ان کان پوءِ نذر ڪبابن جون ٻه سيخون ۽ ٻه باهه تي
پڪل جيرن جون سيخون ۽ نان گهرايا. ڪبابن ۾ گوگائي
مرچ هئا، جي کائي منهنجو واتُ جلي ويو. پوءِ اسان
چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي جيرا ۽ نانَ کائيندا به رهياسين ۽
پيئندا به رهياسين. نذر کي جيرن
چٻاڙڻ
۾ تڪليف پئي ٿي ۽ چيائين ته ”تازا ڏند وجهايا اٿم،
اڃا ڪجهه ڏُکن ٿا.“ اسان جڏهن رم جي اڌ بوتل پيتي،
ته گلي ۾ باهه وانگر لهي ۽ سارو بدن گرمائي
ڇڏيائين. اسان جي ڀرسان بمبئيءَ جا خلاصي ويٺا
هئا، ۽ اوچتو ”وندي ماترم“ ڳائڻ شروع ڪيائون.
ڳالهيون ڪندي، نذر کان مون پڇيو ته ”فلسفي تي ڪهڙا
ڪتاب پڙهيا اَٿي؟“ جواب ڏنائين ته ”ڪيئي پڙهيا
اٿم، پر افلاطون ۽ ارسطوءَ کان پوءِ سڀ فيلسوف لال
شهباز جا چوها ٿا لڳن.“ مون هن کان وڌيڪ پڇيو ته
”ڇا اسپنوزا به پڙهيو اَٿي؟“ چيائين ”ها، پڙهيو
اٿم، ساڳي تصوف واري بڪواس آهي.“ ان تي مون نذر
کان پڇيو ته ”نذر! تون ڇا ۾ اعتبار ٿو ڪرين؟“
چيائين ته ”آمريڪي فطرت پرست، ٿارو، چيو آهي ته
”هڪ دنيا هڪ وقت.“ جيستائين هِن دنيا جو سوال آهي
تيستائين هوءَ ڪائونٽر حقيقت ئي چئبي. منهنجي
ڪاريءَ شيرواڻيءَ کان وڌيڪ هِن گهڙيءَ رم جا هي
ڪارا جام حقيقت آهن، جي خلاصي جهاز جي ڊيڪ تي
پيئندا آهن. اسين به ڄڻ ڪنهن جهاز ۾ سفرڪري رهيا
آهيون جنهن لاءِ ڪوئي بندرگاهه نه آهي. هونءَ هيءَ
حقيقت هڪ ديواني جو خواب آهي. جيسين هيءَ زندگي
حقيقت آهي، اِهي شرابِ ناب جا جام حقيقت آهن،
روشنيون حقيقت آهن ۽ اُنهن ۾ ارغواني چهرا حقيقت
آهن. ها، اڃا جيڪي اڳتي اچڻو آهي، اُهو ته بهترين
حقيقت آهي.“
”اڳتي ڇا اچڻو آهي؟“ مون هن کان پڇيو.
نذر جواب ڏنو ته ”توکي بغداديءَ وٺي ٿو هلان.“
اسان ٿيڙ کائيندا ٽرام تي چڙهياسين. ڀرسان ويٺل
ڪنهن متقيءَ نڪ کي رومال
ڏنو. نيٺ اسان بغداديءَ پهتاسي. نذر چيو ته ”تون
ڳيراٽي، مان گُرڙُ پکُ، منهنجي پٺ تان اچ!“ هڪ
سنهيءَ گهٽيءَ مان ٿيندي اسان ڪٿي هڪ ماڙِ جاءِ وٽ
پهتاسين، جنهن کي ڪپڙي جو پردو ڏنل هو. ڀرسان نوار
سان کٽ پئي هئي، جنهن مٿان چڱيرڙي چادر پيل هئي.
ويهاڻي تي مٿو رکي هڪ سلائٽي ڇوڪري ليٽيل هئي،
جنهن جو چاڪليٽ کان ڪجهه ڦڪيرڙو رنگ هو. هن کي
سفيد ڪپڙا پيا هئا ۽ انارن جيترا اُرهه هن جي
سئيٽر مان اُڀري رهيا هئا. هن سگريٽ مان گهرو ڪش
هڻي، ڦڦڙن ۾ دونهون کڻي، جڏهن نڪ مان دونهون ڪڍيو،
تڏهن چرس جو هَواڙ ڦهلجي وئي، جا مون کي اصل نه
وڻي ۽دونهين ۾ منهنجو دم گهٽجڻ لڳو. مان پردو مٿي
ڪري، گهٽيءَ ۾ پنج ست قدم اڳتي وڌي ويس، ۽ ناليءَ
۾ پيشاب ڪرڻ لڳس. اڃا اُٿي پئنٽ جي زپ ڇڪي رهيو
هوس ته هڪ مڪراني اُردوءَ ۾ ڪجهه ڳالهائيندو اچي
نڪتو. شايد هو ڳائي رهيو هو ”لَلَ لَل
لا“......... در وٽ پهچي هن ڏٺو ته در اندران بند
پيو هو. مڪرانيءَ در کي زور سان ٿڏو هڻي، هڪ گار
ڏني. ايتري ۾ ڇوڪريءَ در کوليو. مڪراني اندر ويو
ته ڌڙام جو آواز ٿيو. مون ڏٺو ته نذر زمين تي ڪريو
پيو هو، هن جي عينڪ ٽڪرا ٿي وئي هئي ۽ هو بانبڙا
پائي ڪجهه ڳولي رهيو هو. مون کي مڪرانيءَ ڏانهن
اشارو ڪري چيائين ته ”هِن مون کي ٺونشو هنيو ته
منهنجي عينڪ به ڪري ڀڄي پئي ۽ منهنجا ڏند به هيٺ
ڪري پيا. مون کي ته ڪجهه نظر نه ٿو اچي. تون جهُڪي
مون کي ڏند کڻي ڏي.“ مون چتائي ڏٺو ته هن جي ٻٽيهي
ٽي ٽڪر ٿي چڪي هئي. مون نذر کي اُٿاريو ۽ کيس ڏند
کڻي ڏنا جي ٽڪر ٿي پيا هئا. مڪراني سلائٽيءَ
ڇوڪريءَ کي چنبڙيو پيو هو، ۽ هنجي ڳچيءَ کي ڏندن
سان ڪاٺ ڪُٽي وانگر ٽُڪي رهيو هو.
مان نذر کي ٻانهه کان وٺي ڪوٺيءَ مان نڪري ويس.
نذر چيو ته ”مان عينڪ کان سواءِ ٽرام تي چڙهي نه
سگهندس. مون کي گهر ڇڏي آءُ.“ مان هن کي گهر ڇڏي
آيس، ۽ چيچ مان سنهي سوني منڊي لاهي ڏني مانس ۽
چيومانس ته ”ڏند به ٺهراءِ ۽عينڪ به وٺي آءُ.“ ان
تي چيائين ته ”سڀاڻي تون اچجانءِ، مان ته ڏسي نه
ٿو سگهان.“ ٻئي ڏينهن تي مان هن جي ميز جي کاني ۾
عينڪ جو ڪارڊ ڳولي، ۽ کيس گڏ وٺي، وڃي عينڪ ٺهرائڻ
لاءِ ڏني. هن جي پلاسٽڪ جا هيٺيان ڏند جي ٻه ٽڪر
ٿي پيا هئا، سي به هو ڳنڍائي آيو. اسان سيڪريٽريٽ
جي ڪئفي ۾ ويٺا هئاسين ته پڇيومانس، ”نذر! ”هاڻي“
نظر پويئي ٿي؟“ پوءِ حافظ جي هيٺين سٽ پڙهيم:
که عشق آسان نمود اول ولي اُفتاد مشکل ها،
(ته عشق اڳ ۾ ته آسان
لڳو
پر پوءِ مشڪلاتون پيش آيون.)
هاڻي خاص ڪو تسلسل برقرار رکڻ مشڪل ٿي پيو آهي،
جيڪي ياد اچي ٿو اهو لکان ٿو. اُن کي ڪا تاريخ ۽
ترتيب نه آهي، جنهن جو ڪارڻ مان اڳئي لکي چُڪو
آهيان:
مان جيستائين ڪراچيءَ ۾ رهندو هوس ته ڪڏهن ڪڏهن
ڪافي هائوس ۾ ويندو هوس، جتي جميل الدين عالي، ۽
ضيا جالندهري، جو پوءِ پاڪستان جي ٽي. ويءَ جو
جنرل مئنيجر ٿيو، اُردوءَجو نقاد مجتبيٰ حسين، عمر
عابد زبيري، موسيٰ بامِجي. بمبئيءَ جو اُردو شاعر
اخترالايمان، اشرف، ڪامريڊ نصير حيدر، ڪرار نوري،
آفتاب اقبال (جو علامه اقبال جو وڏو پُٽ هو)، ظهور
نظر، جاويد قمر (سنڌي مون کان سواءِ ڪوبه نه هوندو
هو) ۽ ٻيا گڏبا هئا. ڪافي هائوس برنس روڊ ۽ صدر جي
ڪنڊ تي هوندو هو ۽ لاهور جي ڪافي هائوس جي ڏيک
ڏيندو هو. لاهور جي ڪافي هائوس جي
باري
۾ چراغ حسن حسرت جو لطيفو ياد ٿو اچي. هڪ ڀيري هن
پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجن دوستن لاءِ ڪافيءَ جو آرڊر
ڏنو، ٻه ڪلاڪ ٿي ويا ته ڪافي نه آئي، هن هڪ اڇي
ڏاڙهيءَ واري بيري کي سڏي شڪايت ڪئي. بيري حسرت
کان اُنهيءَ بيري جو حليو پڇيو ته حسرت جواباََ
چيو، ”جڏهن مون آرڊر ڏنو تڏهن ته ڏاڙهي ڪاري هيس،
پر هاڻي شايد اڇي ٿي وئي هجيس!“
اخترالايمان ٻڌائيندو هو ته ”ميراجيءَ کي پيٽ جي
سلهه ٿي پئي آهي ۽ بمبئي ۾ هن جي زال هن جو خيال
رکندي آهي. ميراجي ڏاڍو پيٽ چٽو آهي، چٽڻيءَ سان
گول گپا، رس گلا، ڪباب، حليم وغيره، هن جي منع ڪرڻ
جي باوجود پيٽ ڀري کائيندو آهي، ۽ هو گهڻا ڏينهن
نه هلندو!“
اخترالايمان به ڪجهه وقت اڳ گذاري ويو، مان هن تي
ڪنهن اُردو رسالي جو نمبر
ڏٺو هو. ڇا، شاعر جو پويون آرام گاهه رسالي جو
نمبر آهي! منهنجي ته زندگيءَ ۾ اها حسرت باقي نه
رهي آهي، جو مون تي پنج نمبر نڪري چڪا آهن. برسات
جو، سُهڻيءَ جا ٻه نمبر، جهولي لال ۽ سپونءَ جو.
مون کي پرواهه نه آهي ته مون کان پوءِ مون تي نمبر
ڪڍيو وڃي. هيءَ مرده پرست قوم مون کي ڇڏيندي ته
ڪانه! نه مون کي ڪنهن گنبذ يا مينار جي ضرورت آهي.
مون آتم ڪهاڻيءَ جي ٻئي حصي ۾ لکيو آهي ته ”مينار
جي چوٽيءَ تي ته جهرڪي به اُڏامي ويهي سگهندي آهي،
کڙو جو ڪوئي عقاب وانگر آسمان ۾ ٽڪ ٻڌي بيهي ۽
اُتان هيٺ ڌرتيءَ تي ڏسي سگهي.“
هڪ ڀيري ته مون کي وڪالت کان نفرت ٿي وئي، ۽ مون
چاهيو ته شڪارپور ۾ وڃي، انگريزي اسڪول ۾ ماستر
ٿيان. روپ ولاس
۾
هڪُ حسين علي ارباب منهنجي دوست گل محمد شيخ وٽ
ايندو هو، جو مشهور سنڌي سياح الطاف حسين جو پيءُ
آهي، ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿي رٽائر ڪيو اٿائين. هن مون کي
هڪ مهاجر عورت جي ناحق بند جي ڪيس ۾ اچي وڪيل ڪيو،
شايد انڪري ته ائڊيشنل سٽي
مئجسٽريٽ مسٽر
ضياء الحق چنا، جنهن وٽ اهو ڪيس پيش ٿيڻو هو،
منهنجي ڀائيوار شيخ عبدالقادر جو سالو هو. مون هن
کان مناسب في وٺي، وڪالت نامون داخل ڪيو. مون
ڀانيو ته ٻئي ڏينهن تي ڪچي حاضري آهي. ٻئي ڏينهن
تي مان ڪورٽ ۾ ويس ته اُها پرَي وش پِڃري ۾ بيان
ڏئي رهي هئي، ۽ نصير حيدر هن جي ڀرسان بيٺو هو ۽
ارباب جوابدارن جي پڃري ۾ ويٺو هو. چنا صاحب اُن
ڇوڪريءَ کان پڇيو ته ”تون ناحق بند آهين ڇا؟“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته ”نه.“ چنا صاحب وڌيڪ
پڇيو ”تنهنجي عمر گهڻي آهي؟“
”ويهه سال،“ هن جواب ڏنو.
ٽيون سوال چنا صاحب هن کان
پڇيو ته ”تو طلاق لاءِ ڪيس وڌو
آهي ڇا؟“ ڇوڪريءَ جواب ڏنو ته ”ها.“
چنا صاحب آرڊر ڪيو ته ”ڇوڪري بالغ آهي، آزاد آهي،
جيڏانهن چاهي تيڏانهن وڃي. ڇوڪريءَ ارباب ڏانهن رخ
ڪيو، جو هڪ رت پؤڻو، وهيءَ کان مڙيل هو، هن جو رنگ
ڀنگ جي صافي جهڙو هو. نصير حيدر اوڇنگارون ڏئي
روئي ويٺو ۽ هن کي سڏ ڪيائين. ”فلاڻي!“ (نالو ياد
نه آهي.) ڇوڪري، ٻُڌو اڻ ٻُڌو ڪري، يار سان نڪري
وئي.پوءِ ڪورٽ کان ٻاهر نصير حيدر مون سان مليو، ۽
چيائين ته ”ارباب جو ڪيس تو ڪيئن کنيو، توکي معلوم
نه هو ته هوءَ منهنجي زال کي ڀڄائي آيو آهي؟“ مون
کيس جواب ڏنو ته ”نه، جي مون کي معلوم هجي ها، ته
مان هن جو ڪيس ڪيئن کڻان ها!“
نصير حيدر ڪافي خوبصورت جوان هو، پر لڳيءَ کي لعنت
آهي، ۽ ڪنهن وقت عورت کي بدصورتي الاجي ڇو ڇڪ ڪندي
آهي؟
مون شايد ڪجهه سال اڳ ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هو ته
ارباب خودڪشي ڪئي هئي، يا اتفاق سان پنهنجو پستول
لڳي ويو هوس، پرائي زال کڻڻ مهل ارباب کان علامه
مشرقيءَ جي ۽ اسلام جي تعليم الاجي ڇو وسري وئي
هئي!
مان ڪميونسٽن جو همسفر هوندو هوس. گل محمد ۽ حسين
علي خاڪسار تحريڪ ۾ شامل هوندا هئا ۽ ائين سمجهندا
ها ته علامه مشرقيءَ کان سواءِ اسلامي احياءُ نه
ٿي سگهندو، ڄڻ هو مهدي آخر زمان هو! هڪ ڀيري شمس
الدين شاهه جي گهر دعوت تي ويٺو هوس ته اُتي هڪ
پراڻي خاڪسار ٻُڌايو ته المشرقيءَ اسي ورهين ۾
ڪنهن پوئلڳ جي چوڏهن ورهين جي ڌيءَ سان شادي ڪئي
آهي. شمس الدين شاهه، جو اڳيون خاڪسار هو، چيو ته
”اسان ته سمجهندا هئاسين ته ”تذڪرو“ لکي، علامه
ساريءَ ڪائنات جا اسرار قميص جي هڪ کيسي ۾ وجهي
ڇڏيا آهن، پر هاڻي معلوم ٿيو ته هن نڪاح نامون ٻئي
کيسي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. چئي نه ٿو سگهجي ته ڪهڙو
کيسو ڳورو آهي!“ المشرقيءَ جي موضوع تي ته هاسٽل ۾
هو مون سان وڏا جهيڙا ڪندو هو! ڪامريڊ نصير حيدر
مون سان وري نه مليو آهي. هڪڙو نصير حيدر ڊان ۾
ڪالم لکندو آهي، چئي نه ٿو سگهان ته اُهو ساڳيو
نصير حيدر آهي.
ڪورٽ ۾ نصير حيدر مون کي ٽاهه ٽاهه ڳوڙها ڳاڙي
چيو، ”اياز! توکي خبر نه آهي ته منهنجو زال سان
ڪيترو عشق هو!“
مون کيس چيو ته ”نصير، عشق جو سايو طوبيٰ جي سايي
وانگر لڳندو آهي ۽ هر محبوبه حور وانگر لڳندي آهي،
پوءِ هوءَ جهان جي جوٺ ئي ڇو نه هجي!“ مون دل ۾
چيو ته ”عشق حماقت به آهي ۽ مصيبت جو ڪارڻ به آهي،
پر ساڳئي وقت بهشتِ برين جي دروازي جي ڪُنجي به
آهي.“ مون ”سُر سسئيءَ“ ۾ جوڀن جي ڏينهن جي باري ۾
جو ڪجهه لکيو آهي ان موضوع تي اهڙي شاعري دنيا جي
ورلي ڪنهن شاعر ڪئي هوندي. مان ساري عمر عشق ۾غرق
رهيو آهيان ۽ منهنجي عمر عشق جي رهگذار تي ٿيڙ
کائيندي گذري وئي آهي. مون کي به غالب وانگر تجربا
ٿيا آهن:
هان وه نهين خدا پرست،
جاؤ وه بي وفا
سهي
جس کو هو دين ودل عزيز،
اُس کي گلي مين جائي کيون
پر هُن جي گليءَ جي سِر سِر ڪنهن وقت پيرن کي چقمق
وانگر ڇڪي ٿي.
چنا صاحب پوءِ هاءِ ڪورٽ جو جج ٿيو ۽ چيف جسٽس جي
نمائندي جي حيثيت ۾ يونيورسٽي سنڊيڪيٽ جا چار سال
ميمبر هو. مان جڏهن
هن
کي ڏسندو هوس نصير حيدر جا ڳوڙها منهنجين اکين ۾
ڀرجي ايندا هئا.
مون ڳالهه ٿي ڪئي ڪافي هائوس جي دوستن جي. جميل
الدين عالي منهنجو پراڻو يار آهي. هو رائيٽرس گلڊ
جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ هن جي سفارش تي منهنجي عدم
موجودگيءَ ۾ مون کي رائيٽرس گلڊ جي
مرڪزي ڪميٽيءَ تي ڇهه سال کنيو هئائون. ڪجهه وقت
اڳ هُن منهنجي جنم ڏينهن تي ڪراچيءَ جي ريلوي
هائوس ۾ صدارت ڪئي، ۽ ٻه ڏينهن پوءِ هو سينيٽر ڪري
کنيو ويو. هن جا جنگ ۾ سوين ڪالم ڇپجي چڪا آهن. هو
پهريون شاعر آهي جنهن جا اُردوءَ ۾ دوها
ڇپجي
چڪا آهن، جي نهايت سُريلي ۽ پُر اثر آواز ۾ پڙهندو
آهي. اڄ ڪلهه هن ۾ سريت پسندي
(Mysticism)
ڏانهن گهڻو رجحان آهي.
ڀٽائيءَ جڏهن هيٺين سٽ لکي آهي:
”ٻُڏندي ٻوڙن ۾ ڪي هاتِڪ هَٿُ وجهن!“ تڏهن معلوم
نه آهي ته هُن ”هاتِڪُ“لفظ ڪهڙيءَ معنيٰ ۾ ڪم آندو
هو، پر اها حقيقت آهي ته هن عمر ۾ ٻوڙن مان هٿ
نڪري ويندا، ته ٻيهر نه پئجي سگهندا ۽ درياهه
لهوارو لوڙهي ويندو. يوناني فيلسوف ليو ڪريشس
(Lucretius)
چيو هو:
Short is poor man’s life here: soon it
is gone with no possibility of recall.
(ويچاري ماڻهوءَ جي هتي حياتي ٿوري آهي. جهٽ نه ٿي
گذري ته اُها ويندي رهي ٿي ۽ اها اڻ ٿيڻي آهي ته
اُن کي موٽائي سگهجي.)
مون کان وڌيڪ شايد ڪنهن اديب کي اهو احساس رهيو
آهي ته ”زندگي مختصر آهي، موت اٽل آهي، لهر کي
ڪوئي ڪيستائين ترسائي سگهندو، ان ڪري زندگيءَ جي
هر سرگذشت کي ايري ترتيب به نه ڏيان، اُن جي تراش
خراش ايتري به نه ڪيان، جو هيءَ آب بيتي اڌ ۾ نه
رهجي وڃي! هاڻ مان بناڇنڊ ڇاڻ جي آب بيتي لکان ٿو،
جي اُن ۾ ڪوئي منطقي تسلسل نه ملي، ته ائين نه سمجهيو
وڃي
ته
مان اُهو ڏئي نه ٿي سگهيس، پر مون کي واءُ جي
جهوٽي وانگر تڪڙ آهي، ان ڪري جيئن وڪالت جي دؤر
وارا واقعا ياد اچن ٿا، تيئن لکندو ٿو وڃان.
مون کي هاءِ ڪورٽ يا سپريم ڪورٽ ۾ وڪالت نه وڻندي
هئي. ڇوته اُتي ڪاغذي پيپر بُڪ ڏسي، تقرير ڪرڻي
پوندي آهي، جيڪو ڄاڙي گهڻي هڻندو آهي، اُهو ڪيس
چڱو
ڳائيندو
آهي! مون کي رت پنءِ وارا ماڻهو وڻندا آهن، جي
عدالت جي ڪٽهڙي ۾ هوندا آهن، جڏهن هنن تي شاهديون
هلنديون آهن. ان ڪري وڪالت جي فن جو
معيار
مون لاءِ سُٺي آڏي پڇا رهي آهي. چار واهولي وانگر
سوال ۽ گواهه ڍيري. سچ کي سچ ڪري پڳ ٻڌائڻ ۽ ڪوڙ
کي ڪوڙ ڪري ننگو نچائڻ ۾ مون کي مزو ايندو هو. آڏي
پڇا سِتار وانگر هوندي آهي، ڪنهن وقت ڪهڙي تار
ڇيڙبي آهي، ڪنهن وقت ڪهڙي! سو بِنان ڇنڊ ڇاڻ، تور
تڪ ۽ اڳ پوءِ جي جيڪي ياد اچي ٿو لکندو ٿو وڃان.
مان اڃا يادگيرين جي هيٺئين تهه خاني ۾ ويندس ته
وڃي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۽ لاڪاليج ۾ نڪرندس. مون کي
جڏهن ڊي. جي ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر گربخشاڻي ياد
آيو، ته خيال آيو ته جيڪر مان هن جو گائيڊ هجان ها
۽ هو منهنجي رهنمائيءَ هيٺ ٿيسز لکي ها. لاڪاليج
جا پروفيسر ياد آيا ته اُهي طوطن وانگر ٽيون ٽيون
ڪندا هئا ۽ گائيڊون پڙهي پنهنجا ليڪچر رٽي ايندا
هئا. سو مان هِتي به ڏاڪڻ ٽپندو، مٿي سيشن ڪورٽ
سکر ۾ وڃان ٿو.
هاڻي پليٽ تي فقط شمع ٻري رهي آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان
بجلي وسائي شمع تي لکندو آهيان، اُن تي پروانا
جلندا آهن ته مون کي افسوس نه ٿيندو آهي، ڇو ته
اِها آگ پرواني جو مقدر آهي ۽ هن جي مختصر زندگيءَ
جي تڪميل آهي. پليٽ ۾ شمع رجي وئي آهي ۽ رجيل ميڻ
۾ وٽ ٻري رهي آهي، مون کي غالب جو شعر ياد اچي
رهيو آهي:
داغ فراقِ محبتِ
شب کي جلي هوئي
اک شمع ره گئي هي سو وه بهي خموش هي.
(رات جي وڇوڙي جا ڏنڀ ڏنل هڪ شمع رهجي وئي آهي ۽
اُها به ماٺ ۾ آهي.)
مان شمع جي ڳريل ميڻ تي ٻي شمع چنبڙائي ٿو ڇڏيان ۽
ڀٽائيءَ جو بيت ٿو ياد اچي:
شمع ٻاريندي شبَ پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا راڻا ڪارڻ ربِ،
تنهنجي تات طلبَ ڪانگ اُڏايم ڪاڪِ جا.
مان شمع کي ڦوڪ ڏئي، وسائي، سوچيان ٿو ته ڇا روشني
فقط تاريڪيءَ جي عدم موجودگيءَ جو نالو آهي يا
اَبدالآباد تائين روشني رهڻي آهي؟ مان ٻيهر تيلي
هڻي شمع جلايان ٿو ۽ پنهنجو ڪم جاري رکان ٿو.
فارسيءَ ۽ اُردوءَ جي شاعرن شمع لاءِ ڪهڙيون نه
دلڪش تشبيهون ڏنيون آهن! سنڌيءَ جي ڪنهن به شاعر
چراغ يا شمع کي زندگيءَ جي اختصار سان تشبيهه نه
ڏني آهي. اوچتو مون کي حافظ جو شعر ياد اچي ٿو:
ساقيا برخير در ده جام را
خاک برسر کُن غمِ ايام را
(حافظ! اُٿي جام ڀري ڏي،
۽ ايام جي غم جي منهن ۾ مٽي وجهه.)
مان سوچيان ٿو ته شاعر ۽ اديب جو ڪم فقط شعر ۽ ادب
جي تخليق آهي. سماج کي ڦيرائڻ جو ڪم ننڍن ننڍن
انسانن جو آهي، جن جا نالا شاعر يا اديب جي لاش
سان گڏ ڪفن ۾ پورجي وڃن ٿا. اٽڪل ٻه سال ٿيا ته
جناب فخر زمان، چيئرمن اڪادمي ادبيات، سنڌي ادبي
سوسائٽيءَ پاران ڇپيل منهنجن شاعريءَ جي ٻن ڪتابن
”سانجهي، سمنڊ، سپون“ ۽ ”ڪتين ڪرَ موڙيا جڏهن“،
ڀاڱي ٽئين، جي رونمائي ڪئي. تڏهن مان ادب برائي ادب جي نظريي ڏانهن موٽي ويو هوس. جيئن سکر ۾ وڪالت جي
ابتدائي دور ۾ هوس. مون تقرير ڪندي چيو ته ”منهنجي
فن جي باري ۾ ڪيترن ئي ساراهه ڪئي آهي، مان رڳو فن
جي باري ۾ اوهان جون غلط فهميون دور ڪرڻ چاهيان
ٿو. دراصل فن جي ڪائي وابستگي ضروري نه آهي. فرد
واحد سان، جماعت سان يا ڪنهن تحريڪ سان. آرٽسٽ جي
وابستگي رڳو پنهنجي آرٽ سان هئڻ گهرجي، جيئن
مائيڪل ائنجيلو،
رفائيل، ليونارڊو ڊا ونچيءَ يا پڪاسو وغيره جي
هئي. شاهه لطيف جي نور محمد ڪلهوڙي سان به وابستگي
ڪانه هئي، پر مدد خان جي مخالفت ڪئي اٿائين. ٺٽي
تي شهر آشوب لکيو اٿائين جڏهن پورچوگيزن اُن کي
باهه ڏني هئي، ان دور جي عوام جي پيڙا جو هڪ عيني
گواهه هو، پر
اُها زيرِ زمين پاڻيءَ وانگر هن جي روح ۾ سمي وئي
آهي ۽ ڪٿي شاعريءَ ۾ ظاهر ٿي آهي. مثلاََ:
اڄ پڻ ڪنجهو
ڪنجههَ واڍوڙڪي مَنَهين،
جي پُڻ پِيئين
منجهه، هوءِ پِنيون، هوءِ پَٽيون،
ـــ
اڄ پڻ ڪهڙي دانهن واڍوڙڪي منهين!
ويڄ ورائي ٻانهن، چوري چاڪَ نهاريا.
ڪا نارئا ڪُڻڪن، جنين لوههُ لڱن ۾.
ـــ
رهي اچجي راتڙي تن واڍوڙنِ وٽاءَ
جن کي سورُ سرير ۾، گهٽ منجهارا گهاءَ
لڪا ٿي لوڪاءَ، پاڻان ٻڌن پٽيون.
ـــ
ســــدا آهـــي سُــــور جـــــي واڍوڙن وائي.
سَگهن سُڌ نه سُور جي گهايل ڪي گهارين.
هاريا ويڄ مُياس، سُڌِ نه لهم سُور جي.
اهي ۽ ٻيا اڪيچار مثال، جن ۾ معاشري جي دک درد جي
عڪاسي آهي ۽ بهترين آرٽ جي فارم ۾. سُر سسئي ۾ ته
هيٺينءَ سٽ ۾ هو فن جي ڪمال تي پهتو آهي:
مُٺيس جَهل مَهار، ڪُٺيسِ ڪاهه مَ ڪرَهو.
سنڌ جي ساري ڪلاسيڪي شاعري هڪ طرف، مٿين سٽ ٻئي
طرف، پر سُرمارئيءَ کي پاڻ سياسي مقصد لاءِ
ٽوڙي
مروڙي پيش نه ڪيائون. مارئي انساني روح جي زندگيءَ
جي قفس مان آزاديءَ جي علامت آهي، باقي ڪو کيت
سينَ، سنگهارن جو لشڪر وٺي، عمر ڪوٽ نه ڊاٺو هو.
عُمر مارئيءَ کي ڀيڻ چئي پاڻ مرادو آزاد ڪيو هو .
شاهه جي ڪائي ”وابستگي“ نه هئي، نه عوام سان، نه
معاشري سان نه حاڪم وقت سان. دور جي حقيقت نگار
عڪاسي هڪ ڳالهه آهي، وابستگي ٻي ڳالهه آهي. هر
عظيم شاعر وانگر ڀٽائي ڪنهن خلا ۾ نه ٿي رهيو، اردگرد جو عڪس ته هن جي شاعريءَ ۾ پوڻو هو.“
مون تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته ”مان اڳ چوندو هوس ته
شاعر جي وابستگي حُسن، حق ۽ نيڪيءَ سان آهي، پر
اها ڳالهه غلط آهي. اڄ جو سچ، سڀان جو اَسچ آهي،
اڄ جو حق سڀان جو ناحق آهي، اڄ جي نيڪي سڀاڻي جي
بدي آهي. شاعر جي وابستگي فقط حسن سان آهي. ٻوليءَ
۾ حسن جي تخليق هن جو هڪ ئي نصب العين آهي.“ مون
سامعين کي ڪجهه مثال ٻڌايا هئا، جڏهن شاعريءَ جي
وابستگي اُن جي خاتمي جو ڪارڻ ٿي آهي. مون کين چيو
ته ”اُردوءَ جو شاعر چڪبست هڪ وڏي ۾ وڏو قوم پرست
شاعر هو. هو انگريز دشمن، آزادي پسند هو، ۽ ان ڪري
هن جي ڪانگريس سان وابستگي هئي. جڏهن اڳئين ڀيري
مان بمبئي ويو هوس، تڏهن ساهتيه ائڪيڊميءَ ۾ هن وٽ
ويو هوس جتي هو ملازم آهي. هو مشهور ڪهاڻيڪار آهي
۽ ”گواني منظر“ جهڙي خوبصورت ڪتاب جو مصنف آهي.
هُن کي چيم ته ”اُردوءَ جا تازا ڇپيل ڪتاب ڏيکار!“
هن مون کي اٺ ڏهه ڪتاب ڏيکاريا، جن ۾ چڪبست جي
ڪلام جو مجموعو هو. ان دور جي لحاظ کان اُن ۾
زبردست نظم هئا، پر آزاديءَ کان پوءِ پنهنجي اهميت
۽ ڪشش وڃائي ويٺا. شيام مون کي ٻُڌايو ته ”هن ڪتاب
جون ڏهه هزار ڪاپيون ڇپيون آهن. تون شايد ڏهون
ماڻهو آهين جيڪو اهو ڪتاب خريد ڪري رهيو آهين.“
ٽئگور زنده جاويد آهي، پر هُن هندستان جي باري ۾
فقط هڪ سٽ لکي هئي:
”يا خدا منهنجي ديس کي امن ۽ آزاديءَ ۾ اُٿار!“
جيئن ڀٽائيءَ سنڌ تي فقط هڪ سٽ لکي آهي:
”سائين سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار!“
جيتوڻيڪ ان بيت جي ٻيءَ سٽ ۾ سڄيءَ دنيا لاءِ دُعا
گهري اٿس: ”دوست، تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.“
اها هڪ نيڪ نيت شاعر جي دعا آهي. ان جو سنڌ يا
عالم سان وابستگيءَ جو ڪوئي سوال نه آهي. ساڳيءَ
طرح مرزا ظفر الحسن مسلم ليگ جو شاعر هو، لاهور
۾هو ڏاڍيءَ عزت سان ڏٺو ويندو هو. هڪ ڀيري
حيدرآباد ۾ مان فرسٽ ڪلاس ويٽنگ روم ۾ ويٺو هوس،
ٽرين ليٽِ هئي، مان بوريت لنوائڻ لاءِ ٻاهر اچي
بُڪ اسٽال تي ڪتاب ڏسڻ لڳس. هڪڙا ٽي جلد پيا هئا، جن جي پيلي سرورق تي هزارين مکيون پنهنجا نشان
ڇڏي ويون هيون ۽ نالو به پڙهڻ ۾ نه ٿي آيو. پوءِ
مون جڏهن غور سان ڏٺو ته معلوم ٿيو ته اهي مولانا
ظفر علي خان جي ڪلام جا ٽي جلد هئا. جڏهن اسٽال
واري کان پڇيم ته ”هنن ڪتابن جو هي حال ڇو آهي؟“
تڏهن جواب ڏنائين ته ”سائين، سالن کان اِتي پيا
آهن ۽ ڪوئي بها جي چوٿين حصي ۾ نه ٿو وٺي.“ اهو هو
ظفر علي خان، مسلم ليگ ۽ پاڪستان جو شاعر، جو
تقسيم کان پوءِ بلڪل بي معنيٰ ٿي چُڪو آهي. مسلم
ليگ ٻيهر اقتدار ۾ آئي آهي، پر هن جي نئين ايڊيشن
نه ڇپي آهي ۽ هُن مان ڪوئي اُتساهه نه ٿو وٺي.“
مون سامعين کي وڌيڪ پاسترناڪ جو ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾
آيل هيٺيون جملو ٻڌايو: ”اسان کنيو حسن، اسان کنيو
عشق، اسان کنئي زندگي، اسان کينون موت، اسان کنيو
ازل، اسان کنيو ابد، باقي دنيا بدلائڻ جو خواب
ننڍن ماڻهن لاءِ ڇڏيو.“ جيتوڻيڪ
’ڊاڪٽر
زواگو‘
۾ روس جي انقلاب کان پوءِ جو پس منظر آهي، تڏهن به
اُن ۾ اهي ابدي سچ آهن، جي شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾
ملن ٿا، جن ۾ برابر ايليزبيٿ جي دور جو پس منظر به
آهي. ماحول بدلندو ٿو رهي. جي ناول يا ٻي ڪائي
تحرير فقط پنهنجي ماحول جي عڪاسي ڪندي، ته اها اُن
ماحول جي خاتمي سان گڏ ختم ٿي ويندي. مون کي لنڊن
۾ ڊڪنس جي ناولن وارو ماحول ڪٿي نظر نه آيو ۽ نه
ليننگراڊ ۾ ٽالسٽاءِ جي ناول ”ائناڪرينا“ يا ”امن
۽ جنگ“ جو ماحول نظر آيو. پر اُنهن ڪتابن ۾ اُهي
ابدي سچ بيان ڪيل آهن، جي ماحول جي تبديليءَ سان
نه بدليا آهن. ڪيئي ”لينن پيس پرائيز وِنَر“ ۽
”اسٽالن پيس پرائيز ونر“ ناول لکن جي تعداد ۾
ڊئينوب نديءَ ۾ ڦٽا ڪيا ويا. پاسترناڪ کان پوءِ
دور جديد جو ٻيو ناول نويس، سولزي نٽسن، بچي ويو،
ڇو ته هن ۾ لينن ۽ اسٽالن جي دور واري وابستگي
ڪانه هئي. هن پنهنجي ماحول جي عڪاسي ته ڪئي آهي،
پر ان ۾ اُنهن سچن جي نشاندهي به ڪئي آهي، جي ابدي
آهن. ڪٿي آهي ماياڪووسڪي؟ ڪٿي آهن فيڊن ۽ ٻيا
اديب، جي ماسڪو کان سٺ ميل پري ڊيلنڪو ۾ رهندا
هئا؟ اُهي سڀ مٽي ٿي ويا. رڳو پاسترناڪ جي قبر تي
هن جي جنم ڏينهن تي گلن جا ڍير چاڙهيا ويندا آهن.
ڇا، ڪاليداس وڪرما جيتَ يا اُن دور جي سماج سان
وابسته هو؟ ”رگهوونش“
مان رڳو هن جو ڌرمي لاڙو نظر اچي ٿو، باقي
”شنڪتلا“،
”وڪرم اُروشي“ ۽ ”ميگهه دوت“ هن رڳو ڪويتا لاءِ
لکيا آهن.ڇا، ”حافظ“ پنهنجي معاشري يا ڪنهن حاڪم
وقت سان وابسته هو؟ هن ته چيو آهي:
بياتا گل به افشانيم و مئي در ساغر اندازيم
فلک را سقفي بينگافيم وطرحِ نو در اندازيم.
(اچو ته اسان گل ڇٽڪايون ۽ مئي ساغر ۾ وجهون؛
آسمان جي ڇت ڦاڙي ۽ نئين طريقي جو بنياد رکون.)
هاڻي ”طرح نو“ ڪهڙي هئي؟ اُن جي ”حافظ“ وضاحت نه
ڪئي آهي. رڳو ڀٽائيءَ وانگر پنهنجي جذبات جو مبهم
اظهار ڪيو اَٿائون. غالب به ساڳي ڳالهه چئي آهي:
بيا که قائدهء آسمان بگردانيم
قضا به گردشِ رطلِ گران بگردانيم
(اچو ته آسمان جو قائدو ڦيرايون،
۽ قضا کي ائين گهوماٽي ڏيون، جيئن مڌ جي ڳري ٿانوَ
کي ڏبي آهي.)
مان وري لانگ جمپ ڏيان ٿو. پوئينءَ موتمار هارٽ
اٽئڪ کان پوءِ مون روزاني ”برسات“ جي ايڊيٽر شپ
تان استعيفا ڏني. دل جو مرض، روزانيءَ اخبار ۽ ان
جي
فڪر ۽ پريشانيءَ کي سَهي نٿو سگهي. مون کي ڊاڪٽرن
هر اُڻ تڻ، آنڌ مانڌ ۽ اوني
اُلڪي کان پاڻ کي پري رکڻ لاءِ چيو هو. پريم
شهاڻي، يوسف شاهين جو دوست آهي ۽ بي نظير جي پهرين
حڪومت وقت سنڌ گورنميٽ ۾ وزير هو. هو ڪافي ذهين ۽
زيرڪ آهي ۽ هن سرڪار جي نمائندي جي حيثيت ۾ مهاجرن
سان معاهدو ڪيوهو، پر مهاجر هن جي خلاف هوندا هئا
ڇوته هنن چواڻي”مهاجرن جو ڪوئي به خاص مطالبو
معاهدي ۾ تسليم نه ڪيو ويو هو.“ هن منهنجي گهر اچي
مون کي چيو ته پاڪستان ۾ هر قسم جي بدعنواني، رشوت
خوري، سرڪاري املاڪ جو غبن، چور بازاري، منشيات
فروشي وغيره ڏاڍي وڌي وئي آهي ۽ اُن لاءِ بينظير
جي سرڪار ذميدار آهي، ڇوته هن جي سرڪار انهن
خرابين کي روڪڻ لاءِ جوڳاءَ اُپاءَ نه ورتا آهن.
هن چيو ته ان بيان تي نه رڳو هُن، پر سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ جسٽس دراب پٽيل ۽ ٻين اهم ماڻهن دستخط
ڪيا آهن. هو اڃا پروفيسر ڪرار حسين کي ڳولي نه
سگهيو هو، جيڪو ڪوئيٽا يونيورسٽيءَ جو وائيس
چانسلر هو، پر کيس پڪ آهي ته اُهو به بيان تي صحيح
ڪندو. هن مون کي صلاح ڏني ته مان به انهيءَ بيان
تي صحيح ڪيان. مون هن کي چيو ته مان توسان متفق
آهيان، قومي حالتون مُلڪ کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪي
رهيون آهن. مون هن کي صحيح ڪري ڏني. هن جي وڃڻ کان
پوءِ مون کي خيال آيو ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت
اونهيءَ کڏ ڏانهن ڌوڪي ته رهي آهي، پر مون کي
بينظير جي مشوري تي صدر هلالِ امتياز جو تمغو ڏنو
هو ۽ اها احسان فراموشي ٿيندي، جي مان به اُن بيان
تي صحيح ڏيان. مون اهو به سوچيو ته مان ڪيتري وقت
کان سياست کي ٿوڪاري، پنهنجي آرٽ ۽ دنيا ڏانهن
موٽي ويو آهيان. مون کي اردوءَ جي هڪ شعر جي سٽ
ياد آئي:
ميري بلا سي بوم رهي يا همارهي
مون کي ياد آيو ٽراٽسڪيءَ جي ميڪسيڪو ۾ جلاوطنيءَ
دوران هن جي ميڪسيڪن آرٽسٽ دوست، ڊيگورويرا، هڪ
پينٽنگ ڪڍي هئي، جنهن ۾ ڏيکاريل هو ته جوالا جي پٻ
وٽ هڪ ڪئسينو (جواخانوAsino
)آهي جنهن جي ميزن تي مرد ۽ عورتون ويٺيون آهن،
شراب به پي رهيون آهن ۽ پتي راند کيڏي، کٽي، خوش
ٿي، ٻهه ٻهه ڪري رهيون آهن. جوالا جي جيءَ ۾ لاوا
پڄري رهيو آهي. اوچتو ڪنهن وقت اُهو ڦاٽ کائيندو ۽
اچي ڪئسينو تي ڪرندو ۽ سڀ کي تهس نهس ڪري ڇڏيندو.
مون محسوس ڪيو ته پاڪستان جون حالتون بد کان بدتر
ٿي ٿي رهيو ن آهن ۽ گلوٽين تکي ٿي رهي آهي. حالات
۾ ايندڙ ڦيرو منهنجي لونءَ ۾ لرزندو آهي. اُن وقت
ڪراچيءَ جو مهاجر عوام هند جي نڪسلباڙي تحريڪ کان
به وڌيڪ شدت سان دهشتگردي ڪري رهيو هو ۽ حڪومت
دهشت گرديءَ جو جواب دهشت گرديءَ سان ڏئي رهي هئي.
عدل، انصاف، رواداري، انسان جي خون جي اهميت بنهه
ختم ٿي وئي آهي ۽ نه عمرجو لحاظ رکيو ٿي ويو نه
صنف جو، موت مينهن وانگر وسي رهيو آهي پر پوءِ به
مون کي اُن بيان ۾ شرڪت مناسب نظر نه آئي.
مون جسٽس دراب پٽيل کي گهر فون ڪيو ته ”اُن بيان
تان منهنجي صحيح ڪٽي وڃي. مان سياست کان
ڪناره ڪش ٿي چڪو آهيان.“ ڪجهه وقت کان پوءِ اهو
بيان جسٽس دراب پٽيل ۽ پريم شهاڻيءَ ڪجهه ٻين جي
صحيحن سان ڊان اخبار ۾ ڇپيو. اُن ۾ منهنجو نالو
ڪونه هو.
مان ڪراچي ڇڏي وري پٺتي لانگ جمپ ٿو ڏيان. سکر جيل
۾ مون سان ٻه لنگڙا راجپوت رهندا هئا، جي ميرپور
خاص جيل مان سزا طور ٽرانسفر ڪيا ويا هئا. ٻنهي کي
جنم ٽيپ سزا مليل هئي.
هڪ ڀيري گفتگو ڪندي، اُنهن چيو ته اسين اِنهن
جيلرن کان وڌيڪ جيئنداسين. ڪنهن وقت اِهي قيدي
هوندا ۽ اسين جيلر هونداسين. پوءِ هڪ منهنجو هٿ
مٿي ڪري مون کي پنهنجي گهڙي ڏيکاري، جنهن ۾ ڪانٽو
ڏاڍو تيز ڦري رهيو هو. وقت گذرندي ويرم نه ٿي لڳي.
زلزلو اچي رهيو آهي. مان جيل جون ديوارون لُڏنديون
ٿو ڏسان. |