مون کي مڙس ماڻهو وڻندا هئا. پيرل ڀنڀرو سورهيه،
مَهَلَ وارو، ٿورائتو ۽ وير وَٺو هو. ويڙهه ۾ هو
وڻ وڄائي ڇڏيندو هو. هو وقت جو يار نه هو ۽ نه وقت
کي سلام ڪندو هو. هو هيڻي سان هيڻو ۽ ڏاڍي سان
ڏاڍو هو. عطا محمد ڀنڀري مون کي هن جي پارت ڪري
چيو هو ته ”چوڏنهن سال ٿيا آهن، جو پيرل تي خون جو
ڪيس هلي رهيو آهي. هو کُسڙجي ويو آهي. تون شڪارپور
سيشن ڪورٽ ۾ ٻين ڪيسن سان هن جو ڪيس به هلائي
اچجانءِ ۽ هن کان في نه وٺجانءِ. هو منهنجو ذات
ڀائي ۽ وقت تي دوست يا محسن لاءِ سِرُ به ڏئي
ويندو آهي.“ هڪ ڏينهن اڳ مان ٻيو ڪم ڇڏي، ڪار ۾
سيشن ڪورٽ شڪارپور ۾ هن جي ڪيس جي فتويٰ ٻُڌڻ ويو
هوس. هن تي اهو ڪيس ارڙهن سال پئي اينگهيو ۽ مون
اُن کي هڪ سال ۾ نڀائي ڏنو هو ۽ جوبدار جي بيان
کان پوءِ لاڳيتا ٻه ڏينهن ٻارنهن ڪلاڪ تقرير ڪئي
هيم. جج هن کي ڇڏي ڏنو هو ۽ آرڊر ڪيو هئائين ته
”فتويٰ پوءِ لکي ويندي.“ فتويٰ ٻُڌي، پيرل مون کي
پيرين پيو هو ته هن جي جهڪيل پُٺي منهنجن ڪلهن سان
ٿي لڳِي.
ٻئي ڏينهن تي هو تتر، جوئر جو اٽو ۽ ڇيلو کڻي آيو
|