پيش لفظ
سنڌ جي تواريخن ۽ تذڪرن ۾ آيو آهي ته، سنڌ ولين،
بزرگن، صوفين ۽ سنتن جي سرزمين آهي. قديم زماني
کان سنڌ صوفين، سنتن، عالمن ۽ بزرگن جي آماجگاهه
رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ ۾ تصوف جي تمام
گهڻي واڌ ويجهه ٿي، جيڪڏهن چئجي ته برصغير ۾ تصوف
سنڌ مان پکڙيو ته، بي جا نه ٿيندو. نه رڳو تصوف پر
ويدانت، جنهن کي ڪي محقق تصوف سان ڳنڍين ٿا، سو پڻ
سنڌ ۾ وڌيو ۽ ويجهيو ۽ اتان ئي برصغير ۾ ڦهليو.
مطلب ته، سنڌ عظيم روايتن جي وارث آهي.
تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، پهرين صدي
هجري ۾ ئي سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا ٿي. اهوئي سبب آهي
سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ ثقافت تي انهيءَ جو نمايان
اثر آهي. تصوف جي بانين جا پيرا به سنڌ ۾ موجود
آهن. سنڌ ۾ تصوف هڪ تحريڪ جي صورت ۾ موجود ملي ٿي،
جنهن وسيلي سنڌ جي ماڻهن جي هر دور ۾ اصلاح ڪئي
ويئي، ڪيترائي بزرگ ٿي گذريا، جيڪي پنهنجي ذات ۾
پنهنجو پاڻ مثال هئا. تصوف جا سڀئي سلسلا، جهڙوڪ:
قادري سلسلو، چشتي سلسلو، نقشبندي سلسلو، قلندري
سلسلو وغيره ۽ انهن مان ڦٽي نڪتل ٻين صوفيانه
سلسلن جون شاخون به سنڌ ۾ ملن ٿيون.
موجوده دور ۾ سنڌ ۾ اهڙا ڪئين ماڻهو موجود آهن،
جيڪي تصوف کي پڙهڻ، پُرجهڻ ۽ پرکڻ جي ڪوشش ۾
سرگردان آهن، پر اسان وٽ تصوف جي موضوع تي لکڻ
وارن جي اڻاٺ آهي. جيڪو ٿورو ڪي گهڻو لکيو وڃي ٿو،
اهو هڪ ته، نه هئڻ جي برابر آهي، ٻيو ته انفرادي
طرح آهي، جڏهن ته تصوف تي گهڻو ڪجهه لکڻ ۽ اجتماعي
طرح ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.
موجوده دور جي محققن ۽ عالمن مان ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي واحد عالم آهي، جنهن تصوف جي موضوع
کي کنيو آهي ۽ نباهيو آهي. ڊاڪٽر صاحب وقت بوقت
تصوف تي مقالا لکندو رهيو آهي يا ائين کڻي چئجي ته
تصوف تي تفصيل سان لکيو آهي. سندس تصوف تي لکيل
مقالن جو وچور هن طرح آهي:
بيدل عليھ (روزاني الوحيد ڪراچي،
1954ع)،
شاهه جو بيدل تي اثر (روح ادب،
1954ع)،
نفس ڪشي (روزانه مهراڻ،
1955ع)،
نبن فقير جيهو (سه ماهي مهراڻ،
1957ع)،
تصوف ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي (مخزن اسلاميه ڪاليج،
سکر
1962ع)،
سيوهڻ (سه ماهي مهراڻ،
1963/4-3ع)،
بيدل جو سنڌي ڪلام (روزاني مهراڻ،
1963ع)،
بيدل جو سنڌي ڪلام (11
قسطون_ هفتيوار آزاد،
1964ع)،
شاهه جي شاعري ۾ روحانيت جو رنگ (روزانه عبرت،
1970ع)،
سُرڪلياڻ جو فلسفو (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1970ع)،
قلندر شهباز جي شاعري (ماهوار نئين زندگي،
1970ع)،
شاهه ڪريم بلڙي واري جي ملفوظات (ٽه ماهي الرحيم،
جون-
1973ع)،
حضرت خواجه محمد سعيد (ٽه ماهي الرحيم، آڪٽوبر-
1974ع)،
سُر سامونڊي جو فلسفلو (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1974ع)،
سُر سهڻي جو فلسفو (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1975ع)،
سُر معذوري جو فلسفو (ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز،
1977ع)،
شاهه جي شعر جو مقصد (ماهوار نئين زندگي، جنوري
1980ع)،
قلندر شهباز جو فيض (1982ع)،
حضرت سلطان اوليا جي شعر جو فڪري جائزو (ماهوار
پيغام، آڪٽوبر
1982ع)،
سنڌ جا سهروردي بزرگ (سه ماهي مهراڻ –
4،
1984ع)،
قلندري مسلڪ ۽ مستيءَ جو مفهوم (سووينيئر- سخي
شهباز قلندر،
1986ع)،
قلندري طريقو ۽ مستي (ماهوار نئين زندگي، مئي-
1986ع)،
چُشتي سلسلو (سه ماهي مهراڻ-
4،
1986ع)،
قلندري طريقو (سه ماهي مهراڻ-3،
1986ع)،
حضرت لال شهباز جا هم عصر سنڌي بزرگ (سووينئير،
دمادم مست قلندر،
1987ع)،
حضرت قلندر شهباز (سه ماهي مهراڻ،
1988ع)،
سنڌ ۾ تصوف (سووينيئر- قلندر شهباز،
1990ع)،
سنڌ ۾ تصوف جي ابتدا ۽ ارتقا: ماهوار پيغام
فيبروري،
1991ع)،
شهباز جو بيدل تي اثر (ڪامل قلندر اطلاعات کاتي جو
ڪتاب) وغيره وغيره.
انهيءَ کان سواءِ هن موضوع تي ڊاڪٽر صاحب جا ڪجهه
ڪتاب به ملن ٿا. جهڙوڪ:
پاڪستان ڪي صوفيانه تحريڪين (اردو)
هي ڪتاب لاهور جي مقبول پبليڪيشن ”سنگ ميل
پبليڪيشنز“ پهريون ڀيرو
1994ع
۾ ڇپايو هو. هن وقت تائين ان جا ڇهه – ست ايڊيشن
ڇپجي چڪا آهن. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي
558
صفحن تي مشتمل ذخيم ڪتاب آهي، جنهن ۾ تصوف جي
تاريخي ارتقا به بيان ڪئي اٿس ته تصوف جا اسرار و
رموز به بيان ڪيا اٿس. انهيءَ سان گڏوگڏ قديم دور
جي دين جي بزرگن جو تذڪرو به آهي. صوفيائي ڪرام
جيڪي نمايان ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، تن جو پڻ
جائزو پيش ڪيو اٿس.
تذڪره شهباز (سنڌيءَ ۾)
هي ڪتاب انهن ڏينهن ۾ ڇپيو، جن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر صاحب
اسلاميه ڪاليج سکر ۾ پروفيسر هو. ڪاليج ۾ به ادبي
سرگرميون جاري رکيائين ته ڪاليج کان ٻاهر دوستن
سان گڏجي ادبي سرگرميون جاري ڪيائين. ڪاليج کان
ٻاهر سکر توڙي لاڙڪاڻي ڌار ڌار سرگرميون جاري
ڪيائين. لاڙڪاڻي ۾ سيد خادم حسين شاهه سان گڏجي
”سنڌي ادبي اڪيڊمي“ قائم ڪري اشاعتي سلسلو جاري
ڪيائين، جنهن تحت ڳچ ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪيائين. سنڌي
ادبي سوسائٽيءَ طرفان ڊسمبر
1964ع
۾ ”تذڪره شهباز“ ڇپايائين. هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي
163
صفحن تي مشتمل هو.
جيئن ته، اسان جي معاشري ۾ قلندر شهباز بابت کوڙ
ساريون اختلافي ۽ ڏند ڪٿائي ڳالهيون موجود آهن،
ڊاڪٽر صاحب جن انهن اختلافي ڳالهين کي سميٽي ۽
سموهي، تحقيق جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيون آهن. هر روايت
کي درايت جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو اٿس. سڀ کان اهم
ڳالهه اها آهي، عقيدت هوندي به ڪٿي به جذبات کان
ڪم نه ورتو اٿس. ڌيرج سان هرهڪ ڳالهه تي مدلل بحث
ڪري پوءِ نتيجا ڪڍيا اٿس. ڪتاب جي منڍ ۾ سيوهڻ جي
تاريخ تي مفصل بحث ڪيو اٿس. انهيءَ پوءِ متن ۾
ڪوبه اهڙو پهلو نه رهايو اٿس، جو چئجي ته هي موضوع
رهجي ويو آهي. قلندر شهباز جي نالي ۽ لقب سان متن
شروع ڪيو اٿس، پوءِ حسب نسب، وطن، ولادت، تعليم،
بيعت، قلندري طريقي جي اوسر ۽ ارتقا، صوفيانه
سلسلا، قلندر شهباز جو سئر سفر، سيوهڻ ۾ اچڻ، سندس
زماني ۾ سنڌ جون سياسي سماجي حالتون، رشد ۽ هدايت
کان ويندي وصال تائين جو احوال تفصيل سان بيان ڪيو
اٿس. انهيءَ کان سواءِ برصغير سنڌ ۾ چئن يارن جو
سفر مشهور آهي، انهيءَ حوالي سان قلندر شهباز ۽ ان
جي يارن سئر سفر جو احوال به آندو اٿس. انهيءَ کان
سواءِ قلندر شهباز جي مزار تي جيڪي ريتون ۽
روايتون آهن جهڙوڪ: نوبت جو وڄڻ، ڌمال، ميلي جي
ڌمال، ميندي وغيره جو تفصيل سان جائزو ورتو اٿس.
انهيءَ کان سواءِ قلندر شهباز سان لاڳاپيل ماڳن
مڪانن تي به روشني وڌي اٿس. اهڙن ماڳن مڪانن مان
لعل باغ، يڪ ٿنڀي، ڪندري نهر ڪنڊو ۽ جنڊ، چلي واري
جاءِ ”دشتِ شهباز“ وغيره جو احوال آڻي جائزو ورتو
اٿس.
هن ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن ٻن بابن جي واڌاري ۽ سڌاري
سان جون
1969ع
۾ ڇپيو. هن ڇاپي ۾ قلندر شهباز جي طالبن ۽ کانئس
مستفيض ٿيل درويشن جي احوالن کان سواءِ سندس عقيدت
۾ چيل شعر جو جائزو ورتو اٿس ۽ آخري باب ۾ حضرت
قلندر شاهباز جي شاعريءَ جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو
وٺي
10
عدد غزل ڏنا اٿس.
جنوري
1995ع
۾ سنڌ جي محڪمه اوقاف کاتي ”سوانح قلندر“ نالي سان
سنڌي ۽ اردو ۾ هي ڪتاب ڇپايو. جنهن بابن جو اضافو
ڪيو ويو، يعني پهريون ڇاپو ٻن بابن تي مشتمل هو،
ٻيو ڇاپو واڌاري سان چئن بابن تي مشتمل هو ۽ اوقاف
کاتي طرفان ڇپايل ڪتاب ڏهن بابن تي مشتمل هو. يعني
هن ڇاپي ۾ گهڻو ئي واڌو مواد شامل ڪيو ويو هو.
هي ڪتاب ڇپيو پر منظرِ عام ڏسڻ ۾ نه آيو، شايد جلد
ئي وڪامجي ويو هو ۽ گهڻي عرصي کان ناياب هو. تنهن
ڪري ضرورت هئي ته هي ڪتاب ٻيهر ڇاپيو وڃي. هن ڪتاب
جي ٻيهر ڇپجڻ جا ٻيا به ڪيترائي ڪارڻ آهن. جهڙوڪ:
(1)
هن ڪتاب جو مطالعو ڪجي ته معلوم ٿئي ٿو ته، اهو
ڇاپو نهايت ئي نافص آهي، ڇاڪاڻ ته منجهس پروفن جون
کوڙ ساريون غلطيون آهن. جن مان ڪي غلطيون ته درگذر
ڪري سگهجن ٿيون، پر ڪري غلطيون اهڙيون به آهن جن
کي ڪنهن به حالت ۾ درگذر ڪري نه ٿو سگهجي. اهڙين
غلطين جي ڪري ڪتاب جي صحت ئي بگڙجي ويئي آهي. هن
ڇاپي ۾ جيڪي اڻ ڳڻيون غلطيون هيون، تن مان ڪجهه هن
طرح آهن.
ص. نمبر |
سٽ نمبر |
غلطي |
درستي |
15
15
15
15
15
16
16
16
17
17
17
18
19
21
22
22
23
23
26
27
29
38
40
44
45
47
49
50
51
52
53
54
56
62
64
65 |
12
12
12
14
17
15
25
25
7
7
حوالو
2
20
6
12
3
19
8
19
1
2
8
16
7
7
9
5
1
3
24
4
15
19
1
18
6
7
14
25
1
11
15
15
6 |
اتمري
قانري
مواهي
سيسم
سسيسم
چئن
تبتع
بارنهن
آبڪاڻيءَ
گذاري
سمس
ڪاسي
خط
ڏئي
ڪي
ڪان
ٻچ
علائي
وتار
سمحندو
غملي
جڏن
جنگ لڳ
به
حمزي
ڪان
لڳ
عربي نعت
ذڪر آهي
رلي
التحڪم
نمبر
بنياد نڪتو
واپارن
زمان
جوعات
ئي ۾
قياريه
مزار
هن
سمجهڻ
نر هنڌالخواطر
علام |
انري
ڪالري
مسواهي
سيم
سيم
چنن
تتبع
ٻارنهن
آبڪلاني
گلزاري
شمس
ڪاڇي
خطبه
ڏسي
کان
کان
بچن
علائقائي
ونار
سمهندو
عملي
جڏهن
جنگ لڳي
نه
حموي
کان
ڀَرِ ۾
عربي لغت
ذڪر رهيل آهي
ريءَ
الحڪم
غير
بنيادي نڪتو
واپاري
زماني
جي شروعات
ئي سنڌ ۾
قصاريه
مزار
هند
سمهڻ
نزهت الخواطر
ڪلام |
هڪ ڊيگهه کان بچڻ لاءِ اتي ئي اقتفا ڪجي ٿي. اهڙي
طرح هر صفحي تي ڪيتريون ئي غلطيون آهن، غلطيون به
اهڙيون آهن، جن سان عبارت جو مفهوم ئي بدلجي وڃجي
ٿو.
(2)
ڪيترن ئي صفحن ۾ ڪيترين جاين تاب عبات جون سٽن جون
سٽون غائب آهن. جيئن صفحي
25
تي ستين سٽ ۾ آهي.
(3)
ڪيترائي سن غلط ڪمپوز ٿيل آهن، انهن ۾ ٻه ٻن ٽن
قسمن جون غلطيون آهن، هڪ اهڙيون غلطيون آهن، جن ۾
سن ابتو لکيل آهي، جيئن:
ٻيو سن گهڻين جاين تي اڳيان يا پويان انگن جو
اضافو ڪيو ويو آهي. جيئن:
161هه-
77-
1778
جڏهن ته منڍ وارو هڪ عدد واڌارو آيو آهي، ڀلا
161
هجري
1778
عيسوي جي برابر ڪيئن ٿيندو. صفحي
56
تي
329هه-
1940ع
آيل آهي، جڏهن ته اهو سن
940ع
آهي. صفحي
78
تي سترهين سٽ ۾
60هه1240=ع
آيو آهي. هجري سن ۾ منڍ وارو انگ کٽل آهي. اصل ۾
اهو سن
660
هجري آهي.
اهڙي نوعيت جا لاتعداد مثال آهن. پر قصو مختصر اهو
ڇاجو ناقص هو، ضرورت هئي ته ڪو درست ايڊيشن مارڪيٽ
۾ اچي، تنهن ڪري روشني پبليڪيشن جي باني محترم علي
نواز گهانگهري جي سرگرميءَ سان هن ڪتاب تي نظرثاني
ڪري ڇپايو ويو آهي. مان اهو ته نه ٿو چوان هن ڇاپي
۾ ڪابه غلطي نه هوندي. ممڪن آهي ته ڪا غلطي رهجي
ويئي هجي، پر پنهنجي طرفان ڪوشش رهي آهي ته ڪا
غلطي نه رهي.
ڌامراها- لاڙڪاڻو
بدر ڌامراهو
29-08-2006
|