مون کي منهنجي هندو منشيءَ ڏيوَن ٻڌايو ته پنچايت جي جوان مُکيءَ هن کي اڌ رات تائين پاڻ وٽ رکيو هو ۽ سائڊر
(Cider)
۾ جِن وجهي پيئاريو هئائين ۽ ضمانت جي لک رپئي جي
ڪَسر ڪڍي هئائين ۽ پوءِ صبح واريءَ گاڏيءَ ۾ هن کي
پيءُ ماءُ سان گڏ لاهور موڪليو هئائين، جتان سڀ
ريل ۾ هندستان هلياويا هئا. منشي ڏيون جي ڳالهه
سچي هئي يا اُٺاءُ هو، مان چئي نه ٿو سگهان، باقي
پنچايت
هن کي هندستان ڏياري موڪليو، اِها ڳالهه سچي ٿي
لڳي. وارنٽ تي به پوليس اها رپورٽ ڪئي هئي ته هوءَ
هندستان هلي وئي آهي ۽ ٿاڻي جي حد اندر ناهي. ائين
ساوتري ”اڪبر مغل“ کان کسجي وئي ۽ هو ساوتريءَ کي
ياد ڪري، ٿڌا ساهه ڀريندو رهجي ويو.
عورت ذات جي پرک مشڪل آهي، هوءَ ديوي به آهي ۽
ڏائڻ به آهي، جا مرد جو هانءُ ڪڍي وٺندي آهي، ڪي
عورتون صابرين ٿين ٿيون ۽ ساري عمر راضي بَرضَا
رهنديون آهن. ڪي شائقين ٿينديون آهن، هاڃا هڻنديون
وتنديون آهن. عورت ذات جي نهار مان هن جي جهلڪ
مشڪل ٿي نظر اچي.
ڪڏهن سدا گُلاب جي وَل وانگر ويڙهي ويندي آهي،
ڪڏهن ڪوراڙ وانگر ونگيندي آهي ۽ ڏنگيندي به آهي.
هيءَ ڳالهه منهنجي وڪالت جي دؤر کان اڳ جي آهي،
جڏهن مان ميٺارام هاسٽل ۾ رهندو هوس. پر ڇاڪاڻ جو
ان جو مٿئين موضوع
سان
تسلسل آهي، ته اُها به لکي ٿو ڇڏيان. هڪ ڀيري هُو
بئگ کڻي اچي منهنجي ڪمري ۾ لٿو ۽ چيائين ته ”مائٽ!
ڪجهه وقت تو وٽ رهندس، جيستائين ٻيءَ هاسٽل ۾
بندوبست ڪيان. مان ڀانيان ٿو ته سنڌ مسلم هاسٽل يا
سنڌ مدرسي هاسٽل ۾ جڳهه ملي ويندي.“ رات جي مانيءَ
کان اڳ بيئر تي مان هُن سان ڪچهري ڪري رهيو هوس ته
ڳالهيون ڪندي هن چيو، ”يار، هڪ صلاح ته ڏي! مان
مُنجهي پيو آهيان!“ ”ڳالهه ڇا آهي؟“ مون هن کان
پڇيو. چيائين ته
”گذريل
پندرنهن ڏينهن کان مان سؤٽ وٽ مهمان هوس، جو
اسسٽنٽ مختيارڪار آهي ۽ گانڌي گارڊن کان ڪجهه پنڌ
تي رهندو آهي. مان روز گارڊن ۾ ويندو هوس ۽ سعادت
حسن منٽو جا اُردوءَ ۾ افسانا يا ڪوئي اُردو رسالو
پڙهندو هوس، ۽ طرح طرح جا جانور ڏسندو هوس. ڀولا ۽
ڀوليون لڳ ڪندا هئا يا ٻين جانورن کي وَهُرُ کڻندو
هو ته مون کان پنهنجو ڪتاب بينچ تي وسري ويندو هو
۽ جسم آڪڙجي ويندو هو. هڪ ڀيري ڪتاب پورو ٿي ويو
ته مان سوٽ جي گهر ٿوريءَ دير ۾ موٽي ويس. هُن جي
ڀورڙي زال رنڌڻي ۾ هئي، منهنجي در کڙڪائڻ تي هن در
کوليو ۽ پوءِ اندران بُلٽ ڏئي ڇڏيائين. مون کي
ٺاهوڪي پئنٽ ۾ بُش شرٽ پئي هئي. هن مون کي چتائي
ڏٺو ۽ چيو ته ”اندرئين ڪمري ۾ ويهه ته چُلهه تان
ٻاٽي لاهي اچان ٿي، ته جيئن ٻوڙ سڙي نه وڃي.“ مون
کي اُهو ٻڌي حيرت آئي، ڇو ته مان اڳيئي پنهنجي
ڪمري ۾ وڃي رهيو هوس. اُتي مون ڪپڙا بدلائي، ڊبل
گهوڙي بوسڪيءَ جي سُٿڻ قميص پاتي. ٿوريءَ دير ۾
هوءَ اندر آئي ته پاڻ سان سينٽ جي هُٻڪار کڻي آئي.
مان کٽ تي ويٺو هوس. هوءَ به منهنجي ڀرسان ويهي
رهي ۽ منهنجي ڪُلهي تي هٿ رکي چيائين ته ”هڪ ڳالهه
چوان؟“ ”ڀلي چؤ!“ مون کيس جواب ڏنو. هن چيو ته
”منهنجي وچين ڀيڻ فلاڻي آفيسروٽ آهي. تون منهنجي
ننڍيءَ ڀيڻ جو ماءُ کان سڱ ڇڪاءِ! هوءَ چوڏهين
ورهين جي آهي. تو ته ڏٺي آهي، هوءَ ريٻڙيءَ جهڙي
آهي. مون سان شاديءَ جي تِٿ پوءِ ٻڌي اُٿ!“
تِٿ ٻڌڻ تاريخ طيءِ ڪرڻ کي چوندا آهن ۽ مون کي
معلوم هو ته شڪارپور ۾ اسان جي پاڙي جون زالون
مسلمانڪي هندڪي سنڌي گڏي ڳالهائينديون آهن. مون
ڳالهه لنوائڻ لاءِ مِکر ڪري هُن کان پڇيو ته
”ماڻهو شادي ڇو ڪندا آهن؟“ ”اچي جوان ٿيو آهين.“ هن جواب ۾ چيو، ”توکي اها خبر به نه آهي ته شاديءَ
کان ٻار ٿيندا آهن. گهر آباد ٿيندو آهي. زال مڙس
جي خدمت ڪندي آهي، گهر جي ڇنڊ ڦُوڪ ڪندي آهي ۽
بيماريءَ سيماريءَ ۾ مڙس جي ٽهل ٽڪور ڪندي آهي ۽
رات جي وقت مڙس کي سُک ڏيندي آهي. توکي ڏاج ۾ سوني
دٻلي به ملندي.“ ”ڪهڙو سُک ڏيندي آهي؟“ مون هن کان
جُڙتو بي خبريءَ سان پڇيو. هن چيو ”اها به توکي
خبر نه آهي. تون بالغ ڪڏهن ٿيو هئين؟“ ”مئٽرڪ ۾.“
مون جواب ڏنو. ان تي هن چيو ته ”توکي اڃا تائين
خبر نه آهي ته رات جو زال مڙس ڇا ڪندا آهن!“ مون
معصوميت سان جواب ڏنو ته ”مون کي خبر نه آهي ۽ نه
ڪنهن ٻڌايو آهي.“ هن منهنجي بوسڪيءَ قميص تي هٿ
گهمائيندي، ڪجهه دير سوچي چيو ته ”مان توکي
ڏيکاريان؟“ مون ظاهري معصوميت سان هن کي چيو ته
”ڀلي ڏيکار!“ هن جواب ڏنو ته
”پهريون ته مُڙس زال جو گهونگهٽ هٽائيندو آهي ۽ هن کي ويجهو
آڻيندو آهي.“ پوءِ سرڪي منهنجي ويجهو آئي ۽ منهنجي
ران سان رانَ ملايائين. پوءِ چيائين ته ”ترس ته
مان پڪ ڪري اچان ته در جو بُلٽ اندران ڏنل آهي.“
پوءِ اچي منهنجي آغوش ۾ ويٺي ۽ پنهنجا دندان گيري
حلوي جهڙا چپ مون سان ملايائين. مان ”دندان گيري“
لفظ انهيءَ ڪري ٿو ڪم آڻيان، جو اُن جي شيريني وات
۾ ڪافي وقت رهندي آهي. پوءِ هُن چولو مٿي ڪيو. اُن
کان پوءِ هن منهنجي هٿ کي مٿي ڇڪي پنهنجن قنڌارن
ڏاڙهن تائين آندو. هو تئي تان تازي لٿل اُڦراٽي
وانگر ٿي لڳي. پوءِ هوءَ رقص ڪرڻ لڳي ۽ آخر ۾
تيزيءَ سان چيائين ”دَٻلي، دَٻلي، دٻلي به توکي
ڏاج ۾ ملندي.“ اهو چئي هوءَ سيسراٽ ڀري، کٽ تي پيل
رليءَ تي ليٽي پئي. جڏهن سامت ۾ آئي تڏهن چيائين
ته ”ڏاج ۾ نه رڳو توکي دٻلي ملندي، پر مان به
ملنديسانءِ. مان ته توکان رڳو
ٻه
سال وڏي آهيان، منهنجي ڀيڻ کي ڇُهي ڏسندين ته هوءَ
ريشم وانگر لڳندي.“ اوچتو مون اکيون ٻوٽي، اِن آڇ
تي سوچيو. هُن سمجهيو ته مون کي ننڊ وٺي وئي. رِلي
منهنجي هيٺان ڪڍي، هوءَ رنڌڻي ۾ ماني پچائڻ هلي
وئي. ڪافي وقت کان پوءِ جڏهن هن جو مُڙس آيو، ته
هن ٺهي ٺڪي هن لاءِ ماني ميز تي رکي ۽ وتل چشڪي جي
ڏِک به ڏني ۽ ائين لڳو ته ڄڻ هن جي انتظار ۾ هئي.
اوچتو مون ۾ عورت جي سڀُاءُ کان رُکاڻ پيدا ٿي.
مون کاڌي جي ميز تي پنهنجي سؤٽ کي چيو ته ”سنڌ
مسلم هاسٽل ۾ مون کي خالي ڪمرو ملي ويو آهي، شام
جو مان سامان ٻڌي هاسٽل ويندس.“ مون ڏٺو ته منهنجي
سؤٽ جي زال جو منهن سُراٽجي ويو. منهنجي سؤٽ چيو،
”هي به ته تنهنجو گهر آهي. جيترو وقت چاهين اوترو
وقت رهي سگهين ٿو. هتي فقط مان ۽ مُنهنجي زال رهون
ٿا. گهر ڪُشادو آهي.“ جڏهن مون هُن کي چيو ته
”هاڻي ڪاليج کليا آهن ۽ هاسٽل ڪاليج جي ويجهو آهي.
مون کي سهولت ان ۾ ٿيندي ته هاسٽل ۾ رهان، جا
ڪاليج کان ٿوري پنڌ تي آهي، مان اوهان وٽ هڪو ٻيءَ
ايندو رهندس.“ ”ها ادا ضرور اچجانءِ.“ هن جي زال
بي صبريءَ سان چيو.
هن اِها ڳالهه ٻُڌائي ته مون کي شيڪسپيئر جي هڪ سٽ
ياد آئي، اسان کي ڪاليج ۾ پروفيسر ليڪچر ڏيندي
ٻُڌائي هئي:
“Fraility, thy name is woman.”
(بي وفائي، تنهنجو نالو عورت آهي.)
اِها سٽ ٻُڌي، هڪ هندو ڇوڪريءَ پروفيسر کي چيو هو،
”ڇا اها سٽ شيڪسپيئر جي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ سان به
لاڳو هئي؟ مان چوان:
“Fraility, thy name is man.”
(بي وفائي، تنهنجو نالو مرد آهي.) ته؟“
ڇوڪريءَ کي غصي ۾ ڏسي پروفيسر چيو ته ”اها ڳالهه
به ٿي سگهي ٿي، ته بي وفائي فقط عورت جي ڪمزوري نه
آهي، مرد جي به آهي.“
منهنجي مائٽ وري چيو ته ”تون صلاح ڏي ته مان
دٻليءَ ڏي موٽي وڃان؟ مون کي هن جي ڏاڍي ڇڪ ٿئي
ٿي. مان اهو به چاهيان
ٿو
ته هن جي ننڍيءَ ڀيڻ سان نڪاح ڪيان.“ مون هن کي
چيو ته ”توکي پاڻ فيصلو ڪرڻو آهي. توکي ڪهڙي خبر
ته هن جي ڀيڻ
جي
دٻلي نه کولي وئي آهي يا اڃا تائين سُڪ آهي. شادي
اونده ۾ ٽپو آهي. ممڪن آهي ته ماڻهوءَ کي ڪجهه نه
ٿئي پر اِهو به ممڪن آهي ته هن جي ٽنگ ٽُٽي پئي.
پر جي توکي شادي ڪرڻي آهي ته هاڻي ڪري ڇڏ! ائين نه
ٿئي ته اڳتي ڪوئي هُن جي دٻلي کولي، ڳهه ڳٺا
چورائي وڃي ۽ پرڻي رات ئي توکي پيءُ واري بندوق
استعمال ڪرڻي پوي. ٻئي جي رن جو چور پنهنجي رن جي
چوري ته غلط نه سمجهندو آهي، پر پنهنجي رَن جي
چوري برداشت نه ڪندو آهي.“
ٻئي ڏينهن منهنجي مائٽ چيو ته ”مان گانڌي گارڊن
ڏانهن پنهنجي سؤٽ جي گهر ٿو وڃان. مون سوچيو ته ان
جانورن جي باغ تي ”گانڌي گارڊن“ ڪهڙي بيوقوف
ڪانگريسيءَ نالو رکيو آهي؟ گانڌي برهمچريه جو پالن
ڪندو هو. هتي ته لڳ جي مُند اچي ته سڀ جانور ڇتا
ٿي پون ٿا.
سکر ۾ مون کي جدا جدا نوعيت جا ڪيس مليا، جن جو
رڪارڊ ضايع ٿي ويو آهي، جي ياد آهن اُنهن جي باري
۾ پوءِ لکندس.
سکر ۾ منهنجا سنڌي ادبي دوست رشيد ڀٽي ۽ مقبول
صديقي ۽ شيخ راز هئا. مقبول صديقيءَ سان گڏجي مون
سنڌيءَ ۾ ادبي رسالو ”محفل“ ڪڍيو، جنهن جا ڪجهه
پرچا نڪتا. سکر ۾ سيد شمس الدين شاهه مون کي سنڌي
هفتي وار ”روشني“ جي ايڊيٽرشپ سپرد ڪئي، جا، جيتري
قدر مون کي ياد آهي، آغا بدرالدين دُرانيءَ جي
پريس مان ڇپبي هئي. اُن ۾ سکر ۾ منهنجو لکيل
افسانو ”فيروزان“ ڇپيو، جنهن جو نقل مون وٽ ڪونه
آهي. پوءِ مون سنڌيءَ کي الوداع ڪئي. اُردو شاعر
جي منهنجا دوست ۽ بزرگ هئا، اُنهن مان ڪجهه نالا
آفاق صديقيءَ جي اشاعت ”ريگزار کي موتي“ ۾ ڏنل
آهن. اُهي هئا آفاقي صديقي، حميد عظيم آبادي،
شاهزادو اياز، حڪيم شمس الحسن، حسن حميدي، منظر
ايوبي، صمد رضوي ”ساز“. اسين سڀ همعصر دوست ڪيفِ
ايران ۾ گڏبا هئاسين ۽ هڪٻئي کي اُردو شعر
ٻُڌائيندا هئاسين. ”ريگزار کي موتي“ ڏٺو ويندو ته
نظر ايندو ته مون اُردوءَ ۾ هائڪو پهريون ڀيرو
لکيا هئا. بشير مورياڻي به ڪڏهن ڪڏهن شڪارپور مان
ايندو هو ۽ اُردوءَ ۾ شعر ٻڌائيندو هو. 1951ع ۾ هڪ
مشاعرو ٿيو. جنهن ۾ ”مير“ جي تخلص سان ڪوئي سنڌي
شاعر شڪارپور مان آيو هو. هُن پنهنجو اُردو غزل
ٻُڌايو، جنهن جي هيءَ سٽ ٻڌي سڀئي شاعر روئي ويٺا:
”افسوس چار سال مين دنيا بدل گئي!“
هنن مير کي پنج ڇهه ڀيرا فرمائش ڪئي ته اها سٽ
ٻيهر پڙهي. سياري جي مُند هئي، هنن کي ڪانپوري
ٽوپيون، ڪاريون شيروانيون ۽ پتلونون پيون هيون ۽
هٿ ۾ اڇا رومال جن سان هُو اکيون اُگهي رهيا هئا.
هڪ ڀيري هڪ بيوقوف ڊپٽي ڪمشنر سرحد مان سکر آيو ۽
اُتي مشاعري جو انتطام ڪيائين. مشاعري ۾ سامعين
شاعرن تي فقرا ڪسيا. ان تي هُن کي ڪاوڙ آئي ۽ هن
هڪ فقري ڪسيندڙ کي دڙڪو ڏيندي چيو ته ”اُٿي بيهه!“
هو ڀَو ۾ اُٿي بيٺو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ”هيءَ ڪهڙي
بدتميزي آهي؟ تون وچ ۾ بڪواس ڇو ٿو ڪرين؟“ هن جواب
ڏنو ”صاحب تون غصو ڇو ٿو ڪرين! هيءَ ته مشاعريءَ
جي روايت آهي. اُن ۾ فقرا ڪسيا ويندا آهن.“
اُن تي ڊپٽي ڪمشنر ڏاڍي طيش ۾ اچي ويو ۽ سپاهيءَ
کي چيائين ته ”هن کي مشاعري مان ڪڍي ٻاهر ڦٽي ڪر!“
جڏهن منهنجو وارو آيو ته مون پنهنجو هيٺيون آزاد
نظم پڙهيو:
ميري روح کي راگني سُن رهي هو
پراني سي لي هي پراني سي نغمي
پراني سي مي هي، پراني سي شيشي
جنهين مين چُرا لايا هون ساقيان ازِل سي
اهو نظم ٻڌي، ڊپٽي ڪمشنر ڇسي کِل کليو ته ”هيءَ به
ڪا شاعري آهي!“ مان اسٽيج تان لهي، مشاعري کان
ٻاهر هليو ويس ۽ دل ۾ چيم ته ”گڏهه! تنهجي صدارت ۾
ويهڻ پسند نه ٿو ڪيان.“
ٻئي ڀيري سيد قوت علي شاهه جي گهر دعوت هئي، جو
اُن وقت يا اُن کان ڪجهه وقت پوءِ سکر
ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ هو. هن جو گهر منهنجي
گهر کان ڪجهه پنڌ تي هو، جو مون کي زرينا جي چاچي
شيخ مظهر عليءَ اَلاٽ ڪرائي ڏنو هو. هُو اُن وقت
سکر جو اي. ڊي. ايم هو. مٿي ذڪر ڪيل ڊپٽي ڪمشنر به
آيل هو. سيد قوت علي شاهه جي گهر مانيءَ کان پوءِ
راڳ ٿيو، جنهن ۾ هڪ معصومي سيد (نالو وسري ٿو وڃي)
ڪلاسيڪي راڳ ڳائي پورو ڪيو ته اُن ڊپٽي ڪمشنر کيس
چيو ته ”ڪافي ٿيو. هاڻي رڳو مالڪوس ٻڌاءِ ته
اُٿون!“ معصومي سيد جواب ڏنو ته ”مالڪوس ته ڳائي
پورو ڪيم، هاڻي اُٿو!“ پوءِ پنهنجي هارمونيم کڻي
گهر هليو ويو، جو ساڳئي پاڙي ۾ هو. اُنهيءَ سيد
لکن جي جائداد ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي تربيت تي خرچ
ڪئي هئي ۽ پوري هندستان مان ڪلاسيڪي ڳائڻا سکر
گهرائي اُنهن کان موسيقيءَ جي تعليم وٺندو هو.
اُنهن ڏينهن ۾ مون فقط هيٺيون سنڌي غزل لکيو هو،
جو ”ڀونر ڀري آڪاس“ ۾ ڇپجي چُڪو آهي، اُن جو مطلع
آهي:
هوءَ عشق ومحبت جي دنيا گذري به وئي گذري به وئي،
مان ڪيئن چوان منهنجا پيارا گذري به وئي گذري به
وئي.
پوءِ مان پاڻ کي شاهه لطيف جي اُردو ترجمي ۾ سارو
وقت مصروف رکيو ۽ ڪجهه سامي، سچل، سانگيءَ جي نالي
۾ شعر لکيا، جي پوءِ ٿو لکان. هڪ ڀيري آفاقي
صديقيءَ پڇيو ته ”ڇا واقعي هي ساميءَ جي شعر جو
ترجمو آهي؟“ مون جواب ڏنو ”آفاق، سوڍا ساميءَ جي
آهي، وسڪي منهنجي آهي.“
مون شاهه جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي ڪيو ته سيپٽمبر
1956ع ڌاري فوجي انقلاب جو منصوبو مڪمل ٿي چُڪو
هو. فوج جي ڪمانڊر اِن چيف (پوءِ فيلڊ مارشل) ايوب
خان اُن جي قيادت ڪئي هئي. هو پنهنجيءَ قوم کي فتح
ڪري فيلڊ مارشل آئزنهوور ۽ فيلڊ مارشل منٽگومريءَ
جي قدوقامت وارو ٿي ويو هو. هُن جي ذهن ۾، جو
منصوبو هو، اُن ۾ صدر سڪندر مرزا کي عهدي تي قائم
رکڻ واري تجويز شامل هئي. صدر مرزا ڪئن اقتدار ۾
آيو، اها ڳالهه ڄاڻڻ لاءِ پاڪستان جي اُن دؤر جي
سياست جو مطالعو ضروري آهي ته ڪوئا ڪئن ڪوئامار ۾
ڪُڏي رهيا هئا. مان اهو دؤر تَرڪي وڃان ٿو، ڇو ته
اُن سان منهنجي ادبي زندگيءَ جو ڪوئي واسطو نه
آهي. مون کي اُن دؤر جي سياست تي سوچي اُلٽي ايندي
هئي. مارشل لا لاڳو ڪري، قانون ۾ ڌڙا ڌڙ ترميمون
ڪيون ويون ۽ آرڊيننس تي آرڊيننس جاري ڪيو ويو. سول
حڪومت سوِل محڪمن جي ذريعي ڪاروبار هلائيندي هئي،
پر ماڻهو حيران هئا ته سڪندر مرزا کي ڇو ڇڏيو ويو
آهي! هو به اوتروئي بدعنوان ۽ نااهل هو جيترا ٻيا
هئا. مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان سڪندر مرزا هڪ مشاورتي
ڪائونسل ٺاهي، جنهن ۾ سيڪريٽريٽ جا اعليٰ آفيسر
شامل هئا. آڪٽوبر تي سڪندر مرزا انقلابي حڪومت کي
قومي ڪائونسل ۾ ڦيرايو. مون ڪٿي پڙهيو هو ته سڪندر
مرزا اِها غلطي ڪئي، جو دوستن کي ٻُڌائي ويٺو ته
هو مارشل لا هڪ مهيني ۾ هٽائيندو. ان ڪري 27
آڪٽوبر تي سڪندر مرزا سان هن جي ڪئبينٽ جا ٽي فوجي
ميمبر، ميجر جنرل اعظم خان، جنرل شيخ ۽ جنرل برقي
مليا. اُنهن جي دٻاوَ هيٺ سڪندر مرزا استعفا ڏني ۽
ايوب خان سپريم ڪمانڊر ۽ مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ٿيو
۽ هن جي وزارتي ڪائونسل ٻيهر قسم کنيو. اُن وقت
کان وٺي هن وقت تائين پاڪستان نِتُ نئين بخت آزما
جي تلاش ۾ رهيو آهي. |