وري اِن کان هيٺ تهخاني جو قلف کوليان ٿو:
ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي دور ۾، مان واندو هوندو هوس،
ته بار روم ۾ سمرسيٽ مام جا ناول پڙهندو هوس. ٻيا
وڪيل شطرنج کيڏندا هئا، فقط مينوالا، هڪ پارسي
وڪيلُ، ٽي. ايس. اِليٽِ جو پروفارڪ
(Pro Fork)
۽ ڪئٿيڊرل ۾ قتل
(Murder in Cathedral)
پڙهندو نظر ايندو هو، جنهن سان مان ٽي. ايس اليٽ
جي شاعريءَ، هن جي مغربي تهذيب ۽ بورجوا دور تي
مايوسيءَ جو اظهار ۽ ان جي کوکلن ڪردارن تي بحث
ڪندو هوس. منهنجو رايو هو ته بار روم ۾ ماڻهو ويهه
ڀيرا وڌيڪ کوکلا آهن، جن جي چِت ۾ مولانا حاليءَ ۽
اڪبراله آباديءَ چُرون ڪيون آهن، جي اسلام جي ڍنڍورچي آهن پر نماز به ڪونه پڙهندا آهن، رڳو مالِ غنيمت تي
اچي ڪڙڪيا آهن ۽ اسلام جي آڙ وٺي، پنهنجي من ماني
ڪري رهيا آهن. مون کي ائين لڳو ته ڪراچي هڪُ عفريت
آهي، جو ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو، پر جڏهن اُٿيو
ته هر شيءِ ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيندو. مون کي اهو ڏسي
تعجب آيو ته سنڌ جا جاهل نوجوان هر مهاجر کي
”پنجابي“ ڪوٺي رهيا آهن، ۽ هنن کي اها خبر به نه
آهي ته هندستان ۾ گهڻا صوبا آهن. ڪنهن وقت فرد
وانگر قوم تي به خودڪُشيءَ جو جنون سوار هوندو
آهي. هڪ وقت سنڌ مسلم هاسٽل مان اهو اشتهار نڪتو
ته ”خبردار! پنجابي سنڌ کي ڪٽي رهيو
آهي.“
اُتي منهنجا ڪلاس فيلو پوري اخبار به نه پڙهندا
هئا، نه اخبار ميس ۾ ايندي هئي، ۽ نه اُتي ڪائي
لائبريري هئي، فقط داداگير شاگرد هاڪيون کڻي ڦرندا
هئا ۽ هر ڪنهن کي ٿونا هڻندا وڻندا هئا. انهيءَ
پاڳل خاني مان منهنجي جان تڏهن ڇٽي هئي، جڏهن مان
ميٺارام هاسٽل ۾ اچي رهيو هوس. هيءَ ڪراچي بار به
سنڌ مسلم هاسٽل جيان ننڍو گدوبدر هئي.
هڪ ڀيري بار ائسوسيئيشن ۾ ويٺاهئاسين ته خالد هڪ
ميز تي ڪنهن ڏنڊي مُٽي،
ڏر
وڱر
ڍڳي
وڪيل سان شطرنج کيڏي رهيو هو. ڪنهن ڳالهه تي اُن
مهاجر سان ڏند ڏنا. مون سمجهيو ته هو رڳو ڏند کڙڪو
ڪري رهيو آهي، پر اوچتو هن خالد کي اڻ
سونهائينديءَ ٻوليءَ ۾ بد شد ڳالهايو.هو لياقت علي
خان جي شهر جو هو، هُن کي ان ڳالهه جي پرواهه نه
هُئي ته خالد جو پيءُ ڪراچيءَ جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ
هو. مون هن کي جواب ڏنو، جنهن تي اُٿيو ۽ مون کي
ٽاءِ کان ورتائين. ٻه ٽي وڪيل وچ ۾ پيا ۽ هن کي
سمجهايائون، نه ته هو هڪ ئي ڌڪ سان
مون کي ڀانواٽي ڏئي ڇڏي ها. خالد شطرنج ڇڏي مون
سان ٻيءَ ميز تي اچي ويٺو ۽ مون کان پڇيائين:”يار،
جمال کي ڇڏي ڪافي وقت ٿيو اٿي، ۽ بار روم ۾ بيڪار
ويٺو آهين، منهنجي فرم ۾ تولاءِ جاءِ آهي، مون وٽ
ڇو نٿو اچين؟ مون سان گڏ شيخ عبد القادر آهي، جوبه
پنهنجو ڪلاس فيلو آهي.“مون کي خالد ٽي هزار رپيا
ايڊوانس ڏنا ۽ چيائين ته ”صدر مان سوٽ سبائي اچ.“
مون صدر جي بهترين درزيءَ کان ٽي فل سوٽ سبايا،
ڪجهه ريڊي ميڊقميصون ۽ ٽايون
ورتيون. پوءِ خالد وٽ مون ايترو ته ڪمايو جو اشرف
کي روز بيج لگزري هوٽل تي وٺي ويندو هوس،
۽ جي صمد شاهين ۽ هن جي زال ممتاز شيرين ملي ويندا هئا ته اُنهن سان به ڪچهريون ڪندا هئاسون. هڪ
ڀيري مان اشرف کي ساڻکڻي، خوشنوديءَ وٽ وٺي ويس ۽ پنهنجو قرض لاهڻ چاهيم. مون
خوشنوديءَ کي پنج سؤ رپيا ڏئي چيو ته ”رات اشرف
تنهنجو مهمان آهي.“ پر اشرف چيو ته”مهنجي گهر
مهمان آيل آهن ۽ مانيءَ تي منهنجو انتظار ڪندا
هوندا، ڄ به رامپور جي نواب جي جاءِ تون ڀر!“
”اشرف! مان نواب رامپور وانگر نه آهيان.“ مون چيو.
”نه بابا! جي ائين سمجهان هاته پنج سؤ رپيا پنهنجا
۽ پنج تنهنجا ڇو وڃايانها،
نواب رامپور ته رڳو سچا موتي پيهندو هو!“ اشرف
جواب ڏنو. خوشنودي جنهن کي تلور جي تور هئي، اُن
گهٽ پيتو ۽ کاڌو. مان کائي پِي رات جو دير سان
موٽي آيس، رستي تي غالب جي مصرع جهونگاريندو آيس:
اي ساکنانِ کوچهء
دلدار ديکهنا
تجهه کو کهين جو غالبِ آشفته سر ملي
خالد تي تازو ڊان جي مئگزين سيڪشن ۾ آرٽيڪل آئي
هئي، جنهن جو عنوان ”گم ٿيندڙ نسل“
(The vanishing breed) هو. اُن ۾ لکيل هو ته خالد اسحاق هن سال اٺونجاهه لک
رپيا ساليانو ٽئڪس ڀريو آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي
سڀني وڪيلن جو انڪم ٽئڪس جوڙ ڪئي وڃي ته هن جو
انڪم ٽئڪس جيترو نه ٿيندو. شيخ عبدالقادر ائڊوڪيٽ
جنرل ٿيو ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ چيف جج ۽ ٽي
ڀيرا سنڌ جو ائڪٽنگ گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ نيٺ
سپريم ڪورٽ جي جج جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين، هن وقت
هو موهن جو دڙو اٿارٽيءَ جو سربراهه آهي، مان
ڊائلان ٿامس وانگر سوچيندو هوس ته ”شاعريءَ ۾ پيسو
ڪونهي ته پيسي ۾ شاعري ڪانهي.“ ۽ ”پيسو“ بابا
چواڻيءَ ”هَٿن جي مَر آهي.“ مون پئسي تان هٿ کڻي
سوچيو ته ڪراچيءَ ۾ مهاجر آباديءَ جي اڪثريت
آهي،مان هتي اردوءَ يا سنڌيءَ ۾ سٺو افسانه نويس ۽
ناول نويس ته ٿي ٿو سگهان پر منهنجي سنڌي شاعري
مري ويندي. ان کان اڳ هڪ ٻه واقعا جن مون کي
ڪراچيءَ تان دل برداشت ڪري ڇڏيو.
ڪراچيءَ ۾ خالد وٽ هڪ دهليءَ جو تاجر
آيو، جنهن جو رنگ پيلو، رت پوڻو ۽ خوبانيءَ جهڙو
هو. هن فريئر روڊ تي متروڪه جائداد جا
پنج ڇهه ماڙا
ڦٻايا هئا ۽ انهن جي باري ۾ ڪُوڙا وڪري ناما ٺاهي
رجسٽر ڪرايا هئائين. وڪري نامن تي مالڪن ۽شاهدن
جون صحيحون ڪوڙيون هيون. دهليءَ مان ڪافي فارجريءَ
جا ماهر به آيا هئا، جي ڪنهن به ماڻهوءَ جي صحيح
جي فارجري ايتريءَ مهارت سان ڪري ٿي سگهيا، جو هُن
کي شڪ پئي پيو ته هيءَ صحيح منهنجي آهي يا نه! هن
في الحال ٻن ماڙن تي ڪاريگر رهايا هئا، جي سرمو
پينهين، شيشن ۾ وجهي، اُن تي هن جي ڪمپنيءَ جو
ليبل هڻندا هئا. ساڳيءَ طرح ڌاڻا، لال مرچ، ڪارا
مرچ، سفيد جيرو، ڪارو جيرو، دالچيني، سُرهي جيري،
گدامڙي، ڪمال پٽ، ننڍا ۽ وڏا اَهر، ڪلونجي هُرٻو،
هڱ، هيڊ، جعفر جلنتري، قيصر، زعفران وغيره ڪُٽي
اُنهن کي پئڪٽن ۾ بند ڪندا هئا، جن تي هن جي
ڪمپنيءَ جو ليبل ڇپيل هوندو هو. هو اُهي پئڪيٽ
بازار ۾ وڪري لاءِ موڪليندو هو. ٻن ماڙين مان هڪ
ماڙي ۾ هن جي خاندان جي ڪيئي فرد رهيا پيا هئا ۽
ٻيا ڪجهه مسواڙي به هوندا هئا، جي هن کي مسواڙ ڏيڻ
۾ تڪليف ڏيندا هئا ۽ هن تي درخواستون ڪندا هئا ته
هن دستاويز فارجري ڪري ٺاهيا آهن. هن جو ڪيس خالد
مو ن کي سپرد ڪيو هو. هو چوندو هو ته بهادرشاهه
ظفر جي پونيرن مان آهي ۽ دهليءَ جو مهاجر آهي. هن
جو منهن گول گپي وانگر لڳندو هو، رنگ زرديءَ مائل،
قد جو ڇوٽو، پيٽ ڪجهه ٻاهر نڪتل، چولو، تنگ پاجامو
۽ اچڪن پاتل. جڏهن اسان جي هاسٽل ۾ ايندو هو ته
نمي فرشي سلام ڪندو هو. اشرف جو هڪ مهاجر دوست
فريئر روڊ تي ايس. ايڇ.اوهو، جنهن سان مون کي اشرف
واقف ڪرايو هو. مون اُن ايس. ايڇ. او کان هن کي
سندس ڏنگا مسواڙي
سڌا ڪرائي
ڏنا. هو ٿاڻي تي مس گهرايا ويا ته ڦِسي پيا. سو هن
هڪ ڀيري منهنجي گهر رات جي ماني ڪئي. هو مون کي
پنهنجي ڪمري ۾ وٺي هليو، جتي هن جي زال ۽
ڌيءَويٺيون هيون. هن جي ڌيءَ کي فرشي غرارو، ننڍي
قميص ۽ گوٽي ڪناري وارو چُڻيل دوپٽو هو ۽ هن جي
زال کي چوڙيدار پاجامو، چارڪَلين جو ڪُرتو ۽ چُڻيل دوپٽو هو. هن جي زال جو نالو روشن آرا
بيگم ۽ ڌيءَ جو جهان آراهو. ماءُ وڏي اڇي انگور جي
ول وانگر لڳي رهي هئي ۽ ڌيءَ سندرخاني انگورجي وَل
وانگر. مانيءَ ۾ هن تريل مغز، نرگسي ڪوفتا، ٻارنهن
مصالحي وارو مُرغ، نان، برياني، سِري پاوا، کڙي
مصالحي جي مسُور جي دال ۽ زعفران وارو زردو ڪيو
هو. مون ايڏو کاڌو ڏسي، هن کان پڇيو ته ”اسين کائڻ
وارا ته چار آهيون، هيڏو تڪلف ڇا لاءِ؟“ تاجر جواب
ڏنو، ”هي منهنجي زال خاص تنهنجي ڪري پچايا آهن،
تون اسان جو محسن آهين؛ جي کاڌو بچي پيو، ته هيٺ
رشتي دارن ڏانهن موڪلي ڏينداسين.“ هن ڌيءَ کي چيو
ته ”تون پنهنجي لاءِ کاڌو پليٽ ۾ کڻي، ڀر واري
ڪمري ۾ وڃي کاءُ.“ پوءِ هُن ”ٽئنٽي گن ون سئليوٽ“
جي بوتل کولي ۽ مون کي ۽ پنهنجي زال کي ڊبل پيگ
ڏنائين ۽ اُنهن ۾ پاڻي وڌائين ۽ پاڻ ٽيون حصو گلاس
جو کنيائين ۽ اُن ۾ سوڍا وڌائين. پي ڪري، مان نان،
هڪ وڏو نرگسي ڪوفتو ۽ ڪجهه ٻارنهن مصالحي وارو
مُرغ کاڌو، ته هن جي زال مون ڏانهن زعفران وارو
زردو وڌايو. تاجر ماني به کائي رهيو هو ۽ پي به
رهيو هو. هن ڇهه ست نرگسي ڪوفتا، تريل مغز، سِري
پاوا ۽ ساري مسور جي دال هن ڪلاڪ
کن
کاڌي، ۽ چيائين ته ”ڪجهه ڏند ۾ سور آهي، ان ڪري
آهستي ٿو کاوان.“ هن جي زال برياني ۽ ٻه نرگسي
ڪوفتا کاڌا. هوءَ سنهي ۽ شيشي جي صراحيءَ وانگر
نازڪ ٿي لڳي. وسڪيءَ هن جي سُفيد منهن تي لالاڻي
آڻي ڇڏي هئي ۽ شفق ۾ موتيي جي گل وانگر لڳي رهي
هئي. هن کي مولسريءَ جو عطر لڳل هو ۽ ٻانهن ۽ چوٽي
۾ موتئي جا گجرا پيل هئا. ميز تي گلدان ۾ رات جي
راڻيءَ جون ڪپيل ٽاريون پاڻيءَ ۾ رکيون هيون،
چوڌاري خوشبو ڦهليل هئي. مون کي اِئين لڳو ته مان
باغ جي ديوار ٽپي، اورنگزيب جي ڀيڻ روشن آرابيگم
جي ڪمري ۾ گهڙيو
آهيان ۽ اجهو ٿو مون کي اورنگزيب گرفتار ڪرائي باغ
جي ديوار تان هيٺ اُڇلارائي. ماني کائي، تاجر مون
کي پاندان ۾ پان ۽ قوام ۾ ٻيون ڪجهه شيون پيش
ڪيون. مون پان کاڌو مس ته ڦيراٽي آئي، ٻيو اهڙو
پان هن پنهنجي بيگم کي پيش ڪيو، ۽ پان ۾ اسان کان
ٻيڻو قمام کائي، پنهنجي بستري تي اونڌو ٿي سمهي
پيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو. مان اُٿي بيٺس ته بيگم کان
موڪلايان ته مون کي ٿيڙ آيو، هن منهنجي چيلهه ۾
ٻانهن وجهي مون کي سهارو ۽ ڪنڌ تي چمي ڏني، پوءِ
مڙس ڏانهن ڏسي چيائين ته هن جي هاڻي شبِ برات شروع
ٿيندي ۽ ڦٽاڪا ۽ سوسڙيون ساڙيندو. هَل ته مان توکي
خالي ڪمري ۾ وٺي هلان. تون رات هتي رهي سگهين ٿو.
پوءِ هوءَ ٽئين ڪمري ۾ وٺي ويئي، جو خالي هو ۽
جنهن تي ٻٽو بسترو پيو هو. مون کي گمان ٿيو ته ٻئي
ڪمري جي وٿيءَ مان جهان آرا اسان کي ڏسي رهي آهي.
مون کي گهيرٽ اچي رهيا هئا ۽ اڃان پانَ جو اثر نه
لٿو هو. هُن منهنجي ران کي دٻايو ۽ منهنجو هٿ جهلي
هٿ تي چُمي ڏني. هاڻي مون کي اُها رات ياد ڪري هن
لاءِ هڪ تشبيهه سُجهي اچي ٿي. مون واديءَ سوات ۾
سيدو شريف ۾ مرغِ زرين ڏٺو هو، جنهن جو طلائي رنگ
هو ۽ جنهن کي ڏسي مون کي نرميءَ ۽ گرميءَ جو احساس
ٿيو هو، پر اُها گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي. صبح سان
مون کي اٺين وڳي جاڳ ٿي ته هوءَ به اُٿي ويٺي،
منهن ڌوتائين ۽ ٻاهر وئي پوءِ موٽي اچي چيائين ته
”منهنجو ميان اڃا محو خواب آهي ۽ خراٽا هڻي رهيو
آهي.“ ٿوريءَ دير کان پوءِ چيائين، ”منهنجي ڌيءَ
سان شادي ڪر، منهنجي مُڙس کي دل جو عارضو آهي، هن
کي ڊاڪٽرن صلاح ڏني آهي ته ٿورو کاءُ ۽ پان ۾
تماڪو ته بلڪل نه کاءُ! پر هُو مڙي نه ٿو، نه
ڄاڻان ته هو عدم جو راهي ٿئي، جهيز ۾ توکي ٻه ماڙا
۽ ڍير سارا زيور ۽ ٻي ملڪيت به ملندي پر مان به
ملنديس.“ مون کي وري پلنگ تي ننڊ وٺي وئي، جڏهن 12
بجي جاڳ ٿي. مون ڏٺو ته هُن جي جهان آرا بيگم
منهنجي بستري جي سامهون آرام ڪرسيءَ تي ويٺي آهي
۽ڪوئي ناول پڙهي رهي آهي. هن ڀرسان ميز تي رکيل
چاءِ دانيءَ تان ٽي ڪوزي هٽائي، مون کي چاءِ ڏني.
چاءِ ۾ الاچيءَ جي خوشبو هئي، هن چيو ته ”بابا،
هاڻي تيار ٿي ڌنڌي تي ويو ۽ چئي ويو ته ”هن رات
گهڻو پيتو هو، هن کي ننڊ مان نه اُٿارجو! اَمي
وهنجي رهي آهي.“ پوءِ ريشمي آواز ۾ پڇيائين، ”اياز
صاحب! اوهان دِلي ڏٺي آهي؟“ مون چيو ته ”نه، پر
دهليءَ تي مون کي مير تقي مير جو هڪ شعر ٿو ياد
اچي:
”دلي ايک شهر تها عالم مين انتخاب
هم رهني والي هين اُسي اُجڙي ديار کي.“
هوءَ اهو شعر ٻڌي، ٻهڪي اُٿي ته منهنجو اُردو جو
تلفظ صحيح ۽ شاعريءَ سان لڳاءُ آهي. هن وڌيڪ پڇيو
ته ”اوهان دِليءَ جا ٻيا به شاعر پڙهيا آهن؟“ مون
جواب ڏنو، ”سودا ۽ ٻيا به ”دليءَ جي بستان“ جا
شاعر پڙهيا آهن!“ ان تي هن چيو ”سودا جو ڪوئي شعر
ياد اَٿي؟“
مون شعر پڙهيو:
”فجر هوتي جو گئي آج مري آنکهه جهپک
دي وهين آج خوشي ني دردِ دل پر دستک.“
”واه واه“ جهان آرا بيگم چيو، ”ڇا نه برمحل شعر
آهي.“ مون هن کي ٻڌايو ته مون نه فقط سارو ديوان
غالب پڙهيو آهي، پر هن تي حاليءَ جو ”يادگارِ
غالب“ پڙهيو آهي. عبدالرحمان بجنوريءَ تي غالب جو
ڪتاب پڙهيو آهي. مون ذوق، ظفر ۽ مومن کي به پڙهيو
آهي، پر مومن ۽ غالب تي اُنهن جي معنيٰ آفرينيءَ
جي باوجود لکنوي اثر به آهي. نه رڳو مرزا شيفته ۽
سخن فهميءَ جي باري ۾ به ڄاڻان پر ”لکنوء“ ۽
”دليءَ جي دبستان“ ۾ فرق به ڄاڻان. پر منهنجي خيال
۾ دهليءَ جي زبان مستند ۽ معياري آهي.“ اهو ٻڌي،
ڄڻ هوءَ برف جي ڳنڍي وانگر رجي وئي. هن اُردوءَ ۾
ايم. اي ڪئي هئي. ايتري ۾ روشن آرا بيگم وهنجي
سهنجي آئي. هن کي پيشوار ۽ چوڙي دار پاجامو پيل هو
۽ ڪُنڍڙا ڪاڪُل ۽ ڪجريون اکيون هيون، ۽ هن موتئي
جو عطر لاٿو هو. هُن جي ڌيءَ اهو چئي موڪلايو،
”مون کي معلوم نه هو ڪنهن به سنڌيءَ کي اُردوءَ تي
عبور ٿي سگهي ٿو.“ روشن آرا دري کولي، رات واري
وسڪي ۽ گلاس ڪڍيا، پر مون هُن کي چيو ته ”مان هٿ
مُنهن ڌوئي، آفيس ٿو وڃان. رات موٽي ايندس.“
ٿوريءَ دير کان پوءِ مون هيٺ لهي، وڪٽوريا ڪرائي
تي ڪئي، ۽ غالب جو هيٺيون شعر جهونگاريندو آفيس
پهتس:
تها خواب مين خيال کا دل سي معامله
جب آنکهه کهلُ گئي تو زيان
تها نه سود تها
رستي تي مون کي پاڻ کان ڪِرڀ اچي رهي هئي. روشن
آرا بيگم جي مڙس جي پُرخوري، ننڊ ۽ کونگهرا، هن
لاءِ نفرت جو اظهار، بي خطر عياشي ۽ هن جي ڌيءَ جو
خاموش تماشائي بڻجي رهڻ، مون کي ڏاڍا اُگرا لڳا.
مون سوچيو ته هن حياتيءَ ۾ مان ڳري ويندس جيئن سون
تيزاب ۾ ڳري ويندو آهي. مال ومنال لاءِ خواب وخيال
جي قرباني عبث آهي. مان خالد کان پندرهن ڏينهن
موڪل گهري چيو ته ”مان سکر شاديءَ لاءِ ٿو وڃان.
جي تون ۽ عبدالقادر مون سان گڏجي هلندا ته منهنجي
عزت افزائي ٿيندي.“ هُن مجبوري ڏيکاري ۽ مان ڏينهن
واريءَ ٽرين ۾ شڪارپور هليو ويس ۽ رات جو دير سان
اُتي پهتس. مون ماءُ کي پنج هزار رپيا ڏنا ۽ چيو
ته ”مونکي زرينا سان شادي ڪراءِ.“ هوءَ مون سان
اڳئي مڱيل هئي، هفتي کان پوءِ اسان جي تِٿ ٻڌي وئي
۽ شاديءَ کان اڳ اُهي ريتيون رسمون بجا آنديون
ويون، جن جو مان ٻئي ڀاڱي ۾ ذڪر ڪيو آهي. جُهمر به
وڌي وئي ۽ هوجمالو به ڳاتو ويو. جڏهن مون کي کير
پيئڻ لاءِ چيو ويو تڏهن مون سَسُ کي چيوته ”پهرين
زرينا کي پيئار، پوءِ مون کي ڏي.“ شاديءَ رات مون
جڏهن هن جو گهونگهٽ هٽايو ته هوءَ گلِ انار وانگر
لڳي، غزالي اکيون، نڪ ۽ ڪن ڊولائتا ۽چپ ڪپيل انجير
وانگر هئا، هن جي چيلهه تائين لڙڪندڙ ڪونڀارين
جهڙيون چوٽيون هيون ۽ هٿن ۽ پيرن تي مهنديءَ مان
گل ۽ اکين ۾ ڪارو ڪجل هو. هوءَ ساري سون جي زيورن
سان جهنجهيل هئي، نڪ ۾ هيري جي ڪڻي، ٻانهن ۾ هيرا
جَڙيل ڪنگڻ، چندن هار، بُندا جن ۾ نيلم جڙيل هئا.
اهو سارو ڏاج هن لاءِ پيءُ ٺاهي ويو هو. هوءَ ڪنول
جي گُل وانگر تازي ۽ اڇوتي هئي، ڄڻ الف ليليٰ جي
ڪتاب مان نڪري آئي هئي. ڏهاڪو ڏينهن شڪارپور ۾
رهي، مان زرينا کي فرسٽ ڪلاس جي گاڏي ۾ وٺي آيس.
هن
کي
هرمچ جو چولو ۽ سوسيءَ جي شلوار پيل هئي جنهن جي
پاچن تي ڪلاباد ڀريل هو. گاڏي ۾ اتفاقاََ
ٻيا مسافر ڪونه هئا. گاڏيءَ جي دريءَ مان چنڊ اسان
کي حسرت سان ڏسي رهيو هو. پاسن کان ٿوهر جا وڻ ۽
بُٺُ ڌرتي هئي، جا آئندي جي نشاندهي ڪري رهي هئي.
مون کي لانڍيءَ ۾ ننڊ اچي وئي
۽
زرينا مون کي سٽي اسٽيشن تي جاڳايو. مون ننڊ ۾ ڏٺو
ته بهشت ۾ بيٺو آهيان ۽ بي بي حوا کان پڇي رهيو
آهيان ته”ڪهڙو ميوو ڇني رهي آهين.“ هن جواب ڏنو ته
”نالو پڇي ڇا ڪندين؟
کائي
ڏس ته پتو پويئي.“ مان کيس حشوءَ واري فليٽ ۾ وٺي
آيس جتي حشوءَ جي ملڪ بدريءَ کان پوءِ آءٌ رهندو
هوس.
خالد جي آفيس ۾ مون کي معلوم ٿيو ته مهاجر تاجر
منهنجي پٺيان آيو هو ۽ منهنجي لاءِ پڇيو هئائين ته
کيس ٻڌايو ويو ته مان ڳوٺ شاديءَ لاءِ ويو آهيان.
اُن کان پوءِ هو نه آيوهو. مون زرينا کي ڪراچيءَ ۾
بي پردي گهمايو ۽ جڏهن اسان سئنيما تي ويندا
هئاسين يا صدر ۾ خريداريءَ لاءِ ويندا هئاسين
تڏهن ماڻهو مُنهن ورائي هُن ڏانهن ڏسندا هئا.
زرينا جي صحبت ۾ مون کان ماضيءَ جا پل ائين وسري
ويا جيئن سانوڻ جي مينهن۾ وڻن جا پن ڌوپي ويندا
آهن ۽ رابيل ۽ گلاب لهرائيندا آهن.
جهُڙاليءَ ۽ ترائيءَ کي ڇڏي، تَتي سج ۾ رُڃ جو
پيڇو شاعر جي فطرت ۾ آهي. منهنجي شاعريءَ جو پس
منظر اُڃ آهي، جا اُجهِي نه ٿي اُجهي ۽ رُڃ آهي جا
کُٽِي نه ٿي کُٽي!
ڇا، غالب جو سڄو ديوان ڊومنيءَ (لنگهياڻيءَ ) سان عشق جي تخليق هو؟ ڇا، حافظ جي ديوان لاءِ مُتحرڪ جذبو فقط شاخِ
نبات پيدا ڪيو هو؟ منهنجي وجود ۾ شيلي ۽ بائرن
هڪٻئي سان پنجه آزمائي ڪندا رهيا آهن؟
لکندي لکندي، مون کي ننڊ اچي وئي ۽ خواب ۾ مون هڪ
چاپلوس، هَرتالو، فريبي ۽ حرفتي دوست ڏٺو. هُن
اسلام جو ڍؤنگ رچائي پنهنجي گهر ۾ آيتون ٽنگيون
هيون، مون کي ڏسي چيائين ته ”ٻيءَ دنيا لاءِ هن
دنيا ۾ ثمر ٺاهجي.“ مون هن کي جواب ڏنو ته ”تون
پنهنجي رزرويشن ڪرائي وٺ! مون واري ٽرين ڪافي دير
سان ايندي.“ مون ڏٺو ته هن خار ۾ منهنجي گل دستي
مان سڀ کان دلفريب گُل پتيون پتيون ڪري ڇني ڦٽي
ڪيو. پوءِ منهنجي اک کلي وئي ۽ انسان جي بي
وفائيءَ، خود مطلبيءَ، غداريءَ ۽ اذيت پسنديءَ تي
سوچيندي ننڊ آئي.
مون انهيءَ دلفريب گُل تي به سوچيو. آتم ڪهاڻيءَ
جي حصي ٽئين ۾ مون لکيو آهي ته عشق جو سائنسي
تجزيو ناممڪن آهي. شايد هر انسان ۾ ڪي شعاع ٿين
ٿا، جي نظر نه ٿا اچن. اُهي جڏهن ٻئي انسان ۾
نڪرندڙ شعاعن سان ملي اچن ٿا، تڏهن اُنهن ۾ هڪٻئي
لاءِ ڪشش پيدا ڪن ٿا ۽ ڪنهن مهل ته هڪ نظر ۾ عشق
ٿيو وڃي. اهو عشق ڪڏهن هڪ انسان سان عمر ڀر هلي
ٿو، ڪڏهن ڪڏهن بار بار وجود ۾ اچي ٿو. ڪنهن وقت ٻن
انسانن کي ملي ائين محسوس ٿئي ٿو ته اسان صديون
اڳي مليا آهيون. ڪنهن جاءِ تي جا ڌُنڌ ۽ ڪوهيري ۾
ڍڪجي وئي آهي، پر محبت جو زنجير اڃان ٽٽو نه آهي.
لاڙڪاڻي ۾ اڪبر آشرم وارو سام جئسنگهاڻي چوندو هو
ته هو اربندو گهوش سان پانڊيچريءَ واري آشرم ۾
مليو هو ۽ جنهن مغربي عورت کي آشرم ۾ ”ماتا“ چوندا
هئا، تنهن کي ان ڳالهه تي وشواش ڏياريو ويو هو ته
هوءَ ۽ اربندو گهوش اڳئين جنم ۾ پتني ۽ پتي هئا ۽
ان ڪري هوءَ مڙس کي ڇڏي اچي سندس آشرم ۾ رهي هئي.
مان ڀانيان ٿو ته سام پنهنجو سارو ڪٽنب هندستان ۾
ڇڏي، اڪبر آشرم واريءَ ماتا کي به ساڳيءَ ڳالهه تي
وشواس ڏياريو هو ۽ ان ڪري هوءَ سام جي چوڌاري
ڀنڀوريءَ وانگي ڀِرندِي وتندي هئي، اها ٻي ڳالهه
آهي ته هُن کي اربندو گهوش جيترا شِش ڪونه هوندا
هئا.
مان خالد وٽ آسودي زندگي ڇڏي اندرينءَ سنڌ ڪيئن ۽
ڇو ويس، اِهو مان اڳ لکي چڪو آهيان.
هن وقت تائين قدرت مون کي ضرورتمند نه بڻايو آهي ۽
نه مون ڪنهن جي اڳيان پيسي لاءِ هٿ ڦهلايو آهي.
ڪبير ڀڳت ۽ ساميءَ وانگر مون مايا
کي ڌُوتي سمجهي ڌڪاريو آهي. علامه اقبال ڪهڙو نه
چڱو چيو آهي:
”پاني
پاني کر گئي مجهه کو قلندر کي يه بات.“
”تو
اگر ميرا نهين بنتا نه بن، اپنا تو بن.“
”من
کي دولت هاتهه آتي هي تو پهر جاتي نهين.“
”تن
کي دولت چهائون هي، آتا هي دهن جاتا هي دهن.“
بابا چوندو هو ته دولت هٿن تي مَرُ آهي، پاڻيءَ تي
چِٽُ آهي، آني جاني آهي، اِتي ئي رهڻي آهي، لحد ۾
کڏ کوٽي پورين ته ڇا نه پورين ته ڇا. هي جيڪي
ماڻهو دولت لاءِ هڻ هڻان، وٺ وٺان، ميڙ ميڙان ۾
مصروف آهن، اهي نه ٿا ڄاڻن ته ٻئي جهان لاءِ
ٽرئولرس چيڪ نه ٿيندا آهن. عزرائيل اوچتو اچي
پرگهٽ ٿيندو آهي ۽ وزٽنگ ڪارڊ موڪلي نه ايندو آهي.
اڃا هيٺ وڃي وڪالت واري دؤر جي يادگيرين جي ٻئي
تهه خاني جو قلف کوليان ٿو.
وڪالت کان اڳ سَنَدَ لاءِ مون کي پئسي جي ضرورت
پئي. مون ابراهيم جوئي سان ڳالهه ڪئي، هو سعيد
منزل ۾ بندر روڊ تي رهندو هو. هن سان گڏ هڪ پي.
ڊبليو.ڊي جو ڊپٽي سيڪريٽري رهندو هو . هن
مون کي سيڪريٽريٽ ۾ ملازمت وٺي ڏني. مون سان
منهنجو ڪلاس فيلو عيدن
(عيد محمد) به ساڳيءَ آفيس ۾ ملازم هوندو هو. مون
هن کي چيو ته منهنجو ڪم هو ڪري يا ٻئي ڪلارڪ کي
چئي ته اُهو ڪري ۽ ان ڪري جيڪا به رشوت مليس اُهو
کڻي. مان روز آفيس ۾ سارو وقت ڪوئي ناول يا ٻيو
ڪتاب پڙهندو هوس. اُتي ئي مون سمر سيٽ مام جا
سڀ ناول ۽ افسانا، وليم فاڪنر ۽ ٻين ناول نگارن جا
ناول پڙهيا. مان روز اڌ ڪتاب پڙهي، درخواستن تي
ٻين جي لکيل نوٽن تي صحيحون ڪري اُٿي ويندو هوس.
ڇهن مهينن کان
پوءِ
اسان
جو
جونير اسسٽنٽن جي تقرريءَ لاءِ
پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس ۾ امتحان ٿيو. اُن ڏينهن
مان جرمن ناول نويس، هرمن هيس جو ناول ”سدارٿ“
پڙهي رهيو هوس. نهايت دلچسپ ناول هو. نوڪريءَ
واري
وقت،
مون ٽئگور جي گيتا نجلي
۽ ٻيا نظمن جا مجموعا، ناول ۽ ڪهاڻيون پڙهيون. هن
جو ناول”نبودني“ مون
کي خاص طور تي وڻيو، جو اسڪول واري زماني ۾ مون
پهرين رتن يا سُندر ساهتيه ۾ پڙهيو هو. منهنجي
دوست،
عبد الستار شيخ،
جيڪو مون سان ايل.ايل.بي گڏ پڙهندو هو، مون کي
هئمبرگ جي خلاصين جي يونين جي سيڪريٽري جنرل جي
آتم ڪهاڻي به ڏني، جا هُن کي ڊاڪٽر مهڪريءَ ڏني
هئي. اُها اسٽالن جي ظلم وستم جو لرزه خيز داستان
هئي، جا پڙهي اعتبارئي نٿي آيو ته اُهو سڄو داستان
سچو آهي يا اميريلسٽ
پروپئگنڊا آهي،
۽ ساڳي ڳالهه ايم. اين.راءِ پنهنجي رسالي
”انڊپينڊنٽ انڊيا“ ۾ پڻ ڪندو رهندو هو.
مون کي اوچتي جهٽڪي سان ياد آيو ته اڄ پبلڪ سروس
ڪميشن جو امتحان آهي. مان ڪتاب ميز جي خاني ۾ رکي
تڪڙ ۾ پبلڪ ڪيشن جي آفيس ۾ پهتس جا سيڪريٽريٽ جي
ويجهو هئي. مون
مسٽر هڱوراڻي، سيڪريٽري پبلڪ سروس ڪميشن،
کي چٺي ڏياري موڪلي ته مان هاڻ پهتو آهيان،
۽ مون کي امتحان ۾ ويهڻ ڏنو وڃي. هڱوراڻي مون کي
هڪدم گهرايو ۽ انگريزيءَ ۾ پڇيو ته ”ڇا، تو نه ٿي
ڄاتو تون زندگيءَ جو هڪ ئي موقعو
(A Life’s chance)
وڃائي رهيو هئين؟“ مون کيس انگريزيءَ ۾ نهايت
اعتماديءَ ۽ تُرشيءَ سان ٺهه پهه جواب ڏنو ته
”مسٽر سيڪريٽري! تون ڪو خدا ته نه آهين، جو مون تي
مستقبل جا دروازا بند ڪري ڇڏيندين. جيڪي ٻيا ڪلارڪ
ٽن ڪلاڪن ۾ ڪري سگهندا آهن اُنهن کان بهتر مان هڪ
ڪلاڪ ۾ ڪري سگهندو آهيان.“ منهنجو تُرت جواب
هڱوراڻيءَ کي واهولي جي ڌڪ وانگر لڳو. هو منهنجي
ايتري جرئت ۽ پاڻ تي بي پناهه ڀروسو ڏسي ۽
انگريزيءَ جي رواني ڏسي، حيرت ۾ رهجي ويو ۽ مون کي
ڏسي چيائين ته ”توکي ڪهڙي ڊگري مليل آهي؟“ مون کيس
جواب ڏنو ته ”مان لاگريجوئيٽ آهيان.“ اوچتو هن
پنهنجي غصي تي قابو ڪري پنهنجي پي. اي کي چيو ته
”هن کي امتحان ۾ ويهڻ ڏنو وڃي، ڏسان ته ڪهڙا ڦاڙها
ٿو ماري؟“ مون واچ ۾ ڏٺو ته باقي پنجيتاليهه منٽ
بچيا هئا. مان چاليهن منٽن ۾ پيپر پورو ڪري پنج
منٽ اڳي هليو ويس. جڏهن نتيجو نڪتو تڏهن معلوم ٿيو
ته مان ستون نمبر آيو هوس.
منهنجي آفيس ۾ هُلچو مچي ويو ۽ سڀڪنهن مون کي
مبارڪون ڏنيون. مون کي ائين محسوس ٿيو ته مون کي
ڪَسيءَ جا ڪيڙا ورائي ويا آهن. اُنهن مان هڪ موٽي
ڪيڙي، آفيس سپرٽنڊنٽ هادي بخش شيخ، جو شڪارپور جو
شيخ هو ۽ منهنجو مائٽ به هو ، تنهن مون کي گهرائي
چيو ته ”چڱو، جو تون امتحان ۾ پاس ٿئين! نه ته مون
تنهنجي خلاف ڊپٽي سيڪريٽريءَ کي دانهن ڏني هئي ته
تون ڪم نه ٿو ڪرين.“ مون کيس جواب ڏنو ”توهان ٻئي
ڀيري مهنجي دانهن ڏيو، ان کان اول توهان کي منهنجي
استعيفيٰ ملندي.“ هُو اڇي ڏاڙهيءَ وارو صوم وصلوات
جو پابند هو ۽ رٽائرمينٽ جي ويجهو هو ۽ جڏهن هن جي
پهرين زال مري وئي“
ته هن پنهنجي اولاد کان ننڍيءَ ڇوڪريءَ سان شادي
ڪئي ۽ جڏهن اها ويم ۾ مري وئي ته اُن جي ننڍيءَ
ڀيڻ سان شادي ڪئي هئائين.
پوءِ مون زرينا جي مامي، شيخ واجد عليءَ کان سند
لاءِ پئسا ورتا ۽ اُن جو احوال اڳي لکي چڪو آهيان.
مون شيخ هادي بخش جي آفيس ۾ وڃي
استعيفيٰ هُن جي ميز تي رکي، هو وائڙو ٿي مون کي ڏسڻ لڳو. ائين
مون کي سيڪريٽريٽ جي بدبودار ماحول مان نجات ملي،
جتي مان لُٻو ٿُٻو ڪانجهيءَ تي گذر ڪندو هوس.
سيڪريٽريٽ ۾ منهنجو هڪ خاص دوست هوندو هو نذر
دائودپوٽو. نذر جونيئر اسسٽنٽ هو ۽ ڪوجهو ۽ ڪُروپ
هوندو هو ۽ ڪارڪڻڇي وانگر لڳندو هو. هُن جي اکين
هيٺان هن جا ڀيڏُ ٻاهر هوندا هئا، ۽ جڏهن هو عينڪ
پائيندو هو ته قبرستان جي اُلوءَ وانگر لڳندو هو.
هن جا ڏند ٿورا وڏا هئا ۽ اُهي مٿئين چپ سان ڍڪڻ
جي ڪوشش ڪندو هو. هن جو قد ڪاٺ سنهو هو ۽ هو اُن
تي ڪاري شيرواڻي پائيندو هو ته جگر مراد آباديءَ
وانگر لڳندو هو. هن جا ڏند هيرڻ جي ڪڪڙن وانگر
اَڱارِيءَ لڳل هئا ۽ نُنهن ۽ شيريون اکيون جهنگَ
ٻلي وانگر هونديون هيون. هو مون سان سيڪريٽريٽ جي
ڪئفي ٽيريا ۾ مليو هو. ڇا نه گُل وگلزار طبيعت
وارو مڙس هو ۽ ڇا نه هن جو ادب ۽ فلسفي جي مطالعي
سان شوق هوندو هو! ڪنهن کي شڪ به نه پوي ها ته ان
ميري ڪالر شيرواڻيءَ هيٺان ايتري اڇي اُجري دل لڪل
هوندي. هو ڳاڻ ڳڻيو سنڌي هو جنهن کي مون وانگر
غالب ۽ مير کان وٺي، فيض احمد فيض ۽ ن. م. راشد
تائين عبور هو. هو بازارِ حسن جو رَسيا به هوندو
هو. هر هفتي ٺَري جو پووو پي، نان سان سيخ ڪباب
کائي، نيپئر روڊ تي دل وندرائي ايندو هو ۽ جڏهن
موٽندو هو ته نفشِ فرياديءَ مان فيض احمد فيض جي
غزل جو مقطع جهونگاريندو ايندو هو:
اک فرصتِ گناه ملي وه بهي چار دن
ديکهي هين هم ني حوصلي پروردگار کي.
هو هر مهيني ۾ ٻه ڀيرا ڀوڳ ولاس ڪندو هو ۽ پئسا
کٽي ويندا هئس ته ڪانجهي کائيندو هو. هو چوندو هو
ته ”جي مغربي فيلسوف برڪلي، مون سان ملي ها ته هن
کي
نيپئر روڊ ۽ صدر
ڏيکاري پڇان ها ته ڇا، ٻنهي هنڌن تي موجود عورتن ۾
ساڳي حقيقت جلوه گر آهي؟“ هو ايترو بدصورت انسان
هوندو هو، جو پئسي جي لالچ تي فقط هڪ قحبه ئي هن
کي پيار آڇي سگهندي هئي، باقي صدر ۽ زرق برق لباس
واريون نازنينون هن کي ڏسي، منهن ڦيري ڇڏينديون
هيون. هو چوندو هو ته ”گناه ۽ ثواب ماڻهوءَ جي
دماغ جو فتور آهن؟“ هو اهو به چوندو هو ته ”جي خدا
آهي ته انصاف پسند نه آهي، نه ته مون کي ايترو
قبيح صورت نه بڻائي ها!“ هن جو پُنَرَ جنم ۾ پورو
ويساهه هو ۽ چوندو هو ته ”انسان ڪِئي جو ڪيتو ڏئي
ٿو.“ ساڳئي وقت اهو به چوندو هو ته ”اِهي جپ تپ سڀ
ٺڳيءَ جا ٺاهه آهن. وڻ جي ڇانوَ ۾ آهلي پوڻ جو هر
موقعو غنيمت آهي، ڇو ته حياتي هڪ تتي رڻ وانگر
آهي. خوش نصيب آهي اُهو، جو ٿڌيءَ هير ۾ اَک لائي
ٿو وٺي.“
هو جڏهن بازار حسن مان نئين وَٽ ڪري ايندو هو، ته
ان تي ڪيتري دير ڳالهائي، سواد وٺندو هو. هڪ ڀيري
هن جي مقرر ڏينهن تي قولنج (پيٽ ۾ سور) ٿي پيس ۽
بازارِ حسن ۾ وڃي نه سگهيو. ٻئي ڏينهن تي مون کي
چيائين، ”تنهنجي ازل جو مون ڇا بگاڙيو هو، جو
منهنجي عيش جي رات خراب ڪيائين؟ پيارا، قدرت جي هر
مظهر کان وٺي قولنج تائين هر شيءِ اتفاقي آهي. ان
جو ڪوئي ڪارڻ نه آهي، سڀڪجهه اَڪارڻ آهي.“
هو فيض جي ترقي پسنديءَ کي ”سياسي هذِيانُ“ سڏيندو
هو. هن کي پنهنجا سُوريئلِي استعارا هوندا هئا. هڪ
ڀيري هو ٽي ڏينهن سانده مون سان ڪئفي ٽيريا ۾ نه
مليو، ۽ جڏهن مون هن کان پڇيو ته ”توکي ڇا ٿيو
هو؟“ ته جواب ڏنائين ته ”کُنڀيءَ مان سڄو ڏينهن
کَونرُ ٿو وهي، ڏاڍيءَ پيڙا ۾ هوس. ڪالهه پينسلين
جي سُئي هڻائي اٿم. اڄ آرام آهي.“ نذر ايپيڪيورس
لاءِ چوندو هو ته ”هن ۾ سرخوشيءَ جا ٻه الڳ طريقا
نه آهن. هن فقط لهو ولعب جي تلقين ڪئي آهي ۽ اهائي
زندگيءَ جي اذيت مان نجات آهي.“ ڪڏهن ڪڏهن مون کي
گهر وٺي هلندو هو. هن وٽ اسپنوزا، فرانسز بيڪن،
هيگل ۽ شوپنهار تي اڌوراڻا ڪتاب هوندا هئا. ٻيا به
ڪيئي اڌوراڻا ڪتاب هوندا هئس. چونڊ اُردو شاعري،
دکن ۾ اُردو، لکنوء جا اُردو شعرا وغيره کان ن. م.
راشد جي ”ماورا“ تائين ڪيئي ڪتاب هوندا هئس. هن جي
جيتري صورت خراب هئي اوتري سيرت چڱي هُئي، پر کيس
بدصورتيءَ جو پورو احساس هوندو هو ۽ انڪري هو خدا
۽ پيءُ ماءُ کي نه بخشيندو هو. هڪ ڀيري هن چيو،
”اياز! شوپنهار دنيا جو وڏي ۾ وڏو فلاسافر آهي. توکي معلوم آهي ته هو ٻُڌ کان متاثر هوندو هو ۽ چوندو
هو: سَرومَ دُکم دُکَم.“
نذر دائودپوٽو منهنجيءَ زندگيءَ جي داستان جو هڪ
پورو باب آهي. اُهوئي هڪ شخص هو، جنهن سان مان
گهڻي ۾ گهڻو مذاق ڪندو هيس ۽ هن لاءِ ته هزل ۽ هزل
نما نظم به لکيا هيم. هن جي علم وادب سان شوق سبب
مُنهنجي هن سان گهاٽي دوستي ٿي وئي هئي. هڪ ڀيري
مون کي هو پنهنجو گهر ڏيکاري آيو، گمنام گهٽيءَ ۾
هڪَ فلئٽ هيس، جا هن جي بوهيمين زندگيءَ جي عڪاس
هُئي. ٻئي ڀيري ولهه ٿي وَسي، پوهه جون هوائون
ڪٽارين وانگر ڪاري وار ڪري رهيون هيون. منهن ۽ مٿي
تي مفلر ويڙهي، مان هن جي گهر ويس، فلئٽ جو دروازو
فقط ٻيڪڙيل هو، جيڪو کولي اندر ويس ته ڏٺم ته نوار
واريءَ کٽ تي ليٽي، وليم جيمس جو ”فلاسافي آف
پرئگميٽزم“
(Philosophy of Pragmatism)
تي ڪتاب پڙهي رهيو هو. ڪمري ۾ چوڌاري اڌوراڻا ڪتاب
ڀريل هئا ۽ هُٻس ٿي ٿِي. هن جي منگالي ۾ ڪوئلا رک
ٿي چُڪا هئا ۽ هو هڪ ٿري کٿو ويڙهي ويٺو هو،
ٻاهر
ته سيارو هو ۽ اُترڙو ٿي لڳو مون هُن کي چيو ته
”سيئاندو ٿو ٿئي، ڪوئي ٺرو هجيئي ته پيئار! مهيني
جا پويان ڏينهن آهن، منهنجي پگهار ختم ٿي وئي
آهي.“ هُن سٿڻ قميص تي ڪاري شيرواڻي، جهوني مارڪيٽ
مان ورتل اوني جوراب ۽ بوٽ پاتو ۽ کٽ تان کٿو کڻي
بدن کي ويڙهيو. هُوبَهو اُردو رسالي ”ساقيءَ“ جي
ايڊيٽر شاهد احمد دهلويءَ وانگر ٿي لڳو. هن جواب
ڏنو ته ”پگهار ته منهنجي به ختم ٿي وئي آهي!“ پوءِ
هن ٻه پراڻيون چادرون رڦ تان ڇڪي لاٿيون ۽ اُنهن ۾ وليم جيمس سوڌا ڪتاب ٻڌا. فقط هڪ ڪتاب کٽ تي اُڇلي
چيائين ته ”هڪ بِڊِ تون کڻ ته ٻي مان ٿو کڻان ۽
هلي ٿا ڪٻاڙيءَ کي وڪڻون.“ مون جڏهن هن کان پڇيو
ته ”اهو کٽ تي ڪهڙو ڪتاب ڦٽي ڪيئه؟“ چيائين ته
”اهو اُردو ترجمي سان رُباعياتِ عمر خيام آهي.“ ڄڻ
اُنهيءَ هُشي ڏي هُيس ته ”باقي سڀني کي وڪڻ! اهي
سارا فلسفه بڪواس اَٿي! ڪنهن به ازل جي اسرار کي
نه ڄاتو آهي ۽ نه ڄاڻي سگهندو!“ پوءِ اسان ٻَئي
بِڊُون کنيون ۽ آياسين ڪٻاڙيءَ جي دڪان تي.
ڪٻاڙيءَ هن کي ڏيڍ سئو رپيا آڇيا، جي هُن خوشيءَ
سان ورتا. پوءِ چيائين، ”هل ته بولٽن مارڪيٽ
واريءَ بار ۾ ٿا هلون!“ بار ۾ ڪي ڪائونٽر تي محو
گفتگو هئا ۽ ڪي ٿيڙ کائيندا، ڪجهه بي سُري آواز ۾
جهونگاريندا ٻاهر ٿي نڪتا. هڪ جوش مليح آباديءَ جي
هڪ سِٽَ ٿي ڳاتي. ”آواز دي کهان هي“ اهو گيت تازو
ڪنهن فلم ۾ ڳايو ويو هو. سٽ ڳائي هو ٿڙيو ۽ وڃي
ديوار تي هٿ کُتس. اسان ڪائونٽر تي ويٺاسين
ته نذر رم جو آڌيو گهرايو. چيائين ”هي ڏاڍو گرم به
آهي، سستو به آهي، ٽاٽائي وٺائي ڇڏيندو.“ |