ميرزا فياض علي بيگ
شمشيرِ سنڌ شمشير بڪف
شير ۽ شمشير ميدانٖ جنگ جا ٻه نمايان ڪردار ۽
رزميه شاعري جا ٻه اهم رڪن آهن. اِهوئي سبب آهي جو
قديم زماني کان شاعرن نامي پهلوانن کي شير سان
تشبيهه ڏني آهي ۽ شمشير جي به دل کولي تعريف ڪئي
آهي. شير ۽ شمشير ڪڏهن به ميدانٖ ڪار زار ۾ مات
ٿيڻا نه آهن. شير ۽ شمشير جي تعريف مرزا دبير هِن
طرح ٿو ڪري:
کس شیر
کی
آمد ہے
کہ رن کانپ رہا ہے
رن ایک
طرف چرخ کُہن کانپ رہا ہے
رستم کا بدن زیرِ
کفن کانپ رہا ہے
ہر قصر سلاطین
زمن کانپ رہا ہے
شمشیر
بکف دیکھ
کے
حیدر
کے
پسر کو
جبرئیل
لرزتے
ہیں
سمیٹے
ہوئے
پر کو
هاڻي شمشيرٖ
سنڌ، ”شمشيرالحيدري“ شمشير بڪف ٿي اعلان ٿو ڪري:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين
سرٖعام هر بات چوندا رهياسين
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو دٻايو
اسان رات کي رات چوندا رهياسين.
هِن ابتدائي تمهيد بعد آءٌ شمشيرالحيدري جي شخصيت،
شاعري، ادبي ۽ مذهبي خدمات جو پڙهندڙن جي معلومات
لاءِ مختصر احوال پيش ڪريان ٿو.
شمشيرالحيدري جو خانداني پس منظر:
سنڌ ۾ قديم زماني کان وٺي اسماعيلي خواجه رهندڙ
آهن. حضرت اسماعيل عليہ السلام حضرت امام جعفر
صادقؓ جو وڏو پٽ هو. جيڪو پنهنجي والد جي زندگيءَ
۾ وفات ڪري ويو، جنهن ڪري
منصب امامت حضرت امام جعفر صادقؓ جي ٻي نمبر فرزند
حضرت امام موسئ ڪاظمؓ کي مليو. تڏهن حضرت امام
جعفر صادقؓ جا مڃيندڙ ٻن گروهن ۾ ورهائجي ويا.
هڪڙن حضرت اسماعيل عليہ السلام کي امام تسليم ڪيو
۽ ٻين حضرت امام موسئ
ڪاظمؓ کي امام مڃيو. پوءِ اڳتي هلي سنڌ ۾ رهندڙ سڀ
اسماعيلي خواجه ئي سڏجڻ لڳا جيڪي هئا به اسماعيلي
خواجه؛ پر پوءِ اڳتي هلي زمانو بدليو ته پوءِ
ڪيترن ئي اسماعيلي خواجن، اسماعيلي فرقو ترڪ ڪري
اثناعشري مذهب اختيار ڪيو.
ان سلسلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، بدين، نندو، ڪڍڻ،
تلهار، ٺٽه ۽ سجاول ۾ رهندڙ اسماعيلي خواجن مان
گهڻن خواجن شيعه اثناعشري مذهب اختيار ڪيو. اهڙي
ريت اِها خواجه قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي.
اسماعيلي خواجن جو اعتقاد حاضر امام جيڪو ان وقت
موجود هو ۽ هاڻي به آهي، جيڪو هن وقت پرنس آغا
ڪريم آهي ۽ اثناعشري خواجن جو اعتقاد غائب امام
(سرڪار قائم آل محمد حضرت امام محمد مهدي
عليہ السلام)
تي هو ۽ آهي. اِهي ٻيئي فريقين الڳ الڳ نالن سان
سڏجڻ لڳا، اسماعيلي خواجه خانائي نالي سان ۽
اثناعشري خواجه وري پڙائي نالي سان مشهور ٿي ويا.
پر هي ٻئي فرقه پاڻ کي سڏائيندا شيعه آهن جيئن
اسماعيلي شيعه ۽ اثناعشري شيعه؛ اهڙي ريت ٻنهي جو
سلام به يا علي مدد آهي.
ڪڍڻ شهر ۾ اثناعشري خواجه رهن ٿا، جن ۾ رسول بخش
خواجه نمايان حيثيت رکندڙ هو. جنهن جي شادي غلام
علي خواجه جي نياڻيءَ سان ٿي. جنهن مان رب پاڪ کيس
پٽ عطا ڪيو، جنهن جو نالو شمشير علي رکيو ويو،
جيڪو ادبي دنيا ۾ ”شمشيرالحيدري“ جي نالي سان
مشهور ٿيو.
شمشيرالحيدري 15- سيپٽمبر 1931ع تي ڪڍڻ شهر ۾ رسول
بخش خواجه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم
ڪڍڻ جي اسڪول ۾ ورتي. پوءِ پنهنجي ناناڻن وٽ بدين
هليو آيو ۽ اتي رهڻ لڳو ۽ اتي ئي اسڪول ۾ داخلا
وٺي پنهنجي تعليم جاري رکي. پوءِ پاڻ اڳتي هلي
وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ مدرسة الاسلام
ڪراچي ۾ داخلا ورتي، پر تعليم مڪمل ڪرڻ کان اڳ ئي
هو نامساعد حالت سبب پنهنجي تعليم اڌ ۾ ڇڏي واپس
بدين هليو آيو.
شمشيرالحيدري جنهن ويل هِن دنيا ۾ اک کولي اُن وقت
سندس مامو نذير حسين حيدري ويهن سالن جو ڦوهه جوان
هو ۽ مذهبي، علمي، ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ قدم رکي
چڪو هو. شمشيرالحيدري جيئن ئي ڪراچي مان موٽي بدين
۾ آيو، تيئن ئي هيءُ پنهنجي مامي نذير حسين حيدري
جي سايه ۾ پلجڻ لڳو. جنهن هِن ۾ علمي ادبي، مذهبي،
سياسي ۽ شاعرانه خوبيون، بلڪ ائين چوان ته ان
سلسلي جون جميع خوبيون هِن ۾ پسي هن جي تربيت ڏي
پورو پورو توجه ڏنو ۽ کيس پنهنجي ساٿي بنائڻ جو
عزم ڪري کيس علم و ادب، مذهب ۽ دنيا داري جي اصولن
کان روشناس ڪري کيس پنهنجي شخصيت جي مڃتا ڪرائڻ جا
موقع ميسر ڪري ڏنا.
شمشير الحيدري جو حيدرآباد ۾ اچڻ:
محمد اسماعيل بنده علي جعفري، رٽائرڊ ڊپٽي ڪليڪٽر
اثناعشري خواجه بدين جو هو، جيڪو ميرزا علي محمد
بيگ (راقم جو نانو) جو بهترين دوست هو. هنن ٻنهي
جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ وڏي جاکوڙ سان قدم گاهه موليٰ علي
واري احاطي ۾ هڪ وڏي شيعه جامع مسجد جا ”مسجد
ابوالفضل“ نالي آهي، سا ٺهي هئي. نذير حسين حيدري
۽
غلام حسين انهي محمد اسماعيل جعفري جا سڳا ڀاڻيجا
هئا. غلام حسين حڪمت ڪندو هو، جنهن محمد اسماعيل
جعفري کي چيو ته مون کي حيدرآباد ۾ مسواڙ تي جاءِ
وٺرائي ڏيو ته آءٌ اتي رهان ۽ دواخانو به کوليان.
محمد اسماعيل جعفري اِهو ذڪر ميرزا علي محمد بيگ
سان ڪيو، جنهن غلام حسين کي ٽنڊي آغا ۾ مسواڙ تي
جاءِ وٺرائي ڏني.
جيئن ته امام بارگاهه علي آباد ٽنڊو آغا ايامن کان
علمي ادبي مذهبي مرڪز رهيو آهي ۽ حيدرآباد ۾
مشاعرن جو آغاز پڻ انهيءَ امام بارگاهه مان ”بزمٖ
فتح“ طرفان شروع ٿيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم
رهندو اچي. ٽنڊي آغا جي انهن ميرزائن جا مذهبي
ناتا ۽ دوستانه تعلقات انهن خواجن سان قديم زماني
کان هلندا اچن. محمد اسماعيل جعفري باقاعده اتي
ٿيندڙ محفلن ۽ مجلس ۾ شريڪ ٿيندو هو. نذير حسين
حيدري پڻ وقت به وقت اتي محفلن ۽ مجلسن ۾ ايندو هو
۽ غلام حسين جيئن ٽنڊي آغا ۾ اچي رهيو، تيئن
باقاعده محفلن ۽ مجلسن ۾ شرڪت ڪندو هو.
هيءُ سال 1952ع ڌاري جو ذڪر آهي جو
نذير حسين حيدري هفتيوار ”اعلانِ حق“ ڪڍيو، جنهن
لاءِ مضمونن ۽ شعرن وٺڻ لاءِ پاڻ ميرزا علي محمد
بيگ وٽ ايندو هو. شمشيرالحيدري به انهيءَ سال
پنهنجي مامي نذير حسين حيدري سان ٽنڊي آغا
حيدرآباد ۾ آيو ۽ پنهنجي مامي غلام حسين وٽ رهڻ
لڳو. اُن جي ئي توسل سان هِن جي ملاقات ٽنڊي آغا
جي ميرزائن سان ٿي ۽ هيءُ به باقاعده امام بارگاهه
علي آباد ۾ ٿيندڙ محفلن ۽ مجلسن ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽
اُتي موقع جي مناسبت سان منقبت يا سلام پڙهندو هو
۽ اتان جي علمي ادبي ۽ مذهبي ماحول ۽ اُن خاندان
جي بزرگ شخصيتن ۽ نوجوانن کان تمام گهڻو متاثر
ٿيو. هِن گهراڻي جي اُن وقت جي نوجوان اديبن ۽
شاعرن ميرزا حامد علي بيگ، ميرزا سلطان حيدر بيگ،
ميرزا مراد علي بيگ ’اختر‘، ميرزا تجمل حسن بيگ
سان سنگت ٿي ويس.
شمشيرالحيدري جڏهن حيدرآباد ۾ آيو تڏهن حيدرآباد
جي اديبن شاعرن مان هِن جي پهرين ملاقات نياز
همايونيءَ سان ٿي، جيڪو تازو شڪارپور مان حيدرآباد
۾ آيو هو. تن ڏينهن ۾ هن جو به هڪ ٺڪاڻو ڪونه هو،
جنهن ڪري ڪڏهن انجمن اماميه ۾ ته وري ڪڏهن ڪنهن
يار ۽ دوست وٽ رهندو هو. نياز همايوني جي معرفت هن
جي ٻين سنڌي اديبن ۽ شاعرن بلڪه ڪن سياستدانن سان
به سندس ملاقات ٿي. سنڌي اديبن ۾ ع. ق. شيخ،
مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي ۽
محمد ابراهيم جويو اُن وقت جا قابلِ ذڪر دوست آهن.
ميرزا حامد علي بيگ ۽ مراد علي ميرزا
جي ع. ق. شيخ سان دوستي هوندي هئي ۽ هي ٻئي ڄڻا
روزانه ”شام“ جو ع. ق. شيخ ۽ ٻين دوستن وٽ ويندا
هئا. شمشيرالحيدري به هنن جو دوست هو، اُهو ۽
ميرزا تجمل حسن، حسن علي نظير، محمد قاسم شاد به
هنن سان گڏ ويندا هئا. تن ڏينهن ۾ ڪراچي هوٽل،
افضل هوٽل ۽ سلطان هوٽل اديبن ۽ شاعرن جي بيٺڪ
هوندا هئا، جتي سڀ اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيندا هئا.
ممتاز مرزا باوجود ننڍي عمر جي به، علمي ادبي ذوق
هئڻ سبب هنن جي سنگت جو ساٿي هوندو هو.
شمشيرالحيدري جو روزگار ۽ نوڪريون:
شمشيرالحيدري حيدرآباد ۾ آيو ته هِن کي مذهبي
ميدان ۽ ادبي ايوان ملي ويا، جتي ئي هن کي پنهنجا
علمي، ادبي ۽ شاعرانه جوهر ڏيکارڻ جا موقعا مليا ۽
گڏوگڏ هن جي روزگار جا دروازا به کلي ويا.
شمشيرالحيدري کي پهرين پهرين پي.ڊبليو.ڊي کاتي ۾
نوڪري ملي، جيڪا پاڻ ٿوري وقت بعد ڇڏي واپس بدين
هليو ويو ۽ اُتي ڪو آپريٽو بينڪ بدين ۾
مئنيجر ٿيو. ان کانسواءِ پاڻ روزانه ”هلال
پاڪستان“
حيدرآباد جو اسسٽنٽ ايڊيٽر، اخبار ”هلال پاڪستان“
ڪراچي جو چيف ايڊيٽر، روزانه ”ڪاروان“ اخبار جو
اسسٽنٽ ايڊيٽر، روزانه ”مهراڻ“ اخبار جو ايڊيٽر
رهيو. پاڻ سال 1956ع کان اٽڪل 11/12 سال ٽماهي
”مهراڻ“
رسالي جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ اهڙي ريت سالن جا سال
ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ جو به ايڊيٽر رهيو. پاڻ
سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري به مقرر ٿيو. ان کان
علاوه ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ ڪن محڪمن ۾ بالا
عملداري جا فرائض به سرانجام ڏنائين. اهڙي ريت
شمشيرالحيدري ڪجهه ننڍيون پرائيويٽ ۽ سرڪاري
نوڪريون به ڪيون. هيءَ عالم آشڪار ڳالهه آهي ته
شمشيرالحيدري جتي به نوڪري ڪئي ۽ جنهن به اداري ۾
نوڪري ڪئي، اتي پاڻ خودداري، باهمتي ۽ اخلاق سان
نوڪري ڪئي.
شمشيرالحيدري حڪمت جو به وڏو ڄاڻو هو. حڪيم شمس
الدين جو دواخانو ٿڌي سڙڪ حيدرآباد وٽ رستي جي ڏکڻ
طرف مشهور آهي، اتي حڪيم شبير احمد حڪمت جا فرائض
سرانجام ڏيندو آهي. منهنجو اُن سان نيازمنديءَ جو
رستو آهي، سو اوير سوير وٽس ويندو رهندو آهيان. هڪ
دفعي جو آءٌ هن وٽ وڃان ته وٽس شمشيرالحيدري ويٺو
هو. آءٌ هن سان اُتي مليس ۽ ڪجهه وقت حال احوال
ڪياسين. منهنجو خيال هو ته، پاڻ حڪيم شبير کان ڪا
دوا درمل وٺڻ آيو هوندو، پر سندس وڃڻ کان پوءِ
حڪيم صاحب کان پڇيم ته اُن ٻڌايو ته هِن بدين ۾
حڪمت جو دواخانو کوليو آهي ۽ دوائن جي سلسلي ۾ مون
وٽ ايندو رهندو آهي. اڃا اسان پاڻ ۾ ڳالهيون پئي
ڪيون ته نياز همايوني صاحب به اچي ويو ۽ اُن کي
حڪيم شبير ٻڌايو ته شمشيرالحيدري صاحب هينئر هينئر
اٿي ويو آهي. اُتي نياز صاحب به ٻڌايو ته شمشير
حڪمت ڪري ٿو ۽ کيس حڪمت جي سٺي ڄاڻ آهي.
مون کي اِتي خيال آيو ته شمشيرالحيدريءَ جا ٻئي
ماما نذير حسين حيدري ۽ غلام حسين پڻ سٺا حڪيم
هئا، هي انهن مامن جي سائي ۾ پليو ۽ ممڪن آهي ته
هنن وٽان ئي حڪمت سکيو هجي ۽ پوءِ وقت ايندي
پنهنجو مطب کوليو هجي.
شمشيرالحيدري جڏهن ادبي ايوان ۾ آيو، تڏهن هڪ طرف
ته ترقي پسند تحريڪ سنڌ ۾ پنهنجا پير پختا ڪري چڪي
هئي ۽ ڪيترائي ترقي پسند سنڌي عالم، اديب ۽ شاعر
ايوان ادب ۾ پنهنجو سڪو ڄمائي چڪا هئا ته ٻئي طرف
سنڌي ادبي سنگت به حيدرآباد ۾ پنهنجو ڀرپور قدم
ڄمائي ايوان ادب ۾ خاصي جاءِ والاري چڪي هئي.
شمشيرالحيدري سنڌي ادبي سنگت جو ميمبر ٿيو، پوءِ
پنهنجي ذهانت ۽ علمي ادبي ڄاڻ جي طفيل سنڌي ادبي
سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل به ٿيو، جنهن عهدي تي
منهنجي ڄاڻ ۽ خيال مطابق 11/12 سال رهيو ۽ اِهو
سڄو عرصو پوري همت، استقلال، جرئت ۽ بنا ڪنهن جي
دٻاء يا ڪنهن خوف و خطر ۽ بنا ڪنهن لالچ جي بالڪل
سچائيءَ ۽ نيڪ نيتي سان پنهنجا فرائض منصبي
نڀائيندو آيو ۽ سنڌي علم و ادب ۽ شعر و شاعري جي
واڌاري لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو.
شمشير الحيدري جون مذهبي خدمتون:
شمشيرالحيدري مذهب ۾ پڪو پختو هو. پر ائين به نه!
جيئن جنوني ملان بنجي هر آئي وئي تي ڪفر جون
فتوائون جاري ڪندو وتي؛ نه! نه! ائين نه هو. ڇاڪاڻ
جو هِن مذهبي طور قديم ۽ جديد لٽريچر پڙهيو ۽
پروڙيو، جنهن ڪري هن ۾ مذهبي تنگ دلي تِرَ برابر
به ڪونه هئي ۽ گڏوگڏ مذهبي خيال کان منافقت به
ڪونه ڪيائين، جا هو ڄاڻندو به ڪونه هو. هو کليل
ذهن جو هو ۽ اِهو ئي سبب هو جو هِن جيئن حيدري
بنجي دنيائي ادب ۾ پير پاتو تيئن آخري پساهن تائين
حيدري ئي ٿي رهيو.
سال 1952ع ڌاري لاڙ جي اثناعشري خواجن پاڻ ۾ ملي
نذير حسين حيدري ۽ شمشيرالحيدري جي توسط سان
”محفلٖ غلامانٖ عباس“ جو پايو وڌو، جنهن جو پهريون
جنرل سيڪريٽري شمشيرالحيدري کي ڪيو ويو. اداري جي
قائم ٿيڻ سان ترت ئي اشاعتي سلسلو به شروع ڪيو
ويو، جنهن ۾ ڪي ڪتاب ته نذير حسين حيدريءَ لکيا ۽
چار ڪتاب شمشيرالحيدري لکيا جيڪي شايع ٿيا. انهيءَ
ڪتابي سلسلي سان گڏوگڏ نذير حسين حيدري هفتيوار
رسالو ”اعلانٖ حق“ به شايع ڪيو، جنهن ۾ پڻ
شمشيرالحيدري جو ساڻس ڀرپور ساٿ رهيو ۽ انهن ٻنهي
جي ڪوششن سان اِهو رسالو ڪجهه عرصو باقاعده شايع
ٿيندو رهيو. هاڻي ٻيهر اِهو رسالو ساڳي نالي سان
”اعلانٖ حق“ نذير حسين حيدريءَ جو پٽ زهير حسين
حيدري شايع ڪري رهيو آهي.
جيئن نذير حسين حيدري ويهن سالن جي عمر ۾ ئي
مذهبي، علمي، ادبي ۽ سياسي ميدان ۾ قدم رکي
ڪاميابي ماڻي، بالڪل انهيءَ طرح سان ئي
شمشيرالحيدري به ويهن سالن جي عمر ۾ ئي مذهبي،
علمي، ادبي، شاعري، صحافت ۽ سياست ۾ قدم رکي انهي
ميدان ۾ پنهنجي وڏي مڃتا ڪرائي ورتي. شمشيرالحيدري
جي قلم جڏهن مذهبي مڃتا ماڻي، تڏهن هن جي قلم علم
و ادب، تاريخ، تنقيد ۽ شاعري ڏي موڙ کاڌو. هيءُ
اُهو زمانو هو، جڏهن علم و ادب ۽ شعر و شاعريءَ ۾
نوان موڙ اچي چڪا هئا، جنهن ڪري شمشيرالحيدري جي
قلم ۽ قدم اُن پاسي رخ رکيو.
شمشيرالحيدري شاعري جي شامياني هيٺ:
شمشيرالحيدري شاعر به بي مثال هو. پاڻ اُن وقت جي
نئين انداز ۾ شاعريءَ جي رائج صنفن تي طبع آزمائي
ڪندي شاعريءَ جي شامياني هيٺ صف اول جي شاعرن ۾
شمار ٿيڻ لڳو ۽ پنهنجي
حلقهء شعراء ۾ پنهنجي شاعري جي مڃتا ڪرائي ورتي.
سندس شاعري توڙي جو ٿوري انداز ۾ ڇپيل آهي، پر
ڏاڍي متاثر ڪندڙ آهي. ان مان چند مثال نموني طور
هتي پيش ڪجن ٿا:
اڄ منهنجي اڱڻ منهنجا محبوب اچن شايد
ورهين جي وڇوڙي جا سڀ سور لهن شايد
ماحول جي مستيءَ ۾ مُرڪن سان مليون سُرڪيون
روحن جا اهي ريلا چانڊاڻ گهرن شايد
هڪوار ته دل کولي هر ڳالهه چئي ڇڏبي
انصاف جي اکين مان ڳوڙها به ڳڙن شايد
خالي به ڪريو جلدي انصاف جي مسند کي
مظلوم اچي پهتا حقدار هجن شايد
ڌرتي جو دلاور اڄ تارن تي سوار آهي
انسان جي عظمت جا اعلان هجن شايد
ابليس کي چئي ڇڏيو سجدي جي تياري ڪر
دنيا تي اناالحق جا اسرار کلن شايد
سوري تي سڏڻ وارا هڪ ڳالهه ته سوچي ڇڏ
مقتل ۾ اچڻ وارا منصور هجن شايد
بلبل جي بيانن تي برهم نه ٿيڻ گهرجي
آئينده بهاري جا پيغام هجن شايد
شمشير کي سڏ ڪريو شمشير ڪٿي آهي
محفل کي سجائيندو ان جو ئي سخن شايد
*
راهبر ڀلجي ويا، اهل نظر ڀلجي ويا
شوقِ منزل ۾ سڀئي ڪارِ سفر ڀلجي ويا
رات جو پويون پهر ۽ صبح جو پهريون پهر
ٻن گهڙين جي فرق ۾ ڪوتهه نظر ڀلجي ويا
جن گهري وري هيءَ دل يار جو تحفو ڪري
سي به اڄ شمشير جي خاطر خبر ڀلجي ويا
*
مصرع طرح ”هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي“
مزدور جي محنت نظر انداز نه آهي
جمهور جو آهنگ بي آواز نه آهي
انصاف جي آئين جي فتوا ٿو ٻڌايان
زردار کان زياده ڪو دغاباز نه آهي
هر هر ٿيون اچن وقت جي سوري جون صدائون
افسوس اناالحق جو آواز نه آهي.
*
مصرع طرح ”بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا“
چمن ۾ ڪنهنجو هي ڏسجي ٿو انتظار اڃا
حياتِ لاله و گل آهي اشڪبار اڃا
نه آيو آهي خزان جو ئي اعتبار اڃا
چمن ڀلي رهي بيگانه بهار اڃا
هي ڪنهن جو نقش وفا آهي جاذبِ فطرت
جهڪي ٿو جنهن تي اي شمشير روزگار اڃا
*
طوفان جي درميان نه ڪنار جي ڳالهه ڪر
مون سان نه زندگي جي سهارن جي ڳالهه ڪر
آهن پسند مون کي خزان جون نوازشون
اي هم نشين نه مون سان بهارن جي ڳالهه ڪر
ميخانهء جهان ۾ لٽائي شراب زيست
اي دوست زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر.
*
شمشيرالحيدري جي شاعري جو گهڻو تڻو حصو علم عروض
جي پابندين سان چيل آهي.
شمشيرالحيدري جي نثر نويسي ۽ تاريخ نويسي:
شمشيرالحيدري نثر ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. جنهن ۾
تاريخ، شاعري جو اڀياس، افسانه، ۽ ڊراما وغيره
شامل آهن. پاڻ نثر نويسي ۾ به شاعريءَ وانگر
ڪاميابي ماڻي، سندس تحرير ۽ انداز تحرير متاثر
ڪندڙ آهي.
شمشيرالحيدري تنقيد جي سلسلي ۾ به شمشير بڪف نظر
اچي ٿو ۽ هن جي تنقيد براءِ تنقيد ناهي، بلڪ هِن
جي تنقيد براءِ اصلاح آهي. هن جون تنقيدون صحيح
تنقيد جي دائري ۾ سگهاريون ۽ وزندار آهن، جيڪي
حقيقت تي ٻڌل آهن ۽ جنهن مان ظاهر آهي ته هن تنقيد
نگاري جو صحيح حق ادا ڪيو آهي.
شمشيرالحيدري کي نظم توڙي نثر ۾ يڪسان قدرت حاصل
هئي. جيئن ته هِن جو مطالعو وسيع هو، جنهن ڪري
هيءُ جڏهن به نظم يا نثر لکندو هو ته اُهو زماني
حال مطابق هوندو هو. جيئن ته نثر ۽ نظم جديد دور
دوران نوان موڙ موڙي چڪو هو، تنهنڪري شمشيرالحيدري
جديد دور جي مدنظر شاعري ڪئي ۽ نثر لکيو. هن جي
شاعري توڙي جو علم عروض جي پابندين سان رچيل آهي،
پر اُها بجاءِ قديم دور جي جديد دور مطابق چيل
آهي. هن آزاد نظم کي اُن جي فني پابندين سان لکيو
آهي ۽ وري جڏهن پاڻ مزاحمتي شاعريءَ لاءِ قلم کڻي
ٿو ته هو قلم کان شمشير جو ڪم وٺندي خوب شمشير زني
ڪندي نظر اچي ٿو ۽ سندس اِها شاعري پڙهندڙن جي دل
و دماغ تي ترت اثر انداز ٿيو ٿي وڃي. وري جڏهن
عشقيه شاعري ٿو ڪري ۽ غزل ٿو لکي ته سندس غزل هر
ٻڌندڙ جي ذهن، دل ۽ دماغ تي ڇانئجيو وڃي ۽ بي
ساخته زبان تي واهه! واهه! تمام سٺو! جا الفاظ
اچيو وڃن.
جنهن زماني جو آءٌ ذڪر ڪري رهيو آهيان، اِهو نئين
جديد دور جو ذڪر آهي ۽ اُهو نئين ٽهيءَ جي اديبن ۽
شاعرن جي اُڀرڻ ۽ اُسرڻ وارو دور هو. جنهن دور ۾
ترقي پسند تحريڪ سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾
پنهنجون جڙون مضبوط ڪري چُڪي هئي ۽ سنڌي ادبي سنگت
به پوري منظم طريقي سان قائم ٿي چڪي هئي، اُن ۾
سنڌي جوان، نوجوان، ڳڀرو جوان، اڌڙوٽ، عمر رسيده
ايستائين جو ڪلين شيو ته باريش، اديب ۽ شاعر شامل
هئا ۽ مٿان وري دنيائي ادب جو ادبي، سياسي ۽
تاريخي لٽريچر به انهن پڙهيو ۽ پروڙيو، جيڪو انهن
جي ذهنن تي اثر انداز ٿيو. جن سنڌي ادب ۽ شاعريءَ
کي نوان موڙ ڏنا. شمشيرالحيدري پڻ انهيءَ ئي دور ۾
اُڀريو ۽ اُسريو ۽ جلدي چڱي منزل ماڻي ورتي.
شمشيرالحيدري صحافت جي صحن ۾:
شمشيرالحيدري صحافت جي صحن ۾ شمشيرٖ سنڌ بنجي
صحافت ۾ پنهنجو نالو قائم ڪري ويو ۽ پاڻ سرڪاري،
نيم سرڪاري ۽ خانگي رسالن ۽ اخبارن جي ايڊيٽري ۾
رک رکاءُ اصل نه ڪيو ۽ نه ئي وري مصلحت پسندي جو
اظهار ڪيائين. پير صاحب پاڳاري جي ”مهراڻ“ ۽ ”هلال
پاڪستان“ جو شهيد بينظير ڀٽو جو دور ٻنهي سان اِهو
شرط هو ته اخبار آئون اخبار ڪري هلائيندس؛ نه
خوشامند ڪنهن جي ڪندس ۽ نه ئي اخبار کي ذاتي يا
سرڪاري بلنٽين ڪري هلائيندس. مالڪن سندس شرط
قبوليا، پر سي وقتي هئا. شمشيرالحيدري صاف دامن
صحافت ۾ آيو ۽ اهڙائي پنهنجا صاف پلئه کڻي اخبارن
کي خير آباد چئي اچي گهر ڀيڙو ٿيو.
شمشيرالحيدري سياست جي سائي ۾:
شمشيرالحيدري سياست ۾ به شمشير بڪف رهيو. اها ٻي
ڳالهه آهي ته هِن ڪڏهن به سياست ۾ ڀرپور حصو ڪونه
ورتو ۽ نه اليڪشن ۾ بيٺو، نه ئي وري ميمبر يا وزير
۽ سفير ٿيو نه سياسي چڪرن ۾ آيو. توڙي جو پاڻ بهتر
سياسي سوچ رکندڙ هو ۽ سياست تي به خاصو عبور حاصل
هئس، پر هي هميشه صحيح سياست جو قائل رهيو، جيئن
ته سياست ۾ منافقت، قلابازيون، هيريون ڦيريون،
واعده خلافيون، ڏٽا، اهانا بهانا، ڪوڙ ڪپت،
ڌوڪيبازيون وغيره شامل آهن، تن کان شمشيرالحيدري
ڪوهين پري هو. نه پاڻ ڪڏهن اهڙي سياست جي ويجهو
ويو ۽ نه انهن اهڙن ڪُپتين سياستدانن کي پنهنجي
ويجهو اچڻ ڏنائين، جنهن ڪري سياست جي سايه ۾ حقيقي
سچائي ۽ ايمانداري سان سياسي سج وانگر چمڪندو رهيو
۽ وقت به وقت سياسي ميدان ۾ سنڌي ٻولي، سنڌ ۽
سنڌين جي حقن لاءِ لڙندو رهيو ۽ سنڌي ٻولي، سنڌ ۽
سنڌين جي حق ۾ اعلان حق ڪندو رهيو.
شمشيرالحيدري علم و ادب ۽ شعر و شاعري (نثر ۽ نظم)
۾ ۽ صحافت ۽ سياست ۾ سچي سون وانگر جَرڪندو رهيو ۽
هر اسٽيج تي پاڻ ملهائي موچارو ٿيندو رهيو.
شمشيرالحيدري سان رهاڻيون:
شمشيرالحيدري جو نالو منهنجي اکين آڏو پهرين پهرين
اُن ويل آيو، جڏهن مون هُن جا لکيل ٻه ڪتاب ”انسان
ڪامل“ ۽ ”ڪاروان ڪربلا“ ۽ هڪڙو رسالو ”اعلانٖ حق“
جيڪو نذير حسين حيدري شايع ڪيو، سي پنهنجي والد
مرحوم ميرزا حامد علي بيگ جي ڪتابي ذخيري ۾ ڏٺا.
مون بابا کان اِهي ٻئي ڪتاب ۽ رسالو پڙهڻ لاءِ
ورتا. انهيءَ رسالي ۾ منهنجي ناني ميرزا علي محمد
بيگ جو هڪ سلام ۽ اُن جي والد ميرزا قربان علي بيگ
جا ٻه سلام ۽ چاچا ميرزا عباس علي بيگ جو هڪ مضمون
ميرزا ٻڍل بيگ تي لکيل ۽ هڪ نظم ڇپيل هئا، جيڪي پڻ
منهنجي دلچسپي جو باعث هئا. مون مذڪوره ڪتاب به
پڙهيا ۽ رسالي ۾ سڀ مضمون ۽ شعر پڙهيم. هي سال
1962ع جو ذڪر آهي ۽ اِهوئي زمانو هو جو
ٽنڊي ٺوڙهي جي مرزا عابد حسين بيگ پنهنجي والد
مرزا علي حسين بيگ جي ياد ۽ سندس ايصال ثواب لاءِ
ٻه ڪتاب هڪ ”محبت آلِ عبا“ جيڪو مرزا قليچ بيگ جو
ترجمو ڪيل هو ۽ ٻيو ڪتاب ”سيدالشهداء“
مرزا محمد نواز بيگ جو لکيل ڇپايا، جيڪي مرزا عابد
حسين بيگ، بابا مرحوم ميرزا حامد علي بيگ کي ڏنا
جيڪي بابا منهنجي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڏسي مون کي
پڙهڻ لاءِ ڏنا. اِهي ئي چار مذهبي ڪتاب ۽ هڪڙو
مذهبي رسالو مون ان دور ۾ پڙهيا، جن مون کي وڌيڪ
مذهبي ڪتابن پڙهڻ لاءِ اُتساهيو. ڪجهه ڪتاب جن ۾
اردو ۽ سنڌي هئا، سي بابا وٽ هئا ۽ ڪجهه ڪتاب ۽
رساله مرحوم محمد هاشم عرف ميوو خان کان خريد ڪيم.
شمشيرالحيدري پنهنجا لکيل ڪتاب بابا کي ڏنا، جيڪي
مون ساهه سان سانڍيا آهن. پر جيئن ته مون وٽ هِن
وقت تمام گهڻا ڪتاب آهن، جيڪي سڀ جا سڀ منهنجي پُٽ
دبير حسين جي ملڪيت آهن ۽ هينئر اُن جي ئي قبضي
متصرفي ۾ آهن. آءٌ ضرورت پوندي آهي ته کانئس ئي
ڪتاب وٺندو آهيان، پر شمشيرالحيدري جا ڪتاب اسان
ٻنهي جي ڳولڻ جي وَس کان ٻاهر آهن، جنهن ڪري
پنهنجي محترم بزرگ عزيز ميرزا نجم الحسن بيگ کان
اِهي ڪتاب گهريم ته پاڻ هميشه وانگي فراخ دلي جو
مظاهرو ڪندي ٻئي ڪتاب ۽ رسالو مون کي ڏنا، جنهن
لاءِ آءٌ سندس ممنون ۽ دعاگو آهيان.
جڏهن مون شمشيرالحيدري جا اِهي ٻئي ڪتاب پڙهيا،
تڏهن بابا کان اُن جو ڏَس پتو معلوم ڪيو ته پاڻ
ٻڌايائون ته شمشيرالحيدري جو مامو غلام حسين ٽنڊي
آغا ۾ اچي رهيو هو ۽ شمشيرالحيدري پاڻ به وقت به
وقت ان وٽ ايندو هو. هيءُ اديب ۽ شاعر هو ۽ اسان
کي به شاعريءَ سان شوق هو، جنهن ڪري هن جي مون سان
۽ ميرزا مراد علي بيگ سان سنگت هئي. هي اصل بدين
جو هو ۽ هن جي مامي غلام حسين جو مامو محمد
اسماعيل جعفري ادا وڏي (ميرزا علي محمد بيگ) جو
دوست آهي، جيڪو حيدرآباد ۾ رهي ٿو. ان جي ئي معرفت
شمشيرالحيدري سان ملاقات ٿي سگهندي پر مون نانا
ميرزا علي محمد بيگ کان ڪونه پڇيو، بلڪه هيئن چوان
ته ان وقت وڏن بزرگن جي اڳيان ڳالهائڻ جي جرئت ئي
ڪونه ٿيندي هئي.
نذير حسين حيدري وقت به وقت حيدرآباد ۾ ايندو هو
ته نانا ميرزا علي محمد بيگ سان به ملاقات ڪندو
هو. هي سال 69-1968ع جو زمانو هو جو هڪ دفعي نذير
حسين حيدري، نانا ميرزا علي محمد بيگ وٽ آيو ۽
ساڻس گڏ هڪ نوجوان ڪلين شيو ۽ پينٽ شرٽ پاتل هو.
نذير حسين حيدري انجمن اماميه سنڌ جي عهديدارن جي
خلاف نظرياتي اختلافن تي لکيل هڪ ڪتاب نانا مرحوم
کي پڙهڻ لاءِ ڏنو؛ اُن ڪتاب جو نالو هو ”آڇيندي لڄ
مران“ ۽ اُن ڪتاب جي سلسلي جو پهريون ڪتاب ”پلئه
پايو سچ“ نجف علي شاهه ڪمتر نقوي جو لکيل هو، سو
به ڏنائين ۽ چيائين ته هي ٻئي ڪتاب پڙهي پنهنجي
راءِ ڏجو. ائين چئي هو ٻئي هليا ويا ۽ سندن وڃڻ
کان پوءِ مون نانا کان پڇيو ته هي ڪير هئا؟ پاڻ
ٻڌايائون ته، نذير حسين حيدري ۽ سندس ڀاڻيجو
شمشيرالحيدري هئا. جنهن تي مون دل ۾ خيال ڪيو ته،
انهن جي ويٺي نانا کان پڇان ها ته اتي ئي
شمشيرالحيدري سان ملاقات ٿي وڃي ها!
آءٌ اڃا انهيءَ خيال ۽ شش و پنج ۾ ئي هئس ته اڌ
مني ڪلاڪ بعد هي ٻئي وري نانا وٽ موٽي آيا. اتي
مون دل پڪي ڪري همت ٻَڌي شمشيرالحيدريءَ سان
ڳالهايو ۽ ڳچ دير ساڻس ڪچهري ڪيم. اتي ئي دوران
ڪچهري، نذير حسين حيدري ٻڌايو ته اسين حيدر بخش
جتوئي وٽ ويا هئاسين، ان سان ڪافي مسئلن تي گفتگو
ٿي. پاڻ قرآن پاڪ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو
آهي، جيڪو مون کي ڏيکاريائين ته کيس چيم ته ان سان
گڏ ”نهج البلاغه“ جو به انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪريو،
ته ڏاڍو سٺو ٿيندو. جنهن تي جتوئي صاحب چيو ته،
مون کي مختلف رائيٽرن (مترجمن) جا ڪجهه نسخه ڏيو
ته انهن کي پڙهي، پوءِ اُن جو ترجمو ڪريان. اِها
ڳالهه ڪندي نذير حسين حيدري، نانا کي چيو ته اوهان
وٽ جي اهڙا ٻه چار نسخا هجن ته، جتوئي صاحب کي
ڏيو، هو مطالعو ڪري پوءِ اوهان کي واپس ڏيندو.
انهيءَ هفتي ۾ ئي نانا مرحوم پنهنجي ناياب ڪتابي
ذخيري مان ”نهج البلاغه“ جو هڪ نسخو مون کي ڏنو ۽
چيو ته هي حيدر بخش جتوئي کي ڏيئي اچ. آءٌ اِهو
نسخو کڻي جتوئي صاحب وٽ سندس جاءِ حيدر چوڪ واري
(پراڻي براج آفيس) ۾ آيس ۽ کين نذير حسين حيدري جو
حوالو ڏيندي چيم ته هيءُ ”نهج البلاغه“ ميرزا علي
محمد بيگ ڏنو آهي. پاڻ انتهائي خوشيءَ جو اظهار
ڪندي ڪتاب مون کان ورتو ۽ ان جا ڪجهه صفحا کولي
نظر مان ڪڍيا. ان وقت سيد الطاف حسين شاهه ترمذي
رٽائرڊ ڪليڪٽر به وٽس ويٺل هو. جتوئي صاحب ڪتاب
شاهه صاحب کي ڏيکاري، اُن مان ڪجهه پڙهي ٻڌائڻ
لڳو. جنهن تي الطاف حسين شاهه کيس چيو ته، ميرزا
علي محمد بيگ جو والد ميرزا قربان علي بيگ وڏو
عالم، اديب، شاعر ۽ بهترين خطاط هو ۽ اِهو ڪتاب به
سندن ئي ڪتب خاني جو آهي. جتوئي صاحب وٽ آئون چند
گهڙيون ويٺس ۽ پوءِ کانئس موڪلائي موٽڻ لڳس ته پاڻ
چيائون ته، نؤجوان ڪڏهن ڪڏهن اسان پوڙهن وٽ به
ايندا ڪريو. پوءِ مزاحيه انداز ۾ چيائين ته، اوهين
کڻي اسان مان ڪجهه نه پرايو، پر اسين ته اوهان مان
ڪجهه پرايون. ان ڪچهري کان آءٌ گهڻو متاثر ٿيس ۽
پوءِ ٻه دفعا
ضيا الله غلام علي سان گڏ وٽس ويس ۽ ڪافي وقت
ڪچهري ڪري موٽياسين.
شمشيرالحيدري سان پهرين ملاقات کان پوءِ منهنجي
ساڻس ٻه ٽي دفعا محترم نياز همايوني صاحب وٽ منظور
چيمبر ۾ به ڻس ملاقات ٿي، جيڪا فقط رسمي طور هئي.
شمشيرالحيدري سان منهنجي ٻي باقاعده ڪچهري
تڏهن ٿي، جڏهن هو ”مهراڻ“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي آيو
۽ آءٌ نانا ميرزا علي محمد بيگ جي چوڻ تي هڪ ڌيان
طلب اخبار ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ويس. اتي ساڻس تفصيلي
گفتگو ٿي ۽ اُن دور جون جنهن دور ۾ هي ٽنڊي آغا ۾
اچي رهيو هو، هن ڪيتريون ئي ڳالهيون ٻڌايون. پاڻ
مون کي ٻڌايائين ته، اوهان جي والد ميرزا حامد علي
بيگ، مراد علي ميرزا ۽ ٻين سان منهنجي دوستي ٿي
هئي. اُن دور ۾ حيدرآباد ۾ ”بزمٖ خليل“ جا مشاعرا
ٿيندا هئا، جنهن ۾ اوهان جي بزرگن مان ميرزا احسن
ڪربلائي، ميرزا علي بخش ڪوثر ۽ اوهان جو والد شريڪ
ٿيندا هئا.
هڪ دفعي منهنجي نه چاهيندي به اوهان جو والد مون
کي زوري ڊاڪٽر خليل وٽ وٺي هليو، مون پهريون ڀيرو
ڊاڪٽر صاحب سان روبرو ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر صاحب ايڏي
پيار ۽ خوش اخلاقي سان مليو جو وٽانئس اٿڻ تي دل
ئي نه چوي. ڪافي وقت ساڻس ڪچهري ڪري اٿڻ لڳاسين ته
مون کي چيائين ته، شمشير ڪراچيءَ ۾ جمعيت الشعراء
طرفان مشاعري جو اهتمام ڪيل آهي، ان لاءِ مصرع طرح
”بهار آهي چمن کي نه سازگار اڃا“ ڏنل آهي، ان طرح
تي اوهان به غزل ٺاهي اچي پڙهجو. مون ان طرح تي
غزل چيو ۽ مشاعري ۾ پڙهيو. اِهائي هڪڙو دفعو ڊاڪٽر
خليل سان ملاقات ٿي ۽ وري ڪڏهن به ساڻس ملاقات
ڪونه ٿي. ڇاڪاڻ جو
ان دور ۾ نئين ٽهي جي اديبن ۽ شاعرن جا قديم دور
جي اديبن ۽ شاعرن سان شديد نظرياتي اختلاف هئا،
جنهن ڪري ٻئي ڌريون هڪ ٻي کان ٽهيل ۽ متنفر هيون.
شمشيرالحيدري سان حڪيم شبير احمد وٽ به منهنجي
ملاقات ٿي، جنهنجو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي.
شمشيرالحيدري سان منهنجي آخري ملاقات تڏهن ٿي،
جڏهن پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ 12- جون
1993ع تي ٽنڊوآغا ۾ منهنجي ڀاءُ ميرزا فتح علي بيگ
وٽ آيو هو. آءٌ آفيس مان آيس ته مون کي منهنجي
ننڍي ڀاءُ ميرزا منظوري علي بيگ ٻڌايو ته ٻاهر
شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر خان محمد پنهور ۽ ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو آيا آهن. اوهان جو انتظار ٿي
رهيو آهي، هنن کي ڪتاب ڏسڻا آهن.
آءٌ ساڻن اچي مليس، شمشيرالحيدري سان ته ملاقات ٿي
چڪي هئي ۽ ڊاڪٽر خان محمد پنهور سان ته منهنجا
دوستاڻا تعلقات اڳ ئي هئا ۽ پاڻ اڪثر و بيشتر مون
سان اچي آفيس ۾ به ڪچهري ڪندو هو. باقي ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجي صاحب سان اِها منهنجي پهرين
ملاقات هئي.
برادرم ميرزا جمشيد علي بيگ پنهنجي ناياب قلمي
ذخيري مان کين ڪتاب ڏيکاريا. مون پنهنجي ڪتابي
ذخيري مان کين پنهنجي بزرگن جي قلمي ۽ ڇاپي ڪتابن
سان گڏوگڏ سنڌ جي مايه ناز غزل گو شاعرن جي ڪلام
جي ڪليات مان مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ جو اڻڇپيل
ڪلام ”ڪليات سانگي“ (ٻه جلد)، محمد هاشم ’مخلص‘
جو اڻڇپيل ڪلام
”ڪليات مخلص“، سيد غلام محمد شاهه ’گدا‘ جي ڪليات
۽ ڪجهه ناياب ڇپيل سنڌي ڪتاب ڏيکاريا، جيڪي ڏسي
پاڻ تمام خوش ٿيا. ان موقعي تي ادا ميرزا فتح علي
بيگ آيل دوستن کان
Visiter Book تي تاثرات ورتا، جنهن
جا عڪس سندن ئي ٿورن سان هِن مقالي ۾ ڏجن ٿا.
مون گهڻو عرصو ته شمشيرالحيدري سان نه ڪچهريون
ڪيون ۽ نه ئي گهڻو ساڻس مليس! انتهائي مختصر عرصو
منهنجي ساڻس يا عليؑ
مدد رهي. مون ان ٿوري عرصي ۾ کيس پَرکي ورتو ته،
هيءُ انتهائي ارڏو، خوددار، عزتٖ نفس جو پاسدار ۽
وڏي کان وڏي فرعون زمانه سان مهاڏو اٽڪائنيدي ويرم
نه ڪندو! گسندو ڪنهن مان به ڪونه ۽ نه ئي ڪنهن جي
آڏو نيچو نوايو، سندس هميشه مولا تي ننگ رهيو.
شمشيرالحيدري جي تصنيفات:
(1) انسان ڪامل، (2) ڪاروان ڪربلا، (3) شفق، (4)
واقعه ڪربلا جو سنڌي ادب تي اثر، (5) تنهنجون
ڳالهيون سڄڻ، (6) لاٽ، (7) تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور،
(8) آمريڪا جو سياسي سرشتو، (9) سوکڙي، (10) سنڌ ۾
آزاد نظم جي اوسر، (11) سنڌي شاعري جو اڀياس،
(12) تاريخ جو ڪچرو، (13) پيار جا نو گيت، (14)
بهترين سنڌي افسانه، (15) سجاڳ سانگهڙ، (16) زينب
(ڊرامو)، (17) ڪاڪ محل (ڊرامو). هنن ڪتابن کان
سواءِ شمشير جا مضمون مقالا ۽ شعر مختلف رسالن ۾
ڇپيل آهن.
شمشيرالحيدري جي موڪلاڻي:
شمشيرالحيدري پنهنجي زندگي جا پنجويهه ڏينهن اٺ
مهينه اسي سال هن فاني دنيا ۾ خوشگوار، ناخوشگوار
گذاري 21 رمضان 1433هه بمطابق 10 آگسٽ 2012ع تي
ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي ۽ ڪراچي ۾ ئي دفن ٿيو.
سُنڌرتا حيدري
منهنجو ڏاڏا سائين!
مون کي اڄ به اهي ڏينهن ياد اچن ٿا، جڏهن منهنجو
ڏاڏا سائين، جنهن کي سموري دنيا شمشيرالحيدري ۽
آءٌ بابا چوندي آهيان، ڪلهي ۾ ٿيلهو وجهي (جنهن جي
لکپڙهه جا ڪاغذات هوندا هئا) ڪاري ڪوٽي پائي صبح
جو نڪرندو هو ۽ سڄو ڏينهن محنت جون منزلون سر ڪرڻ
کان پوءِ، جڏهن گهر واپس ايندو هو ته بنا ڪنهن
آرام جي، پنهنجي ڪتابن واري ڪوٺيءَ ۾، ڪرسي ۽ ميز
تي ويهي لکڻ شروع ڪندو هو، انهي ساڳئي وقت ۾ ٽيبل
تي پيل ريڊيو هلندو هو، جنهن تي خبرون ٻڌندو هو، ۽
گڏوگڏ سگريٽ به ڇڪيندو هو، جيڪڏهن وچ ۾ کاڌو اچي
وڃي ته ڪم کي روڪڻ بنا ماني به کائيندو هو، ۽ وري
مون جهڙو ڪو اچي بابا سان گفتگو ڪري ڪو سوال ڪري،
ته ان جو جواب به ڏيندو هو
رات جو دير تائين لکندو رهندو هو ۽ عجيب حيرت جي
ڳالهه اها ته هڪ ئي وقت ۾ سڀ ڪم گڏ پيا ٿين ۽ ڪوبه
ڪم ٻئي ڪم ۾ رڪاوٽ نٿو بڻجي. اهو شخص جنهن جي نظر
۾ آرام ۽ ننڊ کان وڌيڪ ڪم جي اهميت هجي، جيڪو نور
جي آخري پونجي تائين به لکندو رهيو، اڄ جڏهن
بيماريءَ جي حالت ۾، اسپتال جي هڪ بستري تي موجود
آهي، ان شخص جي احساسن ۽ جذبن جي ڇا ڪيفيت هوندي،
ان جو اندازو لڳائڻ ناممڪن آهي. بابا اڄ بيماريءَ
جي بستري تي به قوم لاءِ سجاڳ آهي، صبح جو اٿندي
پهرين اها ته بابا اخبار پڙهي ٻڌاءِ ته ملڪ جي خبر
ڇا آهي؟ هو اڄ به سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سوچي ٿو. سنڌي
ٻولي، سنڌ جي مستقبل ۽ سنڌ جي ٻارن لاءِ سوچي
ٿو..... اهو شخص، جنهن سڄي زندگي تڪليفون ڏٺيون،
ننڍي ڄمار ۾ ماءُ پيءُ جي وڇوڙي کي برداشت ڪيائين،
سنڌ لاءِ جدوجهد ڪندي ڪيترين تڪليفن کي وڏي
بهادريءَ سان منهن ڏنائين، غربت هڪ الڳ مسئلو سڄي
زندگي ڏکن ۽ تڪليفن ۾ گذارڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڪنهن
جي اڳيان نه جهڪيو ۽ نه وري ڪنهن کان شڪايت
ڪيائين، ها ايترو ضرور چيائين ته:
ڏيئي جي لاٽ ته هر حال ۾ رهي قائم،
اهوئي منهنجي مقدر جو فيصلو آهي،
پهاڙ جهڙا ارادا رکان ٿو سيني ۾،
هوا جي زور کان زياده حوصلو آهي
هُو سموري زندگي حوصلي سان جيئندو رهيو، ۽ اڄ به
هن جو ساڳيو حوصلو بلند آهي، هاڻ جيتوڻيڪ هن ۾
بيماريءَ سان وڙهڻ جي طاقت ته ڪونهي، پر تڪليف کي
برداشت ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. هُو اهو قبول ڪرڻ لاءِ
تيار ئي ڪونهي ته کيس ڪا تڪليف به آهي..... هميشه
وانگر اڄ به زبان تي هڪ ئي جملو آهي ته، ”مولا تي
ننگ آهي.“
آءٌ چوان ٿِي سلام آهي، ان شخص جي صبر کي، جنهن جي
زبان مان آهه جو لفظ به نٿو نڪري.... اکين جو نور
وڃڻ کان پوءِ کيس دوست ۽ عزيز فون ڪري مزاج پرسي
ڪن ٿا، ته بابا کين اڪثر اهو جملو چوندو آهي ته،
مڙئي خير آهي..... سادا ڪپڙا پائيندو منهنجو بابا،
سادو کاڌو کائيندو، ڪڏهن گلا نه ڪيائين، ۽ نه وري
ڪڏهن ڪا فرمائش ڪيائين. زندگيءَ ۾...... سندس
سادگيءَ جا عڪاس ٻول آهن ته:
جهان عشق جو سردار آخري آهيان،
حضور حُسن ۾ حاضر وري وري آهيان،
ملنگ، مست، الستي، قلندري آهيان،
عجيب آهيان هزارن ۾ حيدري آهيان
پاڻ حڪمت جي علم ۾ وڏي مهارت رکن ٿا ۽ هميشه
پنهنجو علاج پاڻ ڪيائون، اسان کي پوءِ خبر پوندي
هئي ته بابا کي ڪا اهڙي تڪليف به هئي، جنهن جو
علاج به ٿي چڪو ۽ نه صرف پنهنجو علاج، بلڪه ٻين
گهڻين بيمارن جو علاج پاڻ ڪيائين، ايستائين جو
ڪينسر جو مريض به بابا جي دوائن مان صحتياب ٿيو،
پر افسوس اڄ انهيءَ ڪينسر جهڙي بيماريءَ بابا تي
حملو ڪيو ۽ هو اسپتال جو محتاج ٿي ويو. اڄ هڪ
مهينو ٿي ويو، بابا کي اسپتال ويندي! گهر جي هر
ديوار، هير گوشي مان اهوئي آواز اچي ٿو ته:
شمشير کي سڏ ڪريو، شمشير ڪٿي آهي،
محفل کي مچائيندو هن جو ئي سخن شايد
رب کان اها ئي دعا آهي ته منهنجو بابا جلد ٺيڪ ٿي
گهر واپس اچي! اسان کي بابا جي ضرورت آهي، بلڪه
سموري سنڌ واسين کي بابا جي ضرورت آهي. رب پاڪ
منهنجي حصي جي باقي حياتي به منهنجي بابا کي ڏي،
پر شال سدا منهنجو بابا مسڪرائيندو رهي......!
(وفات کان ڪجهه ڏينهن اڳ جو لکيل) |