مان صوفي ازم تي ڪافي ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، ڇوته
اُهو نظريو ئي منهنجيءَ زندگيءَ ۾ جدلياتي ماديت
جو نعم البدل آهي. ساڳئي وقت مون ادريس شاهه جي
انگريزي ڪتاب ”صوفي ازم“ ۾ مولانا روميءَ تي لکيل
باب تي نظر وڌي آهي. روميءَ جو ”مثنوي ومعنوي“ جو
1332صفحن تي مشتمل آهي، منهنجيءَ ميز تي پيو آهي،
جو مون کي ايران جي ڪائونسل جنرل ٻين فارسي ڪتابن
سان تحفي طور ڏنو هو، گربخشاڻيءَ اُن جو فقط
پهريون شعر شاهه جي رسالي جي مقدمي ۾ ڏنو آهي، اهو
آهي:
بِشنوَاز ني چون حڪايت مي کُند
از جدائي ها شکايت مي کُند
گربخشاڻيءَ اُن مان اهو نتيجو ڪڍيو ته شاهه جي
سٽ”وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪُٺل ڪوڪاري“ روميءَ جي
مٿين شعر تان ورتل آهي! هن کي شايد معلوم نه هو ته
سنڌ ۾ ڪنگور جي ڪاٺيءَ کي ڪپي نڙ ٺاهيندا آهن،
جنهن جو شاهه لطيف مشاهدو ڪيو هوندو. نڙ ۽ نَيءِ
لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه آهن، حيرت آهي ته ان موضوع تي
مثنويءَ ۾ 35 اشعار آهن، جو ذڪر گربخشاڻيءَ نه ڪيو
آهي.
گربخشاڻي منهنجو پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ گائيڊ هو،
جڏهن مان ڊگريءَ جي حصول لاءِ علامه اقبال تي ٿيسز
لکي رهيو هوس. مون کي اهو ڏسي حيرت آئي ته
گربخشاڻيءَ علامه اقبال کي اُردوءَ ۾ ته ٺهيو پر
فارسيءَ ۾ به نه پڙهيو هو، جيتوڻيڪ هو فارسيِءَ جو
ماهر سمجهيو ويندو هو. مان روميءَ کان سواءِ حافظ
۽ فارسيءَ جا ڪيترائي شاعر پڙهيا آهن، جن تصوف تي
طبع آزمائي ڪئي. ان موضوع تي مسلم فلسفِي ابنِ
عربيءَ، ابو
سينا،
ابنِ رُشد ۽ اخوان الصفا جو مطالعو به مون ڪيو.
منصور سنڌ ۾ به آيوهو ۽ ڪرمتي فرقي جو هن تي ڪافي
اثر هو، جن جون قبرون چوکنڊيءَ ۽ گهاري جي
قبرستانن ۾ آهن، دراصل هو ماريو ئي اُنهيءَ فرقي
سان وابستگيءَ ڪري ويو هو.
ڇا، مٿي ذڪر ڪيل شهيدن جي شهادت نظرياتي آفيم
وانگر هئي، يا اُنهن فنا ۽ بقا جي راز کي اسان کان
وڌيڪ ڄاتو هو؟ ڇا، هو اُهو چڱيءَ طرح ڄاڻن پيا ته
عذاب عارضي آهي ۽ انت هڪ خواب پريشاب وانگر آهي؟
ڇا، هو اِهو ڄاڻن پيا ته هر ڳالهه گذري، نيستيءَ
جي چڪيءَ ۾ پيسجي
ٿي وئي ۽ ان ڪري پيڙا جو ڀَوءَ اجايو آهي؟ ڇا، هو
اها ڳالهه اسان کان وڌيڪ چٽيءَ طرح ڄاڻن پيا ته
فناجي گرداپ ۾ هر عذاب ۽ مسرت ڦيراٽيون کائي گم ٿي
وڃي ٿي. ڪشتيءَ کي ڊکڻ ڊاهي ته ڇا، ۽ اُها وراڪا
کائي، ٻڏي ته ڇا! ڇا، اِنهيءَ ڪري مان ڇهه ڀيرا
هارٽ اَٽئڪ مان بچي ويو آهيان، ڇوته مون ائين
محسوس ڪيو ته هارٽ ائٽڪ مون کي نه پر ٻئي ڪنهن
ماڻهوءَ کي ٿي آهي ۽ مان آڪيسجن ٽينٽ مان اُن جو
تماشائي آهيان. اهو دکي انسان، جو سور ۾
تڙپي
رهيو آهي ۽ ساهه کڻي نه ٿو سگهي، اُهو مان نه
آهيان، ٻيو ڪوئي آهي! پر جي ايئن آهي ته مان ڇا
آهيان؟ اِن سوال جو حل تلاش ڪندي، منهنجي ساري
زندگي گُذري وئي آهي.
جيئن اطالوي شاعر ليوپارڊيءَ جي انقلابي گئري
بالڊيءَ سان دوستي هئي، ائين منهنجي جي. ايم. سيد
سان هئي. هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ مان هن جي گهر ويو
هوس، ڇوته مون ٻڌو هو ته ڏاڍو بيمار آهي، هو هڪ
صندل تي غاليچي تي ويٺو هو. پير پري ڪري
چيائين:”ويهه!“ پوءِ مون کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لائي
پڇيائين،”اياز! ڇا، تون مون کان رُٺو آهين؟“ مون
هن کي جواب ڏنو ته”مان اوهان سان رُٺو نه آهيان.
مان ساڳيو ماڻهو نه رهيو آهيان.مان سياست ۾ پنهنجو
زياده وقت ضايع
نه ڪندس. مان سنڌي ثقافت کي شعر و ادب جو لوڙهو
ڏيڻ ٿو چاهيان، جو ڪوئي غَنيم پٽي نه سگهي، جيئن
لطيف ڏئي ويو هو ۽ ٽي سؤ سال ٿيا آهن ته سنڌي
ثقافت کي رُڪ جي ديوار آهي،
جنهن کي نه ڪوئي ڊاهي ٿو سگهي ۽ جنهن کي نه ڪوئي
پٽي سگهي ٿو. سنڌ جي ڌرتي ڪا رِلي نه آهي ته ڪوئي
ويڙهي کڻي ويندو. تاريخ ۾ شعور کان برتر اهڙا عنصر
(Imponderable factors) آهن، جن تي اوهان ڀروسو ڪري سگهو ٿا. مان اُنهن جا عالمي تاريخ
مان سوين مثال ڏئي ٿو سگهان. مون ڪنهن ڊائريءَ ۾
لکيو هو ته:
”مان پنهنجي آهني ارادي
جي سنگ لحد تي
مٿو رکي روئي رهيو آهيان،
۽ سَرءُ جي چانڊوڪي
منهنجن وارن تي
پنهنجو ٻاجهارو هٿ رکي
مون کي آٿت ڏئي رهي آهي.“
”مون کي منهنجيءَ گوشھ نشينيءَ مان ٻاهر نه ڪڍو ۽
ڇڏيو ته
پنهنجو ڪم پورو ڪيان، مان ڏينهن رات هڪ مخمور مصور
وانگر لکندو آهيان.“
”مان سدائين سوچيندو رهيو آهيان ته ڇا، مان دارا
کي ننڊ مان اُٿاري، هن جي هٿ ۾آبدار خنجر ڏئي چئي
سگهندس، ”اُٿي! هي خنجر وٺ! پنهنجو پلئه ڪر!“ نه
مان اهو ڪري نه سگهندس. مان هر سٽ کي آبدار خنجر
کان وڌيڪ تيز ڪرڻ ٿو چاهيان. اُها تاريخ سان
پنهنجو پلئه پاڻ ڪندي.“
سائينءَ وٽان موٽندي، مون دل ۾ سوچيو، ؟ڇا، اِڪويهين صدي ويهينءَ صديءَ کي حرفِ غلط وانگر مٽائي سگهندي؟ اي
تاريخ، تون ڪڏهن ڦرندينءَ ۽ پنهنجو رت سان آلود
دامن ڌوئندينءَ؟
ڇا، ايڏو تو وٽ ڌوٻي گهاٽ آهي؟“
مون کي ياد ٿو اچي اُهو سنڌي، جنهن سان منهنجي
مُلاقات ربانيءَ ڪرائي هئي. هو ڍاڪا ۾ ”واچ ائنڊ
وارڊ“ ۾ ملازم هو ۽ هن جي زال بنگالڻ هئي. هو فوجي
هيڊ ڪُوارٽر جي ڀرسان رهندو هو. جڏهن بنگالي بهاري
هڪٻئي جي رتوڇاڻ ڪندا هئا تڏهن هو پنهنجي ساهري
گهر کي بهارين کان بچائيندو هو، ڇو ته اولهه
پاڪستان جو هو ۽ صاف اُردو ڳالهائيندو هو. جڏهن
مُڪتي باهنيءَ وارا ڍاڪا ۾ پيهي آيا ۽ ميرپور ۽
محمدپور واري علائقي ۾ بهارين جو ڪوس ڪيائون، تڏهن
هُن جي زال ۽ هن جي خاندان کيس بهارين کان بچايو.
هُن جيڪي واقعا ٻُڌايا، اُنهن منهنجي لونءَ لونءَ
ڪانڊاري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هڪ ڪئپٽن هن کي جيپ ۾ وٺي
هليو. رستي تي هن ڏٺو ته هڪ غريب بنگالي ڇوڪري
بالڪنيءَ ۾ ٽنگيل رسيءَ تي پنهنجي تازي ڌوتل ساڙهي
سُڪائي رهي هئي. ڪئپٽن رائيفل ۾ گولي ڀري هُن کي
نرڙ تي هنئي. هوءَ ساڙهيءَ سوڌي ٻٽڪو ڪري ڪنهن
آڙيءَ وانگر اچي زمين تي ڪِري. ٻئي ڀيري هو پنهنجي
بنگالي زال سان پنڌ گُهمي رهيو هو. ٻنهي کي شلوار
قميص پَئي هُئي ۽ کين خطرو محسوس نه ٿي ٿيو. هن
رستي تي ٻه زخمي بنگالي ڏٺا، جن جا مٿا پاڪستان جا
سپاهي چٿي رهيا هئا. جڏهن مڪتي باهنيءَ زور ورتو
تڏهن بهارين کي ميرپور ۽ محمدپور پاڙن ۾ ٻوساٽي
ماريائون. شل نه مظلوم ظالم کان ڏاڍو ٿئي! پوءِ هو
ظالم کان وڌيڪ ظالم ثابت ٿو ٿئي.
ڀٽائي لکيو آهي ته ”ٻڏندي ٻوُڙن ۾ ڪي هاتڪ هَٿ
وجهن.“ اُن سٽ ۾ ”هاتڪ“ جي معنيٰ ڇا آهي، اُها ته
ڀٽائي ٿو ڄاڻي. مون چيو ٿي ته خودڪشيءَ جهڙي ڪيفيت
مان مون کي شراب نوشيءَ ۽ ڪميونزم ڪڍي ورتو، نه ته
هن مهل تائين منهنجا هڏا به ڀڄي ڀُري وڃن ها.
هاڻي مان گهڻو اصل موضوع تان هٽي ويو آهيان. سو
پيرائتي ڳالهه ٿو ڪيان:
مون وٽ وڪالت جي سَند وٺڻ لاءِ پنج سَئو رپيا ڪونه
هئا. مان سيڪريٽريٽ ۾ نوڪريءَ وقت رشوت ڪونه وٺندو
هوس ۽ کاڌي پيتي لاءِ پيسا مَس پورا ٿيندا هئا. هڪ
ڀيري مان مرينا بار ۾ بوتل بيئر جي گُهرائي، ۽
ڇاڪاڻ جو بار ۾ فقط هڪ ميز تي هڪ ڪرسي خالي هئي ۽
باقي ڪُرسين تي ٻيا ٻه ماڻهو ويٺا هئا، جو خود به
بيئر پي رهيا هئا. اُنهن ۾ هڪ اشرف هو ۽ ٻيو ٻچيءَ
ڏاڙهيءَ سان شاعر ”ساحل“ بلگرامي، جو ڪارڙي تتر
وانگر ٻولي رهيو هو ۽ اشرف کي پنهنجو نئون غزل
ٻُڌائي رهيو هو. اشرف هڪ سانورو خوبصورت جوان هو
جنهن کي هڪ ڳِٽي ۾ پياري کَڏُ پوندي هئي. ڦڙت،
سنئون سنڌو، تيز تڪڙو ۽ يارويس شخص هو. مون هن جي
هڪ شعر کي دُرست ڪيو ته ٻَئي حيران ٿي ويا. اشرف
پڇيو: ”تون سنڌي آهين. توکي اُردوءَ تي ايتري
مهارت حاصل ٿي، جو اُردوءَ جي تلامذهء ”داغ“
دهلويءَ جي چُڪ ٿو ڪڍين؟“ ائين ڳالهيون ڪندي اسين
دوست ٿي وياسين. هُن ٽنهي لاءِ بيئر جون ٽي
بوتلون، تريل بُڪيون ۽ پتيل جون روٽيون گهرايون، ۽
ٻئي ڏينهن به ساڳيءَ بار ۾ دعوت ڪيائين. مون کي
گهڻو پوءِ خبر پئي ته اشرف ڦڪڙ هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ
ڪا پرمٽ هٿ ڪري تيرنهين سوين رُپين وڪي هئائين.
زال کي ٻه سو رپيا ڏئي، باقي پيسا پنهنجي ناونوش
لاءِ رکيا هئا. (تن ڏينهن ۾ بيئر جي بوتل سوا
رُپئي ملندي هئي.) ٻئي ڏينهن تي شام جو هن اسڪاچ
وسڪيءَ جو آڌيو گُهرايو. هو هفتو ساندهه اسان تي
مرينا بار ۾ خرچ ڪندو رهيو. ۽ جڏهن مون کيس
اُردوءَ ۾ پنهنجا نظم ٻڌايا ته گلاب وانگر شگفته
ٿي پيو. پوءِ مان هُن کان موڪلائي، هفتي کان پوءِ
ساڻس ساڳيءَ بار ۾ ملڻ جو وعدو ڪري، شڪاپور هليو
ويس.
مون اُتي زرينا جي مامي واجد علي شيخ کي چيو ته
”مان اجايو وقت وڃائي رهيو آهيان. مون
کي ڇهه سئو رپيا اُڌارا ڏيو ۽ منهنجيءَ زمين جي فصل مان هر سال
ٽي سو رُپيا وصول ڪجو. فراخدل انسان هو ۽ مون کي
پيسا اُڌارا ڏنائين. مان امان وٽ پنج ڇهه ڏينهن
رهيس. هن کي ٽي چار سَئو بچيا هئا. مون هن کي چيو
ته ”فڪر نه ڪر امان! مان توکي ايترا پيسا
موڪليندس، جو ڳڻي به نه سگهندينءَ.“ سَئو رپيا ته
سفر ۾ خرچ ٿي ويا، تن ڏينهن ۾ هر ٽرين ۾ سيڪنڊ
ڪلاس ۾ بيئر ملندو هو. ڪراچيءَ پهچي، مون پنج سو
رپيا اشرف وٽ اُڌارا رکيا ۽ کيس چيم، ”هونئن متان
ڪو شاهينگ کيسي مان ڪڍي نه وڃي!“ اشرف مون کي روز
پياريندو ۽ کارائيندو هو، ۽ منهنجي اُردو شاعري
ٻُڌندو هو. مون کي خبر نه هئي ته هو ڪو منهنجا ئي
پنج سئو ٿو مون
ئي
خرچ ڪري. هو مون کي ٻڌائيندو هو ته ڪيئن ڪريٽ بيئر
جو فيض، ڪريٽ جوش ۽ ڪريٽ اسراالحق ”مجاز“ کي وٺي
ڏنو هئائين. اِن وچ ۾ مون کي محمد ابراهيم جويي
کان معلوم ٿيو ته منهنجي پراڻي دوست جمال صديقيءَ
ڪورٽ چيمبر ۾ آفيس کولي آهي. مان هن وٽ ويس ته هن
چيو ته ”مون وٽ رينٽ ڪنٽرولر جا ٽي سئو ڪيسَ جمع
ٿي ويا آهن. تون يڪدم سند وٺ. رينٽ ڪنٽرولر تنهنجو
ڪلاس فيلو، منصب صديقي، شڪاپور جو آهي، ۽ آغا غلام
نبي خان، اسپيڪر سنڌ اسيمبليءَ، نوڪري وٺي ڏني
اٿس. رينٽ ڪنٽرول ائڪٽ تمام سولو آهي ۽ تون هڪ
ڏينهن ۾ سمجهي ويندين.“
مون اشرف کان ٻه ڀيرا پيسا گهريا پر هن چيو ”ڪجهه
ترس، جيستائين مان تقدير جي ڳنڍ ڪپيان!“ پنڌرنهن
ڏينهن کان پوءِ هن مون کي پيسا ڏئي چيو ته ”يار،
معاف ڪجانءِ، منهنجي کيسي ۾ پيسو سئوئر جي هڏي
وانگر چڀندو آهي. تو وارا پيسا ته مرينا بار جي
نذر ٿي ويا.“
مون مُرڪي هن کي چيو، ”هاڻي هي ڪِٿان آندءِ؟“
هن مون کي پنهنجو ڪارڊ ڏئي چيو، ”هَن اَئڊريس
تي، بندروڊ تي، بولٽن مارڪيٽ ڀرسان مون سان
ملجانءِ!“
ٻئي ڏينهن تي مون پهرين سَنَدَ ورتي، ۽ پوءِ جمال
وٽ ويس، ۽ هُن کي اهو اطلاع ڏئي اشرف وٽ ويس. اشرف
ڏاڍي ٺٺ سان روالونگ چيئر ۾ فائيو فائيو فائيو جو
سگريٽ پي رهيو هو، هن روالونگ چيئر ٿوري ڦيرائي ۽
ائش ٽري ۾ سگريٽ جو ڦلو ڇاڻيو. سگريٽن جو پورو دٻو
هن جي ميز تي رکيو هو. مون چوڌاري ڏٺو ته مون کي
سوين خوبصورت شين جا سيمپل شيشي جي المارين ۾ رکيل
نظر آيا ۽ دوائن جو وڏو اِسٽاڪ به هو. ڪُرسي ٿوري
ڦيرائي، سگريٽ جو گهرو ڪش هڻي، چيائين، ”هيءَ آفيس
منهنجي هڪ
هندو
دوست جي آهي، جنهن کي سيفٽي ايڪٽ ۾ گرفتار ڪيو
اٿائون، گرفتاريءَ کان اڳ هُن چاٻي مون کي ڏئي چيو
هو ته هن جي سنڀال رکجانءِ، مان ڀانيان ٿو ته هن
کي ملڪ بدر ڪرڻ جا آرڊر نڪري چڪا آهن. گرفتاريءَ
کان اڳ مان هن وٽ ويٺو هوس. هاڻي به سامان سوڌو
اِن آفيس لاءِ پنجاهه هزار ٿا ملن.هفتي کان پوءِ
منهنجو دوست نهروءَ جي ديس جون سوشلسٽ هوائون
کائيندو ۽ مان ۽ تون مرينا ۾ جامِ صحت نوش
ڪنداسين،پر في الحال مان هيءَ آفيس نه ٿو وڪڻان،
ڇو ته هڪ هندوءَ (نالو وسري ٿو وڃي، شايد ”ڇڳاڻي“
نالو ورتو هئائين) جي پراڻي اَئنگلو انڊين يارِ
هتي
خوبصورت
اِميٽيشن هارَن، بُندن،پائوڊرن ۽ سينٽن جا سمپل
کڻڻ ايندي آهي،جي مان
کيس
تحفي طور ڏيندو آهيان. مان ڀانيان ٿو ته بلبل قفس
۾ اڄ نه
ڦاٽي
ته سڀاڻي ڦاسندي.“
مارگريٽ سان اشرف جي عشق جو مايوس ڪُن احوال مان
ٻئي ڀاڱي ۾ لکي چڪو آهيان. اُها آفيس پوءِ اشرف سٺ
هزارن ۾ وڪي، ۽ بار بدلايائين. روز اسين بيچ لگزري
هوٽل ۾ وڪٽوريا گاڏيءَ ۾ ويندا هئاسين. سفارت ڪار
صمد شاهين ۽ هن جي افسان نويس زال ممتاز شيرين سان
اڪثر ملندا هئاسين، جتي هو به پيئڻ لاءِ ايندا
هئا. ممتاز شيرين جي اُردو افساني تي ڪافي دسترس
هُئي، پر هوءَ وهيءَ کان مُڙي چُڪي هئي، ۽ ايتري
خوبصورت نه هُئي. هڪ اُردو رسالي ۾ مون هن جو فوٽو
ڏٺو هو، جنهن ۾ هوءَ اڇي ڪنول جي گل وانگر لڳي. قرآت
حيدر وانگر فقط هن جو فوٽو دلفريب هو.
اشرف پيسا پاڻيءَ وانگر خرچ ڪندوهو. بيچ لگزري
هوٽل ۾ هن جا ڪافي آفيسر ۽ سيٺيون واقف ٿي ويا
هئا. هن کي پيسي ٺاهڻ جو گُر هو. مان اِن ڳالهه تي
وڌيڪ نه ٿو لکان، ڇو ته هو گذاري ويو آهي. مون سکر
۾ هڪ اُردو اخبار ۾ پڙهيو هو ته اشرف جيئن
ڪياماڙيءَ کان اچي رهيو هو، تيئن هڪ تيز رفتار بس
هُن کي چٿي ڇڏيو هو. اُن وقت ئي مون کي شڪ پيو هو
ته اهو ساڳيو اشرف هو، سيمينس بار
(Seamens Bar)
مان موٽي رهيو هو. مون سان منهنجو دوست مُونس گڏ
هو، جڏهن مون هُن سان پنهنجي اِن شڪ جو اظهار ڪيو
هو، ته مونس چيو هو، ”يار، تون ته وهمي آهين، پاڪستان ۾ هزارين اشرف آهن.“
جڏهن سکر مان ڪجهه ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ ويو هوس ته
ڪافي هائوس ۾ خبر پئي هئي ته اُهو ساڳيو اشرف هو.
هاڻي، مون کي پڪي ثابتي به آخر ڪهڙي هئي؟ ته مون
سان گڏ پيئندو هو ۽ مونکي اُردو شاعريءَ لاءِ
اُتساهڻ وارو هو!
اب يادِ رفتگان کي بهي همت نهين رهي،
يارون ني
کتني دور بسائي هين بستيان.
مون ڳالهه ٿي ڪئي اُن ڏينهن جي جڏهن مون وڪالت جي
سَند وَرتي هئي، مان
يادگيرين جي تهه خاني جو قلف کوليان ٿو:
جمال صديقي ۽ عبدالقادر مطلباڻي منهنجا ننڍي هوندي
جا همراز هئا. اسان ٽَئي شڪارپور جي چانڊوڪي راتين
جا رولاڪ هوندا هئاسين ۽ هڪ بجي رات تائين اُهي
پڙاوَ ڏسندا هئاسين، جي خانه بدوش رستم ڏانهن
ويندڙ رستي ڀرسان هڻندا هئا. هو خيما هڻندا هئا،
جن ۾ ڪافي
دير
تائين خوبصورت عورتون باهيون ٻاري مانيون
پچائينديون هيون. اسين ڪافي پنڌ ڪري، ذري گهٽ رستم
تائين وڃي، موٽي ايندا هئاسين. اسان جو چوٿون
همسفر چنڊ هوندو هو. مون کي خوبصورت عورت چنڊ
وانگر لڳندي آهي ۽ چنڊ خوبصور عورت وانگر لڳندو
آهي. پيريءَ اِنهيءَ لونءَ لڳاءَ ۾ ڦيرو نه آندو
آهي. ٻَئي هڪٻئي جيترا پائدار آهن ۽ ناهن به.
ناپائداريءَ جي باوجود حسن اُن ازلي حقيقت جي جهلڪ
آهي، جا اَزل کان ڇوليون ماري رهي آهي. اسين هڪٻئي
کي پنهنجون محبتون ٻُڌائيندا هئاسين. عشق جي باري
۾ ٽنهي جو نظريو ساڳيو هو، فاني هوندي لافاني،
ثاني هوندي لاثاني. ڪنهن جي ڳٽي تي لڙڪندڙ لَٽَ
ڏسي، اسان تي زنجير پئجي ويندا هئا، ۽ ڪنهن جا
ڳاڙها ڳل ڏسي اکيون اَڙجي وينديون هيوسين. غالب جو
شعر ياد ايندو هو:
يه پري چهره لوگ کيسي هين
غمزه وعشوه و اَدا کيا هي
مون شڪاپور ۾ ڪوه قاف جي پرين جهڙا چهرا ڏٺا. جو
به اُنهن جي سڏ تي ويو، وري نه موٽيو. شڪاپور جي
ڌرتي پيار جي اَمر ڪهاڻي آهي، جا کُٽِي نه کُٽڻي
آهي. اُن جي کُنڀ تي روحَ اڇا اُجرا ٿي نڪرندا هئا
۽ کوهه جي تازي پاڻيءَ وانگر لڳندا هئا.
جمال جو چاچو محمد دائم صديقي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن
جو سيڪريٽري هو، انڪري جمال مون کان اڳ ڪراچيءَ
هليو ويو هو. اُهو دور منهنجو حقيقت کان نفرت ۽
فرار وارو دور هو. تاريخَ مون کان شعر وادب جو
سرمايو هڪ اَروڪ ڦوروءَ وانگر ڦري ورتو. اهڙيءَ
ڪيفيت ۾ عورت جي آغوش کان سوا ٻي ڪائي راه نجات نه
آهي ۽ شراب نوشي خود فراموشيءَ جو بهترين ذريعو
آهي.
جمال، محمد ابراهيم جويي جو به دوست هو، پر جويي
وانگر تاريخ هن کي ڏنڀ نه ڏنا هئا ۽ هن کي ڪنهن
مرهم جي ضرورت هئي. هو سير برائي سير جو قائل هو.
ها، ڪجهه ماورائيت جي ڪيفيت هن ۾ به هوندي هئي. هو
ڇهين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندي، جوڳين سان گڏ
هنگلاج هليو ويو هو. جوڳي ڪَن ڪَٽ ڪاپٽ ڪاپڙي،
ڪنوٽيا، ڪن چير، هئا، جن کي پٿرن جون
مالهائون پيون هيون ۽ جن جي چڳن تي صدين جو چيڙهه
هو. اُنهن مان ڪي هندي ڄاڻندا ها، ڪي هنديءَ سان
گڏ فارسي به ڄاڻندا هئا. جمال ٻڌايو ته پاڻ سان گڏ
قلم ۽ نوٽ بُڪ به کڻي هليو هو ۽ سفر جي باري ۾ نوٽ
ورتا هئائين. اُنهن ڏينهن ۾ ڀيرومل مهرچند جي ”سير
لطيف“ جو هن تي اثر هو. هو چاچي جي گهر ۾ سولجر
بزار ۾ رهندو هو، جتي هُن اُهو نوٽ بُڪ مون کي
ڏيکاريو هو. اُن ۾ ڪاپڙين ڪجهه ڀڳت ڪبيرجا دوها
لکيا هئا.
سمرن ڪا هَل جوتئي، بيجا نام جمائي
کنڊ برهمنڊ سوکا پڙي، تُهون نه نِسڦل جائي
(خدا جي ياد جو هَرُ ٻڌ، ۽ هن جي نانوَ جو ٻج ڇَٽ
کنڊُ برهمانڊ ڀلي سُڪي وڃي، تُنهنجي (جندڙي) نسڦل
(اَڻڦلائتي) نه ٿيندي.)
ڪبير، ڪا گهر سِڪر پر، جَهان سِلهِلي گيلَ
پانءُ نه ٽِڪي پپيِل ڪا، پنڊت لادي بيَل
(ڪبير جو گهر چوٽيءَ تي آهي، جنهن جي دڳ ۾ ايتري
ترڪڻ آهي جو ڪِئليءَ
جو پير ٽِڪِي نه سگهي، پنڊت ڏاندُ لڏي رهيو آهي!)
سنڌي لپيءَ ۾ اهڙا ڪيئي دوها ۽ ڪجهه پارسيءَ جا
شعر لکي ڏنا هئائونس:
عاشق هم از اسلام خراب ست وهم ازکفر
پروانه چراغِ حرم ودير نه داند
(عاشق کي اسلام به خراب ڪري ٿو ۽ ڪُفر به خراب ڪري
ٿو؛ پروانو اهو نه ٿو ڏسي ته هي چراغ مسجد جو آهي
يا مندر جو آهي.)
در حيرتم که دشمنيء کفر وديس کجاست
از يک چراغ کعبھ وبتخانه روشن است
(اهو سوچي، حيرت ۾ آهيان ته ڪفر ۽ دين جي دشمني
ڪٿي؟ هڪ ئي چراغ سان ته ڪعبو ۽ بتخانو روشن آهن.)
مون ٿورو ڪجهه اُن نوٽ بُڪ تان اُتاري اچي گهر رکي
ڇڏيو هو. ورهين کان پوءِ اُهو لڌو آهي. مان ڀانيان
ٿو ته ڪبير هڪ وحدت پرست شاعر هو. باقي جيستائين
پارسي شعرن جو سوال آهي ته ملان چوندا ته اِهي
معرفت جا مسئلا آهن، تون پهرين شريعت جي راهه تي
ته هَل!
جمال چيو ته ”اُن وقت مون ڄڻ دنيا کي ترڪ ڪري ڇڏيو
هو ۽ سوچيو هو ته سڄي عمر انهن رمتن سان گذاري
ڇڏيندس. مان ۽ منهنجا ساٿي ڪاپڙي ڪجهه ڀڳڙا کائي
پيٽ ڀريندا هئا ۽ رام نام جپيندا رهندا هئا. هڪ
ڏينهن مان اوچن درختن جي ڇانو ۾ پاڻيءَ جي نهر کان
ڪجهه پنڌ تي ننڊ ۾ اَلوٽ هوس ته ڪنهن اچي مون کي
جاڳايو. مون ڏٺو ته ڪجهه پوليس وارا هئا. جي
منهنجي چاچي، منهنجي اغوا جي ايف. آءِ. آر لکائي،
موڪليا هئا. هنن سڀني ڪاپڙين کي مارڪُٽ ڪئي ۽ مون
کي
کڻي ڪراچيءَ اچي نڪتا.“ جمال وڌيڪ چيو ته ”مون کي ڪبير جا دوها ۽ فارسيءَ جا شعر پورا سمجهه ۾
نه ٿي آيا، پر جڏهن اهي ڳاتا ٿي ويا تڏهن مون کي
ڏاڍو ڌِير ٿي ڏنائون.“ اُهي دوها جي عربي رسم الخط
۾ لکيا ويا هئا، پنهنجي ڪنهن هندو دوست کان پڙهايا
هئائين، جنهن کي هنديءَ ٻوليءَ تي ڪافي عبور هو، ۽
اُنهيءَ مٿين معنيٰ ٻُڌائي هُيَس. هن هندي ڊڪشنري
ڏسي ٻڌايو هو ته ”پپيل“ ڪِئليءَ کي چوندا آهن. هو
جڏهن ڪراچيءَ موٽي آيو هو ته ڪراچي هن کي اجنبي
لڳي هئي. پر پوءِ دنياداريءَ ۾ جمال مان اڳين
هُرکرُ، اُها اُڻ تُڻ، اُها آنڌ مانڌ ختم ٿي چُڪي
هئي. هو فل سوٽ پائيندو هو، ڪِلين شيو هوندو هو ۽
خوبصورت لڳندو هو. هن کي اَک ڀڃڻ جي دير هئي، رَن
”بوبڪ جي ڳيريءَ“ وانگر اچي ٻَٽڪو ڪندي هئي. اُهو هو جمال تارڪ الدنيا، جو هاڻي تارڪ العقبيٰ ٿي چُڪو هو، ۽ هن
جي زندگي ڏسي ڪُسانووا کي به ريس اچي ها.
وري يادگيرين جي تهخاني جو قلف کوليان ٿو. 1948ع
جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ مان گهڻا هندو لڏي ويا هئا
۽ باقي به لڏي رهيا هئا، جن ۾ ڪجهه منهنجا دوست به
هئا. ارجن شاد اڳي لڏي چڪو هو ۽ پنهنجي لاءِ هن جي
ماءُ جي سڪ جي باري ۾ مان اڳ لکي چڪو آهيان. ڪيرت
مون سان الوداعي ڀاڪر پائڻ لاءِ منهنجي آفيس ۾ آيو
هو. هو پوريءَ انسان ذات جي برادريءَ ۾ اعتبار ڪندو هو، جنهن ٻئي هرڪميونسٽ وانگر پاڪستان جي
آجيان ڪئي هئي. حالات کي ابتر
ڏسي، جلاوطني مجبوراََ قبول ڪئي هئائين. منهنجي
اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا هئا ۽ هن جي موڪلائڻ کان
پوءِ مان ڪنهن ٻار وانگر ڍُڍڪرا ڏئي روئڻ لڳو هوس
۽ جمال مون کي دلاسا ڏئي ٿڪجي پيوهو. پراڻي پرخلوص
دوست جهڙي دنيا ۾ ڪا اُملهه وٿ نه آهي، مون کي
سوڀي جي ڪتاب (وڏي وٿَ هيام) جو نالو ٿو ياد اچي،
جنهن تي مون مهاڳ لکيو آهي. ڪٿي آهي مِٺي، ڪٿي آهي
مَنُو، ڪٿي آهي سرسوتي، چمپا ۽ ديا! مهاجرن جا
قافلا سيلاب وانگر اچي رهيا هئا، گهر ٻار، مال مڏي
ڇڏي، مانُ مريادا، عزتون ۽ عصمتون لُٽائي، پنهنجي
پنهنجي جان بچائي، ڪراچيءَ اچي رهيا هئا. سنڌ ته
ڪا خاص خونريزي نه ڏٺي هئي. هي رت جا درياهه پار
ڪري ڪنهن سراب ڏانهن ڊوڙياهئا.
مهاجر ٻن قسمن جا هئا: هڪ ته اُهي جي تن تي هڪ
جوڙو پائي، سڀڪجهه کَسائي آيا هئا ۽ ٻيا ڪي رت
پياڪ، شايد اُنهيءَ دؤر ۾ جگر مراد آبادي چيو هو:
فڪر جميل خوابِ پريشان هي آج کل
شاعر نهين هي وه
جو
غزل خوان هي آج کل
هن ساري عمر غزل خواني ڪئي هئي.
ڇانه انساني زندگيءَ جو الميو ! |