سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر-4

باب: --

صفحو :11

”ڏياريءَ جي رات هئي. ٺهي سنبري، لاڄي پنهنجي ڪٽهڙي تي ڏيئا ٻاري، سچي گهِه مان ٺهيل گِيهَرَ ۽ ڏوٺيون وٺي، وڪيل صاحب جي آفيس آئي. مان اُتي ويٺو هوس. لالچيءَ ۾ ڄڻ سنڌ جون سڀ هندو استريون سمايل هيون، ساهه ڏيندڙَ ۽ قربائتيون. هن جي وڃڻ کان پوءِ وڪيل صاحب مون کي سربستي ڳالهه ٻُڌائي. هن کي شڪ هو ته اها ڪُتي بڇائڻ جي حرڪت منهنجي ۽ پرمانند جي سازش هئي. سازش واري ڳالهه ته مون کي دل سان لڳي. سازش ضرور هئي، پر ڪنهن جي؟ ڪيئن چئجي! مون کي لاڄيءَ جي مٿي تي بُنديا ۽ بدن تي ڳاڙهي ساڙهي به نه ٿي وسري.“

”ڪنهن جو ڪنهن سان عشق ڇو ٿو ٿي وڃي؟ ڪيئن چئجي! عشق به شاعريءَ جي ڏات وانگر آهي، جنهن کي خدا ڏئي. عشق پنهنجيءَ جاءِ تي مذهب آهي ۽ هر دين ڌرم کان بالاتر آهي.“ ديوان چيو، ۽ ڪجهه مرڪيو، پر چپ ڀيڪوڙي مُرڪ کائي ويو.

وڪيل صاحب، غوث بخش ۽ ديوان ٽَئي گذاري چُڪا آهن. مون ٻُڌو آهي ته لاڄي وهيءَ کان مُڙي چُڪي آهي، گهر مان ورلي نڪرندي آهي. هوءَ سارو وقت مالها سوريندي آهي ۽ جپ صاحب پڙهندي آهي.

جيئن يادگيري ٿي اچي، تيئن مان اُن درياه ۾ لُڙهندو ٿو وڃان، جنهن ۾ ڪيئي گهاٽ آهن. مان ڪڏهن ڪنهن ڪڏهن ڪنهن گهاٽ تي ترسان ٿو:

مون کي هاڻي هڪ ٻيو واقعو پنهنجي وڪيل دوست رشيد ڀٽيءَ جي باري ۾ ياد ٿو اچي. هڪ ڀيري مان، منهنجو جونيئر غلام مصطفيٰ شاهه جو پوءِ لا سيڪريٽري ٿيو، رشيد ڀٽي ۽ ڪجهه ٻيا وڪيل دوست خيرپور ڀرسان هڪ واهه تي شيل ڪرڻ وياسون. اسان سڀني کي ٽي بوتلون وسڪيءَ جون هيون، ۽ اسان خوب پيتيون هيونسين. اسان جو هڪ دوست صديقي، جو تارُو هو، هڪ  ٽيوب جي وچ ۾ تري رهيو هو، راڳڙا ڳائي رهيو هو، ۽ مون تي چٿر ڪري رهيو هو: ”اڙي واه اڙي واه، پرين تو ته ڏٺو ناهه!“ اُهو ٿورو اڳتي ٿي نڪري ويو ته هن جي ٽيوب کي ٻيا دوست ڇڪي ٿي آيا. ڀٽيءَ درياهه سان کونس نه ٿي ڪئي، ڇو ته هو تارُو نه هو. ٻيءَ ڀر تي ٺيڙهيءَ جي مدرسي جا طالب هئا جن سان ننڍي هوندي ڀٽي گڏ مدرسي ۾ پڙهيو هو. ڀٽيءَ جو پيءُ مولوي عبدالحميد هڪ چلتو پُرزو ماڻهو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن مون کي ڪيس وٺي ڏيندو هو. هونءَ هو هفتي وار ”المنار“ اخبار پنهنجي پريس مان ڪڍندو هو، جا ڀٽيءَ جي گهر ڀرسان، نشاط سئنيما جي سامهون گهٽيءَ ۾، هُئي. هڪ دوست چيو، ”روم جي شهنشاهن وانگر ڀٽي طرح طرح جا عيش ٿو ڪري!“ جنهن تي ٻين دوستن چيس، ڀٽي، ايڏا عيش!“ ڀٽي جيستائين ڪجهه چئي ئي چئي، ڪجهه دوستن، جن تي نشا چڙهي ويا هئا، ڀٽيءَ کي ٽنگا ٽولي ڪري کنيو، ۽ پوءِ ٽنگن ٻانهن کان وٺي، هندوري وانگر لوڏائي، چيو، ”دريا شاهه! ڀٽي پرتو اَٿي!“ ڌڙام ڪري ڀَٽي وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو ۽ هيٺ هليو ويو. ٻيءَ ڀرتان ٺيڙهيءَ وارا طالب رڙيون ڪري رهيا هئا، ”اڙي! هي ٻُڏي ويندو!“ يڪدم اسان جي هڪ دوست کي خيال آيو ته متان هي ٻُڏي وڃي، سو وٺي واهه ۾ ٽپو ڏنائين، ايتري ۾ ٻين به ٽپا ڏنا، پهرئين دوست جا ڀٽيءَ جي وارن ۾ هٿ پئجي ويا، ۽ هُن کي ٻَکَ وجهي ڪنڌيءَ تي آندائون، نه ته کل مان ذَل ٿي پئي ها. ڀٽيءَ کي ٿورو پاڻي پيٽ ۾ پئجي ويو هو، سو هن کي اونڌو سمهاري، هن جي پيٽ مان پاڻي ڪڍيو ويو. ڀٽي ڪجهه بدن ۾ ڳورو هو. نشي ۾ اسان جي هڪ دوست چيو، ”ٻُلهڻ به ٻڏندي آهي ڇا؟“ ڀٽي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سامت ۾ آيو. مون ڀٽيءَ کي ڳراٽي پاتي. هو منهنجو هڪ دوست هو، جو منهنجي عشق جو عيني گواهه هو. جڏهن ڀٽي ذيابيطس ۾ گذاري ويو، ته مون هن جي تڏي تي اوڇنگارون ڏئي رنو هو، ۽ جڏهن مون بس نه ٿي ڪئي ته فتاح ملڪ مون کي صلاح ڏني هئي ته ”اُستاد! تون ڪار تي گهر وَڃ! جنازي نماز ۾ اڃا ٻه ڪلاڪ لڳندا. تون ڏيڍ ٻه ڪلاڪ رکي اچجانءِ.“ رستي تي مون کي ڪنهن جي چوڻي ياد آئي هئي: ”انت اسان سڀ مري وينداسين.“

سيسل روڊس (Cecil Rohdes)  پنهنجي موت کان اڳ چيو هو: “So much to do, so little done.”  (ڪيڏو ڪجهه نه ڪرڻو هو؟ ڪيترو ٿورو ڪري سگهياسين!“

ڪجهه وقت کان پوءِ مون مغربي فيلسوف شوپنهار جي ڪتاب ۾ پڙهيو هو: ”هر دوست جي موت تي جو گهرو دُک ٿئي ٿو، اُهو انهيءَ احساس مان پيدا ٿئي ٿو ته هر شخص ۾ ڪائي اهڙي ڳالهه آهي، جا اظهار کان بعيد آهي ۽ فقط هن ۾ آهي ۽ جا هن جي موت ۾ بلڪل گم ٿي وڃي ٿي ۽ اُن کي موٽائي نه ٿو سگهجي.“ مون ڀٽيءَ جي باري ۾ ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿَڪُ مسافر“ ۾ ڪافي ڪجهه لکيو آهي. تحقيق، انسان ڇا ڇا نه ٿو سوچي ۽ ڪيترو گهٽ حاصل ڪري سگهي ٿو!

مرحوم جسٽس آغا حسن علي ڪنهن وقت هاءِ ڪورٽ جو جج هو. هن جِي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي بهترين وڪيل مرحوم اي. ڪي. بروهيءَ سان طبيعت نه ملندي هئي. هڪ ڀيري جسٽس آغا حسن علي ۽ جسٽس ڪانسٽنٽائين بينچ تي هئا، ته اي. ڪي. بروهي هن وٽ خون جي ڪيس ۾ ڏنل ڦاسيءَ جي خلاف اپيل هلائي رهيو هو. ڪيس جي حقيقت هيٺينءَ ريت هئي:

هڪ شخص گهوڙي تي ٿي ويو ته ڪجهه ماڻهن هن کي ڪهاڙيون هڻي خون ڪيو. ايف. آءِ. آر ٻئي ڏينهن تي شام جو لکائي وئي هئي، جنهن ۾ اهو چيو ويو هو ته ڪجهه شاهدن اهو خون ڏٺو ۽ فوتيءَ جي مائٽن کي واقعي جي باري ۾ اطلاع ڪيو ۽ پوءِ پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي وئي. اي. ڪي. بروهيءَ جو چوڻ ته خون ٿيندي ڪنهن نه ڏٺو هو، ۽ فرياديءَ ۽ شاهدن صلاح مشورو ڪري، دشمنن جي خلاف، اي. آءِ. آر لکائي هئي، ۽ اِن ڪري اُن جي داخلا ۾ دير ٿي هُئي. جسٽس آغا حسن عليءَ هن کي چيو ته ”جي شاهدن فرياديءَ ڌر کي نه ٻڌايو، ته هنن کي خبر ڪيئن پئي ته فوتيءَ جو خون ٿيو آهي؟ ڇو ته هُن جو لاش فرياديءَ جي ڳوٺ کان ڇهه ميل پري پيو هو!“ اِن تي اي. ڪي. بروهيءَ چيو ته ”سوار جي مرڻ کان پوءِ گهوڙو ڳوٺ موٽي آيو هوندو ۽ فرياديءَ وارن فوتيءَ جي تلاش ڪئي هوندي. تلاش ڪندي، هنن کي لاش جو پتو پيو هوندو، ۽ پوءِ هٿرادو گواهه بيهاري، رپورٽ لکائي وئي هوندي.“ اِن تي آغا حسن عليءَ رُکائي سان چيو ته ”اِن لاءِ ڪائي ثابتي آهي ته گهوڙو سوار کان سواءِ ڳوٺ موٽي آيو هو يا اُهو فقط تُنهنجو ڌڪو آهي؟“ ٿوريءَ دير کان پوءِ ٻَئي جج اُتي چيمبر ۾ ويا ۽ اڌ ڪلاڪ کان پوءِ موٽي آيا. مان بروهيءَ مرحوم جي لڳ ويٺو هوس ۽ هن کي چيم ته ”اوهان جو دليل ته ڏاڍو وزنائتو ٿو لڳي، ۽ ايف. آءِ. آر جي دير ۾ فريادي آڏي پڇا ۾ رپورٽ ۾ دير لاءِ پوري سمجهاڻي نه ڏئي سگهيو آهي، ۽ اِنڪري حقيقت جي سچ تي واقعي پاڇاوان ٿا پون.“ جج جڏهن موٽيا، تڏهن هنن اپيل خارج ڪري ڇڏي ۽ سيشن ڪورٽ جي ڏنل سزا بحال رکيائون.

ٻئي ڀيري منهنجي موجودگيءَ ۾ جسٽس آغا بروهيءَ صاحب جون ائنٽي ڪرپشن جي ۽ ٻين ڪيسن ۾ سزا خلاف ڪافي اپيلون ائڊمٽ ئي نه ڪيون هيون.

مان ڀانيان اها غالباََ سال 1953ع جي ڳالهه آهي. مان ۽ آفاق صديقيءَ ۽ ڪجهه سکر جي ٻين اديبن سکر ۾ ادبي ڪانفرنس گهرائي، مجلس استقباليه جو صدر مان هوس. بروهي صاحب اُن وقت پاڪستان جو لامنسٽر هو. منهنجو هن سان دانِشور جي حيثيت ۾ ڪافي رستو هو ۽ هو ٻه ٽي ڀيرا مون کي وڪٽوريا ۾ پنهنجي پهرئين ننڍي گهر وٺي هليو هو، ۽ رات جي ماني کاڌي هئيسين. هو ٿياسافٽ هو. حشوءَ جي فلئٽ ۾ هن جي مائٽ ماڌوءَ جا ڪئي ٿياسافيءَ تي ڪتاب پيا هوندا هئا، اُهي مان به پڙهندو هوس. بروهي صاحب ٿياسافيءَ ۾ دلچسپي وٺندو هو ۽ ٿياسافيڪل هال ۾ ليڪچر به ڏيندو هو. مانيءَ تي اسان ڪَنن ڊايل، ليڊ بيٽر، ائني بيسنت ۽ مئڊم بلئويٽسڪيءَ جي بنيادي ڪتاب ”ڳجهي سکيا“ (Secret Doctrine) تي بحث ڪندا هئاسين. هڪ ڀيري مون بروهي صاحب کان پڇيو ته ”ڇا اهو الزام درست آهي ته مئڊم بلئويٽسڪيءَ کي ”ٿٻيٽ مان خط نه ايندا هئا ۽ هوءَ حاضرين جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي وئي هئي؟“ هُن چيو ته ”مان نه ٿو ڀانيان ته هوءَ فراڊ هئي؟ ٿياسافيءَ جي وڌندڙ مقبوليت ڏسي، اُن جا دشمن ائين ٿا لکن.“ مون هن کان پڇيو ته ”سائين، اوهان ائني بيسنت جو ڪتاب ”فرينچ انقلاب“ پڙهيو آهي؟ مون کي ته اهو ڪتاب ڏاڍو وڻيو؟“

هن چيو ته ”نه، ائني بيسنت کي به تو وانگر سياسي يلغار ته لڳل هئي.“

اي. ڪي. بروهي سنڌ جو صحيح معنيٰ ۾ مفڪر هو، ۽ هو چوندو هو ته ”انسان جو مقصد حيات فقط خودشناسي ۽ خداشناسي آهي.“ هڪ ڀيري مون هن کي ڀٽائيءَ جي سُر مومل راڻي مان هڪ بيت ٻڌايو هو:

ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو چوڏس چٽاڻو،

راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناهه ڪي.

ته هو پنج منٽ ”واه واه“ ڪندو رهيو ۽ مون کان بيت دهرائيندو رهيو هو. پوءِ اُهو پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏيو هئائين. هو انگريزي زبان جو ماهر هو ۽ ڏاڍو حاضر جواب وڪيل هو ۽ ڪوئي جج هن سان تُرشيءَ سان گفتگو ڪندو هو، ته هو به کيس نهايت تيزيءَ ۽ تُرشيءَ سان جواب ڏيندو هو. ڪيترا همعصر وڪيل ۽ جج هن جي ذهانت ۽ انگريزيءَ تي عُبور ڏسي، هُن سان ساڙ ڪندا هئا. مان ڀانيان ٿو ته دمِ آخر تائين هُن جو رحجان ٿياسافيءَ ڏانهن هو.

مون ڳالهه ٿي ڪئي سکر ۾ ادبي ڪانفرنس جي. مون ڪراچيءَ ۾ هن جي گهر فون ڪيو، ۽ جڏهن هُن کي ٻڌايو ويو ته منهنجو فون ڪال آهي ته مون سان فون تي گفتگو ڪيائين. مون هن کي چيو ته ”اسان سکر ۾ آل پاڪستان ادبي ڪانفرنسس ڪئي آهي. سکر اوهان جو پنهنجو ضلعو آهي. مان اوهان کي گذارش ٿو ڪيان ته اوهان ٽئين ڏينهن ان ڪانفرنس تي صدارت ڪري، اسان جي حوصله افزائي ڪيو.“ بروهيءَ پنهنجون مصروفيتون ڏسي، ”هائو“ ڪئي، ۽  چيائين ته ”ڪار ۾ هڪ ڏينهن اڳي آغا بدرالدين جي بنگلي تي پهچي ويندس. مان آغا صاحب کي فون تي چيو ٿو ڇڏيان، تون منجهند جي ماني مون سان کائجانءِ.“

ٻئي ڏينهن تي مون کي خبر پئي ته هو پهچي چُڪو آهي، منهنجي آفيس به ساڳئي روڊ تي هئي، جنهن جي ڇيڙي تي مرحوم آغا بدرالدين دُراني، اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ، جو بنگلو هو. مان ساڍي ٻارهين بجي بروهي صاحب وٽ ويس. اسان ڪانفرنس ۾ هن جي تقرير جي موضوع تي اڌ ڪلاڪ گفتگو ڪئي، پوءِ گڏجي ماني کاڌيسين.

مانيءَ کائيندي، مون کي بروهي صاحب چيو ته ”آغا حسن علي رٽائرمينٽ کان پوءِ پنهنجي سکر واريءَ جاءِ ۾ رهيو پيو آهي ۽ بيمار آهي، شام جو ساڍي پنجين بجي اچجانءِ ته هن وٽ هلنداسين، مون آغا صاحب کي فون تي اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي.“

مان شام جو بروهي صاحب وٽ ويس ۽ هو مون سان آفيشل ڪار ۾ گڏجي آغا حسن عليءَ جي گهر ڏانهن هليو. ڪار تي حڪومت پاڪستان جو جهنڊو ڦڙ ڦرائي رهيو هو، ۽ ڪار به ڪافي وڏي هئي. مان ڀانيان ٿو ته جرمن ڪار مرسڊيز بينز هئي. مون ڊرائيور کي رستو ڏيکاريو، جو منهنجو ڏٺل هو ۽ آغا حسن عليءَ جا ٻئي پُٽ، آغلو خان ۽ آغا امداد محمد، مون سان ساڳيءَ سيشن ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندا هئا. آغلو خان پوءِ ڪراچيءَ ۾ گذاري ويو، ۽ آغا امداد محمد مون کي سکر هاءِ ڪورٽ ۾ ملندو رهندو هو. منهنجي سکر ڇڏڻ کان پوءِ، ڪجهه وڪيلن وانگر هن جو به پتو نه آهي ته هو بقيد حيات آهي يا نه. ڊرائيور ذريعي آغا صاحب کي اطلاع ڪرايائين. پوءِ اسان کي هڪ جاءِ جي هيٺئين حصي ۾ وٺي ويا جتي ڪافي اُداسي ۽ ٻوسٽُ هو. آغا صاحب نٻل ٿي ويو هو ۽ بدن ۾ ڏاڍو لهي ويو هو. هو بروهي صاحب سان ائين مليو جيئن پورس سڪندر سان مليو هو. پر بروهيءَ هن جي پيرن تي هٿ رکي چيو ته ”مون کي سکر ۾ اياز صدارت لاءِ گهرايو آهي، مون چاهيو ته سکر آيو آهيان ته اوهان سان به ملان ۽ اوهان کي عرض ڪيان ته اوهان بزرگ آهيو، مون کي دعا ڪريو.“ جاءِ ۾ پراڻيءَ طرز جو پڪين سِرن جو فرش هو، ۽ ڪجهه ڪُرسيون پيون هيون، مون آغا صاحب جي مُنهن تي حيرت جو ردعمل ڏٺو ۽ بروهيءَ کي چيائين ته ”جيڪڏهن تون واقعي دعا لاءِ آيو آهين، ته مان توکي دعا ٿو ڪريان ته تون سَرئون سَر هوندين ۽ اڳي کان به اڳرو هوندين، ۽ ڪنهن وقت وزيراعظم ٿيندين.“ ان تي بروهيءَ کيس چيو ته ”وزيراعظم جو عهدو مون لاءِ معنيٰ نه ٿو رکي. اوهان مون کي چڱيءَ ۽ درازيءَ عمر لاءِ دعا ڪيو.“ ان تي آغا حسن علي مُرڪيو ۽ هن جي مُرڪ مان طنز ظاهر هئي. پر بروهي صاحب کي چيائين، ”مان خدا جي درگاهه ۾ تو لاءِ اُها به دعا گهران ٿو.“ آغا صاحب وٽ مون ٻه ٽي ڪيس هلايا هئا ۽ هن کي شڪ هو ته هن مون کي هاءِ ڪورٽ ۾ ڏٺو آهي. منهنجو نالو پُڇي مون کي چيائين، ”پُٽ، مان توکي دعا ٿو ڪيان ته تون به منسٽر ٿيندين.“ مون دل ۾ چيو ته ”آغا صاحب! منسٽري ته اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، خدا مون کي پنهنجي شاعري بخشي ڏئي. تون ۽ بروهي صاحب شايد اها ڳالهه ايتري اهم نه سمجهو.“

اسان هن کان موڪلائي واپس موٽياسين. مون دل ۾ چيو ته بروهي هڪ فيلسوف آهي، جنهن اهڙا لفظ آغا صاحب کي چيا، نه ته ٻيو هجي ها ته پنهنجي وزيراعظم ٿيڻ جي باري ۾ ٻڌي، ٽيڳرجي وڃي ها. گهڻي اڪثريت ڳهيلي هئي ۽ مَت هيڻ، ۽ ٺٺ ٺانگر ۽ هاڪڌاڪ تي واري ويندي آهي. هو پنهنجي هر ڪار کي ڪارنامو سمجهندا آهن، ٿوري کيپ کٽي کيپ ۾ اچي ويندا آهن. مون کي يوناني فيلسوف ديوجانس (Diogenes)  ياد آيو، جو پنهجي ڳچيءَ ۾ هڪ وڏو پِيپ وجهي گهمندو هو ۽ جتي ويهندو هو ته اُن پيپ ۾ ويهي رهندو هو. هڪ ڀيري هو ائين ويٺو هو ته سڪندر اعظم هن کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ آيو. هن چيو، ”ديوجانس! مان سڪندر اعظم آهيان.“ ديوجانس جواب ڏنس، ”سڪندر! مان فيلسوف اعظم آهيان.“ سڪندر چيس، ”مان تولاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ ”ڪجهه به نه.“ ديوجانس جواب ڏنس، ”فقط هي ته منهنجي ۽ سج جي وچ تان هٽي وڃ!“ جڏهن آغا بدرالدين جي بنگلي جي مٿينءَ ماڙ تي ٺهيل شايانِ شان مهمان خاني ۾ پهتا هئاسين، ته آغا صاحب ڪافي دير اڳ ڳڙهي ياسين مان هن جي آدر ڀاءَ لاءِ پهتو هو. ڳالهين ڪندي هن آغا صاحب جي دعا جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته اقتدار ماڻهوءَ جو مٿو وڃي وٺي ٿو ۽ هو ائين ٿو سمجهي ته مان عرش تي آهيان. پر جڏهن ڪُرسيءَ تان لهي ٿو ته فرش تي جاءِ به هن کي مشڪل ملي ٿي. انسان پنهنجي ٽانءِ ڦُونءِ ۾ ڪيڏا نه ٽرڙا ۽ ٻٽاڪي ٿي وڃن ٿا، ۽ڪيڏا نه خوش پَڏڻا ۽ اَڀماني!“ اها ڳالهه ٻڌي، آغا بدرالدين جو منهن وَن وَن ٿيڻ لڳو، جو ڳڙهي ياسين جو زبردست زميندار هو، ۽ بروهي صاحب جو والدُ بزرگوار ڳڙهي ياسين جي غريب عوام ۾ پنهنجي قانون دانيءَ ۾ مشهور هوندو هو، ۽ اُهي اچي هن سان مشورو ڪندا هئا، ۽ کانئس درخواستون لکرائيندا هئا. بروهيءَ کي اُن تي فخر هو ته هن جو ڪجهه به حاصل ڪيو آهي پنهنجيءَ محنت ۽ پنهنجي دماغ سان حاصل ڪيو آهي.

غالباََ ميجر جنرل اڪبر جي ڀائٽئي (نالو وسري ٿو وڃي) جو ناول Faces of love and Death  جنهن جي سرورق تي سمرسيٽ مام جا اُن جي باري ۾ ساراهه ۾ لفظ لکيل هئا، اُن جي مرڪزي ڪردار جي ڪجهه مماثلت بروهي صاحب سان هئي، پر اهو ناول مون دير سان پڙهيو هو.

آغا حسن علي سکر ۾ گذاري ويو. هن جو وڏو پُٽ آغلو خان ڪراچيءَ لڏي ويو هو، جتي گذاري ويو. هن جو ننڍو پٽ آغا امداد حسين، جو عدليه ۾ ويو، وڃي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو. هن اُتي عبدالحميد جتوئيءَ جي ضمانت کنئي، جنهن کي ڀٽي صاحب جي حڪومت ۾ نظربند ڪيو ويو هو. اُن کان پوءِ آغا امداد سسپينڊ ٿيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾، هڪ موقعي تي، ڀُٽو صاحب سکر سرڪٽ هائوس ۾ لٿل هو. مون کي دعوت نامون مليو ته هن سان ملان. اُتي جيڪي منتظم هئا، اُنهن منهنجي ويهڻ لاءِ مير رسول بخش جي ڀرسان ڪُرسي وڌي. اُن کان اڳ ۾ مان سرڪٽ هائوس ۾ پير وجهان، مون ڏٺو ته هو ڪُجهه ماڻهن سان ڳالهائي رهيو هو، تنهن مون کي ڏسي چيو، ”اياز دعا ڪر ته هِن ڪوُفي مان نڪران!“ مون ڏٺو ته هڪ سيءَ. آءِ. ڊيءَ جو انسپيڪٽر سرڪٽ هائوس ۾ گهڙيو. مان اندر ويس ته ڏٺم ته هو ايس. پي، سي. آءِ. ڊيءَ، سان ڪجهه ڪن ۾ ڳالهائي رهيو هو. مون ايس. پيءَ کي سڃاتو، جو سکر جمخانا ڪلب جو ميمبر هو. منهنجي ڀرسان آغا امداد ويٺو هو، مون هن کان پڇيو ته ”اوهين هِتي ڪيئن؟“ جواب ڏنائين ته ”قسم به حڪومت کڻايو هو ته ايمانداريءَ سان هر فيصلو ڪجانءِ. مون عبدالحميد جتوئي سواءِ ڪنهن لب لالچ تي ضمانت تي ڇڏيو ته مون کي سسپينڊ ڪيائون. مان ڀٽي صاحب کي چوڻ آيو آهيان ته هي ڪهڙو انصاف آهي ۽ منهنجي خلاف آرڊر واپس ورتا وڃن.“ مون ڏٺو ته ايس. پي، سي. آءِ. ڊي سهي وانگر ڪن کڙا ڪري هن کي ٻُڌي رهيو هو. ٻه منٽ رکي، هو اُٿي ويو ۽ ٿوريءَ دير ۾ موٽي آيو. ايتري ۾ وزيراعظم جو اي. ڊي. سي آيو ۽ آغا امداد کي چيائين ته ”ڀُٽي صاحب اوهان جو انٽرويو رد ڪري ڇڏيو آهي، اوهان ٻئي ماڻهوءَ لاءِ ڪُرسي خالي ڪيو.“ ۽ ٻاهر وڃي مير رسول بخش کي چيائين ته ”ڀٽي صاحب اوهان جي گورنري ختم ڪري ڇڏي. اوهين سرڪٽ هائوس مان وڃي سگهو ٿا.“ بقول مير صاحب، ڀٽي صاحب ”ڪوفي جا دروازا“ هن تي بند ڪري ڇڏيا. مير صاحب لاءِ ڪوئي ڪوفي ۾ جُوفو هو يانه، اِهو خدا کي خبر!

هاڻي ته پنهنجي ڪاليج واري زماني جي يار محمود علي شاهه بُخاريءَ جي يادگيري ٿي اچي. هو سيشن جج ٿي رٽائر ٿيو هو، بدن ڳورو،  مُنهن جو گورو، بدن جو سَٻرو، چڱي ٺاٺ وارو مُڙس هو. جڏهن مان وائيس چانسلر هوس، تڏهن هن پنهنجي نياڻيءَ کي نفسيات جي شعبي ۾ نوڪريءَ لاءِ موڪليو هو. لاهه نه پاهه ڌيءَ پيءُ تي وَئي هئي. مون هن کي چيو ته ”جي مان آرڊر ڪري پوءِ سنڊيڪيٽ مان منظوري ٿو وٺان، ته يونيورسٽيءَ جا اُستاد گوڙ ٿا ڪن. تون مون کي درخواست ڏئي وڃ، ته مان توکي سنڊيڪيٽ مان منظور ڪرائي ٿو ڏيان.“ سنڊيڪيٽ جي ميٽنگ کان اڳ جنرل ضياءَ منهنجو ٽرم پورو ڪري ڇڏيو. مون آزاديءَ ۾ سُک جو ساهه کنيو. زرينا کي وي. سي. هائوس جهڙو ماحول ڇڏيندي، اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. مون ڌرتيءَ تي لت هڻي چيوته”تو مان منهنجي پچر خدا ڇڏائي ۽ منهنجا نِيرَٽوڙي ڇڏيائين.“ اُن ڏينهن ڊاڪٽر مهڪري منهنجي ٻاهرين روم ۾ مون سان ماني کائي رهيو هو ۽ يوناني فيثا غورث (Pythagoras) جو انگريزي ڪتاب Theory  of  numbers هُن جي هٿ ۾ هو، ڊاڪٽر چيو ته ”دل ۾ جي ٽي انگ اچنئي، سي مون کي يڪدم ٻُڌاءِ ته مان توکي تنهنجو مستقبل ٻڌايان.“ مون چيو ته ”ٽي ٽي ٽي (333).“ هن اهي جوڙ ڪري نوَ (9) تعداد تي ڪتاب کوليو، جنهن ۾ لکيل هو ته ”تون گهٻراءِ نه، تنهنجو مستقبل هاڻي کان تمام چڱو ٿيندو ۽ توکي وڌيڪ دولت ۽ شهرت ملندي ۽ تون پنهنجو مقصد حيات توڙ تائين پنهنجي منطقي نتيجي تي پهچائي سگهندين.“ مون هن کي چيو ته ڪيئن به ٿئي، هڪ ڳالهه يقيني آهي ته مان توکي ڏاڍو ياد ڪندس. تو جهڙو تيز ذهين ۽ وسيع مطالعي وارو بزرگ مون کي اڃا تائين نه مليو. جڏهن هو ويو ٿي ته مون مالهيءَ کي چيو ته ”وڏي پڃري مان ٻه مور ڪڍي ڊاڪٽر صاحب سان منهنجي ڪار ۾ وڃي بس تي ڇڏي آءُ!“

ڊاڪٽر مهڪري گهڻو پوءِ مظهر يوسف سان گڏجي ڪراچيءَ ۾ منهنجي فليٽ تي آيو ۽ پاڻ ڪار ۾ هيٺ ويهي رهيو هو. مظهر يوسف کي مٿي منهنجي طبيعت پڇڻ لاءِ موڪليو هئائين. مظهر يوسف چيو ته ”ڊاڪٽر کي سنڌن ۾ سور آهي.“ مان ويجهو هارٽ اٽئڪمان اُٿيو هوس ۽ منهنجي چُر پُر تي بندش هئي، مون مظهر يوسف کي چيو ته ”به آن گروه که از ساغرِ وفا مست اند

                     زما سلام رسانيد هر کجاهستند!“

(اُنهيءَ ٽولي کي جي وفا جي ساغر سان مست آهن، اسان جا سلام پهچايو، جتي به آهن.)

ڊاڪٽر مهڪري 82ورهين جي عمر ۾ گذاري ويو ۽ مان مسلسل بيمار هوس، ان ڪري هن وٽ وڃڻ جي حسرت رهجي وئي. مان ڏاڍو ڳوليو پر مون کي اهو فيثا غورث جو ڪتاب نئون يا اڌوراڻو نه ملي سگهيو، جيڪو مون کي مهڪريءَ پڙهي ٻڌايو. اُن جو هر لفظ صحيح نڪتو هو.

مون ڳالهه ٿي ڪئي محمود علي شاهه بخاريءَ جي. منهنجي ڪراچيءَ ۾ رهائش کان پوءِ محمود عليءَ جي ڌيءَ جو خط پهتو ته ”بابو گذاري ويو آهي، خط اوهان جي اطلاع لاءِ ٿو لکجي.“ مون حيدرآباد ۾ هن جو گهر نه ڏٺو هو، جو اُتي فاتحه لاءِ وڃان ها، نه وري بيماريءَ کان پوءِ مان حيدرآباد وڃي سگهيو آهيان.

هڪ رات مان ۽ محمود علي شاهه بخاري رات جو لاڙڪاڻي واهه جي ڪَڙ وٽ ڏاڪڻ تان هيٺ لهي، سائيءَ ڇٻرتي، بيرُ پي رهئاسين ۽ ڇهه بوتلون بير جون پيتيون هيوسين. واهه جي جهَڪين لهرين ۾ چنڊُ لُڙهي رهيو هو. نه معلوم مون کي پاڻيءَ ۾ چنڊ ڏسي، الاجي خودڪشيءَ جو خيال ايندو آهي. مون بخاريءَ کي چيو ته ”ڏاڪڻ تان يڪدم چڙهه! ائين نه ٿئي مان پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيان.“ هو منهنجي ڪيفيت ڏسي مٿي چڙهيو. مون هُن جي اها دعوت ان ڪري ڪئي هئي جو هن کي سب جج مقرر ڪيو هئائون ۽ هو سکر کي الوداع ڪري رهيو هو. مٿي پهچي هن منهنجو توجهه هٽائڻ چاهيو ۽ چيائين ته”ممڪن آهي ته ٻئي ڀيري جڏهن تون مان هتي ملون ته مان سنڌ جو چيف جج هجان ۽ تون سنڌ جو چيف منسٽر هجين!“ مون جواب ۾ چيومانس ته ”اهو به ممڪن آهي ته تون اغوا جي ڪيس ۾ ضامن تي ڇٽي آيو هجين ۽ مان آپگهات جي ناڪام ڪوشش ۾ ٽيپ کائي آيو هجان!“ هن وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ هن جو خمار بير جي خالي بوتل وانگر ٽٽي ويو، جا هُن باقي رهيل بيرُ پي اُڇلائي هئي، ته پٿرن جي بند سان ٽڪرائجي ٽُڪرا ٽُڪرا ٿي وئي هئي. چنڊُ پاڻيءَ ۾  ڄڻ اسان تي کلي رهيو هو. اتفاق سان اسان پوءِ زندگيءَ۾ فقط هڪ ڀيرو ملياسين ۽ هڪ رنگين رات گڏ گذاريسين ۽ اسان سان هڪ چنڊُ نه، ٻه ساڻ هئا. پوءِ هن جي موت تائين منهنجي هُن سان ملاقات نه ٿي. محمود علي شاهه مون سان متفق هو ته موت جو مؤثر دفاعُ فقط عشق آهي، پوءِ اهو مجازي هجي يا حقيقي. مان ته ڀانيان ٿو ته موت سان ڪنهن به منزل تي پهچ نه آهي. گاڏيءَ جو گيئر جيئن بدلائبو آهي، ائين هن دُور دراز ۽ وروڪڙسفر ۾ زندگيءَ جو گيئر به باربار بدلجندو ئي رهي ٿو.

  اهو لکي مان وشنو ديش پانڊي جو ڪيسٽ تي گيت ”ناجا پِي پرديس...!“ هلائي ننڊ ڪيان ٿو.

شڪارپور ۾ محمود علي شاهه بخاريءَ سان گڏ ممتاز جعفري به سي. اينڊ.ايس ڪاليج ۾ پڙهندو هو، ٻئي ساڳيءَ هاسٽل ۾ رهندا هئا، جنهن جو ذڪر مان ڀاڱي ٽئين ۾ ڪري آيو آهيان. عبد الحميد ابڙي جي ممتاز سان دوستي هئي ۽ هُن کي ڪراچيءَ ۾ ممتاز جي رهائش جو پتو هو. پهرين ممتاز لاڙڪاڻي ۾ رهندو هو ۽ رائيس ڪئنال ڀرسان عمدو بنگلو ٺهرايو هئائين. پوءِ پنهجي ڪرستان زال جي اصرار تي ڪراچيءَ لڏي آيو ۽ هتي مستقل رهائش اختيار ڪيائين. هڪ ڀيري عبدالحميد ابڙي سان گڏجي مان هن جي جاءِ تي ويو هوس. هن خُلق سان آدر ڀاءُ ڪيو ۽ چاءِ پيئاري. ممتاز اٽڪل 80 سالن جو ٿي چڪو هو. هن کي ڏسي، مون کي لارڊبائرن جو قول ياد آيو ته ”مرد لاءِ عشق سندس زندگيءَ ۾ هڪ الڳ شيءِ آهي. پر هڪ عورت لاءِ عشق هن جو سڄو وجود آهي.“ ممتاز ڏاڍو لاغر ٿي چُڪو هو ۽ مان ڀانيان ٿو ته هن جي زال هن جو ڏاڍو خيال رکندي هوندي ۽ هن کي زنده رکيون ٿي آئي. مون ممتاز سان پنهنجي يادگيرين جا تفصيلي نوٽ ورتا، گهر اچي اُهي ڪنهن نوٽ بُڪ تي اُتاري ڇڏيا. پر اُهو نوٽ بڪ ڍير ڪتابن ۾ ملي ويو آهي ۽ نٿو لڀي. هو لاڙڪاڻي جي مشهور شاعر نواز ”علي نياز“ جو فرزند ارجمند آهي، پر هن جي شاعريءَ ۾ ڪائي خاص دلچسپي نه آهي. مون کان ڪوئي پڇندو آهي ته ”تنهنجي اولاد ۾ ڪوئي شاعر آهي.“ ته مان هن کي جواب ڏيندو آهيان ته ”مان ستن پيڙهين لاءِ شاعري ڪري ٿو وڃان ۽ وصيت ڪري ٿو وڃان ته منهنجي خاندان ۾ مون کان پوءِ ڪوئي شاعر نه ٿئي ۽ مون وانگر زندگيءَ جي صليب ٻيهر نه گِهِلي. ٻنيءَ کي هر ڏَئي، اُن کي ڦُلاري ڦُولاري ته اِهو قلم جي تخليق کان بهتر آهي.“ ممتاز گفتگو ڪندي، ڪيئي واقعا ٻڌايا، جڏهن موت کان تِرَ تان بچي ويو هو. جوانيءَ ۾ هڪ ڀيري کپر نانگ هن جي پير لڳ گيسرندو نڪري ويو. هو جڏهن ننڍو هو، ته لاڙڪاڻي جي سيئو بازار ۾ هڪ گهوڙي گاڏِي هن کي چيٿاڙيندي نڪري وَئي. مان هن سان متفق آهيان ته وقت مقرر کان ڪوئي بچي نه ٿو سگهي ۽ اُن کان اڳ ۾ ڪوئي مَري نه ٿو سگهي. مون ڪنهن جو قول پڙهيو هو ته ”موت جوانن ڏانهن اچي ٿو، ۽ پوڙها موت ڏانهن وڃن ٿا.“ ڪنهن جو پنڌ ڪڏهن ٿو کُٽي، اُهو تقدير اڳيئي طي ڪري ڇڏيو آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي جنهن لاءِ ٻوڌي پتسڪ ”ڌمپد“ ۾ تشبيهه ڏني وئي آهي ته ”مڇيءَ کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڌرتيءَ تي ڦٽو ڪبو آهي ته لُڇندي آهي، تيئن ماڻهوءَ جو مَنُ موت جي چنبي مان بچڻ لاءِ ڏاڍا مٿا مونا هڻي ٿو ۽ لوڇَ ڪري ٿو.“ اِها ڳالهه صحيح آهي، جيئن انجيل ۾ آيو آهي، ته ”ماڻهوءَ جي پنبڻين تي موت جا پاڇاوان آهن.“ اِن ڪري زندگيءَ جو هر پل پيارو آهي. جيئن گلاب جو گُل هوندو آهي جڏهن اُهو ڇڻي وڃي ٿو. مون ممتاز کي چيو ته ”اسين ايترو جوان نه رهيا آهيون، جو هام هڻي سگهون ته اسين سڀڪجهه ڄاڻون ٿا، پوڙهاپي اسان کي پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ جي ڄاڻ ڏياري آهي. انسان ڇو مُکڙيءَ مان گُل ٿي ڇڻي وڃي ٿو، اِها هڪ ڳجهارت آهي. جنهن جِي ڀڃڻي ڪهن وٽ نه آهي. مون کي عربي شاعر ابوالعليٰ معريءَ جو هڪ شعر ياد اچي ٿو ته ”نه منهنجي پيدائش منهنجي هٿ ۾ آهي، نه ٻُڍايو، نه وهي، ڇا، اُن کان پوءِ منهنجي وس ۾ڪائي ڳالهه آهي؟“

اسين ممتاز سان ڪچهري ڪري موٽياسين، ته رستي تي هڪ هوٽل ۾ عبدالحميد ابڙي اسان کي نانَ سان ٻاڦ تي پڪل چوزو ۽ ڪجهه ٻيو کاڌو کارايو. موت تي ڳالهه ٻولهه کان پوءِ کاڌي ۾ ڪيتري نه لذت ٿي لڳي!

هاڻي وقفو ڪيان ٿو ۽ ٻاهر جو ڪجهه سير سپاٽو ڪري ٿو اچان.

شاهه محمد پيرزادو ستار پيرزادي جو مائٽ آهي، منهنجي شاعريءَ جي انتخاب جو اُردوءَ ۾ترجمو ڪري رهيو آهي ۽ پنهنجي دوست، اُردو ۽ انگريزيءَ جي مشهور اديب آصف فرخيءَ، جِي مدد ڪري آهي، ته جئن آصف منهنجي شاعريءَ جي انتخاب جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سگهي. شاهه محمد ستار کي چيو ته ”سائين ڪلفٽن تي فلئٽ ۾ ڪيستائين گوشھ نشين رهندو؟ هن کي ڪنهن ٻاهر جي هوا نه کارائڻ گهرجي؟“ سو طي اِهو ٿيو ته ڊاڪٽر اِندر ڪمار پنجواڻي منهنجي ڪار ۾ مون کي هن جي گهر گلشن حديد وٺي هلندو، جيڪو اسٽيل مل جي ويجهو ۽ منهنجي فلئٽ کان پنجيتاليهه ميل پري ٻهراڙيءَ ۾ آهي. شاهه محمد کي اهڙي جاءِ نه آهي، جتي اسان کي ويهاري. ڪجهه وقت کان پوءِ خالد مخدوم آيو، جنهن جو مرحوم پيءُ عبدالوالي مخدوم، زرينا جي مامي شيخ واجد عليءَ جو جونيئر هو، ۽ پوءِ سب جج ۽ سيشن جج ٿي رٽائر ڪيائين. خالد مخدوم ۽ هن جو ننڍو ڀاءُ زاهد مخدوم، جو آمريڪا ۾ آهي، منهنجيءَ شاعريءَ جا مداح آهن. خالد کي ته منهنجي ڪيتري شاعري ياد آهي. شاهه محمد پيرزادي وٽان اسين خالد مخدوم جي بنگلي تي وياسين، جتي ڪجهه موسيقار گهرايا ويا هئا، جن منهنجو ڪلام ڳاتو. هڪ ته منهنجو بيحد مترنم نظم هو ”ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ ٿڪن جا، ٿر ۾ ڪهڙا ٿاڪ.“ شاهه محمد ماني به خالد جي گهران گهرائي وتي. ٻيا به اُتي منهنجا ڪافي مداح هئا. گلشنِ حديد ۾ ٻهراڙي، ننڍيون ٽڪريون، ۽ چوڌاري خاموشي هئي. مون کي پنهنجي ڪلفٽن تي فلئٽ ياد آئي جنهن هيٺان ٽين بجي رات تائين زبردست ٽرئفڪ آهي. بسون، ٽرڪون، رڪشائون، اسڪوُٽَر، ايتري ٽرئفڪ مون پوريءَ لنڊن ۾ ڏٺي هئي، جتي ماڻهو انڊر گرائونڊ ”ٽرين ٽيوب“ ۾ايندا ۽ ويندا هئا. ماسڪو ۾ به زير زمين ٽي ٽرينون ساڳئي وقت هڪ اسٽيشن تي اينديون هيون ۽ ٻه منٽ رکي روانيون ٿينديون هيون، ۽ يڪدم ٻيون ٽي ٽرينون اچي وينديون هيون. بس ٽرئفڪ فقط اُتان ٿي شروع ٿِي جتي ٽرينون ٿي بيٺيون. بسون مسافر کڻي ماسڪو جي مضافات ڏانهن وينديون، جا سٺ ميل ڊگهي آهي. زندگيءَ جي شوروغل کان پري خاموشي ڪيتري نه پُرسڪون هئي! تنهائيءَ جهڙو دوست ڪوئي نه آهي، ۽ خاموشيءَ جهڙي ڪا گويائي نه آهي.

شام جو سنڌي ادبي سنگت ۾ وٺي هليا، جتي مون ٻه ڪلاڪ تقرير ڪري، اُتي ڪٺي ٿيل اديبن کي ٻڌايو ته ”اڳي منهنجِي سچ، سونهن ۽ چڱائيءَ سان وابستگي هئي، پر پوءِ مون ڏٺو ته ڪلهه جو سچ اڄ جو اَسچ آهي، ڪلهه جي چڱائي اڄ جي برائي آهي ۽ اڄ جو اَسچ سڀان جو سچ آهي، ۽ اڄ جي برائي سڀاڻي جي چڱائي آهي. سچ ۽ چڱائيءَ کي ڪائي پايندگي نه آهي. اِن ڪري مون پنهنجي آرٽ کي سُونهن جي رچنا تائين محدود رکيو آهي. حسن جي تخليق کي پايندگي آهي، جا هِن بيچينيءَ جي دنيا ۾ من کي چَين بخشي ٿِي. اُن جو پنهنجي حال سان تمام ٿورو واسطو آهي ۽ اُها ازلي ۽ ابدي حقيقت سان واسطو رکي ٿي. ڪاليداسَ وڪرماجيت دؤر ڏانهن ڪوئي اتفاقاََ اشارو ڪيو هجي، پر مون کي نظر نه آيو آهي. شيڪسپيئرُ، جي فقط ايلزبيٿ جي دور جي عڪاسي ڪري ها ته انگريز امپيريلزم جو شاعر ٿئي ها، جيئن ڪپِلنگ پوءِ ٿيو. ايليزبيٿ جي دور هُن جي ڊرامن کي پس منظر ڏنو، پر انهن ۾ اُهي ازلي ۽ ادبي حقيقتون چِٽيون ويون آهن، جن جو اظهار اڃا تائين روح ۾ گونجي رهيو آهي. ساڳي ڳالهه گوئٽي، بودليئر، ليوپارڊيءَ (جو اطالوي انقلابي گئري بالڊيءَ جو دوست هو)، ۽ برصغير ۾ غالب جي باري ۾ چئي سگهجي ٿي، جن جي ورلي ڪنهن سٽ ۾ پنهنجي دور جي عڪاسي آهي. ”شهر آشوب“ جي باري ۾ شاعريءَ ۾ ڪنهن جي دلچسپي نه رهي. هي غالب جو فارسي شعر ڏسو. ڪيترو نه خوبصورت ۽ بامعنيٰ آهي:

”راه زين ديده وران پُرس که در گرم روي

جاده چون نبضِ تپان در تنِ صحرا بينند.“

(رستو اُنهن ديده وَرَن کان پڇو، جي پنهنجي رفتار جي گرميءَ ۾ هڪ تتل نبض وانگر دڳ کي صحرا جي تن بدن ۾ ڏسن ٿا.)

اِن جو ڪنهن خاص دور سان واسطو نه آهي.

ساڳيءَ طرح شاهه لطيف جي دؤر ۾ مدد خان سنڌ ۾ڪوس ڪرايو ۽ پورچوگيزن ٺٽي کي باهه ڏني، لطيف، جو دک درد ۽ پيڙا پنهنجي دور ۾ ڏٺي، اُها هُن جي روح ۾ سيمو ڪري وئي، جئن بارش جو پاڻي زمين ۾ هليو ويندو آهي ۽ اُتان ڪنهن جهرڻي جي صورت ۾ نڪري ايندو آهي. سُر يمن ڪلياڻ ڏسو ته اُن دؤر جي پيڙا ڪهڙي نه خوبصورت انداز ۾ ڀٽائيءَ ۾ اُڀري آئي آهي:

ڪانارئا ڪُڻڪن، جنين لوهه لڱن ۾

محبت جي ميدان ۾ پيا لالَ لُڇن

پاڻهه ٻَڌن پٽيون، پاڻهه چِڪئا ڪَن

وٽان واڍوڙن رهي اچجي راتڙي.

  ــــ

رهي اچجي راتڙي تن واڍوڙن وَٽاءَ

جِن کي سُور سرير ۾، گهوٽ منجهاران گهاءَ

لِڪائي لوڪاءَ، پاڻهه ٻڌن پٽيون.

  ــــ

اَڄ پڻ ڪَنجهو ڪَنجهه واڍوڙڪي مَنَهي

جي پُڻ پيئن منجهه، هو پِنيون، هو پٽيون.

  ــــ

سدا آهي سُور جي واڍوڙن وائي

جيڪا اَٿن مَن ۾، سَلن نه سائي

اوڙَڪ اُهائي، ڳوليو لهن ڳالِڙي.

  ــــ

سَگهن سُڌ نه سُور جي گهايل ڪئن گهارين

پَئَل پاسو پَٽَ تان واڍوڙَ نه وارين

پَر ۾ پچن پريءَ لئه هَئي! هنجون هارين

سڄڻ جي سارين، تِن رويو وهامي راتڙي.

پاڙي نانهه پروڙ ته ڪارات رنجائي گذري

جڏهن هن جي سَهَن شڪتيءَ جي انتهائي ٿئي ٿي، تڏهن هو رڙ ٿو ڪري:

مُٺيس، جهل مهار! ڪُٺيس، ڪاهه مَ ڪرهو!

ڀٽائيءَ سڌيءَ روءِ سنڌ جي باري ۾ هڪ سٽ هيئن به لکي آهي:

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌُ سُڪار

دوست تون دلدار، عالم سڀ آبَاد ڪرين.

پر اِن ۾ به ڪابل ۽ قنڌار وغيره دنيا جي جاگرافيءَ جو جيستائين پتو هو، هر ملڪ لاءِ دعا ڪئي اٿائين.

ٽئگور پنهنجي شاعريءَ ۽ ناولن کي انگريز سامراج جي دؤر جو اڻ لکو پس منظر ڏنو آهي، پنهنجي ديس جو نالو به نه کنيو اٿائين ۽ چيو اَٿائين: ”اي ڌڻي! منهنجو ديس اَمن ۽ آزاديءَ ۾ اُٿي!“ ”غالب“ ۾ انسان جي پيڙا جو ذڪر هيٺينءَ ريت آهي:

قيدِ حيات وبند غم اصل مين دونون ايک هين

موت سي پهلي آدمي غم سي نجات پائي کيون؟

مون اُتي سامعين کي ٻڌايو ته روس جي عظيم ناول نويس، پاسترناڪ، جو روسَ جي تالان والان ٿي وڃڻ کان پوءِ به زنده آهي، پنهنجي نوبيل پرائيز وِنرَناول ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ چيو آهي: ”اسان کنيو حسن ۽ عشق، زندگي ۽ موت، ازل ۽ ابد، باقي دنيا بدلائڻ جو سوداءُ ننڍن ماڻهن لاءِ ڇڏيو آهي.“

مون کين چيو ته دنيا کي سياستدان، مُدبر، سائنسدان ۽ ملٽري آفيسر بدلائي ٿا سگهن. دنيا جي اديبن فرانڪو خلاف انٽرنئشنل برگيڊ ٺاهي، جنهن ۾ روسي مفڪر، ڪرسٽافر ڪاڊويل، فرانس جي آرٽ جي نقاد ۽ ناول نويس آندري مارلو، ۽ مشهور انگريز ناول نويسن جارج آرويل ۽ ڪرسٽافر اشرووڊ ۽ مشهور شاعرن آڊن ۽ اسٽيفن اسپينڊر ۽ نوبيل پرائيز وِنر آمريڪي ناول نويس هيمنگ وي، وڌي وڌي، بهرو ورتو ۽ پنهنجي علم ۽ عمل سان فرانڪو جي شڪست ڏيڻ لاءِ جدوجهد ڪيائون. شاعرُ انگريز اسٽيفن اسپينڊرُ ايترو مقبول هو، جو سرفروش سولجرن انقلابي مقابلي ۾ بندوق سان فائرنگ به ٿي ڪئي ۽ هن جي شاعريءَ جو ڪتاب به ٿي پڙهيو. پر جمهوريت پسندن جي شڪست ٿي ۽ ٻيءَ جنگ عظيم ۾ مسولني ۽ هٽلر به ماريا ويا. پر فرانڪو چاليهارو سال اسپين تي حڪومت ڪندو رهيو، ۽ جنگ جي پس منظر ۾ اُنهن ئي تحريرن کي پائندگي ملي، جن ۾ حسن جي تخليق کي اوليت ڏني وئي آهي. مون هنن کي ٻڌايو ته منهنجي شاعريءَ ۾ وابستگي تخليقِ حسن سان آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجو ماحول به آزادگيءَ جي جنگ جي پس منظر ۾ آهي.

هر شاعر ڪنهن معاشري ۾ ضرور رهي ٿو ۽ اُن جي درد جي حيثيت ۾ ڪنهن سياسي رهبرَ، جماعت يا نظريي سان وابستگي رکي سگهي ٿو، پر جي هو پنهنجي شاعريءَ کي اُن رهبر، جماعت يا نظريي سان واڳي ڇڏيندو ته اُنهن جي تفصيلي ڪردار ۽ ڳالهين مان يا ته بيزار ٿي پوندو يا اُنهن جي موت کان پوءِ هن جي شاعري به مري ويندي. مون هنن کي فردِ واحد سان وابستگيءَ جو مختصر مثال ڏنو. مرحوم حبيب جالب، مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي جو مداح هو. مون سان گڏ جڏهن ڪراچي جيل ۾ مير رسول بخش، سابق گورنر سنڌ، ساڳئي سيل ۾ قيد هو، تڏهن هُن رڙ ڪري حبيب جالب جو شعر پڙهيو:

جنگ کو تيز کر ذوالفقارِ علي

رات هي مختصر اب ڊهلي اب ڊهلي

۽ پوءِ هن مون کي چيو، ”اِهو هن دؤر جو عظيم ترين شعر آهي!“ اُنهيءَ ساڳئي حبيب جالب ڪجهه سالن کان پوءِ  اِئين به چيو:

لاڙکاڻي چلو!

ورنه تهاني چلو!

اهڙيءَ طرح جماعت سان وابستگي اُن وقت بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي، جڏهن اُها جماعت پنهنجو نصب العين حاصل ڪري ٿي. مثال طور مون هنن کي چيو ته پنهنجي دؤر جو عظيم قوم پرست شاعر چکبست، جو ڪانگريس سان وابسته هو، آزاديءَ کان پوءِ اُن جي مَڻين شاعري بي معنيٰ ٿي. مولانا ظفر علي خانُ، جو مسلم ليگ سان وابسته هو، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ بي معنيٰ ٿي ويو ۽ جيتوڻيڪ مسلم ليگ ٻيهر اقدار ۾ آئي، تڏهن به هن جا فقط ٻه غير سياسي شعر اديبن کي ياد آهن.

نظريي سان وابستگيءَ جي ڳالهه ڪميونزم ڦهلائي آهي. 1917ع کان وٺي اُنهيءَ نظريي سان سوين وابسته اديب پيدا ٿيا، جن ۾ لينن پيس پرائيز ونرَ به هئا ۽ اسٽالن پيس پرائيز ونرَ به هئا. روس ۽ دنيا ۾ ته انقلاب کان اڳ وارا اديب زنده آهن يا انقلاب کان پوءِ سولزي نٽسن ۽ پاسترناڪ زنده آهن، جي انقلاب جي خلاف به هئا. نظرياتي وابستگيءَ وارن اديبن جا ڪتاب، يو. ايس. ايس. آر جي ٽٽڻ کان پوءِ جهاز ڀري ڊئنيوب نديءَ ۾ اُڇلايا ويا.

مون ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ وڌيڪ چيو: ”اوهان اُتي آهيو جتي مون اوهان کان پنجاه سال اڳي ”ڪلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ لکي ڇڏيو هو. مان هينئر بنان جهجهڪ جي اوهان کي چوان ٿو ته آرٽ آرٽ لاءِ آهي ۽ مقصد باالذات آهي ۽ اُهو زندگيءَ جو دُمڇلو نه آهي. مون هنن کي چيو ته آرٽ ۽ شاعريءَ جو مقصد خودشناسي ۽ خداشناسي آهي. ”خدا“ مان هن زندگيءَ جي ازلي قوت کي چوان ٿو، جنهن ڪُن فيڪون (Big bang) چئي، هڪ اَڻي مان هيءَ ڪائنات تخليق ڪئي. خود شناسيءَ کان سوا خداشناسي ناممڪن آهي. لفظُ ”خودشناسي“ مون ڀٽائيءَ جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آهي، جنهن چيو آهي:

جان جو پيهي پاڻ ۾ ڪيم روح رهاڻ

ته نڪو ڏونگر ڏيهه ۾ نه ڪا ڪيچين ڪاڻ

پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سُور هُئا.

جرمن فيلسوف شوپنهار پئرس ۾ هڪ باغ ۾ بيٺو هو ۽ گلن جي ٽاريءَ کي جهڪائي ڪجهه پاڻ سان ڳالهائي رهيو هو. مالهيءَ ائين سمجهيو ته هو گُلن سان ڳالهائي رهيو آهي ۽ هن کان پڇيائين ته ”اوهين ڪير آهيو؟“ شوپنهار کيس چيو ته ”موسيو! جي تون مون کي ٻُڌائي سگهين ته مان ڪيرآهيان، ته مان سڄي عمر تنهنجو ٿورائتو رهندس.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com