مون وڌيڪ چيو ته ”غني ڪاشميريءَ نالي هڪ ڪشمير جو
فارسي شاعر ۽ اهل الله هو. هو گهر ۾ هوندو هو ته
ٻاهران تالو ڏياري ڇڏيندو هو. جڏهن گهر کان ٻاهر
ويندو هو ته دروازو کليل ڇڏي ويندو هو. ڪنهن کانئس
پڇيو ته ”هيءَ ڪهڙي ڳجهارت آهي؟ تون گهر ۾ آهين ته
ٻاهران تالو ڏئي ٿو ويهين ۽ جڏهن ٻاهر وڃين ٿو ته
دروازو کليل ڇڏي وڃين ٿو!“ غنيءَ جواب ڏنو ته ”هن
گهر ۾ قيمتي شيءِ مان ئي ته آهيان.“ انهيءَ لاءِ
ئي ڀٽائيءَ چيو آهي:
”پنهنجو پاڻ سڃاڻ اَٿي قيمت سندو قطرو.“
جي ان ڳالهه کي اوهان رجعت پسندي چئوَ ته اُها
مهاوير ۽ ٻُڌ کان وٺي ڪبير ۽ ميران ٻائيءَ تائين
پُراڻي آهي ۽ مون کي فخر آهي ته مان ان سلسلي جي
ڪڙي آهيان. ڇو ته هنن موت ۽ زندگيءَ جون بنيادي
حقيقتون ڄاتيون هيون. مون کي چيو ويو ته اڄ آرتوار
آهي ۽ انڪري ”رپورٽر“ ڪوبه نه آهي. مون ان تي چيو،
”پوءِ ته ڏاڍو چڱو.“ پر هڪڙي شخص پٺيان ويٺي
منهنجي تقرير لکي ۽ ويهارو سٽون ٻن ڪلاڪن جي تقرير
جي باري ۾ اخبارن ۾ آيون! اڄ 12 نومبر تي حيدرآباد
جي هڪ نوجوان صحافيءَ، شاعر ۽ نقاد پنهنجي مضمون
”سَرءُ جي شام“ ۾ پڇيو آهي: ”ڇا، مان ڏيئو
ٻاريان؟“ فقط اهو صحافي آهي، جو مختصر خبر پڙهي
به، منهنجي روح تائين رسائي حاصل ڪري سگهيو آهي.
مون کي اُهو مضمون ڪافي وڻيو ۽ اڳي هن تي جو رنج
هو، سو به لهي ويو. ۽ نه وڌ ڪا شڪايت رهي:
”هي اڻ ڄاڻ ڄاڻو، هي بي سمجهه سمجهو؛
ڀريءَ بزم ۾ مون اڪيلو گذاريو!“
مان اُن مضمون مان هن جا آخرين ٽُڪر ڏيان ٿو......
”اُهي ماڻهو ڪنوارا رهن ٿا، جن جا وهاڻا اڌ خالي
رهن ٿا ۽ اڌ ننڊ ۾ پاسو ورائيندي کَٽ جي ٻانهين
اُنهن جي دل ۾ ڌڪ هڻي ٿي. اُنهن کي مادي ڪاميابيءَ
جي جستجوءَ سان گڏ، پنهنجون ڪجهه گهڙيون اُنهن
راهن جي نالي به ڪرڻ گهرجن، جيڪي راهون شبنم جي
دنيا سان شروع ٿين ٿيون ۽ شبنم جي دنيا تي ئي ختم
ٿين ٿيون، جن تي جاپاني شعر رهنما ستارن وانگر
چمڪن ٿا. اهي ڪچهريون بلڪل بي معنيٰ لڳن ٿيون، پر
پوءِ به اُهي بي انت آهن. محبت لاءِ وقت ڪڍو،
انتظار لاءِ وقت ڪڍو، ڇو ته اِهي لاڙا زندگيءَ جي
حسن ۾ اضافو ڪن ٿا. اياز جي اها پارت ياد رکو.
محبت کان سواءِ تصور انتهائي تُتو ۽ ڦِڪو آهي.
محبت کان سواءِ زندگي اُن آکيري جهڙي آهي، جنهن جو
پکي اُڏامي ويو هجي......“
آصف فرخيءَ جي اُردوءَ ۾ منهنجي جنم ڏينهن تي
تقرير، جو ڪراچي ريلوي انسٽيٽيوٽ ۾ ملهايو ويو ۽ جنهن جو سنڌي ترجمو
ولي رام ولڀ ڪري چُڪو آهي، اُهو ترجمو ۽ اعجاز
منگيءَ جو مضمون پڙهي، مون کي ”تحسينِ ناشناس ۽
سُڪوتِ سُخن شناس“ جي شڪايت نه رهي. اُهو سارو
مضمون 12 نومبر 1997ع جي روزنامي ”سنڌ“ ۾ ڇپيو آهي
۽ پڙهڻ جهڙو آهي. اُهو پڙهي، مون کي هڪ سوال دل ۾
آيو ته ”ڇا، مان ڏينهن جي تيز تپت وساري، سنجها جو
ڏيئو ٻاري سگهان ٿو؟ ڇا، مون کي ايتري مهلت آهي؟
اربندو گهوش ڪيتريءَ عمر ۾ پنهنجي ڪتاب
“Life Divine”
جا ٻه حصا لکيا هئا ۽ ڪيتريءَ عمر ۾ پانڊيچريءَ ۾ آشرم ٺاهيو
هئائين؟ بهرصورت اهو ظاهر آهي ته دنيا جي عظيم
آرٽسٽن، ڊراما نويسن، ناول نويسن پنهنجي دؤر جي پس
منظر ۾ اُهو ڪجهه تخليق ڪيو آهي، جنهن کي پائندگي
آهي. ڪاليداس، ودياپتي، ڪبير، ميران ٻائي،
ڀٽائيءَ، ٽئگور، حافظ، رومي ۽ سعدي، هومر ۽ ورجل ۽
ليوپارڊيءَ، گوئٽي ۽ شلر، بودليئر ۽ رامبوءَ،
غالب، سئفو کان وٺي جپاني هائڪوءَ تائين، جو ڪجهه
لکيو ويو آهي، اُن ۾ حسن جي تخليق کي اوليت آهي.
وڏا آرٽسٽ، ليونارڊو ڊا ونچي، مائيڪل ائنجلو، وان
گوگ، پڪاسو ۽ ٻيا ڪيئي آرٽ جي مختلف اسڪولن سان
وابسته هئا، تن حسن جي تخليق کي پنهنجو مقصد حيات
سمجهيو هو. ساڳيءَ طرح ڊراما نويس شيڪسپيئر، لورڪا
۽ يوجين اونيل وغيره اُنهن مقصد تي جهڙو توجهه ڏنو
آهي ۽ ناول نگارن ۽ افسانه نگارن ٽالسٽاءِ، دوستو
وسڪيءَ ۽ چيخوف کان وٺي هيمنگ وي ۽ سمرسيٽ مام
تائين اُهي تخليقون پيش ڪيون آهن، جن جو حسن ابد
تائين زنده آهي.
وقفو ختم، شبنم جي دنيا کي ڇڏي اڳتي زندگيءَ جي
تيز تپت ڏانهن وڌان ٿو:
ڇا ڇا نه ڌاتوري جا ڏينو ۽ گهنچَڪر مون ڏٺا آهن
وڪالت جي زندگيءَ ۾! هڪ چاچو ڀائٽيو وڏا مقدمي باز
هوندا هئا. هو مقدما ائين وڙهندا هئا جيئن ٻار لغر
ويڙهائيندا آهن. نيٺ جڏهن هِن چاچي جي اچي پُني ۽
هو موت جي بستري تي پويان پساه کڻي رهيو هو ۽ هن
جي گهر جا ڀاتي روئي رهيا هئا ۽ مٿن تي قرآن کڻي
بيٺا هئا، تڏهن چاچي ڀائٽئي کي وصيت لاءِ گهرايو ۽
هن کي چيو، ”پُٽ! مان وڃڻ وارو آهيان، موت منهنجي
لاءِ ٻيڙي جهلي بيٺو آهي، توکي پوئين وصيت ٿو ڪيان
ته دشمن سان اُڻيتاليهه ڀيرا ڪيس ڪجانءِ. پر جي
اُڻيتاليهه ڀيرا ئي هارائين، ته هن تي چاليهون ڪيس
نه ڪجانءِ.“
جڏهن ڀائٽئي ڪنڌ ڌوڻي هائو ڪئي، تڏهن چاچي اکيون
ٻوٽيون ۽ هو وڃي آخري عدالت ۾ پهتو. هن هر دشمن تي
ڪيئي ڪيس ڪيا. سؤ کن هن جا ڪيس مون هلايا. هو هر
جج ۽ مئجسٽريٽ سان سازباز ڪندو هو ۽ چوندو هو ته
”رشوت کارائڻ جهڙي ميزباني ۽ کائڻ جهڙي مهماني
ڪائي نه آهي.“ هُن اُن مقدمي بازيءَ مان ڪافي ٻني
ورتي. هڪ ڀيري ٻنيءَ تي ٽانگي تي ٿي ويو، ته هن جي
دنگئي زميندار هن کي روالور جي گولي هڻي، هُن جي
زندگيءَ جو فائيل هميشه لاءِ بند ڪري ڇڏيو.
سيٺ ڪانتي راءِ، (هن ڪيس ۾ مون ڪردارن جا نالا
ڄاڻي واڻي بدلايا آهن) رنگ جو ڳورو، سکر جو ڌوتي
بند ڀلاوڻو هو. سياري ۾ کاڌيءَ جي ٽوپي پائيندو
هو. سارو سال کيس پيرن ۾ پلاسٽڪ جو اڇو چمپل هوندو
هو. مرحوم عبدالستار پيرزادي چيف منسٽر سُوڌا،
اناج هن جي ذريعي وڪڻندا
هئا. معلوم نه آهي ته هو پيسا ٻاهر موڪليندو هو يا
نه، پر جڏهن مان ڪيس جي في ڳالهائيندو هومانس ته
هو چوندو هو ته ”مون وٽ ايترا پئسا آهن ڪٿي؟ چوين
ته پاس بُڪ ڏيکاريانءِ.“ مون کي اُن گهڙيءَ اِها
خبر هئي ۽ هن کي به خبر هئي ته مون کي خبر آهي ته
هُن درياهه ۾ مڇي مارڻ جا ٺيڪا ڪيئي کنيا هئا ۽
ٻئي هر ڌنڌي مان لکها رپيا ڪمايا اٿائين.
هڪ ڀيري ڳالهين ڪندي هو مون کي چئي ويٺو هو،
”کَڏَ؟ جيءُ سَڏَ!“ مون هن کي چيو ته ”حقيقت ته
اِها آهي ته ”سَڏ!؟“ ”جيءُ کَڏَ!“ کَڏَ جو سڏ اٽل
آهي، پوءِ ڪنهن کي اڳ ۾، ڪنهن کي پوءِ. تون ڇا
سُرڳ ڌام ۾ ٽرئولر چيڪَ ٺهرائي ويندين؟“ پوءِ هن
مون کي ڳراٽڙي پائي چيو ته ”منهنجي کڏ ۾ ته ٽامي
جا ٽَڪا آهن، تون ته فيءَ ۾ سونَ جا سِڪا ٿو
گهرين! مون مان نه ڪَمايئه ته ڇا! مان آسيس ڪندو
مانءِ ته تو تي سِڪن جو مينهن وسندو. فِيس وسار،
آسيس کٽُ!“
ڪانتي راءِ جو پڳ مٽ يار سيٺ رانول داس چاليهارو
ورهين جو هو. هو قد جو ڊگهو ۽ رنگ جو سانورو هو ۽
جنهن ناريءَ کي ڏسندو هو، تنهن کي مَنڊي ڇڏيندو
هو. ڪانتيءَ جو وڏو پُٽ هندستان ۾ هو ۽ هن جي جوءِ
ٻه ٽي مهينا اڳ پيءُ ماءُ، سسُ سهَري سان ملڻ لاءِ
سکر آئي هئي. رانول داس ڀارت ٿي ويو، سو ڪانتي
راءِ چيس ته ”منهنجي نُنهن کي ساڻ وٺندو وڃ!“
ڪانتي راءِ جي نُنهن، جا مون ڏٺي هئي، ڏنگيءَ سونَ
وانگر جهلملائيندي هئي. برسات ۾ رابيل جهڙا ملايم
ڳل ۽ ڪونج جهڙي ڳچي، رَس گلي جي رنگ واريون
ٻانهون. ڪانتي راءِ کي الاجي ڪيئن پتو پيو ته
رانول داس هن جي نُنهن کي ڪئنٽ اسٽِيشن ڀرسان هوٽل
۾ ساڳئي ڪمري ۾ رهايو هو، ۽ هُن مان وَٽَ ڪئي هُئي
۽ ٻئي ڏينهن تي ٻئي گڏجي هوائي جهاز ۾ ڀارت ويا
هئا! هِن ڪراچيءَ وڃي اُنهيءَ هوٽل مان تصديق ڪئي
ته هو برابر رات جو رهيا هئا. ڪانتي راءِ جي پُٽ
کي به رانول داس جي چال چلن ۾ شڪ پوندو هو. هو صبح
شام ڪوئي نه ڪوئي بهانو ڪري هن جي گهر ايندو هو ۽
جي ڪانتي راءِ جو پُٽ ڌنڌي لاءِ نڪري ويندو هو،
تڏهن به رانول داس هُن جي گهر رهي پوندو هو، ڇو ته
هن جي زال کيس روڪي چوندي هئي ته ”ڀائو! منجهند جي
ماني کائي پوءِ وڃو.“
سيٺ ڪانتي راءِ مون وٽ آيو ۽ پهريون ڀيرو
فراخدليءَ سان في آڇيائين ته ”پُٽ، مون کي رانول
داسُ ڪيئن به جيل ۾ رکائي ڏي!“ پوءِ مون کي ساري
ڳالهه ٻُڌائي چيائين ته ”پُٽ! هيءُ غيرت جو معاملو
آهي، ڪيئن به ڪري پلئه ڪري ڏي!“ هندو ڪارو ڪاري
ڪري ته ڪونه ماريندا هئا، هنن لاءِ مقدمي بازي وڏي
شمشير زني هوندي هئي. مون هن کي بي ڌيانيءَ سان
چيو ته ”تون ننهن کي گهرائي هُن کان فرياد ڪراءِ
ته اسين فرسٽ ڪلاس جي گاڏي ۾ اڪيلا هئاسين ۽ گاڏي
سانگيءَ جو ڦاٽڪ ٽپي ته مون کي هُن هٿ وڌا، ۽
زوريءَ زنا ڪئي، ان تاريخ ۾ ريلوي وارن کان اهڙو
بيان ٺهرائي ڇڏ!“
”پُٽ! تون ته مُنهنجي مُنهن تي دانگي ٿو ملين! مان
پنچائيت ۾ ڪهڙو منهن کڻي سگهندس؟“
پوءِ ڪجهه سوچي مون کان پڇيائين، ”رانول داس
منهنجي نُنهن کي رات جو ائين ڇڏي ڏنو هوندو! تو ته
منهنجي ننهن ڏٺي هئي؟ ڄڻ ته مال پُڙو هئي مال
پُڙو، مِٺو ۽ گِهه ڳڙندو!“ مون ميز تان ڪنڌ کڻي هن
ڏانهن حيرت مان ڏٺو ۽ سوچيو ته ”ڇا هن جو پنهنجي
نُنهن سان رستو ته نه هو؟“ هو ٿورو هٻڪيو و ۽
چيائين ته ”هن تي ٺڳيءَ جو ڪيس ٿا ڪيون وَهيءَ ۾
هوبَهو هن جهڙي صحيح هيٺان ڪرارائي، مٿان منشيءَ
کان لکارايان ته هن مون
کان
ويهه هزار رپيا انهيءَ بهاني تي ورتا ته فلاڻيءَ
ديهه ۾ فلاڻي جاگيراڻي ٻروچ کان گڏ زمين ٿا وٺون.“
مون کيس چيو ته ”ٻيو ڪوئي وڪيل ڪري، اهي ڪُوڙا ڪيس
ڪري ڏس، پر ٿيندو ڪجهه به ڪونه.“ پوءِ ٻئي ڪنهن
وڪيل سان مشورو ڪري ڪيئي ٺڳيءَ جا فوجداري ۽ سول
ڪيس هن تي ڪيائين، پر ٿيو ڪجهه به رانول داس کي
نه. رڳو پوليس هن تي ڪيس چالان ڪيا، هر ڀيري رانول
داس گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي. هڪ ڀيري
پوليس رانول داس کي قلم 357 پ پ ڪ هيٺ گرفتار ڪيو
۽ ڪانتي راءِ مون وٽ کلندو آيو ۽ چيائين ته ”پُٽ!
هيل ته ”پنهنجي ڪَئِي ڳچيءَ پَئي“ ڪنهن هاريءَ کي
جهيڙي ۾ بندوق هنئي اٿائين. پوليس هن کي گرفتار
ڪيو آهي، هاڻي ته فرياديءَ پاران وڪالت نامون
وجهندين؟ فرياديءَ سان منهنجو ڪوئي واسطو نه آهي،
پر ڪيس ته رانول داس تي آهي انڪري ڪيس سان ته
واسطو آهي!“
مون هن کي وڪالت نامون ڏنو، جڏهن ته هو فرياديءَ
کان آڱوٺو وٺي آيو، جو مون ڪيس ۾ داخل ڪيو. جڏهن
فريادي ۽ شاهد هليا تڏهن مون کي ٿورو شڪ پيو، پر
فرياديءَ کي ڄنگهن ۾ ڇُرا لڳا هئا ۽ شلوار مٿي ڪري
مئجسٽريٽ کي ڏيکاريائين. هن کي پٽيون ٻَڌل هيون،
پٽي کولائي پر فرياديءَ کي واقعي ڇُرا لڳا هئا ۽
پٽيءَ لاهڻ سان ڪچا ٽانڪا پٽجي ويا هئس ۽ هن جي
رتُ وهي آئِي!
رانول داس کي مئجسٽريٽ ڇهه مهينا ٽيپ ڏني. جڏهن
سزا خلاف اپيل به رد ٿي وئي، تڏهن ڪانتي راءِ
کلندو آيو ۽ چيائين، ”پُٽ، پلئه ٿي ويو، رانول داس
جي اپيل به رد ٿي ويئي.“
مون ڪانتي راءِ کي چيو ته ”مون کي اڃا به شڪ ٿو
پوي ته اها ڪائي تنهنجي سازش هئي.“ هن ٽهڪ ڏئي
چيو، ”هن منهنجي عجت (عزت) لاٿي هئي، مان به عجت
لاٿي مانس. ڪيس برابر ڪوڙو هو. مون جڏهن هڪ مسلمان
دنگئي زميندار سان صلاح ڪري چيو ته ”ڀيڻسان! رانول
داس تي ڪوئي ڪيس ئي نه ٿو بيهي، پندرنهن ويهه هزار
وڪيلن ۽ پوليس تي خرچي چُڪو آهيان پر نتيجو ڪجهه
به نه نڪتو آهي!“ اِن تي وڏيري جواب ڏنو
”مارايانس، ڪيس تي خرچ تون ڪجانءِ“ اِن تي مان
وڏيري کي چيو، ”نه بابا، خون نه ڪرائڻو آهي. ٻيو
ڪو ڪيس ٺاهينس.“ وڏيرو به پراڻو سازشي منصوبي باز
هو، تنهن مون کي چيو، ”چڱو، ڪجهه چَٻَ ڏئي ٿا
ڇڏيونس. هاڻي تون هيئن ڪر! ڏامر جو خالي ڊرم هٿ
ڪري اُن جي وچ ۾ لوهر کان ايترو سوراخ ڪراءِ جو
ماڻهوءَ جي ڳچيءَ ۾ اچي وڃي!“ مون وڏيري کان حيران
ٿي پڇيو ته ”اِن مان ڇا ٿيندو؟“ وڏيري چيو ته ”مان
اهو ڊرم هڪ هاريءَ جي ڳچيءَ ۾ وجهي، هڪ نالي بندوق
مان ڪارتوس جو فيئر
ٿو ڪرايان، جيئن ڪجهه ڇَرا فقط هن جي ٽنگن تي لڳن
۽ ٻيا ڊرم تي لڳن. پوءِ هن تي خون جي ڪوشش جو ڪيس
قلم 307 پ پ ڪ هيٺ ڪنداسين. سبب پاڻيءَ جي واري تي
تڪرار ٿا ڏيکاريون. مون اڳ به اهڙا ڪيس ڪَيا آهن.
يا چَئين ته هاريءَ جي ڪلهي وٽ ڇِڪ ڏئي، اُن کي
تکيءَ ڪاتيءَ جو ڇِهه ٿا ڏيون ۽ ايف. آءِ. آر ٿا
لکايون ته رانول داس پنهنجي هاريءَ کان ڪهاڙي کسي
دنگئي زميندار جي هاريءَ کي ڪهاڙيءَ جو ڌڪ هنيو!
فرياديءَ ۽ شاهدن تي تون رڳو خرچ ڪجانءِ، باقي مون
تي ڇڏي ڏي.“
مون هن کي چيو ته ”ڪورٽ اِنهيءَ ڳالهه تي اعتبار
نه ڪندي ته واڻئي ڪهاڙي هنئي. پهريون ڪيس ڀلو به
آهي ۽ ڀاري به آهي.“ پوءِ رانول داس ائين ڦاٿو،
جيئن سهڙ ڪوڙڪيءَ ۾. هاڻي خبر پوندس ته پرائيءَ
نُنهن مان لست وٺڻ جا سجا (سزا) ڇا ٿيندي آهي!“
مان ڪانتي لال جي پوئتي فقري تي حيران ٿي، هن
ڏانهن ڏٺو. ”ڇا؟“ مون هُن کي چيو، ”تنهنجو سارو
غصو گمان تي ٻڌل آهي؟ رانول داس ته مون کي چيو ته
”ڪانتي لال جي نُنهن ته منهنجي نياڻيءَ برابر آهي.
مان گيتا تي هٿ رکڻ لاءِ تيار آهيان.“
ڪانتي لال چيو، ”رانول داس رڳو ٻانهن ۾ هٿ وڌو
هوندس ته هوءَ هُن جي ڪڇ ۾ هلي وئي هوندي. جيئن
ڪبوتر جي غٽرگون تي ڪبوتري هلي ويندي آهي. مان رڳي
شڪ تي ايڏو خرچ نه ڪيان ها. رَن جي ذات تي ڪهڙو
اعتبار آهي؟ ڪُتيءَ جي به ڪَت جي مُند ٿيندي آهي،
رَن جي ڪَت جي ڪائي مُند نه آهي. سڀاڻي شوراتڙي
آهي، جي ساڌ ٻيلي ڀرسان پلا ڦاٿا ته ٽي چار موڪلي
ڏيندو سانءِ..... هاڻي ”اوم، نم، شانتي“ اُچاري،
وڃي ٿو ننڊ ڪيان.“
هڪ ڀيري شڪارپور ۾ هاٿيدر تي رهندڙ ساوتريءَ نالي
هڪ هندو ڇوڪري مذهب بدلائي امروٽ شريف جي ڪنهن
مسلمان سان شادي ڪئي. ساوتري ٺاهوڪي ۽ رسيَلَ پُور
۾ آيل هئي. شڪارپور ۾ ڦوهه چڙهيل ۽ سامايل وياءَ
جي وواه ۾ هندو دير نه ڪندا هئا. پر ساوتريءَ جا
پيءُ ماءُ هن جي شاديءَ جو ڪو بِلو نه ڪري سگهيا
هئا، ڇو ته هنن کي ڏاج لاءِ ڪافي ڏوڪڙ ڪونه هئا ۽
ان ڪري کين ڪائي سڻڀي آسامي ۽ رهت پهت وارو ڇوڪرو
ڪونه ٿي مليو. ڇوڪريءَ کي ڏُڪ ڏينڀوءَ وانگر ڏنگي
رهيا هئا ۽ جنهن به ٿي ڏٺا ڇرڪ ٿي ڀريائين.
ساوتريءَ جي گهر جي ڀرسان هڪ مسلمان جو گهر هو، جي
غالباََ ذات جا مغل هئا. ڇوڪرو سِيرب لهرائي، ننڍيءَ ڏاڙهي جو خط
وٺائي، جڏهن ويجهيءَ مسجد ۾ نماز پڙهندو هو، تڏهن
مغليه خاندان جو آخري چشم وچراغ لڳندو هو. ساوتري
به ڄڻ عبدالرحمان چغتائيءَ جي ڪنهن تصوير مان نڪري
آئي هئي. شايد صدين کان هن جي ڪٽنب ۾ ٻاهريون ٻج
اُڀرندو رهيو هو، شايد ڪنهن غنيم ارغون يا ترخان
هن جي ڏاڏيءَ سان زورِيءَ ڪئي هئي يا نڪاح ۾ هوءَ
هُن جي چوٿين زال هئي. ساوتري ڀوري ڀوري باهه
وانگر لڳندي هئي. هوءَ تاتار جي غزالھ وانگر هئي،
جنهن جا صديون شعلا نه وسائي سگهيون هيون. ساوتري
مغل کي ڏسي، مورڇا ٿي ويندي هئي. هن ٻُڌو هو ته
مسلمان طهر ڪرائيندا آهن ۽ ان تي سوچي سندس تن بدن
۾ باهه لڳي ويندي هئي. مغل جڏهن نماز پڙهي،
ساوتريءَ جي گهر وٽان لنگهندو هو، ته تارن ڀريءَ
رات ۾ ڪٽهڙيءَ تان ليئو هن کي ڏيئي وانگر لڳندو
هو. هو ساوتريءَ کي هٿ سان اِشارو ڪندو هو ته هيٺ
لهي آءُ ته هوءَ لالٽين کڻي ڏاڪا ٽپندي هيٺ لهي
ايندي هئي. هڪ ڀيري مغل هن سان ڏاڪي تي ڇيڙ ڇاڙ
ڪئي ۽ هُن کي ڀڄي هلڻ جي صلاح ڏني. ٻيءَ رات هَئو
مَئو ٽاري، ساوتري ڳنڍ ۾ ڪپڙا لٽا ٻڌي نڪتي ۽ مغل
سان گڏجي، سواري ڪري، وڃي امروٽ شريف ۾ نڪتي. صبح
سان هُن کي ڪلمو پڙاهيو ويو ۽ مسلمان ڪيو ويو. اُن
رات مغل هُن کي رڄ ڪرايو ۽ هوءَ اِن تي ايترو هري
وئي، جو روز هن کي ڇڪيندي هئي.
پاڪستان کان پوءِ شڪارپور جا هندو ڪمزور ته هئا،
پر هنن ۾ ڪافي لک پتي سيٺ به هئا. هنن پاڻ ۾
گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪيو ته ڇوڪري صغير آهي ۽ زوريءَ
اغوا ڪئي وئي آهي. هنن اِهو به فيصلو ڪيو ته مغل
تي اهڙو ڪيس ڪجي ۽ ڇوڪري هٿ ڪئي وڃي. هنن اهو به
فيصلو ڪيو ته مون کي وڪيل ڪَن، ڇو ته ”وڪالت جي
پيشي ۾ هيءُ وڪيل ديانتداريءَ سان ڪيس هلائيندو
آهي ۽ ڪفر ۽ اسلام ۾ فرق
نه
ڪندو آهي.“ مون هندن جي ڏنل حقيقت موجب ڪيسُ لکي
سيشن ڪورٽ ۾ حبس بيجا جي درخواست ڪئي ۽ گُهر ڪئي
ته ساوتري آزاد ڪئي وڃي. هاڻي ته ڪ ــ پ ــ ڪ
وسري ويو آهي پر ايترو ياد آهي ته غالبا 491 ڪ ــ
پ ــ ڪ ۾ اهڙو ڪوئي فقرو هو. ڪيس سيشن جج پير غلام
قادر وٽ هليو. ڄم جو سرٽيفڪيٽ، اسڪول ۾ داخلا جو
سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ پيش
ڪيا
ويا، جن موجب هوءَ 15 ورهين کان ننڍي صغير ڇوڪري
هئي. ماڻهن جا هشام اچي ڪورٽ جي ٻاهران ڪٺا ٿيا.
پير صاحب احتياطاََ
پوليس گهرائي ته گوڙ ڪجهه گهٽ ٿيو. پوءِ پير صاحب
چيمبر ۾ ڇوڪريءَ جو بيان ورتو ۽ فيصلو ڪيو ته
ڇوڪري صغير آهي ۽ پيءُ ماءُ کي ڏنائين. پير صاحب
پنچايت
جي مُکيءَ کان لک رپئي جو ضامن وٺي ڇوڪري هن جي
پيءُ ماءُ کي ڏياري ۽ پوليس کي گهرائي حڪم ڏنو ته
ڇوڪري هُنن کي ڪار ۾ ويهاري ڏين. پوءِ ڪيس جي ٻي
شنوائي رکيائين. ڇوڪري ٻيءَ حاضريءَ تي ڪورٽ ۾ پيش
نه ٿي، ٽينءَ ۽ چوٿينءَ حاضري تي به نه آئي ۽
امروٽ شريف جا ماڻهو وائڙا ٿي ڏسندا رهيا. نيٺ
ڪورٽ هن کي هٿ ڪرڻ لاءِ وارنٽ ڪڍيا ۽ هوڏانهن ضامن
کي نوٽس مليو ته هو چُپ چاپ لک رپيا ڪورٽ ۾ جمع
ڪرائي ويو. |