هڪ ٻيو پارپِيي مَهَر نالي قيدي منهنجي وارڊ ۾
صفائي ڪندو هو. هڪ ڀيري هن مون کي آهستي چيو،
”صاحب! منهنجو نالوئي ”پارپيو“ آهي، مان هتي گهڻو
وقت نه رهندس. پوءِ هن قميص ٿوري مٿي ڪري مون کي
روالور ڏيکاريو ۽ چيو”ڪيترن ئي قيدين روالور
چوريءَ گهرايا آهن، ڪن ڏاٽا تکا ڪيا، ڪِن وڏا ڪات
۽ ڪهاڙيون لوهار خاني ۾ پلٽيون آهن، هاڻي بغاوت
ٿيندي. اسين جيل جي آفيسرن کي ٻيرا ٻيرا ڪري، درن
جا قلف ڪڙا ڀڃي، فرار ٿي وينداسين. جيستائين مان
جيل ۾ هوس تيستائين ته بغاوت نه ٿي پر منهنجي
رهائيءَ کان پوءِ قيدين جيل جو ڏنڊو مشٽنڊو
صوبيدار ۽ ٻيو عملو بيدرديءَ سان ماري وڌو. بغاوت
بهر صورت ڪامياب نه ٿي. مون دل ۾ سوچيو ته انسان
پنهنجيءَ تي اچي ته ڪنهن جيل مان رهائي ناممڪن نه
آهي.
مون کي پهرين سکر جي سيشن ڪورٽ ۾ پهچڻو هو، پر مان
اچي سکر جيل ۾ نڪتو آهيان. بهر صورت اُتان جو هڪ
ٻه واقعو پورو ڪري ڪورٽ ۾ ٿو هلان. مون اڳيئي چيو
آهي ته باقي زندگي گهڻي نه آهي ۽ مان يادگيرين جي
تسلسل تي وقت وڃائڻ نه ٿو چاهيان.
ڪشمور جو هڪ مندراڻي وڏيرو الله ڏنو، جنهن کي ۽
سندس پٽ کي خون ۾ جنم ٽيپ آئي هُئي، مون سان گڏ اي
ڪلاس ۾ بند هو، جڏهن مجيب الرحمان جي گرفتاريءَ
کان پوءِ سکر ۾ مان اٺ مهينا نظر بند هوس. هو گوڏن
جي سُور ڪري منڊڪ منڊڪ ڪندو لٺ تي ٽيڪ ڏئي هلندو
هو. هڪ ڏينهن،
مُنهن اونداهيءَ ۾، هو
منهنجي
ڪمري ۾ آيو، جتي بجلي هلي وئي هئي ۽ لالٽين ٻري
رهي هئي. هو منهنجي منهن کي تڪي رهيو هو، ڄڻ
سوچيائين پئي ته هن سان راز جي ڳالهه ڪيان. هن کي
اڇي سونهاري هئي. جيئن ناريل جي کوپي تي ڪکن جو
بيٺل مچو هوندو آهي، جنهن هيٺان ڪهاڙيءَ جو ڇُٽل
وَڍُ ڇُپي ٿي ويو. مٿي ۾ هن کي ايترو چيڙهه پئجي
ويو هو، جو هن جا وار سيڙهه جي ڪنڊن وانگر ٿي لڳا.
هُن هيڏانهن هوڏانهن ڏسي چيو ته ”اسپيشل جيل ۾
منهنجو هڪ ذات ڀائي آهي. هن سان سيڻپو به آهي، پر
دَنگئي زميندار آهي ۽ ٻنيءَ ٻاري تي هن سان
ويڙهاند ٿيندي رهندي آهي. اسپيشل جيل ۾ ڪو ڊاڪٽر
واقف اٿئي؟“ مون پهريون ته سوچيو ته هن کي چوان ته
”هائو“ پر مون ٻڌڻ ٿي چاهيو ٿي ته هُو ڪهڙو ڪم ٿو
چئي! سو هُن کان پڇيم ته ”ڇو؟“ هن جواب ڏنو ته
”مون کي معلوم ٿيو آهي ته منهنجي سيڻ جي ڇهن مهينن
۾ سزا ختم ٿيڻ واري آهي. مان ۽ منهنجو وڏو پُٽ ٻئي
اڃا ٻارنهن سال جيل ۾ آهيون، پٺيان ننڍا پُٽ هن جو
مقابلو نه ڪري سگهندا ۽ هو اسان جي زمين تي زوريءَ
قبضو ڪندو. مان چاهيان ٿو ته جڏهن بيمار ٿئي ۽
ڊاڪٽر کان دوا گهُري ته ڊاڪٽر هن کي دوا ۾ زهرڏئي،
جيئن هو مري وڃي. مان ان ڊاڪٽر کي پنج ڇهه هزار
ڏيڻ لاءِ تيار آهيان؟“
مان هن ڏانهن ڏسندو رهيس. اڇي ڏاڙهي، پنج وقت نماز
پڙهندڙ
۽ رمضان جا
ٽيهه ئي روزا رکندڙ، نرڙ تي تهجد جو داغ، ڳچيِءَ ۾
ڪنهن پير جالکيل ٻه
ٽي
تعويذ!‘
ڇا، هي شخص هن عمر ۾ ٻيو خون ڪرڻ ٿو چاهي؟
’مون سوچيو‘
۽ پوءِ هن کان پڇيم ته ”اوهان جي عمر گهڻي آهي؟“
جواب ڏنائين ته ”پنجاسيءَ کان مٿي چڙهي چُڪو
آهيان. خبر نه آهي ته جيئري جيل مان نڪرندس يا
نه!“
هن مون کي ٻڏتر ۾ ڏسي چيو، ”پُٽ، زهر سان يا ٻئي
قهر سان، ويريءَ کي گارُ ڪرڻ ۾ ويرم نه ڪرڻ گهرجي.
ننڊ ته نه ڦٽندي!“
مون هن کي ڄاڻي واڻي چيو ته ”اهڙو ڊاڪٽر ته واقف
نه آهي.“
هن جو منهن لهي ويو، ۽ مون کي چيائين ته ”ڳالهه دل
۾ رکجانءِ،
جيئن
ڪنهن کي ٻاٻُورَ نه پَئي.“
ڏهه پندرنهن ڏينهن رکي، سومهياڻيءَ جي نماز پڙهي،
تسبيح هٿ ۾ ڦيريندو، مون وٽ آيو. هن جي منهن تي
پنج سئو وولٽ جي مُرڪ هئي، ۽ چيائين ته ”ابا، ڪم
ٿي ويو. مون ڀائٽئي کان ڊاڪٽر کي پنج هزار رپيا
ڏياريا. ڊاڪٽر هن کي چيو ته پنج هزار جيلر کي به
ڏئي ڇڏ، ته هُن جو ٻوٿ بند هجي. ڊاڪٽر منهنجي سيڻ
کي اهڙو زهر ڏنو، جو هو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويو ۽ جيلر
هن جي مائٽن کي اطلاع ڏنو ته هُن خودڪشي ڪئي آهي ۽
لاش کڻي وڃو! هو چُپ چاپ لاش کڻائي، پار ڪڍندا،
ڪشمور ويا. هاڻي ڪائي اُن تُڻ نه رهندي! لت ڏيئي
ننڊ ڪندس!“
هڪ ڀيري هڪ ڳڀرو قيدي مون لاءِ کوهه تان پاڻيءَ جو
دلو ڀري آيو، ۽ منهنجيءَ کٽ تي ويهي ساهي پٽيائين.
هن مون کان پڇيو ته ”سائين! تو کي اي. ڪلاس ۾ ڇو
نظربند رکيو اَٿائون.“ مون جواب ڏنو ته ”مون تي
الزام آهي ته مان پاڪستان کي ڊاهڻ ٿو چاهيان.“
هن کليو ۽ مون کي چيائين، ”تون هن وارڊ جي هڪ
ديوار به ڊاهي نه سگهندين،
تون پاڪستان ڪيئن ڊاهيندين؟ ڇا، پاڪستان اهڙو
ٽاڪئون آهي؟“ مون هن کي جواب ڏنو ته ”مون تي اهو
الزام سراسر ڪوڙو آهي.“
اِن تي هُن حيرت مان پڇيو، ”ڪوئي ته سبب هوندو؟
ڪنهن جي دشمنيءَ ڪري توکي واڙيو هوندائون.“
مون هن کي جواب ڏنو ته ”پُٽ، وسندي مينهن ۾، مان
وائيپر هلائي، شيشو صاف ڪري، اندران رومال
سان اُگهي رهيو هوس ته جئن رستي تي اڳتي ڏسي
سگهان.“
”
اِهو ته ڪوئي ڏوهه نه آهي.“ هن چيو.
مون کيس جواب ۾ چيو ته ”پُٽ! پاڪستان ۾ اهو وڏي ۾
وڏو ڏوهه آهي ته ڪوئي ڌُنڌ ۾ رستو اڳتي ڏسي سگهي.“
هڪ ڀيري مون وٽ هڪ جيلر آيو. هن کي کاڏيءَ تي
ننڍيءَ ٽنڊڻيءَ جيترو تِر هو، جنهن کي لڪائڻ لاءِ
هِن ٽِه ـــ ڪُچيءَ ڏاڙهي رکائي هئي. هو پانُ چَٻي
رهيو هو ۽ هن جي اکين مان ٽاهه ٽاهه ڳوڙها لارون
ڪري وهي رهيا هئا. هُن چيو ته ”پاڪستان هارائي ويو
۽ بنگلاديش وجود ۾ اچي ويو.“
مون هن کي چيو ته ”مُڪتي باهنيءَ بنگالين کي فوجي
سکيا به ڏني هئي ۽ ڌڙا ڌڙ هٿيار به ڏنا هئا.“
هن چيو ته ”اِهي سالا هندستاني،
اسلحو نه ڏين ها، ته پاڪستان ڇو ٽُٽي ها؟“
اِن تي مون هن کي چيو ته ”رات جو ته يحييٰ خان
ريڊيو تي چيو هو ته ”جنگ اسان جي جاري رهندي!“
جيلر يحييٰ خان کي بنگلاديش جي گار کان به وڏي گار
ڏني.
جڏهن مان جيل ۾ نظربند هوس تڏهن منهنجو هڪ ذات
ڀائي جيل جو سپرنٽنڊنٽ هو. هڪ ڀيري هو مون وٽ آيو
۽ چيائين ته ”مون سان اچ ته توکي ”ڪوڏي ڪوڏي“
ڏيکارڻ وٺي هلان.“ ڪوڏي ڪوڏي کيڏندي، جن قيدين جا
هڏ رهڙجي ٿي پيا، اُنهن مان هرهڪ کي سستو سگريٽ جو
پئڪيٽ، جو ڇهن پيسن ۾ ملندو هو، ورهائي ڏنائين.
غريب قيدي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ سگريٽ دکائڻ لاءِ ڀرسان
بيٺل سپاهيءَ کان ماچيس وٺي سگريٽ دکايائون، ۽ اڃا
سهڪي رهيا هئا، ته سگريٽ جو ڪش هيائون. مون
سپرنٽنڊنٽ کي چيو ته ”ڊاڪٽر کي چئو ته هنن کي زخمن
تي ملم لڳائي.“ پر هن جواب ڏنو ته ”هِي اِن جا
عادي ٿي چُڪا آهن، ۽ هِنن جا زخم اِئين ئي سُڪي
ويندا آهن.“
قيدي سارو ڏينهن جيل جي فرش کي پوچي ڏيندا هئا.
ٻهارو ڏئي، ڪپڙي سان ڇنڊ ڦوڪ ڪندا هئا. جيل جي کيت
۾ ڀاڄيون پوکيندا هئا. خوبصورت غاليچا اُڻندا هئا
۽ دريون ٺاهيندا هئا. ڪي لوهرخاني ۾ڪم ڪندا هئا،
ڪي وڻن کي پاڻيءَ سان ڌوئندا هئا ۽ رستن تي پاڻيءَ
جو ڇڻڪار ڪندا هئا. چوڌاري سنتري رائيفلون جهلي
بيٺا هوندا هئا. جيل ۾ قيدين کان اِئين غلامن
وانگر پورهيو ورتو ويندو هو. جيل جي سپرنٽينڊنٽ
مون کي اي ڪلاس ۾ وڏي ۾ وڏو وارڊ ڏنو هو، جتي هن
مون کي ميز ۽ ڪُرسي رکائي ڏني هئي. مان اُن تي
سارو ڏينهن پنهنجي شعري مجموعي ”ڪَپر ٿو ڪُن ڪري“
جا شعر لکندو هوس، قيدي مون وٽ ايندا هئا ۽ طنز
سان چوندا هئا ته ”وڪيل صاحبُ پنهنجي دفتر ۾ ڪم ٿو
ڪري!“
شام جو ٻه مَهَرَ جوابدار آيا، جن کي خون جي ڪيس ۾
جنم ٽيپ آئي هئي. مون کي اهو پتو نه هوندو هو ته
سج ڪنهن وقت ٿو اُڀري ۽ ڪنهن وقت ٿو لهي. واهيري
جي ويرَ وڻن ۾ چِڙيون چُون چُون ڪنديون هيون ته
مون کي محسوس ٿيندو هو ته سنجها ٿي آهي. مَهَرَن
پڇيو، ”اوهين ساور ڏينهن ڇا ٿا لکو؟ کُٽِي نٿو
کُٽي!“
”مان شاعريءَ جو ڪتاب ٿو لکان.“ مون جواب ڏنو.
”سائين، اسين سکر ضلعي جا آهيون ۽ اوهان کي چڱيءَ
طرح سڃاڻون. هِتي جيل ۾ ”مهراڻ“ اخبار ايندي هئي.
اُنهيءَ جي ايڊيٽر، سردار علي شاهه، جي اوهان سان
ڇا
تي
دشمني هئي، جو اوهان خلاف ايترا ڪالم ڪارا ڪندو
هو؟ ڇا، اوهين اِها دعويٰ ڪندا آهيو ته اوهين شاهه
لطيف کان وڏا شاعر آهيو؟“
مون کين چيو ته ”مون اها دعويٰ ڪانه ڪئي آهي.“
”پوءِ اهو سردار علي شاهه اوهان جي خلاف ايترو ڇو
ٿو لکي؟“
مون جواب ڏنو، ”هڪ ڀيري سردار علي شاهه، ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ ۽ غلام مصطفيٰ شاهه سان گڏجي، ڪوئي رسالو
ڪڍيو، جو کڻي سکر واري وڪيل شمس الدين شاهه وٽ آيو
هو. مون کي به اُتي منجهند جي مانيءَ تي سڏيو ويو
هو. مون رسالي جي ڪاپي ڏٺي، ته مون اُن جا پنا
ورايا، ۽ ڏٺو ته شعر ۾ ”ڊڪشنري“ لکيل آهي؟ مون اِن
تي ٽهڪ ڏنا ته”ڇا نه شاعري آهي!“ ان ڳالهه تي
سردار علي شاهه کي چيٽو لڳو هو. پوءِ حيدرآباد
وڃي، شاعريءَ ۾ منهنجي وڌندڙ مقبوليت ڏسي، کيس
وڌيڪ چوچڙي لڳي هئي. اِن تي مان هن کي ”ٽانڊي تي
ٽنڊڻي“ ڪوٺيندو هوس، ۽ چوندو هوس ته هُو بنا سوچ
سمجهه جي چڻنگان ٿو ڪڍي، نيٺ وسامي ويندو.“
گهڻو گهڻو
پوءِ، مون کي ياد آهي ته جڏهن جنرل ضياء الحق جي
دور ۾ مان وائيس چانسلر هوس، ته جنرل حيدرآباد جي
دوري تي آيو هو. مون ٽي. ويءَ تي سردار علي شاهه
کي جنرل جي هڪ دعوت ۾ تقرير ڪندي ٻڌو. گهڻو حصو هن
جو ٽي. ويءَ وارا ڪَٽي ويا. پر هن هر کاٻيءَ ڌر
واري کي اسلام دشمن ۽ پاڪستان دشمن ٿي چيو، ۽ جنرل
کي چيو ته اِنهن کي چٿِي بُرٿو بڻايو وڃي!“ جنرل
جواب ۾ چيو هو ته ”وقت اچڻ تي، هر ڳالهه پنهنجي
وقت اچڻ تي، ڪئي ويندي.“
ڇهه مهينا نه گُذريا ته سردار علي شاهه کي مٿي ۾
ڳوڙهو
(Tumour)
ٿي پيو. مون سکر ۾ ٻُڌو ته هن کي ايڏو سور پوندو
هو، جو ديوارن سان مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي رات گذاريندو
هو، ۽ نيٺ رات جي تاريڪيءَ ۾ ئي هڪ ڏينهن هو گم ٿي
ويو.
هڪ ڀيري ڊاڪٽر نبي بخش خان خلوچُ هن کي مون سان
ٺاهه ڪرائڻ لاءِ رٽز هوٽل حيدرآباد ۾ وٺي آيو، جتي
آءٌ رهيل هوس. مون کي ٻن منٽن ۾ هن سان گفتگوءَ
مان محسوس ٿيو ته منهنجو هُن سان ۽ هُن جي ٽولي
سان ٺاهه ٿي نه سگهندو. هُنن جو خدا ٻيو آهي،
منهجو خدا ٻيو آهي. ڪيڏانهن ويو ابراهيم خليل،
رشيد لاشاري، ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ راز؟ هڪ
عبراني پهاڪو آهي ته ”تون جڏهن موت جي باري ۾ سوچڻ
ٿو لڳين، ته تنهنجو زندگيءَ مان اعتبار نڪري ٿو
وڃي.“
سقراط چيو هو ته ”الوداع جي گهڙي ويجهي اچي پهتي
آهي، مون کي مرڻو آهي ۽ توکي جيئڻو آهي.“
ڪهڙي ڳالهه بهتر آهي، اهوته خدائي چئي سگهي ٿو!
ورجل چيو هو ته ”هر ڪنهن جو وقت مقرر آهي، زندگي
مختصر آهي، ۽ موت اڻٽر آهي.“
عجب جي ڳالهه آهي ته هن سان هُڪ ڀيرو منهنجي
ملاقات ابراهيم جويي ڪرائي هئي. هو لاڪاليج ڀرسان
بيٺو هو ۽ هن جي سٿڻ جا لم لم ڪندڙ پاڇا بجليءَ جي
روشنيءَ ۾ لڏي رهيا هئا. ابراهيم جويي هن سان ڀاڪر
پائي چيو، ”مون کي تو مان سنڌ جي خوشبو اچي رهي
آهي.“ پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته ”هي آهي
سردار علي شاهه، سنڌ جو وڏو محب وطن آهي.“ محمد
ابراهيم جويو ڪيڏو نه ڀُليل هو، ڪجهه سال پوءِ هن
جي جويي سان دشمني اسان سڀني جي گلي ۾ پَئي.
دراصل مان سردار علي شاهه جو ٿورائتو آهيان. هو
اڪثر مون تي ”مهراڻ“ جو پهريون صفحو يا ايڊيٽوريل
لکندو هو. هن ئي مون کي سنڌ ۾ ڪميونزم ۽ ائنٽي ون
يونٽ تحريڪ جي علامت بڻائي ڇڏيو. اُن دور ۾ منهنجي
خلاف ۽ منهنجي دفاع ۾ اخبارون ڀريون پيون هونديون
هيون، جن جا تراشا مون کي ابراهيم جويي ڏنا هئا،
جي گهڻو پوءِ سنڌ ۾ منهنجي گهر اندر دهشتگردن
جلائي ڇڏيا. مرحوم شيخ علي محمد پنهنجي روزاني
اخبار ”عبرت“ پوءِ ”هلالِ پاڪستان“ ۾ ڪيترائي صفحا
منهنجي دفاع ۾ لکيا. مون پاڻ تي تنقيد کي بي
فلڪائيءَ سان ڏٺو، ۽ اُها منهنجي شاعريءَ لاءِ وڏو
اُتساهه ثابت ٿي.
منهنجي شاعري ”من و گرز و ميدان و افراسياب“ (مان،
گرز، ميدان ۽ افراسياب) جو مثال هئي. مان ڪڏهن
حيدرآباد هوندو هوس، ڪڏهن ميرپورخاص، ڪڏهن سَن،
ڪڏهن موري، ڪڏهن ٻَني وغيره ۾ هوندو هوس. اُن وچ ۾
منهنجي 1965ع واريءَ نظربنديءَ کان پوءِ جڏهن جي.
ايم. سيد ”بزمِ صوفياء
سنڌ“ ٺاهي، تڏهن مون اُن ۾ سرگرم حصو ورتو. مرحوم
حيدر بخش جتوئي جڏهن سيد جي افتتاحي خطبي ۾ ٻُڌو
ته تحريڪ جو نالو ”بزمِ صوفياء سنڌ“ ٿا رکون، ته مرحوم حيدر بخش جتوئيءَ چيو ته ”هِن دور ۾
صوفيا جي ڪهڙي اهميت آهي؟“ مون اِن تي چيو ته
”اِهو نالو مناسب آهي، جيستائين اسان جي نصب العين
جو پتو پوي، اُهو نالو اسان تي نقاب وانگر آهي.“
پهرين پهرين ڪنهن شاعر ون ــ يونٽ خلاف شعر پڙهيو،
ته جي. ايم. سيد هن کي دٻ ڪڍي ته هو چُپ ڪري!
پهرينءَ ۽ ٻيءَ ڪانفرنس ۾ فقط مرحوم جي. ايم. سيد
افتتاحي خطبا پڙهيا. ٽين ثقافتي ڪانفرنس ٻڍاپور ۾
ٿي، جتي آجيان جو خطبو مرحوم نور محمد پليجي
پڙهيو، افتتاحي خطبو جي. ايم. سيد پڙهيو، ۽ مشاعري
تي صدارت مون ڪئي، ۽ صدارتي خطبو پڙهيو، جو هِن
ڪتاب جي آخر ۾ ”ضميمو الف“ ڪري شامل ڪيو ويو آهي.
وري ڇهين ثقافتي ڪانفرنس سن ۾ ٿي، جتي آجيان جو
خطبو رسول بخش پليجي پڙهيو، افتتاحي خطبو ۽ مشاعري
جي صدارت مون ڪئي، جو ”ضميمو ب“ ڪري هن ڪتاب ۾
شامل ڪيو ويو آهي.
مان جڏهن حيدرآباد ويندو هوس، ته نور محمد پليجي
کي الائي ڪيئن خبر پئجي ويندي هئي ته مان آيو هوس
۽ فلاڻي هنڌ ترسيل هوس. هُو پنهنجي خرچ تي ٽئڪسي
ڪري مون کي سائينءَ وٽ سن وٺي هلندو هو. هُن مون
کي ٺٽي ضلعي ۾ سندس ڳوٺي ٻني جي دعوت به ڏني ۽ جيپ
تي ڪٿي وٺي هليو هو، مون کي اُتي ٻيڙين تي پلي جو
شڪار ڏيکاريو هئائين، ۽ جنهن وقت سنڌوءَ تي صبح جي
شفق ڪنهن ڪنواريءَ جي چهري تي حياءَ وانگر ڇائنجي
وَئي تنهن وقت اسين ڪنڌيءَ تي پهتاسين ۽ پوءِ
واريءَ ۾ پڪل
پلا کاڌاسين. جڏهن ٻيڙين ۾ هئاسين تڏهن نور محمد اسان کي پلي مارڻ
جا سَنڍَ، ڀَنَ، گهائو ۽ اوجهڻ ڏيکاريا، ۽ پلي
مارڻ جو پراڻو اُهو طريقو ٻڌايو جنهن ۾ گهاتو مَٽَ
تي پيٽُ رکي لهوارو ترندو ويندو ۽ ڪُڙههِ جي ڏور
کي سڄي هٿ سان مضبوط جهليندو آهي. هو ڄاريءَ جي
ڳوٿري ڊگهيءَ ڇڙهه ۾ ٻڌندو آهي جنهن سَڄيءَ کي
”ڪُڙهه“ يا ”ڪُڙهي“ چوندا آهن. اوڀارو ويندڙ پلو
اُن ڳوٿريءَ سان ٽڪرندو مَس آهي ته گهاتو ڏور کي
ڍلو ڪري ڄار کولي ڇڏيندو آهي، جا پوءِ پاڻيءَ جي
وهڪري تي بند ٿي ويندي آهي. هو پوءِ پلي کي سوئو
هڻي مَٽَ ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. مون هڪ ڀيري مشرقي
پاڪستان (پوءِ جي بنگلاديش) ۾ باريسال علاقي ۾
هَلسا مڇي کاڌي هئي، جنهن جو سواد
پلي جهڙو هو، ۽ جا گنگا نديءَ ۾ ڦاسائي ويندي آهي.
جڏهن آگبوٽ ۾، نارائڻ گنج کان باريسال ڏانهن
ويندي، صبح جو اک کُلي هئي ته ڪيئي هَلسا مڇين سان
ڀريل نوڪائون جهاز جي ڀرسان مليون هيون، جتان
بنگالي بورچيءَ ڪجهه وٺي ناشتي لاءِ تريون هيون.
نور محمد ٻَني ۾ اُن سفر ڀيرينءَ راڳائي به
گهرايا، جن رباب ۽ تنبوري تي اسان کي عجيب دل
لڀائيندڙ راڳ ٻڌايا هئا. نور محمد اُن ڀيري، ڪڇ جو
ناچ راسُوڙو ۽ گجرات جو ناچ گُربو به ڪرايو هو.
برصغير ۾ سياسي سرحدون پنهنجيءَ جاءِ تي، باقي
ثقافتي سرحدون ڪونه آهن. نور محمد مون کي ڪلان
ڪوٽُ ۽ ٻُڌڪن جا ٽَڪر به ڏيکاريا، جتي اهڙيون
سِروُن لڌيون آهن. جن تي ٻُڌ جو مورتيون هيون.
ماڃيِ راءِ جي ماڙي، جاکِي بندرُ، شاهه بندرُ، نند
ڪوٽُ جتي مومل جي ماڙيءَ تي مينڌرو هن سان ملڻ
ويندو هو، اُهي به ڏٺاسون. اُتي اکين اڳيان سنڌ جي
عشقيه ڪهاڻي، مومل راڻو، اُڀري آئي هئي، ۽ اُن تي
ڀٽائيءَ جا سُر راڻي ۾ وايون ۽ بيت ائين ٻڌاسون،
جو هانوَ مان سِيرون اڀري ويون هيون. شيڪسپيئر جي
ڊرامي، روميو جُوليٽ، جي پلاٽ جو يا شاعريءَ جو ان
سان مقابلو نه هو. نور محمد اُن سفر دوران اسان کي
ڀنڀور به وٺي هليو هو، جتي مون کوپرين جا ٽڪرا
ڏسي، سوچيو هو ته اُهي ڪنهن سپھ سالار جي کوپڙيءَ
جا هئا يا عام فوجيءَ جا هئا. ماڻهو هر کنڊ مان
عبرت حاصل ڪري سگهي ٿو. هن دنيا جو رُعب داٻ، آڪڙ
۽ ارڏائي سڀ ٿوريءَ دير لاءِ آهن. ”اک ٻوٽ ته
پيارا ڪجهه ناهي.“
ماڻهو ڪيتريءَ نه ٽانءِ ڦونءِ ۾ ڀرجي وڃن ٿا، عهدي
۽ دولت تي هٺ وڏائي ڪن ٿا، پر آخر ۾ جيڪڏهن هنن کي
گهاري ڀرسان ملڪن جهڙي عبرتناڪ مُقام ۾ ڪرمتين
جيتري قبر ملي ته غنيمت آهي. فرعونَ مخروطي منارا
ٺهرائي، پنهنجا ممِي ٺهرائي، اُنهن ۾ ڇا ڇا سامانَ
ڀري رکندا هئا! ممي هڏا ته نه ٿيندا هئا پر شڪل ۾
ممي به هڪ وڏي هڏي وانگر هوندي هئي، جي لاشا مون
لينن گراڊ ۽ لنڊن ۾ ڏٺا هئا. راڻيءَ نيفرتيءَ ۽ هڪ
نهٺيءَ هارياڻيءَ جا هڏا هڪجهڙا هئا. ڪٿي هو مومل
جو مجاز، جنهن جي تارن ۾ راڻي تبرون ڏٺيون هيون!
سڀ فنا، ڪجهه به نٿو رهي، سواءِ هِن ڌرتيءَ جي. جي
روح آهي ته اُهو به جسم کي الوداع ڪري ڪنهن
سانگيءَ پکيءَ وانگر اُڏريو ٿو وڃي. سڄو ٺٽو ضلعو
به اِئين ـــ ”آثار
پديد
است صناديد عجم را“! واري ڳالهه آهي. مڪليءَ تي
وڃي انسان هڪ ڀيرو چڪر ڏئي اچي، ته هن کي تاج ۽
تخت جي اصلي معنيٰ نظر اچي وڃي، جن کي سياسي ڳورپٽ
۽ ڳجهون اڄ به چنبڙيون پيون آهن.
هڪ ڀيري بدي جي مند هئي. اسان جيپ
رڙيءَ وٽ جهلِي ته اُتي ”ڪَنگَ به ڪونه ٿي رڙيا!“
لاڙ ۾ چوڻي آهي ”بڊو اک ڪڍو.“ اسان کي هڪ گهاٽو وڻ
نظر آيو جتي اسان جيپ روڪي، بڙ جي ٿڙ سان ٽيڪ ڪيو
هڪڙو ڳڀرو ويٺو هو ۽ نڙ هلائي رهيو هو. اسان پڇيو
ـــ سونس ته ”ڪجهه ڳائي
به
سگهندين!“ هن چيو ”سانوڻ فقير ٻڌندءُ؟“
”اسان چيو ته وه واه!“ پوءِ هن سانوڻ جا ڪجهه بيت
ڳاتا. سانوَڻ هو ته سگهڙ، پر ڳڀروءَ جي آواز ۾ ڄڻ
جهڙَ جهِمي پيا. شام جو،
ٺٽي جا موتئي جا هار ڳچيءَ ۾ پاتا ۽ ابريشم جي
شربت جا ٻه گلاس پيتا، ته سفر جو ٿڪ لهي ويو. رات
جو مون اُن ميربحرياڻيءَ جو گهر ڳوليو، جا مون سان
تڏهن ملي جڏهن مان جمال صديقيءَ سان ٺٽي ڪيس هلائڻ
آيو هوس. گهٽيون ويران پيون هيون. هڪ گهٽيءَ جي
دروازي تي شڪ پيو، مون پڇيو ته ”فلاڻي آهي!“ ”نه
بابا، هتي ته فلاڻي نه آهي.“ وري هڪ ٻئي دروازي تي
شڪ پيو، در کُڙڪايم ته هڪ پوڙهي نڪتي. مون هن کان
پڇيو ته ”فلاڻي آهي؟“ هن چيو ”بابا، تون فلاڻيءَ
کي سڃاڻندو هئين ڇا؟ هوءَ ته مدي جي بخار ۾ ڪيئي
سال اڳ مري وئي.“ مون کي هن جو ٺٽي جو موتئي جهڙو
بدن جنهن تي دريءَ جي سيخن مان چانڊوڪي پئجي رهي
هئي، ياد آيو. مون هڪ ٿڌو ساهه ڀري اکين مان ٻه
ڳوڙها اُگهيا. ڪٿان جو ڪٿان اچي مَنُ نڪتو آهي.
ڪٿي پلي جو شڪار، ڪٿي هلسا مڇي، ڪٿي سکر جيل ۾ ڀَن
جهڙو وارڊ! مان به سانگيءَ پکيءَ کان تيز ٿو سفر
ڪيان!
بهتر ٿيندو ته هاڻي پُٺتي وڪالت ۾ وڃڻ کان اڳ
سردار علي شاهه ۽ ٻين جو قصو پورو ڪري وٺان، جي
عزازيل جا مهمان آهن. مان ڪو پير پوٽو ته نه
آهيان، پر جڏهن ”بيگ تنهنجي بيگي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪانه“
چوندو آهيان، ته حالات دگرگون ۽ انسان تالان والان
ٿي ويندا آهن. ڪنور ڀڳت جي پٽ هن جو موت کان پوءِ
پلئه ڪيو، منهنجي دل منهنجي جيئري پلئه ڪري وٺندي
آهي. ڪٿي
آهي
مَلڪُ امير احمد، ڪٿي آهي غلام نبي ميمڻ، ڪٿي آهي
جسٽس خميساڻي، ڪٿي آهي اُهو ائڊووڪيٽ جنرل جنهن
منهنجي ضمانت جي درخواستَ، ڪوڙو بيان ڏئي،
خميساڻيءَ کان رد ڪرائي هئي! ڪٿي آهي ايوب خان،
ڪٿي آهي يحييٰ خان؟ ڪٿي آهن منهنجا جيلر، ۽ مون تي
رپورٽون ڪرڻ وارا؟ مون تي ڪالم ڪارا ڪرڻ وارا؟
مان ڪهاڻي جاري ٿو رکان:
هڪ سلطان نالي بهاري سکر سي. آءِ. ڊيءَ ۾ انسپيڪٽر
هوندو هو، ۽ بنگلاديش جي بُحران وقت پاڻ کي سکر
مان ڍاڪا ٽرانسفر ڪرايائين. مُڪتي باهنيءَ جي هڪ
گولي هن جي دل کي فل اسٽاپ ڏئي وَئي.
هو مقصود احمد، پنجابي سودگرانِ سکر جو سَرغنو،
جنهن مون لاءِ سکر ۾ رڻ ٻاري ڏنو هو، ملتان مان ٿي
آيو، ته بس ۾ دل بيهجي ويس. هو مارڪيٽ ٽاور ۾ ڪتاب
گهر وارو ڪَياني به راه عدم وٺي ويو. ڪوئيٽا کان
اڳ ۾ هڪ اسٽيشن آهي جنهن کي ”آب گُم“ چيو ويندو
آهي. منهنجا ڪيترا دشمن آب گم ۾ غرق ٿي ويا. حسن
ميان، رحمان علي اي. ڊي. ايم، چوڌري بشير سان، مون
کي جيل موڪلڻ جون سازشون ڪندا هئا. چوڌريءَ سوُڌا،
آبِ گم ۾ راهِي عدم ٿيا. سکر جا سنڌي وڪيل، جي مون
سان حسد ڪري منهنجي خلاف سازش ۾ ٻِٽُ هوندا هئا،
تن کي موت ائين کنڀي ويو جئن شڪرو جهرڪ کي کنڀي
ويندو آهي. ڪيئي جج، جي منهنجي ادبي شهرت کان
سڙندا هئا ۽ جي زن صفت هوندا هئا، هاڻي ڪنهن ابدي
ڦاهيءَ ۾ لڙڪيا پيا هوندا. هتي ڦاهيءَ جي فتويٰ هو
ڪيڏيءَ آسانيءَ سان ڏيندا هئا. جڏهن انگريز سيشن
جج هوندا هئا ته اُهو قلم ڀڃي ڇڏيندا هئا، جنهن
سان هو ڦاسيءَ جي فتويٰ تي دستخط ڪندا هئا.
۽ سکر ۾ مون اهڙا جج به ڏٺا هئا، جي ڦاسيءَ جي
فتويٰ ڏئي ٽهڪ ڏيندا هئا. اُهي زن صفت هئا ۽ هر
مُڙس ماڻهوءَ کي نفرت سان ڏسندا هئا. دوست جيڪي
گذاري ويا، اُنهن جو ذڪر مان اڳيئي ڪري چُڪو
آهيان. جيڪي دشمن گذاري ويا آهن، مان اُنهن جي موت
تي خوش نه ٿو ٿيان. رڳو حيران آهيان ته هن مختصر
زندگيءَ تي ڪيئن انسان آپي مان نڪري وڃن ٿا. هو
اِهو نه ٿا ڄاڻن ته موت هڪ شڪاريءَ وانگر سندن
پٺيان تيرُ تاڻي بيٺو آهي، ڪيترو نه اُٻرڪو ۽
اُڀام آهي، انسان ۾! نيٺ موت ڀڳل دانگيءَ وانگر
هُن کي ڦٽي ڪري ٿو ڇڏي.
پراڻي سکر ۾ ٽانگي اسٽينڊ
وٽ رياست عليءَ نالي هڪ وڪيل رهندو هو، جنهن
پهريون ڀيرو هڪ مقامي اُردو اخبار ۾ منهنجي خلاف
مضمون لکيو ته مان اسلام دشمن ۽ پاڪستان دشمن ادب
تخليق ڪري رهيو آهيان. اُهو هُن سکر جي رجعت پرست
سنڌي اديبن جي شَههَ تي لکيو هو. ٻه ڏينهن پوءِ
مان ڪراچيءَ وڃي رهيو هوس ۽ ابراهيم جويي کي فون
ڪيم ته ”مون سان ڪوٽڙيءَ جي اسٽيشن تي ملي.“
مون کي هوا ۾ ڪُجهه هُريو پِئي ۽ ائين ٿي لڳو ته سازش پنهنجي چوٽ تي پهچي چُڪي آهي، ۽ هاڻي سرڪار مون
تي ڪوئي قدم کڻڻ واري آهي. مون مضمون جي اشاعت ۽
سکر ۾ بيچينيءَ جي باري ۾ ابراهيم جويي کي ٻُڌايو،
هن حسبِ معمول جي. ايم. سيد وانگر ڏند ڪرٽي چيو ته
”تون وهمي ٿي پيو آهين.“ اڳتي جيڪي ڪجهه ٿيو، اُن
جي باري ۾ مان اڳيئي لکي آيو آهيان. منهنجي جيل ۾
رهائيءَ کان پوءِ رياست عليءَ کي شوق ٿيو ته
ڪوئيٽا ۾ ڪجهه وقت آرام ڪندس ته صحت سُڌري پوندي.
ڪوئيٽا ۾ هو دل جي دوري پوڻ ڪري چاليهن ورهين جي
عمر ۾ مري ويو. مون کي ”نهج البلاغھ“ مان حضرت
عليءَ جو قول ياد آيو ـــ ”اُها تدبير، جا موت جو
ڪارڻ ٿي سگهي ٿي، اُها به تقدير جو حصو آهي،“ ”نهج
البلاغه“ ۾ چوڻيون مارڪس آريلس جي چوڻين کان وڌيڪ
ڏاهپ واريون آهن. جهيڙو مون سان اِن تي هو ته مون
چيو ٿي ته تاريخ مفتوح ۽ فاتح لکندا آهن ۽ پنهنجي
هر حرامزادگيءَ تي پردو وجهندا آهن. مون چاهيو ٿي
ته اهڙو ڪو مورخ هجي، جو سنڌي تاريخ ائين لکي،
جيئن موهن جي دڙي جي تاريخ لکي وئي آهي. آثارِ
قديمه مان نوان نتيجا ڪڍيا وڃن. افسوس جي ڳالهه
آهي ته اِئين ڳالهه فقط ابراهيم جويي ”شاهه، سچل ۽
سامي“ ڪتاب لکي ڪئي، ٻيو ڊاڪٽر مبارڪ علي اُردوءَ
۾ ڪتاب لکي ڪنهن حد تائين ڪئي آهي. مون اهو به ٿي
چيو ته سنڌي ٻولي ۽ ثقافت برصغير جي اهم ٻولي ۽
ثقافت آهي ۽ ڪنهن کي ان جي تقدس سان چُراند جو حق
نه آهي. مون اهو به چيو ٿي ته تاريخ جي نازڪ موڙ
تي اسٽالن، پيٽر اعظم ۽ ايوان دي گريٽ کي، ضرورت
جي نظريي تحت، هيرو ڪري پيش ڪيو. اسان کي به
پنهنجيءَ تاريخ کي ڇنڊڻ جو ساڳيوئي حق آهي. مون
چيو ٿي ته اسان جا محقق تاريخ تي تحقيق نه ڪري
رهيا آهن، پر تاريخ جي تضحيڪ ڪري رهيا آهن، ۽ اُن
مان مون کي فاتح قوم جون اکيون گهورينديون ٿيون
نظر اچن. تاريخ عوام جي ٿيندي آهي، حڪام جي نه
ٿيندي آهي. منهنجا مخالف منهنجي تاريخ جي نظريي تي
ڪاوڙيا هئا. هو ته پنهنجي جهول ۾ تاريخ جو ڪچرو
کڻي آيا هئا ۽ منهنجي سامهون هيرا جواهر ڪري هاريو
هئائون.
هاڻي وري ٻيءَ گهٽيءَ ۾ ڪافي دور هلي ويو آهيان،
پٺتي موٽان:
سکر جو هڪ واپاري، جو ذات جو کوجو هو، ۽ مارڪيٽ
ٽاور جي هيٺان ڪتاب گهر جو مالڪ ڪياني ۽ ڪجهه ٻيا،
ڪيانيءَ جي دڪان تي ڪٺا ٿيندا هئا. ڪيانيءَ کي اها
شڪايت هئي ته مان سنڌي ۽ اَڻ اردو شاعريءَ ۾
Purist Movement
شروع ڪئي آهي، ۽ اُن ۾ فارسيءَ ۽ اُردوءَ جا لفظ
ڪم آڻڻ بدران هنديءَ جا لفظ ڪم ٿو آڻيان. اُهي لفظ
هو سمجهي نه ٿا سگهن ۽ انڪري مان صوبائي مفاهمت،
مُلڪي سالميت ۽ استحڪام جي خلاف ڪم ٿو ڪيان ۽ سنڌي
قوم پرستي ڦهلائي رهيو آهيان. مون ڪَيانيءَ کي
سندس دڪان مان ”ميراجيءَ جا گيت“ ڪتاب ڪڍي ڏيکاريو
ته تون هي ڪتاب وڪڻي ڪهڙي قومي يڪ جهتي ڦهلائي
رهيو آهين، پر هو ۽ هن جا ساٿي نه مُڙيا. اُنهن کي
موت ائين ماري ڇڏيو جيئن ٻار گليل سان پکين کي
چُٽيندا آهن ۽ هو ڌرتيءَ تي اچي ڦهڪو ڪندا آهن.
موت کان ڪنهن کي فرار ناهي چڱو ۽ هر ڪنهن کي اُن
جو ذائقو چکڻو آهي. پر مون ڏٺو آهي ته ماڻهو اها
ڳالهه وساري ٿا ڇڏين
۽ هنن مان گهمنڊ ۽ آڪڙ نه ٿي وڃي ۽ ڪنڌ مان ڪِلو
نه ٿو نڪرينِ جيستائين موت ۾ سندن ڪنڌ لڙي نه پوي.
حبيب الله ناريجو سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو ۽
هن تي الزام هو ته هن يونيورسٽيءَ جو هڪ ڪمرو بم
سان اُڏايو هو. هن کي حيدرآباد جي مارشل لا
ائڊمنسٽريٽر نظربنديءَ هيٺ ٽي سال رکيو هو.
منهنجو ان ۾ ڪوبه هٿ نه هو. پر هن جا دوست شڪ ڪندا
هئا ته مون هن کي نظربند ڪرايو هو. هڪ ڀيري مان
سکر کان شڪارپور وڃي رهيو هوس ته پيٽرول پمپ وٽ هڪ
جيپ بيٺي هئي جا پيٽرول سان ڀري رهيا هئا. جيپ ۾
هڪ شخص ويٺو هو، جنهن کي فلئٽ هئٽ ۽ ڪارو چشمو پيو
هو. جيئن منهنجي ڪار جيپ وٽان
ٿي
گذري، ته اُنهيءَ شخص مون کي گهروڙي بجا ٿي ڏنا.
مون ڊرائيور کي چيو ته ڪار پٺتي موٽاءِ. مون چتائي
ڏٺو ته جيپ ۾ حبيب الله ناريجو ويٺو هو. هو رُگهٽو
هو ۽ پنهنجيءَ سگهه تي ڏاڍو بانور هوس ۽ چوندو هو
ته ”آزاد سنڌ جي فوج جو مان ڪمانڊر اِن چيف
هوندس.“ مون اها ڳالهه حيدرآباد ۾ نور محمد کوجي
سان ڪئي ۽ حيرت ڏيکاري هئي ته جيئي سنڌ تحريڪ جا
سرڪردا ائين اکين ٻُوٽ ٿي پيا هئا. ڪجهه مهينا
گذريا ته حبيب الله ناريجي کي ڪنهن لاڙڪاڻي ۾ هن
جي گهر ٻاهران گوليون هڻي، اُنهيءَ ماٺ ۾ ڌڪي
ڇڏيو، جنهن اڃا تائين ٻڙڪ نه ٻاڦي آهي. قاضي محمد
عمر، جو نور محمد کوجي جو گهرو دوست هو ۽ گڏجي
پاڪستان کان ٻاهر سير سفر ڪيا اَٿائون، هڪ ڀيري
مون وٽ آيو. هو طارق اشرف جو دوست هو، جو ”سهڻي“
رسالو ڪڍندو هو ۽ غلام نبي مغل سان هن جي فلئٽ ۾
پرنس ڪامپليڪس جي بي بلاڪ ۾ رهندو هو. مان ڪجهه
ڏينهن اڳ چوٿينءَ هارٽ ائٽڪ مان اُٿيو هوس. صبح جو
در هيٺان روزانو اخبارون کڻڻ ويس، ته ڏٺم ته در
هيٺان اُنهيءَ مهيني جو ”سُهڻي“ رسالو به پيو هو،
مون ڏٺو ته رسالي ۾ موهن ڪپلنا جو انٽرويو ڇپيو
هو. جنهن ۾ چيو هئائين ته ”شيخ اياز شاهه لطيف کان
11 نمبر تي آهي.“ وچ ۾ نَو ڪير هئا، اِهو هن نه
چيو هو. هو ته اُهو خوش طبعيءَ جو مظاهرو، پر طارق
اشرف اهو ڄاڻي واڻي ڇاپيو هو ته جيئن مون کي غصو
اچي. مان هارٽ ائٽڪ مان چار پنج ڏينهن اڳي بستري
مان اُٿيو هوس. ان اذيت رسائيءَ جو ڪارڻ ڪهڙو هو،
مان سمجهي نه سگهيس. موهن ته منهنجو دوست هو ۽ هن
طارق اشرف جي روبرو هڪ بيٺڪ ۾ چيو هو ته ”شيخ اياز
کي نوبيل پرائيز ملڻ گهرجي“ ۽ هن جي غير حاضريءَ
۾ اُلهاس نگر ۾ هن ساڳي ڳالهه چئي هئي ۽ وڌيڪ چيو
هو ته ”نوبيل پرائيز لاءِ اِهو شرط نه رکيو وڃي ته
شاعريءَ يا ناول جو انگريزيءَ ۾ ترجمو هجي.“ شام
جو قاضي محمد عمر مون وٽ آيو ته مون هن کي چيو ته
”طارق اشرف تنهنجو دوست آهي، تون مون وٽان جڏهن
وڃين ته هي رسالو طارق اشرف کي ڏيندو وڃجانءِ ۽ هن
کي چئجانءِ ته ”تنهنجو رسالو هيٺ اخبارن واري وٽ
ويهين رُپئي ملي ٿو. مون کي جڏهن ضرورت پئي ته
اُتان گهرائي وٺندس، اياز هي رسالو موٽائي ڏنو
ٿِي.“
صبح سان مون کي پنهنجي زال ٻڌايو ته رات جو طارق
اشرف جي گهران تاجل بيوس جو فون آيو ته ”طارق اشرف
گذاري ويو آهي، شيخ اياز کي چئو ته هن جي تڏي تي
اچي.“ منهنجيءَ زال هن کي انڪار ڪندي چيو ته ”اياز
تازو هارٽ اٽئڪ مان اُٿيو آهي ۽ ننڊ جون گوريون
کائي سمهيو آهي، مان هن کي ننڊ مان نه ٿي
اُٿاريان، مون کي ذاتي طرح طارق اشرف جي موت جي
خبر ٻُڌي افسوس ٿيو آهي.“ مون کيس جواب ۾ چيو ته
”افسوس ته مون کي به ڏاڍو ٿيو، مرحوم هڪ بيباڪ
صحافي هو ۽ سنڌ جو فدائي هو. مون تي ٻه نمبر ڪڍيا
هئائين. اهڙي شخص جي ڪنهن به اَرڏائيءَ تي گهٽ ۾
گهٽ مون کي ڪاوڙ ڪرڻ نه گهربي هئي، مان هن لاءِ
دُعائي مغفرت گهرڻ کان سوا ڇا ٿو ڪري سگهان!“
هونئن موت جو ذڪر مون لاءِ زندگيءَ سان محبت جي
نشاني آهي. پر انساني زندگي ڇا آهي؟ مرحوم شيخ
عباس چواڻيءَ ”زيرو
(Zero)
زيرو زيرو......“
مون جڏهن بيماريءَ سبب سکر مان لڏيو ته فقط هڪ
ڀيرو واپس ويو آهيان، سو به ڪتابن کڻڻ لاءِ، پر
بيمار هوس ۽ بدر اُڄڻ ۽ فتاح ملڪ وغيره جي دعوت ۾
به شريڪ نه ٿي سگهيس. انيس جنهن کي اونو هوندو هو
ته پرپٺ اسان جي گهر مان سامان چوري ٿي ويندو، سو
به ماءُ سان گڏ هليو هو. مان اڌ ڪتاب کڻي سگهيس،
جي هڪ پوريءَ ٽرڪ ۾ ڀرائي ادل سومرو ڪراچيءَ کڻي
آيو. مون ادل کي ٻه کوکا ڪتابن جا برڪت علي آزاد
لاءِ تحفي طور ڏنا، جو بيمار هو ۽ جنهن جو گذر سفر
ڪتابن جي وڪري تي مدار رکندوهو. اڃا هڪ ٽرڪ ڪتابن
جي، منهنجو سارو رڪارڊ، سوين سنڌي، اُردوءَ ۽
انگريزيءَ جا رسالا، ڪيئي لانگ پلي رڪارڊ، ٽي
ريفريجريٽر، ٻه ٽيلي وزن سيٽ، ڪراڪري ۽ ٻيو ڪيترو
سامان، جو منهنجي زال شاديءَ واري وقت کان پوءِ
ڪٺو ڪيو هو، اُن مان ريل جو هڪ گاڏو ڀرائي هنڌ
بسترا وغيره انيس کڻائي آيو، باقي سڀڪجهه اُتي
رهجي ويو. جڏهن ڪراچيءَ ۾ دهشت گردي شروع ٿي، ته
اُن جو اثر سکر، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ نواب
شاهه تي به پيو. پراڻي سکر ۾ منهنجا فقط ٻه دوست رهندا
هئا. هڪ ستار خان جنهن سکر جي مضافات ۾ وڏو بنگلو
ٺهرايو،
۽ ٻيو حسن حميدي، جو هن دنيا مان ئي لاڏاڻو ڪري
ويو. منهنجي عدم موجودگيءَ ۾ بجليءَ جي بل نه ڀرڻ
ڪري، جڏهن بجلي ڪٽي
وئي
تڏهن پنج دهشت گرد منهنجي گهر ۾منهنجن ڪتابن ۽
رڪارڊ کي باهه ڏئي روشني ڪندا هئا ۽ اُن ۾ سامان
چوري ڪندا هئا ۽ ڪلاشنڪوف ڏيکاري پاڙي ۾ لاف زني
ڪندا هئا ته وڪيل صاحب ڇا ٿو ڪري. قدرت خدا جي،
اُهي چوريون ڪندي ۽ کاٽ هڻندي، رينجرس جي مُنهن
پيا، مقابلو ٿيو، رينجرس پنجن ئي کي گولين سان
پروڻ ڪري ڇڏيو. مون يوسف شاهين کي جڏهن اِها ڳالهه
ٻڌائي ته حيرت سان پڇيائين ”ڇا پنج ئي ماريا ويا؟“
”ها پنج ئي“ مون جواب ڏنو، گوليون پنجن ئي ۾
”زيرو، زيرو“ ٺاهي ويون.
تنهائيءَ ۾ مون کي ڪيترا نه روڳي ويچار ورائي ويا
آهن! مان ته زندگيءَ جو شاعر آهيان. فطرت، محبت ۽
حيرت جو شاعر آهيان. سارو وقت مان حسن جي تلاش ۾
رهيو آهيان ۽ هن رنگارنگ ڪائنات کي ايتريءَ محبت
سان ڏٺو اٿم، ڄڻ اُها ”همه اوست“ جو مظهر آهي.
اڳين صوفي شاعرن جيئن مان چئن علامتن ۽ استعارن جي
چڪر ۾ نه ڦرندو رهندو آهيان. منهنجي پراڻي دوست،
رام پنجواڻيءَ، جو مون سان پڙهندو هو ۽ افسانه
نويس هو پر ڀارت
۾
ادب کي ترڪ ڪري، سارو وقت وڪالت کي وقف ڪيو
اَٿائين ۽ هاڻي ڀارت جي سپريم ڪورٽ جو سينئر وڪيل
آهي، مون کي طنز سان لکيو ته ”مون تنهنجن دعائن جو
ڪتاب به پڙهيو آهي.“ مون هن کي لکيو ته ”جڏهن
ڪميونزم جو ترو نڪري ويو ۽ اُن جو جدلياتي ماديت
جو فسلفو هڪ واهيات بڪواس ثابت ٿيو، تڏهن مون
پنهنجي مذهب ۾ آفاقي اقدار ڳوليا. اُهي دعائون جڳ
جهان لاءِ آهن ۽ انهن جو مثال ساريءَ دنيا جي ڪنهن
ملان يا پنڊت جي دعا ۾ نه آهي. نه انهن ۾ ڪوئي
تعصب آهي، نه ڪنهن فرقي يا مذهب لاءِ نفرت آهي.
باقي جي اوهين منهنجي تخليق کي اُن جي دهريت جي
ڪري ئي قبول ڪرڻ چاهيو ته اها ٻي ڳالهه آهي، مان
اِن ۾ اوهان سان متفق نه آهيان.“ زندگيءَ جي ذاتي
تجربي ۽ مشاهدي مون کي قائل ڪيو آهي ته خدا.
روح ۽ زندگي جاويد آهي. باقي جي تون اڳيان اپنشد
ڏسندين جن ۾ وحدانيت جو تصور آهي ته منهنجن دعائن
۾ اُنهن جي خلاف ڪائي ڳالهه نه آهي. مون ايترو موت
ڏٺو آهي، جو زندگيءَ جو پل پل نعمت ٿو سمجهان ۽
اُن کي وڃائڻ نه ٿو چاهيان، مان زندگيءَ جو جام
تري تائين پي وڃڻ ٿو چاهيان عزرائيل کي اُڃ مارڻ
ٿو چاهيان. جي خدا جي مهر ٿيندي ته
مان پنهنجو ڪم پورو ڪري ويندس ـــ ڪم جيڪو نه مان
دولت جي لاءِ ڪريان ٿو ۽ نه شهرت لاءِ، پر فقط
پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ، جا منهنجي ڀرپور تخليقي
اظهار ۾ آهي. فقط دنيا جا ڪجهه ديوانا مصور مون
وانگر لڳاتار ڪم ڪندا هئا، ۽ ڪوبه شاعر اهڙو نه
ٿيو آهي. مان اهي ”نوبيل پرائيز وِنرس“ جا سڀ ڳٽڪا
ڏٺا آهن، فقط بحر بي ڪنار جي ساحل تي واريءَ مان
رانديڪا ٺاهيا اٿائون. منهنجي خود اعتماديءَ کي
اناپرستي نه سمجهيو وڃي. جي مون کي پاڻ ۾ اعتبار
نه آهي ته
مان ڪائي بي مثال تخليق ڇڏي ٿو وڃان، ته باقي زندگي آرام ڇو نه
ڪيان ها؟ هي جو پيريءَ ۾ پنجين بجي صبح جو اُٿي
لکان ٿو، ته اُن لاءِ ڪوئي اُتساهه آهي! باقي وقت
مان گهر ٻار جي ضرورتن ڏانهن جوڳو ڌيان ڏيان ٿو. |