مختيار يار محمد پنهور
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي؟
سنڌ جي جديد مزاحمتي ادبي تاريخ ۾ هڪ وڏي ويساهه
جو نالو شمشير الحيدري آهي. تازو سنڌ جي گاديءَ
واري شهر ڪراچيءَ مان شايع ٿيل هڪ رسالي سٿ ساگر
سنديلو ۽ طارق سنديلو جي شمشيرالحيدريءَ سان ڳالهه
ٻولهه ٿِي آهي، اها حاضر آهي.
رسالي ويساهه پاران اهو سوال ڪيو ويو ته سائين سنڌ
يونيورسٽيءَ جو معاملو هلي پيو، تعليم سميت سنڌ جي
مجموعي صورتحال تي توهان جي نظر رهي آهي، ان باري
۾ ڇا چوندا؟ ويساهه جو اهو سوال مارچ 2012ع واري
پهرين ڪڙي ۾ شامل ٿيل آهي.
جواب ۾ شمشيرالحيدري چيو آهي ته ٻار جي سکيا جي
پهرين يونيورسٽي ماءُ جي هنج آهي، اها اوهين ڏسو
ته جيڪو ڌاريو اثر آهي، ٻولي جو، ثقافت جو، روايتن
جو اهو اثر اسان جي گهرن تي ايترو پيو آهي جو اسان
جي ٻوليءَ ۾ به فرق اچي ويو آهي. ريتن رواجن ۾ به
فرق اچي ويو ۽ ماءُ جي جيڪا پهرين پهرين سکيا جي
هنج آهي، اها ناقص ٿي ويئي آهي. ان کان پوءِ آهي
اسڪول، اهو آهي پرائمري اسڪول جنهن جا استاد اڳي
مثالي هوندا هئا، جيڪي ماءُ کان پوءِ وڏا باڪردار
هوندا هئا ۽ فضيلت وارا شريف، نيت جا چڱا ۽ سکيا
جي مقصد کان سواءِ سندن ڪو ٻيو مقصد نه هوندو هو.
نيڪ نيتيءَ سان سيکاريندا هئا. هاڻي اها به هنج
ناقص ٿي ويئي، آهي ئي ڪانه ڪا. استاد جيڪي آهن سي
اوطاقن ۾ ويٺا آهن وڏيرن جون مزوريون ڪن ويٺا،
گسائين ٿا، گهر ويٺا آهن، پگهار کائن ويٺا، سڀ کڻي
نه چئجن پر هزارين لکين استاد ته ائين آهن. هاڻي
اهو به جيڪو پاسو آهي تعليم جو اسان جو، اهو به
ختم ٿي ويو. تنهن کان پوءِ آهي ڪاليج، هاڻي ڪاليج
۽ يونيورسٽي ۾ توهان پاڻ ڏسو ٿا ته اتي هلي ئي ٿي
پاليٽڪس. هاڻي اسان جي ڪري اسان وٽ تعليم آهي ئي
ڪانه، پوءِ بحث ڇا جو!!؟
اسين رڳو اهو ٿا چئون ته يونيورسٽين جون حالتون
خراب آهن، اتي جهيڙا جهٽا آهن پر اهو معاملو رڳو
ايستائين ڪونهي، ۽ اهو تمام هڪڙو گندو مسئلو ٿي
ويو آهي، جيستائين ڪي سٺيون حڪومتون نه اينديون،
سٺا سياستدان نه ايندا، ايستائين اهو سڌرندو ڪونه،
اسان جا جيڪي سمورا پاسا آهن سي ناقص ٿي ويا آهن.
استاد به اسان جا بيڪار ٿي ويا، مائٽ به ڏاڍي مزي
سان ويٺا آهن، آرام سان ۽ شاگرد سو به هن زماني جا
اهڙا آهن جو مائٽ ڊڄي ٿو ته هنن کي جيڪڏهن ڪو ٿورو
گهڻو چونداسين ته الائي ڇا ڪري وجهندا، اخبارن ۾
روزانو اهڙا واقعا رپورٽ ٿين ٿا ته همراهه کي ماني
رڳو ڪلاڪ دير سان ملي ته هن هڻي پنهنجو مٿو ڦاڙي
وڌو. هاڻي اها صورتحال آهي، جنهن ۾ سڀ جوابدار
آهيون، مجموعي طور سماج کي سڌارڻ ڏکيو آهي. هاڻي
ان جو جواب نه ڪو توهان وٽ آهي نه وري مون وٽ آهي.
سنڌ جي سماجي ڍانچي بابت ويساهه سٿ هڪ ٻيو سوال
ڪيو ته سائين دنيا جون اڪثر قومون جهڙوڪ: روس، چين
توڙي خود سپرپاور آمريڪا جو جيڪو اڀار ٿيو، سو
نهايت ئي پستي وارين حالتن کان پوءِ ٿيو، اهڙي
حوالي سان سنڌ ۾ اهڙو ڇا ٿيڻ گهرجي جيڪو سموري
نظام کي تبديل ڪري؟
سٿ جو هيءُ سوال اهم آهي، جنهن جي جواب ۾
شمشيرالحيدري اهو چيو ته: اهي جيڪي به ملڪ آهن سي
پنهنجن ڪلهن تي مٿي آيا آهن ۽ اسان جي سنڌ جي جيڪا
صورتحال آهي، سا اسان جي وس ۾ ڪانهي. اسان جي هٿ ۾
ڪانهي، اسان جون حالتون جيڪي آهن، سي ٻين جي حوالي
آهن، ٻين جي هٿ وس آهن، اهي جيئن چاهين جيڪي چاهين
تنهن پاسي ان کي هلائين ۽ موڙين. اسان جا جيڪي
اسيمبلي ميمبر ۽ وزير آهن سي به پنهنجي وس ۾
ڪونهن. پارٽي پاليٽڪس جي ڪري هنن جا جيڪڏهن ڪي
خيال سهي به هجن، اهي عمل ۾ نه ٿا آڻي سگهن. پارٽي
پاليٽڪس جي ڪري اهي چاهڻ جي باوجود ڪجهه ڪرڻ جي
پوزيشن ۾ نه ٿا نظر اچن. ان جي ڪري جيڪو ملڪ سنڌ
جهڙو پنهنجي وس ۾ ئي نه هجي، اهو ٻين ملڪن وانگر
تبديليءَ جي ڳالهه ئي نه ڪري. روس يا آمريڪا يا
ٻيا ملڪ پنهنجي ڪلهي تي پاڻ چڙهي اڳتي آيا آهن.ڌ،
اتي ڪي مرحلا ڏکيا ناهن پر پنهنجي لاءِ تمام ڏکيو
آهي، آسان ناهي، خاص ڪري هن وقت ته ڪا صورت نظر نه
ٿي اچي جو اسان جو سڌارو ڪو ٿي سگهي. اسان جو جيڪو
قومپرست ليڊر آهي، اسيمبلي ميمبر آهي، سينيٽر آهي.
هيٺ مٿي ويٺل سياستدان سڀني جا مفاد ساڳيا آهن، سڀ
هڪ ٻيڙي جا سوار آهن، انهن مان اسان کي ڪجهه ملڻو
ناهي. جيستائين ڪا نئين باڪردار ۽ فضيلت ڀري
ليڊرشپ نه اچي، جيڪا انقلابي هجي.
انهي سياسي منظر تان ويساهه سٿ وري هيءُ سوال ڪيو
ته: ”سائين ڀُٽي صاحب، پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي
ته جڏهن حالتون انتهائي خراب ٿي وينديون آهن ته
پوءِ نوجوان انقلابي قيادت ئي ملڪ کي بچائيندي
آهي.“ واري سوال جو جواب سنڌ جي اربيلي شاعر ۽
جهوني جاکوڙي شمشير الحيدري هن انداز ۾ ڏنو ته:
”اهو درست آهي ته جڏهن جيڪو تنگ ٿيندو آهي ماڻهو
ته پوءِ جنگ تي ايندو آهي. اها درست ڳالهه آهي
پنهنجي جاءِ تي پر هتي ته هي تنگ ٿيڻ ڏين ئي ڪونه
ٿا. هي لوڊشيڊنگ ٻه ڏينهن تيز ڪري وري پنجن ڏينهن
کان پوءِ چوندا ته سڀاڻي کان نه ٿيندي، وري پنج
ڏينهن رکي چوندا هاڻي نه ٿيندي. هتي سڀ ٺڳي آهي،
اسان وٽ سياست جيڪا آهي اها ٺڳي آهي. هاڻي اوهين
ڏسو ته اسين ڪتابن ۾ پڙهون ٿا ته سياست جيڪا آهي
سا سائنس آهي، پوليٽڪل سائنس سڏي ويندي آهي،
پوليٽڪل سائنس پڙهائي ويندي آهي، نتيجن جو علم آهي
سياست، ان ۾ نتيجا اهي ئي نڪرندا جيڪي اسين
سوچينداسين ته نڪرڻ کپن، جن جو اندازو لڳائي
سگهجي، اهي نتيجا نڪرندا آهن.
پاڪستان اڪيلو ملڪ آهي جتي سياست، سائنس به ناهي،
اسان وٽ سياست آرٽ آهي، کيڏ آهي، هڪڙي راند آهي،
جنهن ۾ سڀ ڪجهه جائز ڇا به ڪريو. توهان کي به راند
رهڻي آهي ۽ وقت ڪڍڻو آهي، هتي سياست ۾ شرافت ۽
فضيلت ته ڪا آهي ڪانه، سو هن ملڪ ۾ توقع رکڻ ته
اسين مزاحمت يا ٻئي ڪنهن طريقي سان کٽينداسين،
اهو ڪونه ٿي سگهندو، هتي جيڪا جنگ لڳندي سا ڏاڍي
بڇڙي لڳندي، فضيلت واري جنگ جنهن مان ڪو نتيجو
نڪري، هتي امڪان ناهي، حالتون بدلجن، ڪي ذهن تبديل
ٿين، ڪي اڳواڻ پيدا ٿين. اهڙي قسم جي ڳالهه جي هن
ملڪ ۾ اميد گهٽ آهي، ڇاڪاڻ ته هتي سياست، نتيجن جو
علم ناهي پر سياست هڪ کيڏ آهي. راند آهي، چال آهي
يا چالبازي.“
ون يونٽ خلاف سنڌي ادبي سنگت جهڙي هڪ وڏي تحريڪ جي
اڳواڻي ڪندڙ هن سٻاجهڙي ادبي اڳواڻ جي انهن ويچارن
تي نئون سوال پيدا ٿيو، جنهن تي ويساهه سٿ اهو به
سوال ڪري ڇڏيو ته:
سو مڪمل مايوسي واري ڪيفيت آهي؟ جنهن جو جواب
شمشيرالحيدري وٽ اهو سامهون آيو ته ”جيئن چوندا
آهن ته مايوس ٿيڻ، مايوسي گناهه آهي، پر حقيقتن کي
لڪائڻ انهن تي پردو رکڻ پرده پوشي ڪرڻ، اهو ان کان
وڏو گناهه حقيقتن کي لڪائڻ آهي. اسان لاءِ ڪهڙو
وقت اچي رهيو آهي، سو جيڪڏهن اسين سمجهون نه ٿا ۽
ان جي لاءِ سوچيو نه ٿا، ته اها وڏي ۾ وڏي ڏک جهڙي
ڳالهه آهي. هن وڌيڪ سوال تي جواب ۾ هن جو چوڻ هو
ته مون پئي چيو ته هدايت ڏيڻ وارا هادي هوندا آهن،
پاڻ ان پوزيشن ۾ ناهيون، تمام هلڪا ماڻهو آهيون،
سو اسان کي ڪوئي اذن ناهي ته ماڻهن کي هدايتون
ڏيون. ڪا چڱي ڳالهه هوندي آهي، وات مان نڪرندي
آهي، ڪنهن کي چڱي لڳي ته اها عمل جوڳي ٿي سگهي ٿي،
باقي هدايت رب پاڪ کان اچي ٿي. قدرت کان ملي ٿي،
پيرن پيغمبرن کان ملي ٿي. سو اها اسان جي وس جي
ڳالهه ناهي، خاص ڪري هن زماني جون جيڪي هدايتون
آهن سي ته عملي هدايتون آهن، ڪي روحاني ڏس پتا
ناهن جو چئجي ته فلاڻو فلاڻو عمل ڪريو ته ڪاميابي
ملي، سو هاڻي اهو زمانو ته آهي ڪو نه، هاڻي بس
ماڻهن کي الله سائين ساڃهه ڏئي، نه ته گاڏي ته
ائين ڊوڙندي پئي وڃي جو خبر ناهي ته ڪٿي وڃي هڻندي
ڇو جو اسين پاڻ سنڀاليون ڪونه ٿا، سو پاڻ اسين
ڪجهه ڪريون ڪونه ٿا، جيڪا ڳالهه آهي، سا چئون ٿا،
ته هيئن جيڪر ٿي وڃي. اسان ته کڻي سڄو بار پنهنجو
رکيو آهي پير فقيرن جي مٿان، ته ابا قلندر
بچائيندو، ڀٽائي بچائيندو، سچل بچائيندو ٻيا هيترا
سارا پير آهن، سي بچائيندا، اسان کي ڪجهه ڪرڻو ئي
ڪونهي، ويٺا هونداسين، بس سڄي دنيا کي هلائي ٿي
انڊسٽري. ڪيپيٽل ازم جو ڄار وڇايل آهي، سموري دنيا
۾ حڪومتن تي واپاري اثر انداز ٿين ٿا. اسان وٽ
پيسو جام آهي، وڏيري وٽ جام وسيلا آهن، ٻئي پاسي
ڏانهن وري بلڪل خالي پاسو آهي، ڪا شيءِ نظر ڪانه
ٿي اچي، جو اهو پيسو مارڪيٽ ۾ نه ٿو اچي. بينڪن ۾
رهجي وڃي ٿو.“
هن ڳالهه ٻولهه دوران هڪ اهم سوال صحافتي به هو ته
سياسي به اهو سوال ويساهه سٿ هن انداز ۾ ڪيو ته:
”سائين توهان مهراڻ اخبار ۾ ايڊيٽر طور رهيا آهيو
۽ مهراڻ کي سنڌ ۾ هڪ اڀار ڏنو، پير سائين پاڳاري
جي حوالي سان توهان ڪجهه ٻڌايو؟“ هي هن جو اهم دور
آهي ۽ شمشيرالحيدري جواب ۾ اهو چيو ته:
”پير صاحب جو شروعاتي زمانو جيئن ته ٻاهر گذريو
پوءِ هو واپس آيو ته جي.ايڇ.ڪيو جو ماڻهو پاڻ کي
سڏائيندو رهيو سو ان جي ڪري سندس شخصيت جو هڪ پاسو
سامهون اچي سگهيو. باقي پير صاحب ڪي اهڙيون
ڳالهيون ڪري ويندو هو ڀوڳ ئي ڀوڳ ۾، پوءِ ڪي درست
نڪرن ڪي غلط نڪرن. پر انهن ۾ هُو ڪم جي ڳالهه ڪري
ويندو هو. باقي ذاتي طور تي تمام سٺو هو پنهنجي
سنڌ جي رواج ۾ تمام فهميدو هو، ۽ پوين ڪجهه سالن ۾
هن جيڪي خاص طور تي نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو،
اها تمام اهم ڳالهه آهي. هن پنهنجي حرن ۽ مريدن کي
تاڪيد ڪئي ته عورتن کي پڙهايو. ڇوڪرين کي تعليم
ڏياريو اها جيڪا آهي سا وڏي ڳالهه آهي. چوڻ اهو
آهي جو حر پير صاحب جا معتقد تمام گهڻا ٿين ٿا.
تنهنڪري هو مڃين ٿا پير صاحب پاڳاري جي ڳالهه کي
سو جيڪڏهن اهي پير صاحب جي ان قول تي رهن ته اهو
تمام وڏو انقلابي قدم هوندو. پر ان حوالي سان ڪو
ڪنهن جي طرفان عملي قدم نه آيو آهي. هاڻي جيڪي پير
آهن سنڌ ۾، هڪڙا ته پير آهن جيڪي ڪجهه نه ٿا ڪن،
انهن جو طريقو ئي ٻيو آهي، ڪجهه پير اهڙا آهن جن
اصلاحي ڪم ڪيا آهن، ٻيا ننڍا پير به آهن جن پنهنجي
تر ۾ ڪم ڪيا آهن. جيئن هالن جا پير آهن، هالن جي
پيرن، تعليمي خدمتون تمام گهڻيون ڏنيون آهن، ڪاليج
قائم ڪيا اٿن، سهولتون ڏنيون اٿن ۽ تعليم لاءِ
ڪافي ڪم ڪيا اٿن. ادبي ميدان ۾ ڪم ڪيو اٿن، ثقافتي
ميدان ۾ به پاڻ ملهايو اٿن. راڳ ۾ حصو ورتو اٿن،
شاهه لطيف کي هنن گهڻو وڌايو آهي، راڳ جي سرپرستي
ڪئي آهي، اها به پيراڻي روش جي خلاف ڳالهه آهي سو
هالا جا جيڪي پير آهن مخدوم، تن اها ڳالهه ڪئي
آهي، سا چڱي ساراهه جوڳي ڳالهه آهي.
هاڻي وري ٻيو مثال ڏسون ٿا پرنس ڪريم آغا خان جو،
جيڪو اسماعيلين جو پير آهي، هاڻي آهي ته اهو جديد
زمانو جو ماڻهو ڪوٽ سوٽ وارو، جهازن تي چڙهڻ وارو،
اٿڻ ويهڻ وارو، کائڻ پيئڻ وارو، پر ان جي باوجود
پير جيڪو آهي تنهن جا جيڪي ڪروڙين مريد آهن سموري
دنيا ۾، انهن سان هن جو واهپو رهي ٿو، جو ڪڏهن به
مريدن کان پيسا ڦري نه ٿو، جتي به وڃي ٿو اتي جيڪا
کيس سوکڙي، پيسن جي هڙ پيش ٿئي ٿي، اهي پيسا ۽ ان
۾ پنهنجا پيسا شامل ڪري مريدن کي ڏئي ٿو ته هن مان
ڪو اسڪول قائم ڪريو، ڪا اسپتال ٺهرايو، جيڪا عام
فائدي جي ڳالهه آهي، اهڙا خير جا ڪم هن الاهي ڪيا
آهن. اسان وٽ آغا خان اسپتالون، مڪتب جيڪي موجود
آهن، انهن تمام وڏو رڪارڊ قائم ڪيو آهي. درسگاهون
آهن جن مان وڏو لاڀ مليو آهي. هاڻي اهي جيڪي
خدمتون آهن سي پيراڻيون خدمتون آهن پر تمام ساراهه
جوڳيون آهن. هاڻي اهڙا جيڪي پير آهن، تن جا اهڙا
ڪارناما تمام ساراهه جوڳا آهن ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا
جيڪي پير وڏيرا آهن، تن ڪجهه ناهي ڪيو، اهي پيسا
کائڻ جي پويان آهن پر عام ڀلائي جي استعمال ۾ آڻڻ
لاءِ تيار ناهن. پير صاحب پاڳاري جي جيڪا اها
ڳالهه آهي نياڻين جي تعليم جي حوالي سان، تمام چڱي
ڳالهه آهي پر ضرورت آهي ته سندس ان قول تي، هدايت
تي اهڙي ئي ريت عمل به ڪيو وڃي. موجوده پير صاحب
پاڳاري صاحب کي ان ڳالهه تي عمل ڪرائڻ کپي، ڇاڪاڻ
ته اها ڳالهه سندس بزرگن فرمائي ته کيس ان تي عمل
ڪرائڻ گهرجي. “
توهان جي رهيل ڪتابن جي حوالي سان ڪنهن اداري
توهان سان رابطو ڪيو آهي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن
چيو ته:
جيڪي ڪتاب منهنجا آهن سي تقريبن سمورا ڇپائيءَ
خاطر مختلف ادارن وٽ آهن، هڪڙو ٻارن جي گيتن جو
ڪتاب، جيڪي گيت مون ٽي.وي تي لکيا ٻارڙن جا گيت،
روشن تارا جي نالي سان، اهو لئنگويج اٿارٽي ڇپرائي
پئي، تقريباً تيار آهي، بس آرٽ ورڪ رهيل آهي پر
تقريبن مڪمل آهي، ان کان پوءِ نظمن جو ڪتاب آهي،
اهو انجمن ترقي پسند مصنفين وارا ڇپرائين پيا، اهو
ڪمپوز ٿي ويو آهي، باقي جيڪو مرحلو آهي اهو طئي
ٿيندو، اهو به ٿوري وقت اندر ڇپجي ويندو. ان کان
پوءِ جيڪي ڪتاب منهنجا ڇپيل آهن 1972ع ۾ جن ۾ سنڌي
آزاد نظم جي اوسر ۽ سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب، اهي ٻئي
ڪتاب بي.اي (آنرس) ۽ ايم.اي ۾ شامل آهن، اهي ٻئي
ڪتاب ملائي ڪلچر ڊپارٽمينٽ ڇپرائي پيو. اهو پريس ۾
ويل آهي ۽ جلد ڇپجي ويندو. باقي جيڪي رهيل نظم
آهن، غزل آهن، بيت آهن، اهو سمورو ڪلام گڏ ڪري
منهنجي نظر ته ڪم نه ٿي ڪري پر پنهنجي ڇوڪري کي
ٻڌائيندو ويندو آهيان اهو تيار ڪندو آهي، سو هي ٿڌ
جا ڪجهه ڏينهن گذرن ته آءٌ ويندس اسلام آباد، پوءِ
اتي وري ٻيهر ان ڪم کي شروع ڪرائيندس. اهو سنڌي
ادبي بورڊ وارا ڇپرائڻ گهرن ٿا، ان جي ڪري ڪتاب
سمورا تقريباً ڇپائيءَ جي مختلف مرحلن ۾ آهن.“
ويساهه سٿ جو سوال ته ”سائين اڃا لکڻ جي حوالي
سان...“ جي جواب ۾ شمشير هن وقت ورندي ڏني ته:
”هاڻي نظر پوي ڪانه پئي باقي آءٌ پنهنجي حياتيءَ
جو احوال لکرايان پيو، ڪجهه سؤ سوا پيج آءٌ لکرائي
به آيو آهيان، هاڻي جڏهن اسلام آباد ويندس ته وري
ان ڪم کي اڳتي وڌائيندس، هڪڙو انگريزي ڪتاب جيڪو
مون ۽ انور پيرزادي گڏجي ڪري انفارميشن ڊپارٽمينٽ
جي لاءِ لکيو هو، اهو هاڻي پڌرو ٿي ويو آهي. “
ويساهه: سائين توهان جو علاج هلي ٿو؟
شمشير: سائين علاج آهي ڪونه (ٿوري دير خاموشي)
علاج آهي ئي ڪونه، تنهن جي ڪري ماٺ ڪري ويٺو
آهيان.
ويساهه لاءِ سائين ڪجهه...
شمشير: منهنجون دعائون توهان سان گڏ آهن، الله
توهان کي ڪاميابي ڏيندو، ۽ محنتون توهان جون
سجايون وينديون.
اهي مٿي ڄاڻايل اهم ڳالهيون سنڌ جي سپوت شاعر جون
آهن جيڪي ويساهه سٿ پاران رڪارڊ تي آيل آهن، انهي
اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ هتي لفظ ويساهه سان
سچائيءَ جو رشتي طور ٻيهر شامل ڪرڻ جو مقصد اڄ سنڌ
جي هڪ وڏي اديب ۽ پارکو سان آرٽس جي محبت جو ميڙ
مچايو ويو آهي، ان محبتي ماحول ۾ پنهنجي حصي جي
انداز سان شامل ٿيڻ آهي ته اچو ته سمورا محبتي
ميڙي ڳوٺ ٻڌو هڪڙو. اهو ويساهه جو ڳوٺ آهي جتي ساک
پت جهڙي سچائيءَ جي سونهن هجي. (ويساهه جي ٿورن
سان)
انور ابڙو
نيچر پنهنجو پاڻ خال ڀريندي ايندي آهي-
“هڪڙا ويا، ٻيا ايندا“
(سنڌ جي بهترين شاعر شمشيرالحيدريءَ جو هڪ يادگار
انٽرويو)
مون 2002ع ۾ هڪ ٽي.وي چينل لاءِ شمشيرالحيدري صاحب
جن کان پنهنجي دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر
ليلارام جي فليٽ تي (جيڪو حيدر منزل جي آسپاس هو)
انٽرويو ڪيو هو. ان انٽرويوءَ جي وقفي دوران
ليلارام ۽ مون شمشيرالحيدريءَ سان، شيخ اياز صاحب
(جنهن جو لاڏاڻو ڪي پنج سال اڳ ٿيو هيو) بابت هڪ
گڏيل مختصر ڪچهري ڪئي، جيڪا ڪئميرا مين رڪارڊ ڪندو
ويو هو، ان ڪچهريءَ دوران شمشيرالحيدريءَ انتهائي
سچائيءَ سان پنهنجي راءِ ڏني هئي، سو اُن ڪچهريءَ
جو ڪجهه حصو، جيڪو مان ڊي.وي.ڊي تان اُتاري سگهيو
هيس، اُهو هتي ڏجي ٿو:
سوال |
سائين، اوهان شيخ اياز صاحب کي ڀٽائي
سائينءَ کان پوءِ، سنڌي ٻوليءَ جو وڏو شاعر
تسليم ڪريو ٿا؟ |
جواب |
بابا، اياز پاڻ ٿو چوي نه، ته مان وڏو
آهيان، دنيا چوي نه، تڏهن خبر پوي نه، ڪير
چوي ته، آءٌ وڏو آهيان، ته اِن سان ڪير وڏو
ٿيندو آ ڇا؟ اهو ته وڏي ۾ وڏو بيوقوف آهي،
جيڪو چوي ته آءٌ وڏو آهيان، اِهو ڦڏو اوهين
وچ تي آڻيو ئي نه، ته ڪير وڏو آ، ڪير ننڍو
آ. |
سوال |
اِن بحث کي
Positive
بڻائيندي ائين به چئي سگهجي ٿو ته وڏي شاعر
جا ڪهڙا ماڻ ۽ ماپا آهن؟ اهو پڻ ڏسڻ گهرجي
ته ڪنهن جي شاعري وڌيڪ سٺي آهي ۽ ڪنهن جي
گهٽ؟ |
جواب |
اِهو سوال پيدا ڪرڻ ئي غلط آهي. |
سوال |
پر سائين اهو سوال ته اڳ ۾ ئي پيدا ٿيل آهي؟ |
جواب |
ڪنهن ڪونه ڪيو آ، اها رڳو بدمعاشي پئي هلي. |
سوال |
سائين، شيخ اياز صاحب کان پوءِ اهڙيون
ڳالهيون ميڊيا ۾ اچي چڪيون آهن، ڪنهن پئي
پاڻ کي اياز ثاني چوارايو، ته ڪنهن ڪجهه ٻيو
ٿي چوارايو؟ |
جواب |
ادا، رڳو ان تي ڊسڪس نه ڪريو ته اياز وڏو آ
ننڍو آ؟ ان تي آءٌ ٿو جواب ڏيان ته شاعر وڏو
ڇا کي چئبو آ؟ |
سوال |
ٻڌايو اوهان؟ |
جواب |
شاهه جي ٻهراڙيءَ جي ٻولي آهي، جيڪا ڪير
سمجهي ڪونه ٿو، شاهه کي سمجهي ٿو ماڻهو؟ اها
ٻهراڙيءَ جي ٻولي آ، شيخ اياز کي ڪير ٿو
سمجهي؟ |
سوال |
چون ٿا ته شيخ اياز ويهين صديءَ جو وڏو شاعر
آهي؟ |
جواب |
ڇا جو ويهين صديءَ جو وڏو شاعر آ؟ آءٌ لکي
ويٺو آهيان ته هو وڏو شاعر آ، ٺيڪ آ، آءٌ
هينئر ٿو اوهان کي ٻڌايان، جنهن کي رد ڏيان
ته ڏيئي ويندس. ڪير به وڏو شاعر ڪونهي.
منهنجو تو اهو مضمون پڙهو هو، جيڪو ”وڏا وڻ
وڻڪار جا“ تي مون لکيو هو. |
سوال |
ها سائين- تاجل بيوس جي ڪتاب تي اوهان لکيو
هو؟ |
جواب |
پوءِ…؟ اُن ۾ ڇا مون چيو هو؟ اِنهن کي حق
آهي ته اهي ”وڏا وڻ وڻڪار جا“ پاڻ کي
چوارائين؟ شاهه کان پوءِ اياز، تنهن کان
پوءِ تاجل، انهيءَ وچ ۾ ٻيا وڻ ئي ڪونهن. |
سوال |
اسان ائين ئي چوڻ پئي چاهيو ته پاڻ کي ڪير
پاڻ رتبو نه ڏئي. |
جواب |
جيڪي پاڻ ائين سڏائين ٿا، جن جو اِهو اِشو
پيدا ڪيل آ، اوهين اُن تي ڇو ٿا هلو. |
سوال |
سائين اسين چاهيون ٿا ته ماڻهن تائين ڳالهه
صاف ٿي پهچي. |
جواب |
هُنن هڪڙو اِشو پيدا ڪري توهان جي دماغ ۾
آڻي ڇڏيو آ، هاڻي توهان ان کي وڌايو پيا.
شيڪسپيئر جي زماني ۾ رڳو شيڪسپيئر اڪيلو
شاعر هو ڇا؟ اُن دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي چار سؤ
شاعر ٻيا به هوندا، جن مان هڪڙو هيءُ
شيڪسپيئر بچيو، ٻيا ڪيڏانهن ويا، ٻيا به ته
وڏا شاعر هوندا نه پنهنجي زماني ۾. قوم هڪڙي
ماڻهوءَ کي ياد رکيو آ بس، ٻيا ٻُڏي ويا. |
سوال |
سائين، اسين چاهيون ٿا ته شيخ اياز صاحب جا
همعصر اِن ڳالهه تي پنهنجي راءِ ڏين، ته
جيئن پڙهندڙن وٽ سڀني جا رايا اچن. |
جواب |
پڙهندڙن وٽ اِهو مسئلو موجود ئي ناهي، اوهين
انهن کي پيدا ٿا ڪري ڏيو. اوهان جهڙن ماڻهن
کي اهو نٿو سونهين، ٻيا ائين ڪن، اوهين ائين
نه ڪيو، توهين چڱن اصولن کي کڻو. |
سوال |
سائين، اسان اِهو سوال انڪري به پڇڻ پئي
چاهيو ڇو ته ڪنهن وڏي شاعر يا ڪهاڻيڪار جي
وفات کان پوءِ ان قسم جا سوال پيدا ٿيندا
آهن، جيئن نسيم کرل جي وفات کان پوءِ چيو
ويو هو ته ”نسيم کرل کي گولي لڳڻ کان پوءِ
سنڌي ڪهاڻي مري ويئي.“ |
جواب |
ڪير ٿو چوي ائين؟ |
سوال |
سائين اِهي ڳالهيون رپورٽ ٿيون آهن. |
جواب |
اِهو غلط آهي ته اسين تمام پيٽي پرابلمس کي
وٺيو ويٺا آهيون، بابا هي ٿي ويو، هاڻي ڇا
ٿي پيو؟ نيچر پنهنجو پاڻ خال ڀريندي ايندي
آهي، هڪڙا ويا، ٻيا ايندا، ائين هڪڙا ماڻهو
نظريو ڏيئي ويندا آهن، ٻيا اُنهن کي اڳتي
وڌائيندا ويندا آهن. |
شمشيرالحيدريءَ جي آتم-ڪٿا
]”فقير
بيان ڪري ٿو“ مان هڪ باب[
وڏا ماڻهو اُٿي بيهن، ننڍا ماڻهو ويهي رهن ته فقير
پنهنجو بيان شروع ڪري:
هي ساروڻيون فقير جي ننڍيءَ وهيءَ جون آهن ۽ اِهي
ننڍيون اِن ڪري به آهن جو اِنهن جو ڪو به آڳو-پيڇو
ڪونهي ۽ اِهي ايتريءَ ئي ڊيگهه-ويڪر جون آهن،
جيتريون آهن.
فقير جو هڪڙو ڪلامي تڪيو اِهو به آهي ته ”منهنجا
مولا، حافظو به ڏجئين، هاضمو به ڏجئين.“
حافظو ۽ هاضمو درست آهن ته پوڙهپڻ کي اچڻ ۾ دير
لڳي ٿي پر ”وقت چئي آءٌ بادشاهه“، سو عمر جو اثر
ته اوس پوڻو ئي آهي. فقير هينئر پنجهتر سالن جو
پوڙهو آهي، تڏهن به شڪر ڪري ٿو ته بدن جي مشين جا
اهي ٻئي پرزا اڃا وقت جي شير شاهه واري ڪٻاڙخاني ۾
موڪلڻ جهڙا نه ٿيا آهن.
فقير جي هڪڙي يادگيري تڏهن جي آهي، جڏهن هو رڳو ٽن
سالن جو هو. سندس انهيءَ يادگيريءَ جي تصديق، سندس
سس، جيڪا سندس پڦي هئي، تنهن به ڪئي. فقير جي گهر
واري هِن جي سڳي سوٽ، پڦيءَ جي ڌيءُ آهي. اٽڪل 35
سال اڳ، فقير پنهنجي پڦيءَ سان ننڍپڻ جي يادگيرين
جون ڳالهيون ڪري رهيو هو ته هن کي به اوچتو اها
يادگيري آئي ته اُهو ڏينهن فقير جي جنم جو ڏينهن
جو هو. فقير جي گهر واري، فقير کان ٽي سال ننڍي
آهي. فقير پنهنجيءَ پڦيءَ کي ٻڌايو ته گهر جي
فلاڻي ڪمري اڳيان، ورانڊي ۾ ويهي، پينگهي اڳيان،
تو منهنجي تڏهن نئين ڄايل گهر واريءَ کي ٺڪر جي
پاٽ ۾ وهنجاريو پئي، اها ڳالهه فقير کي ياد آهي.
انهيءَ تي فقير جي پڦيءَ کي سخت حيرت لڳي ته اهي
سڀ اهڃاڻ بلڪل درست آهن. جو هوءَ انهيءَ ئي هنڌ
ويهي، ٺڪر جي پاٽ ۾ پنهنجيءَ نئين ڄايل ڌيءُ کي
وهنجاريندي هئي.
فقير جي حافظي ۾ ٽن سالن واريءَ وهيءَ جي انهيءَ
يادگيريءَ کان به اڳ جو هڪڙو منظر محفوظ آهي.
فقير جو ڏاڏو هڪ مسڪين هاري هو، جيڪو پوءِ وڏو
واپاري، پساري ۽ حڪيم مشهور ٿيو. سندس گهر ان وقت
بدين شهر کان ڪڍڻ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ ڪچي رستي تي هو.
تڏهن جيڪي مينهن وسندا هئا، جيڪي گرميون ٿينديون
هيون ۽ جيڪي سيءَ پوندا هئا، سي هينئر ڪٿي آهن؟
فقير جي اڳيان ان وقت جي يادگيريءَ جو منظر هيئن
اچي ٿو ته: آڌيءَ رات جي مهل هئي، جهوپڙيءَ جهڙي
گهر جي ڀت، پکن سان ٺهيل هئي، فرش ڪچو هو، ننڍڙو
فقير پنهنجيءَ امڙ جي ڀرسان واڻ جي کٽ تي ويهي
جاڳي رهيو هو. شام کان، سخت گجگوڙ ۽ کنوڻ سان
مينهن پئجي رهيو هو. مينهن ايترو پيو هو جو کٽ جي
هيٺان پٽ سڄو ئي ٻڏي ويو هو. مٿان وري پکن واريءَ
ڇت مان پاڻي ايئن ٽمي رهيو هو جو هنڌ وهاڻا پسي ڀت
ٿي پيا هئا. لالٽين جي جهيڻي روشنيءَ ۾، فقير اڱڻ
۾ پاڻيءَ جي درياهه ۽ وڏ ڦڙي جي نچڪارن کي ڏسي
رهيو هو. کيس ڪڪرن جي گوڙ تي ڊپ ۽ کنوڻ جي تجلن تي
حيرت ٿي رهي هئي. پوءِ فقير کي ياد اچي ٿو ته کيس
سخت سيءُ پوڻ لڳو هو ۽ هو پنهنجيءَ امڙ جي گرم
ڇاتيءَ سان لڳي ويو هو.
ننڍڙي وهي ڪيڏي معصوم ٿيندي آهي، تنهن جو تصور ته
وڏيءَ ڄمار ۾ ڪري سگهجي ٿو، پر اهو لطف وري ماڻي
نٿو سگهجي. انهيءَ وهيءَ جي خوبي هيءَ آهي ته اها
فطرت سان لاڳاپيل رهي ٿي.
هڪڙي
ڀيري، ننڍپڻ ۾، فقير اڪيلو، پنهنجي منهن، گهر کان
نڪري، هڪڙي ڪچي پيچري تي هلندو ويو. آسپاس آباد
کيت هئا. هڪڙي هنڌ پاڻيءَ جو وڏو دُٻو بيٺل هو.
ڪنڌيءَ تي ناڙي جي ول پاڻيءَ جي اندر تائين پکڙيل
هئي. ول پاڻيءَ مٿان تري رهي هئي. ڪنڌيءَ کان ٿورو
اڳتي، ول ۾ ناڙي جا ڪجهه گل ٽڙي بيٺا هئا. فقير
انهن گلن کي ڏسي، اهڙي ڇڪ محسوس ڪئي، جهڙي کيس اڄ
تائين ڪنهن محبوبي صورت ڏسڻ سان به نه ٿي آهي. هو
ڪا دير پنهنجيءَ جاءِ تي بُت بڻجي بيهي رهيو. پوءِ
هو بيخياليءَ ۽ بي اختياريءَ ۾ وڌي اچي ڪنڌيءَ تي
بيٺو ۽ گلن کي ڪا دير ائين اک اٽڪائي ڏسندو رهيو،
جيئن ڪنهن من گهرئي منٺار جو ديدار نصيب ٿيو هجي.
پوءِ اندر ۾ انهيءَ مومل کي ماڻڻ جي شديد خواهش
پيدا ٿي ۽ فقير پاڻيءَ ۾ لهي پيو. اهي محبوبي گل
ڪجهه پرتي هئا پر فقير پاڻيءَ ۾ وڌندو، ول کي
ڇڪيندو، گلن کي ويجهو آڻيندو ويو. تڏهن به هو
ڇاتيءَ تائين اندر هليو ويو پر هڪڙي ناڙي جي
خوبصورت گل کي ڇهڻ ۽ پوءِ ان کي پٽي کڻي اچڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. ڪپڙا ڀِڄي پيا هئا ۽ پاڻيءَ ۾ پير
ترڪڻ يا ڪنهن کڏ ۾ ڪرڻ کان به قسمت سان محفوظ رهيو
هو پر جيڪا راحت ۽ خوشي فقير کي انهيءَ گل کي ڏسي
۽ حاصل ڪري ملي، تنهن جي ڪا به حد ڪا نه هئي.
ٻالڪپڻ ۾ فطرت جي ويجهڙائيءَ واري اها ڪيفيت اڄ
ڀلي نه محسوس ٿئي پر ان جي راحت ۽ خوشيءَ جو اثر
اڄ تائين فقير جي دل ۽ دماغ ۾ موجود آهي ۽ اهو
منظر هو ڪڏهن به وساري نه سگهيو آهي. جڏهن به اها
معصوم وهي ياد اچي ٿي ته فقير جي چپن تي هڪ گهري
مرڪ ڇانئجي وڃي ٿي.
هن وقت سرحد جا پٺاڻ ۽ افغانستان جا افغاني اسان
وٽ هڪڙي عام جنس ٿي پيا آهن، پر فقير جي ننڍپڻ
واريءَ يادگيريءَ ۾ اهي ماڻهو رڳو سياري جي موسم ۾
گرم ڪپڙا کڻي وڪڻڻ ايندا هئا ۽ موسم ختم ٿيڻ سان
هليا ويندا هئا.
تڏهن جيڪي سيارا ايندا هئا، جيڪي سيءَ پوندا هئا،
جيڪي پارا پوندا هئا، تن جو اندازو لڳائڻ هاڻي
ڏکيو آهي، ڇو ته هاڻي اسين سياري ۾ به ڇڙي قميص-
شلوار پهري، مٿي اگهاڙي هلندا ڦرندا وتون پر تڏهن
قميص هيٺان صدري، قميص مٿان سويئٽر، تنهن تي گرم
ڪوٽ، وري مٿان اوورڪوٽ، گلي ۾ اوني مفلر، مٿي تي
اوني ٽوپلو ۽ پيرن ۾ اوني جوراب پائبا هئا، تڏهن
به، فقير کي ياد آهي، ننڍڙي هوندي اسڪول ويندي، هٿ
پير ٺري ڄمي ويندا هئا. نڪ ۽ وات مان دونهان پيا
نڪرندا هئا ۽ هلڻ وقت ٺونٺيون ڪک سان لڳل ۽ چيلهه
چٻي هوندي هئي.
شام
جو دوڪان سوير ئي بند ٿي ويندا هئا، بازارون
سُڃيون ٿي وينديون هيون، مرد سج لٿي ساڻ گهر ڀيڙا
اچي ٿيندا هئا، ڪمرن جا دروازا ٻيڪڙيل رهندا هئا،
سياري جي رات وڏي، سو صُفي يا وڏي ڪمري ۾ سڀ گهر
ڀاتي گڏ ٿي ويهندا هئا. وچ ۾ آڳيٽي يا سِگڙي،
ڪاٺين يا ڪوئلن سان ٻرندي رهندي، جنهن تي هٿ پير
پيا سيڪبا. ٻهراڙين ۾ وري وڏو بُنڊ، (وڻ جي ٿڙ يا
ڏار جو ٽڪرو) ٻاري، ان جي چوڌاري ويهبو، ان سان
روشني به ملندي ته گرمي به.
گهرن
۾ گهڻو ڪري اڱڻ ۾ پاڻي جو مٽ گرم رکڻ لاءِ کورو
ٺهيل هوندو هو، جنهن ۾ مٽيءَ جي دڪيءَ تي مٽ رکي،
هيٺان ڪاٺين جي باهه ٻريل رکبي هئي. هٿ-منهن ڌوئڻ
۽ ضروري حاجت لاءِ اهو گرم پاڻي ڪتب آڻبو هو.
سيءُ
ايترو، جو ڪم ڪار سان ڪمري کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ هر
ڪو ڪيٻائيندو هو، ۽
هر ڪو ٻئي کي حڪم ڪندو هو. ڪمري ۾ سمهڻ مهل به
سگڙي ٻاري رکبي هئي، سَوِڙيون ۽ رِلين جا دڦ (ٻه
ٽي رليون هڪٻئي مٿان رکيل) به سيءُ نه جهليندا هئا
۽ منهن ٻاهر ڪڍڻ ڏکيو لڳندو هو.
پارا
پوندا هئا ته وڻ سڙي ويندا هئا. يعني وڻن تي جيڪا
ماڪ يا آلاڻ هوندي هئي، سا سيءَ ۾ برف جيان ڄمي
ويندي هئي. ماڻهو مٽيءَ جي پاٽين ۾ پاڻي ڀري، ڇت
تي رکي ڇڏيندا هئا ته اهو ڄمي برف ٿي پوندو هو.
اها
صورتحال هئي تڏهوڪن سيارن جي پر پٺاڻ ايندا هئا ته
ايئن ڏسبو هو، ڄڻ ته انهن کي ڪا پرواهه ئي ڪانهي.
دراصل اهي تمام ٿڌي ملڪ جا ماڻهو هئا، پر تڏهن عام
ڳالهه هيءَ هلائي ويئي ته اهي ماڻهو موميائي کائين
ٿا، جيڪا تمام گرم شيءِ آهي،
تنهن ڪري انهن کي ٿڌ نٿي لڳي. اها ڳالهه مشهور ٿي
ويئي ته پٺاڻ اها موميائي ٻارن جي رت مان ٺاهيندا
آهن. ٻارن کي اونڌو ٽنگي، مٿي ۾ چهڪ ڏيندا آهن.
پوءِ جيڪو رت روڳ ڳڙندو آهي، تنهن کي ڪاڙهي،
موميائي ٺاهيندا آهن. سو، مائٽن پنهنجن ٻارن کي
جهلي ڇڏيو ته انهن پٺاڻن کان خبردار رهو. فقير به،
ٻين ٻارن وانگر، ڊپ رکندي به، انهن ماڻهن کي چتائي
ڏسندو هو، جن جي منهن مان رت پيو بکندو هو.
هاڻي جڏهن فقير حڪمت به پڙهيو آهي، تڏهن کيس معلوم
ٿيو آهي ته موميائي جبل جو رس آهي ۽ اها ڪتي ۽
ماڻهوءَ جي رت مان هٿرادو به ٺاهبي آهي.
پر
جيئن اڄ آهي، تنهن وقت پٺاڻن بابت ڪنهن هڪ به
ٻارڙي کي کڻي وڃڻ جو ڪو واقعو نه ٻڌو ويو. اهو
زمانو اسان جي معصوميت سان گڏ، دنيا جي معصوميت جو
به هو.
فقير جي ڄمار ڇهه سال هئي ته سندس امڙ وفات ڪري
ويئي. کيس ٽي-بي ٿي پئي هئي. تڏهن ٽي-بيءَ جو علاج
ڪو نه هو. لکين ماڻهو بي موت مري ويندا هئا.
انهيءَ بيماريءَ جو ڀيانڪ پاسو اهو هو ته اها هڪ
ماڻهوءَ کان ٻئي ماڻهوءَ کي وچڙي پوندي هئي. جيڪو
ماڻهو ٽي-بيءَ ۾ ورتل ماڻهو سان گڏ رهي، ساڻس کائي
پيئي، سندس ٽهل ٽڪور ڪري، ته اهو به وٺجي وڃي.
تنهن ڪري حڪيم ۽ ڊاڪٽر جهليندا هئا ته ٽي-بيءَ جي
مريضن جا ٿانءَ ٿپا، ڪپڙا، هنڌ بسترا، ۽ ٻيون سڀ
سندس استعمال جون شيون ڌار ڪن ۽ ٻيو ڪير به انهن
کي استعمال نه ڪري. خاص ڪري ٻارن کي انهن کان پري
رکجي، ڇو ته انهن کي هيءَ بيماري جلد وچڙي ٿي.
فقير کي ياد آهي ته سندس امڙ کٽ تي بيمار پئي هئي،
هوءَ کيس مامتا وچان سڏيندي هئي، اشارا ڪندي هئي،
پر ٻيا گهر وارا فقير کي سندس اوڏو وڃڻ کان
جهليندا هئا ۽ فقير پري وڃي روئندو رهندو هو.
فقير
وٽ امڙَ جي هڪڙي نشاني آهي، فقير ڪو تمام ننڍڙو
هو. هوءَ نماز پڙهي فارغ ٿي ۽ پن جي ٻيڙي دُکائي
ڇڪڻ لڳي ته فقير ڊوڙ پائي وڃي کيس ڀاڪر پاتو.
دکندڙ ٻيڙي فقير جي هٿ تي ڏنڀ جيان لڳي پئي، جنهن
جو جهڪو نشان ايڏن سالن کان پوءِ به موجود آهي.
فقير جي يادگيرين ۾ اهو منظر چٽو آهي، جنهن ۾ سندس
امڙ کيس اشارن سان سڏي رهي آهي ۽ هو ڊپ وچان هڪ
هنڌ ڄمي بيهي هن ڏانهن ڏسي رهيو آهي.
اڄ ٽي-بيءَ جو علاج موجود ٿي ويو آهي، پر فقير جي
امڙ گهڻو اڳ هلي ويئي.
تاريخ جو
ڪچرو
ھانءَ ھَڄن پيا، جيءَ جھُرن پيا، مارو مٺڙا روز
مرن پيا،
آسي پاسي اَڏين اُتي، ڪيڏا ڪونڌر ڪنڌ ڪِرن پيا.
منھوڙي کان ماٿيلي ٽمٽار وھي پيو رت جو
دريا،
پوتيون پٽڪا اجرڪ وارا، لُڙھندا لھرن وچ وڃن پيا.
وري ڪلاچيءَ واري ڪن ۾ سوين ھزارين مانگر
مڙيا،
مورڙئي جا ڀائر کائڻ لئه سي ڄاڙيون کڙڪائن
پيا.
سنڌڙيءَ جا سڀ سور سھيڙي، سنڌو پور پچائي
ويٺي،
وري نئون وھنوار ڪرڻ لئه، ٻئي ڪنارا سس ڦس
ڪن پيا.
ڪچرو سڀ تاريخ جو ھاڻي سمنڊ حوالي ٿيڻو
آھي،
مٽيءَ جي ھر ذرڙي اندر ڪئين واچوڙا ڪَرَ
کڻن پيا
(شمشيرالحيدري)
شمشيرالحيدري
فقير بيان ڪري ٿو...
شمشير جي ڪهاڻي، شمشير جي زباني
منهنجو ننڍپڻ:
آءٌ اصل بدين ضلعي جو آهيان، جيڪو لاڙ جو مشهور ۽
مرڪزي شهر رهيو آهي. منهنجو ڏاڏو محمد هاشم هاري
هو. بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ڪوڇايون
۾ رهندو هو. اتان پوءِ بدين آيو ۽ پنهنجي ذاتي
صلاحيتن جي ڪري هن حڪمت ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. بدين
۾ هن جو تمام وڏو پسارڪو دڪان هو. حڪمت وارو ڌنڌو
پوءِ منهنجي والد صاحب وٽ آيو. پسارڪي دڪان تي ڪم
ڪندي والد صاحب ۽ پوءِ پنهنجي مامي نذير حسين
حيدريءَ جي ڪري (جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم،
قومي سياسي اڳواڻ، هاري ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ
هو). هن جون جيڪي علمي لياقتون هيون: شاعري، ادب،
حڪمت، صحافت اهي سڀ مون کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليون.
منهنجي والد ٽي شاديون ڪيون، ان ڪري منهنجي پرورش
پنهنجي مامي وٽ ناناڻڪي ڳوٺ ۾ ٿي. منهنجو نانو
حاجي غلام علي پنهنجي وقت جو وڏو تونگر ماڻهو هو.
هن جون چمڙي جون ڪوٺيون ڪڇ ڀڄ ۾ به هيون. راهمڪي
بازار ۾ رهندو هو، بعد ۾ هو ننڍي شهر ۾ آيو، جيڪو
بدين ضلعي جو چڱو موچارو پڪو ڳوٺ آهي. ان کان پوءِ
آءٌ پنهنجي اباڻي گهر آيس، جتي منهنجي ابتدائي
تعليم شروع ٿي. اسان جو گهر بدين شهر جي غريب آباد
محلي ۾ هو. اُتي ئي پاسي ۾ مولوي حاجي احمد ملاح
جو مدرسو هو، جتي مون کي ڇڏيو ويو ۽ اتان مون قرآن
شريف جي تعليم ورتي، ان زماني ۾ تڏن تي ويهي پڙهبو
هو. ڪاٺ جي تختيءَ تي ميٽ هڻي. ڪوئلن جي مس ۽
ڪانهن جي قلم سان لکبو هو.
ان کان پوءِ مون کي پرائمري اسڪول بدين ۾ ويهاريو
ويو، جتان مون چار درجا سنڌيءَ جا پاس ڪيا، پوءِ
چار درجا انگريزي اسڪول ۾ پڙهي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾
داخل ٿيس. پر آءٌ ميٽر ڪري نه سگهيس ڇاڪاڻ ته مون
کي اسٽرائيڪ ڪرائڻ جي سزا طور ڪڍي ڇڏيو ويو. ان
بعد گهڻي دربدريءَ کان پوءِ تعليمي سلسلو ٻيهر
شروع ڪري سگهيس. ان وچ ۾ ملازمتون شروع ڪيم. ٽي
مهينا اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهيس.
اسٽرائيڪ جي ڪاوڙ جي ڪري سنڌ مدرسي وارن سرٽيفڪيٽ
ڪونه ڏنو. ٽن مهينن تائين وري حيدرآباد جي نور
محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيس بنا سرٽيفڪيٽ مليو ته
ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول ۾
Preliminary جو
امتحان ڏنم ۽ اڳتي هلي ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺس.
فيل ٿي پيس، وري سپليمينٽري ڏنم، فيل ٿي پيس، تنهن
بعد تعليم ڇڏائجي ويئي ۽ مون نوڪريون ڪرڻ شروع
ڪيون.
نوڪريون:
پهرين نوڪري مون رائيس مل تي بدين ۾ ڪئي 60 رپيا
پگهار تي، ان کان پوءِ مامي جي معرفت آبپاشي کاتي
۾ ٽيليفون آپريٽري ملي. ايس ڊي او احمد خان ڀرڳڙي
صاحب مهربان هو، جنهن انهيءَ سان گڏ اتي ئي مون کي
هوا ماپ شعبي ۾ آبزرويٽر ڪري رکيو. اتي به 60 رپيا
پگهار ملندي هئي. ان وچ ۾ ايس.ڊي.او صاحب روينيو
آفيسريءَ جي جاءِ ڏني. ان وقت به مون وٽ اڃا ميٽرڪ
جو سرٽيفڪيٽ ڪونه هو. بدين ۾ ان وقت صورتحال اها
هئي جو آءٌ ميٽرڪ پاس نه هوندي به تعليم يافته
سمجهيو پئي ويس. ان کان پوءِ ايس.ڊي.او صاحب مون
کي ڊويزنل ڪلرڪي جي جاءِ ڏياري جيڪا تنهن وقت ۾
تمام اهم پوسٽ ليکي ويندي هئي. ان وچ ۾ بدين ۾
ايگريڪلچرل ڪو آپريٽو ڪريڊٽ بينڪ جي برانچ قائم
ٿي. منهنجو مامو ان جو هڪ ڊائريڪٽر هو. پڙهيل
ماڻهو هئا ڪونه. مون کي ان جو مئينجر ڪري رکيو
ويو. ٽن سالن تائين اتي رهيس. 1954ع کان پوءِ
حيدرآباد آيس.
لکڻ جي شروعات اردوءَ ۾:
مامي جي سرپرستي ۽ ساڻس گڏ رهڻ جي ڪري ننڍي هوندي
کان ئي ادب سان لڳاءُ پيدا ٿيو. جيئن ته منهنجو
مامو ڪامريڊ نذير حسين حيدري پنهنجي دور جو تمام
وڏو اديب، عالم ۽ مذهبي اڳواڻ، وڏي پايي جو مقرر ۽
صحافي هو. هن تنهن وقت ۾ ”اعلان حق“ جي نالي سان
اخبار ڪڍي هئي، جنهن ۾ آءٌ ساڻس ٻانهن ٻيلي هوس،
ان ڪري مون کي اها لغار به تڏهن کان ئي هئي.
منهنجا ترجمو ڪيل ليک ۽ طبعزاد لکڻيون تڏهن کان
ڇپجڻ لڳيون. توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته
جيتوڻيڪ گهر ۾ ان وقت به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي
هئي. سنڌي امڙ جي ٻولي هئي، ابي جي ٻولي هئي. اسان
جو سڄو خاندان اها ئي ٻولي ڳالهائيندو هو. تنهن
هوندي به منهنجي پڙهائي جو سرچشمو اردو هئي.
انگريزي ڪانه ايندي هئي. تمام گهڻا ڪتاب ۽ رسالا
پڙهيم، جيڪي لڳ ڀڳ سڀ اردوءَ ۾ هوندا هئا. ان وقت
مون کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪو گهڻو اون ۽ فخر ڪونه
هو ته اها هڪ وڏي ٻولي آهي. ايتري قدر جو مون
شاعريءَ ۾ لکڻ جي شروعات به اردوءَ سان ڪئي. مون
ان وقت تائين شاهه، سچل، سامي يا اسان جي جديد
شاعرن کي نه پڙهيو هو. ڪنهن ڪنهن مهل ڪا شيءِ پڙهي
وٺبي هئي. اسڪول ۾ انعام طور سنڌيءَ جا ملندڙ ڪتاب
منهنجي ذهني سطح کان وڏا هئا، تنهن ڪري ڌيان سان
پڙهي ڪونه سگهبا هئا.
سنڌيءَ ۾ لکڻ:
1954ع کان ٿورو اڳ ۾ مون سنڌي پڙهڻ لکڻ شروع ڪئي،
اهو به مامي جي صحبت جي ڪري ٿيو. مامي وٽ تمام وڏي
لئبرري هئي، جنهن ۾ هر قسم جا، مختلف مذهبن ۽
مسلڪن بابت وڏن وڏن عالمن جا لکيل ڪيترائي ڪتاب
موجود هوندا هئا. مولانا مودوديءَ جي ترجمان
القرآن جهڙا ڳرا ڳرا ڪتاب مون پڙهيا، هضم ڪيا.
سندس لائبريريءَ ۾ ڪارل مارڪس، لينن، هيگل ۽ ٻين
پرڏيهي مفڪرن ۽ عالمن جا فلسفي تي لکيل ڪتاب به
مون رٽيا. وٽس حڪمت جي ڪتابن جو وڏو ذخيرو هو،
ايلوپيٿيءَ بابت ڪيترائي ڪتاب پڻ سندس لائبريريءَ
۾ هوندا هئا. ان ڪري مون نه رڳو انهن موضوعن تي
ڪتاب پڙهيا پر مامي سان گڏ باقاعدي پرئڪٽس به ڪئي.
اهي سڀ شيون مون کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليون.
جيتريقدر شاعري جي ڳالهه آهي ته اها مون تمام ننڍي
عمر ۾ بدين ۾ هوندي ئي شروع ڪئي. نثر لکندو هوس.
هلال پاڪستان ۾ ان وقت مون باقاعدي لکڻ شروع ڪيو ۽
منهنجو وڌيڪ شغف مزاح سان هو. ان وقت آءٌ سنڌيءَ ۾
لکڻ جي باقاعدي شروعات ڪري چڪو هوس، هلال پاڪستان
۽ ٻين اخبارن ۾ مضمون وغيره ڇپجڻ جي ڪري ماڻهن
تائين نالو پهتو. صحافت جي دنيا ۾ به منهنجي ٿوري
گهڻي واقفيت آهي. اها به ان وقت جي ادبي ۽ صحافتي
سرگرمين جو نتيجو آهي. پوءِ آءٌ حيدرآباد آيس.
بيروزگار هوس. هلال پاڪستان ۾ محمد بخش جوهر
ايڊيٽر هوندو هو. پنهنجي هڪ لکڻي وٽس ويس پر کيس
اهو ڪونه ٻڌايم ته آءٌ شمشير الحيدري آهيان.
بهرحال پوءِ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي وڌندي وئي. هڪ
ڀيري اتي مولانا غلام محمد گرامي صاحب آيو. اها
1955ع جي ڳالهه آهي. گرامي صاحب مامي جو گهاٽو
دوست هوندو هو. پوءِ جڏهن محمد بخش جوهر صاحب ساڻس
منهنجو تعارف ڪرايو ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو. انهن
ڏينهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ٽماهي مهراڻ رسالو
جاري ٿيو. مولانا صاحب مون کي اتي ڪم جي آڇ ڪئي.
محمد ابراهيم جويي سان ملاقات:
محمد ابراهيم جويو صاحب سنڌ مدرسة الاسلام ۾
منهنجو انگريزيءَ جو استاد هوندو هو. جيئن ته مون
سنڌ مدرسي ۾ پهريون ڀيرو ”بزم سنڌي ادب“ قائم ڪئي
هئي جنهن جو آءٌ سيڪريٽري ۽ جويو صاحب صدر هو،
جيتوڻيڪ بزم جي پليٽ فارم تان ڪو خاص ڪم نه ٿي
سگهيو. پر اسان جي پاڻ ۾ ويجهڙائي پيدا ٿي. نه رڳو
جويي صاحب سان واقفيت ٿي پر هوشيار هجڻ جي ڪري ٻيا
استاد به مون کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ فارسي
فقهه ۽ سنڌيءَ جا ڪچا پيپر سارڻ (چيڪ ڪرڻ) لاءِ
مون کي ڏيندا هئا. عادت منهنجي اها هوندي هئي جو
ڪتاب ڪونه وٺندو هوس. هڪڙي ڪاپي رکندو هوس. جنهن ۾
رف فيئر ٻئي ڪم ڪندو هوس. حسن علي هائوس واري
هاسٽل ۾ رهندو هوس. پنهنجي هم ڪلاسين کان ڪتاب وٺي
رات جو پڙهي امتحان ڏيئي ڇڏيندو هوس ۽ پاس ٿي
ويندو هوس.
آءٌ هوشيار هوندو هوس، هڪ ٻه ڀيرو ڪتاب پڙهندو هوس
ته ياد ٿي ويندو هو. ڪتاب وٺڻ جي ضرورت نه پوندي
هئي. مالي مجبوري وغيره نه هئي. هاسٽل جو ڪجهه خرچ
مامو ڀريندو هو. والد صاحب به ڏيندو هو، پر سندس
گهڻي توجهه ڪانه هوندي هئي. مون کي سنڌ مدرسي ۾
داخل مامي ڪرايو هو. هو پاڻ به اتي پڙهيو هو، مسلم
ليگ جو اڳواڻ هو، سلجهيل ماڻهو هو. ان وقت سنجيدي
حلقي ۾ اهوئي سمجهيو ويندو ته سنڌ مدرسة الاسلام
علي ڳڙهه ڪاليج جي بنياد تي سنڌ ۾ ڪم پيو ڪري،
تنهن ڪري ان سلسلي ۾ هلندڙ تحريڪ جا اثر هتي به
پيا، سنڌ مدرسي ۾ تعليم وٺڻ فخر جي ڳالهه سمجهي
ويندي هئي، تنهن ڪري مامي مون کي هتي سنڌ مدرسي ۾
داخل ڪرايو.
اهو هن وقت تصور به نٿو ڪري سگهجي. تڏهوڪن ۽
هاڻوڪن استادن جي ڀيٽ ڪري ئي ڪانه ٿي سگهجي.
تڏهوڪا استاد ۽ شاگرد ڪنهن مقصد تحت ڪم ڪندا هئا،
طبيعت ۽ اخلاق ۾ اهي مثالي ماڻهو هئا. شاگردن سان
استادن جو رويو ايڏو ته ٻاجهارو هوندو هو جو اهي
مڪتب ۾ حاصل ٿيندڙ اطمينان ۽ تشفي گهر ۾ محسوس نه
ڪندا هئا. اسان کي پرائمري وارا استاد يا ان کان
پوءِ انگريزي تعليم دوران جيڪي استاد مليا، اهي
اڳواٽ باقاعدي تياري ڪري ايندا هئا ۽ لاڳاپيل
موضوعن تي کين وڏي دسترس هوندي هئي. هاڻي به استاد
شاگردن کان ڪم وٺن ٿا، پر طريقو اهو آهي ته کين
چوندا ته فلاڻي کان فلاڻي صفحي تائين پڙهي ڇڏجو،
يا ڪاپي ڪري ڇڏجو.
صحافتي ادبي دنيا:
مولانا غلام محمد گرامي جي آڇ تي سنڌي ادبي بورڊ ۾
ملازمت شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ هلال پاڪستان اخبار جي
مالڪ منشي عبدالشڪور (جيڪو مامي جو دوست هوندو هو)
مون کي آڇ ڪئي ۽ پاڻ وٽ نوڪري ۾ رکيو. محمد بخش
جوهر اخبار جو ايڊيٽر هوندو هو. مون کي اسسٽنٽ
ايڊيٽر ڪري رکيو ويو. گڏوگڏ نيوز ايڊيٽري جون
ذميداريون به نڀائيندو رهيس. اها 1954ع جي ڳالهه
آهي. سال کن اهي نوڪريون ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ادبي
بورڊ ۾ ويس. جويي صاحب مون کي ڪلارڪي ڏني. پروف
ريڊنگ به ڪندو رهيس. جويي صاحب منهنجي صلاحيتن کي
ڏسندي مون کي ڪلارڪي مان ٽپائي مهراڻ ۾ اسسٽنٽ
ايڊيٽر ڪري رکيو. 1966ع تائين اتي رهڻ کان پوءِ
مرڪزي حڪومت جي رسالي نئين زندگي ۾ ايڊيٽر ٿي آيس.
اتي سنڌي سيڪشن جو انچارج هوس ان وقت اهو رسالو
انفرميشن اينڊ براڊ ڪاسٽنگ منسٽري جي ماتحت هو،
يارهن سالن تائين اتي رهيس.
1977ع ڌاري پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ممتاز ڀٽو صاحب
Ministry of Communication
جو وفاقي وزير ٿي آيو. قمر شهباز تازو ڪميشن جو
امتحان ڏنو هو، جنهن کي ممتاز ڀٽي صاحب پاڻ وٽ
ڪميونيڪيشن منسٽريءَ ۾ ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل
قائم ڪري اتي رکيو ان وقت قمر شهباز مون کي آڇ
ڪئي. آءٌ نئين زندگي واري نوڪري تان استعيفيٰ
ڏيئي، ڪميونيڪيشن انفارميشن سيل ۾ هليو ويس. اتي
قمر صاحب مئنيجر ۽ آءٌ ڊپٽي مئنيجر هوس. اسان
ڪميونيڪيشن منسٽري جي لاءِ جهاز راني بابت ٽي
فلمون ٺاهيون. انگريزي ۾ The Communicator
جي نالي سان پرچو ڪڍيوسين. سگهوئي پوءِ پي.پي جي
حڪومت ختم ٿي وئي. ضياء آيو، ڪميونيڪيشن انفارميشن
سيل جي خلاف گهڻا الزام لڳا. ان ڪري ضياء جي
ايڊوائيزري ڪاميٽيءَ اهو سيل بند ڪري ڇڏيو ۽ مون
کي سر پلس ۾ رکيو ويو. ان وچ ۾ مون کي ڪامرس
منسٽري ۾ ڊپٽي سيڪريٽري جي پوسٽ آفر ڪئي ويئي. مون
ان جو Consent
ڏنو، پر پوءِ هڪ ٻئي همراهه کي اها پوسٽ ملي ويئي
۽ آءٌ رهجي ويس. مون کي وري پنهنجي اڳوڻي
ڊپارٽمنيٽ، ڊي.ايف.پي ۾ لاهور ۾ اردو رسالي جي
انچارج واري پوسٽ آفر ڪئي ويئي. اها قبول ڪيم،
جيئن ته آءٌ 19 گريڊ ۾ هوس، پر مون کي 18 گريڊ جي
پوسٽ آفر ڪئي ويئي هئي، ان تي مون لکا پڙهي ڪئي،
پر سياسي چڪرن جي ڪري معاملو
حل ٿيڻ بدران اينگهي پيو. وري
جڏهن پيپلز پارٽي جي بينظير جي حڪومت آئي، تڏهن
مون کي وري نوجوانن واري وزارت ۾ اوڻيهين گريڊ ۾
رکيو ويو. پهريان چيف آف پبلڪ رليشنز ۽ پوءِ اسلام
آباد بدلي ڪري سڌيءَ طرح سان ويهين گريڊ ۾،
منسٽريءَ ۾ ڊيپوٽيشن تي رکيو ويو. وري جڏهن بينظير
ڀٽو جي حڪومت ختم ٿي، ته آءٌ واپس ڪراچي ۾ آيس،
جتي نوجوانن واري وزارت جي يوٿ انويسٽمينٽ پروموشن
بيورو جو Provincial Chief
ٿي رهيس ۽ ڏيڍ سال کان پوءِ رٽائر ڪيم.
“نئين زندگي”، “مهراڻ” ۽ “سنڌي ٻولي تحريڪ”:
اديبن کي گڏي يڪجا ڪرڻ ۽ ادبي سجاڳي جو ماحول پيدا
ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ جون صحتمند روايتون قائم ڪرڻ، ليکڪن
جي ذهني تربيت ڪرڻ سميت اڄ تائين جيڪو به صحتمند
ادبي ماحول باقي بچيو آهي، ان ۾ دراصل سنڌي ادبي
سنگت ۽ مهراڻ رسالي جو وڏو حصو آهي، سنڌي ادبي
سنگت جديد اديبن جي نمائنده جماعت هئي ۽ آهي. ان
ادبي ڪچهرين جي ذريعي اديبن جي تربيت ڪئي، اصلاح
ڪئي ۽ منجهن لکڻ پڙهڻ جو شوق جاڳايو. ساڳئي وقت
ادبي ڪچهرين کان علاوه ان جو ٻيو پاسو تحريڪي هو،
تنهن وقت جا جيڪي به ادبي، علمي ۽ ثقافتي مسئلا
هئا، انهن تي سنڌي ادبي سنگت ڪم ڪندي رهي، جنهن ۾
سڄي سنڌ جا ماڻهو شريڪ رهيا، ان وقت ۾ سنڌ اندر
سجاڳيءَ جو جيڪو ماحول هو سو اسان جي هن وقت جي
نوجوانن ڪونه ڏٺو. ايتري قدر پنهنجن حقن واسطن
لاءِ ماڻهن ۾ سجاڳي عملي طرح سان سنڌي ادبي سنگت
پيدا ڪئي. آءٌ ان جو مثال ڏيان ته 61-1960ع ڌاري
صدر ايوب هڪڙي ڪميشن ويهاري هئي، جيڪا شريف ڪميشن
جي نالي سان مشهور آهي. ان ڪميشن تعليم جي سڌاري
لاءِ جيڪي سفارشون ڏنيون هيون، تن ۾ هڪڙي سفارش
اها هئي ته قومي ٻولي اردو جي فائدي ۾ جيڪي به
اسان جون علائقائي زبانون آهن، انهن کي فقط چوٿين
درجي تائين محدود ڪري وڌيڪ تعليم اردو ۾ ڏني وڃي.
انهيءَ تي سنڌي ادبي سنگت وڏي تحريڪ هلائي هئي،
اها ايڏي ته اثرائتي ۽ زورائتي تحريڪ ثابت ٿي جو
صدر ايوب کي بهرحال اهو آرڊر واپس وٺڻو پيو. شريف
ڪميشن جي تجويز عمل ۾ نه اچي ۽ اڄ اسين پنهنجي
مادري ٻوليءَ ۾ جيڪا تعليم وٺون پيا اها ان تي
تحريڪ جو نتيجو آهي.
ٻئي طرف مهراڻ آهي، مهراڻ رسالي ڇپائيءَ جا، اشاعت
جا نوان معيار به ڏنا، ساڳئي وقت تي اديبن لاءِ هڪ
اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪيو، جنهن ۾ سندن تربيت ٿيندي
هئي. بلڪ ان وقت جي تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي معاملن
تي به مهراڻ ۾ سٺي نموني وڏي بهادري ۽ همت سان
لکيو ويندو هو. مهراڻ جا پراڻا جلد لائبريرين ۾
موجود هوندا، جيڪي نئين ٽهيءَ کي وقت سيڙائي ڏسڻ
گهرجن، توهان جي اها ڳالهه برابر صحيح آهي ته
رسالي ۾ ڪنهن جي ڪا لکڻي ڇپبي هئي، ته ان کي سند
سمجهيو ويندو هو.
انگريزي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ٿورڙن صفحن تي بليٽن
ڪڍيون ويون، سنڌيءَ ۾ اهڙي بليٽن نئين زندگي جي
نالي سان نڪتي، جنهن جو مقصد اهو هو ته وڏي پيماني
تي هتي پناهگيرن جي جيڪا لوڌ پهتي هئي، تن جي
ڪئمپن جا احوال ڏجن،
Co-Ordination
پيدا ڪجي ۽ ماڻهن کي ٻڌائجي ته حڪومت ان سلسلي ۾
ڇا پئي ڪري، ان قسم جا حال احوال ۽ سماچار ۾ شامل
هوندا هئا. اڳتي هلي اهو خيال پيدا ٿيو ته ان کي
باقاعدي ادبي رسالو ڪري ڪڍيو وڃي، جنهن ۾ ساڳئي
وقت تي حڪومت جي پبلسٽي هجي ۽ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ
به اچي وڃي. ان لاءِ اردوءَ ۾ ماهوار ماهه نو،
سنڌي ۾ نئين زندگي پشتو ۾ اباسين، فارسي ۾ هلال ۽
انگريزيءَ ۾ Pakistan Quarterly
رسالا نئين انداز سان شروع
ٿيا.
مولانا عبدالواحد سنڌي جيڪو جامعيه مليه دهليءَ
مان فارغ التحصيل هو، پاڪستان آيو ته کيس نئين
زندگيءَ ۾ رکيو ويو. ڊاڪٽر ذاڪر حسين اسان وٽ هڪ
وڏي پاسي جو نالو آهي، جيڪو پاڪستان جو صدر به ٿي
رهيو. جامعيه مليه جي ڪري هن جي مولوي صاحب سان
تمام گهڻي ويجهڙائي هئي. شادي به مولوي صاحب کي ان
ڪرائي ۽ سندس سرپرست ٿي رهيو، مولوي صاحب جون نئين
زندگي لاءِ وڏيون خدمتون آهن.
نئين زندگيءَ ۾ منهنجي ڪم جي باري ۾ ٻڌايان ته مون
اتي اچي اها ڪوشش ڪئي ته جنهن نموني مهراڻ رسالي ۾
محنت پئي ڪيم ته اديبن شاعرن جي تربيت هئي. آءٌ
شاعرن اديبن جون شيون جيئن جون تيئن ڪونه ڇپيندو
هوس. انهن جي اصلاح ڪندو هوس، اهو ئي ڪم مون هتي
اچي جاري ڪيو. پروف ريڊنگ، ٻوليءَ جي صحت، شاعريءَ
۾ وزن بحر واري معاملي سميت سڀني پاسي تي ڌيان
هوندو هو. ٻي ڳالهه اها ته حڪومت جي پبلسٽي واري
مسئلي تي مون هميشه جهيڙا ڪيا ته گهڻي پبلسٽي پرچي
۾ نه هجي. ان کي ادبي رسالي ڪري هلائجي، مون فقط
20 سيڪڙو حڪومت پبلسٽي جو ٺهراءُ منظور ڪرايو ۽
چين ته ان کان وڌيڪ حڪومت جي تشهير نه هجڻ گهرجي،
جيڪڏهن نه ته آءٌ پرچو نه هلائي سگهندس. اها ڳالهه
قبول ڪئي وئي، ان کان علاوه اديبن کي ملندڙ معاوضي
جو مسئلو به هو. معاوضو تمام ٿورڙو، يعني پنجن ڏهن
رپين جا چيڪ ٺهندا هئا. مون ڪوشش ڪري هڪ ته رسالي
جي بجيٽ وڌرائي. ماه نور کان نئين زندگي جي بجيٽ
ٻيڻي هوندي هئي. اديبن کي ٽي ٽي سؤ رپين تائين
معاوضو ملڻ لڳو. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان هن وقت به
توهان کي ايترو معاوضو ڪونه ٿو ٿئي. مون وٽ اها
چٺا هن وقت به پيا آهن. ٻي ڳالهه ته مون قيمتن
وڌائڻ واري معاملي تي ٻه لکت ۾ جهيڙو ڪيو.
ڪاميابيءَ سان ڪيس لڙيس ۽ ان جي پڇاڙي تائين قيمت
8 آنا رهي. ان سان نئين زندگيءَ جي سرڪيوليشن به
تمام سٺي ٿي وئي هئي. سرڪاري رسالو هو تنهن ڪري
گهڻيون تبديليون ممڪن نه هيون. بهرحال پوءِ به
معياري مواد جي سلسلي ۾ قيمت جي سلسلي ۾، اديبن جي
تربيت جي سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه مون کان پهچي سگهيو
اهو مون ڪيو.
سنڌ جو شاهه:
ڪنهن به تخليقڪار جي فڪري ۽ بنيادن کي سمجهڻ لاءِ
اسان کي وري موٽي ان زماني ۾ وڃڻو پوندو، بلڪ هر
تخليق جي ابتدا واري نُڪتي تي پهچڻو پوندو، اهو
اوٽ موٽ جو سفر آهي. جڏهن اوهين ڪنهن جي به شعري
تخليق ۽ ڪاوش کي پرکيندا ته اوهان کي اوٽ جو سفر
ڪري اتي انهن حالتن ۾ پهچي، ان نُڪتي تي پهچي
جاچڻو پوندو جتان اها ڳالهه شروع ٿي آهي. اسان کي
ڏسڻو پوندو ته ان لکڻهار ڇا سوچي اهي ڳالهيون چيون
ان نُڪتي تان موٽ جو سفر ڪندؤ ته توهان کي خبر
پوندي ته سفر دوران جيڪا اصل شيء آهي تنهن جي
تخليق ڪيئن ٿي.
شاهه عبداللطيفؒ جي سلسلي ۾ به اسان کي اهڙي ئي
نموني جو سفر ڪرڻو پوندو. هاڻوڪي صورتحال مان پاڻ
کي ڪڍي شاهه لطيفؒ جي زماني ۾ پهچڻو پوندو. شاهه
صاحب جي پرورش کي ڏسڻو پوندو ته هو ڪهڙين حالتن ۾
پليو نپنو. تنهن کان پوءِ شاهه صاحب ڪهڙن دورن مان
گذريو، سندس وقت ۾ حالتون ڪهڙيون هيون ۽ شاهه صاحب
جي فڪري ڍانچي تي انهن جو ڪهڙو اثر ٿيو؟
هتي آءٌ هڪڙي ڳالهه ضرور ڪندس: جيئن ڪارلائل جو
خيال آهي هيرو ورشپ جو، جنهن موجب ماڻهو سماج کي
ٺاهين ۽ وڌائين ٿا، خيال ۽ نظريا پيدا ڪن ٿا. اسان
جو جيڪو سڄو علم ادب آهي، نظريا، فڪر ۽ ايجادون
آهن، اهي انهن ماڻهن جي ڪري وجود پذير ٿيا. پنهنجي
ليکي اها تمام وڏي ڳالهه آهي، تمام وڏي فيلسوف ۽
مفڪر جو خيال آهي. منهنجو نڪتهء نظر هيءُ آهي ته
ماڻهو جنهن وقت پيدا ٿين ٿا، اهي وقت، حالتن ۽
نظريي جي ماتحت هوندا آهن. ان وقت جو جيڪو نظريو
آهي، اهو ئي سندس ذهني پرورش ڪري ٿو ۽ انهيءَ
مطابق اهي سوچين ٿا، اهي فڪر يا نظريي جي هٿان اهي
ماڻهو وجود ۾ اچن ٿا.
يونانين جي ديوتائن کي ڏسو، سندن عمارت سازيءَ جي
فن کي ڏسو، سندن لکتن ۽ فلسفي کي ڏسو ته انهن تي
حاوي نظريو حسن جو آهي. سندن زندگي جي هر شعبي ۾
توهان کي حسن جو نظريو ڇانيل نظر ايندو. هر شيء
مان جماليات جهلڪندي نظر ايندي ۽ جيڪي ماڻهو پيدا
ٿيا اهي ان وقت جي نظريي جي ماتحت پيدا ٿيا، روم ۾
ڏسو: انهن جا ديويون ديوتا ڏسو، عمارتون ڏسو، سندن
فلسفو ڏسو ته اوهان کي جسماني طاقت ۽ بهادريءَ جو
نظريو حاوي نظر ايندو، جيڪا به شيء وجود ۾ آئي، سا
ان نظريي جي ماتحت هئي. ماڻهوءَ جي ڪري حيثيت
برابر ٿئي ٿي، پر انهن کان ڪم اهو ئي نظريو ٿو
ڪرائي، پوءِ اهي سياسي نظريا هجن، مذهبي نظريا هجن
يا سماجي نظريا هجن. بهرحال حاوي اهي هجن ٿا.
شاهه صاحب جي دور ۾ اچي اسان کي ڏسڻو پوندو ته هن
ڪهڙي نظريي جي تحت اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو. ساڳي
صورتحال شاهه صاحب جي دور ۾ به نظر اچي ٿي. هتي به
ساڳئي قسم جي جبر ۽ تشدد جي نتيجي ۾ اهي شيون وجود
۾ آيون. شاهه صاحب، ڪلهوڙن جي دور ۾ هو، ان زماني
کي شاهه صاحب جي موجودگيءَ جي ڪري ئي اسين سونهري
دور سڏيون ٿا. فقط انهيءَ ڪري ته شاهه صاحب انهيءَ
دور ۾ موجود هو، پر جيڪڏهن اسين ان وقت ۾ سماج جو
تجزيو ڪريون، سياست کي ڏسون ته ڪلهوڙن جو دور سنڌ
جي مٿان انتهائي عذاب وارو دور هو. اهو هر قسم جي
انتهائي تشدد جو دور آهي، ڪوبه ڪلهوڙو حاڪم طبعي
موت نه مئو. طوائف الملوڪيءَ جو دور هو ۽ عوام وڏي
عذاب ۾ هو. سڀئي ڪلهوڙا حڪمران ٻاهرين حاڪمن کي
دعوتون ڏئي وٺي آيا. هنن ڪاهي ايندڙن کي ڏن ڀري
ڏنا، نه رڳو ايترو پر مڪل جا ٽڪرا به کين ڏيئي
ڇڏيا. شڪارپور وارو علائقو به درانين کي هنن ئي
ڏنو. جيڪو پوءِ آجو ٿيو. قلات سميت ڪيترائي ٻيا
علائقا ڪلهوڙن پنهنجي جند ڇڏائڻ لاءِ ٻين حڪمرانن
کي ڏنا. مدد خان پٺاڻ به سندن چوڻ تي آيو. شاهه
لطيفؒ انهيءَ دور ۾ موجود رهيو آهي. اهو ادبي
حوالي سان سونهري دور ته پنهنجي جاءِ تي، تاريخ ۾
ايئن اچي ويو آهي، پر سنڌ جي ماڻهو لاءِ اهو هڪ
وڏو ڏمر ۽ ڏک جو دور آهي. شاهه لطيف دردمند دل
رکندڙ شاعر آهي. اهڙو ٻيو ڪوبه شاعر ڪونه سمجهي
جيڪو ماڻهن وٽ هلي ويو هجي. اسين ڊرائينگ روم ۾
ويهي شعر لکون ٿا. اياز سميت، ڪير به ڏسو، دنيا جو
وڏو ۾ وڏو فنڪار اهڙو ڪونه ملندو، جيڪو ايئن ماڻهن
وٽ ڪهي ويو هجي لطيف ئي هو، سمنڊ ۾ ڏسو، ريگستان ۾
ڏسو، جبل ۾ ڏسو، ٻنين ٻارن ۾، ڏسو. ڪا ڪنڊ خالي
ڪانهي جتي پاڻ ماڻهن وٽ هلي نه ويو هجي. سندس ڏک
سور هن ذاتي طور تي معلوم ڪيا. کين آٿتون ڏنيون،
تنهن کان پوءِ هن پنهنجي شاعريءَ ۾ انهيءَ دور کي
سمايو آهي. اسين هينئر جيئن شاعري ڪريون ٿا، هن
برابر پنهنجي رسالي ۾ ايئن کلئي نموني اظهار نه
ڪيو آهي. سنڌ جو نالو به هن هڪ ئي ڀيرو، هڪ ئي سر
۾ ڏنو آهي. سندس شاعريءَ ۾ ان وقت جي صورتحال جو
سڌي ريت ڪو ذڪر ڪونهي، پر ان جي باوجود اهو ادب جو
اهو وڏو ڪارنامو آهي، جيڪو فني طور تي پيش ٿيو آهي
۽ جيڪا فني تخليق اهڙي انداز سان پيش ٿئي ٿي، اها
جٽادار هوندي آهي، وقتي نه هوندي آهي. جيئن
ون يونٽ جي سلسلي ۾ اسان جيڪا شاعري ڪئي، ان جو
ادب جي تاريخ ۾ ذڪر نه ٿيندو، پر هينئر اها اسان
وٽ جهڙي ڪر آهي ئي ڪانه. ورجائي ڪانه ٿي وڃي، اسين
هن وقت جيڪا شاعري ڪريون پيا اها ٿوري وقت جي لاءِ
هلندي، سڄي برصغير ۾ جبر ۽ تشدد جو جيڪو دور جاري
رهيو، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ان جي به اپٽار
موجود ملندي. سندس سياسي ڪردار تي اڃا ڪم نه ٿيو
آهي. اسان وٽ شاهه ولي الله سياست جو ابو آهي،
مخدوم معين الدين ٺٽوي سنڌ ۾ سندس نمائندو آهي ۽
اهو وري شاهه صاحب جو ساٿي آهي.
نوجوان سنڌي شاعر متعين رخ ۾ نه پيو لکي:
ٿلهي ليکي اسان جو نوجوان جيڪا شاعري ڪري پيو، ان
کان جيتوڻيڪ اسين پوري طرح سان مطمئن نه آهيون،
ڇاڪاڻ جو ان جو ڪو متعين رخ ڪونهي. هونئن ته شاعري
شاعر جي پنهنجي ذاتي ملڪيت آهي جيڪا هو پنهنجي
مشاهدي، مطالعي، تجربي ۽ فڪري لاڙن سان پيدا ڪري
ٿو، پر تنهن جي باوجود اسان جي سماج ۾ ان جا جيڪي
شروعات کان وٺي بنياد رهيا آهن اهي ٿورڙي وقت کي
ڇڏي ڪري هميشه مزاحمتي رهيا آهن. سنڌ شروع کان وٺي
ٻاهرين جبر ۽ دٻاءَ هيٺ رهندي آهي آهي، تنهن ڪري
جيئن هت بزم جا وڏا داستان سرجيا ويا آهن، تيئن
اسان وٽ رزم جا به وڏا سلسلا رهيا آهن. اسان وٽ
شعر جو جيڪو آڳاٽو ذخيرو آهي، جيئن دودي چنيسر جو
داستان، اسان جا ڪلاسيڪي شاعر صوفي بزرگ ته هئا،
روحانيت جو درس به هنن ڏنو آهي، اندر اجارڻ جي
تلقين به ڪئي اٿن پر ساڳئي وقت تي هنن مزاحمت جو
به ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. فارسي زده شاعريءَ جي
روايتي دور کان سواءِ جديد دور تائين شاعرن جو وڏو
مزاحمتي ڪردار رهيو آهي.ا هڙي ريت اوهين ڏسندا ته
شآعريءَ جي هر دور ۾ ان جو مقرر رخ رهيو آهي ۽
جيڪي به شاعر آهن، انهن جيئن مون اڳ ۾ چيو ته ڪنهن
نه ڪنهن نظريي جي ماتحت تخليقون ڏنيون آهن، جديد
دور جي شاعري به حالتن جي پيداوار آهي. هر مسئلي
تي هر دور ۾ شاعرن ماڻهن جو رهنمائي ڪئي آهي. هن
وقت جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي. اهو ڏاڍو سٺو
آهي. نون شاعرن جون ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن، کين
سلام پيش ڪريان ٿو، جو هنن سٺو پورهيو ڪيو آهي، پر
تنهن جي باوجود سندن شاعريءَ ۾ ڪو خاص ربط ناهي،
مقرر رخ ناهي ۽ اهو جيڪڏهن مقرر ٿي وڃي ته ڏاڍو
سٺو.
سگهاري شاعري:
سموري شاعريءَ جو مجموعي لاڙو يڪجا هجي ته جيئن ان
۾ زور ۽ پائداري پيدا ٿي سگهي. جيئن ون يونٽ ۾ هو.
توهان ڏسندا ته ڪيترن سالن کان اسان وٽ ناول،
شاعري، افساني ۾ ڪا اهڙي شيءِ نه آئي آهي، جيڪا هن
دور جي تاريخ ۾ نمائندگي ڪري، جيڪا اڄ کان ڏهه
پندرهن سال پوءِ پڙهجي ته ان ۾ هاڻوڪي دور جو
آئينو نظر اچي. اهڙي ڪابه شيءِ نه آئي آهي، جنهن
جي باري ۾ چئي سگهجي ته اها هن دور جي نمائنده
شاعري آهي، نمائنده ناول آهي. اهڙي ڪابه شيءِ پيدا
نه ٿي سگهي آهي، ان کي آءٌ رخ ٿو چوان. اسان جي
اجتماعي نمائندگي وارو ڪو ڪم نه ٿيو آهي. اسان جا
شاعر ڀلا آهن، ڪم ڪن پيا، انهيءَ سلسلي ۾ انهن جو
ڏوهه به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته حالتن جي تيز رفتاريءَ کي
گرفت ۾ آڻڻ ڏکيو آهي.
سگهاري شاعريءَ جي خوبين بابت بحث تمام ڊگهو آهي.
ان باري ۾ منهنجو نڪتهء نظر اهو آهي ته شاعري ٻن
قسمن جي ٿيندي آهي؛ هڪ داخلي، اندر جي اڌمن جي ۽
ٻي آهي خارجي، معنيٰ جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو، ان کي
جيئن آهي تيئن بيان ڪري ڇڏجي. دائميت داخلي شاعري
کي آهي ۽ جيڪڏهن داخلي خارجي ٻنهي کي ملائي پيش
ڪجي ته اهڙي تخليق وڌيڪ جٽادار هوندي، جيئن شاهه
لطيفؒ جي شاعري آهي، جنهن ۾ داخلي جذبا به آهن ته
خارجي اثرات به آهن. ٻاهرين صورتحال کي ڏسي ان کي
ڪئميرا وانگر چٽي ڇڏڻ واري اظهار ۾ جٽاءُ نه آهي.
اسين جيڪا صورتحال ڏسون ٿا، ان کي جذب ڪري پنهنجي
انداز ۾ پيش ڪريون ته پوءِ ان کي شاعري چئبو ۽
اهڙي اظهار کي ئي جٽاءُ هوندو آهي.
شيخ اياز کان پوءِ وڏو شاعر؟
شيخ اياز جي باري ۾ آءٌ اهو چوندس، ته ان لاءِ
فيصلا اڳتي هلي ٿيندا، ڇاڪاڻ ته اهو طئي آهي ته
شآعر جو درجو پنهنجي وقت ۾ مقرر نه ٿيندو آهي.
ممڪن آهي ته کيس حاصل ٿيل مقام اڳتي هلي برقرار نه
رهي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ان کي ايندڙ وقت ۾ اڃ
ابه گهڻي مڃتا ملي. هن وقت اهو چوڻ ته اسان وٽ شيخ
اياز کان پوءِ وڏو شاعر ڪهڙو آهي؟ اهو بحث ئي
اجايو آهي.ا يليٽ جو چوڻ آهي ته ڪو شاعر پنهنجي
وقت ۾ گهڻو مقبول آهي، کيس پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي
ٿو، پر اهو اڳتي هلي نامقبول به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ
ته سماج جيئن اڳتي وڌي ٿو، ترقي ٿئي ٿي، تيئن ان
جو ذهن وڌي ٿو. آئيندي جي ترقي ڪيل ۽ سڌريل ذهن جي
پنهنجي وڌيڪ سڌريل ۽ نئين گهرج هوندي، تنهن ڪري ٿي
سگهي ٿو ته اڄ جو مقبول شاعر اڳتي هلي نامقبول ٿي
وڃي. مقبوليت معيار ناهي. هن وقت، مثال طور ڪئسٽي
شاعري ڏاڍي مقبول آهي، پر سنجيده طبقو ان کي پسند
نٿو ڪري ۽ اهو سنجيده طبقو اڳتي هلي اڃا به وڌندو،
ممڪن آهي ته شيخ اياز ٻڏي وڃي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو
ته ڪئسٽي ڪلچر جا شاعرمشهور ٿي وڃن، اهي سڀ معاملا
ايندڙ وقت طئي ڪندو، اسين طئي نٿا ڪري سگهون. هن
وقت اهڙا بحث شروع ڪري شيخ اياز، استاد بخاري،
تاجل بيوس، غفار تبسم يا ٻين شاعرن کي مٿي
چاڙهيندڙن جي سوچ ئي غلط آهي.
نئين ٽهيءَ جي شڪايت:
نئين ٽهيءَ جي اها شڪايت جائز آهي ته اسين کين
پڙهون ڪونه ٿا، آءٌ پاڻ مڃان ٿو ته ڪيترن نون
شاعرن کي نه پڙهي سگهيو آهيان. ڪڏهن ڪنهن رسالي،
اخبار وغيره ۾ پڙهون ٿا پر باقاعدي پڙهي، انهن جي
ڇنڊڇاڻ ڪرڻ، کين رستو ڏيڻ جو فرض سينيئر اديب ادا
نه ڪري سگهيا آهن. مون جيترو پڙهيو آهي ته نئين
ٽهيءَ ۾ تمام گهڻا سٺا شاعر اديب آهن. شاعر رياضت
۽ مطالعي سان وڌندو آهي، مشاهدي ۽ تجربي سان وڌندو
آهي. اسين پراميد آهيون. نئين ٽهيءَ مان ئي اسان
کي وڏا شاعر، عالم، اديب ۽ دانشور ملندا، وقت
هميشه ماڻهو ڏيندو رهي ٿو، ان ڳالهه کان ڪوبه
انڪار ناهي.
آءٌ شاعر هجڻ جو دعويدار ناهيان:
آءٌ ناول ڪونه ٿو لکان پر لکي سگهان ٿو. آءٌ ڪهاڻي
لکي سگهان ٿو، پر ڪانه لکي اٿم. شاعر هجڻ جي دعويٰ
به مون ڪڏهن ڪانه ڪئي آهي ۽ آءٌ سدائين چوندو رهيو
آهيان ته آءٌ شاعر ڪونه آهيان. مون ٽيڪنڪ سمجهي
ورتي آهي ته شاعري ڪيئن ڪبي آهي، پر جنهن کي شاعر
چئجي اهو آءٌ ڪونه آهيان. اهو هڪڙو وسيلو رهيو
آهي، مون پئسي جي لاءِ ٽي.وي تي ڪم نه ڪيو آهي، اڄ
ون کي ٽي.وي تي لکندي 32 سال پيا ٿين پر ڪڏهن به
ڪو ڊرامو يا شعر وغيره لکي ٽي.وي پروڊيوسرن کي
ايئن نه چيو آهي، ته هن کي پيش ڪريو، مون کي جڏهن
به ڪير چوندو آهي ته لکي ڏيندو آهيان، نه ته ٻه
ٻه، ٽي ٽي، ڇهه ڇهه مهينا گذري ويندا آهن. آءٌ
ڪجهه به نه لکندو آهيان. مون کي جيڪڏهن توهين چئو
ته فلاڻي موضوع تي لکي ڏي ته آءٌ لکي ڏيندس. توهان
جي ضرورت آهي، جيڪا مون کان لکرائي ٿي. ان ڪري
چوان ٿو ته شاعر ڪونه آهيان ڇاڪاڻ جو مون پاڻمرادو
ڪونه لکيو آهي. توهان مون کي چوندؤ ته آءٌ لکي
ڏيندس، مون نظريه ضرورت جي تحت ئي لکيو آهي.
پڙهندڙن کي غلط فهمي آهي ته آءٌ ڪو شاعر آهيان. بس
ٽيڪنيڪل ماڻهو آهيان، جيئن درزي ڪٽنگ ڪري توهان کي
شلوار قميص تيار ڪري ڏئي ٿو، پر ڪپڙو توهان جو
آهي، درزي ڄاڻي ٿو ته ڪاريگري ڪيئن ٿيندي آهي، ان
۾ سندس تجربي کي به عمل دخل آهي، سڄي ڄاڻ هوندس ته
سٺي قميص ٺاهيندو.
مون ايترا ڪيترا ڪتاب پڙهيا آهن ۽ ايترو تجربو ان
ڪري ٿيو آهي جو 11 سال ”مهراڻ“ رسالي تي ڪم ڪيم،
11 سال ”نئين زندگي“ تي ڪم ڪيم، پنهنجا پرچا به
ڪڍيا، مون کي ڏانءُ اچي ويو آهي، اها ڏات ناهي،
هڪڙو تجربو آهي، جيڪو مون کي ڪم پيو اچي. آءٌ ڪجهه
به ڪونه آهيان، رڳو طريقو هٿ اچي ويو آهي.
سنڌ جي تاريخ:
سنڌ جي تاريخ هجي يا دنيا جي ڪنهن به حصي، عالمن
ايئن چيو آهي ته ڪڏهن به پنهنجي دور ۾ سچي تاريخ
لکي نه ويئي آهي، هينئر ته وري به ٿوري گهڻي قلم
جي آزادي آهي، ان کان اڳ جون تقريباً سموريون
تاريخون پنهنجي مرضيءَ سان لکايون ويون آهن يا
حاڪمن جي زير اثر لکيون ويون آهن، تنهنڪري انهن ۾
گهڻيون سچايون ناهن، ان جي باوجود جيڪي سچيون
حقيقتون آهن، سي جڏهن کان تاريخ لکجڻ شروع ٿي آهي،
موجود رهيون آهن، حالتن جي اٿل پٿل جي باوجود ڪي
نشان ضرور ملن ٿا.
سنڌ جي تاريخ به اهڙڻ دورن ۾ لکي ويئي آهي. اسان
کي ارغونن، ترخانن، ڪلهوڙن، ٽالپرن ۽ انگريزن جي
دورن ۾ لکيل تاريخن کي بنياد بنائي حالتن جو جائزو
وٺڻو پوندو، هن وقت افسوسناڪ واقعو اهو آهي ته
جيڪڏهن ڪو پرڏيهي عالم اسان کي چوي ته سنڌ جي
تاريخ پڙهڻي آهي، ڏيو! ته اسان کي ڪوبه جامع ڪتاب
ڪونه ملندو. غلط ئي سهي پر اسان وٽ سڀني دورن جي
ڪابه مڪمل، مجمل ۽ مفصل تاريخ آهي ئي ڪانه. جدا
جدا دورن تي سنڌي ادبي بورڊ ڪم ڪرايو هو، پر اهو
سلسلو به مڪمل نه ٿي سگهيو. ان حوالي سان اڳتي ڪم
الائي ٿئي يا نه ٿئي. بهرحال اسان وٽ تاريخ تي
جيڪو صحيح ۽ مستند ڪم ٿيڻ کپي اهو نه ٿي سگهيو
آهي، چڱا تاريخدان برابر آهي، جن ڪجهه ڪم ڪيو آهي،
پر گهڻن رڳو واقعا ۽ تفصيل ڏيئي ڇڏيا آهن، انهن جي
ڇنڊ ڇاڻ نه ڪئي آهي.
سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان اسان تي وڏو احسان
انگريزن جو آهي، انگريزن گهٽ ۾ گهٽ اهو ڪيو جو هن
اسان کي تڏهوڪي سنڌ جا حالات يڪجا ڪري ڏنا. ان کان
علاوه ارغون ترخان دور تي پير حسام الدين راشدي به
سٺو ڪم ڪيو آهي. هو وڏي پايي جو محقق هو. هن کي
شابس هجي جو آخري وقت تائين ان ڏس ۾ محنت ڪندو
رهيو، هن تنهن وقت جي هلي چلي ۽ واقعن کي سهيڙي
ڏني آهي. هاڻي انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪجي، تجزيو ڪجي
جيڪو اسان کان نه ٿي سگهيو آهي، تنهن ڪري تاريخ جو
سچ اڃا تائين پڌرو نه ٿي سگهيو آهي.
سنڌ جي تقريباً سڀني دورن جي تاريخ ۾ تعريفون ٿيل
آهي، توهان ڏسو ته ٽالپرن کي به اسان جا سورما ڪري
پيش ڪيو يوو آهي. ڪلهوڙڻ کي به اسان جا سورما ڪري
پيش ڪيش ڪيو ويو آهي. انگريزن کي به اسان جا سورما
ڪري پيش ڪيو ويو آهي. ٻيو پهلو اسان وٽ آهي ڪونه.
برابر ڪلهوڙن واهه کوٽايا، ٽالپرن به ڪي چڱا ڪم
ڪيا. انگريزن ان کان وڌيڪ ڪم ڪيو. روڊ، رستا، ريل،
بجلي، سڀ ڪجهه ٿيو. اريگيشن سسٽم ڏنائون، تنهن جي
باوجود وپرهيتن، هارين ۽هنرمندن کي نظر انداز ڪيو
پور آهي. لشڪر جي سپهه سالار جي اهميت پنهنجي جاءِ
تي پراصل ڪم ته سندس پويان ايندڙ سپاهه ڪندو آهي.
اسان وٽ ته ادب جيمڪمل تاريخ به ڪانهي، بهرحال وڏي
ڪم جي ضرورت آهي.
زندگيءَ ۾ خوشيءَ کي اهميت ڪانه ڏنم:
زندگيءَ ۾ حاصل ئي ڪبو آهي. وڃايل شيون به دراصل
حاصلات ۾ شامل آهن، اهي به وڏي حاصلات چئجن. هٿ
اچڻ واري شيءِ کان به وڃايل شيءِ جي اهميت وڌيڪ
هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان منجهان ماڻهو وڌيڪ پرائي
ٿو، سکي ٿو. ان ڪري ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي گهٽ ۽ ٻئي
شيءِ کي اهم سمجهڻ مناسب آهي، مون جيڪي وڃايو آهي
اهو به منهنجي لاءِ اهم آهي ۽ جيڪي مون حاصل ڪيو
آهي سو به منهنجي لاءِ اهم آهي. باقي جيڪو وڃائجي
ٿو، ان ۾ ماڻهوءَ کي ڪجهه نقصان ٿين ٿا، اهي
برداشت ڪرڻا پون ٿا. ان ۾ تڪليفون اچن ٿيون. ڏک
اچن ٿا پر جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ٿورو گهڻو حوصلو آهي ۽
نيت بخير هجي ته ماڻهو برداشت ڪري ٿو وڃي.
مون کي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪا وڏي تڪيلف ڪانه آئي آهي،
ڇاڪاڻ ته مون پنهنجي لاءِ راهه هميشه کليل رکي آهي
ته جيڪي ڪجهه ايندو، اهو وٺبو، حاصل ڪبو، انهيءَ
مان سکبو پر جي حاصل نه ٿي سگهيو ته اُن تي ڏک نه
ڪبو. دراصل دنيا آهي ئي محسوسات جي ۽ آءٌ محسوس
ڪريان ٿو ته مون زندگيءَ ۾ ڏک تمام گهٽ محسوس ڪيو
آهي ۽ ساڳئي وقت خوشي به گهٽ محسوس ڪئي آهي. ايئن
ناهي ته آءٌ خوشيءَ ۾ حد ٽپي ويو هجان، مون خوشيءَ
جي ڪنهن مهل موقعي کي حد کان وڌيڪ اهميت نه ڏني
آهي. البت ان کي زندگيءَ جو اهم واقعو سمجهي
پنهنجي لاءِ جڳهه ڏني آهي ته زندگيءَ ۾ خوشيون به
اينديون آهن، ڏک به ايندا آهن. سو دراصل مون
پنهنجي محسوسات جي دنيا ۾ ڏک تمام گهٽ محسوس ڪيو
آهي ۽ خوشيون به تمام گهٽ محسوس ڪيون آهن. آءٌ رڳو
هلندو رهيو آهيان. مون کي ايترو وقت نه مليو آهي،
سوچڻ لاءِ مهلت نه ميل آهي، موقعو نه مليو آهي جو
انهن ڳالهين تي ويهي سوچيان، پوءِ تجزيا ڪريان،
پوءِ خوش يا رنج ٿيان.
ٻوليءَ جو بگاڙ:
حالتون تمام تيز رفتاريءَ سان تبديل پيون ٿين.
جيڪڏهن ڪنهن هڪڙي ڳالهه تي سوچجي ۽ لکجي ٿو ته ان
کان به وڌيڪ اهم ٻي ڳالهه اوچتو اچيو وڃي. ڌيان
وري اوڏانهن ٿو وڃي. گهڻيون اخبارون نڪتيون. گهڻا
چئنلز آيا. اُتي ڪم ڪندڙ نوجوانن کي ٻوليءَ جو بيڪ
گرائونڊ ڪونه هو. ٻوليءَ جو بنياد اسان جون
ٻهراڙيون آهن. اسان جون مائرون آهن. نوجوان تربيت
يافته به ناهن، انهن جيڪا اردو ٻولي شهر ۾ توڙي ٽي
ويءَ تي ڳالهائيندي ٻڌي. اخبارن ۾ پڙهي، ان کي
اختيار ڪري اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. ان ڪري اهو معالطو
ٿي پيو آهي. ان جي سڌاري لاءِ وري به اسان جا علمي
۽ ادبي ادارا ڪم ڪري سگهن ٿا. اهو ڪنهن اڪيلي
ماڻهوءَ جو ڪم ناهي.
جڏهن ريڊيو پاڪستان جي نشريات شروع ٿي ته جوش مليح
آباديءَ جهڙا قداور شاعر ۽ اديب وڏين پگهارن تي
مقرر ڪيا ويا ۽ جيئن اهي جيڪي ڪجهه پيش ٿئي پيو،
ان جي ٻولي سڌارين. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي اخبارن يا
چئنلز تي ڪي به اهڙا ماڻهو ناهن جيڪي ٻوليءَ تي
نظر رکن، جنهن کي جيئن سمجهه ۾ اچي ٿو، تيئن ويٺو
لکي. ان ڪري چُڪون ڀُلون ٿينديون رهنديون ۽ اهو
عمل نقصانڪار آهي.
اسان جي بزرگن جو اهو به چوڻ آهي ته ”ٻوليءَ جو
بگاڙ معنيٰ ٻوليءَ جو سڌارو.“ هتي ٻولي جي بگاڙ جو
مطلب هيءُ آهي ته توهان کي نوان لفظ ملن ٿا، جن کي
توهين نئين شڪل ڏيو ٿا. پنهنجي ٻوليءَ ۾ رائج ڪريو
ٿا. اهو واڌارو ۽ سڌارو آهي. نيون نيون صورتون
سامهون اچن ٿيون، نوان نوان محاورا ٺهن ۽ استعمال
ٿين ٿا... پر مختلف ٻوليون ڳالهائنيدي ٻاهران ٻي
ڪا آبادي وڏوي انگ ۾ اچي وڃي ۽ ان جي ڪري هڪ ٻي
ٻولي رائج ڪرڻي پوي ته اهڙي بگاڙ کي سڌارو نه
چئبو، اهو عمل غير فطري آهي.ان جو نتيجو اسان جي
ٻوليءَ جي حق ۾ خراب نڪتو آهي. غير فطري بگاڙي کي
روڪڻ لاءِ اهڙن ادارن کي خاص ڪوششون وٺڻ گهرجن.
مختلف هنڌن تي جدا جدا سيل ٺاهيا وڃن. ٻوليءَ تي
صحيح رُخ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻهو هجن پر هتي اسان وٽ
اهڙي صورتحال نظر ڪانه ٿي اچي.
آءٌ مثال ڏيندو آهيان ته اردو کُٽل ٻولي آهي مون
پاڻ اردوءَ ۾ شاعري ڪئي آهي ۽ اردو ڊڪشنري بورڊ تي
3 سال ميمبر رهيو آهيان. ان ڪري مون کي انهيءَ
ٻوليءَ جي مزاج کان آگاهي آهي. تنهن ڪري چوان ٿو
ته اردوءَ ۾ لفظن جي کوٽ آهي. هو چون ٿا: چاول
پکانا، چائي پکانا، روڻي پکانا، سالن پکانا...
اسان وٽ ”پچائڻ“ جدا عمل آهي ته ”رڌڻ“ جدا عمل
آهي، اسان وٽ رڌ پچاءُ آهي، رڌڻ واري هنڌ کي
”رڌڻو“ چئبو آهي. ان مان لفظ نڪتل آهي ”راڌو“ يا
”راڌارو“. اسان وٽ پچائڻ جا ڪم ٿورا آهن. پاپڙ
پچائبو، ماني پچائبي... ٻوڙ رڌينداسين، ڀت
رڌينداسين... پر اسان وٽ اردو ٻوليءَ جي چلتي جي
ڪري هاڻي اسان جون مايون به هڪٻئي کان پڇنديون آهن
ته: ادي، اڄ ڇا پچايو اٿوَ؟“ ”اڄ گوشت پچايو
اٿئون.“ اهڙي طرح ٻوليءَ جو بگاڙ انتهائي نقصانڪار
آهي. ان لاءِ ادارن کي ساڳتي اچڻ کپي.
صورتخطيءَ جي تبديليءَ جو سوال آءٌ سمجهان ٿو ته
اسين پاڻ ويهي ڪنهن ٻوليءَ جي صورتخطي بدلايون،
اهو هن وقت
Risky معاملو آهي.
ٻي ڳالهه اها ته اسان مختلف ٻولين جهڙوڪ: اردو،
فارسي، عربي، ترڪي، هندي وغيره مان ڪيترائي لفظ
وٺي ڇڏيا آهن، جيڪڏهن انهن کي گهٽائي ڇڏيون ته زير
زبر کان سواءِ، انهن جي شناخت ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي.
مثال طور ”هڪ“ ۾ ”ڪ“ ٿو اچي پر ”حق“ ”ق“ سان لکبو.
رومن ۾ اها شناخت مخصوص ڪانهي. جيڪڏهن اسين ”حق
حقيقي هيڪڙو...“ لکون ته مشڪل صورتحال پيدا ٿي
پوندي. ٻيا سوين هزارين اهڙا لفظ آهن، جيڪڏهن انهن
جي اشتقاق جي اسان کي خبر ناهي، اهو معلوم ناهي ته
اهو لفظ ڪهڙي ٻوليءَ مان آيو، ان جي اصل معنيٰ ڇا
آهي؟ جتي به اسين معنيٰ ۾ مُنجهندا آهين ته اهو
مونجهارو اشتقاق ذريعي حل ڪندا آهيون. سو معنائن
جون مشڪلاتون پيدا ٿينديون. اهي هن وقت هيٺ مٿي نه
ٿيڻ گهرجن. ايئن ٿيو ته ڏاڍي ڏکي صورتحال پيدا
ٿيندي ۽ لکين ڪتابن وارو ورثو ڪيڏانهن ويندو.
ٻي ڳالهه، جيئن توهان پڇيو ته رومن سنڌي ۾
ايس.ايم.ايس ڪيون وڃن ٿيون. منهنجي خيال ۾ رابطي
جو اهو انداز ايستائين محدود رهندو. ان کان ٻاهر
نه نڪرندو. ان جي ڪري آءٌ نٿو سمجهان ته ٻوليءَ کي
ڪو خطرو آهي. رسم الخط جي تبديليءَ جي ڳالهه في
الحال غير فطري ٿيندي. دنيا ڀلي چوي ته اختصار کان
ڪم وٺو. ٺيڪ آهي. اڳتي هلي جيڪڏهن اهڙي صورتحال
پيدا ٿئي ٿي ته اسان کي واٽ به نظر ايندي، ان جو
طريقو به نظر ايندو، اُن وقت سوچي سگهجي ٿو.
ممڪن آهي ته ماڻهو سڀاڻي شاهه ۽ سچل کي اهميت نه
ڏين. منهنجي نظر ۾ شاعري هڪ تمام وڏو منصب آهي،
اهو جنهن کي ملي، هر ڪنهن کي نٿو ملي. پاڻ ته جيڪو
تڪبندي ڪري ٿو ان کي به شاعر چئي ٿا ڇڏيون. شاعر
هئڻ وڏو مقام ۽ مرتبو آهي. اهو مرتبو قدرت ڏئي ٿي
جيڪو ڪوشش سان حاصل نٿو ڪري سگهجي. آءٌ پاڻ محسوس
ڪريان ٿو ته اهڙو مقما مون کي مليل ناهي.
مون کي انهي حقيقت جي احساس پهريون دفعو اُن وقت
ٿيو جڏهن پير حسام الدين راشدي ايراني سفير جي مان
۾ حيدرآباد دعوت ڪئي هئي... فنڪشن بعد ريفريشمينٽ
دوران ايراني سفير جي مائي اسان ڏانهن هلي آئي.
اسين قطار ۾ بيهي ڪچهري ڪري رهيا هئاسين. مهڙ ۾
غلام رباني آگرو مرحوم بيٺو هو. کيس مخاطب ٿيندي
چيائين،
Are you a poet? هن
چيو:
No Madam, I am a short story writer.
وري ان جي ڀر ۾ بيٺل ع.ق . شيخ ۽ ٻين کان به ساڳيو
سوال ڪيائين. اتفاق سان سڀ نثر نويس هئا. نيٺ مون
وٽ هلي آئي ۽ مون کي ڪجهه غور سان ڏسي چوڻ لڳي:
You must be a poet. You look like a poet Are you
a poet?
مون چيو، ها ميڊم آءٌ شاعر آهيان. ايئن چوڻ تي مون
کي هڪدم هٿ کان وٺي پنهنجي مڙس وٽ وٺي وئي ۽ چوڻ
لڳي هي شاعر آهي. ڄڻ آءٌ کيس عجيب مخلوق هٿ اچي
ويو هوس. هو به ڏاڍو خوش ٿيو. وڏي احترام سان
مليو، تڏهن مون محسوس ڪيو ته ايران، جيڪو آهي ئي
گلن ۽ بهارن جو ملڪ، شاعرن جو ملڪ، اتي شاعرن جو
جيڪو مقام، مان ۽ مرتبو آهي ان کي اسان واري
شاعراڻي حيثيت ۽ مرتبي سان ڀيٽي نٿو سگهجي. هتي ته
شاعر ڪُتر پيا ٿين. هر شهر ۾ توهان کي سوين شاعر
ملندا... پوءِ مون سوچيم ته هر دور ۾، هر ڪنهن ملڪ
۾، هر ڪنهن شهر ۾، وڏي تعداد ۾ شاعر موجود رهن ٿا
پر تاريخ تمام ٿورڙن شاعرن کي ياد ٿي رکي. 50- 100
سالن ۾ هزارين شاعر ٻڏي ويا. هاڻي سندن نالو ئي
ڪونه ٿو ٻڌجي. فقط ڪن ٽن چئن شاعرن جو نالو هوندو
اهو ڇاهي؟
ننڍي کنڊ جو مثال وٺو. هيترا ملڪ، هيتريون ٻوليون،
لکين شاعر پيدا ٿيا هوندا... پر ڪنهن جو رهجي
ويو... ڪي ڏهه پندرهن... اهي گهڻا ته ناهن. تاريخ
تمام ٿورڙن ماڻهن کي ياد رکيو آهي. سندن صلاحيتن
تي غور ڪريو... مون کي تڏهن سمجهه ۾ آيو ته تاريخ
جن ماڻهن کي ياد ٿي رکي اهي ڪنهن وڏي منصب تي فائز
آهن. ڇو ته ماڻهو ڪونه ٿا ياد رکن، اها تاريخ آهي
جيڪا ياد ٿي رکي. سو، اهو ڪو وڏو منصب آهي. وري
جڏهن ڏسجي ٿو ته اهو ڪار پيغمبري آهي. جزو از ايست
از پيغمبري آهي. جڏهن اهو پيغمبري ڪم آهي ته پوءِ
تمام وڏو منصب آهي. تنهن ڪري گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙي
ماڻهوءَ کي ته شاعر نه چوڻ گهرجي، مون کي تاريخ
ياد نه رکندي، ڪنهن کي ياد رکندي، اهو به وري به
تاريخ ٻڌائيندي. آئون ته اهو ٿو چوان ته ٿي سگهي
ٿو ته ايندڙ پنجاهه سؤ سالن ۾ تاريخ شاهه لطيفؒ کي
به وساري ڇڏي، ڀلي ته ڪو شاعر ٽي سؤ سال، پنج سؤ
سال جيئرو رهيو هجي پر اڳتي هلي انهن مان به تاريخ
الائي ڪنهن کي زندهه رکي، نه رکي. اهو فيصلو تاريخ
جي هٿ ۾ آهي. زمانو بدلجي پيو. ثقافتي قدر بدلجن
پيا، ٻوليون بدلجن پيون. سڀاڻي ڪمپيوٽر جي دور جي
ماڻهن/ نئين ذهن وارن ماڻهن جون دلچسپيون الائي
ڪهڙيون هونديون. هينئر ستن اٺن سالن جو ڇوڪرو
ڪمپيوٽر ٿو هلائي. اهو اسان کان وڌيڪ ذهين (Sharp)
آهي. سڀاڻي ٿي سگهي ٿو ته ماڻهو تصوف جي ضرورت ئي
محسوس نه ڪن. پوءِ ممڪن آهي ته شاهه لطيفؒ جي
ضرورت به محسوس نه ٿئي، سچل جي ضرورت به نه پوي،
ٿي سگهي ٿو ماڻهن جي جذبات جي دنيا ۾ وڏو ڦيرو اچي
وڃي. ڪُلي طور تبديلي پڻ ممڪن آهي. ٿي سگهي ٿو
جيڪو اڄ موجود آهي اهو مڪمل طرح تبديلي ٿي وڃي ٿي.
سنڌ لاءِ عملي ڪم جي ضرورت
هينئر مقابلي جو دور آهي، تنهن سان ڳالهه تي ڌيان
رکڻ کپي ته پنهنجو جائز حصو ضرور ڪجي. اها سنڌ جي
ڪئاليفيڪيشن ٿيندي. ٻيو ته اسان جا ماڻهو خيالي
پلاءَ نه پچائين. نعريبازي نه ڪن، جذباتي نه ٿين ۽
سنڌ جي لاءِ عملي ڪم ڪن. اسان وٽ عملي ڪم ڪرڻ وارا
ماڻهو ڪونه آهن. ماڻهن کي چوڻ ۽ گائيڊ لائين ڏيڻ
وارو ڪير ڪونهي ته عملي ڪم ڪيئن ٿيندو؟ عملي ڪم
ڪرڻ کان سواءِ سنڌ جي راهه نجات ڪانه ٿيندي.
(”موليٰ تي ننگ“ تان ورتل)
|