سيڪشن؛رسالا

ڪتاب:مهراڻ 3/ 2012ع شمشير الحيدري نمبر

مضمون

صفحو:22

شمشير الحيدري

سنڌي ادبي سنگت: هڪ تحريڪ

”سنڌي ادبي سنگت“ جي جنم ۽ اوسر جا ڏاڪا ڪي گهڻا نه آهن، پر ان جي پيڙهه ۽ اڏاوت، گهڻن بزرگن جون جيڪي انيڪ ڪوششون ۽ محنتون ڪتب آنديون آهن، تن جو احوال تمام ڊگهو آهي.

هن ٿوريءَ مهلت واري موقعي تي ”سنگت“ جو پيرائتو تفصيل، پيش ڪرڻ جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو نه رڳو سنڌي ادب ۽ اديبن جو، بلڪه خود سنڌ جي تاريخ جو هڪ شاندار باب آهي.

”سنگت“ جي شانداريءَ جو ڪارڻ، اُهي عظيم ڪاميابيون آهن، جن جي ڪري سنڌي ٻولي، سنڌي ٻوليءَ جي ڪري سنڌي ادب ۽ تعيلم، سنڌي ادب ۽ تعليم جي ڪري سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ثقافت جي ڪري سنڌي ماڻهن جي وجود کي، سلامتيءَ جو ساهس حاصل ٿيو.

هيءَ دعويٰ شايد تمام وڏي ۽ غير معمولي معلوم ٿئي، پر انهيءَ ڪارنامي جا سمورا دستاويزي ثبوت، ان وقت جي اخبارن ۾ موجود آهن، جن کي يڪجاءِ ڪري، نئين ٽهيءَ کي سنڌ جي تاريخ جو هيءُ اهم باب محفوظ ڪرڻ کپي.

”سنگت“ جي تاريخي سفر جا ٽي اهم نشان آهن، سال 1947ع، سال 1953ع ۽ سال 1956ع.

سال 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان ڪجهه وقت اڳ، ڪن هندو اديبن، ڪراچيءَ ۾، سنڌي ادبي سنگت ٺاهڻ لاءِ هڪ ادبي ميڙ ڪيو هو، جنهن کان پوءِ اُهي دوست ڀارت لڏي ويا، ۽ اهو پهريون قدم اڳتي نه وڌي سگهيو.

ان کان پوءِ، ڇهن سالن جي ماٺار کان پوءِ 1953ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ئي، ڪن دوستن ٻيهر سنگت جوڙڻ لاءِ ادبي ڪچهرين جو سلسلو شروع ڪيو، پر اهو سلسلو به ڪراچي تائين محدود رهيو، ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سنڌي ادبي سنگت، سنڌي ادبي انجمن، يا ڪن ٻين نالن سان جيڪي ادبي جماعتون ڪم ڪرڻ لڳيون هيون، تن جي حيثيت به انفرادي رهي.

اهو 1956ع جو سال هو، جڏهن پهريون ڀيرو سڄيءَ سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ادبي جماعتن جي هڪڙي مرڪزي تنظيم ”سنڌ ادبي سنگت سنڌ“ جي نالي سان جوڙي ويئي. اهو ئي سال آهي، جڏهن کان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ميدان ۾ سنگت جي شاندار ڪاميابين جا ڪارناما وجود وٺڻ لڳا.

1956ع ۾ سنگت جي مرڪزي تنظيم قائم ٿيڻ کان هڪ سال اڳ، 1955ع ۾، ٻه تمام وڏا واقعا ٿي گذريا. هڪڙو اولهه پاڪستان جو ون يونٽ ٿيڻ ۽ ٻيو ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ جو شايع ٿيڻ.

ٽن سالن کان پوءِ ملڪ ۾ مارشل لا لڳو ۽ سياسي سرگرمين تي بندش پئجي ويئي. ون يونٽ ۾ سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ٿي چڪي هئي، تنهنڪري سرنامن ۾ سنڌ جو نالو به استعمال نٿي ٿيو. ٽريڊ يونينون، شاگرد يونينون، هر قسم جون جماعت بنديون ختم هيون. اخبارون ۽ رسالا سرڪار خلاف لکي نٿي سگهيا. هر ڪنهن چرندڙ پرندڙ فرد ۽ گروهه تي چوڪسي هئي. اها حالت سڄي پاڪستان جي هئي پر نئين ٽهيءَ کي اها ڳالهه معلوم ڪري بيحد اُتساهه ٿيندو ته اهڙي سخت دور ۾، سڄي پاڪستان اندر، جيڪڏهن ڪو بيخوفيءَ سان سرگرم هو ته اُها هڪڙي سنڌي ادبي سنگت هئي ۽ ٻيو ”مهراڻ“ رسالو هو.

ادبي ميدان ۾ اُن وقت سڄيءَ سنڌ جي شاعرن جي ”جماعت“، ”جمعيت الشعراء سنڌ“ ڪم ڪري رهي هئي. ٻيو ڪو پليٽ فارم نه هجڻ ڪري، تنوير عباسيءَ ۽ نياز همايونيءَ جهڙا شاعر به ان ۾ شامل هئا. سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو پهريون سيڪريٽري جنرل اياز قادري به هن جمعيت جو اهم ميمبر هو ۽ ان جي آل سنڌ ساليانين ڪانفرنسن جي اسٽيج سنڀاليندو هو.

جمعيت جا شاعر، فارسي رنگ تي غزل جي شاعري ڪندا هئا، عربي بحر- وزن بنا، ڪافيءَ ۽ گيت وغيره کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪري رهيا هئا ۽ اهڙن شاعرن کي هو سگهڙ ڪوٺيندا هئا. هو فارسي ترڪيبون، استعارا ۽ تشبيهون ته استعمال ڪندا هئا پر ٻوليءَ ۾ به فارسي ۽ عربيءَ جا ڏکيا لفظ استعمال ڪندا هئا، ۽ انهيءَ عمل کي قابليت جو معيار سمجهندا هئا. ذاتي مشاهدي ۽ پنهنجن اصلي احساسن ۽ جذبن بدران، هو فارسي ۽ اردو جي شاعرن جا ٺهيل ٺڪيل محاورا استعمال ڪندا هئا. وٽن مارئيءَ، سسئي يا نوريءَ جي ڪردارن جو ڪوبه واهپو ڪونه هو.

جمعيت جي اهڙيءَ شاعري، سنڌ ۾ اهڙو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو جو نه رڳو نوان پيدا ٿيندڙ شاعر، بلڪه عام پڙهندڙ به لطيفؒ ۽ سچلؒ واريءَ ڪلاسيڪي شاعري کان پري ٿيندا ٿي ويا.

ٻئي طرف، اهي اديب ۽ شاعر هئا، جن ڪلاسيڪي شاعريءَ جي مطالعي سان گڏ، عالمي ادب کي به پڙهيو هو پر پنهنجي اظهار لاءِ وٽن ڪوبه وسيلو ۽ پليٽ فارم نه هو.

”مهراڻ“ رسالي جي شايع ٿيڻ سان انهن کي اظهار جو وسيلو مليو ۽ سنگت جي قائم ٿيڻ سان پليٽ فارم. ان طرح سنڌي ادب فڪري طرح منظم ٿيو ۽ ان جي اجتماعي مقصديت پيدا ٿي. پوءِ جديد ۽ قديم جي جيڪا تاريخي جنگ لڳي، تنهن ۾ هڪ پاسي کان ڪافر، ملحد، ڪميونسٽ، ۽ ڀارت جا ايجنٽ پاڪستان جا مخالف وغيره جون فتوائون لڳايون ويون، ته ٻئي پاسي کان تخليقي زور ڏيکاريو ويو. سنگت جي ساري ٿي ۽ وڏيءَ جاکوڙ سان ٻوليءَ، شعر ۽ ادب جو ناتو وري شاههؒ ۽ سچلؒ جي ڪلاسيڪ ورثي سان جوڙيو ويو. ان دوران، سرڪاري خوشامد ڪندڙ اخبارن، سرڪاري ايجنسين، ظاهردار ملن، ڇا ڇا نه ڪيو هوندو، سو هڪ ڊگهو داستان آهي، پر اهو شايد دنيا ۾ هڪ وڏو مثال آهي ته ٿورن  سالن جي مقابلي سان، ادب جي ميدان ۾، قديم تي جديد کي، فتح حاصل ٿي ۽ سنگت جو اهو وڏو ڪارنامو آهي، جو اڄ جي ادب ۽ شعر ۾ سنڌ جو ماحول ۽ ڪردار، ٻولي جي سلاست ۽ جذبن جي اصليت ۽ شاهه ۽ سچل جو عالمگير انساني پيغام نظر اچي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾، اڳتي هلي، ”روح رهاڻ“ رسالن جي شايع ٿيڻ سان ادبي سرگرمين کي وڏي اوج ملي.

1960ع ڌاري، ون يونٽ ۽ مارشل لا واري دور ۾ ئي، صدر ايوب خان، پاڪستان ۾ تعليمي سڌارن لاءِ هڪ ڪميشن قائم ڪئي، جيڪا شريف ڪميشن جي نالي سان مشهور آهي. شريف ڪميشن اها خطرناڪ سفارش ڪئي ته سمورين علائقائي ٻولين جي تعليم فقط چوٿين درجي تائين محدود ڪجي، ۽ ان کان پوءِ اردوءَ جي قومي ٻوليءَ کي ذريعه تعليم بنائجي.

اندازو ڪريو ته جيڪڏهن اها سفارش عمل ۾ اچي ها ۽ اسان جا ٻار چوٿين درجي کان پوءِ گذريل ستيتاليهن سالن تائين، سنڌي بلڪل نه سکن ها، ته هن وقت جي صورتحال ڇا هجي ها؟

يقيناً اسان جا نوجوان شاهه ۽ سچل جي ته نالي کان به واقف نه هجن ها پر اها سنڌي ادبي سنگت هئي، جنهن ايڏي ته زوردار تحريڪ هلائي، جو سڄي سنڌ ۾ باهه ٻري وئي ۽ نيٺ صدر ايوب کي اها موتمار سفارش رد ڪرڻي پئي. اها تحريڪ لڳاتار ٻه سال هلي، ان جو تفصيل تمام وڏو آهي ۽ ان جدوجهد جو اندازو بلڪل اهڙو هو، جهڙو ڪو فلمي ائڊونچر.

انهيءَ سلسلي ۾ صدر ايوب لاءِ هڪ ميمورينڊم به رٿيو ويو، جيڪو سنگت سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپائي، ڀٽ شاهه ۾ شاهه جي ميلي جي موقعي تي ماڻهن ۾ ورهايو. بنگالي صحافين تائين هڪ ٻارڙي جي وسيلي اهو پهچايو. اولهه پاڪستان جي گورنر ۽ نواب ڪالا باغ کي ساڳئي ٻارڙي جي ذريعي اهو تاريخي ميمورينڊم پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر پوليس ٻارڙي کي پڪڙي ورتو. نواب ڪالا باغ جي اچڻ ڪري، سخت ترين سڪيورٽيءَ جي حالت ۾، سوين ڪتابڙا پنڊال اندر ڪيئن پهتا، ڪيئن ورهايا ويا، ڪيئن ٻارڙن جي معرفت اهي بنگالي صحافين کي پهچايا ويا. اهي سڀ ڳالهيون ڊرامائي انداز ۾ ٿي گذريون. هيءَ ڳالهه ڪڏهن به وسارڻ جي نه آهي ته سڀ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ تعليم چوٿين درجي کان پوءِ نه هجي ها ته گذريل ستيتاليهه سالن بعد، اڄ سنڌي ٻولي، ادب تعليم ۽ ثقافت جو وجود ڪٿي هجي ها ۽ سنڌي ماڻهن جي تقدير ڇا بنجي ها؟ سنڌي ادبي سنگت جو اهو ڪارنامو، ”احسان مندي“
سان ياد رکڻ جوڳو آهي. نئين ٽهيءَ کي اهو معلوم هجڻ کپي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌي ادبي سنگت جي تحريڪ سان وجود ۾ آيو آهي.

سنگت جي حيدرآباد شاخ پاران، ڇهين ۽ ستين فيبروري 1960ع تي، ٻن ڏينهن جي ادبي ڪانفرنس، بسنت هال ۾ ڪرائي ويئي، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽيءَ جي تڏهوڪي وائيس چانسيلر، ڊاڪٽر رضي الدين صديقيءَ ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب اتي اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي ٻاهران، هو سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نالي تي ”لطيف اڪيڊمي“ قائم ڪندو.

ڳچ ڏينهن کان پوءِ جڏهن ڪجهه به نه ٿيو, ته هن فقير اخبار وسيلي ڊاڪٽر صاحب کي سندس اعلان ياد ڏياريو. ڪجهه ڏينهن ۾ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس جي هڪ ڪمري تي لطيف اڪيڊميءَ جي تختي لڳائي ويئي. ڪجهه ڏينهن بعد فقير ”لطيف اڪيڊميءَ“ جي تختي لڳ، تالي سان بند دروازي جي تصوير اخبار ۾ ڇپرائي، ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايو ته لطيف اڪيڊمي جي در کي تالو لڳل آهي، وڌيڪ ڪابه پيش رفت نه ٿي آهي. ڊاڪٽر صاحب، پوءِ مرحوم حنيف صديقيءَ کي اڪيڊميءَ جو انچارج مقرر ڪيو، جنهن صاحب ڪجهه اخبارون ڪٺيون ڪيون، ڪجهه پراڻن ڪتابن جا دستخطي نسخا هٿ ڪري رکيا. پوءِ حنيف صاحب ذاتي مصروفيتن سبب، جوابداري ڇڏي، ته ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب کي مقرر ڪيو ويو. الانا صاحب وڏيءَ دلچسپيءَ ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪيو ۽ ان کي اهڙي شڪل ڏني، جو ان مان ”سنڌالاجيءَ“
جو تصور پيدا ٿيو ۽ اڳتي هلي ان کي ”انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي“ جو باقاعدي نالو ڏنو ويو.

1956ع ۾، سنگت جي مرڪزي تنظيم ٺهڻ کان اڳ، حيدرآباد جي سنگت، سنڌيءَ کي سرڪاري زبان تسليم ڪرائڻ لاءِ دستخطي مهم شروع ڪئي هئي. انهيءَ خيال جو خالق مرحوم مقبول ڀٽي هو، جيڪو تمام پرجوش ۽ سرگرم شخص هو. هو پوءِ سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. فيصلو اهو ٿيو ته بنگال سميت، پنجن ئي صوبن مان هڪ لک صحيحون ڪٺيون ڪجن پر پوءِ اڌ لک صحيحون گڏ ٿي سگهيون، جن ۾ بنگال سميت پنجن ئي صوبن جي عام ۽ خاص ماڻهن جون صحيحون شامل آهن. صحيحون پوءِ هئنڊل سان گهمندڙ هڪ وڏي اسڪرول يا چڪري تي، ڪپڙي مٿان چنبڙايون ويون. صحيحين جا ڪائونٽر فائل الڳ محفوظ ڪيا ويا. هن وقت اُهو اسڪرول انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجيءَ وٽ موجود آهي. ضرورت آهي ته ڪائونٽر فائل ترتيب ڏيئي، سمورا نالا ڪمپيوٽر تي آندا وڃن ته جيئن صحيحون ڪندڙ اهم نالا، سڄي پراڻي پاڪستان جا، رڪارڊ تي اچي وڃن.

انهيءَ دستخطي مهم ۾ سموري سنڌ جي ماڻهن وڏي دلچسپيءَ سان حصو ورتو، ايتري قدر جو ڪيترن دل وارن ته رت سان صحيحون ڪيون. سڄيءَ سنڌ جي پرائمري استادن سائيڪلن تي چڙهي، ڳوٺن ۾ وڃي صحيحون ڪٺيون ڪيون. تپيدارن صحيحون ڪرڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ فارم ڇپرائي ڏنا.

اسڪرول تي صحيحن جون چٽڪيون چنبڙائڻ جو ڪم، مقبول ڀٽيءَ جي لائبريريءَ ۾، رات جي پوئين پهر تائين هلندو هو. ايڏو جذبو هو ڪارڪنن ۾، گهڻن دوستن سان گڏ، اڄ جو وڏو فلمي فنڪار مصطفيٰ قريشي به راتيون جاڳڻ وارن ۾ هو.

تڏهوڪي اولهه پاڪستان جي صوبي بنگال ۾ جيڪا قومي تحريڪ شروع ٿي، جنهن پوءِ آزادي جي هلچل جي شڪل ورتي ۽ بنگلاديش ٺهيو. هن ٻوليءَ جي معاملي تي شروع ٿي. 21- فيبروري 1962ع تي انهيءَ هلچل ۾ پنج شاگرد شهيد ٿيا هئا ۽ سنڌي ادبي سنگت، هر سال ٻوليءَ جي بنگالي شهيدن جو ڏهاڙو ملهائيندي هئي.

ليکي ۾ ته فقط پنجن شاگردن جي شهادت هئي، پر ان ۾ جيڪا اصولي حقيقت سمايل هئي، تنهن کي اهميت ڏيندي، اقوام متحده انهيءَ ڏهاڙي کي مادري ٻوليءَ جو عالمي ڏينهن ٺهرايو آهي، جيڪو هن سال به دنيا ۾ ملهايو ويو.

اهي ٿوريون ڪاميابيون، جن جو بنا تفصيل ذڪر ڪيو ويو، سي ڪي رڳو اخباري بيانن ۽ ميٽنگن سان نه، بلڪ عملي تحريڪ ۽سڄيءَ سنڌ جي ماڻهن کي گڏ وٺي هلڻ سان حاصل ٿي سگهيون.

سنگت جا ٻه پاسا هئا، هڪڙو ادبي ڪچهرين جو، جنهن ذريعي اديبن جي تربيت ٿيندي هئي، ۽ ٻيو تحريڪ جو، جنهن ۾ ٻولي، ادب، تعليم ۽  ثقافت جي مسئلن تي احتجاج، مزاحمت ۽ عملي ڪم ڪبو هو. ڪم ڪرڻ مهل مانيءَ جو، گهر جو، فڪر نه ڪبو هو. چانهه ۽ پڪوڙن تي گذر ٿيندو هو. سنگت جي اديبن کي ان ڪري، ”پڪوڙائي اديب“ چيو ويو. اها ڳالهه تڏهوڪين اخبارن ۾ لکيل آهي.

فقير جو ويساهه آهي ته ادبي تخليق ۽ علمي تحريڪن وسيلي، سنڌ جي ماڻهن ۾ جيڪا جٽادار سجاڳي پيدا ٿي ۽ جنهن جو اثر هن وقت به هلندڙ آهي، تنهنجو سهرو سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي
”مهراڻ“ ۽ ”سنڌي ادبي سنگت سنڌ“ جي سر تي آهي. تڏهن سنڌ جا سياستدان ۽ شاگرد،  سنڌي ادبي سنگت کان رهنمائي حاصل ڪندا هئا.

هن فقير جي اها خوشنصيبي هئي جو سنڌي ادبي بورڊ جي رسالي ٽماهي ”مهراڻ“ ۽ سنڌي ادبي سنگت، ٻنهي ۾ سندس نماڻيون خدمتون شامل رهيون.

آخر ۾ فقير ”سنڌي ادبي سنگت“ جي اها تصوير به پيش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي، جنهن کان تڏهوڪي مارشلائي سرڪارکي خوابن ۾ ڇرڪ پوندا هئا.

سنگت، سرڪار جي رڪارڊ تي هڪ دهشتگرد تنظيم طور داخل هئي. سنگت جي ڪابه آفيس نه هئي ۽ حالتن جي سخت خطرن سبب، ڪوبه رڪارڊ نه رکبو هو. سڀني ڪارڪنن، ۽ خاص ڪري سيڪريٽري جنرل، يعني هن فقير جي آسي پاسي انٽيليجنس جا اهلڪار هر وقت نوس نوس ڪندا رهندا هئا.

فيلڊ مارشل صدر جنرل ايوب خان جي ڪئبينيٽ جي هڪ سنڌي وزير جناب در محمد اوستي صاحب، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڪي اڻوڻندڙ ٻول ٻوليا هئا. سنگت کيس سيکت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو.

لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري جي سالياني ڏينهن تي، اوستي صاحب کي گهرايو ويو هو، ڪاليج جي هڪ ڪشادي پٿريلي ميدان تي شاهي پنڊال هنيو ويو، جنهن ۾ شاگردن، مردن ۽ عورتن جو اٽڪل پنجن هزارن جو ميڙ هو. تڏهن حيدرآباد سنگت جو سيڪريٽري مرحوم ناصر مورائي هو. هيءُ فقير ناصر مورائيءَ سان گڏ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪئمپس کان سنگت جي ڪارڪنن جي بس ڀرائي ڄام شوري پهتو. ڪيترن ئي ڪارڪنن کي اڳ ئي پنڊال ۾ پکڙجي، پوزيشنون سنڀالي ويهاريو هو، جنهن ۾ لياقت ڪاليج جي سنڌي شاگردن جو به سهڪار هو. هيءُ فقير ۽ ناصر مورائي پنڊال جي اسٽيج واري هنڌ، هڪ پاسي کان قناتن جون رسيون ٽوڙي، اندر داخل ٿيا، انٽيليجنس جي اشاري تي، ڪجهه سپاهي سندن ڀر وٺي اچي بيٺا. اوستو صاحب جيئن ئي اسٽيج تي تقرير مبارڪ ڪرڻ لاءِ پڌاريو ته ناصر مورائيءَ ”اوستو مرده باد“ جو نعرو هنيو. پوءِ پنڊال مان ٽماٽن ۽ بيدن جو وسڪارو شروع ٿي ويو ۽ ڪاليج جي سنڌي شاگردن پنڊال جي لائيٽ آف ڪري ڇڏي. اوستي صاحب کي پوليس هڪدم ٻاهر ڪڍي گاڏي ۾ ويهاريو. ڊرائيور پٿريلي ميدان تان گاڏي کي لوڏيندي نڪري ويو. پنڊال ۾ عورتن جون رڙيون هيون. فنڪشن ڦِٽي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي. ناصر ڪنهن طرح کسڪي بس تائين پهچي ويو. ڪن سرڪاري شاگردن هن فقير کي ڌڪ هنيا، پوليس کيس پڪڙي ٻاهر ڪڍي آئي، ۽ پاسي واريءَ هڪ عمارت جي ڪاريڊار ۾ وٺي آئي، جتي روشني هئي. ايتري ۾ مرحوم بشير انصاريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪن وڏي تعداد ۾ مڙي آيا، ۽ پوليس کان زبردستي فقير جي ٻانهن ڇڏائي، بس تي پهچايو.

فقير ۽ ناصر شهر پهتا، جتي تنوير عباسيءَ سان احوال ٿيا. هن اها خبر، ”مهراڻ“ اخبار جي ايڊيٽر سردار علي شاهه کي ٻڌائي، جنهن اخبار ۾ اها خبر هلائي ته: ”پوليس ٻن شرپسندن کي گرفتار ڪري ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن ويئي آهي.“ اوستي صاحب کي وري حيدرآباد جي سٽي ڪاليج ۾ گهرايو ويو، پر لياقت ميڊيڪل ڪاليج واري واقعي سبب ايجنسين کيس منع ڪئي. سٽي ڪاليج جي درويش پرنسپال مرحوم عبدالله ڏيٿي، فقير کي گذارش ڪئي ته اوستي صاحب خلاف ڪجهه نه ڪيو وڃي. فقير کيس خاطري ڏني، پر پوءِ به انٽيليجنس اوستي صاحب کي روڪي ڇڏيو ۽ ٽن ڪلاڪن جي سوچ ويچار بعد، ڪاليج جي نائب پرنسيپال مرزا عابد عباس جي صدارت ۾ پروگرام هلايو ويو.

 حيدرآباد ريڊئي جي هاڻوڪي براڊڪاسٽنگ هائوس جي بلڊنگ، سنڌي انجنيئر، مرحوم عبدالغفار انصاريءَ جي نگرانيءَ ۾ ٺهي راس ٿي هئي. صدر ايوب کي افتتاح ڪرڻو هو ۽ ان جي تاريخ مقرر ٿي چڪي هئي.

مرحوم عبدالغفار انصاري، ليکڪ ته هو پر کيس ڏيهي ۽ پرڏيهي ادب جو وڏو مطالعو هو ۽ ”سنگت“ جي ساٿين مان هو. براڊڪاسٽنگ هائوس جي احاطي ۾، سنگت جا ڪجهه ڪارڪن انصاري صاحب سان ڪچهري ڪري رهيا هئا، ڪنهن دوست ڊاڙ هڻندي ائين چيو ته صدر ايوب کي ته بم اڏائڻ کپي. ڀتين کي به ڪن آهن، سو صدر ايوب جي افتتاحي تقريب ملتوي ٿي ويئي ۽ وري هو پوءِ ٻيءَ تاريخ تي افتتاح لاءِ آيو. انهن تاريخن جي تصديق ڪري سگهجي ٿي.

ڀٽ شاهه جي عرس جي افتتاح لاءِ صدر ايوب کي اچڻو هو ته ادبي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ رکيل ڪرسين تي شريڪ ٿيڻ وارن جي نالن جون چٽڪيون هنيون ويون ته جيئن ڪو شرپسند اچي نه وڃي. ڪنهن ڳجهي رپورٽ تي پوءِ اهي سڀ چٽڪيون رد ڪيون ويون ۽ گيٽ تي سخت چوڪسي رکي ويئي. مرحوم محمد عثمان ڏيپلائيءَ کي روڪيو ويو. سخت تڪرار ٿيو. پوءِ انتظام ڪندڙ مختيارڪار، ڏيپلائي صاحب جي سڃاڻپ ڏني، تڏهن کيس پنڊال ۾ داخلا ملي، ريڊئي حيدرآباد پاران، پنهنجيءَ ٽيم سان، مرحوم الياس عشقيءَ، اسٽيج وٽ رڪارڊنگ جا مائيڪ وغيره سيٽ ڪيا ته ان کي اتان هٽڻ لاءِ چيو ويو. بحث تڪرار کان پوءِ، کيس اجازت ڏني ويئي، اهو سڀ ڪجهه، سنگت جي دهشت ڪري ٿيو هو. اها روبڪاري، روزاني ”عبرت“ حيدرآباد ۾ ڇپي هئي.

فقير اُهي رڳو ٿورا واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي اخبارن ۾ ڇپيل آهن، ۽ انهيءَ مقصد سان بيان ڪيا آهن ته جيئن سنگت جي تاريخي سفر جي اهم نشان، يعني سال 1956ع جي مرڪزي تنظيم جي اهميت اجاگر ٿئي، جنهن جي هيءَ گولڊن جوبلي بي جواز نه ملهائجي رهي آهي.

(16- ڊسمبر 2007ع تي سنگت جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ پڙهيو ويو.)

شمشيرالحيدري

سنڌي “نظم” جي اوسر

 

هِن  هر گهڙيءَ بدلجندڙ دنيا ۾ ڪابه ڳالهه يقيني ڪانه آهي. جيڪڏهن ڪا ڳالهه يقيني آهي، ته اُها فقط هيءَ ته زندگيءَ ۾ ترقيءَ ۽ تبديليءَ جو عمل ڪڏهن به بند نه ٿيندو. جيڪي اڄ آهي، سو سڀاڻي نه رهندو؛ ۽ جيڪي ڪلهه هو، سو اڄ عدم پيدا آهي. اِئين ئي ٿيندو آيو آهي، ائين ئي ٿيڻو آهي.

انسان جي سماجي زندگيءَ جي اها ئي سڀ کان وڏي حقيقت آهي، پر زندگيءَ جي اندروني اُٿل پٿل جو اهو سلسلو ايترو ته ڳوڙهو ۽ ڳُتيل آهي، جو ان ۾ ڪنهن تبديليءَ جو اوچتو نظر اچڻ محال آهي. وري ارتقا جي درجي بدرجي عمل ۾ اچڻ سبب، ڪنهن به وقت جي سماج ۾، معاشي يا سياسي نظام ۾ ته يڪايڪ ڪو انقلاب آڻي سگهجي ٿو، پر تهذيبي ۽ تمدني قدرن کي هڪدم بدلائڻ ناممڪن آهي. انهن قدرن جي تبديليءَ جي رفتار تمام سست هوندي آهي، ۽ ڪڏهن ته اها محسوس به ڪانه ٿيندي آهي.

ادب جي دنيا ۾ به، زندگيءَ جي تهذيبي ۽ تمدني قدرن سان بنيادي وابستگيءَ سبب، هرڪا تبديلي درجي بدرجي ۽ آهستگيءَ سان عمل ۾ آئي آهي، جنهن مطابق بيان ۽ اظهار جا مختلف طريقا، موضوع ۽  نظريا، وقت جي گهُرج پٽاندر ادب ۾ داخل ٿيندا رهيا آهن. پر نڪو اُهي اوچتو هوا مان خودبخود پرگهٽ ٿين ٿا، ۽ نه وري انهن کان اڳ جي ادبي ڪارنامن جا نشان ئي بنهه ميسارجي وڃن ٿا – بلڪ هرڪنهن جديد قدر جو پايو پنهنجي قديم قدر تي استوار ٿيندو آهي.

سنڌي شاعريءَ جي جنهن عظيم الشان صنف، نظم، جي اوسر جو اسين هينئر سرسري جائزو وٺنداسين، سا جيتوڻيڪ پنهنجيءَ موجود وصف جي لحاظ کان ويهين صديءَ ۾ مغربي ادب جي اثر جي پيدائش آهي، پر ان کان گهڻو اڳ ڪي اهڙيون صنفون نظر اچن ٿيون، جن مان ڪن ۾ نظم جي هاڻوڪيءَ صنف جي موضوع جا، ۽ ڪن ۾ هيئت جا اُهڃاڻ ملن ٿا.

بيتن ۽ ڪافين واري بنيادي دور کان پوءِ، موزون ڪلام جي روايتي دورَ جتي سنڌي شاعريءَ کي نون موضوعن لفظن ۽ استعارن سان مالامال ڪيو، اُتي غزل سان گڏ، اظهار ۽ بيان جا ڪي اهڙا سانچا به مهيا ڪيا، جن ”نظم“ جي نوَن تجربن لاءِ وسيلي جو ڪم ڏنو.

غزل اُنهيءَ دور جي سڀ کان مقبول ۽ غالب صنف رهي آهي، پر ڇاڪاڻ ته ان جون فني گنجائشون زياده تر شاعر جي ”غمِ جانان“ يا اندروني ڪيفيتن ۽ ذاتي ردِعمل تائين محدود هيون، ۽ پڻ ان ۾ مسلسل بيانيءَ جي وسعت ڪانه هئي، تنهنڪري ٻاهرين حقيقتن جي اظهار لاءِ مثنوي، قصيدي، مرثيي، مسدس، مخمس، مسمط، ترڪيب بند، ترجيع بند، قطعي وغيره جي صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي ويئي. هيئت جي لحاظ کان اِهي سڀ اُن وقت جي ”نظم“ جون صورتون آهن، جن مان ڪن کي موضوع جي خصوصيت سبب ڌار ڌار نالا ڏنا ويا آهن، ته ڪن کي مصراعن جي تعداد موجب الڳ الڳ اصطلاحن سان سڏيو ويو آهي.

انهيءَ دور جي اڪثر شاعرن جي غزلن ۾ به اندروني، ربط ۽ تسلسل موجود آهي، ۽ موضوع علمي لحاظ کان به اهي غزل جي داخلي عموميت کان هٽيل آهن، تنهنڪري انهن مان نظم جو اندازو بکي ٿو، پر جنهن کي هينئر اسين ”نظم“ چئون ٿا، سو پنهنجين نين خصوصيتن جي ڪري هڪ الڳ صنف آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو. پهرين اسين نظم جي اُنهن اڳين طريقن جو مختصر جائزو وٺنداسين، جيڪي مسلسل بيانيءَ ۽ موضوع جي تّنوع جي لحاظ کان نظم جو نمونو آهن، يا انهن مان نظم جي اوسر جا اهڃاڻ ملن ٿا.

سنڌيءَ جي روايتي شاعريءَ واري دور مان سيد ثابت علي شاهه جو نانو غالباً سڀ کان اول ايندو، جنهن ارڙهينءَ صديءَ ۾ مرثيا، جنگمانا
۽ هجويه نظم لکيا.  سندس مرثيا مسدس، مخمس ۽ مربع ۾ آهن. مرثين ۾ سيرت نگاري، واقعه نگاري ۽ منظرنگاري ڪيل آهي. وٽس نظم جي هيئت ۽ موضوع، ٻنهي جا چٽا اشارا موجود آهن. ميان سرفراز واري مشهور مناجات پڻ ساڳئي دور ۾ نظم جي جهلڪ پَسائي ٿي.

اوڻيهين صديءَ ۾ موزون شاعريءَ جي پهرئين صاحبِ ديوان، خليفي ”گل“ جا مسلسل غزل آهن، جن مان مثال طور هڪڙي اهڙي غزل جا چند شعر پيش ڪجن ٿا: انهن ۾ برسات جو مڪمل منظر چٽيل آهي.

آئي رُت سانوڻَ سندي، مِينهَنِ وسي ڪيئي ملهار،

ڍَٽَ وسيا ۽ پَٽَ وسيا، سَرها ٿيا سانگي سنگهار.

 

گاهَه ساوا سبز ٿيا، هرسُو ڀَريا پاڻيَنِ نَراهه،

پهريا پوٺن وٺِي چوطرف پنهنجا ڌڻَ ڌنارَ.

 

سڀ ڇڏي ڍنڍون ۽ ڍورا، ٻَهر نڪتا سانگ تي،

ڳئون وٺي ڳنوار پنهنجيون، مينهِنيون ميڙي مِهار.

 

شرق شاديون ٿيون ولهارن ۾ وڏا ڪيا وَس وَسَن،

سر ڀِٽن چاڙهي، آڏي ويٺا پکا پنهنجا پنوهار.

 

ان وقت جي ٻين شاعرن وٽ مسلسل غزل ملن ٿا. ان بعد مير حسن علي جي طويل مثنوي، ”سنڌ جو شاهنامو“ آهي، جنهن ۾ تاريخي واقعن، قدرتي نظارن ۽ ڪردارن جي بيان سان گڏ، مڪالمن جي ڪري، ڊرامائي عنصر به موجود آهي. مير صاحب مسدس ۽ مخمس ۾ مرثيا به لکيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ”مرتضائيءَ“ جي مثنوي ”يوسف- زليخا“ ۽ مولوي غلام محمد جو ”سڪندرنامو“ پڻ قابل ذڪر آهن. حافظ حامد وٽ مثنويون ۽ قصيدا آهن، ۽ گدا شاهه ۽ سانگيءَ جا گهڻا سارا غزل مسلسل آهن. سانگيءَ وٽ نظم جا گهڻا موضوع آهن، ۽ پڻ مزاحيه قسم جا نظم غزل جي هيئت ۾ چيا اٿس.

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي نالي سان سنڌي شعر ۽ ادب جو نئون دور وابسته آهي. هن انگريزيءَ جا چونڊ نظم سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا، ۽ سٺا طبعزاد نظم به لکيا. انهيءَ دور ۾ درسي ڪتابن ۾ قليچ بيگ، ڀيرومل، ڪوڙي مل، محمد صديق ”مسافر“ ۽ بين بزرگن جا بهترين نظم ظاهر ٿيا، ۽ نظم پنهنجيءَ الڳ صنف جي صورت ۾ متعارف ٿيو – بلڪل ائين، جيئن ڌرتيءَ هيٺ دٻيل هڪڙي ٻج جي داڻي اندر تبديليءَ جي جدوجهد ته هر وقت جاري رهندي آهي، پر ان جو پتو تڏهن پوندو آهي، جڏهن سَلو اُڀري مٽيءَ کان ٻاهر ايندو آهي: ان کان پوءِ اُهو پنهنجي فطري اوسر سان ويندو آهي وڌندو ۽ ڦُٽندو، شاخون ۽ گل ڪڍندو.

وڏيءَ جنگ، خلافت تحريڪ، ۽ ان کان پوءِ آزاديءَ جي هلچل ۽ ورهاڱي سان نظم جي خوب پرورش ٿي، ۽ نون موضوعن ۽ هيئت ۾ نون تجربن سان گڏ، ادائگيءَ جي طرز ۾ به ڦيرو آيو. حيدربخش جتوئي، سيد ميران محمد شاهه، محمد اسماعيل عرساڻي، حڪيم فتح محمد، شمس الدين ”بلبل“، مولوي الهه بخش ”اٻوجهو“، ڪشچند ”بيوس“، هوندراج ”دکايل“، سوڀراج
”فاني“،پرسرام”ضيا“، هري”دلگير“، حافظ”دلگير“،
”مخلص“، حافظ احسن، نيازجعفري، غلام محمد
”نظامي“، احسن ڪربلائي، محمد موسيٰ”راز“،
نياز همايوني، اياز قادري، شيخ راز، نارائڻ شيام، شيخ اياز، ۽ ٻيا ڪيترا اهڙا شاعر ٿيا، جن کي نظم گو شاعر چئجي ته مناسب ٿيندو. شمس الدين ”بلبل“ نظم ۾ قابلِ قدر تجربا ڪيا، پر سندس انداز ۽ موضوع رڳو مزاح ۽ ظرافت جي دائري اندر محدود رهيا. البت ”بيوس“ جو نالو انهيءَ سلسلي ۾ تمام اهم آهي، جنهن انداز بيان جي نون طريقن سان گڏ، نظم جي هيئت ۾ به جدت آندي. ”شيرين شعر“ مان، سندس ڪن نظمن جا چند بند مثال طور پيش ڪجن ٿا:

ڪنهن حال تي هَلين ٿو، ڪنهن چال تي چَلين ٿو،

مون کي نه ڳُجهه سَلين ٿو، پاڻان پري جهَلين ٿو.

اي  آسمان   نِيلا،

تارن سندا وسيلا.

……

توڙي نسيم گهُلندي،

مُکڙي نه دل جي کُلندي،

جيسين نه ڀرجِي ڇُلندي:

محبت ۾ تار ٿي دل،

ٻئي تان نثار ٿي دل.

……

سڀ ڪنهن تنهنجي ساراهه، قدرت وارا!

نرمل جوتي نُور نظارا!

ڪوٽان ڪوٽ  بڻايئه ڌرتيون،

سهسين سج چنڊ، ڪَتيون تارا،

جن جو انت نه پارا:

قدرت وارا!

انهن مثالن مان هيئت جي واضح تبديليءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ”بيوس“
جو نظم ”الا، جهُري مَ شال غريبن جي جهوپڙي“ ۽ ڪيترا ٻيا نظم، حيدربخش جتوئيءَ جو ۽ ٻيا به ڪيترائي ان وقت جا لکيل نظم لافاني حيثيت جا آهن. شيخ اياز پنهنجن گوناگون، انوکن تجربن سان نظم جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي، جنهن سان نظم جي موضوع ۽ هيئت ۾ تمام گهڻي وسعت آئي.

”نظم“ جي جديد خصوصيتن جو مطالعو ڪندي معلوم ٿيندو ته اها صنف هاڻي فقط مسلسل بيانيءَ جو نالو نه رهي آهي: ’بيان‘ جي تسلسل بجاءِ ’خيال‘ جو تسلسل نظم جي ضرورت بنجي ويو آهي. هينئر به اهڙا نظم لکيا وڃن ٿا، جن جي هيئت غزل جي آهي، ۽ خيال جي تڪرار سان تاثر پيدا ڪيو وڃي ٿو.

اهڙن نظمن مان ڪوبه شعر ڪڍي ڇڏجي ته نظم تي هوند ڪوبه اثر ڪونه پوي. دراصل نظم ۾ خيال جي ”تڪرار“ بجاءِ، خيال جي ”ارتقا“ هئڻ گهرجي. نظم جي بنيادي صفت ان جي اندروني اڏاوت آهي. هرڪو نظم ڄڻ ته هڪڙي عمارت آهي، جنهن ۾ ڪابه هڪڙي سِرَ پنهنجي سِرَ ڪا الڳ حيثيت نٿي رکي.  نظم ۾ ڪنهن به هڪڙيءَ مصراع، شعر يا بند کي پنهنجي علحدي اهميت ڪانهي، بلڪ سمورين مصراعن جي ميلاپ سان هڪڙي جامع ۽ مڪمل شڪل پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو مجموعي تاثر ئي نظم جي اصل وصف آهي. ٻين لفظن ۾، ائين چئجي ته تاثر جي وحدت نظم لاءِ بنيادي ضرورت آهي. غزل ۾ فڪر ۽ خيال جا الڳ الڳ ننڍا ٽڪرا آهن، پر نظم ۾ فڪر ۽ خيال جو مسلسل پرواز آهي.

جديد نظم ۾ وحدت جو جيڪو تصور آهي. سو ان کان قطعي مختلف آهي، جيڪو مثنويءَ يا قصيدي وغيره ۾ هوندو آهي.  مجنون گورکپوريءَ جي لفظن ۾:  

”نظم صحيح معنيٰ ۾ اُهو آهي، جنهن ۾ خيال جي ارتقا هجي: ابتدا، وچ ۽ عروج هجي: ان جو هرڪو جُز اهڙيءَ طرح ڪُل ۾ سمائجي وڃي جو ڪٿي به جهول نظر نه اچي، ۽ اهو هر طرح مڪمل هجي. غزل ۾ به جيستائين شعر جي هڪڙي مصراع، ٻيءَ مصراع سان جڪڙيل نه هوندي آهي، تيستائين اُهو شعر چڱو نه چئبو آهي ۽ ان مان تڪميل جو احساس نه ٿيندو آهي. نظم ۾ ان جي ضرورت تهان وڌيڪ آهي. ان جي هرڪا سٽ ۽ هرڪو بند هڪٻئي سان ائين اندروني ربط رکن ٿا، جو انهن جي ترتيب کي جڏهن بدلائي نه سگهجي، تڏهن ئي ان ۾ نظم جي تعمير مڪمل ٿئي ٿي. ان جي پهرينءَ سٽ پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيڻ کپي، ڄڻ ڪا ويڙهيل شي کولي پيئي وڃي. پهرئين شعر پڙهڻ کان پوءِ، ٻئي شعر پڙهڻ سان، پهريون شعر ته ذهن ۾ رهي، پر ٻيو ذهن کي اڳتي وڌائي.“

اڳئين دور جي ڀيٽ ۾، غزل بدران،
”نظم“ هِن دور جي مقبول، اهم ۽ غالب صنف آهي. ان ۾ اڃا به نوان تجربا جاري آهن. پابند، بنا قافيي ۽ آزاد نظم، سانيٽ، مختصر نظم – مڙني ۾ اڄ جا شاعر طبع آزمائي ڪن ٿا. شيخ اياز، امداد حسيني، گرامي، سراج، بشير مورياڻي، تنوير عباسي، محمد خان ”غني“، حافظ حسيني، نياز همايوني، عبدالله ”خواب“، عبدالڪريم
”گدائي“، بردو سنڌي، اسدالله ”بيخود“، ذوالفقار راشدي، امر جليل، قمر شهباز، تاج صحرائي، شيخ راز، محسن عباسي، پرانو ڀٽي، سليم ڳاڙهوي، مخدوم طالب الموليٰ، الطاف عباسي، اياز قادري، نياز علي ”محسن“، عبدالقيوم ”صائب“، نعيم دريشاڻي، مولوي احمد ملاح، ۽ ٻيا اڪيچار شاعر نظم جي ميدان کي وسعت بخشي رهيا آهن. انهن مان ڪي شاعر نظم جي اڳئين طريقي ۾، ۽ ڪي جديد طريقي ۾ نظم لکن ٿا.

نظم هن دور جي اهم ترين ۽ ترقي ڪندڙ صنف آهي، جنهن سان اسان جي ادبي اوج جون درخشان اميدون وابسته آهن.

(ڪتاب ”سوکڙي“ تان کنيل)

شمشيرالحيدري

سنڌي رزميه شاعري

 

حب الوطني، انسانذات جي هڪ، جمهوري ۽ عالمگير خصلت آهي، جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽ انهن جون مخصوص تهذيبون، مخلتف ملڪ ۽ انهن جون مقرر سرحدون ڪيترن زمانن کان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي قائم ۽ برقرار آهن. اها ئي انساني وصف آهي، جيڪا ڪنهن قوم جي مخصوص اخلاقي نظام کي جنم ڏئي ٿي ۽ ان جي فردن ۾ قومي غيرت، شجاعت، جدوجهد، خدمت، سخاوت، سچائي ۽ قربانيءَ جي مقدس جذبن جي پرورش ڪري ٿي. ’حب الوطني‘ انسانذات جي عظيم ميراث آهي ۽ ان تي فخر ڪرڻ لاءِ پنهنجي شعر ۽ سرويچي، سخا ۽ سچائي، هن سرزمين جي قومي اخلاق جا نمايان اوصاف رهيا آهن.

جيتريقدر شاعريءَ جو تعلق آهي، اها انسان جي بنيادي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ آهي. انسان پنهنجي سماجي حياتيءَ جي سمورن مرحلن ۾ پنهنجن بهترين مقصدن جي حاصلات خاطر، بدترين مصيبتن سان جنگ جوٽيندو رهيو آهي. شاعري ان ڪري، اندروني جذبن جي اظهار سان گڏ احساسن جي اپٽار به ڪري ٿي، ساڳئي وقت پنهنجي ارتقائي تاريخ جي لحاظ کان، شاعري اول ڪنهن دؤر ۾ بادشاهي دربارن سان وابسته رهي آهي، جتي ’رزم‘ ۽ ’رومان‘
هڪ ئي ميدان تي اچي ٿي مليا. ’رومان‘ اڪثر حالتن ۾ رزم آرائيءَ جو سبب بنيو آهي يا شاعرن ڪو نه ڪو رومانوي سبب پيدا ڪري ورتو آهي ۽ اهڙيءَ ريت هنن بادشاهن ۽ بهادرن کي آدرشي ڪردار بنائي، قومي ناموس، شان ۽ عظمت جا ترانا ڳايا آهن.

رزميه شاعريءَ جو اهو مخصوص دؤر تقريباً سڀني زبانن ۾ رهيو آهي. مغرب ۾ ايپڪو شاعري ان جو مثال آهي ۽ ننڍي کنڊ جي قديم هندي شاعريءَ ۾ 12 صدي عيسويءَ کان 14 صدي عيسويءَ تائين ”وير گاٿا“ جو دؤر مشهور آهي. (هندي ادب جي تاريخ – اردو، ڊاڪٽر محمد حسن، انجمن ترقي اردو هند) اهوئي هتي (يارهين کان چوڏهين صدي عيسوي تائين) سومرن جي حڪومت جو دؤر آهي، جنهن ۾ سنڌيءَ جا اڪثر عشقي ۽ رزمي قصا (سسئي – پنهون، سورٺ – راءِ ڏياچ، مومل – راڻو، ليلان – چنيسر، دودو – چنيسر، سومرن ۽ گجرن جي لڙائيءَ جو قصو وغيره) وجود ۾ آيا.

اهوئي دؤر آهي، جڏهن کان اسان کي سنڌي شاعريءَ جي اوائلي تاريخ معلوم ٿي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ”دودي – چنيسر“ واري جنگي داستان جون ڳاهون سنڌي شاعريءَ ۾ سڀ کان آڳاٽيون چيون وڃن ٿيون، ان ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته سنڌي شاعريءَ جي شروعات ئي رزميہ شاعريءَ سان ٿي آهي، يا ڪم از ڪم رزميہ شاعريءَ جي روايت سنڌيءَ ۾ شروع کان وٺي موجود آهي. . . . .

جيتريقدر رزميہ داستانن جو تعلق آهي، ته سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيترائي داستان چيا ويا آهن پر مخصوص فني ۽ روايتي خاصيتن جي بنياد تي،
”دودي – چنيسر“ جي داستان کان سواءِ اسين انهن مان فقط ”سنڌ جي شاهنامي“ کي انهيءَ زمري ۾ شمار ڪري سگهون ٿا، باقي ٻيا جنگناما ۽ اهڙيون سموريون تصنيفون ”رزميه شاعريءَ“ جي عام دائري ۾ اچن ٿيون. اهي جنگناما مختلف مڪاني قومن ۽ قبيلن جي لڙاين تي ٻڌل آهن، يا وري غير مسلسل ۽ مختصر پيرايي ۾ چيل آهن.

دراصل اسان جي رزميہ شاعريءَ جا مختلف پهلو آهن: (1) اهي داستان ۽ جنگناما، جن ۾ ڪنهن خاص جنگ جو تفصيل ۽ ان جي سورمن جا ڪارناما بيان ڪيل آهي؛ (2) اهي مسلسل واقعاتي بيت، ڳاهون، نظم، گيت وغيره، جن ۾ ڪنهن جنگ جو مختصر ۽ اڻپورو بيان يا ڪن واقعن ۽ سورمن جون منظوم مصراعون، جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن لڙائيءَ جي واقعي يا قومي سورمي ڏانهن اشارا آهن؛  (3) اهي بيت، نظم، گيت وغيره، جيڪي عملي طرح ”جنگ“ متعلق نه آهن پر اهي ڪنهن ڌارئي اقتدار جي مقابلي ۾ مختلف دؤرن ۾ وطن جي حفاظت جي تاريخ کي نمايان ڪن ٿيون ۽ اهي رزميہ شاعريءَ جي بنيادي سرچشمن سان وابسته آهن، يعني حب الوطنيءَ جي جذبن سان.

- ] اقتباس: ”سوڀون سِر گهرن“ ص 30 – 38.[

شمشيرالحيدري

)پيش لفظ(

 

(ڪتاب ”بهترين سنڌي ادب“ جا پيش لفظ)

”پاڪستان پبليڪيشنس“ طرفان، ماهوار رسالي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيل چونڊ مضمونن، افسانن ۽ شعرن جا گڏيل مجموعا هن کان اڳ پيش ٿي چڪا آهن. انهيءَ سلسلي جو هي نائون نمبر آهي، جنهن ۾ رڳو افسانا شامل ڪيا ويا آهن، ۽ اهي ”نئين زندگي“ سان گڏ سنڌيءَ جي ٻين به مختلف ادبي رسالن ۽ افسانن جي مجموعن مان چونڊيا ويا آهن. ان ڪري، هي ڪتاب نه رڳو ”نئين زندگي“ جي اڳين چونڊ مجموعن کان مختلف آهي، بلڪ هن وقت تائين سنڌيءَ ۾ افسانن جو هي پهريون مجموعو سمجهيو ويندو، جنهن ۾ سنڌيءَ جي مختلف افسانه نگارن جي چونڊ تخليقن کي يڪجا ڪيو ويو آهي.

هن ڪتاب پيش ڪندي، اول هيءَ رٿا ڪئي ويئي هئي ته هڪ اهڙو مجموعو تيار ڪجي، جنهن ۾ ڪم از ڪم گذريل ڏهاڪو سالن اندر سنڌيءَ ۾ پيدا ٿيل بهترين علمي، ادبي، تاريخي ۽ تحقيقي مقالا، مضمون، افسانا، ناٽڪ، ۽ شعر جون مختلف صنفون درج هجن: ان ريت، سنڌي ادب جو بهترين نچوڙ شايع ڪجي. ظاهر آهي ته انهيءَ ڪم لاءِ وڏيءَ ضخامت جي درڪار آهي، ۽ سنڌي ادب جي بهترين کان بهترين ذخيري کي سموئڻ لاءِ به هڪ ڪتاب نه، بلڪ گهڻا ڪتاب گهربل ٿيندا. تنهنڪري، بهترين سنڌي ادب جي انهيءَ رٿا کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ مقالن، افسانن ۽ شعرن جي الڳ الڳ ڪتابن پيش ڪرڻ جو ويچار ڪيو ويو- ۽ افسانن جو هي مجموعو ان سلسلي جو پهريون ڀاڱو آهي، جنهن ۾ سال 1958ع کان وٺي 1968ع تائين شايع ٿيل افسانا سهيڙيل آهن. انهيءَ ڀاڱي ۾ ئي ناٽڪن ۽ خود افسانوي ادب جي فن ۽ تاريخ بابت مددگار مقالن درج ڪرڻ سان هن ڪتاب جي افاديت کي وڌائي سگهجي ها، پر ان لاءِ اڃا به ٻيڻن صفحن جي ضرورت ٿئي ها، سو ائين ڪرڻ، بهرحال، ممڪن نه ٿيو. انشاءَ الله، هن سلسلي ۾ سنڌي ناٽڪن جو الڳ ڪتاب پيش ڪري سگهبو.

افسانن جي چونڊ لاءِ، هڪڙو صاف اصول اهو هو ته ليکڪ جي نالي کي نظر ۾ رکي، هر بهترين تخليق کي جڳهه ڏجي. ٻيو طريقو اهو، ته زياده کان زياده برک ليکڪن جا نمائنده افسانا چونڊي پيش ڪجن. اسان پويون طريقو اختيار ڪيو، ته جيئن ذاتي پسند ۽ ناپسند جي بي انصافيءَ واري امڪان کي گهٽائي سگهجي. تنهن هوندي به بيشڪ اهو محسوس ڪيو ويندو ته ڪي اهم تخليقون يا اهم ليکڪ اڃا رهجي ويا آهن، يا ڪن ليکڪن جي هن مجموعي ۾ چونڊيل افسانن جي ڀيٽ ۾، سندن ڪي وڌيڪ سٺا افسانا اڃا ٻيا هئا. پر صفحن جي گنجائش اسان لاءِ ان جو وڏو سبب بڻي، جنهن لاءِ اسين پنهنجي لائق ليکڪن کان ”جُڙيءَ کي جس“ جا طالب آهيون، جيڪڏهن، بهترين ادب جي نسبت سان، هن مجموعي ۾ آيل سنڌيءَ جا سڀ بهترين افسانا شامل نه ڄاتا وڃن، ته به ائين ضرور چئي سگهبو ته جيڪي افسانه نگار پيش ڪيا ويا آهن، تن جون اهي بهترين تخليقون آهن. انهيءَ نظر سان ڏسندي، اميد ته سنڌي ادب جا ڪرمفرما اسان جي هن ڪوشش جو قدر ڪرڻ فرمائيندا.

جيتريقدر ترتيب جو تعلق آهي، جيئن جيئن مواد مهيا ٿيندو ۽ تيار ٿيندو ويو آهي، ڪنهن به درجيبنديءَ بنا، اهو ڇپبو ويو آهي. ان ڪري ترتيب  ۾ ليکڪن جي حيثيت کي نه ڏسڻ کپي. البت مزاح ۽ ڀينرن جي ڀاڱي کي الڳ بيهارڻ لاءِ آخر ۾ آندو ويو آهي.

آخر ۾، اسين انهي سڀني ايڊيٽرن ۽ ناشرن جا ٿورائتا آهيون، جن جي رسالن يا مجموعن مان افسانا هن ڪتاب ۾ ورتل آهن. اسين سمورن شامل ليکڪن جا به، سندن معاون ۽ دلچسپيءَ لاءِ مشڪور آهيون. خاص طرح نسيم کرل، غلام رباني، طارق اشرف، ٺاڪر شرما ۽ اقبال جتوئيءَ جي مشورن هن ڪتاب جي ترتيب ۾ گهڻي مدد ڏني، تنهن لاءِ سندن مهرباني.

(ماهنامي ”نئين زندگي“ جو ڪتابي سلسلو ”بهترين سنڌي ادب“ تان کنيل نمبر 9)

 شمشيرالحيدري

(پيشڪش)

ڪتاب ”پيار جا 9 گيت“ جو مهاڳ

”پرديپ پبليڪيشنس“ پاران هيءَ پيار جي سوکڙي ”مئڊم ارمگارڊ ليوپڪي- گريف جا جرمني ٻوليءَ ۾ ٻوليل ”پيار جا 9 گيت“، سنڌيءَ ۾ پنهنجي طرز ۽ نموني جي پهرئين ڪوشش آهي، جنهن جي پيش ڪرڻ ۾ منهنجو حقير ڪم به ڪنهن حد تائين شامل آهي.

مون کي پنهنجي انهيءَ پيار جي ڪم ۾ بيحد خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ۽ فخر به، جنهن جي ذريعي غير ملڪي زبانن جي شاعريءَ کي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ جي هڪ منظم ڪوشش جي روايت قائم ٿي رهي آهي.

انهيءَ روايت کي جاري رکڻ ۽ زور وٺائڻ جي ڪيتريقدر ضرورت آهي، تنهن جو احساس نڪو نئون آهي، نڪو ايترو غير اهم، جنهن کي خاص ڪري اڄوڪي زماني ۾ نظرانداز ڪري سگهجي.

مختلف طريقن ۽ ذريعن سان، اسين دنيا جي مکيه زبانن جي ادب، نظم توڙي نثر، کان ڪنهن حد تائين پاڻ کي آگاهه رکندا پئي آيا آهيون پر جيتريقدر ڪتابي ادب جو تعلق آهي، خاص طرح شاعريءَ ۾، اسين پنهنجيءَ زبان ۾ دنيا جي مختلف زبانن جي هاڻوڪن شاعرن سان پنهنجا سڌا سنوان ناتا استوار نه ڪري سگهيا آهيون. جن سان اسان جي ادب ۽ زبان توڙي اديبن کي گهڻي فائدي پهچڻ جي اميد آهي.

”پيار جا 9 گيت“ انهيءَ اميد کي يقين ۾ تبديل ڪندا، جيڪڏهن اسان جا ٻيا سمورا ڪم ڪندڙ ادارا به اهڙي ئي قسم جي ڪا قوي ڪوشش هن ڏس ۾ ڪندا ۽ هن قسم جي خالص ثقافتي ڏي وٺ کي زور وٺائيندا.

مئڊم ارمگارڊ ليوپڪي گريف، جنهن جا هي 9 گيت، سنڌي نظم ۾ پلٽايل آهن، سا جرمني ٻوليءَ جي مشهور شاعره ۽ اديبه آهي. پاڻ هڪ ئي وقت تي ناول نويس، افسانه نويس، مضمون نگار، مزاح نگار، نقاد ۽ ريڊيو آرٽسٽ آهي ۽ سندس گيت، موسيقيءَ جي محفلن ۾ اڪثر ڳايا ويندا آهن. هوءَ 29- جولاءِ 1920ع تي، اولهه جرمنيءَ جي وئريل شهر ۾ ڄائي ۽ هينئر اتي ئي پنهنجي مڙس پروفيسر ڊاڪٽر گرڊ ليوپڪي سان گڏ رهي ٿي، جو خود به جرمني ٻوليءَ جو هڪ وڏو شاعر آهي. ٻنهي کي سنڌي شاعريءَ سان گهڻو چاهه ۽ انس آهي. ڊاڪٽر گرڊ هن وقت شاهه لطيف، سچل سرمست، ۽ ڪن جديد شاعرن، جهڙوڪ: شيخ اياز ۽ جهامنداس ڀاٽيا جي شاعريءَ کي جرمنيءَ ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مئڊم ارمگارڊ پڻ کيس هٿ وٺائي رهي آهي. سچل سائينءَ جو ”عشق نامو“ هو ترت ئي جرمني ٻوليءَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪري رهيا آهن. سنڌي زبان سان سندن انهيءَ قرب ۽ خلوص لاءِ اسان کي بيحد عزت ۽ عقيدت آهي، ۽ دعاگو آهيون ته رب پاڪ هن پياري جوڙي کي سدا سکيو ۽ سلامت رکي!

سنڌيءَ جي سمورن اديبن ۽ شاعرن طرفان،
”پرديپ پبليڪيشنس“ جي هيءَ نماڻي ڀيٽا به سندن پيار جي مڃتا جو هڪڙو عملي اظهار آهي، جيڪا خود مئڊم ارمگارڊ جي سالگرهه جي موقعي تي پيش ڪئي پيئي وڃي.

ترتيب ۾، پهرين گيت يا نظم جي هيئت وارا ٻه ڪلام، تنهن کان پوءِ آزاد نظم جي صنف ۾ آندل پنج ڪلام ۽ آخر ۾ سنڌي ۾ ڳايل ڪافين جي ٻن مقبول  ڌنن تي بيهاريل ٻه ڪلام، شامل آهن.

آءٌ دادا تيرٿداس جو ازحد ٿورائتو آهيان، جنهن جي هٿان، ۽ جنهن جي آڇ ۽ نيڪ رهنمائيءَ سان، مون کي هن خدمت جي سعادت نصيب ٿي. آءٌ دادي ليلاوتي هرچنداڻيءَ جو به گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن ڌنن جي ترتيب لاءِ مدد ڪئي ۽ پڻ پنهنجي آواز ۾ انهن کي ڳائي، رڪارڊ ڪرايو.

شال هيءَ پيار جي سوکڙي پنهنجو مقصد پورو ڪري!                

(ڪتاب ”پيار جا 9 گيت“ تان کنيل)

حيدرآباد سنڌ 1965-07-08

شمشير الحيدري                                   

فقير بيان ڪري ٿو......

ملڻ ڀٽي صاحب جو ٽي.وي پروڊيوسرن سان

 

1977ع واري سال جو اهو وقت هو جڏهن جنرل ضياء پاران ڀٽي صاحب جو اقتدار ختم ڪري، کيس نظربند ڪيو ويو هو ۽ پوءِ ڪجهه وقت لاءِ آزاد ٿي ڪراچي اچي، پنهنجي ڪلفٽن واري بنگلي تي رهيو هو. ٽي.ويءَ جي ڪن پروڊيوسرن، جيڪي ڀٽي صاحب جا حامي ۽ همدرد هئا، خيال ڪيو ته ڀٽي صاحب سان ملجي ۽ سندس دلجوئي ڪجي.

ان لاءِ ڪلفٽن بنگلي جي تڏهوڪي سيڪريٽري الهه بچائي لغاريءَ کي چيو ويو، جنهن ٽي چار ڏينهن اهي آسرا ڏنا ته هو کين ڀٽي صاحب سان ملاقات ڪرائيندو. جڏهن هر روز ٻه ٽي ڀيرا لغاري صاحب کي فون ڪري چئبو هو، تڏهن نيٺ هڪڙي ڏينهن هن به همٿ ڪري ٻڌايو ته اڄ تيار ٿي ويهو، ڪنهن به مهل اوهان کي فون ڪري گهرائي وٺبو.

پروڊيوسر صاحب، فقير کي انهيءَ وفد ۾ هلڻ جي ڪوٺ ڏني هئي، جيڪا فقير مهرباني سان قبول ڪئي هئي. فقير انهي ڪري سڄو ڏينهن ٽي.وي اسٽيشن تي ڪلفٽن کان فون اچڻ جي انتظار ۾ ويٺو رهيو. جڏهن ويٺي ويٺي ڳچ دير ٿي، تڏهن هو وفد جي ٻين منتظر ميمبرن کي ايئن چئي گهر هليو آيو ته ملاقات لاءِ فون اچي ته هو کيس گهران ڪوٺيندا وڃن.

ٿيو ائين جو ملاقات لاءِ فون مبارڪ آئي ته وفد جي منتظر ميمبرن کي اٻهرائي وچان فقير جو خيال ئي نه رهيو، ۽ سڌا  گاڏيءَ ۾ چڙهي وڃي ڪلفٽن تي
الهه بچائي لغاريءَ وٽ سهڙيا. لغاري صاحب اڃا به ڀٽي صاحب کان انٽرويو لاءِ باقاعدي موڪل ڪانه ورتي هئي، پر وفد وارن پروڊيوسرن جي لڳاتار تقاضا کان بيزار ٿي، هن کين انهيءَ اميد تي گهرائي ورتو هو ته بروقت ڀٽي صاحب کي عرض ڪري، سندن ملاقات ڪرائي سگهندو.

لغاري صاحب، بهرحال، کين ويهاريو ۽ وجهه وٺي ڀٽي صاحب سان ڳالهه ڪئي. رمضان شريف جو مهينو هو ۽ افطاري هلي رهي هئي. ڪافي وزير ۽ ورڪر ڀٽي صاحب وٽ آيل هئا. ڀٽي صاحب اول ته لغاري کي رد ڪد ڏنا، پر پوءِ جڏهن ڏٺائين ته پروڊيوسر هيستائين هلي آيا آهن، تڏهن کين مايوس نه ڪيائين ۽ ملڻ جي موڪل ڏنائين. پروڊيوسرن کي هڪ خلاصي ڪمري ۾ ويهاريو ويو. انهن ۾ ٻه مرد، هڪ عورت هئي، منجهانئن ٻن جي ٻولي سنڌي ۽ هڪ جي اردو هئي. ڀٽو صاحب وٽن آيو اول ته تعارف کان اڳ ئي بيٺي بيٺي، هن کين چڱي ڇڙٻ ڏني ته هو وٽس اهڙي نازڪ وقت ۾ ڇو آيا آهن، جڏهن ته هو اقتدار تان لٿل آهي، جڏهن ته اهي پاڻ به سرڪاري نوڪري ۾ آهن، جن کي ٻاهر بيٺل ڪيترن ئي جاسوسن ڏٺو هوندو وغيره.

پوءِ ڀٽو صاحب ڪجهه گهڙيون ساڻن گڏ ويٺو، وفد جي ٽن ميمبرن پنهنجو تعارف ڪرايو. پهريون ميمبر پنهنجو تعارف سنڌيءَ ۾ ڪرايو. جڏهن ٽئين ڄڻي پنهنجو تعارف اردو ۾ ڪرايو، تڏهن ڀٽي صاحب کيس فرمايو ته: ”هنن ٻنهي جو مون وٽ اچڻ ته مون کي سمجهه ۾ اچي ٿو، پر تنهنجو مون سان ملڻ لاءِ اچڻ، منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي.“

ڀٽي صاحب جا اهي لفظ 1972ع وارن ٻولي وار فسادن ۽ سندس حڪومت کي ختم ڪندڙ ”پاڪستان قومي اتحاد“ وارن هنگامن جي پس منظر ۾، پنهنجي آخري وقت ۾ قطعي تجزيي ۽ تجزئي جي نچوڙ، دلي پيڙا ۽ آخري احساس جو آئينو هئا.

پروڊيوسرن جڏهن ڀٽي صاحب کي چيو ته هو کانئس هدايتون وٺڻ آيا آهن ته ڪهڙي ريت سندس خدمت ڪري سگهن ٿا، تڏهن هن کين ائين چيو ته: ”مون کي پاڻ خبر ڪانهي ته سڀاڻي مون سان ڇا ٿيندو، تنهنڪري اوهين پاڻ کي سرڪاري ملازم سمجهي، وڃي نوڪري جي حفاظت ڪريو.“

وفدجي ميمبرن انهيءَ ملاقات جو احوال فقير کي ٻئي ڏينهن ٻڌايو، جيڪو هاڻي سترهين سال پڄاڻان هو اهڙين حالتن ۾ سڀني کي ٻڌائي رهيو آهي، جڏهن ڀٽي صاحب جي آخري احساس جي صداقت ثابت ٿي رهي آهي.

(ماهوار ”پارس“ جلد 12، شمارو 12، اپريل 1995ع تان کنيل)

سنڌي ادبي بورڊ جا 10 مهينا

(شمشيرالحيدريءَ جي سيڪريٽري شپ دوران ڪارڪردگي رپورٽ)

سنڌي ادبي بورڊ جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪنهن سيڪريٽريءَ، بورڊ جي ڪارڪردگي عوام آڏو پڌري ڪئي آهي. بورڊ جي سيڪريٽري شمشيرالحيدري طرفان ڏهن مهينن ۾ بورڊ ۾ ڪيل خدمتن جي هڪ مختصر رپورٽ ڏجي ٿي.

”سنڌي ادبي بورڊ“ جي سيڪريٽري شمشيرالحيدري هڪ پريس پڌرائي وسيلي ٻڌايو آهي ته ”بورڊ“ جا سمورا گهربل ترقياتي ڪم گذريل ڏهن مهينن اندر ڪري ڇڏيا ويا آهن.

اٺن سالن کان زبون ٿيندڙ اسٽاف ڪوارٽرن جي مرمت، بجليءَ، پاڻيءَ توڙي رازڪي ۽ واڍڪي ڪمن سميت مڪمل ڪئي وئي آهي، باغ جي گلن ٻوٽن ۽ لان کي پاڻيءَ جي کوٽ سبب سُڪڻ کان بچائڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ کان پاڻيءَ جي نئين پائيپ لائين ورتي وئي آهي. ”بورڊ“ جي وسيع ڪئمپس ۾ بجليءَ جا کنڀا لڳايا ويا آهن، جن سان سڪيورٽي جي لحاظ کان پهريون دفعو چوڪيدارن کي نظر ملي آهي. ”بورڊ“ جي ڪئمپس ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ نوان وڻ ۽ گلن وارا ٻوٽا لڳايا ويا آهن، ۽ وڻڪاريءَ جي هلندڙ موسم ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ وڻ پوکيا پيا وڃن، جن سان ”بورڊ“ جي ٻاهرين رستن ۽ اندرئين باغ ۽ ميدان ۾ وڻندڙ نظارا ڏسڻ ۾ ايندا.

”بورڊ“ پاران علمي، ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين کي عملي طرح هٿي ڏيڻ لاءِ، باغ جي هڪ پاسي سهڻي اسٽيج ٺهرائڻ جي تجويز آهي، جتي هر مهيني مشاعري، يا راڳ رهاڻ، يا ڊرامو، يا ادبي ڪچهرين جا پروگرام ٿيندا رهندا.

”بورڊ“ وٽ هاڻي جديد ڪمپيوٽر اچي ويا آهن، جن جي ڪري ڪتاب گهڻا، سهڻا ۽ سستا شايع ٿيڻ لڳندا.

”بورڊ“ جي پريس واري شعبي ۾ ليٽر پريسون ختم ڪري، آفسيٽ واري شعبي کي مڪمل ڪيو پيو وڃي ته جيئن ”بورڊ“ کي ڪوبه ڪم ٻاهر ڇپائڻ جي محتاجي نه رهي.

”بورڊ“ جي سڀني رسالن لاءِ پهريون ڀيرو اشتهار حاصل ڪيا ويا آهن ۽ رٿا آهي ته ڪجهه مهينن ۾ ٽنهي رسالن مان هر هڪ لاءِ اڌ لک رپين جا اشتهار حاصل ڪري سگهجن ته جيئن اهي نقصان مان نڪري سگهن. مثال طور رڳو ”مهارڻ“ رسالي جو هڪ پرچو هن وقت هڪ سئو رپيا نقصان ڏئي رهيو آهي.

پهريون ڀيرو بورڊ جي گاڏين کي انشورنس ڪرايو ويو آهي، جيڪو ڪم اڳي نه ٿيو هو.

جلد ئي بورڊ جي ڪئمپس واريءَ بائونڊري وال تي خاردار تارون لڳايون پيون وڃن ته جيئن بورڊ جي قيمتي جائداد ۽ حد محفوظ ٿي وڃي، جيڪا هن وقت وائکي  (کليل) آهي.

*      جولاءِ کان ڊسمبر 1993ع تائين، مالي سال
94-1993ع جي پهرين ڇهه مهينن دوران، منظور ڪيل بجيٽ ۾ ڏنل خرچ جي اختيار، کان گهٽ خرچ ڪري، 12 لک 33 هزار رپيا بچايا ويا. جيتوڻيڪ ان دوران پهريون ڀيرو وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا ويا، جن تي ڪافي خرچ آيو.

*      مالي سال 94-1993ع جي پوئين ڇهن مهينن دوران، اٽڪل 15 لک رپين جي بچت ٿيڻي آهي، ڇو ته ان دوران ترقياتي ڪمن جو خرچ نه ٿيندو.

* موجوده سيڪريٽريءَ مختلف پاسن کان پئسا بچائي 74 لک رپيا بئنڪ جي سيف ڊپازٽ ۾ رکيا آهن، جن تي ايندڙ جون 94ع جي پڄاڻيءَ تائين ڏهه ٻارهن لک رپيا منافعو بورڊ کي ملڻو آهي.

* اڳينءَ انتظاميه جيڪي ڏهه لک رپيا تعليم کاتي پاران ورلڊ بئنڪ جي هڪ اشاعتي پروگرام کي مڪمل نه ڪري سگهڻ سبب، حڪومت کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، سي پئسا موجوده سيڪريٽريءَ پنهنجيءَ حڪمت عمليءَ سان تعليم کاتي کان وصول ڪري بورڊ لاءِ بئنڪ جي سيف ڊپازٽ اڪائونٽ ۾ رکرائي ڇڏيا.

* جيڪي به ترقياتي ڪم موجوده سيڪريٽريءَ ڪرايا آهن، انهن ۾ هن بعد جي منظوري ڪيل اسٽيٽمينٽس مان هر هڪ اسم تي 5-10 هزار رپيا بچايا آهن.

* ان طرح موجوده سيڪريٽريءَ ڳرا ترقياتي ڪم ڪرائڻ، رٽائر ٿيندڙ ملازمن کي لکين رپيا ادا ڪرڻ، بورڊ جي سڀني گاڏين جي انشورنس ڪرائڻ وغيره تي خرچ ڪرڻ بعد به پهرين ئي ڇهين مهينن اندر اٽڪل چاليهه لک رپين جو فائدو بورڊ کي پهچايو آهي، جيڪا رقم سڄي سال ۾ سنڌ حڪومت کان ملندڙ گرانٽ جي برابر ٿئي ٿي.

* موجوده سيڪريٽريءَ جي دعويٰ آهي ته جيڪڏهن بورڊ منهنجون تجويزون قبول ڪري، مون کي هڪ سال ڪم ڪرڻ ڏئي ته پوءِ حڪومت ڀلي ته هڪ رپيو به گرانٽ نه ڏئي، هو بورڊ کي ٻاهرين ذريعن سان هڪ ڪروڙ رپين جي آمدنيءَ سان هلائڻ لڳندو ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ جي رفتار ۽ انهن مان اپت ڏهوڻي وڌائيندو، جنهن جي ڪمائي الڳ ٿيندي.

ڪتابن جي ڇپائي :

مئي 1993ع کان فيبروري، 1994ع وارن ڏهن مهينن جي عرصي ۾ ”بورڊ“ پاران 21 ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿي چڪا آهن، جن ۾ 8 ڪتاب نوان ڇپائيءَ هيٺ ۽ 11 ڪتاب ڪمپوزنگ ۾ آهن. ساڳئي وقت، ٻين علمي ادبي ادارن لاءِ ڇپجندڙ 23 ڪتابن مان 10 ڪتاب مڪمل ڪري پهچايل آهن ۽ باقي ڇپائيءَ هيٺ آهن.

ٽماهي ”مهراڻ“ جا 2 پرچا، ماهوار ”گل ڦل“ جا 10 پرچا ۽ ”سرتيون“ رسالي جا 2 ٽماهي ۽ 2 ماهوار پرچا، انهن کان الڳ آهن، جيڪي شايع ٿي چڪا آهن. ان ريت، مجموعي طرح، مئي 1993ع کان هيستائين 37 اشاعتون پڌريون ٿي چڪيون آهن، ۽ 46 ڪتاب اشاعت جي مرحلي ۾ آهن. ”بورڊ“ جا رسالا پنهنجي وقت تي الڳ شايع ٿيڻا آهن.

*      حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ تي ”بورڊ“ جي پراڻيءَ بلڊنگ ۽ اسٽاڪ ڪيل ڪتابن ۽ رسالن جي تعداد جي ڳڻپ ۽ ماليت جي ڪٿ مڪمل ڪئي وئي آهي، جيڪا چار مهينا اڳ شروع ڪئي وئي هئي. هن چيو ته ”بورڊ“ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ، اهو پيچيده اهم ڪم پهريون ڀيرو ڪيو ويو آهي، جنهن مان پتو پيو آهي ته ”بورڊ“ وٽ اٽڪل هڪ ڪروڙ روپين جا ڪتاب وڪرو نه ٿي سگهيا آهن، جن لاءِ هاڻي مارڪيٽنگ جا جديد طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ ساڳئي وقت ايڏي ماليت جي ڪتابي ذخيري کي سلامتيءَ واري هنڌ تي محفوظ ڪرڻ لاءِ قاسم آباد ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته پهريون ڀيرو بورڊ جي پريس واري اسٽور ۾ موجود ۽ خريد ڪيل توڙي استعمال ٿيل ڪاغذ جي چيڪنگ پڻ ٻه مهينا اڳ مڪمل ڪئي وئي آهي، جيڪو ڪم پڻ پهريون ڀيرو ڪيو ويو آهي. ڪتابن جي ڳڻپ سان ڪيترائي اهڙا ڪتاب پڻ وڏي تعادد ۾ گدام مان ٻاهر آندا ويا آهن، جيڪي ختم ٿي ويل سمجهيا ويا هئا ۽ جن جي پڙهندڙن وٽ گهڻي طلب هئي.

سنڌي ادبي بورڊ جا رٿا هيٺ پروگرام :

        ايندڙ آڪٽوبر يا نومبر 1994ع ۾ ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي گولڊن جوبلي ملهائي ويندي هن تي رنگا رنگ جشن ملهايو ويندو، جنهن ۾ سنڌيءَ جي اشاعتي ادارن جا ڪتابي اسٽال لڳايا ويندا. ”گذريل اڌ صديءَ ۾ سنڌي ادب ۽ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو حصو“ جي عنوان تي سيمينار، مشاعرو، راڳ رنگ جي محفل، اسٽيج ناٽڪ ۽ ٻيا پروگرام هن جشن جو حصو هوندا. پاڪستان جي مڙني علمي، ادبي تنظيمن ۽ شخصيتن کي ڪوٺيو ويندو ۽ ميلي کي مچائڻ لاءِ سنڌي جي ادبي ادارن ۽ تنظيمن جو سهڪار حاصل ڪيو ويندو.  

(ماهوار ”پارس“ جلد 11، شمارو 12، اپريل 1996ع تان کنيل)

شمشيرالحيدري

سنڌي ٻولي مهم جو اهم حصو

(روزاني ”مومل“ اخبار ڪراچي 27- فيبروري 2010ع تان کنيل)

ڀارت جي مشهور سنڌي شهر اُلهاس نگر ۾ سڀڪجهه سنڌي آهي. سنڌ مان لڏي ويل سنڌين ڀارت وڃي، سنڌ جي سڪ لاهڻ لاءِ، اهو شهر ٺاهيو، سنڌي مٺايون، دال پوريون، آچار، چٽڻيون، پاپڙ ۽ پڪوڙا، گانٺيا، مرمرا، گيهر ۽ ڳيتون، ميسو ۽ ماوا، جليبيون ۽ گول گپا، ڪلفيون ۽ آئيس ڪريمون، سنڌي گنج ۽ گنديون، گريبون، سنڌي ٿانوَ وغيره مطلب ته هرڪو سنڌي وڙ، اتي ڏسڻ ۾ ايندو. سڀ کان وڏي ڳالهه شهر ۾ داخل ٿيڻ سان جيڪا پنهنجائيءَ جي پهرين نشاني دل کي ڇڪ ڏيندي سا هيءَ ته دڪانن جا نالا سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ملندا.

اهو ته آهي ڀارت ۾ لڏي ويل سنڌي ماڻهن جي سنڌ لاءِ سڪ، پر هتي اسان وٽ عجب چلتو ٿي ويو آهي. شهر ته ڇڏيو، جتي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ سؤ سيڪڙو آبادي سنڌي ڳالهائڻ وارن جي آهي، دڪاندار ۽ خريدار سڀ سنڌي آهن، پوءِ به اتي دڪانن، ڪارخانن بلڪ ڪٿي ته گهرن تي به نالا نشان اردو ۾ لکيل ملندا.

هن وقت جڏهن سنڌي ادبي سنگت ٻوليءَ جي مهم هلائي رهي آهي، ۽ قومپرست پارٽيون سنڌ ۽ سنڌين جي لاءِ ساهه گهورڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن، تڏهن کين اهو ڪم ضرور ڪرڻ کپي ته ڳوٺن ۽ شهرن ۾ نالا نشان سنڌيءَ ۾ لکڻ جي مهم هلائين.

ٻوليءَ جو مسئلو، سڌيءَ طرح اسان جو اقتصادي مسئلو به آهي. جنهن کي هر شعبي ۾، هر مرحلي تي محسوس ڪرڻ کپي.

اسان جا عوامي نمائندگيءَ جا ادارا اهو ڪم آسانيءَ سان سنڌ جي شهر توڙي ڳوٺن ۾ شروع ۽ مڪمل ڪري سگهن ٿا. اسان جا صحافي، ادبي، ثقافتي ۽ سماجي ادارا اهڙو ماحول جوڙي سگهن ٿا، ٽي.وي چئنل اهڙي ترغيب ڏيئي سگهن ٿا.

سنڌي ادبي سنگت کي گهرجي ته پنهنجي ٻولي مهم ۾ هن معاملي کي ان جو حصو بنائي، سنڌ ۾ پنهنجين پکڙيل شاخن وسيلي سنڌيءَ ۾ نالن لکڻ جو ڪم شروع ڪرائين.

قومپرست پارٽين کي گهرجي ته هو پنهنجي پنهنجي اثر وارن علائقن ۾ پنهنجن ورڪرن معرفت سنڌي نالن لکڻ جي مهم هلائين.

اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن اهو ڪم ڪيو ويو ته ان جو سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي عام سماجي صورتحال کي گهڻو فائدو ٿيندو.

شمشميرالحيدري

شهيد جو مشن ۽ پارٽي جي ذميواري

(روزاني ”مومل“ اخبار ڪراچي 21- جون 2010ع تان کنيل)

اڄ شهيد راڻي بينظير ڀٽو جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي. ان موقعي تي جتي کيس لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي ته ساڳيءَ جاءِ تي سندس ڇڏيل مشن کي تڪميل تائين رسائڻ جا عهد و پيمان پڻ ڪيا پيا وڃن.

حقيقت اها آهي ته محترمه بينظير ڀٽو نه صرف پاڪستان ۽ ننڍي کنڊ پر پوريءَ دنيا ۾ ڪجهه اهڙن عظيم اڳواڻن منجهان هڪ هئي جنهن نه صرف پنهنجي سموري زندگي ديس واسين کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ واري مشن ۾ صَرف ڪري ڇڏي پر ان سان گڏوگڏ عالمي امن جي لاءِ پڻ پاڻ پتوڙيو آهي، اهوئي سبب آهي ته جڏهن ته زندگي تي نظر وجهبي ته پتو پوي ٿو ته کيس جيڪي به رنڊڪون، مشڪلاتون ۽ ڏکيائون پيش آيون، اهي سڀ انهن گروهن ۽ ٽولن پاران پيدا ڪيون ويون جيڪي عوام دشمن ۽ سامراج حامي آهن.

اڄ جڏهن شهيدِ جمهوريت جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته ملڪ اندر سندس ئي پارٽي جي حڪومت آهي ۽ ان جي عوام دوست قيادت نه صرف عوام جي ڀلائيءَ جي لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي، پر ان مشن کي تڪميل تائين رسائڻ جي لاءِ مختلف مشڪلاتن کي به منهن ڏيئي رهي آهي، جنهن پروپيگنڊائن وسيلي موجوده جمهوري حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي هيٺانهون ڏيکارڻ جون ڪوششون، اپوزيشن جي بي وقتو راڳ ۽ ٽانگا پارٽين پاران هل هنگاما شامل آهن، پر ان جي باوجود شهيد بينظير ڀٽو جي مشعل هٿ ۾ کڻي پيپلز پارٽي جي موجوده قيادت پنهنجي شهيد قائد اڳيان سرخرو ٿيڻ لاءِ ڏينهن رات پاڻ پتوڙي رهي آهي.  

اڄ جيتوڻيڪ شهيد بينظير ڀٽو جسماني روپ ۾ عوام سان گڏ نه آهي پر سندس ڇڏيل پارٽي هڪ عوامي ورثي طور عوامي اڳواڻن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي پنهنجي اڻٿڪ محنتن ۽ ڪاوشن سان پارٽي جي منشور ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي مشن کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ هڙان وڙان ڪوششون ڪري رهيا آهن.

هن موقعي تي اسين پيپلز پارٽي کي شهيد بينظير ڀٽو جي 57هين جنم ڏينهن تي اهو ياد ضرور ڏيارڻ گهرنداسين ته هن ملڪ جي عوام جون شهيد ۾ وڏيون اميدون هيون جيڪي هن حڪومت کي پوريون ڪرڻيون آهن.

شمشيرالحيدري

شهيد راڻي توکي سلام

(روزاني ”مومل“ اخبار ڪراچي 22- جون 2010ع تان کنيل)

حقيقتاً تلوار، تير ۽ ڪهاڙين واري جنگ کان بينظير صاحبه جيڪو دشمن سان جهيڙو جهيڙيو هو، اهو هڪ انوکو ڪردار آهي، هڪ ضعيف ذات عورت، اها به هڪ اهڙي گهراڻي منجهان جيڪو زميندار هجي، پرديدار هجي، اها وطن جي وڏن ڊڪٽيٽرن ۽ جابرن سان مهاڏو اٽڪائي، بغاوت جو پرچم کڻي قلمي، علمي، دليلي، بين الاقوامي جنگ وڙهڻ شروع ڪري ان وقت بيبي زينب رضي الله عنها جي قافلي جي سپهه سالار ٿي پوي ٿي.

بينظير جلاوطنيون سهي ٿي، غليظ فتوائون سهي ٿي، ان ساري جنگ ۾ هڪ ڀاتي سر شاهنواز ڀٽو ٻاهرين ملڪ ۾ پڻ شهيد ٿي وڃي ٿو، والد جي تابوت کان بعد ذوالفقار علي ڀٽو جي لختِ جگر جو تابوت وصول ڪري ٿي. اهي اهڙا گهاوَ آهن جو تصور ڪندي دل دهلجيو وڃي ٿي پر هيءَ رُڪ جهڙي دل رکندڙ راڻي سنڌياڻي بينظير ڀٽو صاحبه هن بيت سان ٺهڪي اچي ٿي ته: ”تون جي پهڻ پٻ جو ته لڱ منجهان لوهه.“ وارو ڪردار ادا ڪري سنڌ جي دلير مردن، دودن، دولهن، هوشو، هيمون جي قطار ۾ بيهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ۽ جابرن کان پنهنجا پلاند وٺڻ جو پڪو پهه ڪري ٿي.

ڪراچيءَ جي خوبصورت هوائن ۾ پيدا ٿيل پنڪي هن وقت سنڌ جي سورمي ٿي وڙهڻ جو پڪو پهه ڪري ٿي ۽ جنرل ضياءُالحق جو جهاز هوائن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ڊڪٽيٽرن کي هن سورميءَ کان سواءِ پاڪستان بچائڻ وارو ٻيو ڪوبه نظر نٿو اچي ۽ بينظير کي ٻاهران گهرائي اقتدار ڏنو وڃي ٿو، هن سان يزيدين پنهنجي دشمني اڃا به پوري نه ڪئي هئي ۽ سندس جي ٻئي دورِ حڪومت ۾ مير مرتضيٰ جهڙي ڏهيسر ڀاءُ کي سندس ئي حڪومت ۾ گولين جو بک بڻايو ويو ۽ پنهنجي گهر اڳيان کيس قتل ڪري الزام سندس ڀيڻ بينظير مٿان لڳايا ويا ۽ کيس اقتدار کان هٽايو ويو. ان بعد هن ۽ هن جي مڙس آصف صاحب مٿان وڏا ڳرا ڪيس مڙهيا ويا ۽ ڪافي دفعا بينظير صاحبه کي جيل به رکيو ويو ۽ سندس ور کي ته جيل ۾ قتل ڪرڻ جون سازشون سٽي قتل ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون ڪيون ويون. آخر هڪ دفعو ٻيهر حڪمرانن، ڊڪٽيٽرن هٿياربندن مجبور ٿي بينظير ڀٽو کي 1993ع کان 1996ع تائين اقتدار ڏنو پر ان دوران اهڙا ته ويل وهايا جو مرتضيٰ جو قتل، بيگم نصرت ڀٽو تي ڪيس ۽ ٻيا اهڙا حربا هليا ويا جو سورن جي سيج بڻائي کيس پريشان ڪيو ويو پر هن سنڌ جي دلير نياڻيءَ ڪڏهن به همت نه هاري.

 

الوداع

 

ڪير آهي؟

ڪير دروازي تي آهي؟

هِن مهل، رات جي پوئين پهر، سيءَ واءَ ۾!

ڪو مسافر؟ يا وري هن شهر جي ڪا پيار سوديندڙ

معزز حسن بانو؟

 

مرحبا، اي معزز حسن بانو!

اچ، اندر اچ،

منهنجي پويان پويان، هن مشعل جي ڌيمي روشنيءَ ۾،

توبهه توبهه ڪيڏي سردي آهي ٻاهر!

هن ههڙيءَ لڱ ڪانڊاريندڙ هوا ۾، ڪيئن نڪتي آهين

تون؟

بُت سڄو تنهنجو رڦي پيو،

هٿ ڏڪن پيا ۽ ٽنگون ٿڙڪن پيون،

ويهه هُن صندليءَ کي سيري، هِن بخاري جي اڳيان،

باهه تي پنهنجا ٺريل هٿ پير سيڪ،

تُرڪماني اُنَ جو هي ڪشمشي ڪنبل ڪلهن تان

لاهي هُن صندوق تي ليٽائي ڇڏ،

۽ هيءُ وٺ چندن جون ڪاٺيون، باهه ۾ وجهه،

جيئن تنهنجي ساهه کي سرهاڻ جي ساهس ملي

تيستائين آءٌ تنهنجي لئه ڪريان قنديل ڪافوريءَ

کي روشن

جيئن ڏسان، سونهن جا ڪهڙا وکر آندائي

سونهن جو درياء وهي پيو…

جنهن جي ڇولين ۾ رڳو پيا مُرڪ جا موتي ڇُلن

ڦٿڪنديون، ڀڄنديون وتن،

جنهن جي ڪنڌين تي رڳو چاهت جون چنبيليون ٽڙن!

سونهن جو درياء وهي پيو…

ناهي جنهن جو آرپار،

جنهن جي هر قطري ۾ نيرانين نگاهن جو خمار

هر نظارو جنهن جو قدرت جو نرالو شاهڪار

حيرتن ئي حيرتن جي ڪاڪ، جنهن پاسي نهار!

……

شمشيرالحيدري جي چونڊ شاعري

 

 

آه! ڏاڍي دير ٿي وئي، اي معزز حسن بانو!

مان ته ويٺو هوس هاڻي واپسيءَ جي لئه تيار،

بس، سواريءَ جو ڪيم پئي انتظار

ڪنهن به ٽاڻي اچڻو آهي آسماني مَڪڙو گهوڙو،

جيڪو ڪنهن مهلت بنا ٿيندو فرار

 

تيسين هڪڙي التجا مون کي ڪرڻ ڏي، اي معزز حسن بانو:

جنهن گهڙيءَ وارد ٿئي هو مڪڙو گهوڙو،

هائو، پنهنجي انهيءَ ساڳي خوش نظر سان

بدخشاني لعل جَهڙن لال چپڙن جي مُدامي مرڪ سان،

مون کي ڪج تون الوداع!

مون تي تنهنجو هيءُ وڏو احسان ٿيندو،

بس، اهوئي سونهن جو سرمايو شايد منهنجي لاءِ

بي بدل تحفو ٿئي.

 

مان جڏهن ڳچ سال اڳ،

پيار جي وَکري وَکر جون خوب خرزينون ڀري،

ڏور کان آيس ”عدم“ واريءَ ولايت مان هٽي

تنهنجي هن شاهي شهر ۾،

هڪڙو معمولي، ننڍو، گمنام سوداگر هئس

پوءِ آءٌ

پيار جي ناياب جنسن جي بدل،

سونهن جون ڪمياب ۽ نادر وَٿون ڏوريندو، سوڌيندو رهيس.

رنگ ۽ آواز جون سونيون اشرفيون

مُشڪ بُو وارن جو ريشم، رت- ورن چپڙن جون لعلون،

شبنمي ڏندن جا موتي،

ڳورين ٻانهن جو مرمر،

ڪونئرن پيرن هٿن جو بخمل ۽ الماس خوابي اکڙين جا!

ڪي ته بيحد بي بها چيزون مليون:

درد دل جو، پُور، پيڙا، خواب، اوجاڳا، جفائون واعدا، يادون ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي قيمتي جوهر مليا.

ناز ۽ انداز، شوخي ۽ شرارت جا گهڻائي خوشنما گوهر مليا:

گيت مالائون سريلن ٽهڪڙن جون،

۽ ڏکڻ جي هِير جهڙين ٿڌڙين مُرڪن جون چانڊوڪيون،

گرم لڙڪن جي ٻاڦ،

سادگي، سچائي، قرباني، وفا، پاڪيزگي، صبر ۽ حيا جا

جيڪي چندن هار مون ڏوري ڏنا.

تن جو ڪوئي ملهه نه هو.

 

مون به خُرزينن جا منهن کولي ڇڏيا؛

پيار جا جيڪي به وڙا آندا هئم،

سونهن جي سودي ۾ بي پرواهه آڇيندو رهيس

ڏاڍيون اڻلڀ شيون مون وٽ هيون

ڪاش، تون هيڪر ڏسين ها، اي معزز حسن بانو!

 

هِجر جا فانوس، وصلت جا چراغ،

آس جا قنديل، اوسيئڙن جي آڳ،

سڪ جون سُرخيون، شڪ جون لاليون، ڊپ جا جهومڪ،

پَڪ جون واليون،

اک اڙيءَ جا ڪجل سُرما، دل لڳيءَ جون شان واريون مينديون،

چاهتن جون ڦلڙيون ۽ جيءَ جڙي جون چوٽيون،

نينهن نسبت جون مُنڊيون ۽ دل چريءَ جون چوڙيون،

قرب جا ڪنگڻ، اڪيلائيءَ جا آئينا، ملاقاتن جا ڇلڙا،

پنڌ جا پازيب، کٽڪن جا وڇونئڙا، شادمانيءَ جا ٽِڪا

 

۽ وري ٻُڌ، اي معزز حسن بانو!

ڪهڙا ڪهڙا مون وَکر آهن وِهايا بي مثل:

علم جا سونگا، انهن اندر خيالن جي عطر سان تَر ٻُڙا

حوصلن جون دٻليون، خوداعتماديءَ جا ٻٽونئڙا،

عزم جا گلدان ۽ همٿ جا دَنگ،

جن ۾ احسانن جو عنبر، مشڪ جذبن جي ۽ يادن جا گلاب،

پيار جي وَکري وَکر جِي ڄاڻ لئه جدوجهد جا جام،

سُريت زندگيءَ جي قهم وارا ۽ صراحين سُرت جون…

 

آه، مون ڇا ڇا نه سوديو،

۽ وري ڇا ڇا نه ورڇيو!

… هاءِ ڪيڏا ورهيه گذري ويا هتي،

وقت جي پيرن جي کڙڪي جي ڪڏهن ڪَل ئي نه پيئي

ڄن ته ڪلهه ئي هِن حويليءَ ۾ اچي ترسيو هئس!

پر معزز حسن بانو، هو ته ڏس،

منهنجي هن بادام جي سهڻي سگهاري وڻ کي ڇا ٿيو؟

ڦَر ته هي، ڪجهه سال ٿيا، اندرئي اندر، پاڻ ئي کايو ڇڏي!

مان ڏسان پيو ۽ سهان پيو هن جا سڀ انگل مذاق!

اڄ ته هن تي ڪي وڃي ٿورائي پن آهن بچيا-

هي به شايد منهنجي ئي سنبت جو ٿيندو

منهنجا سڀ ساٿي ائين ئي مَڪڙو گهوڙو ويو کڻي…

ڏس ته قدرت جو مذاق، ڪيڏو سنجيدو ۽ سخت!

 

پر معزز حسن بانو، تو ٻڌو هوندو ضرور:

”ڪوئلن جو، جو ڪري واپار تنهن جا هٿ به ڪارا، منهن به ڪارو!“

بس، ائين ئي آهي شايد:

سونهن جي سودي ۾ ڪائي سونهن واري

منهنجي وارن کي وئي چاندي ٿڦي، سهڻو ڪري!

ڪيئن به آهي.

شهر جي حسن بانوءَ وٽ هلي ئي ساک منهنجي پيار جي وَکري وَکرجي:

تون به ڏِس منهنجي اِهائي ساک سمجهي آئي آهي

 

… ۽ مان اڄ موٽي وڃان پيو،

سونهن جي سنسار جا سارا ئي سرمايا سهيڙي،

زندگيءَ کي پيار جو مفهوم بخشي،

هڪڙي، سُرهيءَ ساک واري شاهه سوداگر جي حيثيت کڻي،

 

… پر هو تڪڙو، مڪڙو گهوڙو؟

ڪيئن چئجي،

هو به شايد گفتگو پنهنجي ٻڌي ترسيو هجي،

هائو، جيڪا هوءَ گهڙي گذري وئي،

هائو، جيڪا هيءَ گهڙي گذري پئي،

سي ئي شايد ئي وڃن قدرت جي قدمن ۾ قبول!

 

معاف ڪج، اي حسن بانو،

منهنجي ڳالهين تي خوشامد جو نه آڻج ڪو گمان،

تو ٻُڌو،

پيار جو هرڪو وکر مون وٽ ته ڍيرؤن ڍير هو،

۽ نه آءٌ ئي رهيس ڪو ويسرو،

سڀ کپائي، اڄ ته پالهو ٿي وڃان پيو:

خالي خرزينن جي اندر، نالي ماتر، خاڪ جي رتي به ناهي!

سچ چوان ٿو، اي معزز حسن بانو!

سونهن جو سُوڳنڌ کڻي سچ ٿو چوان!

سونهن جي سڀني وڙن ۾، تون ته مالامال آهين!

جي ڏٺم، تن ۾ نه هئي ڪا تنهنجي پايي جي امير!

تون ته مٿي جي مٿانهينءَ کان وٺي پيرن جي ترين تائين آهين ڪو صنم.

تون مُجسم سونهن آهين،

تون سڄي ئي سونهن آهين،

ڪاش! مان پهرين ئي ڏينهن توکي ڏسان ها،

۽ سمورو پيار جو وَکر وَکر،

تنهنجي سِر تان اوري گهوري،

تنهنجي قدمن ۾ رکان ها-

هڪڙي مفلس جو سو نذرانو حقير!

 

ڏس ته مون ساري حويليءَ جا سڀئي فانوس ۽ قنديل ۽ مشعل اُجهائي هئا ڇڏيا،

سڀ ملازم، حاضريا ۽ خاڪروب

ڪلهه ئي فارغ ٿي ويا،

سارو سوديل مال مون اڳ ئي ڇڏيو آهي اُماڻي:

نفرتن جا، بغض جا، دوکي، دغا ۽ حسد جا،

جيڪي کوٽا وڙ ملاوٽ ٿي مليا هئا،

سي سڀئي هُو صحن ۾ اُڇلي وڃان پيو،

بس، اها حسرت کڻي ويندس ته مون وٽ توکي آڇڻ لاءِ ڪو تحفو نه هو!

 

… اوه، ڪا شيءِ پئي هُري منهنجي مٿي ۾!

هائو، هائو، ترس، مون کي صرف چند ئي ساعتون مهلت کپي،

جيسين آءٌ پنهنجي خلوتگاهه ۾ پهچي وڃان،

 

آه، دل ڪيڏي ڳري هئي!

ڪجهه نه هوندي، ڪجهه ته آهي،

ڪيتروئي تڇ سهي:

هان، اچي، هيءَ چپٽي احساسن جي عنبر جي وٺي ڇڏ،

هيءَ ذرڙي، مشڪل جذبن جي به کڻ،

۽ هي وٺ ڳاڙهو گلاب، ياد جي خوشبو جو،

(ڪيئن الائي طاق تي رهجي ويون هي چند چيزون!)

بس، اهي ئي ڪر قبول، اي معزز حسن بانو!

… تون ته ڪا دل جي به ڏسجين ٿي امير!

مون ته پنهنجا آخري احساس ۽ جذبا به توکي ڏئي ڇڏيا،

ڪيئن ڪريان اظهار تنهنجي قرب جو!

ڇا ٿي سوچين، حسن بانو!

مون کي وڃڻو ئي ته آهي،

توکي رهڻو ئي ته آهي:

جيسين نازل ٿئي اچي هو مَڪڙو گهوڙو،

اچ، ملهايون شادمانيءَ جو جشن-

تنهنجي پياريءَ سونهن جي، ۽ منهنجي سهڻي پيار جي

سنگم جي سهڻي ۽ پياري ياد ۾:

آءٌ روشن ٿو ڪريان ساري حويليءَ جا سڀئي فانوس،

سڀ قنديل ۽ مشعل سڀئي،

پوءِ گڏجي پاڻ ڏينداسين سلامي

پنهنجي ساٿي، اڄ جي هن صحبت جي شاهد،

هُن اڪيلي پوڙهي وڻ کي.

مان ٻُڌان پيو،

ڪو وڏو مَشّاق، فطرت جو مغني،

اڻ لکن ملڪوتي سان سازن تي انوکيءَ لَي ۽ پراسرار آفاقي سرن ۾،

ڳائي پيو ڪو ابدي نغمو،

جنهن سان سارين ڪائناتن جون اکيون،

هوريان هوريان،

ننڊ ۾ ٻڏنديون وڃن،

… ها، اهوئي واپسيءَ جو گيت آهي:

”اچ، اندر اچ، ڪيڏي سردي آهي ٻاهر…“

 

اي پياري حسن بانو،

منهنجي احساسن جو عنبر، مُشڪ جذبن جي ۽ يادن جو گلاب،

ساهه سان رکجئين سنڀالي،

۽ هي سڀ قنديل ۽ فانوس ۽ مشعل سدا رکجانءِ روشن،

جئن اسان جي اڄ جي شاهد، هن اڪيلي وڻ کي

اونداهيءَ جا پاڇا گُم نه ڪن!

 

……الوداع

منهنجي پياري حسن بانو، الوداع!

غزل

 

طوفان جي درميان نه ڪنارن جي ڳالهه ڪر،

مون سان نه زندگي جي بهارن جي ڳالهه ڪر.

 

آهن پسند مون کي خزان جون نوازشون،

اي همنشين! نه مون سان بهارن جي ڳالهه ڪر.

 

آئي نه راس مهر و محبت جي زندگي،

ڇا ٿي پيو، تون چنڊ ۽ تارن جي ڳالهه ڪر.

 

اي دوست! مُنهنجي تشنگيءَ ديد کي ته ڏس،

دامن ڪش نگاه، نگارن جي ڳالهه ڪر.

 

مُنهنجي اڳيان گُلن جي وفا جو نه ڪر بيان،

ها، بر سبيل تذڪره خارن جي ڳالهه ڪر.

 

ميخانهء جهان ۾ لٽائي شراب زيست،

اي دوست! زندگيءَ جي بهارن جي ڳالهه ڪر.

(مهراڻ سيارو 1955ع)

 

غزل

ڪٿان ٿي وري آئي، منهنجي نظر،

اڃا مسڪرائي ٿي راهه گذر.

 

انڌيرا مسرت کان جهومن پيا،

ڪٿي قيد آهي، عروس سحر.

 

ڪٿي امتياز بهار و خزان،

چمن ۾ رهيو ناهي ڪو ديده ور.

 

اي مظلوم روحو! مبارڪ هجي!

اجهو ڄاڻ بدلي فضائي دهر.

 

هي دنيا ته تنهنجي هٿن مان وئي،

خدايا جو ڪرڻو اٿيئي، سو ڪر.

 

اڇا هن کي آهي، غرور جفا،

اڃا ترس، اي عشق آشفته سر.

 

شب و روز، ”شمشير“ ڳرندو وڃين،

لڳي وئي زماني جي توکي نظر!

(مهراڻ بهار 1955ع)

نظم

ستي هلندي

گهر ۾ ويهندي

بازارن ۾ گهمندي ڦرندي

پيار جون پياريون پياريون ڳالهيون،

ڪڏهين منهنجي هٿ ۾ پنهنجو هٿڙو ڏيئي

سمنڊ ڪناري ننگين پيرين

ڪڏهين آلي واريءَ تي يڪساهيءَ ڊوڙي ڊوڙي

ڪِري پوين ٿي ۽ مان توکي کڻي وٺان ٿو ڀاڪر پائي

ڪڏهين ڪنهن شهر جي باغيچي جي ٿڌڙي ڇٻراٽي تي ويهي

تنهنجا سونا روپا ٽهڪ ٻڌان ٿو

ڪڏهين شام لڙيءَ جي ويلي ايڪانت ۾ منهنجين ٻانهن ۾ جهولين ٿي

پر توسان هي سڀ ڳالهيون تڏهين ٿينديون آهن.

نظم

تون به انهيءَ جهڙي ئي آهين!

سڌ پڌ ان جهڙي ئي آهين!

شڪل شباهت، قد ۽ قامت،

ساڳي ئي رنگت،

مُرڪ به ساڳي، ٽهڪ به ساڳيا،

نيڻ نهار به بالڪل ساڳي،

ڄڻ ته اهائي ساڳي آهين

پوءِ به ڪيڏو فرق ٻنهي جي وچ ۾ آهي،

هُن ته مون کي سمجهيو ٿي سپنن جو راجا،

۽ تون مون کي انڪل انڪل ڪوٺين ٿي

وقت جي ويڇي ڪيڙو آهي ڪيڏو هي دلچسپ مذاق،

ڪاش تون هُن جهڙي نه هجين ها!

ڪاش تون هُن جهڙي نه هجين ها!

(شمشيرالحيدري جا آخري نظم جيڪي هن انيس انصاري اڪيڊمي پاران ڪرايل، بسنت مشاعري ۾ پڙهيا).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com