پيش لفظ
شيخ اياز جي آتم ڪهاڻيءَ جا ٽي جلد سندس حياتيءَ ۾ ڇپجي ويا
هئا. هي چوٿون جلد رهيل هو، جيڪو هاڻي سنڌي ادبي
بورڊ ۽ شيخ اياز فائونڊيشن گڏجي شايع ڪري رهيا
آهن.
اياز جي وفات کان پوءِ ستت سندس ياد ۾ جيڪي اهم جلسا ٿيا، تن ۾
هڪ سيد محمد شاهه، سنڌ سرڪار جي تڏهوڪي مشير ۽
سندس ٻن ساٿين مدد علي سنڌيءَ ۽ قمر راڄپر جي
ڪوششن سان ڀٽ شاهه ۾ ٿيو. جلسي ۾ سنڌ جا برک اديب
۽ شاعر وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. مکيه مهمانن ۾ گورنر
سنڌ ليفٽيننٽ جنرل (رٽائرڊ) معين الحيدر، تڏهوڪو
چيف منسٽرسنڌ، لياقت علي خان جتوئي ۽ سيد مشاهد
حسين، وفاقي وزير اطلاعات شامل هئا. انهيءَ موقعي
تي چيف منسٽر سنڌ، پاڻ فائونڊيشن کي ڏهه لک روپيا
گرانٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته شيخ اياز جي تربت
جي تعمير جو ڪم به سنڌ سرڪار ڪرائي ڏيندي.
فائونڊيشن طرفان وري وري يادگيري ڏيارڻ، خط ۽
تارون موڪلڻ کان پوءِ به اُهي ٻئي واعدا اڃا وفا
نه ٿيا آهن. اميد آهي ته سنڌ سرڪار مهرباني ڪري
هاڻي ان ڪم جو جلد اُڪلاءُ ڪندي. البت سيد مشاهد
حسين صاحب پنهنجي اعلان موجب هڪ لک روپين جي امداد
فائونديشن کي بروقت موڪلي ڏني.
سنڌ جي گورنر به انهيءَ جلسي ۾ اعلان ڪيو هو ته شيخ اياز جو هڪ
ڪتاب گورنر هائوس طرفان شيع ڪيو ويندو.ان سلسلي ۾
مون ساڻن ملاقات ڪئي ۽ چيئرمين محترم محمد ابراهيم
جوئي جي مشوري موجب اياز جي آتم ڪهاڻيءَ جو هيءُ
چوٿون جلد گورنر هائوس طرفان سايع ڪرڻ جي تجويز
ڏني. موصوف اسان جو مشورو قبول ڪيو ۽ ڪتاب جي
اشاعت لاءِ فائونڊيشن کي اڌ لک روپين جي رقم موڪلي
ڏني. ان ريت هيءُ ڪتاب ڇپجي ويو. اسان انهيءَ
امداد لاءِ لاءِ گورنر سنڌ جا دل جي گهراين سان
شڪر گذار آهيون.
اميد آهي ته هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ خاطر خواه اضافو ثابت ٿيندو ۽
سنڌي پڙهندڙن جي خاص دلچسپيءَ جو باعث ٿيندو، ڇوته
ان جي اشاعت سان هاڻي اياز جي آتم ڪهاڻي مڪمل صورت
۾ سندن مطالعي هيٺ ايندي.
غلام نبي آگرو
حيدرآباد
14- آگسٽ 1998ع
ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ
مسافر
زندگي ڪيئن نه شهاب ثاقب وانگر تيزيءَ سان تاريڪيءَ ۾ گم ٿي وڃي
ٿي! گذريل وقت جي باري ۾ شڪسپيئر ڪهڙو نه چڱو چيو
آهي:
“O, call back yesterday, bid time to return!”
(او، ڪالهه کي پٺ تي موٽاءِ! وقت کي چئه ته موٽي
اچي!)
تازو مون هَئري ڪالنس ۽ ڊامنيڪ لاپيئريءَ جا ڪتاب
”مائونٽ بئٽن ۽ تقسيم هند“ ۽
”مائونٽ
بئٽن ۽ آزاد هند“ ورتا، جن ۾ لارڊ مائونٽ بئٽن سان
سندن طويل انٽرويو آهن. انهيءَ ساڳئي جوڙي ”اڌ رات
جو آزادي“ ڪتاب به لکيو هو، جنهن ۾ هُنن جو پهريون
جملو هو:”جواهر لال نهروءَ ٻارهين وڳي رات جو
ريڊيو تي اعلان ڪيو:” هڪ نئون ڏينهن شروع ٿيو آهي
۽ هڪ دؤر ختم ٿيو؛ هڪ قوم جي روح کي، جنهن کي ڪافي
وقت لاءِ دٻائي رکيو ويو هو، پنهنجي اظهار جو
موقعو مليو.“
مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب ”مائونٽ بئٽن ۽ تقسيم هند“ ۾ هڪ
سوال جواب هيٺينءَ ريت به آهي:
سوال:” سڀني کان اهم واقعو، جنهن تنهنجي تقدير جي
نشاندهي ڪئي، شايد درٻار هال ۾ وائيسراءِ هائوس ۾
اهو جشن هو، جو 24 جولاءِ 1947ع تي ٿيو، جڏهن توکي
۽ ايڊونا کي وائيسراءِ ۽ وائيسرين مقرر ڪيو ويو.
اُن کنڊ جو جتي انسان ذات جو پنجون حصو رهندو هو،
تون ان يادگار ڏينهن جا ڪجهه واقعا ٻُڌائي
سگهندين؟“
جواب: هائو، مون کي ان جو هر پل ياد آهي. ڇا نه
جشن هو! اُتي جو به موجود هو،اهميت وارو هو. سڀ
شهزادا، سڀ رهنما، سڀ سفارتڪار جشن ڏسي اکين کي
اعتبار نه ٿي آيو. سؤ سؤ ماڻهن جا
ٽي جٿا،
Guards of honour
طور ٻاهر آندا ويا. اهڙا جٿا هزارن هنڌن تي
هندستان ۾ ڪڍيا ويا. گهوڙي سوار، شاهي توب خانو ۽
ٻيو توب خانو، جنهن سان بينڊ باجا ساڻ هئا، سجھي
رستي تي خاصه بردارمحافظن جي قطار، هال جي توڙ
تائين محافظ نفريءَ وارا ۽ توتارن جا وڏا واڄٽ!
جشن سان
اندر آياسين. اُنهيءَ وڏي جلوس جي آخر ۾ اسين هئاسين.
مون هر شيءِ پاتي، پنهنجي اڇي ۽ ڀوري لباس جيتري
وردي، نشان عزت، تمغا ۽ ٻي هر شيءِ موجود هئي. هڪ
رات مونکي ويولِ، وائيسراءِ جي ورثي ۾ هيرا ڏنا،
جو مون ڳچيءَ ۾ پاتا. واقعي واري ڏينهن مون هڪ
اعليٰ فوجي تمغو به پاتو.تنهن کان پوءِ مون ”ستاره
هند“ پاتو ۽ ان کان پوءِ وڪٽوريا جو نشانِ عزت
پاتو. اهي چار شيون هيون، جي مون کي اُن ڏينهن
پائڻيون هيون ۽ مون ٻيا نشانَ عزت جا پاتا. عهدي ۾
مان ريئر اَئڊ مِرَل (امير البحر) هوس.
منهنجي زال ”شام جو لباس “ پاتو، جنهن ۾ ڇَٽُ به
هو ۽ ٻيا عزت جا نشان به لڳل هئا. ايڊونا ايتري
دلڪش هئي،
جو هر ڪنهن جا پير ڪڍي وڌائين. هن ڄاتو ٿي ته لباس
ڪيئن پائجي. ان وقت هن وٽ ڪمانڊر خاتون
(Dame Commander)جو نشان هو. جنهن ۾ سينٽ جان جي نشان عزت تي عظيم الشان صليب
اُڪريل هئي. اُن
کان علاوه هُن کي هند جو تاج هو! اها ڳالهه عورتن لاءِ هر ڳالهه
کان مٿي
آهي ۽ هنکي وڪٽوريا جو نشانِ عزت وارو ستارو
به هو. هوءَ ان وقت پنجيتاليهه ورهين جي هئي ۽ مان
ڇائيتاليهه ورهين جو هوس. هن کي بهترين شبيهه هئي
۽ هوءَ نهايت دلڪش ٿي لڳي. درحقيقت هر ڪنهن کي
انهيءَ طرح زره بڪتر(Panoply)
سان ڍڪجي وڃڻو هو يا نه، اُهو خدا ئي ڄاڻي. ويهه ماڻهو منهنجي
اسٽاف جا به پوريءَ ڊريس ۾ هئا! سواهو هڪ اَملهه
پل هو، بلڪ ساري ڳالهه بي مثل هئي.“
مون اِنهيءَ سڄي ٺَٺَ جو تَتُ اُن وقت انگريزي
اخبارن ۾ پڙهيو هو. پوري هندستان
۾
هڪ به سياسي ليڊر ڪونه هو، جو انگريزن جي غلاميءَ
کان پوءِ اهڙي ڪنهن ”اعزاز“ جو اهل هجي ها! اُهي
اعزازَ ۽ اُنهن جو اُهو ڏيکاءُ ڪيڏيءَ نه ذلت جا
نشانَ هئا!
الوداع هندستان! ائين ٿو لڳي ته تنهنجي آزاديءَ
لاءِ جدوجهد هڪ حماقت هئي. جي ڀڳت سنگهه، چندر
شيکر ”آزاد“ ۽ ٻين محبِ وطن سرويچن کي اهو معلوم
هجي ها
ته
آزاديءَ جي تياريءَ جو جشن ائين به ملهائبو ته هو
اهڙا ڪم نه ڪن ها، جو هو ڦاهي چڙهن ها! نه اُنهن
ديس دروهين جا هڏا جي جلا وطن ڪيا ويا هئا، انڊمان
۽ نڪوبار ۾ سج جي تپش ۾ سڙي ۽ برسات
جي
وسڪاري ۾ ڀڄي ڀور ٿين ها. نه ئي مان اهڙي قومي
شاعري ڪيان ها، جو چوويهه ڪلاڪ سي.آءِ. ڊيءَ جي اک
۾ رهان ها! هوڏانهن ماڻهو ٻوٽيون ٿي رهيا هئا، لُٽ
مار ۽ عصمت دريون ٿي رهيون ۽ هيڏانهن هيءَ درٻار،
۽ ان ۾ هڪ انگريز جي تاج شاهيءَ جو اَنڊَبَر سان
جشن ٿي رهيو هو! الوداع نهرو، ايم. اين، راءِ
چواڻيءَ ائڪٽَرَ
(يا ائڪروبئٽ)
الوداع!. ديس کي ايڊونا جي عشق تي واريندڙَ، ٽالسٽاءِ جي ناول ٽارس
بُلبا جا ڪردار! توئي سنڌي هندن کي ڀِٽڪائي ماريو
۽ سنڌ پرديش لاءِ اُنهن کي ڀارت جي ڌرتيءَ جو ٽڪرو
نه ڏنو. الوداع! مان چوندو هوس ته آرٽسٽ جي
وابستگي سونهن ۽ سچ سان هئي. پر ڪلهوڪو سچ اڄوڪوسچ
آهي ۽ اڄوڪو سچ سڀاڻي جو سچ آهي. ساڳيءَ طرح
ڪلهوڪي بُرائي اڄوڪي چڱائي آهي ۽ اڄوڪي چڱائي
سڀاڻي جي بُرائي ٿي سگهي ٿي. آرٽ جي وابستگي فقط
سونهن ۽اُن جي تخليق سان آهي. مان پنهنجي گوشه
نشينيءَ ۾ موٽي ٿو وڃان.
جڏهن مهاجر ڪراچيءَ ۾ سيلاب وانگر آيا ۽”اندرين
سنڌ“ ۾ به پهتا، تڏهن مون اردو شاعريءَ جي حوالي
سان اُنهن ۾ پنهنجا هم سخن ڳولي لڌا. منهنجا اڪثر
معاصر سنڌي اديب لڏي ويا هئا. مون کي اردوزبان ۽
ثقافت سان اُنسيت ايتري هئي، جا ڪنهن مهاجر شاعر ۽
اديب کي به ورلي هئي. هڪ ڀيري مان پنهنجي غم غلط
ڪرڻ لاءِ مرينا هوٽل جي بار ۾ ويٺو هوس. اتي
منهنجي اشرف ۽ ”ساحل“ باگراميءَ
سان واقفيت ٿي. بار ۾ فقط هڪ ميز خالي هئي جتي مان
ويٺو هوس. هو ٻئي به ڪرسيون ڇڪي، ميز تي اچي ويٺا.
ڳالهيون ڪندي اسان کي هڪ ٻئي جي اُردو ادب ۾ گهري
دلچسپيءَ جو پتو پيو. اشرف اسرارالحق ”مجاز“ جو
دوست، ۽ ”جوش“ مليح آباديءَ ۽ ”فراق“ گورک
پوريءَ جو واقف هو. پوءِ ته سندن صحبت ۾ اردو
شاعري مون تي مينهن وانگر آئي. اُن دؤر ۾ مون
”بوئي گل ناله دل“ ۽ ”ڪفِ
گلفروش“ ڪتابن ۾ شامل نظم لکيا، جي ٻڌي اشرف کي
يقين ٿي ويو ته سنڌ ۾ واحد شخص آهيان جنهن کي اردو
شعر تي ايتريقدر عبور آهي، جيترو ڪنهن به مهاجر
شاعر کي آهي. هن جي اصرار تي پوءِ مان انجمن ترقي
پسند مصنفين جو ميمبر ٿيس ۽ اڳتي هلي مون کي اُن
جو وائيس پريزيڊنٽ چونڊيائون. مون ”حلقه احباب
ذوق“ ۾ به ڪيئي اردو نظم پڙهيا، جي اتي پسند ڪيا
ويا. ”ڪف
گلفروش“ جو مسودو، جو پوءِ مون کان هيٺ مٿي ٿي ويو
هو، سو هاڻي ان جو هڪ حصو موٽي مون کي لڌو به آهي.
منهنجا هندو اديب دوست سرحد پار ڪري هليا ويا. مان
اُنهن کي منهوڙي تي پاڻيءَ جي جهاز تي ڇڏڻ به
ويندو هوس ۽ ڇولين مان ايندڙ ڦينگين سان منهنجين
اکين جا ڳوڙها ملي، منهنجي تارن ۽ تُنرن کي
لوڻياٺو ڪري ڇڏيندا هئا.
جڏهن مون اشرف کي پنهنجي آزاد نظم جو هيٺيون حصو
”نالئگل بوئي دل“ مان ٻڌايو ته اشرف وٺجي ويو:
يه دنيا يه آماج گاهِ تمنا
کهان جارهي هي
يه رقاصهء
روز وشب، نوکِ خنجر په يون ناچتي جارهي هي
که جيسي اُسي يه يقين هوگيا هي
که اب پائون چلهني نه هونگي
يه انسان که صيادِ روزِ ازل هي
يه تيار کرتا هي هر روز ايسي انوکهي قفس کو
جسي توڙ ديتا هي
پر
پهڙ پهڙا کر
کوئي طائرِ نيم بسمل
نه جاني مجهي کيون يقين هوگيا هي
که انسان خود ايک صيدِ
زبون هي.
(هيءَ دنيا- هي تمنا جو آماج گاهه-
ڪيڏانهن وڃي رهي
آهي
؟
هيءُ ڏينهن رات جي نچڻي، خنجر جي
نوڪ تي، ائين نچندي وڃي رهي آهي ،
ڄڻ اُن کي پڪ ٿي وئي آهي
ته هن ڀيري هن جا پير ڇلجي نه پوندا،
هي ماڻهو، جو آدجڳاد کان ماري آهي،
اُهو هر روز اهڙي انوکي پڃري کي
تيار ڪري ٿو
جنهن کي ڪوئي اڌ- گهايل پکي پنهنجا
پر ڦڙڪائي، ٽوڙي ٿو وجهي،
الاجي مون کي اها پڪ ڇو ٿي وئي آهي
ته ماڻهو پاڻ به هڪ شڪارُ آهي
جو مري مٽي ٿي وڃي ٿو.)
شعر پڙهندي ائين لڳو ٿي ته ڪنهن گهري دُک ۾ غرقاب
ٿي، مان اُڀري آيو آهيان ۽ مون جڏهن دنيا ڏانهن ٿي
ڏٺو تڏهن ڄڻ منهنجين اکين ۾ ڳوڙهن جهڙو لوڻياٺو
پاڻي ڀريل هو.
اشرف مون کي چيو ته توکي تشبيهه ۽ استعاري تي بي
پناهه قدرت آهي ۽ تون پنهنجي همعصر اردو شاعرن کي
ڪجهه وقت ۾ پُٺ تي ڇڏي ويندين.
هن هڪ ٻئي آزاد نظم جي فرمايش ڪئي، ته مون هن کي
ٻڌايو:
اُلجهني لگين
مشعلين
آندهيون سي
سلجهني لگي کاکلِ شب رفيقو.......
(مشعلون آنڌين سان وچڙڻ لڳيون
۽ رات جا ڪُنڍڙا ڪاڪل سلجهڻ لڳا.)
”وه واهه مڪرر“ اشرف چيو،”تون ته اردو بندش ۾ چڱي
ڀلي شاعر کان اڳتي آهين.“
مون هُن کي مٿيون سٽون ٻيهر ٻڌائي وڌيڪ نظم ٻڌايو
:
مگر جب رفيقو!
سحر هوگئي، زندگي سوگئي
عزمِ خيبر شَکن آهني جان وتن
پنجهء
خواب مين موم سي هوگئي
زندگي سوگئي پاسبان سوگئي
رفيقو نئي
مشعلين
ڊهونڊ لائو
شبِ تيره وستار سوئي فلک پهر افشان هوئي هي.
پر جڏهن رفيقو!
باک ڦُٽي تڏهن زندگيءَ کي ننڊ اچي وئي
پڪو ارادو ۽ لوهه جهڙا لِڱ
خواب جي چنبي ۾ مُڙي ميڻ ٿي ويا
نه رڳو زندگيءَ کي ننڊ وٺي وئي، پر اُن جا رکوالا
به سمهي پيا!
رفيقو! ڪي نيون مشعلون ڳولي اچو!
ڇوته انڌيري رات اُڀ تائين ڇانئجي وئي آهي.)
هن جي سوچ ۾ نظم جو پس منظر برصغير جي تقسيم هئي،
پر منهنجي سوچ ۾ ايم. اين.راءِ جا اُهي مضمون هئا،
جي هن اسٽالن خلاف پنهنجي هفتي وار
Independent Indi
”آزاد هند“ ۾ڇپيا هئا، جي مون کي هر هفتي ڪامريڊ
وياس ڏيندو هو. وياس جي عدم موجودگيءَ ۾ مان اُهي
نظم هن جي زال سُشيلا کي ٻڌا.يندو هوس، جا مون کي
ساڳئي
صوفي
تي ويهاري، مون کي چانهه
به
پياريندي هئي ۽ منهنجي رانن تي هٿ
به
ڦيريندي هئي. ڪجهه وقت پوءِ جڏهن مان رائسٽ فيڊريشن آف ليبر جي
صدر خطيب ۽ فيڊريشن جي سيڪريٽريءَ ڪامريڊ
دَوي
سان رام سواميءَ ۾ ساڳيءَ جاءِ ۾ رهندو هوس، تڏهن
مون کي ڪامريڊ خطيب نشي ۾
ٻڌايو
ته ڪياماڙيءَ ۾ سِي مينس
ڪلب(Seamen’s
Club)
۾ هُن هڪ انگريز خلاصي
نه
ڇڏيو هو ۽ هوءَ هڪ
Mympho maniac
هئي. خطيب ۽ دوي فيڊريشن جي ليگل ائڊوائيزر جي
حيثيت ۾ منهنجو بورڊ پنهنجيءَ ٻه ماڙ جاءِ جي
ٻاهران هڻائي ڇڏيو هو ۽ محنتڪشن جي اُجوري جي
قانون
(Workmen’s Compensation Act) هيٺ ڪيس پاڻ کڻندا هئا. اُنهن لاءِ في به پاڻ وٺندا
هئا. ان جي عيوض مون کي مفت ۾ رهائش ۽ کاڌو ڏيندا
هئا.
خطيب ۽ دوي جا نالاوچ ۾ ٽپي آيا. مون ڳالهه ڪئي ٿي
ڪامريڊ اشرف جي. ڪميونسٽ بورجوا ادب نه پڙهندا هئا
۽ چوندا هئاته هر بورجوا شاعر ۽ اديب سامراج جو
ايجنٽ آهي. فرينچ اديبن، سارتري ۽ ڪاموءَ سان ته
کين خاص نفرت هوندي هئي. چوندا هئا ته انهن ٻنهي
ترقي پسند ادب ۾ گهارا وجهي ڇڏيا هئا. سارتري ته
اشتراڪين جو همسفر به هو، پر ڪاموءَ اُنهن جا پُڙَ
لاٿا هئا. ٽيون اديب، جنهن تي خاص ڪاوڙ هوندي
هُين، اُهو هو آٿر ڪوسلر، جنهن پنهنجو ناول
”ماجهاندي جي اُونده“
Darkness at Noon لکي، اسٽالن جا مخالف
پالٽبيوروجي ميمبرن تي هلايل ڪوڙا مقدما وائکا ڪيا
هئا. مون ڪاموءَ جا ناول”پليگ “ ۽ ”ٻاهريون
ماڻهو“
Outsider
ته اڳيئي پڙهيا هئا، جي مون کي ڏاڍو وڻيا هئا.
پوءِ صدر ۾ ڪنهن بُڪ اسٽال تان هن جو ڪتاب ”سِسي
فس جي ڏند ڪٿا“
(The Myth of Sisyphus)
ورتو هو، ۽ هن جي ناول ”اجنبيءَ“
(Stranger)
جي تلاش ۾ هوس، جو پوءِ مون کي حشوءَ پڙهڻ لاءِ
ڏنو، اُن جو ڪجهه اختصار هيٺ ڏيان ٿو، جنهن مان
اُن وقت منهنجي ذهن جي ڪيفيت جو اندازو ٿي سگهندو:
”هڪ نوجوان کي ڪورٽ ۾ انهيءَ الزام ۾ پيش ڪيو
ويوته هُن سمنڊ جي ساحل تي هڪ اهڙي اجنبيءَ کي
ماريو آهي، جنهن جو مُنهن هن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هن انهيءَ ماڻهوءَ کي جو سمنڊ تي
شام
ڏسي رهيو هو. لِڪي لِڪي چاقو کيسي مان ڪڍي، پُٺيِ
ءِ ۾ هنيو، جو ڪري پيو ۽ مري ويو، ڪنهن به هُن کي
قتل ڪندي نه ڏٺو هو. ڪهڙو نه عجيب واقعو هو! ڪوبه
ماڻهو ٻئي ڪنهن کي ماري نه سگهندو، جنهن سان سندس
دشمني نه هجي، جنهن
تي سندس ڪاوڙ نه هجي يا جنهن
لاءِ سندس من ۾ انتقام جو ڪوئي جذبو نه هجي. تون
ڪنهن کي دشمن تڏهن ٿو بڻائي سگهين، جڏهن تون هُن
سان دوستي ڳنڍين. ڪجهه ڪجهه نه واقفيت ته ڪنهن کي
دشمن بڻائڻ لاءِ ضروري آهي! جج منجهي پيو ۽ ملزم
کان پڇيائين ”تو هڪ اجنبيءَ کي ڇو ماريو، جنهن جو
مُنهن به تو ڪڏهن نه ڏٺو هو؟“ هن جواب ڏنو: ”ان
ڳالهه جي اهميت ڪهڙي آهي؟ مان ايترو”بور“
ٿي رهيو هوس. جو مون اهڙو ڪو ڪم ڪرڻ ٿي چاهيو، جو
منهنجو فوٽو سڀني اخبارن ۾ اچي.پوءِ اها ڳالهه ٿي،
ته مان گهٽ ”بور“ ٿيڻ لڳس. بهر صورت زندگيءَ کي ڪا
معنيٰ نه آهي. اُهو احمق اُتي ڇا ڪري رهيو هو؟جي
مان هن کي خون نه ڪريان ها ته هو ڇاڪري ها؟ ساڳيون
ڳالهيون دهرائي ها، جي هو هر روز ڪندو هو ۽ ڪيئي
ڀيرا ڪيون هئائين. هي تماشو ڇالاءِ آهي؟ مان ڪورٽ
۾ ڇالاءِ پيش ڪيو ويو آهيان؟“
جج نهايت حيران ٿي ويو. عيني گواهه ڪوئي نه هو.
رڳو ملزم پاڻ ئي چيو هو ته ”مون هن کي ماريو آهي.“
پر گواهن کان سواءِ هُن کي سزا نه ٿي اچي سگهي .
ممڪن آهي ته هو ڪُوڙ ڳالهائيندو هجي! گواهه ته ڪين
آهن پوءِ حالات جي ثابتيءَ لاءِ گواهه پيش ڪيا
ويا. هن جي هڪ پاڙيسريءَ چيو ته ”هي عجيب ماڻهو
آهي هن جي ماءُ آچر ڏينهن مري وئي ۽ هن کي ان
ڳالهه جو اطلاع ڏنو ويو.“ ان تي هن چيو: ”اها عورت
هميشه مون کي مصيبت ۾ وجهندي هئي. آخر آچر تي ڇو
مُئي ؟ آچر موڪل جو ڏينهن آهي. هو ڇنڇر يا جمعي تي
مري نه ٿي
سگهي؟.
پر مون سمجهيو ته اها عورت جا منهنجي لاءِ سڄي عمر
عذاب ٿي رهي آهي،ضرور آچر تي مرندي ۽ منهنجي موڪل
جو ڏينهن خراب ڪندي. ٿيو به ائين ۽ جڏهن مون هن
کان پڇيو ته”تو مون تي ڪاوڙ ڇو کاڌي؟“ تڏهن هن چيو
ته ”توتي مون ڪاوڙ ان ڪري کاڌي جو تو پنهنجي
ساهيڙيءَ
(Girl friend)
لاءِ سئنيما جون ٽڪيٽون ورتيو هيون .“پر اها عورت
ٻئي ڪنهن ڏينهن به مري سگهي ها. هُن جو آچر تي مرڻ
ڪهڙو ضروري هو؟ مان اِها ڳالهه سمجهي نه ٿو سگهان.
پر مون کي خبر نه هئي هوءَ ڪجهه ائين ئي ڪندي.“
ٻيو گواهه آيو ۽ چيائين ته: مان هن جي ماءُ کي
دفنايو پر ساڳيءَ شام جو هو هڪ نهايت خوبصورت
ڇوڪريءَ سان ڊسڪو ڊانس ڪري رهيو هو. مون هن کي چيو
ته ”تنهنجي ماءُ اڄ صبح جو مُئي آهي. اهو ٺيڪ نه
ٿو لڳي ته تون شام جو ڊسڪو ڊانس ڪرين!“ هن جواب
ڏنو”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ هاڻي مان جڏهن به رقص
ڪندس تڏهن اهو منهنجي ماءُ جي موت کان پوءِ هوندو.
پوءِ اهو هن جي موت
کان
ٻارهن ڏينهن پوءِ هجي يا پندرنهن ڏينهن پوءِ، يا پنج سال پوءِ!“
”هن جي ڳالهه ۾ منطق ته هو
پر انسانيت ڪانه هئي. هن جي خلاف اهڙيون ڳالهيون
ٻيا گواهه
به
ڪندا رهيا.“
انسان جو منفي فلسفو انسان کان اهڙيون
ڳالهيون
چوائي ٿو. اِهي انسان کي ديوانو ڪري ٿيون وجهن يا
کانئس خودڪشي ڪرائن ٿيون.
نٽشي
ان لاءِ خود ڪُشي ڪئي، ڇوته هن کي زندگيءَ ۾ معنيٰ
نظر نه آئي. يوناني فلسفي زينو
(Zeno)
سڄي زندگي آپ گهات لاءِ ماڻهن کي چوندو رهيو،
ڇاڪاڻ جو ”نجات جو ذريعو فقط اهوئي هو!“
مٿيون اختصار مون اوشوءَ جي ڪنهن ڪتاب مان ڏنو
آهي.
سچ ته مان به فقط ڪورٽن، بار رُومن ۽ لا رپورٽن جي
مطالعي ۾ سارو وقت وڃايان
ها، ته منهنجي ڪيفيت به اُنهيءَ نوجوان جهڙي هجي
ها، جنهن بي سبب خون ڪيو هو. پر شراب نوشيءَ،
شاعريءَ، وڪالت ۽ مصروفيت ۽ ڪميونزم سان وابستگيءَ
مون کي بچائي ورتو . مون دل ۾ سوچيو هو”تقسيم جي
باوجود اسان ٻنهي پاسي انقلاب آڻي سگهون ٿا، جنهن
جا خوشگوار نتيجا نڪرندا. ان سان گڏوگڏ مان اُهو
ادب تخليق ڪري سگهندس، جنهن لاءِ صديون سيڏائي
رهيون
آهن.“
ڪالهه ستار پيرزادو منهنجي هٿن اکرن ۾ لکيل”ڪٿي نه
ڀڃبو ٿڪ مسافر“ جا ساڍا پنج سؤ صفحا کڻي ويو ۽
چيائين ته ”ان کي فائيل ۾ وجهي، پوءِ پڙهندس ۽ جا
ڳالهه مون کي نه آئڙي، اُها تنهنجي ڌيان تي
آڻيندس.“
منهنجي ميز تي حوالي لاءِ ڪيئي ڪتاب پيا آهن، جن
کي سوري پوري، پليٽن رکڻ لاءِ جاءِ ٺاهيان ٿو. ڇهن
مهينن کان آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون جلد ٿي لکيم. مهينو
کن اڳي فيروز آيو هو ۽ چيائين ته ”ڪونجون ڪرڪن
روهه تي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو. پوءِ وري خط
لکيائين ته” سرورق لاءِ انتظام ڪيو اٿم.“ پر اڃا
اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ نه ڏنو اٿائين، ڇوته مون هن کي
آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون جلد ڇپجڻ لاءِ نه ڏنو. اُن
ڪتاب ۾ منهنجي اڻ ڇپيل
خوبصورت شاعري هئي ۽ تصوف تي لنبو مهاڳ هو. مون
آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون جلد هُن کي نه ڏنو، ڇوته هِتي ڪراچيءَ
۾ ڪتابن ڇپائڻ ۾ مون کي آساني ٿي ٿي ۽ ٽيليفون تي
معلوم به ٿيندو ٿي آيو ته ڪتاب ڪٿي پهتو آهي. مان
جنهن تيزيءَ سان لکان ٿو اُن تيزيءَ سان ناشر
ڇپائي نه ٿا سگهن. مون هن کي ميار نه ڏني ته
مون”ڪونجون ڪَرڪَن روهه تي“ ڪتاب جا سالُ اڳ هن کي
سيڪنڊ پروف درست ڪري موڪليا هئا.
آخر هر اديب چاهيندو آهي ته مان پنهنجي هر ڪتاب جي
اشاعت پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسان. هر نئين ڪتاب جي
اشاعت هڪ نئينءَ محبوبا جي چهري وانگر موهيندي آهي
۽ مان اُن جي لسي سرورق تي هٿ ائين گهمائيندو
آهيان، جيئن ڪوئي پنهنجي نئين نويليءَ ڪنوار جي
پَٽ جهڙي منهن تي گهمائيندو آهي. مان اُن کي پڙهي،
ان مان ائين نه ٿڪبو آهيان، جيئن ڪنهن جا گُلَ
انار جيئن چپ چمندي نه ٿڪبو هوس ۽ اُها ڄڻ هڪ ڊگهي
چُمي صبح کان شام جي ٿي ويندي هئي، ۽ ڪتاب منهنجي
هٿ ۾ ائين هوندو آهي جيئن هُن جو منهن هوندو هو.
پني جي اُٿلاءَ ۾ مون کي هن جي اُرهه جي ڇهاوَ
جهڙو آرام ايندو آهي. هر نئون ڪتاب هڪ نئينءَ سريت
وانگر ٿيندو آهي. خوبصورت، دلڪش ۽ رات جي آرام جو
دشمن.
بور ٿيڻ
(To bo bored)
: ڪڪ ٿيڻ، بيزار ٿيڻ، اُها
من
جي حالت، جو ڪابه ڳالهه برادشت نه ڪري، ڪجهه
به نه وڻي.
|