محمد خان سيال
شمشيرالحيدري: ادبي دنيا جو چوڏهينءَ جو چنڊ
شمشيرالحيدري، گهڻ رُخي شخصيت جو مالڪ هو، جيڪو هڪ
ئي وقت رائيٽر، شاعر، فلاسافر، سوشل سائنٽسٽ،
اسڪرپٽ رائيٽر، ٽي.وي آرٽسٽ، صحافي، دانشور،
ٻوليءَ جو ماهر ۽ پيو گھڻو ڪجھه هو. منهنجي خيال ۾
شمشير جي سڀ کان وڏي خوبي اها هئي ته هُو سنڌي
ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ ليڪسيڪالاجسٽ هو. ظاهري طور،
اها ڪا وڏي ڳالهه نه ٿي لڳي پر جيڪي ٻوليءَ جي حرف
حرف کان واقف آهن تن کي چڱيءَ ريت پتو آهي ته اهو
ڪيڏو نه نازڪ ۽ اهم مسئلو آهي.
ماهوار سهڻيءَ جي ايڊيٽر طارق اشرف مرحوم سٺ جي
آخري ڏهاڪي ۾، هڪ ڀيري مون کي ٻڌايو هو ته هن
پنڪچوئيشن، شمشيرالحيدريءَ کان سکي هئي جيڪو تن
ڏينهن ۾ ماهوار ”نئين زندگي“
ڪراچيءَ جو ايڊيٽر هو. اهو رسالو سرڪاري نگرانيءَ
۾ معياري ۽ باقاعدگيءَ سان نڪرندو هو.
شمشيرالحيدريءَ سان منهنجي پهرين ملاقات اٽڪل 43
سال اڳ ٿي، جڏهن مان ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪم
ڪندو هوس ۽ انهيءَ عرصي دوران مختلف حوالن سان
اسان جون ملاقاتون جاري رهيون. شمشيرالحيدري
روزاني هلال پاڪستان، ڪراچيءَ جو ايڊيٽر به ٿيو ۽
ان کان اڳ ايم.آر.ڊي جي تحريڪ دوران، پير پاڳاري
جي اخبار روزاني ”مهراڻ“ حيدرآباد جو ايديٽر به
رهيو، جيتوڻيڪ اها اخبار هڪ خاص سوچ جي نمائندگي
ڪندڙ هئي، پر ان کي اهڙي ريت هلايائين جوڪجھه
مهينن اندر ”مهراڻ“ جي سرڪيوليشن وڌي وڻ ٿي ويئي ۽
سچ ته اهو آهي ته پاڪستان جي اڳوڻي ٽئين ملٽري
ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق جي ظالماڻي دور ۾، ٻين
اخبارن تي ايم.آر.ڊي جي تحريڪ دوران سينسر جون سخت
پابنديون مڙهيل هيون، پر مهراڻ کي خاص رعايت مليل
هئي، تنهنڪري ”مهراڻ“، ايم.آر.ڊي جي خبرن کي سٺي
موٽ ڏني، جنهن ڪجھه وقت کان پوءِ ئي اسلام آباد جي
اقتدار ڌڻين کي چيڙائي وڌو. ان کان پوءِ، اهو سارو
ڏمر شمشير تي پوڻو هو سو پيو. کيس پير پاڳاري
گھرايو، شمشير ته سمجھي ويو ته اصل ماجرا ڇا آهي
سو استعيفى لکي اڳواٽ کيسي ۾ کڻي ويو ۽ جڏهن
اسلام آباد جي ايوان ۾ ويٺلن جي ڏمر جو کيس پتو
پيو ته کيسي مان استعيفى ڪڍي پير پاڳاري جي حوالي
ڪيائين.
شمشيرالحيدري اسان جي سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ
سوسائٽي، ڪراچيءَ ۾ آيو، مون خاص مهمان جي حيثيت ۾
هڪ سنڌي ـ انگلش پبلڪ اسڪول جي افتتاح لاءِ گھرايو
هو (پر افسوس ته اهو اسڪول ڪجھه پنهنجن جي سهڪار
نه ڪرڻ سبب اٿي نه سگھيو) پر شمشيرالحيدريءَ
انهيءَ موقعي تي ڏاڍي ڪارائتي تقرير ڪئي ۽ عام
زندگيءَ ۾ ڪتب ايندڙ ٻوليءَ جي غلطين جي باري ۾
مثال ڏئي سمجهيائين.
چيائين ته اڄڪلهه چيو وڃي ٿو ته منهنجي ڪتاب يا
منهنجو دل، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ پهريون لفظ مذڪر ۽
ٻيو مونث آهن ، سي هئڻ گھرجن- منهنجو ڪتاب ۽
منهنجي دل. اهڙي ريت کاڌو رڌڻ، نانگ جي چڪ پائڻ
وغيره بابت به ڪيترائي مثال ڏنائين ۽ اهو به
چيائين ته اسان روزمرهه جي ٻوليءَ جي ڪتب آڻڻ ۾
خيال ڪريون ۽ غلط ٻوليءَ جي استعمال کان پاسو
ڪريون.
ان کان اڳ، مون پنهنجي تقرير ۾ چيو هو ته مون ذاتي
طور ايئر مارشل ريٽائرڊ محمد عظيم دائودپوٽي
(اڳوڻو پي.آءِ.اَي جو چيئرمئن، جنهن سان مون پبلڪ
رليشنس آفيسر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هو)، کي گذارش ڪئي
هئي ته هُو انهيءَ رٿيل سنڌي ـ انگريزي اسڪول جو
افتتاح ڪري ته هن ائين ڪرڻ کان اهو چئي نابري واري
ته اوهان سنڌي وغيرهه ڇڏي ڏيو ۽ هاڻ جيڪڏهن ترقي
ڪرڻي اٿوَ ته رڳو انگريزي پڙهو جو ساري دنيا ۾
انگريزي هلي ٿي.
انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ مثال ڏيندي چيائين ته تازو
سندس ملاقات دوري تي آيل، بنگلاديش جي هڪ وزير سان
ٿي، جنهن کيس ٻڌايو هو ته اتي به رڳو انگريزي هلي
ٿي، جنهن تي مون دائود پوٽي صاحب کي ٻڌايو هو ته
سائين مان تازو بنگلاديش کان ٿي آيو آهيان، ساور ۾
شهيدن جي ٺهيل خوبصورت يادگار تي تختي به رڳو
بنگالي ٻوليءَ ۾ لکيل هئي، جيتوڻيڪ اتي سوين ڏيهي
۽ پرڏيهي سيلاني روزانو اچن ٿا. مون ان تختيءَ جو
ڦوٽو ڪڍيو هو ته جيئن ڪنهن دوست کان پڙهايان ته ان
تي بنگاليءَ ۾ ڇا لکيل آهي؟ ٻيو ته ٺهيو پر اتان
جي رڪشائن جنهن کي سي.اين.جي ڪوٺين، جون نمبر
پليٽون به رڳو بنگاليءَ ۾ لکيل هيون، پر دائود
پوٽو صاحب پنهنجي مؤقف تي قائم رهيو ۽ سنڌي ـ
انگريزي اسڪول جو افتتاح ڪونه ڪيائين. جنهن کان
پوءِ منهنجي نظر شمشيرالحيدريءَ تي پيئي، جنهن کي
مون عرض ڪيو ۽ جنهن قرب ڪري منهنجو عرض اگھايو.
انهيءَ موقعي ته مون پنهنجي تقرير ۾ مٿي ڄاڻايل
ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪيو، جنهن جي موٽ ۾ حيدري صاحب
ڏاڍيون ڪارائتيون ڳالهيون ٻڌايون. مادري ٻوليءَ ۾
تعليم حاصل ڪرڻ جي اهميت جو ذڪر ڪيائين ۽ مثال
ڏيندي چيائين ته هو سنڌي ادبي بورڊ ۾ ڪم ڪندو هو
ته هڪ ڀيري ٽماهي ”مهراڻ“ جي پرچي جي فائنل ڪاپي
ڏيکارڻ لاءِ، پير حسام الدين شاهه راشديءَ وٽ کڻي
ويو، جنهن مصروفيت سبب چيو ته دائودپوٽي صاحب (شمس
العلماء عمر بن محمد دائود پوٽو جيڪو ريٽائرڊ ايئر
مارشل محمد عظيم دائودپوٽي جو والد هو ) کي ڏيکار.
دائود پوٽو صاحب معياري ٻوليءَ جي حوالي سان ايترو
ته حساس هو جو جڏهن ايڊيٽنگ ڪيائين ته سنڌي ادبي
بورڊ جي تاريخ ۾ سڀ کان گھٽ صفحن وارو مخزن نڪتو
جيڪو رڪارڊ تي موجود هوندو. انهيءَ مان ٻوليءَ جي
اهميت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
حيدريءَ صاحب جو اهو به چوڻ هو ته مادري ٻوليءَ ۾
تعليم حاصل ڪرڻ هر ڪنهن جو بنيادي حق آهي ۽ معذرت
ظاهر ڪندي چيائين ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو مکيه
ڪم، سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن، سرڪاري توڙي نيم
سرڪاري آفيسن ۽ عدليا وغيره ۾ لاڳو ڪرڻ آهي جيڪو
بدقسمتيءَ سان نه ٿو ٿئي، انهن کي پنهنجو ڌيان
انهيءَ مقصد تي لڳائڻ گهرجي، جنهن مقصد لاءِ
اٿارٽي ٺهي آهي.
مان پنهنجي 43 ورهين کان به وڌيڪ عرصي دوران،
پنهنجي وابستگيءَ ۾، شمشيرالحيدريءَ جهڙي فقير منش
انسان کي ڪنهن جي به اڳيان هٿ ڊگھيڙيندي ڪونه ڏٺو.
هو خوددار انسان هو، هن ۾ ڪنهن به قسم جو غرور ۽
تڪبر هرگز نه هو. سدائين شائستگيءَ سان ڳالهائيندو
۽ ٻڌندو هو ۽ گھڻو ڪري هر موضوع تي اعتماد سان
ڳالهائيندو هو، نه ئي ڪنهن جي گلا ۽ غيبت ڪندو هو.
سندس محفل ۾ ويهبو ته اٿڻ تي دل نه چاهيندي هئي ۽
انهيءَ دوران ڪجھه نه ڪجھه، ماڻهو پرائيندو ضرور
هو، پر وڃائيندو ڪونه هو. مختلف سرڪاري عهدن تي پڻ
رهيو، پر منجهس وڏائي ڪڏهن به نظر ڪانه آئي. چاهي
ها ته پنهنجي ۽ ٻارن لاءِ گھڻو ڪجهه حاصل ڪري سگھي
ها، پر ائين نه ڪيائين.
ڄمار جي آخري حصي ۾ اکين جي نور سندس ساٿ ڪونه
ڏنو سو دل جي روشنيءَ ۾ پنهنجون يادگيريون سهيڙڻ
جو ڪم شروع ڪيائين، پر موت کيس اهڙي اجازت ڪونه
ڏني، نه ته اهو پنهنجي جاءِ تي هڪ تاريخي دستاويز
هجي ها، ڇاڪاڻ ته تاريخي واقعن کي بي ريائيءَ سان
نوٽ ڪرڻ به وڏو ڪارنامو هوندو آهي، اهي يادگيريون
پنهنجي جاءِ تي هڪ تاريخ هجن ها.
سنڌي ادبي سنگت جي ٺهڻ ۽ ان کي ترقي ڏيارڻ ۽ ون
يونٽ خلاف هلايل تاريخي جدوجهد ۾ سندس مکيه حصو
هو. مون نوٽ ڪيو ته شمشيرالحيدريءَ کي هر طبقي جا
ماڻهو عزت ۽ احترام سان ڏسندا هئا جيڪو پنهنجي
حياتيءَ ۾ رڳو عزت جي دولت ڪمائي شاهوڪار بڻجي ويو
هو.
شمشير جي شاعري پنهنجي جاءِ تي معياري آهي. سنڌي
ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ٺاهڻ ۽ انهن
جي سرگرمين کي هٿي ڏيارڻ ۾ به سندس مکيه هٿ
رهيو. سڄي سنڌ ۾ ادبي ۽ ثقافتي تقريبن جي جان هو
۽ شمشير جو ڪنهن ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ
اعزاز سمجھيو ويندو هو. سچ ته اهو آهي ته هر هڪ
شمشيرالحيدريءَ جي عزت ۽ احترام دل سان ڪندو هو.
شمشير ون يونٽ خلاف، تاريخي جدوجهد دوران پوسٽ
ڪارڊ لکڻ واري تحريڪ ۾ به ڀرپور حصو ورتو. مختصر
ته شمشيرالحيدريءَ جون سنڌ توڙي سنڌي ادب ۽ ثقافت
لاءِ خدمتون سدائين ياد رهنديون ۽ جڏهن به مؤرخ
تاريخ لکندو ته هُو شمشير جي سنڌ لاءِ ڪيل غير
تڪراري ۽ اهم خدمتن کي وساري نه سگھندو. مان
سمجھان ٿو ته هُو سنڌي ادب جو چوڏهينءَ جو چنڊ هو.
سندس آخري ڏينهن ۾ کيس آغا خان اسپتال شفٽ ڪيائون
جتي مان کانئس رمضان جي مهيني دوران پڇڻ ويس ته
پنهنجي ڪمري ۾ وينٽيليٽر تي ساهه کڻي رهيو هو.
اهڙي ريت اتي مون کي ياد آيو ته هڪ ڀيري رمضان جي
مهيني ۾ مان شمشير جي گھر ويس ۽ ڳالهين ۾ ايترو ته
مصروف ٿي وياسين جو مون کي ياد ئي ڪونه رهيو ته
مون کي روزو هو ۽ اهڙي ريت مان چانهن جو اڌ ڪوپ
به پِي ويو هوس. ان کان پوءِ، ڪجهه مکيه انگريزي
اخبارن ۾ خط لکي پ.پ.پ سرڪار کان اها گھُر ڪيم ته
شمشيرالحيدريءَ جي خدمتن کي نظر ۾ رکندي، کيس علاج
لاءِ سگهو ئي پرڏيهه موڪليو وڃي.
مون شمشيرالحيدريءَ جي اڪيچار خدمتن کي نظر ۾
رکندي، وفاقي توڙي سنڌ سرڪار کان، پي.ٽي.وي جي مٿس
ٿيل پروگرام ۾ پنهنجي مطالبي کي ورجايائيندي چيو
هو ته شمشيرالحيدريءَ جي خدمتن جي مڃتا طور سندس
نالي تي سنڌ اندر ڪا يونيورسٽي برپا ڪئي وڃي ۽
سندس اڻ ڇپيل ڪتاب شايع ڪيا وڃن ۽ خاص ڪري سندس
ساروڻيون جيڪي مڪمل نه ٿي سگھيون آهن، شايع ڪيون
وڃن.
آزاد انور ڪانڌڙو
شمشيرالحيدري: سنڌ جو باڪمال شاعر
سنڌ ويهين صديءَ ۾ جيڪي وڏا ماڻهو پيدا ڪيا،
شمشيرالحيدري انهن
مان هڪ هو.
شمشيرالحيدري ادب،
شاعري،
صحافت،
ڊرامه نگاري جو روشن سج هو، جنهن حياتيءَ دوران
پنهنجي فن ۽ فڪر سان گڏ عملي طور به سنڌ ۽ سنڌي
ٻوليءَ سان محبت،
عشق ۽ وفا جو وچن نڀايو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ تي
آيل ڏکئي وقت ۾ ادبي مورچي تان سورهيائي ۽ دليريءَ
سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو .
شمشيرالحيدريءَ جو جنم بدين ضلعي جي ڳوٺ ڪڍڻ ۾ 15- سيپٽمبر 1931ع ۾ حڪيم رسول بخش
خواجه جي گهر ۾ ٿيو . ننڍپڻ ۾ سندس امڙ جي وفات
بعد سندس پرورش ناناڻي خاندان ۾ ٿي. شمشير ابتدائي
تعليم بدين ۾ حاصل ڪئي. بعد ۾ سنڌ مدرسي ۾ داخل
ٿيو،
جتي سنڌ جي برک ڏاهي سائين محمد ابراهيم جويي
صاحب
جهڙي عظيم استاد جي شفقت ۽ محبت ۾ رهيو.
شاگردن پاران احتجاج ڪرڻ جي الزام ۾ کيس
ساٿين سميت سنڌ مدرسي مان ريسٽيڪيٽ ڪيو ويو. بعد ۾
نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ تعليم حاصل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪيائين، پر سرٽيفڪيٽ نه هجڻ جي ڪري کيس داخلا نه
ملي. جنهن کان پوءِ سائين محمد عثمان ڏيپلائي جي
همٿائڻ ۽ ڪوشش سان اورينٽئل
ڪاليج حيدرآباد مان اديب عالم،
اديب فاضل جا امتحان پاس ڪيائين.
سنڌي ادبي بورڊ ۾ نوڪريءَ دوران بي.اي
(آنرس) سنڌ يونيورسٽيءَ
۽ ايم.اي سنڌي ادب سنڌ يونيورسٽي
ڄام
شورو مان حاصل ڪيائين.
شمشيرالحيدري سنڌي ادبي بورڊ ڄام
شوري جو 3 سال سيڪريٽري،
سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽
بعد ۾ 11 سال
قائم مقام سيڪريٽري جنرل رهيو. اردو
ڊڪشنري بورڊ جو 3 سال ميمبر، فلم سينسر
بورڊ
جو 3 سال ميمبر،
پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي،
پريس ڪلب ڪراچي،
پاڪستان جي حڪيمن جي ڪائونسل،
ينگ
مين ڪرسچن ايسوسيئيشن ڪراچي جي ادبي ڪاميٽيءَ
جو ميمبر به رهيو.پاڻ سگا جو بانيڪار هو. کيس پي.ٽي.وي پاران 3 اوارڊ، پاڪستان جي حڪيمن جي
ڪائونسل پاران 2 اوراڊ،
سگا پاران ٽرافي ۽ گولڊ ميڊل، سنڌي ادبي سنگت،
عوامي آواز سٿ،
ماهوار نئين زندگي،
سنڌي اڪيڊمي دهلي، مارئي دهلي،سمبارا ٽاپ ٽين ۽
خيرعمل پاران اوارڊ مليا.
شمشيرالحيدري جي ڇپيل ڪتابن ۾ لاٽ شعري مجموعو،
تاريخ جو ڪچرو، سجاڳ سانگهڙگزيٽيئر، سنڌ اپ ڊيٽ
2003ع گزيٽيئر
انور پيرزادي سان گڏ انگريزيءَ ۾، بهترين سنڌي افسانا، تاريخ ڪلهوڙا
دور (ترجمو)،
سنڌي آزاد نظم جي اوسر،
سنڌي شاعريءَ جو اڀياس،
روشن تارا (ٻاراڻا گيت) فليم اينڊ فلوٽ (شاهه لطيف
بابت انگريزيءَ ۾ مرتب ڪيل)،
پيار جا گيت (جرمن شاعري ترجمو)
ڪاڪ محل (ناٽڪ)، ۽ ٻيا شامل آهن. هن ٽي.وي لاءِ 150 کان وڌيڪ ڊراما،
گيت،
ڊاڪيومينٽريون،
50 سنڌي لوڪ گيتن جو
يورپي
لهجي ۾ ترجمو ڪيو. ان سان گڏ شاهه جي منتخب ڪلام
جو اردو ترجمو به ڪيو ته 100 کان وڌيڪ ٻاراڻا گيت
به لکيا.
مڪلي ۽ ٺٽي تي سنڌ سرڪار لاءِ ٻه دستاويزي
فلمون به ٺاهيون.
شمشيرالحيدري هڪ بيباڪ، ارڏو ۽ بي ڊپو صحافي هو.
آمر ڊڪٽيٽر
جنرل
ضياءَ جي مارشل لا ۾ ايم.آر.ڊي
دوران سندس صحافتي
ڪردار تي
اسان کي سدائين فخر رهندو. هن پنهنجي صحافتي
ڪيريئر ۾ سچ لکندي آمرن سان ٽڪر کاڌو. سندس صحافتي
دور کي سنڌي صحافت جو سونهري دور چئجي ته وڌاءُ
نه ٿيندو.
هن صحافت جي شروعات،
روزاني هلال پاڪستان حيدرآباد ۾ اسسٽنٽ ايڊيٽر
طور ڪئي. بعد ۾ هو هلال پاڪستان جو ايڊيٽر به ٿيو.
پاڻ روزاني مهراڻ حيدرآباد جو ايڊيٽر به رهيو.
ضياء جي مارشل لا ۾ روزاني
”مهراڻ“
اخبار جي ايڊيٽر شپ دوران سندس جرئتمنداڻي صحافتي
ڪردار جي اڄ به هاڪ آهي.
پاڻ
”هدايت“
اخبار ۾ به ڪم ڪيائين. کيس شروعات ۾ سنڌي ادبي
بورڊ ۾
محمد ابراهيم جويو
وٺي آيو ۽ کيس 1956ع ۾ ٽماهي مهراڻ جو اسسٽنٽ
ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو .پاڻ مشهور رسالي
”نئين زندگيءَ“
جو 1967ع ۾ ايڊيٽر ٿيو.
”نئين زندگيءَ“
رسالي وسيلي نوجوان ليکڪن جي وڏي همٿ افزائي
ڪيائين.
شمشيرالحيدري هڪ گهڻ رخي
شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ پي.ٽي.ويءَ
تي سنڌي پروگرامن جو پهريون ميزبان،
پي.ٽي.ويءَ تي پهريون سنڌي گيت لکندڙ، پي.ٽي.ويءَ تي پهريون ڊرامه نويس به هو. هن
مرزا قليچ بيگ جي ناول
”زينت“ کي ڊرامائي تشڪيل ڏني. سندس اهڙن مثالي ڪارنامن ۽ يادگار
ڪمن سان تاريخ ڀري پئي آهي. شمشيرالحيدري نه صرف
باڪمال شاعر،
اديب،
ڊرامه نگار ۽ ارڏو صحافي هو، پر هُو عملي ميدان ۾ به سنڌ، سنڌي ٻولي جي حقن ۽ تحفظ لاءِ جدوجهد
جي ميدان ۾ به اڳڀرو رهيو.
سنڌي ادبي سنگت جي قائم مقام سيڪريٽري جنرل دوران
هن ون يونٽ خلاف ۽ سنڌي ٻولي جي بحاليءَ
لاءِ تاريخي جدوجهد ڪئي. سندس ان ڪردار تي سنڌي
قوم سدائين فخر ڪندي رهندي.
هن سڄي عمر ڏاڍ ۽ پرماريت خلاف لکندي ۽ جدوجهد
ڪندي گذاري.
هُو
سچو شاعر ۽ تخليقڪار هو، ۽ ڪاري آمريتي دور ۾ به
سچ لکڻ ، چوڻ کان ڪين ڪيٻايو. هو رات کي رات
چوندو رهيو:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي دٻايو
ڌتاريو،
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.
شمشيرالحيدري
پنهنجي تخليقن ذريعي حق ۽ سچ جا هوڪا
ڏيندڙ سچو شاعر هو ۽ پنهنجي شعرن ذريعي چارڻ جو
چنگ وڄائيندو رهيو:
ڪٿي آهي شمشير، جو چنگ چوري،
زمانو ته ڀلجي ويو
”چارڻ“ جون ڳالهيون.
شمشيرالحيدري باضمير شاعر هو. سڄي حياتي کيس نه ڪو
جهڪائي سگهيو ۽ نه ئي ڪو خريد ڪري سگهيو.
وقت جي حاڪمن جي ڪوششن باوجود مٿس
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان
هلي نه
سگهيو.
هو نينهن وارن جي نياپن ۽ سونهن وارن جي سلامن
تي هلندو رهيو:
دل جي پر شوق دلاسن تي هليا آياسين،
سونهن وارن جي سلامن تي هليا آياسين،
ڪنهن شهنشاهه جو فرمان اسان تي نه هليو،
نينهن وارن جي نياپن تي هليا آياسين.
شمشيرالحيدري پنهنجي ذات ۽ ڏات ۾ يگانو ماڻهو هو،
هو اهڙو تخليقڪار هو، جنهن زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي
شاهڪار قلمي پورهئي سبب وڏي مڃتا حاصل ڪئي.
هو محفلون مچائيندڙ ۽ محفلن جو مور هو:
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟
محفل کي مچائيندو ان جو ئي سخن شايد.
شمشيرالحيدري سڄي حياتي مسڪيني حال ۾ گذاري،
پر سنڌ جي هن باضمير شاعر ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگيو،نه
ڪڏهن جهڪيو،
نه ڪڏهن وڪيو. هُو پنهنجي فقيراڻي حال تي تڪليفن،
مصيبتن کي منهن ڏيندي پنهنجي حال تي خوش رهيو.
هن سڄي زندگي حوصلي ۽ همت سان گذاري.
آخري وقت ۾ ڪينسر جهڙي خطرناڪ بيماريءَ ۾
به پنهنجي ارڏائي، باضمير، همت ۽ حوصلو قائم
رکيائين:
ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،
اهو ئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،
پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾،
هوا جي زور کان زياده ئي حوصلو آهي.
شمشيرالحيدري جي شاعري نه رڳو رسالن،
اخبارن ۾ شايع ٿي يا مشاعرن ۾ ٻڌي ويئي، پر سندس شاعري ڪيترن ئي ناميارن فنڪارن
پنهنجي آواز۾ ڳائي، جنهن تمام وڏي مقبوليت ماڻي:
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ويو،
تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
وقت جي سينڌ کي سنواري ويو،
هڪڙو شمشير هو زماني ۾،
سو به دنيا مان اڄ گذاري ويو.
*
تون ياد وري آئين،
تون ياد وري آئين،
دل درد سان ڀرجي وئي،
اکڙين ۾ اٿل آئي،
تون ياد وري آئين
چپڙن جي ڪنارن تي
ڄڻ باهه ٻري آئي،
تون ياد وري آئين.
*
جبل مٿي جهڙ،
ضد نه ڪجي مڙ،
او راڻا ،
جبل مٿي جهڙ.
شمشيرالحيدري ڀٽ ڌڻيءَ جو عقيدتمند،
شارح ۽ سندس فڪر جو پرچارڪ هو. هن ڀٽ ڌڻيءَ کي
”لطيفي لات“ جي عنوان سان پنهجي شعر ۾ ڀيٽا ڏيندي روايتي لفاظيءَ بجاءِ
منفرد ۽ خوبصورت دل کي ڇهندڙ شاعراڻو اظهار ڪهڙي
نه سهڻي انداز ۾ ڪيو آهي:
شاعرن جو شهنشاهه مصروف هو،
پنهنجي نغمن ۾ ڀريائين پئي اثر،
ڪل زمانو وقت جي آلاپ سان سرشار هو،
۽ سڄي تاريخ ڄڻ بيهي رهي!
وقت جو شاعر مگر مصروف هو ،
جنهن جي دل ۾،
روشنيءَ جو راڄ هو، سوراج هو،
وقت جو شاعر اڃا ڳائي پيو،
زندگيءَ جي ساز تي،
پنهنجي لطيفي لات کي!
شمشيرالحيدري جي قلمي پورهئي
تي ڪجهه وڌيڪ لکڻ بجاءِ سندس ئي قطعي جو سهارو
وٺندي
کيس ڀيٽا پيش ڪريان
ٿو:
نظر جي ڳالهه زبان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
اها ئي ڳالهه جهان سان ڪجي ته ڪيئن ڪجي،
هيءُ ظلم آهي اسان سان اوهان جي محفل ۾،
اوهان جي ڳالهه اوهان سان ڪجي ته ڪيئن
ڪجي.
استاد لغاري
تون ياد وري آئين...
شمشير جي ياد کي ڪٿان کڻجي؟ ۽ ڪٿي بس ڪجي؟ اهو ڪم
ته محققن جو آهي. منهنجي وس ۾ بس اهو آهي ته مون
کيس جيئن ڏٺو، جيئن ٻُڌو ۽ جيئن هُو مون کي مليو،
تيئن ئي آءٌ کيس ياد ڪريان ۽ لفظن جي ڀيٽا ڏيان.
شمشير اسان کي ادبي ميڙاڪن، محفلن ۽ مشاعرن ۾
ملندو هو. ڪڏهن شهيد عبدالرحيم گرهوڙي پبلڪ
لائبريري سانگهڙ جي لان ۾، جتي سائين الهه ورايو
اداسي، آفتاب نظاماڻي، اسحاق مڱريو، عاجز منگي،
معصوم سانگهڙائي، قاضي ممتاز، عاشق سولنگي، عاجز
اڄڻ، عزيز گوپانگ، ساگر ناريجو، رمضان راهي ۽ ٻيا،
ڪنهن شاعر سان شام جي سلسلي ۾ گڏ ٿيندا هئاسين. يا
ڪڏهن جيم خانه ڪلب کپرو جي آڳر ۾، جتي محمد علي
لاشاري، رام ڪرشن، فقير دين محمد ڪنڀار، شير محمد
لاشاري، ڌڻي بخش بروهي، چوڌري نياز احمد راجپوت ۽
ٻيا ڪنهن مذاڪري جي سلسلي ۾ موجود هوندا هئاسين ته
اُتي شمشيرالحيدري سان ملاقات جو موقعو ملي ويندو
هو.
ٻن آڱرين ۾ ڦاٿل سگريٽ، چپٽيءَ سان ڦُلي ڇنڊي،
آخري سـُــوٽو هڻي، تقرير لاءِ اُٿـندو ته تڪي،
توري، ٺاهي، ٺوڪي، ڳالهه ڪندو، جيڪا سڌو وڃي دل تي
لڳندي. شاعري ٻـُـڌائيندو ته ڄڻ اها منهنجي دل جي
ڳالهه پيو ڪري. ” اُف! اِها شاعري ته شمشير ڪري
ويو، جيڪا مون کي ڪرڻي هئي!“ هرڪو دل ۾ ايئن ويٺو
سوچيندو ۽ واهه! واهه! ڪندو
:
هـڪــوار ته دل کــولي، هـر ڳــالـهه چـــئي
ڇــڏبي،
انــصـاف جي اکــين مــان، ڳــوڙهـا به ڳـڙن
شـايد!
خــالــي به ڪــريو جــلـدي، انصاف جي مسنَدَ کي،
مـــظـلــوم اچي پــهـتــا، حــقــدار هـجـن
شــايـد!
پــيـئـڻ جـــا بــهـانــا، پــيــارڻ جــون
ڳــالـهيون،
جـيـئـيـن شـــال! ڪــر ڪي جـيارڻ جـون ڳالهيون.
ڪــٿي آهــي شـمـشــيـر؟ جـــو چـــنـگ چــــوري،
زمـــانــو ته ڀــلـجي ويـــو، چـــارڻ جــون
ڳــالهيون.
اسين حال هيڻا، اوهان جي خدائي–
وڏي ڳالهه آهي!
هلي پئي اڃان، زندگيءَ جي لــڙائي
–
وڏي ڳالهه آهي!
نگاهون کڻي داد جي لاءِ، مُرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت؟
اوهين آهيو سُهڻا ، اوهان جي اِهائي
–
وڏي ڳالهه آهي!
گهڻا سال اڳ، مرحوم حاجي مِينهين خان لغاريءَ وٽ،
مان سرڙيو هاري هوس. واهولي سان ووڻن جي گُڏ
ڪڍندي، ”سانورا“ ڪمپنيءَ جو، هڪ بينڊ ريڊيو گڏ
رکي، گانا ٻُڌندو هوس. هڪ دفعي ريڊيو تي، گلوڪاره
”مہ جبين قزلباش“ جي ڪوڪ نمودار ٿي:
تُون ياد وري آئين ... تُون ياد وري آئين.
رڳ رڳ ۾ هـــلي هـــور آ، احـساس جي ڪتڪائي.
اُلــفــت جي اســيــرن کي ، مـــاري وئــي
تــنـهائي. تـُــون يـــاد وري آئــيـن ...
تـُــون يـــاد وري آئـيــن. آخر ۾:
ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد جي انائونسر چيو:
”هن نغمي جو شاعر هو شمشيرالحيدري“. ڪلام ٻـُــڌڻ
سان ڇا ته ڪيف طاري ٿيو! گُـڏ ڪڍڻ وسري ويئي، مونن
۾ منهن ماري ويهي رهيس. منهنجي دل تي به ڪنهن جي
ياد وري آئي. منهنجي ڦوهه جواني هجي ۽ هُن جي الهڙ
وهي. هڪٻئي ڏي نهاري نه سگهون، جي ڪيڏيءَ مهل
تِرڇي نظرن سان جهلڪو ٿئي، ته وِڄ وانگر دل وڍجي
وڃي. هڪٻئي سان حال اوري نه سگهون. نه هُوءَ مون
سان ۽ نه مان هُن سان. هانءُ هٿن مان وڃي. ڪڏهن
ڪڏهن تتيءَ جو پاڻيءَ تي نڪري ته آءٌ ٻَنِيَنَ جا
ٻنا لتاڙيان. تتل ٽامڻيءَ ڏينهن، وسندڙ مِينهن
جهڙو مزو ڏي. جوانيءَ جو جوش رڳ رڳ ۾ ڊوڙي . نينهن
جو شينهن هڏن تان ماس روڙي. جُنون جي لذت هوش جو
ٻيڙو ٻوڙي. نه اُڃ لڳي، نه بُک لڳي، نه لٿي جي
خبر، نه اڀريي جي، نه دنيا جي خبر، نه ڌنڌي جي:
ڦــــاهيءَ جـــا ڦـــنــدا، چُـــمــڻ کـــان به
وياسين،
۽ دنـــيا جـــا ڌنـــڌا، ڪـــرڻ کـــان به
ويـــاســين،
نه تــُــون مِـــلِــيـن، نه ڪـنــهـن جــا
ٿـــيـاســين،
هِـــتــان کـــان به ويـــاسين، هُـتان کان به
وياسين،
مـــرڻ جي مــــزي کـــان به مــحــروم
ٿــيـاســين،
۽ جــــيــئــنـدا رهـياســين، ا ڌ و ر ا ا ڌ
و ر ا !
اســـيــن بـــــس رهـــــيـاســـين، ا ڌ و ر ا
ا ڌ و ر ا !
(آڪاش انصاري)
اُهوئي شمشيرالحيدري جو ڪلام (تون ياد وري آئين
...) ۽ منهنجي دل ڦارون ڦارون. سماجي ريتن ۽ رسمن
جي بي رحم بٺيءَ جي ٻل چڙهي وياسين. شاعري ڪيم،
افسانا لکيم. خطن جا مضمون ٺاهيم. پر ....
اک دل کے
ٹکڑے
ہزار ہوئے،
کوئی
یہاں
گرا کوئی
وہاں
گرا۔
اڄ به ڪنهن ريڊيو اسٽيشن تان، جڏهن مہ جبين قزلباش
جي ڪـُـوڪ: ”تون ياد وري آئين...“ منهنجي ڪنن ۾
ڪيف اوتيندي آهي، ته مون کي لڳندو آهي، ڪا تتيءَ ۾
اڃا گهڙو ڀري ٿي پئي ۽ ڪو آهي جو اڃا ٻنيَنَ جا
ٻنا لتاڙي رهيو آهي.
اڄ جڏهن پارس جهڙي خالص ۽ سچي انسان شمشيرالحيدري
جي نالي، سنڌي ادبي بورڊ، مهراڻ خاص نمبر شايع ڪرڻ
جو اهتمام ڪيو آهي، ته ان خوبصورت موقعي تي، کيس
ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ، منهنجي ذهن تي، ڪنهن نامعلوم
شاعر جو هڪ شعر تري آيو آهي:
جس پارس سے
سونا بھیا،
وہ پارس کچا،
جس پارس سے
پارس بھیا،
وہ پارس سچا۔
شمشير، سنڌي ادب جو هڪ اهڙو گوهرِ ناياب، سچو ۽
پارس ماڻهو هو، جنهن لاءِ، اسان جهڙا ڪچا لوهه،
سونَ ٿيڻ جون سڌون کڻي، الاءِ ڪيتريون صديون اڃا
انتظار ڪندا رهندا.
مولائي ملاح
نظم ۽ آزاد نظم جو سگهارو شاعر
شمشيرالحيدري
سنڌي ادب ۾ سنڌ جي ٻـﻫـڳڻي شاعر شمشيرالحيدريءَ جي
شخصيت گھڻ پاسائين رهي آهي. هو هڪ ئي وقت اديب،
صحافي، نقاد، سماج شيوَڪ، ترقي پسند مذهبي ۽ قومي
ڪارڪن هو. انـﻫـن سڀني پاسن مان سندس نمايان پاسو
ادب وارو رهيو آهي؛ جنـﻫـن سان هن زندگيءَ جي آخري
گھڙين تائين ساٿ نڀائيندو رهيو..
شمشير الحيدري، سنڌي ادب ۾ ٻين صنفن تي طبع
آزمائيءَ کان علاوه خاص ڪري جديد سنڌي ’آزاد نظم‘
تي سگھاري انداز ۾ طبع آزمائي ڪئي اٿائين. ڪافي
نقادن جو خيال آهي ته: هن ئي سنڌي ادب ۾ نوان لاڙا
ڏئي ’آزاد نظم‘ جي صنف کي متعارف ڪرايو. ان بنياد
تي ائين کڻي چئجي ته سنڌي ادب ۾’آزاد نظم‘ جو پايو
وجھندڙ ئي شمشير رهيو آهي. هن جي شاعريءَ ۾
زندگيءَ جي مختلف پاسن جا موضوع ملن ٿا، جن ۾
رومانويت، جماليات، مزاحمت، جدّت، ترقي پسندي
وغيره شامل آهن.
فـﻫـميده حسين پنـﻫـنجي هڪ مضمون ۾ ڄاڻائي ٿي ته:
”آزاد نظم جي حوالي سان شمشير الحيدريءَ جي باري ۾
سنڌ جو هڪ شاعر قمر شـﻫـباز لکي ٿو ته: مان کيس
سنڌي آزاد شاعريءَ جو ابو چوندس. شايد پـﻫـريون
ڀيرو سنڌي ادب کي سُريلي آزاد نظم جو تحفو شمشير
ئي ڏنو.“ (فـﻫـميده، 2012ع:
64-
71)
زهير حسين حيدري هڪ مـﻫـاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”شمشير
سنڌي آزاد نظم جو خالق آهي.“ (زهير، 2012ع: 7- 9)
شمشير چواڻي ته:
”آزاد نظم سنڌيءَ جي
’جديد
شاعريءَ‘ جوئي جُز آهي ۽ ان تي شاعريءَ جي هڪ صنف
طور نه بلڪ گھڻو ڪري جديد شاعريءَ سان اختلاف ڪرڻ
واري رويي هيٺ اعتراض ڪيا وڃن ٿا. ( شمشير، 2012ع
ب: 12)
آزاد نظم جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيو ويو ته اهو
اٿندي ئي اختلافن جي ور چڙهي ويو ۽ ڪافي شاعرن ۽
نقادن ان کي ’ڇڙواڳ نظم‘ جو نالو ڏيئي رد ڪري
ڇڏيو؛ پر شمشير ان جي دفاع لاءِ ان جي ڀرپور وڪالت
ڪئي. اهڙو اظـﻫـار پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن ڪيو
اٿائين ته:
”جديد نظم اسان کي يورپي ٻولين وٽان مليو آهي.
انگريزيءَ جي سانيٽ ۾ چوڏهن سٽن جي مقرريءَ کان
سواءِ ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي، جيڪا سنڌيءَ ۾ نه
ايندي هجي؛ البته، ترائيل ۾ ڪافي تجربا سنڌي شاعرن
ڪيا آهن. آزاد نظم. جيڪو اڳي اختلافن جي ور چڙهيل
هو، تنـﻫـن کي هاڻي نظم جي مُستند صورت مڃيو ويو
آهي.
(شمشير،
2012ع الف: 12)
هو ٻئي هنڌ اهڙو اظـﻫـار هيئن ڪري ٿو ته:
”آزاد نظم جديد شاعريءَ جي هڪ نئين روايت آهي،
جنـﻫـن کي سمجھڻ لاءِ جديد دور جي پس منظر کي الڳ
نٿو ڪري سگھجي. نون تجربن جي سلسلي ۾ هيءَ صنف به
هڪ شعوري ڪوشش آهي.“ ( شمشير: 2012ع ب: 28)
حقيقت ۾ شمشير، ’آزاد نظم‘ جي ڀرپور انداز ۾ وڪالت
ڪري سنڌي ادب ۾ آزاد نظم جي حيثيت مڃائي. حفيظ
ڪنڀر پنـﻫـنجي مضمون ۾ هڪ هنڌ شمشير لاءِ لکيو آهي
ته:
”شمشير، سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جي بچاءَ جو
شروعاتي وڪيل هو. جڏهن آزاد نظم بابت سنڌي ادبي
ميدان تي بحث ڇڙي پيا هئا، روايتي ۽ تقليدي ليکڪن،
شاعريءَ جي ان صنف کي به ڪفر يا ڪافراڻي صنف جو
ٺپو هڻي ڇڏيو هو ته شمشير 1964ع ۾ ’سنڌي آزاد نظم
۽ ان جو مستقبل‘ لکي انـﻫـن اديبن کي دونڌاڙيو هو
۽ اهو ساڳيو مواد ڊگھي عرصي کان پوءِ ’سنڌي آزاد
نظم جي اوسر‘ جي عنوان هيٺ ڪتابي شڪل ۾ ماڻهن جي
هٿن تائين پـﻫـتو.“ (حفيظ، 2012ع: 125- 129)
شمشير سنڌي شاعريءَ ۾ تجربو ڪري سنڌي شاعريءَ جي
مکيه فني، تاريخي مسئلن کي ڇيڙي ان ۾ سنڌي شاعريءَ
جي ’ڪُل‘ ۾ آزاد نظم جي ’جُز‘ کي پيش ڪيو آهي.
جيڪو سندس ڪامياب ثابت ٿيو. اهو سندس سنڌي شاعريءَ
۾ هڪ وڏو ڪارنامو هيو. رکيل مورائي پنـﻫـنجن لفظن
۾ هيئن چيو ته:
”سنڌي ٻوليءَ جي نـﻫـايت تخليقي شاعريءَ جو، شمشير
ڏانـﻫـن اهو ڪريڊٽ وڃي ٿو ته هن سنڌ ۾ آزاد نظم کي
نه رڳو هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو، پر سنڌيءَ ۾
جيڪي آزاد نظم هن لکيا، اهي اهڙي ته شاهدي ڏين ٿا
ته آزاد نظم سنڌ ۾ پنـﻫـنجون پاڙون پختيون ڪري
چڪوآهي.“ (مورائي، 2012ع: 130- 133)
موجوده حالتن موجب آزاد نظم ۾ تخيل جي وسعت سبب ان
جي هيئت قافين ۽ هٿ ڪڙين جي حد بندين کان آجو
آهي. هن ۾ ڪــﻫـاڻيءَ جيان شروعات، وچ ۽ اوج هجڻ
لازمي آهي. اهڙي ريت تسلسل سان ئي خيال جز مان ڪل
۾ سمائجي ٿو. اهڙين حدبندين کان آزاد سرجيل نظم جي
آزادي عوام سان رشتي جوڙڻ ۾ مدد ڏئي ٿي: سحر امداد
چواڻي ته:
”گدائي، اياز، امداد، تنوير، بشير، نياز،
ذوالفقار، بردو، استاد، فتاح، شمشير، سحر ۽ انور
جديد دور جا اهي سر موڙ شاعر آهن، جن انسان ذات جي
دکن ۽ دردن کي پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ سمايو ۽ انساني
آسن ۽ اميدن کي ڀرپور نموني اظـﻫـاريو. رسول بخش
پليجي نئين دور جي انـﻫـن پيغامبرن بابت چيو: نئين
زماني جي شاعرن، اديبن، ۽ دانشورن سڄي حياتي انسان
ذات جي دکن ۽ دردن، آسن ۽ اميدن، احساسن ۽ جذبن جا
داستان لکيا.“ (سحر، 2008ع: 385)
شمشير جي سڄي شاعريءَ جو مرڪز ۽ محور انساني زندگي
۽ انسان دوستي ئي رهيو آهي. هن پنـﻫـنجن سگھارن
نظمن ذريعي مظلومن ۾ مزاحمت جو روح ڦوڪي سندن آواز
کي اتساهه ڏئي احتجاج جي ميدان عمل ۾ آندو. هن جي
شاعريءَ ۾ هر ڏاڍ جي ڏونگر کي ڏارڻ جي للڪار
جھـلڪندي نظر اچي ٿي. هن پنـﻫـنجن سگھارن نظمن
ذريعي جتي سنڌي ادب کي جلا، جوت بخشي، اتي هن
پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي قوم کي شعور ڏئي انسان
دوستيءَ جي فڪر ۾ پوئي ڇڏيو. جيئن سندس هيءُ نظم
آهي ته:
اُٿو اُٿو، بکن جا ماريل اُٿو!
اُٿو اُٿو، ڏکن جا ڏاڙهيل اُٿو!
اي ڳڻتين جا ڳاريل، مصيبتن جا ماريل،
صدين جي ساز باز سان، صليب تي سمهاريل،
اُٿو اي وقت جا وساريل اُٿو!
اُٿو جو هاڻي فيصلي جو سج پيو ڪَني ڪڍي،
اُٿو جو هاڻ هڪ نئون جـﻫـان پيو جنم وٺي،
اُٿو نصيب جا ڌڪاريل اُٿو!
ڏسو ته هو روايتن جا ڪاڪ محل پيا ڪرن،
ڏسو ته هو غلامين جا ڪوٽ ڍير پيا ٿين،
اُٿو مصيبتن جا ماريل اٿو!
اُٿو جو هاڻ پنـﻫـنجي هيءَ جنگ آهي آخري،
سنڀاليو پنـﻫـنجا مورچا، محاذ تي وري وري،
اُٿو اي ڳڻتين جا ڳاريل اُٿو!
هر جدت جو تخليقڪار کي پاڻ ڏانـﻫـن متوجه ڪرڻ، هڪ
قدرتي عمل سمجھيو وڃي ٿو. ظاهر آهي ته هڪ سٺو
تخليقڪار نواڻ چاهيندو، جنـﻫـن لاءِ هو يقيناً
جاکوڙ ڪندي، مطالعو ۽ مشاهدو ڪري تخيل جي دنيا ۾
نيون راهون تلاش ڪندو رهندو. پوءِ اهڙي ڪوشش ۽
جستجو کيس
تخليق، تخيل جي دنيا ۾ امرتا، سڦلتا بخشيندي آهي.
ائين ئي شمشير به تخليق جي دنيا ۾ نيون راهون تلاش
ڪيون. نيون راهون تلاش ڪرڻ سان ئي هڪ تخليقڪار کي
نئون فڪر، نئين سوچ ۽ لوچ، نئون احساس ۽ ادراڪ
ملندو آهي. اهڙي جاکوڙ ۽ جستجو کان پوءِ ئي هڪ
تخليقڪار جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ ڦاٿل قلم جي نيري نب
مان نيون صنفون، نوان خيال ۽ نون لفظن جا ريشمي
تاڪيا کلڻ شروع ٿيندا آهن؛ اهڙي جدت ئي هڪ ڪويءَ
کي مـﻫـان بڻائيندي آهي.
سحر امداد، وري نظم جي وضاحت پنـﻫـنجن لفظن ۾ هيئن
ڪئي آهي ته:
”مغربي ادب جي مطالعي سنڌي ادب کي ڪيتريون ئي نيون
صنفون ڏنيون. نظم جون انيڪ صورتون: آزاد نظم، بي
قافيا نظم، نثري نظم، مغربي ادب جو اثر سنڌي ادب
تي ظاهر ڪن ٿيون. نظم جديد سنڌي شاعريءَ جي هڪ
انتـﻫـائي اهم صنف آهي. نظم جي صنف شاعر کي
اظـﻫـار لاءِ وسيع ميدان مـﻫـيا ڪري ٿي. نظم جي
روايتي هيئتن سان گڏ مختصر نظم، طويل نظم، بي
قافيا نظم، آزاد نظم ۽ نثري نظم شاعرن کي ڪيتريون
جدتون ۽ آزاديون بخشين ٿيون … نظم ۽ ٻين صنفن جي
ڀيٽ ۾ تجربي جي وڌيڪ گنجائش آهي … نظم جي صنف شاعر
کي گھڻي کان گھڻي آزادي به مـﻫـيا ڪري ٿي. ان ڪري
اها آزادي عوام سان رشتي جوڙڻ ۾ واهر پڻ ڪري ٿي.“
(سحر، 2008ع: 381- 382)
شمشير به پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي عوام سان
پنـﻫـنجي محبت جي اظـﻫـار جو رشتو جوڙيو. هن لوڪ
جي لڙڪن، ڏکن، ڏولاون، دردن، دانـﻫـن ۽ ڏاڍن جي
ڏاڍائيءَ تي پنـﻫـنجي قلم کي جنبش ۾ آندو. هو
ڌرتيءَ جي دردن کان وٺي عوام جي ڏکن تائين ورچي
ويـﻫـڻ بجاءِ، شاه لطيفؒ جي لفظن جيان ’ويـﻫـڻ مون
نه وڙاءُ‘ جي مصداق بڻيو. جڏهن ملڪ جي ايوبي آمريت
جي راڄ ۾ سنڌ جي نازڪ ڳچيءَ ۾ ون يونٽ جو ڳٽ وڌو
وڃي ٿو، تڏهن سنڌ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو دؤر شروع ٿئي
ٿو. جڏهن هر گيدي سياستدان ۽ ويڪائو شاعر يا اديب
خاموش رهي ٿو ۽ ڪير به آمريت جي ڪاريءَ رات کي ڏاڍ
جي رات چوڻ لاءِ تيار ناهي ته اتي شمشيرالحيدريءَ
جـﻫـڙا باضميرشاعر ئي هئا، جن ٻوليءَ ۽ ادب جي ان
محاذ تي سنڌ جي حقن جي ويڙهه وڙهڻ لاءِ آمر آڏو
ڳاٽ اوچو ۽ سينو سپر ڪري، سندس آمريت کي للڪار ڪري
هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي.
هن پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي وقت جي آمر تي وڏا وار
ڪيا؛ جيئن سندس هڪ نظم آهي ته:
اڄ وري تاريخ جا دفتر کليا،
اڄ وري انسان جا جوهر کليا،
اڄ وري جاڳيو زماني جو ضمير،
اڄ وري انصاف تي ڏمريو اسير،
اڄ وري زنجير سان سرچاءُ ٿيو،
اڄ وري زندان جو ٺـﻫـراءُ ٿيو،
اڄ وري اظـﻫـار تي پـﻫـرو لڳو،
اڄ وري منصور ڦاهيءَ تي چڙهيو.
(شمشير)
آزاد نظم سرجڻ کان پوءِ اها صنف شمشير جي شاعريءَ
جي سڃاڻپ بڻجي وئي؛ پوءِ ان کي ٻين شاعرن به لکڻ
شروع ڪيو، جيڪو پوءِ جديد شاعريءَ جي صنف سڏجڻ
لڳو. ائين هلندي هلندي شمشير جا آزاد نظم جديد
سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جا منفرد نظم سڏجڻ لڳا؛ جن
مان سندس هي ڪجھ چونڊ نظم
آهن:’همسفرو‘،’مشورا‘،’پيشڪش‘،’آرزو جو سفر‘،
’لطيفي لات‘، ’ڪاڪ محل‘، ’پيدائش‘، ’سنڌ جو
ضمير‘۽’پيشڪش‘. سندس منفرد تخيل:’حُسن بانوءَ‘
وارو نظم ’پيشڪش‘ آهي، جنـﻫـن جا هي ٻه بند آهن ته
:
وقت جو مالهي عجيب
ڪنـﻫـن عجب اڻڄاڻ شـﻫـزاديءَ جي لاءِ منتظر
دل کي اکين ۾ سمائي
درد جو درياء وهائي
پيو سدا پوکي محبت جا نوان تازا گلاب _
پيشڪش جي لاءِ خوشبو جو ثمر
مدتن کان پوءِ ڪڏهين اوچتو
شورشن ۽ حادثن جي سلطنت جي شـﻫـزادي
زندگيءَ جي حسن بانو
وقت جي اَڻٿڪ اميدن جي گلابن ۾ ٿئي ٿي جلوه گر:
دل ئي دل ۾ مسڪرائي
قرب جون ٻانـﻫـون وڌائي
پيار سان پنـﻫـنجو بنائي
ٿي ڪري
درد جو تحفو قبول!
(شمشير)
شمشير آزاد نظم کي اهڙي ته اٽڪل سان سرجي ٿو جو
پڙهندڙ کي ڪٿي به ڪائي رنڊڪ محسوس نه ٿي ٿئي ۽ هو
هڪ ئي ساهيءَ ۾ آسانيءَ سان سندس سڄو نظم پڙهي وڃي
ٿو. جيئن سندس هي آزاد نظم ’مشورا‘ آهي ته:
چوي ڪير ٿو ،
ته تون ڪجھ نه ڪر؟
ڀلا ڪير ٿو توکي روڪي،
ته تون پنـﻫـنجي حسن دو روزه تي نازان نه ٿي
جوانيءَ جي دولت تي شادان نه ٿي ؟
چوي ڪير ٿو،
ته تون پنـﻫـنجي جوڀن جياريل بـﻫـارن جي بخشيل،
سُريلي ۽
شفاف، نرمل ۽ نازڪ گلابي بدن تي.
سدا صاف ريشم۽ ڪمخواب و مخمل جي زرتار پوشاڪ
پـﻫـرڻ
ڇڏي ڏي:
نه ڪر سينڌ سرمو،
۽ پنـﻫـنجن خيالن کي دل جي ئي ويران خانن ۾ جڪڙي
تبسم جي چپڙن تي شوخيءَ جي سُرخي لڳائڻ ڇڏي ڏي؟
چوي ڪير ٿو زماني کي قائل بنائڻ ڇڏي ڏي؟
(حيدري، 2012ع الف: 76)
شمشير جي آزاد نظم ’مشورا‘ لاءِ سحر امداد،
پنـﻫـنجي ڪتاب ۾ هڪ هنڌ هيئن لکيو آهي ته:
”شمشير جو آزاد نظم ’مشورا‘ هڪ مثالي حيثيت رکي
ٿو. سندس آزاد نظم جي سٽن مان سٽون ائين ڦٽن ٿيون
جو سندس آزاد نظمن کي پڙهندي ماڻهوءَ کي ساهه کڻڻ
لاءِ وٿي نه ٿي ملي ۽ لڳي ٿو نظم جي شروعات کان
آخر تائين هڪڙي ئي سٽ آهي جا بنا ڪنـﻫـن وٿيءَ جي
مسلسل هلي پئي. آزاد نظم جو اهو ئي ڪمال آهي ۽
اسان جي جديد شاعرن اهو ڪمال ڪري ڏيکاريو.“ (سحر،
2008ع: 392)
شمشير جو نظم ’لطيفي لات‘، شاهه لطيفؒ کي، جنـﻫـن
جي دل ۾ روشنيءَ جو راڄ آهي، جديد انداز ۾ ڀيٽا
آهي؛ جيڪو تخيل جي دنيا ۾ هڪ منفرد، نرالو ۽
نمايان نظر اچي رهيو آهي:
وقت تي حالات جا پاڇا پيا
چوطرف خاموشين شورش ڪئي
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو
روشني چپ چاپ منـﻫـن موڙي وئي
روح کي بيچينيون گھيري ويون
دانـﻫـن کان مايوس ٿي. سُڏڪا ڀري
زندگي قيديءَ جيان روئندي رهي :
ڪيئي صديون ، ڪيئي سال
عقل جي تاريخ موٽي پئي وئي
تنـﻫـن گھڙيءَ
وقت جي شاعر جي دل تڙڦي اُٿي !
هر طرح جون نعمتون موٽي ويون ٺڪرائجي
هار کائي ويا زماني جا فريب
آخر ڀڙ ڪي اُٿي دوزخ جي آڳ
يعني مرڪي پيئي جنت جي ڪنيز :
ظلمتن جي ڇا خبر
وقت جو شاعر مگر مصروف هو
جنـﻫـن جي دل ۾
روشنيءَ جو راڄ هو، سوراج هو
وقت تي حالات جا پاڇا پيا
چوطرف خاموشين شورش ڪئي
ظلمتن کي رقص جو موقعو مليو
ڪيئي صديون ڪيئي سال :
وقت جو شاعر اڃان جاڳي پيو
زندگيءَ جي ساز تي
پنـﻫـنجي لطيفي لات کي !
(حيدري: 2012ع الف: 27- 28)
شمشير، اهڙن ڪميٽيڊ شاعرن، اديبن منجھان هو؛ جن
ادب کي واندڪائيءَ جي وندر، پيسي ڪمائڻ جو ذريعو
سمجھڻ بجاءِ ان جي اهميت کي سمجھي، ان وسيلي قوم ۾
سمجھ ، شعور پکيڙڻ لاءِ علم جي هڪ اهڙي لاٽ روشن
ڪئي. جنـﻫـن کي هن پنـﻫـنجي مقدر جو فيصلو سمجهيو؛
جيئن سندس شعر جو هڪ بند آهي ته:
ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم
اهو ئي منـﻫـنجي مقدر جو فيصلو آهي
شمشير توڙي جو آزاد نظم جو سگھارو شاعر هو پر سندس
غزل تي به دسترس ڪمال جي ڏسجي ٿي. جيئن
سندس’ٽِماهي مـﻫـراڻ‘ جي ٻئي دور(1955ع) جي
پـﻫـرين پرچي ۾ مليل غزل جو هيءُ هڪ بند آهي ته :
اي دوست! منـﻫـنجي تشنگيء ديد کي ته ڏس.
دامن ڪشِ نگاهه، نگارن جي ڳالهه ڪر.
(شمشير)
(سحر، 2008ع: 306)
شاعر جي جنـﻫـن شعر ۾ حقيقت جون ڏياٽيون بکن ته
اها ئي سندس روح جي گـﻫـرائيءَ سان سرجيل سچي ۽
سگھاري شاعري آهي. شمشير جي شاعريءَ جي هر هڪ شعر،
لفظ ۾ حقيقت ليئا پائيندي نظر اچي ٿي، جنـﻫـن ۾
مظلوم سان ٿيل انياءَ جي ڳالهه ٿيل آهي. هن جي
شاعريءَ ۾ جتي
’حُسن بانوءَ‘ جو ذڪر ٿيل آهي. اُتي انسان دوستيءَ
جي به ڳالهه ٿيل آهي. سندس شاعريءَ ۾ مزدور۽ محڪوم
کي پنـﻫـنجي حقن جي حاصلات لاءِ اُتساهه ڏيڻ جي به
ڳالهه ٿيل آهي؛ جيئن پنـﻫـنجي هڪ غزل جي بند ۾ چيو
اٿس ته :
ماحول جي مستيءَ ۾، مرڪن سان مليون سُرڪيون.
رُوحن جا اهي ريلا ، چانڊاڻ گھرن
شايد!
خالي به ڪريو جلدي ، انصاف جي مسند کي
مظلوم اچي پـﻫـتا، حقدار هجن
شايد!
(شمشير)
( سحر، 2008ع: 330)
شمشير جو 60 جي ڏهاڪي ۾ لکيل هيءُ ڪلاسيڪل نظم
‘ڪاڪ محل’ تخليق سان ڀرپور، نظم جي مقصد کي اُڀاري
ٿو؛ جنـﻫـن جا آخري هي بند آهن ته:
ڪير منزل کي رسي؟ ڪير ٿو ماڻي مومل؟
جان جادوءَ مان ڀلا ڪوئي ڇڏائي ته سـﻫـي!
ڪوئي لاهوتي لنگھي اڳتي. وڃي مقصد ڏانـﻫـن
ڇال ڇورين جا ڏسي، ڪوئي لنوائي ته سـﻫـي!
ها. مگر مينڌرا منزل کي رسي ئي رهندا
جادو نگريءَ جا طلسمات ٽٽي ئي رهندا
عقل ۽ عزم جا راڻا ويا اڳتي ڌوڪي
پنـﻫـنجي حالات جي مومل کي پسي ئي رهندا!
مال موهي نه سگھيو، ڪاڪ کان جھلجي نه سگھيا،
ڇال ڇورين جا لنگھي، ڪاپڙي وڌنـدا ئي رهيا.
مون کي شاهه ڀٽائيءَ جي وري ياد آئي
پنـﻫـنجي مومل سان ملڻ جي آ وري اڄ وائي.
(شمشير، 2012ع
الف: 29)
شمشير هونءَ ته گھڻو ڪجھ لکيو، پر هن پنـﻫـنجي
زندگيءَ ۾ جيڪي چند گيت لکيا، انـﻫـن ۾ انتـﻫـائي
مـﻫـارت رکيل اٿس. گيت جي صنف جي گھرجن تي به پورو
لٿل آهي ۽ ان حوالي سان جيڪي به گيت سرجيا تن جو
شمار ’ڪمال جي تخليق‘ ۾ ٿئي ٿو. سندس اسلوب ئي
سندس ٽيڪنڪ ڄاتي وئي، جيڪا اهڙي سگھاري انداز ۾
ڪنـﻫـن ٻئي کي هٿ نه اچي سگھي آهي. سندس لکيل ڪي
ئي اهڙا گيت ترقي پسند خيالن سان ڀرپور ۽ ڳوڙهي
مقصد ۽ اهميت کي اجاگر ڪن ٿا، اهڙن گيتن بيشڪ عوام
۾ وڏي مڃتا ماڻي؛ جيئن سندس هڪ لوڪ گيت
’جبل مٿي جھڙ‘ آهي.
شمشير عوامي سطح جو ماڻهو هو، ان اهڙا گيت به لکيا
جن مان لوڪ رنگ جي خوشبو جھلڪندي نظر اچي ٿي ۽
انهن عوام ۾ ڀرپور مقبوليت ماڻي؛ جيئن سندس گيت
’جبل مٿي جُھڙ‘ آهي:
جبل مٿي جُھڙ ڙي ڇورا
جبل مٿي جُھڙ
جھُڙ ته مون کي جھوري ڙي سڄڻ!
وار ته ڇڏيم ڇوڙي ڙي ڍولڻ
مُند ڏسي تون مُڙ
دنيا جي روشن خيال فڪر، انسان کي فطري حق جي بنياد
تي، انسان تسليم ڪيو. اهڙي روشن خيال فڪر، جتي
دنيا جي هر اديب کي متاثر ڪيو، اتي شمشير به اهڙي
عالمي روشن خيال فڪر جو اثر ورتو. اگر ڪٿي ڪنـﻫـن
انسان ذات کي ڪائي تڪليف آئي ٿي ته اتي روشن خيال
اديب ان تي رڙ ڪري ، انسانيت کي بيدار ڪري
پنـﻫـنجي دفاع، حقن جي حاصلات لاءِ مڙي مُٺ ٿيڻ
لاءِ اُتساهيو. طبقاتي نظام جي پيڙهيل انسانن کي
اُتساهڻ لاءِ هن به ڀرپور لکيوآهي؛ جيئن هي شعر
اٿس ته :
آڌي مانجھي سنجھ سواري.
رڙهندڙ رهجئين پير وڌاري.
(غفور، 2002ع:
487)
شمشير جي شاعري فڪري حوالي سان ڀرپور آهي. هن
پنـﻫـنجي سڄي شاعريءَ ۾ انسان دوستي ۽ پيڙهيل طبقي
جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ انـﻫـن جي مسئلن کي نمايان
انداز ۾ کنيو آهي. هن جي شاعريءَ کي پڙهڻ کانپوءِ
اهو واضح نموني نظر اچي رهيو آهي. سندس شاعريءَ جو
بنياد انسان دوستي، پيار محبت ۽ انسان ذات کي مان
ڏيڻ ۽ انهن کي حقن جي حاصلات لاءِ اتساهڻ تي ئي
رکيل آهي.
شمشير پنـﻫـنجي شاعريءَ وسيلي طبقاتي نظام جي شڪار
بڻيل انسان کي پنـﻫـنجي روشن خيال فڪر سان جاڳائڻ
جي ڳالهه ڪري ٿو؛ جيئن هن پنـﻫـنجي هڪ نظم ۾
مظلومن کي هڪ هنڌ گڏجڻ جو سڏ ڏيندي هيئن چيو آهي
ته :
اچ اچ گڏجي ڌوم مچايون
پنـﻫـنجو پاڻ ملهايون!
عمريون گذريون روئيندي، رڙندي
گيت خوشيءَ جا ڳايون!
هر هنڌ زر جو زور ٽٽي پيو
انسان ڪشمش مان نڪري پيو
اچ همت سان پاڻ به ساٿي
پنـﻫـنجو ڀاڳ ورايون!
ڌرم ڪرم جا جھڳڙا رڳڙا
مايا راڄ جا راکو رکڙا
پيار جو مذهب سڀ کان سـﻫـڻو
پيار جي جوت جڳايون!
(غفور، 2002ع:
487)
شمشير جتي انسان کي ڏکن ڏولاون مان ڪڍڻ لاءِ، کين
روشن خيال فڪر سان جاڳائڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، اتي
اُن جي حُسن، جوانيءَ ۽ محبت جي به ڳالهه ڪئي آهي.
گڏوگڏ انسان جي زندگيءَ کي به متحرڪ رهڻ جي سمجھ ۽
سوچ ڏني آهي. هو هن سماج جي نبض تي هٿ رکي ان کي
وڙهڻ جو به شعور ڏئي ٿو. هو ڏک کي ڏائڻ سان تشبيہـه،
ڏيندي ان جي ڏهڪاءَ جي نشاندهي پنـﻫـنجي شعر جي هڪ
بند ۾ هيئن ڪري ٿو ته:
فڪر ۽ نغما مات مري ويا ، ڪم ۽ چم وڪجن پيا ٻئي،
سک سمـﻫـڻ شمشير اڃان ڪٿ، ڏک جي ڏائڻ جاڳي پئي !
شمشير جي شاعري پڙهڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پـﻫـچجي
ٿو ته اگر سندس رسالو سـﻫـيڙي ان جو نالو
’جاڳو‘
رکجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. هن پنـﻫـنجي
شاعريءَ ۾ هاري پورهيت، مزدور جي ڳالهه ڪئي آهي.
ان کي اتساهه ڏئي ان کي جديد، نئين دور جي گھرجن
مطابق شعور ڏنو آهي. جيئن سندس هي هڪ شعر آهي ته :
مزدور جي محنت نظر انداز نه آهي
جمـﻫـور جو آهنگ بي آواز نه آهي
شب وَ روز نئين دور جي تعمير ڪريون ٿا
ڄاڻي ٿو زمانو به ، اهو راز نه آهي
ڪنـﻫـن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿياسين
زنجير کان وڌ پنـﻫـنجو دمساز نه آهي
(غفور، 2002ع:
487- 488)
شمشير به انـﻫـن شاعرن مان هڪ آهي جنـﻫـن رومانوي
روشن خيال، ترقي پسند فڪرکي پيار ڀرئي انداز سان
پيش ڪيو آهي. عشق کي آزاديءَ جي علامت طور کنيو
آهي ۽ هن پنـﻫـنجي شاعريءَ ۾ نئون سماج اڏڻ جي
ڳالهه ڪئي آهي. هو پنـﻫـنجي ڌرتيءَ خاطرسوري چڙهڻ
جي ڳالهه ڪندي، مـﻫـراڻ جي موجن سان گڏ سنڌ جي علم
و فيض جي ڳالهه ڪري ٿو؛ جيئن هڪ بند ۾ چيو اٿس ته
:
جھول ۾ تنـﻫـنجي سوين هزارين سالن جا سرمايا،
ساريءَ دنيا تنـﻫـنجي در تان ڪئي فيض پرايا،
موج ڀريي
مہراڻ
جون مستيون، تنـﻫـنجا اوج ڏسن.
سندس هي نظم
’همسفرو‘
لطيف جي لفظن جيان ’جاڳو جاڙيجا‘ جـﻫـڙو سجاڳيءَ
جو پيغام ڏئي ٿو ۽ ڀيانڪ حالات جي نشاندهي ڪندي،
ان کان هوشيار رهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
اي همسفرو!
چپ چاپ هلو
هوشيار هلو
اي همسفرو!
ماحول ڀيانڪ ٿو ڏسجي
ڪٿ راهه لاءِ خطرا آهٽ تي جاڳي نه پون!
اي همسفرو!
خاموش! ذرا هوشياريءَ سان!
اڄ رات ڪٺن آئي آهي
هي راهگذرمنزل جي سفر ۾ سڀني کان دشوار گذر آئي
آهي!
اي همسفرو!
بس جاڳ رکي
هوشياريءَ سان
هلندا ئي هلو:
هڪ ٻئي کي سنڀاليندي گذرو!
بس چند قدم منزل آهي!
هلندائي هلو
هلندائي هلو
اي همسفرو!
(حيدري، 2012ع،
الف: 66)
حوالاتي ڪتاب:
1.
حيدري، شمشير (2012ع
ب) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس. ڪراچي: ثقافت کاتو،
حڪومت سنڌ.
2.
حيدري، شمشير [1962] 2012 الف. لاٽ، ڇاپو ٽيون.
مرتب: سليم حيدري. ڪراچي: نئون نياپو اڪيڊمي.
3.
زهيرحسين حيدري (2012ع)
اداريو:
مولا تي ننگ، مرتب: خود- 7- 9. بدين: ڊاڪٽر نذير
حسين حيدري اڪيڊمي.
4.
سحر، امداد حسيني، ڊاڪٽر (2008) شعور شاعر شاعري.
ڄام
شورو: سنڌي ادبي بورڊ.
5.
)
ٽماهي
"مهـراڻ"،
آگسٽ 2013ع)
6.
فـﻫـميده حسين (2012ع) شمشير الحيدري، هڪ نرالو شاعر: مولا تي
ننگ، مرتب: زهير حسين حيدري- 64- 71. بدين: ڊاڪٽر
نذير حسين حيدري اڪيڊمي.
7.
ڪنڀر، حفيظ (2012ع) شمشير ڪٿي آهي؟
مولا تي ننگ، مرتب: زُهير حسين حيدري- 125- 129.
بدين: ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي.
8.
مورائي، رکيل (2012ع) اهڙو مفلس نه ڪنـﻫـن ڏٺو
هوندو. مولا تي ننگ، مرتب زهير حسين حيدري، 130-
133. بدين: ڊاڪٽر نذير حسين حيدري اڪيڊمي.
9.
ميمڻ، غفور، ڊاڪٽر (2002ع)
سنڌي ادب جو فڪري پس منظر. ڪراچي يونيورسٽي: شاهه
عبداللطيف ڀٽائي چيئر. |