آسودو گانگٽ مُڇُو هو ۽ ڳوٺ جي نائيءَ کان ٽڪي ۾
ڏاڙهي ڪوڙائيندو هو، هن جي گوڏ ۽ قميص ۾ ٻه ٻه
چتيون لڳل هيون. جاڙي خان کي تجربي پيار جا اُهي
گُر سيکاريا هئا، جو وسائي ٺري پَئي. آسودو ته
ڪنهن ڏرڙ مان سُرڻي وانگر ويندو هو، جاڙي خان
پنهنجي سُرخي گهوڙي وانگر ٽاپ ٽاپ ٿي ڪئي، ۽ ڪڏهن
اُن جون واڳون ڇڪي ٿي ورتائين. هو سواريءَ جو مڙس ماڻهو هو. جاڙو خان ويو ته
وسائيءَ کي ننڊ جو جهوٽو اچي ويو. هن سپني ۾ ڏٺو
ته کوهه ۾ سندس نٿ ڪري پئي آهي، جاڙو خان ڀرسان
بيٺو، کيس چئي ٿو ته ”مان پراڻو ٽوٻير آهيان، مان
ٿو ٽُٻي ڏئي نٿ ڪڍي اچان.“ هو جڏهن کوهه مان نڪري
ٿو، تڏهن هٿين خالي آهي، ۽ چئيس ٿو تنهنجي ته نٿ
کوهه ۾ گم ٿي وئي، اُها وري نه لڀندي.“ اوچتو هوءَ
ننڊ مان جاڳي اُٿي ۽ آسودي لاءِ ڪڻڪ جي اَٽي مان
ڊڳڙ پچايائين ۽ بچيل تتر جو ٻوڙ به رکيائين ۽ پنهنجي جوئر جي ڍوڍي سان
سرنهن جو ساڳ پچايائين. ٻئي ڏينهن جڏهن جاڙو خان
ساڳيءَ ريت گهوڙي تان لهي اُن کي ٻڌو، ۽ وسائيءَ
وٽ آيو ۽ وڌي اُن کي ٻه مهٽا ڏنائين ته ڄڻ هن جو
ساهه ٿي نڪتو. هن به هٿ سوريا ۽ جاڙي خان سان پيار
ڪيو. پوءِ چيائينس، ”منهنجو مڙس جي اچي وڃي؟“ جاڙي
خان دونالي بندوق ڀري مٿي کان رکي ۽ هڪ ناليءَ ۾
رُجهي ويو. ترت ئي جاڙو خان اُٿي ويو ۽ رڪاب ۾ پير
وجهي گهوڙي تي لانگ ورايائين، دل ۾ سوچيائين ته
”ڇوري ته قدرت منهنجي جهوليءَ ۾ وڌي آهي. مان به
ڪيئي ڏٺيون، گلاب ۽ موتئي جا گُل، هالا جي جنڊيءَ
جهڙا جهوٽا، سانوڻ جي مينهن جيان من موهڻيون،
مورڻيون، پٽ تتريون، پوپٽڙيون، ڇا ڇا اُنهن جا رنگ
روپ هئا! پر هن جي بدن ۾ کيري
پلي جهڙو مزو آهي. جيئن کُنڀيءَ جو ٻوڙ ٿيندو آهي،
گهوڙي جي هني وانگر سوکي آهي، مون جڏهن به هن جون
واڳون ورتيون آهن تڏهن مون کي تيز طوفان وانگر
اُڏاري وئي آهي.“ ائين پندرنهن ڏينهن گذري ويا.
سُرها اُرهه، ڪاريون اکيون، پَٽ جهڙو پيٽ! جاڙو
خان به ماهي مکڻ تي هري ويو هو، ۽ ڍاپي نه ٿي
ڍاپيو.
آسودي کي اوچتو بازار ۾ خبر پئي ته هن جي زال
گلدار ڇيٽ جي سٿڻ قميص وٺي وئي هئي. هن کي شڪ پيو،
سو وڏيري جاڙي خان جي اوطاق تي ويو. جاڙو اوطاق ۾
۽ هن جو گهوڙو ٻاهران ٻڌل ڪونه هو.
۽ هن گهوڙي جي سنب جي ڦوٽ سڃاتي، جو سندس گهر
ڏانهن وڃي رهيو هو. هن کي ڪوڏر ڪلهي تي هئي ۽ تڪڙو
تڪڙو گهر ڏانهن هليو، جتي ڪجهه پنڌ تي هن جاڙي خان
جو سرخو گهوڙو سڃاتو. جاڙي خان ڪوٺيءَ کي اندران
بلٽ ڏئي لٽا ٿي لاٿا، ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. جاڙو خان
۽ وسائي ٻئي ڇرڪي ويا، جاڙي خان بندوق سڌي
ڪئي ۽ درجي اوٽ ۾ ٿي بيٺو ۽ وسائيءَ کي چيائين ته دروازو کولي.
آسودي گهڙڻ سان وسائيءَ کان پڇيو، ”وڏيرو اندر آهي؟“ ايتري ۾ جاڙي خان هن
تي بندوق جا ٻه فائر ڪيا ۽ هُو چاڙهاڪي جي تتر
وانگر ڦهڪو ڏئي ڪريو و۽ گهڙيءَ ۾ هن جي جندڙيءَ
جي
وٽ وسامي وئي. وسائي هن تي ڪري پئي ۽ روئڻ لڳي. هن جا لٽا رتورت
ٿي ويا. ٻنهي هن جي لاش کي جهنگ ۾ گهلي ۽ ڪوڏر سان
زمين کوٽي دفنائي ڇڏيو. پوءِ موٽي جاڙي خان جي چوڻ
تي وسائيءَ لٽا بدلايا. ٻنهي آسودي جي ڪوڏر سان
ڪچي فرش کي کرڙي اُن تان رت مٽائي ڇڏي. جاڙي خان
هن کان گهري چمي ورتي، ڄڻ پورو کوهه پي ويو. جاڙي
خان پوءِ گهوڙي تي چڙهي وسائيءَ کي چيو ”ڳالهه
ڪنهن سان نه ڪجانءِ، مان سڀاڻي توکي حويليءَ ۾
نوڪرياڻي ڪري رکندس.“ وسائي روئي ويٺي ۽ هن جا
ڳوڙها نه ٿي سُڪا.
جهنگ ۾ ڪافي پنڌ تي ڪجهه ڪاٺير بيٺا هئا، جي بندوق
جي ٻن فائرن تي چوڪس ٿي ويا پر هنن سمجهو ته جاڙو
خان شڪار لاءِ ويو هوندو. رات جو گدڙن مٽي کوٽِي ۽
آسودي جو لاش کوٽي ظاهر ڪري ڇڏيو. هڪڙي ڪاٺير اُهو
ڏسي، وڃي ٿاڻي تي ايف. آءِ. آر لکائي، هن اهو به
لکايو ته بندوق جي ٺڪاون کان پوءِ هُن جاڙي خان کي
گهوڙي تي ويندي ڏٺو هو. پوليس وسائيءَ کي ٿاڻي تي
وٺي وئي، ۽ داٻا
دڙڪا ڏئي، هن کان شاهد جي حيثيت ۾ قلم 164 هيٺ
بيان ڏياريائون. بيان ڏيندي هوءَ ڦسي پئي ۽ سڄو سچ
چئي ڏنائين. جاڙي خان کي جڏهن آسودي جي لاش لڀڻ ۽
وسائيءَ جي 164 جي بيان جي خبر پئي، هن وٺي گهوڙو
ڊوڙايو ۽ کينجوءَ ۾ ڏهرن جي سردار ڄام عبدالرزاق
خان جي اوطاق تي اچي لٿو. سردار صاحب اُتي ڪونه
هو، پر هن جي نوڪر هن کي زور ڏنا ۽ بورچيءَ ڪُڪڙ
جو ٻوڙ رڌيو. هو جاڙي خان کي اڳ ئي سڃاڻندا هئا.
جاڙو خان مُڙس لاتَڪُ ۽ لاپرواهه هو. منجهند جي
ماني کائيندي، سوچيائين ته ڪجهه مهر ذات جا ماڻهو
ڀارت مان سملنگ ڪري ننڍا ڦوٽا، ڪارا مرچ ۽ پَنَ
ٻيڙيون اُٺن تي کڻي کينجوءَ مان لگهندا هئا. هُن
سوچيو ته اُنهن کان دڳ پُڇي، سرحد ٽپي ويندس. اُتي
پاڪستان جي پوليس پڄي نه سگهندي. پر هن کي ڏاڍو ٿڪ
هو ۽ ماني کائي لسيءَ جو گلاس پيتائين ۽ ڏوپهريءَ
کان پوءِ هن کي موت جهڙي ننڊ اچي وئي. ايتري ۾
پوليس پيراڍوءَ کان پيرا کڻايا، جي اچي روڊ تي
نڪتا. صوبيدار کي شڪ پيو ته هُو سردار صاحب وٽ
پناهه وٺڻ
ويو هوندو. صوبيدار جيپ ۾ رائيفل بردار پوليس وارا
کنيا ۽ وڃي کينجوءَ پهتو. اليڪشن جو زمانو آهي،
ڏهرن جا ڪيئي ووٽ آهن، سردار صاحب آهي ته اُصول
وارو ماڻهو پر ڪيئن چئجي؟ صوبيدار پيراڍوءَ کي به
کينجوءَ وٺي ويو هو، پر ٿاڻي تي هيڊڪانسٽيبل هو،
جنهن کي سردار جي اوطاق تي وڃڻ جي همت نه ٿي. هن صوبيدار کي چيو ته ”مان گرفتاريءَ جي وارنٽ جي رجسٽر ۾
داخلا رکان ٿو. اوهان پنهنجو ڪم ڪيو، پر جي جاڙو
خان بارڊر ٽپي ويو هوندو ته؟
جاڙي خان ننڊ ۾ خوفناڪ خواب ڏٺو ته آسودو زمين مان
هٿ ٻاهر ڪڍي هن جِي گردن دٻائي رهيو هو. هن جي اک
کلي ته مٿان صوبيدار ڏٺائين. جڏهن هن کي هٿڪڙيون
لڳيون، تڏهن هو نڌڻڪو، اَڌين ۽ دُرٻل لڳو. صوبيدار
هن کي خطرناڪ ماڻهو لڳو. هُن کي ٿاڻي تي ٽيٽڪ
چاڙهيائون ۽ ڏنڊڪي ڪلهي هنيائون ته مڙس جا حوصلا
خطا ٿي ويا. جوابدار خون جي باس ڏني پر عدالت ۾
چيائين ته ”مون سر بچاءَ ۾ خون ڪيو آهي، جي مان
آسودي کي نه ماريان ها، ته آسودو مون کي ماري وجهي
ها.“ وسائيءَ به ساڳي ڳالهه ڪئي ته ”جج صاحب، جي
جاڙو خان آسودي کي بندوق هڻي نه ماري ها ته هو
اسان ٻنهي کي ڪارو ڪري ماري وجهي ها،“ مٿان
وري جج کي هٿ ٻڌي چيائين ته ”منهنجو مڙس ته نالي ۾
آسودو هو پر اسان جي گهر ۾ ڪاريءَ وارا ڪک به نه
هئا. ڪرويليون ۽ چڻن جي دال ۽ سرنهن جوساڳ ڍوڍي
سان کائي کائي ڪڪ ٿي پئي هيس. مون وٽ جاڙو خان
جليبيون ۽ برفي، کجور جا آڌيا، ڏونگهي، مصري ۽ انب
وغيره وٺي ايندو هو. اُنهن کي کائي مان مٺائيءَ جا
دونا، ککڙيون ۽ ٻي ثابتي اڇلائي ڇڏيندي هُيس. ”مان
ڪارنهن لاءِ معافي ٿي
وٺان.“ جج مرڪڻو مڙس هو، اندر جو ڪونئرو ۽ دردوند.
وسائيءَ کي چيائين ته ”مائي تون به ته برفي جهڙي
آهين، تولاءِ ڪوئي به جيل ڪاٽي ٿو سگهي.“ اُن وقت
جنرل ضيا جو حدود آرڊيننس وجود ۾ نه هو. جج جاڙي
خان کي هن جي ۽ وسائيءَ جي بيان
تي
ست سال ٽيپ ڏني. فرياديءَ ۽ جوابدار ٻنهي ڌرين
هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي، اڃا اپيل جو فيصلو نه ٿيو
هو ته وسائي منهنجي آفيس ۾ زار زار روئيندي آئي ۽
چيائين ته ”جاڙو خان جيل ۾ مري ويو. هن کي مُدي جو
تپ ٿي پيو هو.“ پوءِ چيائين ته ”وڪيل صاحب! منهنجي
تقدير ئي اهڙي هئي، مڙس به مري ويو، يار به مري
ويو. ٻئي مون سان ساهه صدقي ڪندا هئا.“
هن ڪيس جي حقيقت ته مون رڪارڊ ۾ پڙهي هئي. اُن جي
پڇاڙي مون پاڻ ائين ڪئي، ڇو جو منهنجيءَ زندگيءَ ۾
ڪيترا اهڙا واقعا ائين ئي پُڳا آهن.
انهيءَ وچ ۾ جمال صديقي ڪراچي ڇڏي آيو ۽ پراڻي سکر
۾ اچي گهر ۽ آفيس ورتي هئائين. هن شيخ خورشيد کي
پارٽنر ڪري کنيو هو، جو اسان جي پاڙي واري عطا
محمد جو هنجي انگريز زال مان پُٽ هو. اُنهن ٻنهي
جي يعقوب نالي ائڊيشنل سيشن جج سان دوستي هوندي
هئي، ٽَئي جم خانا ڪلب جا ميمبر هئا. تن ڏينهن ۾
جم خانا ڪلب جو ميمبر ٿيڻ وڏو اعزاز هو. اُتي
ميمبر سستي اگهه تي فارين وسڪي پيئندا هئا ۽ ڪرسمس
نائيٽ ملهائيندا هئا. اُن رات هو ڪاغذ جا ڊگها ٽوپ
پائيندا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي بهترين فل سوٽ ۾
هوندا هئا. اڌ رات جا ٻارنهن لڳندا هئا ته ”ميري
ڪرسمس!“ چئي، وسڪيءَ جا گلاس اُڀا ڪندا هئا. ڪي
انجنير به هوندا هئا، جي وسڪيءَ جي سڄي بوتل ميز
تي رکي پيئندا به هئا ۽ پياريندا به هئا. جي ڪو
انگريز يا آمريڪي ساڻُ هوندو هون ته ”وَن فار دي
روڊ!“
(One for the road) ٻُڌي ويهي رهندو هو ۽ اهڙيءَ طرح هن کي ساڳيا لفظ چئي،
ٽي چار ڀيرا ويهاريندا هئا. جڏهن هو بيزار ٿي
پوندو هو، ته هنن کان زوريءَ ٻانهن ڇڏائي،
“Thank you”
به نه چوندو هو، ۽ ڪلب مان ٻاهر نڪري ويندو هو.
ڊپٽي ڪمشنر، ايس. پي، ائڊيشنل جج، انجنيئر،
ڊي.ايف.او، سپرنٽنڊنٽ جيل، سول سرجن وغيره ڪلب جا
ميمبر هوندا هئا. جڏهن ڪوئي نئون ميمبر ٿيندو هو،
ته ڪي پراڻا ميمبر پنهنجي ڳرائي ڏيکارڻ لاءِ اُن
کي بليڪ بال(Black
ball)
ڪندا هئا ته اُهو ميمبر نه ٿي سگهندو هو. پهريون
ته وڪيلن کي ميمبر ڪري کڻندائي نه هئا، پر جڏهن
فيروز نانا سکر جو سيشن جج ٿي آيو، تڏهن هن چيو
ته مون کي هاءِ ڪورٽ تي اچڻ لاءِ سڄي عمر لڳي
ويندي، پر هڪ نوجوان وڪيل سڌو هاءِ ڪورٽ کڄي ٿي
سگهيو، سو اوهين وڪيلن لاءِ ڪلب جي ميمبر شپ
کوليو! ڪڏهن ڪڏهن ڪا عورت ڪلب ۾ ايندي هئي ته سڀ
جون اکيون اُن ۾ هونديون هيون. سڀني کان دلچسپ
ميمبر شيخ عباس هو، جو شايد ڪنڌڪوٽ ۾ ننڍو انجنير
هو. هڪ ڀيري هو پنهنجي ايس. ايءَ ۽ ڪجهه
ٻين
آفيسرن سان رمي کيڏي رهيو هو؛ جڏهن ايس. ايءَ
رميءَ ۾ راند کٽي ۽ نوٽ پاڻ ڏي رهڙيا، تڏهن عباس
کي اُردوءَ ۾ مرڪي چيائين ”اڄ تنهنجي اهڙي حجامت
ڪندس جو توکان رمي وسري ويندي.“ عباس کيس جواب ڏنو
ته ”رمي وسري ته ڀلي وسري، پر تو جهڙو ٻيو حجام
مون کي ڪٿي ملندو!“ ايس. ايءَ کي ڪاوڙ لڳي ته هن
جو زيردست ائين هن کي مُنهن ۾ وهائي ٿو
ڪڍي! سو ٻئي ڏينهن تي ٽرانسفر ڪري هن کي خراب
پوسٽنگ ڏيئي ڇڏيائين!
مان گهڻو ڪري ڪائونٽر تي پيئندو هوس. وسڪي يا جِن
مون کي زندگيءَ مان فرار ڏيندا هئا. مون کي وڪالت
جو پيشو ۽ ڪورٽ جو ماحول پسند نه هو. مون آفريڪا
جي شڪار جي باري ۾ هڪ ڪتاب جمخانا جي لائبريريءَ
مان وٺي پڙهيو هو، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته ڪيئن هڪ
هاٿيءَ کي نيزن سان ماري آفريڪا جي ڪنهن شهر،
غالباََ ڪانگو، جي ٻهراڙيءَ جا رهواسي اُن جو سارو گوشت ڪَٽي، تغاريون
ڀري، گهر کڻي ويندا هئا، ۽ فقط هڏا ۽ گوشت ڇڏي
ويندا هئا. پوءِ اُن تي بگهڙ ۽ هاتار اچي مڙندا
هئا، ڪجهه ڳجهون به وڻن تان لهي اينديون هيون.
جڏهن اُهي سڀ پنهنجو پنهنجو حصو کڻندا هئا، ته
ماڪوڙا اچي مڙندا هئا، جيستائين رڳو هڏا وڃي رهندا
هئا. ڪورٽ ۾ به ڪنهن ڪيس ۾ جيڪو ڦاسي ويندو هو، ته
هن سان جج، وڪيل وڙا، منشي مڙا، ڪلارڪ ڪڙا به ساڳي
تعدي ڪندا هئا. جي هن کي هاٿيءَ جيترو گوشت نه
هوندو هو ته هن تي ڪن لاٽار ڪندا هئا. اڪثر غريب
جن کي بصر سان ماني به مس نصيب ٿيندي هئي، چتيون
چتيون گوڏيون پائي، ابي ڏاڏي جي ورثي ۾ آيل ٽي چار
ايڪڙ زمين وڪڻي، پنهنجي لاءِ فوجداري ڪيسن ۾ خرچ
ڪندا هئا. اُهي، چِچ اَپي، پاوَ ۽ اَڪن تي پارو
هوندا هئا. پر مردار خور ته مُئيءَ ٻڪريءَ مان به
نه مُڙندا آهن! خدا ڄاڻي ته اُهي غريب پٽي سٽي،
ڪيئن پورت ڪندا هئا. ڌيءُ، ڀيڻ وڪڻي، ٻني ٻارو
وڪڻي،
اُس ۾ تغاريون کڻي ۽ ٽيڪم هَڻي ۽ پٿرڪُٽي، ڏامر
رجائي، رپيو رپيو ڪٺو ڪندا هئا!
مان اڪثر پيئندي سوچيندو هوس ته ”ياخدا! تو مون کي
سمڪ ۽ سمجهه ڇو نه ڏني ته مان ڊاڪٽر ٿيان ها يا
پروفيسر ٿيان ها!“ پوءِ خمار ۾ يادگيريون وڳر ڪري
ورنديون هيون ۽ من ۾ ائين اينديون هيون جيئن
ڪونجون ڪيٽيءَ تي لهنديون آهن.
هڪ ڀيري مان ڪائونٽر
تي ويٺو هوس ته موسيٰ بامجيءَ جي گواني يارِ ”روز“
ياد اچي رهي هئي. مان ۽ فيڊرل سيڪريٽري مسرت حسين
جو ڀائٽيو عمر عابد زبيري ۽ موسيٰ بامجي ۽ روز
ڪراچيءَ جي ڪافي هائوس ۾ گڏيا هئاسين. ڀُورڙي
”روز“ جيڪا هونءَ ته ڪڻڪ وني هئي پر شايد ڪنهن
ڪونڪني عورت کي ڪنهن پورچوگيز خلاصيءَ مان ڄائي
هئي، ڇو ته هن جو رنگ اڇاڻ ڏانهن مائل هو. هن جو
منهن چنڊ وانگر موڪرو هو، هن جا گهاٽا وار هئا، نڪ
۾ هيري جو ڪوڪو ۽ ڳچيءَ ۾ اميٽيشن نيرو هار پيل
هوس، جو موسيٰ بامجيءَ جوهانسبرگ (سائوٿ آفريڪا)
مان هن لاءِ آندو هو. هو اُتان
جي
ڪارلٽن سينٽر، هائيڊ پارڪ ۽ پريٽوريا اسٽريٽ جو باربار ذڪر ڪندو
هو. منهنجو آغوش روز جي ماسيري بدن لاءِ آتو هوندو
هو.
موسيٰ بامجي ڪراچيءَ هڪ ڀيرو اڳي به آيل هو. ڇو
آيو هو، ڇا لاءِ آيو هو، اها ڪنهن کي خبر نه هئي.
هن جي ڪافي هائوس ۾ عمر عابد سان ملاقات ٿي هئي،
جنهن کي هن وانگر ئي انقلاب جي لغار لڳل هئي.
موسيٰ بامجي ٽراٽسڪائيٽ هو ۽ هن مون کي ٽراٽسڪيءَ
جا سارا ڪتاب، دائمي انقلاب
(Permanent revolution)
سوڌا، ڏنا هئا ۽ چيو هئائين ته ”اسٽالن انقلاب جو
وڏو غدار هو ۽ لينن جي وصيت ڦاڙي ڦٽي ڪئي هئائين،
جنهن ۾ لينن هدايت ڪئي هئي ته هن کانپوءِ
ٽراٽسڪيءَ کي سربراهه ڪيو وڃي.“ هُن کي اُميد هئي
ته ٽراٽسڪائيٽَ ٿوري وقت ۾ روس ۽ يورپ ۾ ڇائنجي
ويندا.
۽ هوءَ ورهاڱي کان اڳ گُوا ۾ ڊوناپاولا جي ڪنهن
هوٽل ۾ ويٽرس هئي، جتي هن کي پورچوگيز دوست هوندا
هئا جي کيس پورچوگيز شراب ”فيني“، جو نيزن ۽ ڪيشو
نَٽس مان ٺاهيو ويندو هو، 3ـــ4 بجي رات تائين
پياريندا هئا، ۽ تريل پامفريٽ مڇيون کارائيندا هئا
۽ پوءِ کيس پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ وٺي ويندا هئا ۽
صبح تائين سُتا پيا هوندا هئا. ائين به نه هو ته
هوءَ هر پورچوگيز سان رات ڪاٽيندي هئي، جي روز کي
ڪنهن جو سڀاءُ ۽ سونهن وڻندي هئي ته خوشيءَ سان هن
سان گڏ ويندي هئي، نه ته انڪار ڪري ڇڏيندي هئي. هن
دولت لاءِ ڪڏهن به جسم فروشي نه ڪئي هئي.
ڊوناپاولا اُتي سمنڊ جو هڪ خوبصورت ساحل آهي، جو
گوا جي گادي ”پڻجيءَ“ جي اولاهين پاسي جي ڇيڙي تي
آهي (جتي آءٌ ڪيئي سال پوءِ ويو به هوس.) هوءَ
چوندي هئي ته ”گُوا جهڙو شهر ساريءَ دنيا ۾ نه
هوندو. اُتي بي اوني، بي اُلڪي حياتي گذاريندا
هئاسين.“ جڏهن هوءَ ان کان اڳ ڪراچيءَ آئي هئي،
تڏهن ڀارت گُوا تي يلغار ڪئي هئي ۽ پورچوگيز مُلڪ
ڇڏي ڀڄي ويا هئا، ۽ هِتي ڪراچيءَ ۾ ئي هِن جي
موسيٰ بامجيءَ سان ملاقات ٿي. مان ڀانيان ٿو ته
موسيٰ هيرا سمگل ڪري پيسو پاڻيءَ وانگر خرچيندو
هو. هن روز کي ڪيئي دلڪش فراڪ، بوٽ، نائلان جا
جوراب ۽ رنگين اسڪارف وٺي ڏنا هئا. ميز تي جيترا
به دوست ويٺا هوندا اُنهن جو بل موسيٰ ڀريندو هو.
موسيٰ هڪ سانولو سلوڻو جوان هو، جنهن جي اکين ۾
سامريءَ جو جادوءَ هو، ۽ روز هن تان گهورَ ويندي
هئي. موسيٰ بامجي خاص ڪري ڪنهن جاءِ جو ذڪر ڪندو
هو، جنهن جو نالو هُو
Organic Village
ڪري وٺندو هو، جتي سندس چواڻيءَ ”هر شيءَ ملندي
هئي، آفريڪن باتيڪ
(Batik)
۽ سبزين کان وٺي جواهرات تائين، هر شيءِ!“ سائوٿ آفريڪا جي ڪيپ
ٽائون ۽ ڊَربن سان هن جو عشق هو. ڪراچيءَ ۾ عمر
عابد هُن جي روز سان ڪافي هائوس ۾ واقفيت ڪرائي
هئي، جا پوءِ موسيٰ بامجيءَ سان ٺهي وئي هئي. روز،
جيئن مون چيو، مون کي ڏاڍي وڻندي هئي.
پوءِ موسيٰ بامجي اوچتو ڪراچي ائين ڇڏي ويو، جو
وري نه موٽيو. شايد هو جوهانسبرگ موٽي ويو هو، ۽
اُتي روڊ ائڪسيڊنٽ ۾ مري ويو. اِهي به شڪ هئا ته
هو سيءَ. آءِ. اي جو ايجنٽ هو ۽ پاڪستان ۾ ڪميونسٽ
تحريڪ تي جاسوسيءَ لاءِ ۽ اُن ۾ ڏُڦيڙ وجهڻ لاءِ
آيو هو. عمر عابد يا ٻئي ڪنهن کي به هن جي ائڊريس
ڪانه هئي. جڏهن روز کي خاطري ٿي ته موسيٰ هن سان
فريب ڪيو آهي، تڏهن هن ڪافي هائوس ۾ مون کي چيو ته
”سڀاڻي ڪافي منهنجي گهر پيئجانءِ.“ مان هُن، موسيٰ
۽ عمر عابد سان دير تائين ڳالهيون ڪندو هوس. موسيٰ
بامجيءَ کي اهو سوادءُ هو ته برصغير ۾ ٽراٽسڪيءَ
جو مارڪسزم ڪئن ڦهلائجي، جتي (اِسٽاليني) ڪميونسٽ
پارٽي ايتري مضبوط هئي، البت سلون ۾ ڪجهه
ٽراٽسڪائيٽَ هئا جن سان
ملي، هو مايوس به ٿيو هو.
موسيٰ بامجي ٻه ڏينهن ڪافي هائوس ۾ نه آيو، ته روز
پريشان ٿيڻ لڳي. موسيٰ جي هڪ دوست مان پتو پيو ته
ٻه ڏينهن اڳ هو رات واريءَ فلائيٽ ۾ سائوٿ آفريڪا
هليو ويو هو. غالبا اُتي هن جو ڪنهن ڇوڪريءَ سان
عشق هو، جو هو روز کي نه ٻڌائيندو هو، پر اسان کي
اشارتاََ
چوندو هو. هو ڪيئن آيو، ڪيڏانهن ويو، خاطريءَ سان
ڪو چئي نه ٿي سگهيو.
مان شام جو روز جي فلئٽ تي پهتس ۽ پاڻ سان کيسي ۾
وسڪيءَ جو ”آڌيو“ کڻي ويس. هوءَ انڪليسيريا هاسپيٽل جي ويجهو
رهندي هئي. هن منهنجي سامهون ڪيڪ به رکيو ۽ ڪافي
به جڏهن اسان ڪافي پيتي، تڏهن هوءَ منهنجي ڪُلهي
تي ڳاٽ رکي، ڍڍڪرا ڏَئي روئڻ لڳي. مون هن کي
شيڪسپيئر جي ڊراما ”ڳالهه مان ڳالهوڙو“
(Much ado about nothing)
مان ڪجهه سٽون ٻُڌايون.
Sigh no more ladies, sigh no more! Men were deceiversever
(ٿڌا ساهه نه ڀريو، خاتو نئو! ٿڌا ساهه نه ڀريو!
مرد هميشه کان فريبي آهن). هوءَ چوڻ لڳي ته ”مون
کي موسيٰ مان اها توقع نه هئي.“ مون کي امريڪن
ناول نويس، ڊراما نگار، شاعره
جرٽروُڊ اسٽين جا لفظ ياد آيا، جي هن کي چئي
ٻڌايم:
“Rose is a rose, is a rose.”
روز روز آهي، روز آهي!“
(گلاب گلاب آهي، گلاب آهي.) هن کي مون چيو، ”موسيٰ
ڪنهن وٽ ائڊريس نه ڇڏي ويو آهي. تنهنجي بهلائڻ
لاءِ مون ڪجهه وسڪي آندي آهي.“ هن فرج مان پنج ڇهه
شامي ڪباب ڪڍي تريا ۽ هڪ ڪباب کائي، وسڪيءَ جو ڏيڍ
پيگ ڪچو پي وئي.
پوءِ وري منهنجي ڪُلهي تي ڳاٽ رکي چيائين، ”تون نه
ٿو ڄاڻين ته مون کي موسيٰ سان ڪيتري محبت هئي!“
پوءِ وري منهنجي ڪلهي تي ڳاٽ رکي سڏڪا ڀرڻ لڳي.
مون هُن جو منهن پاڻ ڏانهن ورائي، چپن تي گهري
چُمي ڏني. هن جون اکيون ٻوٽجي ويون، وسڪي پنهنجو
اثر ڏيکاري رهي هئي. ”بي وفا!مون کي ٻڌائين ته ها
ته مان توسان گڏجي هلان ها!“ هن ڀڻڪيو. پوءِ هن
پنهنجو مٿو منهنجيءَ ڇاتيءَ تي رکي ڇڏيو. ”روز“،
مون سرگوشي ڪئي، ”روز ڪجهه ڌيرج ڌار!“ پوءِ هن کي
ٻي گهري چمي ڏني، ۽ هڪ شامي ڪباب ٻن گلاسن ۾
هڪ
هڪ پيگ ڀريم ۽ سگريٽ دکائي هن کي ڏنم. هن گلاس ۾
ٿورو پاڻي وڌو ۽ هڪ ڳيت سان پي وئي. ”اوهان مرد سڀ
بي وفا آهيو!“ هن مدهوش ٿي چيو، ”تون به مون کي
ائين ڇڏي ويندين، جيئن موسيٰ ڇڏي ويو.“ مان خاموش
رهيس. هن کي ڏاڍي بُک لڳي هئي. هُن تازي ڊبل
روٽيءَ جي هڪ سلائيس سان ٻه شامي ڪباب کاڌا. پوءِ
هڪ سلائيس مون کي ڏنائين. پوءِ منهنجي ڳچيءَ ۾
ٻانهون وجهي چيائين، ”مون سان واعدو ڪر ته تون مون
کي نه ڇڏيندين.“ مون جواب ڏنو ته ”مان توسان اهو
واعدو ڪيان ٿو ته توکي بنان اطلاع جي نه ڇڏيندس.“
مون کي مغربي فيلسوف اسپنوزا جي هڪ چوڻي ياد آئي:
Nature abhors vacuum پوءِ مون باقي وسڪي ٻن گلاسن ۾ وجهي، هر گلاس ۾ ٿورو
پاڻي وڌو، هن جون ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ پيون، ته
هن مون کي چيو ته ”باقي وسڪي مون کي تون پيئار.“
مون گلاس هن جي چپن تي رکيو ته هن کي منهنجيءَ
ڇاتيءَ تي ننڊ اچي وئي. منهنجيءَ وسڪيءَ جو گلاس
هن جي ٽپائيءَ تي رکيو رهيو. باقي رات مون هن جي
فلئٽ تي گذاري. هوءَ موسيٰ بامجيءَ کي وساري چُڪي
هئي. ٻي ڏينهن هوءَ شام جو مون سان ڪافي هائوس ۾
ملي، مون ڄاڻي واڻي عمر عابد ۽ ٻين کان موسيٰ
بامجيءَ لاءِ پُڇيو، پر هنن وڌيڪ ڄاڻ ڏيڻ يا مڃڻ
کان نابري واري. اُن ڏينهن هن چيو، ”اڄ تون منهنجو
مهمان آهين، پوءِ هن ڪئفيٽيريا تان اسڪاچ وسڪيءَ
جي پوري بوتل، چار چڪن تڪا ۽ ٻه نان ورتا. ايئن
اٽڪل مهينو گذريو. مون هن کي چيو ته ”اڄ شام جو
مان ڪافي هائوس نه ايندس. اڄ منهنجي
ٻئي هنڌ ماني آهي.... گڊباءِ“ هن هڪ ترش لهجي ۾
چيو، ”اطلاع لاءِ شُڪريو.“ تجربو وڏو اُستاد آهي
پر ان کان تعليم لاءِ ڳري في ادا ڪرڻي ٿي پوي!“
هاڻي روز قفس مان آزاد ٿي چُڪي
آهي، هوءَ هڪ آزاد پرندو آهي، جنهن ٽاريءَ تي چاهي
تنهن تي ويهي.
ڪائونٽر تي ويٺي ويٺي، مان پنهنجي يادگيريءَ ۾ گم
هوس ته مرحوم سڪندر ڀُٽي جو آواز ٻُڌي، ڇرڪ ڀريم.
هن چيو ٿي ته ”ڇا ٿو ياد ڪرين؟“ هو به ايتريءَ
محويت ۾ هو، جو مون هن کان ساڳيو سوال پڇڻ چاهيو!
ٻارنهن لڳا ۽ ڪلب جو آبدار گهيرٽ کائي رهيو هو.
ڪراچيءَ جي يادگيري آئي، ته مون کي خالد اسحاق جي
هڪ يادگيري آئي، ته هڪ ڀيري هُن چيو ته ”منهنجو
رشتي دار آغا اعجاز هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ درخواست هلائڻ
آيو آهي. اُها ڪافي دلچسپ آهي، اُها ٻڌي اچ. هن
مون کي ڊرائيور سوڌي پنهنجي مرڪيوري ڪار ڏني، جا
اُن زماني ۾ به سترهين لکين ملندي هئي. آغا اعجاز
هڪ عورت مريم پاران رويزن پٽيشن وڌي هئي، جنهن سان
شامل قسم نامي ۾ اُن عورت چيو هو، ”مان جيئري
آهيان ۽ حيدرآباد ضلعي ۾ وڏيري زوراور خان جي ڪوٽ
۾ بند هيس ۽ اُتان ڀڄي آئي آهيان. منهنجي يار حمزي
جتوئيءَ ۽ هن جي مائٽن تي منهنجي پيءُ فرياد وڌي
هئي ته اُنهن مون کي خون ڪري، منهنجو ۽ منهنجي ٻئي
يار جا لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيا آهن. پوليس واردات
جو ڪوڙو مشير نامون ٺاهيو ۽ شايد ڪنهن ڇيلي يا ٻئي
ڪنهن جانور جو رت ڪهاڙين تي لائي، ڪهاڙيون
جوابدارن جي ڪڍ لاتيون هئائون ۽ ڪوڙا مشير نامان
ٺاهيا هئائون ته جوابدارن ڪهاڙيون ديويءَ جي ٻوٽن
مان ڪڍي ڏنيون هيون. پوليس اکين ڏٺا شاهد به ڪوڙا
بيهاريا. ان کان اڳ منهنجا
مائٽ مون کي وڏيري زوراور خان وٽ ڇڏي ويا هئا،
جنهن مون کي پنهنجي ڪوٽ ۾ بند رکيو هو. وڏيري جي
نگاهه مون تي پئي ته هن جي مُڇ ڦڙڪي اُٿي. اڌ رات
جو وڏيري منهنجيءَ ڪوٺڙيءَ ۾ اچي ڪڙڪاءُ ڪيو. ڪڙڪ
موالي هو ۽ راڳڙا ڳائيندو آيو ۽ چيائين ته اڄ اهڙو
ليپ لائي آيو آهيان جو ساري عمر ياد ڪندينءَ ته
ڪنهن مُڙس سان ڪم پيو هو. پوءِ مون کي گهوگهو ڏئي
چيائين ته ”هتي رڙ ڪوبه نه ٻڌندءِ، ٻُڌين ٿي؟ متان
گِهِل ڪرين؟“ |