سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر-4

باب: --

صفحو :15

وچ ۾ قطع ڪلامي ٿي وئي. هي سارو ڪتاب ”ڳالهه مان ڳالهه“ آهي. مون چيو ٿي ته برنس گارڊن مان مقصود احمد صديقيءَ جي جاءِ تي وياسين، جتي ناصر ڪاظمي ويٺو هو. پوءِ وسڪي، لطيفا، ڪيئي لطيفا قهقهي تي قهقها ۽ ٻاهر ايوب خان راڪاس وانگر رنڀي رهيو هو.

ڇا ڇا ڌڳ مُڙس تاريخ ڳرڪائي وئي، سوچي لڱ ٿا ڪانڊارجن، تاريخ واريءَ جي گهڙيال (Sand Glass) وانگر آهي، جنهن کي ڪائي چاٻي نه آهي، جا وقت کي اڳتي پُٺتي ڦيرائي سگهي.

فيض جي اچانڪ موت جي باري ۾ پڙهي، منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا هئا. ڇا، موت جو ڪوئي دندان ساز آهي جو هن جا ڏند ڇِڪي ڪَڍي!

فيض جي موت کان پوءِ مون هڪ نامڪمل غزل جو مطلع لکيو هو:

موت جي ڪيڏيءَ گِرَڻ ۾ روز ڇڪبا ٿا وڃن

ڪيترا ڦيرا ڏئي سڀ هيٺ ڌڪبا ٿا وڃن!

عشق ئي قيدِ حيات ۾ بندِ غم مان نجات آهي. هڪ ڪيس ۾ منهنجيءَ هر ڪوشش جي باوجود ڪاري ڪاريءَ کي موت جي سزا اچي وئي. هنن تي الزام هو ته هنن گڏجي ڪاريءَ جي مُڙس کي قتل ڪرايو. جڏهن جج سزا جو ڪورٽ ۾ اعلان ڪيو، تڏهن پڃري ۾ ويٺل جوابدار، جو ڪارو هو، پنهنجي ڀرسان ويٺل ڪاريءَ کي ڇڪي ڀاڪر پاتا ۽ گهريون چميون ڏنيون. جج صاحب، جنهن پنهنجي ساريءَ نوڪريءَ ۾ اهڙي ڳالهه نه ڏٺي هئي، تنهن جوابدار کي تڙي ڏئي چيو ته ”اوهان عدالت جي توهين ڪري رهيا آهيو، جنهن ۾ اوهان کي سزا اچي سگهي ٿي. جوابدار پادر لاهي جج ڏانهن ڦٽي ڪيو ۽ چيو ته ”ڦاسيءَ جي سزا ته اڳيئي ڏني اَٿي، ٿلها، ٿَل ٿَل جج! ٻيو ڪهڙو ڪجهه پٽيدين.“ جج سپاهيءَ کي چيو ته ”هن بيوقوف جوابدار کي هتان ٻاهر وٺي وڃ!“ ٻنهي جوابدارن کي جيل جا ڦاٽل ڪپڙا پيا هئا. مرد عورت جو چولو مٿي ڪري هن جا انگ مهٽيا ۽ چميا به. پوءِ جج ڏانهن منهن ڪري چوندو ويو ته ”جي اپيل ۾ ڇٽي ويس، ته پهرين گولي توکي دوُنَ ۾ هڻندس ۽ ٻي سرڪاري وڪيل کي.“ جج کي ڪنبڻي وٺي وئي ۽ ٽاڪرو ڪانوَ جي رنگ جهڙو گائون گهليندي، چيمبر ۾ ويو. ”ڀــ......“ هن جي پُٺ تان جوابدار چيو، ”تو ڪڏهن عشق ڪيو هجي ته سمجهي سگهين ته وڇوڙو ڇا آهي!“ سپاهي ٻنهي جوابدارن کي ڇڪي جيل جي وئن ۾ ڇڏي آيا.

مٿين ڳالهه لکندي، مون کي هڪ ٻيو ڪيس ياد آيو. هڪ ڀيري هڪ مختيارڪار جي زال جنهن کي ڪُنڍڙا ڪاڪُل هئا ۽ ڳٽن ۾ کڏون ٿي پيون، جن کي ايراني شاعر ”چاهِ غب غب“ چوندا آهن،۽ دقيانوسي غزل گو سنڌي شاعر به ساڳيو لفظ استعمال ڪندا هئا، اُها پنهنجي مختيارڪار مڙس کي ۽ اُن مان ٻارن کي ڇڏي، ڪنهن هيڊ ڪانسٽيبل سان ڀڄي وئي هئي. مختيارڪار هيڊ ڪانسٽيبل تي ڪيس ڪيو ته هن سندس زال زوريءَ ڀڄائي آهي ۽ هن جي ماءُ کان زر زيور کسي ڀڄي ويو آهي. فرياد روهڙي ٿاڻي تي ٿي هئي. جتي هو مختيارڪار هو. پوليس جاچ ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ هن تي ڪيس سيشن ڪمٽ ٿيو ۽ عزيز ميمڻ جي ڪورٽ ۾ هليو. مختيارڪار جي زال شاهد ٿي هئي! هن کي ٿاڻي تي ڪافي ماريو ويو هو ۽ هن چيو ته هُن ”هيڊ ڪانسٽيبل کان ؟؟ ڪئي.“ جيستائين جج ڪورٽ ۾ اچي، مختيارڪار مون کي ڏسي زال کي چيو ته ”ڪِني رن! ڀڳينءَ به هيڊڪانسٽيبل سان! ڪنهن ڊپٽي ڪليڪٽر سان ته ڀڄين ها!“ جوڻس کي طيش اچي ويو ۽ جواب ۾ چيائين، ”مون کي ڊپٽي ڪليڪٽر نه گهربو هو، مُڙس گهربو هو.“ هن وڌيڪ چيو ته ”تو زيور به جوابدار جي ڪڍ لاتا آهن، اهي مون هُن کي تحفي ۾ ڏنا. زيور تنهنجي پيءُ جا هئا؟ سڀ رشوت مان ٺهرايا هُئئي. هن سان هڪ ئي رات، توسان ساريءَ ڄمار کان چڱي هئي.“ پوءِ هن ٻانهن مان سونيون ڪنگڻيون ۽ سونو هس ڳچيءَ مان لاهي مختيارڪار کي منهن ۾ هنيو. ايتري ۾ سيشن جج عزيزالله ڪورٽ ۾ اچي ويو. هن سرڪاري وڪيل کان پڇيو ته ”ڪهڙا ڪهڙا شاهد موجود آهن؟“ پوءِ چيائين ته ”پهريون مختيارڪار جي زال جو بيان رڪارڊ ڪندس.“ هوءَ ڪٽهڙي ۾ آئي ته شاهديءَ ۾ چيائين ته ”هي هيڊڪانسٽيبل منهنجي مڙس لاءِ پلا تحفي طور کڻي آيو هو. منهنجو مڙس ڍل بستگيءَ لاءِ ويو هو. مون دروازو کوليو ته مون هيڊڪانسٽيبل کي ڏٺو ته منهنجي دل ۾ ائين پيهي ويو جئن مڇيءَ جي ڪلين ۾ ڪُنڍي اٽڪي پوندي آهي. هن مُڇن کي وَٽُ ڏنو ته ڄڻ باز وانگر منهنجو ساهه کنڀي ويو. جج صاحب! تون پاڻ ڏس هو سانورو، سلوڻو ۽ ٽاريءَ جي ڪاٺ وانگر پختو آهي. هيڏانهن منهنجي مُڙس کي ڏس، پيٽ وڏو، ٽڪڻ گنجي! اکيون چٻري وانگر گول ۽ ڪن سهي وانگر اُڀا اٿس! مون کي ڏس جج صاحب! منهنجون گوريون ٻانهون ڏس! مُنهنجو منهن ڏس! منهنجي هاٺي ڏس، جا ڪهوءَ جي ڪاٺي وانگر سنهي ۽ سڌي آهي! هيءُ منهنجي مُنهن تي پوي ٿو! هن ڏوڪڙ ڏَئي منهنجو سڱ ورتو هو. زهر جو ڍُڪ پي، مون هن سان وقت گذاريو. پوءِ جوابدار کي ڏسي، منهنجي دل ڦاسي وَئي. مون ماءُ کي ڌڪي چيو ته ”ٻئي ڪمري ۾ هلي ويهه.!“ ۽ جوابدار کي بيڊروم ۾ وٺي ويس ۽ هن کي چيم ته منهنجو مُڙس ڍل بستگي ڪري تعلقي مان سڀاڻ موٽندو. مان ماءُ کي پلا ترڻ لاءِ ڏئي ٿي اچان. تون ماني کائي پوءِ وڃ!“ مان پلا کڻي وڃي ماءُ کي ترڻ لاءِ ڏئي آيس. پوءِ بيڊ روم ۾ موٽي جوابدار کي چيم ته مون مان وَٽَ ڪرين ته مان حاضر آهيان. ڪجهه وقت کان پوءِ هن چيو ته ”تون ته کيري پلي کان به وڌيڪ سوادي آهين.“ ٻئي ڀيري جڏهن هن معلوم ڪيو ته منهنجو مُڙس هيڊ ڪوارٽر کان ٻاهر آهي ته هو چار شڪار ٿيل تتر ڇلي کڻي آيو ۽ چيائين ته ”هي به ماءُ کي چؤ ته رڌي وٺي. اڄ به ڏوپهرو تو وٽ ڪندس.“ پوءِ اسان اُن ڏينهن به جواني ماڻي ۽ ڀڄي هلڻ جو ارادو ڪيو. مان ڪجهه زيور ۽ ڪپڙا ڳنڍ ۾ ٻڌي، برقعو پائي هن سان نڪتيس ۽ ماءُ کي چيم ته منهنجو مُڙس اچي ته چئجانس ته نواب شاهه ۾ پنهنجي ڳوٺ وئي آهي، هن جو پيءُ بيمار آهي. ائين ڪجهه وقت ڳالهه لنوائجي ويندي. پوءِ مان جوابدار سان ڀڄي لاڙڪاڻي ويس ۽ مون سوچيو ته مان جوبدار سان شادي ڪيان ۽ قسم نامون ڏيان ته مُڙس مون کي ٽي ڀيرا طلاق ڏني آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجو احوال نه ٻُڌي، هُن نواب شاهه منهنجي پيءُ ڏي ماڻهو موڪليو، جنهن چوائي موڪليس ته ”هتي نه آئي آهي.“ پوءِ منهنجي مڙس ڪوڙي فرياد داخل ڪئي ۽ اسان تي پوليس ڪُتا بڇيا. نيٺ اسين لاڙڪاڻي مان هٿ ڪيا وياسين، اڃا شاديءَ جي سانباهن ۾ هئاسين، ڇو ته چؤٻول جو ڀَو ٿي ٿيو.“

عزيزالله فرياديءَ کي چيو، ”تو بيان ٻڌو؟ هيءَ زال ڇا ڪندين، مان جوابدار کي ڇڏي ٿو ڏيان. منهنجي صلاح اَٿي ته زال کي طلاق ڏئي ڇڏ ۽ وڌيڪ خواريءَ ۾ نه پَؤ!“

سيشن ڪورٽ ۾ هڪڙو جج هو، جنهن جي جوءِ ڪراچيءَ ۾ رهندي هئي ۽ جڏهن سکر ايندي هئي تڏهن هو چوندو هو ”منهنجي گهر ڪافر آيو آهي.“ هو پاڻ به زن صفت هو ۽ هن کي فقط زن صفت وڪيل وڻندا هئا ۽ انڪري منهنجو دشمن هو، ڇو ته مان ان جنسي رحجان سان علي الاعلان نفرت ڪندو هوس. جي هُو مري ويو آهي ته شال خدا کيس جهنم جي شعلن ۾ جلائي ۽ هن جا هڏا به خاڪ ڪري ڇڏي! هُن ڪانوَ جي هڏي کاڌي هئي پر مان ڀانيان ٿو ته مري ويو هوندو. وڪالت مان اڪثر ناڪام وڪيل سب جج ٿيندا هئا ۽ هو اسان کان پنهنجي ناڪاميءَ جو بدلو وٺندا هئا.

هڪ ڀيري ٻيو سيشن جج، جو سکر مان ٽرانسفر ٿي ويو هو، سو سکر ۾ ڪنهن ڪم سان آيو. منهنجي دوست شفيع محمد آخوند جي اوطاق ۾ اچي لٿو، جا هن جي گهر کان ٻاهر هئي. ڪجهه سال اڳي منهنجي اُنهيءَ جج وٽ هڪ لوطيءَ جي سزا خلاف اپيل هئي، جنهن کي غير فطرت ڏوهه (Unnatural offence) لاءِ ٻه سال ٽيپ ملي هئي. هو چيمبر ۾ اپيل هلائي رهيو هو ۽ منهنجي روبرو جوابدار کان پڇيائين، ”ڇورو لسو هو؟ سچ ٻُڌاءِ ته ڇڏي ڏيانءِ.“

جوابدار چيو، ”ها، سائين؟“

”ڏاڍو لسو؟“ وري هُن جج کي چيو.

”سائين! گهوٽڪيءَ جا پيڙا ته کاڌا هوندءِ! پيڙو هو پيڙو!“

جج فتويٰ ڏني ته ”مان جوابدار جي اپيل بحال ڪئي ۽ هن جي سزا رد ڪئي.“

پوءِ مون ڏانهن منهن ڪري چيائين ته ”جو ڏوهه مان ڪيان ها، اُنهيءَ تي ڪنهن کي سزا ڪيئن ڏيان؟ تو يسوع لاءِ ته پڙهيو هوندو ته جڏهن ماڻهن جا هشام پٿر کڻي هڪ ڪاريءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا، تڏهن يسوع هنن کي چيو ته هُن ڏي پهريون پٿر اُهو اُڇلائي جنهن اَک سان به زنا نه ڪئي هجي.“

جنهن وقت هو شفيع محمد آخوند جي اوطاق ۾ ويٺو، جا ڳالهه مون اڌ ۾ ڇڏي هئي، تنهن وقت هڪ ڳڀرو جنهن کي مڇن جي ريهه نه لٿي هئي، هن جي ڀرسان ساڳئي صوفي تي ويٺو هو، هن جي ٻانهن تي هٿ ڦيريندي مون کي چيائين ته ”اياز! ڪم چوانءِ! وعدو ڪر ته ڪندين؟“

”جي ڪري سگهيس ته ضرور ڪندس!“ مون جواب ڏنو.

اُن تي جج صاحب چيو ته ”هِن جي قميص ڪيڏي نه کهري آهي! ڪائي نفيس قميص وٺي ڏئينس ته هن کي هٿ گهمائڻ سان دل ٺري پوي، هي شام جو تو وٽ آفيس ايندو.“

مون کي ڳالهه ڏاڍي اُگري لڳي ۽ ڇوري کان پڇيم ته ”قميص گهڻي ۾ ملندي؟“ هن جواب ڏنو ته ”ٽي سوين رُپئين.“ مون کيسي مان ٽي سوَ رپيا ڪڍي ڏنا ۽ هن کي چيو ته ”قميص پاڻ وڃي وٺ! منهنجي آفيس تي نه اچجانءِ.“

دراصل سکر ۾ منهنجو ڪافي وقت جهنم ۾ گذريو. مان اڃا تائين اُن جا شعلا ڏسي سگهان ٿو. زن صفت جج شهر کي چنبڙي پيا هئا. جي لوط جي قوم مان ڪنهن کي ٻيهر جنم آڇيو وڃي ها ته هُو سکر ۾ وٺي ها.

انگريزيءَ ۾ جي جنسيات جا لفظ آهن ۽ عوامي گفتگوءَ جو حصو آهن، اسان وٽ اُهي فحش سمجهيا وڃن ٿا، ڄڻ ته سنڌيءَ ۾ ٻيو ڪوئي لفظ اُنهن جو هم معنيٰ آهي ۽ اسان جي ڪنن کي نٿو آئڙي. اسين انساني جسم جي مخصوص حصن جو ذڪر سنڌيءَ ۾ نه ٿا ڪري سگهون. مان چاهيان ٿو ته اِنهيءَ نقلي شرافت جي لوڙهي کي ڊاهي ڍير ڪيان ۽ ڍنگر هٽائي اُن اِن رستو بڻايان. جي لفظ انگريزيءَ ۾ استعمال ٿين ٿا. سعديءَ جي ”بوستان“ ۾ البيلائيءَ سان ڪم اچي سگهن ٿا ۽ اسان جي سنڌي ڊڪشنريءَ جو حصو آهن، اسين استعمال ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟

سکر جون ڪهڙيون عجيب غريب ڳالهيون ياد اچن ٿيون! مان هڪ ڀيري سچل خان لٻاڻيءَ جي گهر ويو هوس، جو بندر روڊ تي وچ تي هو. هڪ مينگهواڙ زائفان جنهن کي چانديءَ ۽ ٽامي واريءَ ڦيٽَ سان سون جهڙو رنگ هو، پتڻ تي آئي. هن کي ٻانهن ۾ چانديءَ جي ڊگهي ٻانهين پيل هئي، چانديءَ جي ڦلڙين واريون چانديءَ جون جهمٽيون پيون هيون ۽ هوءَ منهنجي من ۾ کُپي وئي. هوءَ ٻيڙيءَ ۾ ٽپي ته پٺيان هن جو مُڙس پنهنجي رِڇ کي رسيءَ ۾ جهلي بيٺو هو، رِڇُ رنڀ ڪري هن کان پاڻ ڇڏائڻ لڳو ۽ رسيءَ کي زور سان ڇڪيائين ته هن جي مُڙس جي هٿ ۾ ڇَهَه اَچي ويا. رڇُ آزاد ٿي ٻيڙيءَ تي ٽپيو، ته مينگهواڙ هُن جي پٺي ٺپي، ته هو ماٺ ٿي ويو! مون سچل خان کان پڇيو ته ”هُن لُڇي ۽ ڦٿڪي پاڻ ڇو ٿي ڇڏايو.“ سچل خان جواب ڏنو ته ”مينگهواڙ جو اصل مڙس ته رڇُ آهي.“ هُن جو مينگهواڙ مُڙس ته فقط ڊيِٻڪي وڄائي، پِن جا پيسا وٺندو هو. يونيورسٽيءَ ۾ منهنجي پي. اي مرحوم عطا محمد ٻُڌايو هو ته ”هڪ پروفيسرياڻي پنهنجي پالتو ڪُتي کي بستري تي گڏ سمهاريندي هئي. ڪنهن خوبرو ليڪچرار هن کان پڇيو ته ”ماڻهو هيئن ٿا چون، ڇا اِها ڳالهه سچي آهي؟“ هن جي اکين جو آريون تيز ٿي ويون ۽ ليڪچرار کي چيائين، ”ماڻهو نه سمهندا ته ڪُتي کي نه سمهاريندَس ته ڇا ڪندَس. تون سمهين ته مان ڪُتو زنجير سان ٻڌي ڇڏيان.“ مون عطا محمد کي چيو، ”وڏي بي شرم آهي.“ هن جواب ڏنو ته ”هوءَ اڪيلي رهندي آهي ۽ تنهائي کيس کائيندي آهي.“

عورت هِن وقت تائين مون لاءِ معمو رهي آهي. هڪ ڀيري ٻه ساهيڙيون، جي حيدرآباد ۾ ملازم هيون ۽ جن سان منهنجي دوستي هئي، مون سان منهنجيءَ ڪار ۾ ڪراچيءَ هليون. مان هنن کي منهوڙي وٺي ويس ۽ ٻيڙي ڀاڙي ڪري، مون هنن کي سمنڊ ۾ سير ڪرايو. سامونڊي پکي مٿان ولر ڪري وڃي رهيا هئا. مون پنهنجيءَ دوست کي گهوري سوچيو، ڇا، هيءَ اسان جي آخري ملاقات آهي؟ ڪجهه دير کان پوءِ مان هنن کي چائنيز هوٽل ۾ ماني کارائڻ لاءِ وٺي ويس. اُها منهنجي دوست لاهور ۾ ڪافي سال رهي هئي ۽ ڪجهه گهڻگهرا ڳولي لڌاهئائين، اسان جيئن هوٽل ۾ گهڙياسين، ته هڪ پنجابي، جو اڪيلو ميز تي مانيءَ جو آرڊر ڏئي رهيو هو، منهنجيءَ دوست کي ڏسي ڇرڪ ڀري، اُٿي بيٺو ۽ هن کي چيائين ”هتي منهنجي ڀرسان ويهو“ مان ڀانيان ته هُن ڪافي هجت سان اسان جي دعوت ٿي ڪئي، پر منهنجون ٻئي ساهيڙيون هن کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري، اڳتي خالي ميز تي ويٺيون . منهنجيءَ دوست چيو ته ”هي شايد ڀُليو آهي.“ پوءِ جيسين اسان ماني کاڌيسين تيسين هُن ڏانهن نه ڏٺائين. هو ماني اڌ ۾ ڇڏي، بل ڏئي، هوٽل مان نڪري ويو، مون کي غالب جو شعر ياد آيو:

هم کو اُن سي وفا کي هي اُميد

جو نهين جانتي وفا کيا هي

اُن واقعي هن مان منهنجي دل کٽي ڪري وڌي. جي هوءَ پنهنجي پراڻي آشنا جي دعوت تي ويهي رهي ها، ته هن جو ٿورو گهڻو راز ته افشا ٿئي ها، پر هُن جي پراڻي آشنا کي ايتري مايوسي نه ٿئي ها. مون سمهجيو ته ممڪن آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ مون سان به ائين هلي. ٿيو به ائين، هوءَ منهنجيءَ ڪيتري نه شاعري جي پس منظر ۾ هئي. مون سوچيو ته ”عشق به حُسن وانگرناپائدار آهي.“ پر مون کي ڪهڙو حق آهي ته مان هن مان ايتري توقع رکان؟ هوءَ هڪ آزاد پرندو آهي، جنهن وڻ جي ٽاريءَ تي چاهي، ڀل اُن تي ويهي. اڳ منهنجي پڃري ۾ وڃڻ لاءِ هوءَ ڪيتري نه اُتاولي هئي، پر مون پڃري جو در نه کوليو هو! مون کي هن جي آزادي وڻي هئي، ٿڌيءَ هير جي جهُلڪي وانگر وهندي نديءَ جي ڇُلڪي وانگر! پوءِ هن جي ياد منهنجي شاعريءَ جو حصو ٿي وئي هئي ۽ ٻين محبوبائن سان ملي هڪ محبوبا ٿي اُڀري هئي. مون هن کي عارضي محبت جي بدلي ۾ زندگي جاويد ڏني. هوءَ منهنجي شاعريءَ ۾ تاابد زنده رهندي. اَلاجي غالب ڇوٿو باربار ياد اچي!

هان وه نهين خدا پرست جاؤ وه بي وفا سهي

جس کو هو دين ودل عزيز اس کي گلي مين جائي کيون

ڪيئن چئجي ته معمّو  حسن آهي يا عشق؟ مان ڀانيان ٿو ته پوري انسان ذات هڪ معمّو آهي. ورهاڱي کان اڳ مان ۽ منهنجو دوست، غالباََ ارجن شاد، اڄ جي مزار قائد جي ڀرسان ميدان تي لڳل نمائش ۾ وياهئاسون. اُتي مون کي ارجن چيو ته ”سامهون ٽي ماڻهو ڏسين ٿو؟“ اُنهن ۾ هڪ هندو استري هئي ۽ ٻه مڙسالو هئا، ارجن وڌيڪ ٻڌايو ته ”انهن ٻنهي مڙسالن مان هڪ اِنهيءَ اِستريءَ جو مڙس آهي، ويهڪجي ويو آهي ۽ ٻيو مڙسالو هن جو سينڌو آهي. ٽئي ساڳئي گهر ۾ رهندا آهن، سينڌو کٽندو ڪمائيندو نه آهي، فقط هن جي استريءَ جي ترشنا ٻُجهائيندو آهي.

ٻئي ڀيري منهنجي هڪ دوست ٻڌايو ته ڪالهه رات مون کي هڪ گواني ڪرسچن، جو جوءِ جو دلال هو، پنهنجي گهر وٺي هليو. جڏهن مان هن جي جوءِ سان ڪمري ۾ ويس ۽ عياشي ڪري رهيو هوس ته ٿوريءَ دير کان پوءِ مٿان آواز”ويري گُڊ“ (Very  Good) ”ويري گڊ“ ٻُڌم. ڏٺم ته گواني ڇوڪريءَ جو مڙس وينٽي ليٽر مان ويري گڊ، ويري گڊ ڪري ٽپا ڏئي رهيو هو. مون گواني ڇوڪريءَکان پڇيو ته ”هي ڇا ڪري رهيو آهي؟“ هن جواب ڏنو ته” هُن جي نفس کي آرام تڏهن ايندو آهي جڏهن هو مون کي ڪنهن سان همبستر ٿيندي ڏسندو آهي.“

مون وٽ ٻهراڙيءَ جي هڪ ڪرڙوڍَ زميندار جو ڪيس آيو، جنهن پنهنجيءَ ٻيءَ زال کي بندوق هڻي ماري وڌو. جڏهن مون اسپيشل جيل تي وڃي کانئس حقيقت پڇي ته هن وراڻيو ته ”منهنجي ٻي زال سورنهن سترنهن ورهين جي هئي، جڏهن ٻه سال اڳ مون هن سان شادي ڪئي هئي. هوءَ منهنجيءَ پهرينءَ زال کي ڏسي جلندي پڄرندي هُئي. ڪنهن وقت ته ائين لڳندو هو ته ٽانڊن تي ٽڙڪي رهي آهي. هوءَ منهنجي گهر کان ٿورو پرتي هڪ زميندار سان ٺهي وئي. ڪنهن وقت ماءُ ڏي وڃڻ جو بهانو ڪري هلي ويندي هئي. هڪ ڏينهن مون گهٽيءَ مان لڪندو ڇپندو، هن جي پٺ ورتي. پريان ڏٺم ته ماءُ جي گهر نه، يار جي گهر وئي. مون کي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر چيم ته جي هن کي گهٽيءَ ۾ ماريم ته شهر ۾ چؤ پچؤل ۽ بدنامي ٿيندي. سو گهر موٽي،بندوق ۾ ڪارتوس ڀري رکيم. جڏهن موٽي آئي، ته مون هن کي چيو ته ”ماءُڏي ته نه وئي هئينءَ، يار ڏي وئين هئين.“هوءَ پهريون هڪي ٻڪي ٿي وئي، پر پوءِ چيائين ته ”توکي ٻه زالون ڪرڻ جو حق آهي، مون کي ٻه مڙس ڪرڻ جوحق نه آهي؟“ مون هن کي طلاق ڏيئي چيو ته ”پنهنجي يار سان شادي ڪري مون سان ياري رک، جيئن مان هن سان پلئه ڪري سگهان.“

سکر ۾ منهنجو هڪ وڪيل دوست ۽ هن جو مامو ڪنهن شاديءَ ۾ ويٺا هئا. مامي ڀاڻيجي جي عمر ۾ ڏهاڪو سال فرق هو، پر هو شودپائيءَ ۾ جهُٽ هوندا هئا. هڪ ڀيري هوشاديءَ جي دعوت تي ويٺا هئا، هُن جي مٽي مائٽيءَ ۽ اوڙي پاڙي واريون زالون به ويٺيون هيون. انهن ۾ لُچيون ۽ ڇنال به هيون. منهنجي وڪيل دوست ۽ هن جي مامي پاسو وٺي کين چيو ته ”اسين ٿوريءَ دير۾ اٿون ٿا، اوهين اسان جي پُٺ تان اچو!“ ائين هو ٻنهي زالن کي وٺي، منهنجي وڪيل دوست جي گهر ويا. منهنجي دوست جي زال جو ڏٺو ته ٻئي لُچيون پاڙيسرياڻيون اڌ ڪلاڪ کن نه موٽيون ۽ هن جو مڙس ۽ مامو به نه موٽيا، ته هوءَ سڌو پنهنجي گهر وئي. اڃا منهنجو وڪيل دوست ۽ لچيون زالون ڪمري ۾ ڪپڙا لاهي رهيون هيون ته هوءَ به اچي پهتي، ۽ مڙس کي چيائين ته ”مون کي شاديءَ ۾ ڇڏي تون گلڇرا ٿو اُڏائين!“ منهنجي وڪيل دوست به ڪئي هم نه تم ۽ زور سان لپاٽ هڻي، هن کي چيائين ته ”اڄ تنهنجي ڇنڇري لاهڻي پوندي.“ پوءِ هُن کي ٻه ٽي لتون به هنيائين. هُن جون پاڙيسرياڻيون، ڪارا برقعا کڻي رفو چڪر ٿي ويون.

منهنجو وڪيل دوست چاليهارو سال اڳ جيري جي ڪئنسر ۾ مري ويو. هن جي زال پهريون دفعو مون وٽ ڄامشوري ۾ آئي ۽ پنهنجي پُٽ جي پروموشن لاءِ چيائين، جو يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار هو. مون هن کي پهريون ڀيرو ڏٺو هو. هوءَ وهيءَ مُڙي چُڪي هئي، پر هن ۾ ڪَرئي جي گُل واري سفيد شگفتگي هئي. مو هن جي پُٽ کي پروموٽ ڪري ڪاغذ سنڊيڪيٽ جي اڳيان رکيا. انهيءَ کي چار سال گذري ويا. مان سکر موٽي آيو هوس ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت ڪندو هوس. هڪ ڏينهن هُن اوچتو فون ڪال ڪري چيو ته ”ادا! اوهان سکر ۾ آهيو ته اچو به نه ٿا.“ مان هن جي چوڻ تي هن جي گهر ويس ۽ هُن جي نوڪرياڻيءَ کي چيم ته هُن کي سڏي. هوءَ پهرينءَ منزل تان هيٺ لهي آئي. ستر ٻاهتر ورهين جي عمر ۾ به هوءَ گلاب جي گُل وانگر ٿي لڳي. دوست جي بيوه هئي، اِن ڪري مون اکيون جُهڪائي ڇڏيون. هن منهنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو، ”منهنجو مُڙس ته اوهان جو دوست هو، ڇا اوهين ڄاڻو ٿا ته هو مون سان ايترو بُرو ڇو هلندو هو! مون ۾ ڪهڙي گهٽتائي هُئي، جو هو گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئندو هو!“ مون دل ۾ چيو ته ”تون ته شفاف چشمي وانگر آهين، منهنجو دوست بدبخت هو، جو هن تنهنجو قدر نه ڪيو.“ ”پاڻ ته چُڙي چُڪي مري ويو.“ هن سختيءَ سان چيو، ”پر مون کي ته رڻ ۾ رولي ويو.“ مون اکيون مٿي ڪري ڏٺو ته هوءَ رڃ ۾ هرڻيءَ وانگر ڪنهن جهرڻي جي تلاش ۾ نظر آئي. ايتري ۾ مون هن کان موڪلايو ۽ چيو، ”ويو وقت واپس ته نه ٿو موٽي اچي! پر پنجيتاليهه سال ٿيا آهن اوهان پنهنجي مُڙس کي نه بخشيو آهي.“

”بخشيان؟ مان ته چاهيان ٿي ته هُن جي قبر کي ائين لتون هڻان جيئن هُن مون کي هنيون هيون.“ عشق ۽ عقل ڪڏهن گڏ هلي نه سگهيا آهن. ٻَئي قابيل ۽ هابيل جي زماني ۾ هڪٻئي جا دشمن آهن. اک اڙجي وئي ته ماڻهو سڀ ليڪا لنگهي ويندو. شرم، حياءُ، ياري دوستي، مٽي مائٽي، ذات پات، پاڙو اوڙو سڀ اورانگهي ويندو. اکيون اکين ۾ اِئين جڪڙجي وڃن ٿيون، جئن زنجير جا ڪڙا هڪٻئي ۾ جڪڙجي ويندا آهن. ان لاءِ ماڻهو وطن وڪڻي ڇڏيندو، زندگيءَ جا نظريا ۽ نصب العين ٿڏا ڏَئي هٽائي ڇڏيندو. موت کان جيڪڏهن ڪوئي ڏاڍو آهي ته اُهو عشق آهي. جنت عشق جي آغوش اڳيان ڪهڙي شيءِ آهي! عشق اهو انڌيرُ آهي جنهن ۾ دير نه ٿي لڳي. ٻه آئينا هڪٻئي کي ڏسن ٿا، هڪ جو ٻئي ۾ عڪس پوي ٿو ۽ تقدير تي مهر ثبت ٿي وڃي ٿي! عشق، جسماني يا روحاني، فاني يا لافاني، هر ڳالهه کان اُتم آهي.

خميسي معرفاڻيءَ جي يارَ عيسي مصرفاڻيءَ هن سان گڏ ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور ۾ گڏجي چوريون ڪيون هيون، ڌاڙا هنيا هئا، گڏ پوليس لاڪپ ۾ رهيا هئا، گڏجي سزائون ڪاٽيون هئائون ۽ گڏ جيل جي لوهر خاني ۾ مِلِي ڪم ڪيو هئائون. هو پڳ مٽو يار هئا ۽ هڪٻئي تي گهور ويندا هئا. خميسي جو هڪ زائفان موران معرفاڻيءَ سان عشق ٿي ويو. ٻئي راهه ويندي ملي ويا. موران لسيءَ جي چاڏيءَ ۾ مکڻ کڻي، ڳوٺ ۾ وڪري لاءِ ٿي ويئي. خميسي کڻي ٻانهن ۾ هٿ وڌس. عشق ۾ هَٿُ هٿَڪَڙي ٿيندو آهي. موران سوگهي ٿي وئي. هيڏانهن ڏٺائين ته ڪوئي نظر نه آيس. خميسي کي چيائين ”رات گهر کان ٻاهر کيت ۾ ملنداسين.“ آسمان ۾ چوٿينءَ جو چنڊ هو. ٻَئي جوئر جا ڪانا هٽائي، ڌرتيءَ جي بستري تي سمهي پيا. مٿان آسمان ڪتين جي ڪٺمالَ جهلي بيٺو هو. پوءِ ڏهاڪو ڏينهن هو گڏبا رهيا. نيٺ ڀڄي هلڻ جي سِٽ سٽيائون. موران اڳيئي سؤٽ سان مڱيل هئي. خميسي عيسي سان صلاح ڪئي، عيسي چيس، ”وارو ڪر! گُل بڪاولي ملي اَٿي.“ عيسي گُل بڪاوليءَ جو قصو هڪ داستان گو کان شڪارپور ۾ پير الف شاهه جي پڌر ۾ ٻُڌو هو. اُن وقت کان هن کي ڪنهن گُل بڪاوليءَ سان ياريءَ جو شوق هو. ٻَئي اڌ رات جو طئي ٿيل وقت موران کي گهر جي ٻاهران مليا. ٻنهي جون تکيون ڪهاڙيون، جن کي ٻه گرانٺيون رُڪ جا ڦر هئا. پير پير ۾ ڳوٺ مان نڪري ويا. پوءِ شڪار ڏي پنڌُ ڇڪيائون. عيسو هن کي رُڪ ۾ رهندڙ پنهنجي سَؤٽ ڏانهن ٿي وٺي ويو! جڏهن سنڌ واهه ٽپيا، تڏهن خميسي چيو ته يار ٿوري اک لائي وٺون. پوءِ موران کي سرنهن جي وڻ پٺيان وٺي ويو. چانڊوڪيءَ ۾ وڻ جي پٺيان بيهي عيسي ٻنهي کي ڪپڙا لاهيندي ۽ سُڪيءَ ڪَسيءَ ۾ ليٽندي ڏٺو، موران جي اوگهڙ ڏسي عيسي دل ۾ چيو ته ”گل بڪاولي“. خميسي ڪهاڙي ٿورو پرتي رکي هئي. عيسي اُها ڪهاڙي وڻ جي پٺيان لڪائي ۽ پاڻ واري ڪُهاڙي خميسي جي ڪنڌ تي رکي چيائين ته ”اُٿي نه ته گردن اُڏائي ڇڏيندوسانءِ.“ پوءِ هن خميسي کي ڪُهاڙيءَ جي پاهي سان ڪلهن تي زبرا ڌڪ هنيا. خميسي رڙ ڪئي ۽ ٻانهن لڙڪائيندو وٺي ڀڳو. هن جي ڦڻيءَ ۽ ڪلهي وارو هڏو ڀڄي پيو هو. پاڻ کي بيوس ڏسي، هو موران جي ڳوٺ پهتو ۽ هن جي پيءُ کي جاڳائي چيائين ته هو شڪارپور کان ڳڙهي ياسين موٽي رهيو هو ته گواز واهه وٽ موران کي عيسي سان ويندو ڏٺائين. هن عيسي کي چيو ته ”ڳوٺ مان اِئين ڪنواري مائٽياڻي کڻي تو چڱو ڪم نه ڪيو آهي. ان تي ٻئي تکا پئجي وياسين ۽ عيسي مون کي ڪنڌ تي ڪهاڙيءَ جو پاهو هڻي هِيءُ حال ڪيو.“ موران جي پيءُ گهر ۾ ڏٺو ته موران کٽ تي ڪانه هُئي. هن کي خميسي جي ڳالهه تي اعتبار نه ٿي آيو، ڇو ته ٻَئي تر ۾ جهُٽَ مشهور هئا. صبح سان موران جي پيءُ ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي فرياد لکائي ته عيسو هن جي ڌيءَ موران کي زبردستيءَ اغوا ڪري ويو آهي ۽ خميسي جو شاهديءَ ۾ نالو ڏنائين. پوليس خميسي جو بيان ورتو، هن جا رت لڳل ڪپڙا لهرائي مشيرنامون ٺاهيو ۽ هن کي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ لاءِ موڪليو. پوليس خميسي کي رُڪ ۾ ڳولي بنا مقابلي گرفتار ڪيو، عيسي وٽ فقط ڪُهاڙي هئي، پوليس وارن کي بندوقون هيون. عيسي جڏهن مون کي وڪيل ڪيو هو ته هن ساري ڳالهه ٻُڌائي. موران کي مار موچڙو ڪري 164 جو بيان ڏياريو ويو هو. ڪورٽ ۾ هوءَ انهيءَ تان ڦري وئي ۽ ساري حقيقت ڪورٽ کي ٻڌايائين ته ”هاڻي عيسو منهنجو مُڙس آهي. جي خميسو مڙس سان مڙسيءَ ويڙهه کائي مري وڃي ها ته مان هُن سان گڏ پورجان ها پر هو ته ڀاڙيو اڌ ۾ ڇڏي وٺي سر بچائي ڀڳو. مان بالغ آهيان ۽ عيسي سان ويندَس.“

ڪورٽ عيسي کي ڇڏي ڏنو. عيسي جا پنج ڇهه مائٽ ٻاهر تيز ڪهاڙيون کڻي بيٺا هئا، جي موران کي سينٽرل جيل تي وٺي ويا، جتي عيسو رها ٿيڻو هو.

مٿئين ڪيس جي حقيقت لکيم ته لڇمڻ ڪومل جو هيٺيون خط پهتو. مان چاهيان ٿو ته منهنجا پڙهندڙ اهو خط اِن ڳالهه جو اندازو لڳائڻ لاءِ پڙهن ته منهنجا ڪي دوست ڪيترا نه دلچسپ آهن، انڪري ماضي پاسي ڪري، مان اُنهن کي پنهنجي حال ۾ شريڪ ڪيان ٿو:

نئي دهلي

18 نومبر، 1997ع

پيارا اياز،

مان هفتي کن لاءِ جوڌوپور، بارمير ۽ جيسلمير جي دوري تي ويو هيس، گوپيءَ[1] جيسلمير ۾ فون تي توهان جو خط پڙهي ٻُڌايو. ڪالهه موٽيو آهيان. جيسلمير جي سورنهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي مومل جي ماڙي آهي. ڏسي ڏُک ٿيو ته ڪاڪ ندي ساري سُڪي پيئي آهي ۽ ڪاڪ محل ڀڙڀانگ لڳو پيو آهي. ڀرسان ئي جين ڌرم وارن جو هڪ عاليشان مندر آهي، جتي روز ويڪرو  ٿانءُ کير جو ڀري رکندا آهن ۽ روز هڪ وڏو نانگ کيرُ پي، ٿانءُ خالي ڪري ويند آهي. مون نانگ ته نه ڏٺو آهي پر اَمرڪوٽ (يا عمر ڪوٽ) جا ٻه ڇوڪرا جيڪي سوڍا ذات جا هئا، مون سان گڏ هئا، اُنهن ٻڌايو ته اُنهن نانگ کي رات جو کير پيئندي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي. اُهو نانگ مومل جي ڪاڪ محل جي رکوالي ڪندڙ نانگن جي نسل مان آهي. جيسلمير جي ڪن هوٽلن ۽ پاڙن ۽ دُڪانن جا نالا ”مومل“ آهن. اها ڳالهه بنهه ويسهه جهڙي آهي ته صبا رفتار اُٺ رات رات ۾ امرڪوٽ کان ڪاڪ محل تائين اچي وڃي سگهي ٿو. هڪ ٻيءَ روايت موجب شاهه لطيف ڪاڪ نديءَ تائين اَوَس آيو هو. يقين ڪر ته مون هُوبهُو شاهه لطيف جهڙيءَ شاهاڻي شخصيت وارو شخص جيسلمير ۾ پاڻ ڏٺو، حالانڪ اُن ئي شهر ۾ غازي فقير جهڙا رهزن ۽ رساگير به رهن ٿا. گلابي پٿرن مان جوڙيل جيسلمير ڪنهن رومن شهر جيان رومانوي لڳندو آهي. ڪڏهن اوهان مون سان اُتي هلو ته اوهان جي شاعريءَ جو هڪ نئون مجموعو اِن ماحول تي مڪمل ٿي وڃي. هر رات ٻه هزار کن سياح ڀُٽن تي باهيون ٻاري نچندا، ڳائيندا ۽ دُنگ چاڙهيندا آهن.

اياز، مان روحانيت جو گهڻو قائل پئي رهيو آهيان. اسان جي ناراضگي رڳو بنياد پرستيءَ سان آهي، روحانيت هڪ [2]Elemental جذبو آهي، حالانڪ اِن جو Elementry[3] پهلو عقيدت مندي پڻ آهي، جيڪو ڪڏهن پير پرستيءَ تي پهچي ويندو آهي، پر اُهو به ڪنهن رُخ رويي، نظرئي، عقيدت يا متَ جي معرفت يا ماتحت هوندو آهي. مثلا شاهه لطيف جي شاعري روحانيت جي Elemental level تي آهي ۽ هن جي همعصر شاعر شاهه سراج اورنگ آباديءَ جي شاعري به روحانيت جي Elementry سطح واري روحانيت آهي. (سراج شاهه لطيف کان ويهه سالن کن ننڍو هو ۽ ويهه سال اڳ ۾ انتقال ڪيائين.) هن 24 سالن جي عمر ۾ پنهنجي مرشد جي چوڻ تي شاعري ترڪ ڪري ڇڏي. هو پنهنجي پوري ڪُليات ڇڏي ويو آهي. توهان جي روحانيت ته لطيفي سلسلي جي هڪ مضبوط ڪڙي آهي، باقي ٽئگور جي روحانيت هن جي ذات ڀاين کي به نه ٿي آئڙي. هو ته لولي ڏئي سُمهاري ڇڏڻ وارو شاعر آهي. بهرحال نظريات نسيم حجازيءَ ۽ آچاريه چترسين شاستريءَ وٽ به آهن. گوپيءَ کي خواجا غريب نواز اجميريءَ لاءِ گهڻي عقيدت آهي. هن کي اهو وشواس ويهجي ويو آهي ته ٻن ڌيئرن کان پوءِ، ڇهن سالن بعد خواجا جي دعا مان ئي اسان کي ”لالي“[4] مليو آهي. هر سال هوءَ اُتي چادر چاڙهڻ ويندي آهي. ستين ڊسمبر تي منهنجي وڏي ڌيءَ رجني ۽ جنوريءَ ۾ ننڍي ڌيءَ سنڌو به گرين ڪارڊ وٺي آمريڪا وڃي رهيون آهن، پر اُسهڻ کان اڳ ۾ ٻنهي جو خواجا جي درگاهه تي سجدو لازمي آهي.

اياز، اسين ڏکويل آهيون ته ”بنياد پرستيءَ“ جا، جيڪا ڪنهن به صورت يا فارم ۾ ڪراهت جهڙي آهي ۽ جنهن کان اسين ڏينهن رات پناهه گهري رهيا آهيون. اَلائي ڪيئن اَچي هن جهنم ۾ پهتاسين. خلائن ۾ ڄميل نظرون اَلائي ڪنهن کي ٿيون گهوري ڏسن! ڪنڌ ورائي ٿا ڏسون ته لڳي ٿو ته عمر جون سوين صديون اک ڇنڀ ۾ گذري ويون آهن.

اڄڪلهه هتي هڪ اڌ ــ بينگالي ۽ اڌ ـــ مليالي ليکڪا محترمه ارونڌتي راءِ جي ڏاڍي ڌوم متل آهي. مائي هتي دهليءَ ۾ آرڪيٽيڪٽ آهي. هن جي پهرئين[5] ڪتاب God of small things کي بُڪر پرائيز (Booker Prize) مليو آهي ۽ ڪتاب جي پيشگي رايلٽي چار ڪروڙ رُپيا. 37 سالن جي هن ليکڪا تي ڪيرالا جا نمبودريپاد وارا ڪميونزم جي خلاف زهر اوڳارڻ جي ڏوهه ۾ مقدمو دائر ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، انگلنڊ جي هڪ اديب راءِ زني ڪندي چيو آهي ته ”هي ماڻهو اسان وٽ ٽئڪسيون هلائڻ ٿا اچن ۽ اسان جا جوڪر جهڙا ادبي انعام وٺي ٿا وڃن.“ مون ڪتاب ٻه ڀيرا پڙهيو آهي ۽ چاهيان ٿو ته توهان به پڙهو. اِتي ملي نه سگهي ته مان هتان موڪلي ڏيانوَ. ڪتاب 21 ٻولين ۾ ترجمو ٿي رهيو آهي. اوهان جي ڪتاب ”ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۽ ”ڪاري رات ڪُهنگ“ جو بي صبريءَ سان انتظار آهي.

رام پنجواڻيءَ (مصنف جي جوانيءَ ۾ هڪ اديب دوست) کي اوهان جو خط پهتو. مون هن کي اوهان جا سڀ ڪتاب پڙهايا آهي. عيني اڄڪلهه پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو ٽيون حصو لکي رهيو آهي، جيڪو ماهوار ”آج کل“ ۾ سلسلي وار شايع ٿي رهيو آهي.

وڌيڪ توهان لاءِ ۽ ڀاڄائي لاءِ

عزت ۽ ادب

اوهان جو

لڇمڻ ڪومل

مان مٿئين خط کي ڏسي، فقط ايترو چوندس ”لڇمڻ! تنهنجي سنڌي پڙهي، ڪهڙو سنڌي توسان ڪِٽِي ڪري سگهندو آهي؟“

وقفو پورو ٿو، واپس وڪالت ڏانهن:

سکر ۾ لِساني فساد هئا، منهنجي گهر جي چوڌاري مهاجر رهندا هئا، جن ۾ڪي پڙهيل ڳڙهيل هئا ۽ ڪي بريليءَ جا ڪونجڙا هئا جن کي الف بي جي خبر نه هئي. بهرصورت هر ڪنهن کي اهو تاثر هو ته اهو لساني مچ مون مچايو آ ۽ مون کي ڪَؤڙين اکين سان ڏسندو هئا.

پيرل ڀنڀرو عطا محمد ڀنڀري جو مائٽ هو، جو منهنجو ڪافي وقت جونيئر هو، پر پوءِ وڪالت ڇڏي زمينداري ڪيائين. ڪجهه سال اڳي هن سورلي جو انگريزي ڪتاب ”ڀٽ وارو شاهه“ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو سنڌيڪا وارن ڇپايو آهي. مون ٻڌو آهي ته ٻيا ڪجهه ڪتاب به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا اَٿائين. هڪ ڏينهن پيرل ڀنڀري اچي منهنجو در کڙڪايو، هو پيل پائي جيڏو ڌِڱ مڙس هو. بيهڪ ۾ هيمنگ وي جي ذڪر ڪيل مست سانَ وانگر، جيڪو ٿوني سان ٽرڪ اونڌي ڪري سگهي. هو مون لاءِ ست تتر ماري، حلال ڪري، اُنهن کي ڇلي صاف ڪري آيو هو. مان ٻاهر نڪتس ته هن تتر مون کي ڏَئي چيو، ”جيستائين جيئرو آهيان، توکي تتر پيو کارائيندس.“ هن کي ڪُلهي تي هڪَ بَڊَ هئي ۽ ٻئي تي هڪ ڇيلو ۽ دونالي بندوق هئي. هن بَڊَ ڏاڪڻ تي رکي چيو ته ”هيءُ جوئر جو اَٽو آهي ۽ هيءُ ڇيلو، جڏهن تتر پورا ٿين ته ڇيلو ذبح ڪرائجانءِ.“


[1]       گوپي: لڇمڻ ڪومل جي ڌرم پتني.

[2]       Elemental

[3]       Elementry

[4]       لالي ـــ لڇمڻ ڪومل جو پُٽ.

[5]     ننڍين شين جو خُدا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com