڇو جو سمورو ڪٽنب اتي ٿو رهي. ڇوڪريءَ جا تارا
حيرت وچان ڦوٽارجي ويا ۽ مون کي همدرديءَ ۽ ڏک
وچان گهورڻ
لڳي ۽ سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻڻ لڳي. اڄ سنڌي ادبي
سنگت کي ڏسي منهنجي ڪيفيت به ان ڇوڪريءَ جهڙي ئي
ٿي ويئي
آهي.
اوهان فرق جي ڳالهه ٿا ڪريو. قصو گهڻو ٿي ويندو، مختصر ڳالهه ڪنداسين. مارشل لا جو سخت دور هو. ٽڪا خان جهڙو
حرامي ماڻهو حيدرآباد ۾ ايڊمنسٽريٽر ٿيو ويٺو هو.
ڪو ماڻهو وڻ يا ڀت هيٺان پيشاب ڪندي پڪڙيو ويندو
هو ته سالن جا سال، جيل ڪاٽڻا پوندا هيس. اهڙي وقت ۾ سنڌي ادبي سنگت ٻوليءَ ۽
ادب لاءِ تحريڪ هلائي. قوم، سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ ادب
جو هر مسئلو سنڌي ادبي سنگت ئي کڻندي هئي. کڻڻ مان
مراد اها ناهي ته رڳو اخباري بيان بازي ڪندا
هئاسين، پر عملي طور ڪم ڪندا هئاسين. اها منهنجي
خوشنصيبي آهي يا اوهان ان کي هڪ شرف، فخر يا چانس
به چئي سگهو ٿا جو ان وقت مان سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جو سيڪريٽري هيس ۽ ٻولي ۽ ادب جي بقا جا وڏا وڏا ڪم منهنجي
هٿان ٿيا. جيڪي به تحريڪون هلايون سين سي سڀ
ڪامياب ٿيون. اڄ بدقسمتيءَ سان سنڌي ادبي سنگت جو
تحريڪي پاسو ختم ٿي چڪو آهي. ادبي ڪچهريون يا
گڏجاڻيون ان وقت به ٿينديون هيون، پر انهن ڪچهرين
وسيلي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيندا هئا. تنقيد جي ذريعي
اصلاح ٿيندي هئي. نون لکندرن جي حوصلي افزائي،
رهبري ۽ رهنمائي ٿيندي هئي. اڪثر اديبن ۽ شاعرن جو
تعلق سنڌي ادبي سنگت سان هوندو هو. اڄ به اهي اديب
توڙي شاعر، جن وڏو نالو ڪمايو آهي، سي سنڌي ادبي
سنگت سان سلهاڙيل هوندا هئا. سنڌي ادبي سنگت جو هڪ
ادبي پاسو هو ۽ ٻيو تحريڪي پاسو،
ٻئي پاسا نهايت سرگرم هئا. تحريڪي پاسي جي حوالي
سان سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
هڪ عوامي تنظيم هئي. ٻوليءَ ۽ ادب جي
معاملي تي سڄي سنڌ،
سنگت مان گڏ هوندي هئي. جڏهن به ڪا تحريڪ هلندي
هئي ته سڄي سنڌ ان ۾ شامل هوندي هئي. اهو تحريڪي پاسو سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
وٽ هاڻي ڪونهي. مسئلا ته هاڻي
پهرين کان به گهڻا آهن، پر سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
ڪجهه به نه پئي ڪري، وٽس اهو تحرڪ نه رهيو آهي.
سوال: ان جو سبب ڇا آهي سائين؟
شمشيرالحيدري:
هڪ ته ان دور کان پوءِ اسان جا گهڻا اديب سرڪاري
نوڪرين ۾ هليا ويا ۽ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
۽ ان جا مقصد سندن ترجيح ۾ نه رهيا. ٻيو
اهو ته هينئر جيڪو سياسي نمونو ٿي پيو آهي، انهن ۾ تحريڪ جو جيڪو انداز هجڻ کپي سو
هرگز ڪونهي. ان ڪري اهي تحريڪي ماڻهو پيدا نه ٿا
ٿي سگهن. اهو به ٻڌائيندو هلان ته ان وقت ڪا شاگرد
تحريڪ به ڪونه هئي، پر اها سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
ئي هئي، جيڪا شاگردن کي گائيڊ ڪندي هئي.
شاگرد تحريڪن کي به سنڌي ادبي سنگت هلائيندي هئي.
توهان اعتبار ڪندا الائي نه، پر اها حقيقت آهي ته
ان وقت سياستدانن کي جيڪا واٽ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
وٺرائيندي هئي، ان تي ئي اهي هلندا هئا. هن وقت
سياستدان به ڇڙواڳ آهن، کين چوڻ وارو ڪير به
ڪونهي. اڳي اسان سياستدانن کي نڪ مان چڻا
چٻرائيندا هئاسين. ڪجهه مثال ٻڌايان توهان کي.
ايوب صاحب جي ڏينهن ۾ تعليم جو وفاقي وزير در محمد
اوستو هوندو هيو. ماڻهو ته مکڻ هو، پر شايد سرڪار
نامدار کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ
گٿا لفظ ڪتب آندائين. اسان به پڪو پهه ڪيوسين ته
اوستي صاحب سان حساب ڪتاب ضرور ڪبو. ان وقت مان
سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جو مرڪزي سيڪريٽري هيس ۽ ناصر مورائي مرحوم
حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري هيو. موقعي جي ڳولا هئي.
اتفاق سان ٿوري عرصي کانپوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج
(هاڻي يونيورسٽي) ڄام شوري ۾ ”ساليانو ڏينهن“ پئي
ملهايو ويو. خاص مهمان اوستو صاحب هو. اسان کي به
وجهه پئي مليو. نيٺ اهو ڏينهن به اچي ويو. ڇوڪرن
کي پنڊال ۾ موڪليوسين، اوستي صاحب جڏهن تقرير شروع
ڪئي ته ڇوڪرن مٿس انڊن ۽ ٽماٽن جو مينهن وسائڻ
شروع ڪيو. بجلي به بند ڪري ڇڏيائون. ناصر مورائيءَ
جا نعرا هجن ”اوستو مرده باد ... اوستو مرده باد
...“
اوستي صاحب کي پنڊال مان ٻاهر ڪڍيو ويو. سڀ ڇوڪرا
گوڙ گهمسان ڪري ٻاهر نڪري ويا. ناصر مورائي به ڀڄي
وڃي بس ۾ ويٺو. مون کي پوليس جهلي ورتو. ڳچ ڇوڪرا
ڀر واريءَ هڪ بلڊنگ ۾ وڃي ويٺا. اتان گذرڻ وقت
پوليس ڏٺو ته شايد اهي وڳوڙي ڇوڪرا آهن، کين به
پڪڙجي، مون کي به پوليس ٻانهن کان جهليو اوڏانهن
وٺي وئي. ڇوڪرن اوندهه ۾ پوليس وارن کي ٺاهوڪي مار
ڏني ۽ اهڙيءَ طرح مون کي ڇڏائي ورتائون. نيٺ پوليس
وارن اسان مان هٿ ڪڍيا ۽ اسان سڀ حيدرآباد موٽي
آياسين. ٻئي ڏينهن سردار علي شاهه ذاڪر مرحوم جي
اخبار ”مهراڻ“ ۾ اها خبر ڇپي هئي.
هڪ ٻيو مثال به اوهان کي ٻڌايان ٿو. هن وقت ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد جو جيڪو نئون براڊ ڪاسٽنگ هائوس
موجود آهي، تنهن جو چيف انجنيئر عبدالغفار انصاري
هو. اسان جو دوست هو، وڏي مطالعي وارو ماڻهو هو.
سنگت جي گڏجاڻين ۾ باقاعدگيءَ سان ايندو هو. ان
بلڊنگ جي ٻاهران پنهنجي ويهڻ لاءِ هڪ ڪوٺڙي ٺهرائي
هئي. هينئر اتي مسجد آهي. ان ڪوٺڙيءَ ۾ ڳچ دوستن
سميت هڪ شام جو ڪچهري پئي ڪئي سين. ڪنهن دوست چيو
ته ڪو بم ٻم ڦاڙي ان جو سر گم ڪجي. ڀٿين اها ڳالهه
ٻڌي ورتي. اهڙيءَ طرح ايوب خان ڪونه آيو. ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ هو ڳجهي نموني حيدرآباد آيو ۽ لڪ
ڇپ ۾ ريڊيو جو افتتاح ڪري هليو ويو. ان کان سواءِ
ڀٽ شاهه تي ٿيندڙ سالياني سرڪاري تقريب ۾ پڻ اسان
کي اچڻ نه ڏنو ويندو هيو. اهو سڀ ڪجهه
ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جو تحريڪي پاسو ڪيڏو نه سگهارو هوندو هو. اهي سڀ واقعا
اخبارن ۾ موجود آهن. سنڌي ادب سنگت جو وڏو
ڌاڪو ۽ ڏهڪاءُ هوندو هو. اڄ سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
کي انهن ڳالهين جي ڪا خبر ئي ڪونهي. تحريڪ
ته پري جي ڳالهه آهي.
سوال: توهان سنڌي ادبي سنگت
سنڌ
جي تحريڪي پاسي کي مثالن وسيلي ظاهر ڪيو.
اوهان ڇا ٿا سمجهو ته اهو تحريڪي پاسو ٻيهر پيدا
ٿي سگهندو؟
شمشيرالحيدري:
مون کي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي ته سنڌي ادبي سنگت
سنڌ جو اهڙو ڪردار ٻيهر ڪڏهن ٿي سگهندو. قومي ذهن رکڻ وارا
ماڻهو ئي هليا ويا. تحريڪي پاسي جي چارج هن وقت
قوم پرست پارٽين سنڀالي، قومپرست پارٽين جي عوام
وٽ ڪابه سيڙپ ڪانهي. اليڪشن ۾ انهن پارٽين کي ووٽ
ئي ڪونه ٿا ملن. چاليهه سال قومپرستن کي ڪم ڪندي
ٿيا آهن، پر پوءِ به عوام جو مٿن ويساهه ڪونهي.
پنج سئو هزار ماڻهو گڏ ڪري جلسو ڪرڻ ڪا وڏي ڳالهه
ڪونهي پر ماڻهن ۾ پنهنجي ساک پيدا ڪرڻ اصل ڳالهه
آهي.
سوال: توهان جي خيال ۾ هاڻوڪي دور ۾ سنڌي
شاعريءَ ۽ ادب جي افق تي ڪي تبديليون آيون آهن،
معيار ۽ مزاج جي لحاظ کان؟
شمشيرالحيدري:
منهنجي خيال ۾ ته ڪي به تبديليون ڪونه آيون آهن.
تبديليءَ لاءِ پليٽ فارمز هوندا آهن، جيڪي هن وقت
ڪونه آهن. ڪو دور هو جڏهن مهراڻ، سهڻي، آرسي، سوجهرو ۽
روح رهاڻ باقاعدگيءَ سان نڪرندا هئا. اهي رسالا
تبديليءَ ۽ ادبي ترقيءَ ۽ واڌ ويجهه جا پليٽ فارمز
هئا. هن وقت هر شاعر ۽ ليکڪ جو پنهنجو رخ آهي. اهي
سڀ ٽڙيل پکڙيل آهن. شاعري جيڪا ٿئي پئي،
ان ۾ گهڻي ڀاڱي قومي شاعري آهي، جيڪا شاعري نه پر
نعري بازي آهي. شاهه لطيفؒ پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو هڪ ڀيرو لفظ ”سنڌ“
ڪتب آندو آهي. يعني ”سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ
سڪار“ سڄي رسالي ۾ اوهان کي ”سنڌ“ لفظ هڪ ڀيرو ئي
ملندو. سنڌ جو نالو وٺي يا لکي اهو چوڻ ته مان
قومي شاعري ٿو ڪريان ته اهو مناسب ناهي. قومي
شاعريءَ کان پوءِ ٻي شاعري آهي، عشقيه شاعري، اها
نهايت غير معياري ۽بازاري قسم جي شاعري آهي.
معياري عشقيه شاعري ته اسان وٽ آهي ڪونه.
شاعريءَ ۾ ڪا گهرائي ڪونهي. عشقيه شاعريءَ ۾ ته
رمزيت هوندي آهي، شاعريءَ جو بنيادي نُڪتو ئي رمزيت آهي. بنيادي نُڪتو نه هوندو ته پوءِ معيار ڪونه هوندو.
پوءِ به اسان جي شاعرن کي جس آهي جو مڙيو ئي ڀرتي
ڪيون ويٺا آهن. ڪي شاعر اميد آهي ته چڱا به
نڪرندا.
سوال: اوهان ائين چوڻ چاهيو ٿا ته سنڌي ادب ۽
شاعريءَ جو جيڪو هاڻوڪو دور آهي يا جيڪو ڪجهه
اڄڪلهه لکيو پيو وڃي، سو سنڌي ادب ۽ شاعريءَ جي
پوري روايت کي
Continue نه ٿو ڪري. ڪو دور هو جڏهن ادب ۽ شاعريءَ ۾ سگهه هئي ۽ هاڻي
ان جي سطح هيٺ ڪري پئي آهي؟
شمشيرالحيدري:
مان هميشه نوجوان شاعرن کي چوندو آهيان ته ڪابه
شاعري يا لکت جيڪڏهن هوا ۾ پيدا ٿيندي ته پوءِ هوا
۾ ئي اڏامي ويندي. ان کي نه ڪو جٽاءُ هوندو آهي ۽
نه ئي ان جي ڪا اهميت هوندي آهي. شاعريءَجا ڪي
بنياد هجڻ گهرجن. کين چوندو آهيان ته پهرين مطالعو
ڪريو،
اسان جي لوڪ شاعريءَ جو. بنياد اسان جو اهو آهي.
اياز هجي، امداد هجي يا مان هجان. اسان سڀ مصلحت
يا ڪوڙ کان ڪم وٺي سگهون ٿا، پر لوڪ شاعري ڪوڙ نه
هوندي آهي. اها سچي شاعري هوندي آهي.اسان ڀلي لوڪ
شاعريءَ کي گهٽ اهميت ڏيون، پر حقيقت اها آهي ته
لوڪ شاعري اسان جي تهذيب، ثقافت، مزاج ۽ ذهن جو هڪ
چٽو پٽو اولڙو آهي. ان شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جو ذخيرو
هوندو آهي، تنهنڪري ٻوليءَ جي
ذخيري مان لاڀ پرائڻ ۽ ان جي روايت کي برقرار رکڻ
لاءِ ان جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي. اسان جون قومي
حقيقتون،
ان ۾ سمايل آهن، تنهنڪري پنهنجي هاڻوڪي شاعريءَ کي
لوڪ شاعريءَ جي روايت سان ڳنڍڻ اڻٽر آهي. ان کان
پوءِ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو مطالعو ڪجي. ڪلاسيڪي
شاعريءَ ۾ اسان جا سمورا صوفي سٿ جا شاعر اچي وڃن
ٿا. جمعيت شعراءِ واري روايتي شاعري به ڀڙ هجي ڇو
ته اسان ان تجربي مان پڻ لنگهي آيا آهيون. پوءِ
وري جديد شاعري کي پڙهيو وڃي. مهراڻ جي اوائلي دور
۽ سنڌي ادبي سنگت جي عروج واري دور جي شاعريءَ کي
پڙهيو وڃي. اهڙيءَ طرح شاعريءَ جا بنياد ملندا.
جيڪڏهن نوجوانن جو مطالعو ۽ مشاهدو ناهي ته پوءِ
اها شاعري، شاعري نه پر ڪا ٻي کچڻي هوندي.
سوال: ڪنهن نقاد چيو آهي ته نوجوان نسل جي
شاعري سڪل سڙيل پنن وانگر آهي، جنهن مان رڳو
مستقبل لاءِ ڀاڻ ئي ٺهي سگهي ٿو. ته ڇا توهان جي
خيال ۾ نئين شاعريءَ ۾ ڪي نوان گس، ڪا نئين منزل
به آهي يا رڳو مستقبل لاءِ ڀاڻ ئي ٺهي پيو؟
شمشيرالحيدري:
مون کي خبر ناهي ته اهي ڪهڙي نقاد سڳوري جي راءِ
آهي. بهرحال، مان ان سان سهمت ناهيان، ڇاڪاڻ ته
اسان کي جيڪي اميدون آهن نوجوانن مان، سي ماضيءَ
وارن کي به اسان منجهان هيون. جڪڏهن اڄ اسان نئين
نسل مان ڪا اميد نه رکنداسين ته پوءِ معنيٰ انهن
ماڻهن جي اسان مان اميد رکڻ به غلط هئي. تنهنڪري
اهڙي انداز ۾ نه سوچڻ گهرجي، جيڪڏهن هن وقت هزارين
شاعر اسان وٽ آهن ته پوءِ انهن مان ئي ٻه چار ڇڻي ڇنڊجي
اڳتي ايندا، معنيٰ ته اسان جي سنڌي شاعريءَ جو
سلسلو هلي ٿو پيو. سموري شاعري ڀاڻ ٿورو ئي آهي.
سوال: پاڪستاني ٻولين ۾ سنڌي شاعري ڪٿي بيٺي
آهي؟ اوهان ڪيئن تقابلي جائزو وٺندا؟
شمشيرالحيدري:
پاڪستان جون چار قومي ٻوليون آهن. انهن کان پوءِ
سرائڪي، بروهڪي، هندڪو ۽ گجراتي ٻوليون اچن ٿيون.
اردوءَ ۽ سنڌي کان پوءِ انهن ٻولين ۾ شاعري جو
مايو تمام گهٽ آهي، انهن ٻولين ۾ رسالا به ڪونه ٿا
نڪرن ۽ اخبارون به ڪي ٻه چار ئي هونديون. تنهن ڪري
اهو سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته انهن ٻولين جي
شاعريءَ جي ليول، سنڌي ٻوليءَ جي شاعريءَ کان صفا گهٽ آهي.
باقي رهي اردو ٻولي،
ته هن ٻوليءَ اسان کي ڪجهه سيکاريو به ضرور آهي.
حقيقت مڃڻ گهرجي. اسان جي مطالعي جا بنياد اردو
ٻوليءَ تي رکيل آهن. انگريزي به آهي، پر اردو وڌيڪ
رهي آهي. اردوءَ جي نقادن، ليکڪن ۽ شاعرن مان اسان
ڀرپور نموني پرايو آهي. اردو ٻولي هن وقت ماٺي ٿي
ويئي آهي. اردوءَ ۾ ڪلاسيڪي شاعريءَ ۽ بعد ۾
وري ترقي پسند شاعريءَ جو وڏو ذخيرو موجود آهي. پر
هاڻي صورتحال مختلف ٿي ويئي آهي، ٻه چار شاعر وڏا آهن، مثال طور: فيض احمد فيض، احمد نديم
قاسمي، احمد فراز ۽ پروين شاڪر، باقي ٻيو مڙيوئي
خير آهي. هونئن شاعر ته ڳڻپ کان مٿي آهن، پر اها
ڳالهه ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي. اردو شاعري، ورهاڱي کان
پوءِ، پنهنجو هنڌ ماڳ وڃائي چڪي آهي. اسان وٽ سنڌي
شاعريءَ کي پنهنجو ڪلچر ۽ مزاج آهي. جڏهن ته ان جي
ڀيٽ ۾ اردو شاعريءَ کي ڪوبه ڪلچر ڪونهي. اردوشاعرن
کي نه ماحول مليل آهي، نه فطرت جا وٽن رنگ آهن، نه
ٻنيون نه ٻارا ۽ نه ئي تهذيبي ۽ ثقافتي رنگا
رنگيون، تنهنڪري اردو شاعريءَ جو دٻدٻو ورهاڱي کان
پوءِ ڪونه رهيو آهي. سو اسان جي سنڌي شاعري ڀرپور
شاعري آهي ۽ ڀرپور رهندي. اردو ادب ۽ شاعري زوال
پذير آهي ۽
ان زوال پذيريءَ جا اثر هاڻي کان ئي ظاهر ٿيڻ شروع
ٿيا آهن.
سوال: اوهان جي ٽه ماهي ”مهراڻ“ سان گهري
وابستگي رهي آهي. اوهان جو دور
ٽماهي
مهراڻ
رسالي
جي حوالي سان هڪ مثالي دور سمجهيو
ويندو آهي. مهراڻ رسالي ايڏا وڏا وڏا اديب، شاعر ۽
محقق پيدا ڪيا.
ٽماهي
”مهراڻ“
رسالي
۾ رهي ڪري اوهان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا
Deliver ڪيو؟
شمشيرالحيدري:
مان وڏي اعتماد سان چوندس ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪا به
سجاڳي آهي، سنڌ جي سڃاڻپ، حقن جي آگاهي ۽ ٻيا کوڙ
سارا معاملا آهن، تن بابت
ٽماهي
”مهراڻ“
رسالي
جو ڪردار نهايت سگهارو پئي رهيو آهي. ٻيا به پليٽ
فارم آهن، تن کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. سنڌي
ادبي سنگت
سنڌ
هڪ وڏو ۽ اثرائتو پليٽ فارم پئي رهيو آهي. مهراڻ
هڪ رسالو نه پر هڪ تحريڪ آهي. سنڌي ادبي بورڊ جيڪي
ڪتاب ڇپرايا، تن مان ڪافي ڪتاب اعليٰ معيارجا آهن،
خاص ڪري اهي ڪتاب جيڪي ترجمو ٿيا آهن. انهن ڪتابن
به اسان سنڌي قوم کي هڪ روشني ڏني آهي. باقي حاصل
ڪرڻ جو جيتري قدر تعلق آهي ته مان
ٽماهي
”مهراڻ“
رسالي
۾ رهي گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو. باقي
ڪجهه
Deliver
ڪيو الائي جي نه به ڪيو.
سوال: اوهان صحافت ۾ پڻ آيا. هلال پاڪستان جا
سب ايڊيٽر ٿيا. ”مهراڻ“
اخبار
جي ادارت پڻ اوهان سنڀالي. صحافت وارو اوهان جو
سفر ڪيئن رهيو؟
شمشيرالحيدري:
اوهان کي ٻڌائي آيو آهيان ته مامو ڪامريڊ
نذير حسين حيدري اخبار ”اعلان حق“ ڪڍندو هو. مان ان اخبار ۾ سندس
مددگار هيس. مون کي صحافت جا جيوڙا ”اعلان حق“ مان
مليا. مان 1954ع ۾ بدين مان لڏي حيدرآباد هليو
آيس. ان کان اڳ مان هلال پاڪستان ۾ ڪالم، مضمون،
شاعري وغيره ڇپرائيندو هوس. اخبار ”هلال پاڪستان“
عبدالشڪور منشي حيدرآباد مان ڪڍندو هو. مسلم ليگ حيدرآباد جو پاڻ صدر هو.
وڪالت به ڪندو ۽ ڏاڍو ذهين ۽ سٺو ماڻهو هو. هو مون
کي
غائبانه طور سڃاڻيندو هو. ان وقت ان اخبار جو
ايڊيٽر محمد بخش جوهر هو. هڪ ڀيري مان ساڻس ملڻ
ويس ۽ هڪ مضمون ڏئي آيس. مان پنهنجو تعارف نه
ڪرايو ۽ چيو مانس ته هيءُ مضمون شمشيرالحيدري اوهان لاءِ ڏنو آهي.
ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن وٽس ٻيهر ويس ته اتي
مولانا غلام محمد گرامي ويٺو هو. پاڻ ڪجهه مشاعرن
۾ شايد ڏٺو هئائين ۽ هڪدم سڃاڻي ورتائين. محمد بخش
جوهر ڏاڍو کِليو. ان ئي گهڙيءَ عبدالشڪور منشي به اتي
اچي ويو. ڄاڻ سڃاڻ ٿي ته چيائين ته تون هتي اسان
وٽ
”هلال پاڪستان“
۾ ڪم ڪر. اهڙيءَ طرح مان
”هلال
پاڪستان“
۾ سب ايڊيٽر ٿي ويس. هتي ڪجهه وقت رهيس. اهو 1955ع
جو زمانو هيو. ادبي بورڊ به قائم ٿي چڪو هو.
هڪ ڀيري گرامي صاحب سان ملڻ سنڌي ادبي بورڊ ويس.
اتي محمد ابراهيم جوئي صاحب سان ملاقات ٿي. جويو
صاحب ته سنڌ مدرسي ۾ منهنجو استاد رهي چڪو هو.
گرامي صاحب ۽ جوئي صاحب زور ڀريو ته مان
سنڌي
ادبي بورڊ ۾ اچان. اهڙيءَ طرح هلال پاڪستان ڇڏي
مان سنڌي ادبي بورڊ ۾ هليو آيس.
سنڌي
ادبي بورڊ ۾ پهرين مان ڪلارڪ ٿي رهيس.
تنهن کان پوءِ پروف ريڊنگ جو ڪم منهنجي هٿ ۾ آيو.
ان کان پوءِ وري
ٽماهي ”مهراڻ“
رسالي
جي ذميداري مون تي رکي وئي. بورڊ پاران جيڪي ڪتاب ڇپيا هئا
تن جي ايڊيٽنگ ۽ سڌارا واڌارا مان ئي ڪندو هيس.
جوئي صاحب جو مون تي تمام گهڻو اعتماد هوندو هو.
بعد ۾ وري مون کي اطلاعات جي وزارت ۾ نوڪري ملي ۽
مون ”نئين زندگي“ رسالو سنڀاليو.
سوال: اوهان ڪجهه عرصو سنڌي ادبي بورڊ جا
سيڪريٽري به رهيا. ان حيثيت ۾ رهندي،
اوهان بورڊ ۾ ڪهڙيون تبديليون آنديون خاص ڪري اتان
جي ڪتابن جي اشاعت ۽ رسالن ”گل ڦل“ ”مهراڻ“
۽ ”سرتيون“ جي حوالي سان؟
شمشيرالحيدري:
سنڌي ادبي بورڊ جي سالياني بجيٽ هن وقت هڪ ڪروڙ
رپيا آهي. منهنجي وقت ۾ رڳو چاليهه لک
رپيا
هئي،
سا به قسطن ۾ ملندي هئي. مان اهو ڪيو جو فنانس
ڊپارٽمينٽ وارن کان هڪ ئي ڀيري چاليهه لک
رپيا وٺي آيس. ڄام صادق مرحوم، سائين
طالب الموليٰ کي هڪ ڪروڙ
رپيا
بورڊ لاءِ ڏنا هئا. مخدوم صاحب ان رقم مان هڪ
پيجارو گاڏي ورتي هئي. جڏهن ته ٻيا پئسا بچائي
رکيا ويا هئا. انهن مان ٿورا ڪي پئسا امداد
حسينيءَ بورڊ جي ڪمن ڪارين تي خرچ ڪيا هئا. جيڪي
پئسا بچيا سي مون فڪس ڊپازٽ ۾ رکي ڇڏيا. ٽيهه
چاليهه سال اڳ جا ڇپيل ڪتاب، جن جي قيمت پنج ڏهه
رپيا هئي، سي ان ئي قيمت ۾ ٿي وڪيائون. مان اهي
سمورا ڪتاب ڪڍرائي، انهن تي مارڪيٽ جي نئين قيمت
جا ٺپا هڻرائي ڪتاب وڪرو ڪيا. ڪافي ڪتاب اهڙا به
هئا، جيڪي
out of stock هئا، سي گڏ ٿيا پيا هئا، سي به وڪرو ڪرايا. ان کان سواءِ
بورڊ جي سموري عمارت جي مرمت ڪرايم ۽ اهڙيءَ طرح
سڄي بلڊنگ ڄڻ ته نئين ٿي پئي. بورڊ جي ملازمن جا
ڪوارٽر به ٺيڪ ڪراياسين. بجليءَ جون لائنون به
نيون ڪرايون سين.
”مهراڻ“،
”گل
ڦل“ ۽
”سرتيون“
بي قاعده
ٿي ويا هئا، مان انهن کي ريگيولر ڪيو.
سوال: پي.ٽي.وي
ڪراچيءَ سان اوهان جي وابستگي نهايت پراڻي آهي.
توهان کي پي.ٽي.وي ڪراچيءَ جي سنڌي پروگرامن جو باني سمجهيو ويندو آهي. سنڌي
پروگرامن جي پهرين ڪمپيئر، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ ڊراما
نگار جي حوالي سان اوهان جي حيثيت مڃيل آهي. ان
بابت ڪجهه اسان جي پڙهندڙن کي ڪجهه ٻڌايو؟
شمشيرالحيدري:
منهنجي عبدالڪريم بلوچ سان گهاٽي دوستي هئي. پاڻ
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اداڪاري به ڪندو هو ته
صداڪاري به ڪندو هو. پاڻ ذهين ۽ باصلاحيت شخص هو.
پاڻ پي.ٽي.وي ڪراچيءَ تي مقرر ٿي آيو، مان انهن ڏينهن ۾ ”نئين زندگي“ ۾ هوندو هوس ۽ هو مون وٽ
اڪثر ايندو هو. ڀٽي صاحب جو دور هو،
هفتو کن اڳ ٻڌايائون ته سنڌي پروگرام شروع ٿا ڪيا
وڃن. بلوچ صاحب ٻڌايو ته سنڌي پروگرامن جي ذميداري
مون کي ڏني اٿائون.
صلاح ڪئي سين ته سنڌيءَ جو پهريون پروگرام شاهه
لطيف تي
ڪنداسين. مون تي بار رکيائين ته اهو توکي ئي ڪرڻو
آهي. پروگرام پندرهن منٽن جو هو ۽
Live ڪرڻو هو. مان پير حسام الدين راشديءَ وٽ
ويس ۽ کيس پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ عرض ڪيم،
پوءِ وري جي الانا وٽ هليو ويس. کيس به راضي ڪري
ورتم. ٽيون مهربان هو منظور نقوي صاحب. پاڻ ريڊيو
پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪندو هو. ڪمپيئرنگ مون کي
ڏني وئي. اهو پروگرام ٿي ويو ۽ ماڻهن سٺي موٽ ڏني.
پوءِ بلوچ صاحب چيو ته هاڻي ڪو ڊرامو ڪجي. ڊرامو
لکڻ وارو به ڪوئي ڪونه هو ۽ نه ئي اداڪار هئا.
ميدان خالي هو. بلوچ صاحب مون کي چيو ته ڊرامي جو
بار به تون ئي کڻ. نيٺ مرزا قليچ بيگ جي ناول
”زينت“ کي مون ڊرامائي شڪل ڏني. قربان جيلاني ۽
غزالا رفيق کي گڏ ڪري، اهو ڊرامو ڪيوسين. اهي هيون ابتدائي ڳالهيون. پوءِ ڪم به
وڌندو ويو ته ٽائيم به وڌيڪ ملي ويو. مون وري پنج
ڇهه مهينا اسڪرپٽ پروڊيوسر طور به ڪم ڪيو. اهو
اعزازي ڪم ڪيو ۽ پوءِ مان وري سرڪاري نوڪريءَ کي
جاري رکيو.
سوال: اوهان هڪ ڊراما نگار جي حيثيت سان به پي.ٽي.ويءَ سان واڳيل رهيا آهيو ۽ ان ڏس ۾ اوهان جون خدمتون پي.ٽي.ويءَ جي تاريخ جو هڪ فخر جوڳو باب آهن. هن وقت عام تاثر اهو
آهي ته ڊرامو، ڊرامو نه پر گليمر وڃي رهيو آهي ۽
ان جو حقيقي زندگيءَ سان تعلق بنهه گهٽ وڃي بچيو
آهي. ان ڏس ۾ اوهان ڪجهه چوڻ چاهيندا؟
شمشيرالحيدري:
هاڻي پرائيويٽ چينلز کنڀين وانگر وڌي ويا آهن.
انهن چينلز گليمر جي روايت کي وڌايو آهي. ڇو ته
اهي بنيادي طور تي ڪمرشل چينلز آهن. ڪمرشل ازم ۽
گليمر هڪ ٻئي لاءِ اڻٽر آهي. جيڪو ڪجهه ڊرامن جي
صورت ۾ انهن چينلز تان ڏيکاريو پيو وڃي، انهن ۾ نه
ڪهاڻي آهي ۽ نه ڪو پيغام. اسان جي سنڌي چينلز ته
ٻولي، ڪلچر ۽ سنڌي معاشري جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.
انهن جي ڀيٽ ۾ پي.ٽي.وي پنهنجو معيار برقرار رکيو آهي. ڀلي
سنڌي ڊراما هجن توڙي اردو، پر انهن وٽ ڪا خرابي نه
ٿي ڏسجي. پي.ٽي.وي وارن پنهنجا قدر برقرار رکيا آهن. اها هڪ وڏي خوبي آهي.
سوال: توهان جي خيال ۾ ته چينلن جو معاشري جي
قدرن جي بچاءَ ۽ ماڻهن جي ذهني واڌ ويجهه ۾ ڪو
ڪردار ناهي؟
شمشيرالحيدري:
بلڪل به ڪو ڪردار ناهي. انهن ته رهندو بگاڙ پيدا
ڪيو آهي. انهن ته اسان جي ٻوليءَ ۽ ڪلچر کي صفا
خراب ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي توهان کي هڪ مثال ٿو
ڏيان. هڪ چينل تان ”مور ٿو ٽلي راڻا“ لوڪ گيت هلي
رهيو هو. ان جو پس منظر اهو آهي ته هڪ ٻارڙو جڏهن
ٿورڙو وڏڙو ٿئي ٿو ۽ بانبڙا پائي ٿو ته پوءِ کيس
ڪڏهن پيءُ ڪلهي تي ٿو کڻيس ته ڪڏهن وري چاچو ٿو
ڪلهن تي ويهاريس. يا وري ڪڏهن مامو ٿو کڻيس يعني
هو ٽلندو ٿو وتي. پر شابس آهي اسان جي چينل کي،
جنهن ان گاني تي ڇڙواڳ ڇورن ۽ ڇورين کي پئي
نچرايو. هاڻي ڪلچر جو خانو خراب ٿيو يا نه؟ هڪ ٻيو
گيت مون ان ئي چينل تي ڏٺو. هڪ ڇوڪرو لانگ ورائي
سائيڪل تي بيٺو موبائيل تي ڪنهن سان ڳالهائي رهيو
هو. ڳالهائڻ کان پوءِ هن سائيڪل هلائڻ شروع ڪئي ۽
ڪجهه ئي لمحن ۾ ٻنيءَ تي پهتو، جتي هڪ ڇوڪري جين
پايو بيٺي هئي. گيت هلي رهيو هو:
”منهنجا مائٽ ايندا. مون کي وٺي ايندا“. هاڻي
توهان ئي ٻڌايو ته گيت جو مزاج ان جي ڪيڏو نه ابتڙ
آهي؟ ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الهيار. ”منهنجا
مائٽ ايندا، مون کي وٺي ويندا“ ان ڇوڪريءَ لاءِ
آهي جيڪا مائٽن کان ڪنهن سبب جي ڪري پري آهي ۽
هوءَ ڏکاري ٿيندي،
اها آس ٿي ڏيکاري ته کيس مائٽ هڪ نه هڪ ڏينهن وٺي
ايندا. هڪ پاسي اهو ڏک جو گيت پئي هليو ته ٻئي
پاسي وري ماڊرن لباس پايو هڪ ڇورو ۽ ڇوري مصنوعي
ماڊلنگ پيا ڪن.
سوال: ته ڇا اوهان جي خيال ۾ ان صورتحال کي
ٻنجو ڏئي سگهجي ٿو؟ اسان جا عالم، اديب ۽ ڏاها
ڪجهه ڪري سگهن ٿا، ان ڏس ۾؟
شمشيرالحيدري:
ڇو نه ٿا ڪري سگهن؟ اهو ته ٻولي ۽ ڪلچر جو معاملو اهي ۽ نهايت نازڪ آهي. ان
لاءِ ته ڪورٽ ۾ وڃي سگهجي ٿو. ڪلچر کي ائين بگاڙڻ
قانوني ڏوهه آهي، پر ٻليءَ کي گهنٽي ڪير ٻڌي؟ اسان
جي علم وارن ۾ مزاحمت نه رهي آهي. وٽن ڪابه همت
ڪونهي. اهي مصلحت جو شڪار ٿي ويا آهن. اهي انهن
چينلن خلاف ڪو آواز اٿاريندا ته پوءِ سندن پذيرائي
ڪيئن ٿيندي. انهن کي ڪوريج کپي. ٻولي ۽ ڪلچر سان
انهن جو ڇا وڃي؟ سچ چوڻ وارا ته مري ويا آهن
ويچارا. اسان جي علم وارن ۾ مزاحمت جي سگهه ته
هرگز ڪونهي. هاڻي علم ۽ ادب اهو وڃي رهيو آهي ته
وڏن وڏن هوٽلن ۾ وڃي مقالا پڙهو، مانيون ۽
ريفريشمينٽ هڙپ ڪريو. سالگرائون ملهايو، تعريفون
ڪريو، ڪارڊ ڇپرايو، دعوتون ڏيو، ڊنرس کارايو.
اهڙين روايتن تي هلندڙ ماڻهو معاشري لاءِ ڪهڙو
لاڀائتو ڪردار ادا ڪندا؟
سوال: ادب جي ڳالهه ٿا ڪريون سائين. توهان جي
خيال ۾ ادب ضرورت آهي يا شغل؟
شمشيرالحيدري:
ادب هڪڙن ماڻهن جي ضرورت آهي ته ٻين ماڻهن جو شغل
آهي. هڪ عام پڙهندڙکي ادب تمام گهڻي دير سان متاثر
ڪندو آهي. تنهنڪري جيڪي ذهني انقلاب آيا آهن. دنيا
۾ سو تڪڙا تڪڙا ناهن آيا. ذهن سازي هڪ ٽائيم وٺندڙ
عمل آهي. ذهن دير سان ٺهندا آهن. وڏي دير کان پوءِ
ذهن ٺهي سماج ۾ تبديلي آڻيندا آهن. انقلاب گهڻو
ڪري اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن آندا آهن. ادب جو مقصد
به بنيادي طور تي سماجي تبديلي آهي پر شاعر لاءِ
اها وندر آهي، ائين کڻي چئو ته پنهنجي تسڪين آهي.
سوال: سائين! اسان وٽ جيڪو ادب تخليق ٿيو آهي،
خاص ڪري ورهاڱي کان پوءِ،
ته ڇا ان ۾ اها اثر پذيري رهي آهي؟ ان ۾ ايتري
سگهه آهي ته اهو ذهن سازي ڪري سگهي يا ڪنهن
انقلابي تبديليءَ جو پيش خيمو ثابت ٿي سگهي؟
شمشيرالحيدري:
هرگز نه! اسان پاڻ وٽ تخليق ٿيندڙ اديب ۾ ڪوبه اثر
ڪونه ٿا ڏسون. دنيا جا ڪيترائي ادب جيلن ۾ ويا
آهن، سزائون ڀوڳيون اٿئون ۽ طرحين طرحين جا عذاب
سٺا اٿئون، ان ڪري جو هنن پنهنجي سماج جي تبديليءَ
لاءِ ادب تخليق ڪيو آهي. تبديليءَ لاءِ لکڻ ڏاڍو
ڏکيو ڪم آهي. اسان جو سنڌي اديب تبديليءَ لاءِ لکڻ
واري صلاحيت کان وانجهيل آهي. وٽس قربانيءَ جو
ڪوبه مادو ڪونهي. هو نه دربدر ٿيڻ ٿو چاهي، نه مرڻ
ٿو چاهي ۽ نه جيل ڪاٽڻ ٿو چاهي. قرباني ڏيڻ کان
سواءِ تبديليءَ جي اميد نه ٿي ڪري سگهجي.
سوال: سنڌيءَ ۾ تنقيدي ادب جي روايت وڌي ويجهي
نه سگهي آهي. اسان وٽ ادبي تنقيد هڪ فعال اداري جي
حيثيت نه وٺي سگهي آهي؟ ان جا ڪارڻ اوهان جي خيال
۾ ڪهڙا ٿي سگهن ٿا؟
شمشيرالحيدري:
برابر! سچ ٿا چئو توهان، ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن.
اسان جو گهڻو وقت رڳو ادب پيدا ڪرڻ ۾ گذريو آهي.
ٻيو ته ادب کي
Channelize ڪرڻ يا ڪو رخ ڏيڻ ۾ اسان سراسر ناڪام ويا آهيون. ٽيون اهو
ته ادب کي ماڻهن تائين پهچائڻ جا ذريعا به اسان وٽ
ڪونهن. مارڪيٽنگ اسان وٽ بنهه ڪونهي. انهن مسئلن
جي ڪري تنقيدي ادب سگهارو نه ٿي سگهيو آهي. اسان
رڳو ادب جي اپت ۾ لڳا پيا آهيون. ماڻهو آهن جيڪي
مطالعو به ڪن ٿا ۽ جن وٽ تنقيدي صلاحيت به آهي پر
ائين ٿو لڳي ته تنقيد ڄڻ اسان جي ترجيح ۾ في الحال
ڪونهي.
سوال: اسان وٽ جيڪو نئون ادب لکيو پيو وڃي،
تنهن لاءِ به نئين تنقيد هجڻ کپي؟
شمشيرالحيدري:
ضرور هجڻ گهرجي. جيستائن تنقيد پيدا نه ٿي ٿئي،
تيستائين ادب جي سڃاڻ ۽
Appreciation ڪونه ٿي سگهندي.
شيڪسپيئر کي جيڪڏهن نقاد نه ملن ها ته اڄ
دنيا کيس سڃاڻي به ڪونه ها جيڪي به اديب ۽ شاعر
مڃيل آهن، تن کي وڏا نقاد مليا آهن، انهن نقادن سندن صلاحيتن ۽ ڪيفيتن کي عام
ماڻهن جي سمجهه لاءِ ٻاهر ڪڍيو آهي. ان ڪري اهي
اديب يا شاعر وڏا ٿي پيا آهن. اسان وٽ بدقسمتيءَ
سان شاهه لطيفؒ
کي ئي نقاد ڪونه مليا آهن ته باقي ٻين کي ته ڇڏيو.
اسان وٽ تنقيد جو ڀاڱو خالي آهي. ان جي خالي هجڻ
ڪري اسان وٽ اعليٰ ادب تخليق نه پيو ٿئي. شايد
اڳتي هلي ڪجهه ٿئي.
سوال: هينئر ڏسون ٿا ته انسانيت ٽڪرن ٽڪرن ۾
ورهائجي ويئي
آهي. انهن ٽڪرن کي ڳنڍڻ ۾ شاعري ۽ ادب ڪهڙو ڪردار
ادا ڪري سگهن ٿا؟
شمشيرالحيدري:
سائين منهنجا شاعري ته تمام وڏو ڪردار ادا ڪري
سگهي ٿي، پر شرط رڳو اهو آهي ته ان ۾ اهڙي قسم جو
پيغام هجي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي
سنڌي شاعري اهڙي پيغام کان وانجهيل آهي. جيڪڏهن
ڪنهن جو مقصد ئي انسان دوستي هجي ته پوءِ ان جي
تخليق مان به اهڙو ئي پيغام نڪرڻ گهرجي. اسان جا
تخليقڪار عالمي منظر نامي ۽ تبديلين کان اڻ سونهان
آهن. اسان جا سياستدان، قومپرست، اديب ۽ شاعر
نهايت محدود دائري ۾ سوچن ٿا، کين پاڻ کي عالمي
ادب سان سلهاڙڻ گهرجي. کين ڀرپور نموني عالمي ادب
پڙهڻ گهربو آهي. کين اهو ڄاڻڻ کپي ته دنيا ۾
ڪهڙيون ڪهڙيون ادبي تحريڪون ٿيون هلن، ڪهڙا ڪهڙا
نوان لاڙا اچي ويا آهن، دنيا جا اديب ۽ شاعر ڇا
پيا لکن ۽ هنن ڪهڙا نوان گس ڳولي لڌا آهن. اهي سڀ
ڳالهيون اسان جي اديبن جي ذهنن ۾ هرگز ڪونهن. جديد
ادب الائي جي ڪٿي وڃي پهتو آهي. اسان جي اديب اڃا
ارنيسٽ همينگوي ۽ موپاسان تي بيٺا آهن ۽ خوش پيا
ٿين ته اسان جديد عالمي ادب کي پڙهي ورتو آهي.
تنهنڪري اسان کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ پاڻ کي دنيا سان
ڳنڍڻ کي لازمي ڪجي. |