مون وٽ نه نوڪر چاڪر آهي نه بورچي، منهنجا دوست
گواهه آهن ته جڏهن مون وٽ ايندا آهن ته مان پاڻ
هنن
وٽ
چاءِ جو سامان کڻي ويندو آهيان ۽ منهنجي زال چاءِ
ٺاهيندي آهي. مون کي ان تي افسوس آهي. ”دنيا ٻوهر،
ڏات منوهر“ ـــ سکر ۾ منهنجي آفيس ڀرسان رهندڙ هڪ
هندو درويش چوندو آهي، جنهن تي مان پوءِ ٿو اچان.
ياخدا! مون کي سگهه ڏي ته مان پنهنجيءَ تحرير ۾
ائين سگهه ڦوڪيان جيئن شينهنُ پنهنجي نئين ڄاول
ٻار ۾ ڦوڪيندو آهي. مان پنهنجي آتم ڪهاڻي پوري ڪري
سگهان جيئن سج سنڌوءَ جي لهرين ۾ پوري ڪندو آهي.
منهنجو ڪنهن تي رنج نه آهي، مون هر ڪنهن کي معاف
ڪيو، شال خدا به کين معاف ڪري! جن منهنجي روح کي
اذيت ڏني، خدا کين جنت ۾ جاءِ ڏئي! هنن علي محمد
شاهه راشديءَ جي پيش گوئيءَ جيان مون
کي
ڳڀا ڪري، واري سان نئين زندگي عطا ڪئي آهي. هو فقط
منهنجيءَ جان جا دشمن هئا، صحيح معنيٰ ۾ هو منهنجي
شاعريءَ جا معاون هئا، ۽ اُنهن کان سواءِ منهنجي
شاعري اُتي پهچي نه سگهي ها.
هتي مان هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. ڪن
شاعرن کي ٺٺ ٺانگر ۽ پنهنجي ذات ۾ وڌاوڙي جو مرض
ٿي پيو آهي. هو اهو نه ٿا سمجهن ته شاعريءَ کي
پنهنجي زبان ٿيندي آهي ۽ پنهنجي پاڻ کي مڃائيندي
آهي. پيسي سان شاعريءَ جي اهميت خريد ڪري سگهجي
ها، ته بهادر شاهه ظفر غالب کان وڏو شاعر هجي ها.
اڄڪلهه جنهن وٽ ويهه ٽيهه هزار ٿين ٿا، اُهو
پنهنجو ڪتاب ڇپائي رونمائي ڪرائي ٿو، ۽ شاعر هڪٻئي
جي تحسين ڪن ٿا.
مون خواب ۾ ڏٺو ته مان پوپٽ ٿي پيو آهيان ۽ ڦول
ڦول جو واس وٺي رهيو آهيان. جاڳ ٿي، ته مون پاڻ کي
پاڻ جي روپ ۾ ڏٺو. حقيقت ڇا هئي! پوپٽ يا ماڻهو؟
جاڳ يا سپنو؟ مان ته ڀانيان ته سپنو سچو هو، ساڀيا
ڪوڙي آهي.
هاڻي مان سَترَ واريءَ نظربنديءَ مان موٽي، سکر جي
بار روم ۾ اچان ٿو، ۽ اُهي تجربا لکان ٿو جن وڪالت
۾ منهنجي من تي اَمٽ ڇاپ ڇڏي آهي:
مان ڪجهه مختلف قسم جو وڪيل هوس. مون کي فيءَ کان
وڌيڪ مُوَڪّل ۾ دلچسپي هوندي هئي. مان گهڻو ڪري
فوجداري ڪيس کڻندو هوس، ڇو ته انهن ۾ مون کي
انساني روح ۾ جهاتي پائڻ ۾ وٿي ملندي هئي. ائين
نه
آهي ته مون کي سول جي قانون ۽ آئين تي عبور نه هو.
ايوب خان جي مارشل لا تائين، مون زندگيءَ مان،
شراب نوشيءَ ۽ انساني آغوش ۾، فرار حاصل ڪيو. پر
اُن دور تي پوءِ ٿو اچان.
پهريون ته چوان ٿو ته پنهنجي جيون ساٿيءَ تي لکان
جنهن 48 کان 98 تائين مون سان پنجاهه سال گذاريا
آهن. منهنجي اوڻاين ۽ ارڏاين تي پرده پوشي ڪئي،
بيماريءَ سيماريءَ ۾ هڪ بهترين نرس وانگر خدمت ڪئي
آهي، جنهن جو وس پڄي ته هڪ هندو عورت وانگر ستي
لڪڙي ڪري. منهنجي شاعري، منهنجي وڪالت، منهنجي
ڪامياب زندگي سڀ هن جي سبب آهي. هن جو شاديءَ رات
مون جڏهن گهونگهٽ مٽايو هو ته ڏٺو هو ته هن کي
هرڻيءَ جهڙيون چيرويون اکيون آهن، ڪونڀارين جهڙيون
لڙڪندڙ ٻه چوٽيون آهن، جن جي وچ تي سينڌ آهي، چپ
ڪپيل
انجير وانگر ۽ نڪ
۽
ڪن ڊولائتا اٿس، ڄڻ الف ليليٰ جي ڪتاب مان نڪري
آئي آهي. مان شاديءَ کان پوءِ ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون گهران نه نڪتو
هوس ۽ ماني به بيڊروم ۾ گهرائي کاڌي هيم. پاڙي ۾
چوپچو ٿي رهي هئي. چوٿين ڏينهن ڪجهه ڪيلا، انگور ۽
ڏاڙهون بازار مان وٺي آيو هوس ۽ رات جو راڌي جي
دڪان تان پٽاٽن ۾
تريل
قيمي جون ٽڪيون، ڪباب، تريل مغز، جيرا بڪيون ۽ روٽيون ۽ نيوند حلوائيءَ جي
دڪان تان مٺائيءَ جون ٻه پنڊيون وٺي آيو هوس.
زرينا روٽيءَ سان ڪجهه ڪباب ۽ ٿورو مغز ۽ ٿورو
دندان گيري حلوو کاڌو هو. هن ساري عمر، هوندي
سوندي فاقه ڪشي ڪئي، ۽ هن وقت کيس تلورجي تور آهي، جيتري شاديءَ وقت به نه هئي. گهڻو کائو
۽ پيٽ چٽين عورتن کي ان عمر ۾ بُل کائيندڙ پيٽ ۽
پُٺيون هونديون آهن ۽ آسڻيءَ تي ويهنديون آهن ته
ڄڻ هنداڻا ڦسي پوندا آهن. ڪن کي آڦريل انگ ۽
اکڙوٽن جيڏيون اکيون ۽ پيٽَ نڪتل هوندا آهن ۽
ڀُڏيون ٿي وينديون آهن. زرينا جا ڏند سالم ۽ ديد
چٽي آهي. ۽ سُئيءَ ۾ سڳو وجهي ويندي آهي. جڏهن
هوءَ منهن تي ڪريم مکيندي آهي ته هن جو رنگ تازي
ڌونري جهڙو لڳندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هُن جا
وار اڳي جئن ڏاڍا گهاٽا ۽ ڊگها نه رهيا آهن، تڏهن
به ڪافي وڏا آهن. هن ماءُ کان نماز سکي هئي ۽ هن
وقت تائين پنج ئي وقت نماز پڙهندي آهي. سياري ۾
فجر جي نماز لاءِ ٿڌي پاڻيءَ سان منهن ڌوئندي آهي.
ٽيهه ئي روزا رکندي هئي ــ رڳو هِن ڀيري هُن
پندرنهن روزا رکيا ته بيمار ٿي پئي ۽ منهنجي پُٽ
ڊاڪٽر سليم کيس چيو ته ”امان تنهنجي ٽيهن روزن جي
عمر نه رهي آهي.“ ان جي باوجود هُن پويان ٻه روزا
رکيا. تن کي تَسيا ڏيڻ هن جو مرغُوب مشغلو آهي.
منجهند ۽ رات جو فقط هڪ ماني ڪنهن سبزيءَ يا دال
يا دال ۾ پيٺل قيمي جي ٽڪيءَ سان کائيندي آهي.
هوءَ ساجهر اُٿي نماز پڙهي، ٻه ڪلاڪ درود شريف
پڙهندي آهي. جاءِ نماز ۽ تسبيح هن لاءِ بهترين
تحفو آهي، جو منهنجا ڪيترائي دوست حج ۽ عمري تان
منهنجي لاءِ آڻيندا آهن، جن مان ڪجهه هوءَ پاڻ
لاءِ رکندي آهي. ۽ ڪجهه ڌيئن کي ڏئي ڇڏيندي آهي.
مان ان وچ ۾ هن کي ناشتي لاءِ چوندو آهيان ته هوءَ
رنج ٿيندي آهي، پر پوءِ به اُٿي مون کي ناشتو ڏئي،
وڃي درود شريف پڙهندي آهي ۽ ڍاپي نه ڍاپندي آهي.
هوءَ هڪ ٺيٺ مذهبي عورت آهي. غريب غربي کي
فراخدليءَ سان خيرات ڏيندي آهي ۽ پکي پکڻ کي چوڻو
وجهندي آهي. ۽ مان ڪافي وقت لاءِ دهريو رهيو آهيان
۽ هاڻي اسرار
پسند
(Mystic)
رهيو آهيان. اسان زندگيءَ ۾ هڪٻئي جي عقيدي تي
واتا ورڻ نه ڪيو آهي.
جهُڙاليءَ ۽ ترائيءَ کي ڇڏي، رُڃ جو پيڇو شاعر جي
فطرت ۾ شامل آهي. منهنجي شاعريءَ جو پس منظر اُڃ
آهي جا ٻُجهي نه ٿي ٻُجهي ۽ رُڃ آهي جا کٽي نه ٿي
کُٽي! شايد مون ۾ ديوانگيءَ جو عنصر آهي، جو مون
کان ڏيڍ بجي رات جو لکائي ٿو ۽ پنجين بجي باک کان
اڳ جاڳ ٿئي ٿي ۽ دل چوي ٿي ته ”جلدي فارغ ٿي ويهي
لکان، قدرت مون کي هڪ ڏينهن ٻيو به ڏنو آهي.“
هڪ ڀيري زرينا چيو ته ”تو اُٺ ڪتابن جا پڙهيا آهن،
ڇا اهڙي به ڪائي سٽ پڙهي اَٿي، جا تنهنجي بي چَين
من کي چَين ڏئي.“ ”نه“ مون جواب ڏنو، ”علامه
اقبال، جو وڏو اسلام پسند شاعر هو، اهو به زندگيءَ
کي موج (لهر) جي پيچ وتاب سان تشبيهه ڏيندو هو،
جنهن کي سمنڊ ۾ رهي به چَين نه آهي.“ مون هڪ شعر ۾
لکيو هو ته:
”هيءَ سَين نه ڏيندي چَين اُٿي ڏس، ڪوئي آيو آ
پيارا،
هي شايد ساڳيو رمتو آ، اڳ جيئن اُڃايو آ پيارا.
مون کي اڄ تائين معلوم نه آهي ته اُها سَين ڪهڙي
آهي جا چَين نه ٿي ڏئي ۽ اُهو ”رمتو“ ڪير آهي؟ مون
زرينا ڏانهن ڏٺو ته هوءَ رڪُوع ۾ هلي وئي. زرينا ۾
ٻاجهه گهڻي آهي، جڏهن ٽرئفڪ ۾ ڪار روڪبي آهي ۽
ڪوئي لولو لنگڙو يا پوڙهو فقير هن کان خيرات
گهرندو آهي ته هوءَ کيس ٻه ٽي رپيا ڏيندي آهي.
خيرات لاءِ هوءَ ڪجهه روپيا ٻٽونءَ ۾ کڻندي آهي.
شاديءَ کان پوءِ مون هن کي ٺڪر جون پاٽيون اَن ۽
پاڻي سان ڀري رکندو ڏٺو آهي. بالڪنيءَ ۾ تختي جي
آڏ ڏئي ڇڏيندي آهي، جتي ڪبوتر آنا لاهي ٻچا ڪري
سگهن، جتي ڪبوتر هڪڙا ٻچا آنن مان ڦوڙيندا آهن ۽
اُهي اُڏامي ويندا آهن، تڏهن ٻيا آنا لاهيندا آهن.
هنن جي تحفظ لاءِ ڪنهن به ٻار کي بالڪنيءَ ۾ وڃڻ
نه ڏيندي آهي. سکر ۾ به ائين ولر پکين جا اسان جي
ڪوٺي تي ايندا هئا، ۽ جڏهن مهاجرن جا ٻار اُنهن کي
گليل سان ڦٽي وجهندا هئا، هوءَ اُنهن کي پاڻي
پياريندي هئي ۽ جيستائين چاق ٿي اُڏامي ويندا هئا
تيستائين انهن کي چوڳو وجهندي هئي ۽ اُس مينهن کان
ڍڪيندي هئي. جيڪڏهن ڪوئي مهاجر جو ٻار ڪبوتر لاءِ
در کُڙڪائيندي هو، ته هن کي دڙڪا ڏيندي هئي ۽
چوندي هئي ته ”ڳنڍ ڳوڙهو نه ڪر، هِن پکيءَ تنهنجو
ڇا بگاڙيو هو؟“ هوءَ شاديءَ مراديءَ وقت ڪڏهن ڀڀڪي
دار ڪپڙا پائيندي هئي ته وري اُنهن کي هٿ نه
لائيندي هئي ۽ ڪنهن غريب عورت کي هُن جي ضرورت جي
وقت ڏئي ڇڏيندي هئي، هوءَ اخبارون، دٻا ۽ شيشون ڪٺيون ڪري، نوڪرياڻيءَ کي ڏيندي
هئي، ته جيئن وڪڻي ڪارج ڪري ڏهه پندرنهن رپيا حاصل
ڪري سگهي. نظر بد کان هوءَ روز هرمل ساڙيندي آهي،
۽ ماءُ ۽ وڏڙين کان ٻُڌل سُتين ڦڪين ۾ سندس ويساهه
آهي، جي هوءَ وٺندي ته چڱي ڀلي ٿي ويندي آهي. هوءَ
چوندي آهي ته ”اڄ هر ڊاڪٽر ايڪس ري ۽ الٽراسائونڊ
لاءِ ٿو چئي ۽ نالو لکي ٿو ڏئي ته فلاڻي کان
ڪرائجو ڇو ته اُن جو نتيجو ڀروسي جوڳو آهي، شايد
ڊاڪٽرن جا انهيءَ ايڪسري ۽ الٽراسائونڊ وارن ۾ حصا
پتيون ٿيون ٿين.“ پنهنجي پُٽ سليم ۽ ڌيءَ ڊاڪٽر
روحيءَ کي صلاح ڏيندي آهي ته ”غريبن جو علاج مفت
۾ڪجو.“ جيڪڏهن ڪوئي هُن وٽ ڪائي شيءِ امانت رکندو
آهي، ته هوءَ اُها سانڀي رکندي آهي ۽ چوندي آهي ته
”ڪنهن جي امانت کائي وڃڻ جهڙو ٻيو گناهه نه آهي.“
هن ڪافي انسانن تي اوچتيون آفتون ايندي ڏٺيون آهن،
۽ چوندي آهي ته ڪنهن جي پِٽَ چڱي نه آهي. جي
آمريڪا مان نڪتل آواز هڪ سيڪنڊ ۾ پاڪستان ٽي. ويءَ
تي پهچي وڃي ٿو، ته انسان جي آهه ته عرش عظيم
ٽپيندي ويرم نه ڪندي هوندي.“هن ڪيئي اڀمانين جو
ڳاٽو ڀڄنددو ڏٺو آهي، ۽ چوندي آهي ته ”خدا جي در
توبه آهي ۽ آڏ وڏائي چڱي نه آهي.“ هوءَ صدقي ۽
خيرات جي قائل آهي ۽ چوندي آهي ته ” صدقي جو گوشت
غريب غُربي ۾ ورهايو وڃي.“ بيماريءَ وقت دوا کان
وڌيڪ دعا تي اعتبار ڪندي آهي. صبر ۽ شڪر هن کي
ورثي ۾ مليو آهي ۽ هن جي تجربي فقط اُن جي افاديت
جي تصديق ڪئي. هُن جون اُهي سڀ ڳالهيون جيڪي مان
ڪيئي سال دقيانوسي سمجهندو هوس، هاڻي سوچيان ٿو ته
ڪير دقيانوس هو، مان يا هوءَ!
هومرجا سڀ ڪردار قبل مسيح کان ڪيترو
وقت
اڳي ٿيا هئا. اُهي ناؤنوش ۽ لهو لعب ۾ زندگيون
گذارينداهئا، ۽ عورت هنن لاءِ عيش جو ذريعو هئي.
هو بي بي مريم جهڙي عورت خواب خيال ۾ نه آڻي
سگهندا هئا. عورت هنن لاءِ اُرُه هئي، رانون هئي ۽
عيش ۽ طرب جو ذريعو هئي؟ ڇا، يوناني فلسفيءَ
ايپيءَ ڪيورس جو ڪو، بقول غالب، هم مشرب، هم پيشه
وهم خوار نه هو؟ ڪيئن چئجي ته دقيانوسي ڪير هو،
هُوءَ يا مان؟ دهريا ڪنهن به مذهب کان ڪيئي صديون
اڳ پيدا ٿيا هئا، جي چنڊ ۽ سج کي پوڄيند اهئا ۽
سوم رس پي، راتين
جو رنگ رليون ڪندا هئا؟ خدا جو تصور هن ڪائنات تي
غور و خوض جو نتيجو آهي. ماديت به ڪارل مارڪس کان
هزارين سال اڳ جو فلسفو آهي.
مان هي لفظ اڃا لکان پيو، ته زرينا جولاءِ 97ع جي
روزاني ”عوامي
آواز“ کڻي آئي، ۽ چيائين ته ”اوهان جو دوست حفيظ
قريشي گذاري ويو.“ ”عوامي آواز“ ۾ هو ته ”سنڌ جي
آزاديءَ جو عاشق حفيظ قريشي گذاري ويو. هڪ مهيني
کان زندگيءَ ۽ موت جي ويڙهه وڙهندڙ قومي اڳواڻ
اڱاري شام جو وڃي مٽيءَ ماءُ کي پرتو. خاڪسار
تحريڪ ۾ حصو وٺڻ ۽ پليجي سان گڏ رهڻ کان پوءِ جي.
ايم. سيد سان گڏ رهيو.“ پليجي ۾ ڪميونسٽن وانگر
نظرياتي دشمني آهي، هو هيترين بيمارين ۾ مون کان
پڇڻ نه آيو، ڄڻ ڪميونزم جي تباهيءَ جو ڪارڻ اسٽالن
۽ مائوُ نه هئا پر آءٌ هوس.جيتوڻيڪ آءٌ کانئن
جناح اسپتال ۾ پُڇڻ ويو هوس، جڏهن هن
جي پجيرو سان ٽڪر ٿيو هو ته هن کي ڪجهه ڌڪ لڳا
هئا. حفيظ قريشي اکين
ٻوٽُ
نه هو ۽ مون کان ڪارڊيو وئسڪيولر انسٽيٽيوٽ ۾ پڇڻ
آيو هو، توڙي اسان نظرياتي طور مُتفق نه هئاسين.
هونءَ جيڪي به خاڪسار ٿيا آهن، تحريڪ جي ناڪاميءَ
کان پوءِ اسلامي اَحيا ۾ آسرو پلي ويٺا آهن.
المشرقي نه مري ويو، مشرق
مري
ويو، ۽ هاڻي ڪائي ڦير گهير جي آس وٽن نه رهي آهي.
ٽراٽسڪيءَ ۽ ايم. اين. راءِ جي شڪست کان پوءِ
ٽراٽسڪائيٽ ۽ رائسٽ ائين چوندا هئا ته هر انقلاب
جو دروازو بند ٿي ويو. اُهي پنهنجي پنهنجي گروهه
سان پنهنجون ساروڻيون ونڊيندا هئا ۽ ٿڌو ساهه ڀري
چوندا هئا ته ڇانه دور هو! ڪي ڪميونسٽ ڪميونزم جي
شڪستَ فاش کان به پوءِ ڪُميءَ وانگر ڪنڌ لڪايون
ويٺا آهن، ۽ اڳتي رستو ڏسي نه ٿا سگهن. بهرصورت
هُو ضد ڪري رهيا آهن ته اُنهن جو نظريو صحيح هو ۽
موٽي ايندو. ڪيترا نه انسان پنهنجي دور سان ريجهي
نه ٿا سگهن ۽ مستقبل سان اکيون ملائي نه ٿا سگهن.
ڪامريڊ احمد وٽ آگي قدم پريس ۾ وڃبو، ته هن وٽ
ايم. اين. راءِ جي هفتي وار رسالي
جا ٿها ۽ ٻيا دستاويز ۽ رسالا ائين رکيا آهن، جيئن گرومندر ۾ گرنٿ
رکيا هوندا آهن، ۽ هو پنهنجي اڪال تخت تي ويهي
اُنهن کي حسرت ۽ محبت سان ڏسندو آهي. مون ديوبندي
حسين مدنيءَ جي هڪ پراڻي پيروڪار جي نفسيات ”جڳ
مڙيوئي سپنو“ ۾ چِٽي آهي. حفيظ قريشي ماضيءَ جي
مزار ۾ نه رهندو هو ۽ سنڌ جي موجوده حقيقت سان
پنجه آزمائي جي. ايم. سيد جي رهنمائيءَ هيٺ ڪندو
هو. سيد کي وِييَنُ
(Vision)
ته هو، پر اُن کي حقيقت جي روپ ڏيڻ لاءِ طريقهء
ڪار نه هوندو هو، هو تاريخ جي پنج فيصد ”بعيد از
فهم عناصر“
(Imponderable factors) ۾ اعتبار ڪندو هو.
حفيظ قريشيءَ کي پنهنجو مخصوص مزاج هو. هو ماڻهوءَ
کي منهن تي چئي ڏيندو هو. هو قد جو پورو پنو، رنگ
جو ڳورو، موٽاپي ڏي مائل شخص، ۽ لٽي ڪپڙي ۾ سادو
سودو هوندو هو. جمال ابڙي ٻڌايو ته ”هڪ هو ۽ ڪجهه
خاڪسار گڏجي، المشرقيءَ سان لاهور ملڻ وياسين.
ڪلاڪ کن ڪچهريءَ کان پوءِ المشرقيءَ کان
موڪلايوسين.“ ان تي علامه صاحب چيو، ”اوهين سنڌ
مان آيا آهيو، رڳو هڪ ڪلاڪ گفتگو ڪري هليا ٿا
وڃو!“ ان تي حفيظ کيس جواب ڏنو، ”مولانا اسين وڃون
ٿا ٻاهر عيش ڪرڻ.“ مولانا اهو جواب ٻڌي ڇرڪ ڀريو.
هُن ڀانيو ته هيرامنڊيءَ ٿا وڃن. حيرت مان هُن کان
پڇيائين، ”بابا، ڪهڙو عيش ڪرڻ؟“ حفيظ جواب ڏنو،
”سيب کائڻ، انار کائڻ، انگور کائڻ ۽ طرح طرح جو
ٻيو ميوو کائڻ. ميوو کائي موٽي ٿا اچون.“
هڪ ڀيري ڪنهن اڳئين مرڪزي وزير وٽ منهنجي دعوت
هئي، منهنجي هن سان رسم وراهه هئي، سو هن کي هوٽل
مان فون تي حال احوال ڪيم ته چيائين ته ”منجهند جي
ماني اچي مون وٽ کاءُ!“ مان هڪ بجي هن جي گهر
پهتس. اُن وقت جيئي سنڌ تحريڪ پنهنجي چوٽ تي پهچي
چُڪي هئي. حفيظ قريشي ساڳئي ڏينهن هاءِ ڪورٽ ۾
اپيل هلائڻ آيو هو. هن کي سُڻس پَئي ته آءٌ فلاڻي
وٽ آهيان، سو اسان مانيءَ جي ميز تي ويٺاسين، ته
ايتري ۾ حفيظ قريشي بنان اطلاع جي اچي ”السلام
عليڪم“ ڪيو. چيائين ته ”توکي ڏاڍو ڳوليو اٿم، مون
کي معلوم ٿيو ته ڪلهه کان تون ڪراچيءَ ۾ آهين!“
مون حفيظ جو وزير صاحب سان تعارف ڪرائيندي، چيو ته
”هيءُ آهي حفيظ قريشي صاحب! سنڌ جو بهترين مقرر
آهي.“ وزير، جو ذاتي زندگيءَ ۾ خلوص ۽ مروت وارو
شخص هو، پر سياسي زندگيءَ ۾ کيس رُڪ جو رڳون
هونديون هيون، ۽ ماڻهو کير ٿر کان ڪارونجهر تائين
هن جو نالو ٻُڌي سمجهي ويندا هئا. تنهن حفيظ کي
رکي ڀليڪار ڪندي، چيو ته ”اوهين آيا آهيو، ته ماني
کائي وڃو.“ پوءِ هن کان پڇيائين ته ”جيئي سنڌ جي
تحريڪ جو ڇا حال آهي!“ حفيظ ورندي ڏنس ته ”مون کي
اياز صاحب سان ڪجهه وقت گذارڻو آهي، ۽ اُن ڪري
مانيءَ تي ويهان ٿو. باقي توهان لاءِ مون کي ڪوئي
چڱو رايو نه آهي.“
”مون لاءِ اوهان جو ڪهڙو رايو آهي.“ وزير صاحب
ٿوريءَ حيرت سان پڇيو.
”منهنجو خيال آهي ته سنڌ ۾ پنج تن پليت ٿيا آهن،
اوهان اُنهن مان هڪ آهيو.“وزير صاحب جا طاق لڳي
ويا ۽ ڳاڙهو ٿي ويو. ڪنهن هن جي مُنهن تي بي سبب
اهڙي زور سان لپاٽ نه هنئي هئي. مون سمجهيو ته
اجهو ٿو پوڙهو گُرگ هن جي ڪنڌ تي ڪڙڪي. اِئين ئي
هڪ ڀيري مان هُن سان موٽر ۾ سيوهڻ وڃي رهيو هوس،
هن جي زال هن جي اڳيان ويٺي هئي. هڪ ٽرڪ وارو، جو
هن جي اڳيان هلي رهيو هو، اُن هن جي ڪار کي رستو
نه پئي ڏنو، توڙي جو هن ڪيئي ڀيرا هارن هلايو هو.
پُٺيان منهنجي ڀرسان دونالي بندوق ڀريل رکي هئي.
ويهندي ئي هُن چيو هو، ”اياز! اِها بندوق اُڀي ڪري
ڇڏجان، ته ڇٽي نه وڃي. هن هڪ هنڌ ڪارو روڪي، بندوق
سان ٻه فائر ڪري، ٽرڪ جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا ۽
جيستائين ڊرائيور هيٺ لهي، تيستائين ڪار تيزيءَ
سان هلائي ويو. ”اهڙي اَرڏي ۽ اڙٻنگ مڙس کي، حفيظ
هن جي تواضع ۽ خوش اخلاقيءَ جي باوجود، ڇا چئي
رهيو آهي؟“ مون سوچيو. وزير صاحب جي زال، جا هن جي
ڀرسان بيٺي هئي ۽ ماني رکائي رهي هئي، تنهن مڙس کي
کلي چيو، ”ڪوئي ته آهي جنهن توکي منهن تي سڌي
ٻڌائي آهي.“ وزير صاحب ڪاوڙ پي ويو ۽ ميزبانيءَ جا
آداب برقرار رکندي، مُرڪي ويٺو، ۽ ڪوڪو ڪولا هن
ڏانهن وڌايائين ۽ ڳالهه لنوائي ڇڏيائين.
ٻئي ڀيري مان، حفيظ قريشي ۽ رسول بخش پليجو هڪ ڪار
۾ بدين ڏانهن ڪنهن ڪانفرنس ۾ وڃي رهيا هئاسين.
پليجو صاحب ٽانڊي ٽپڻو پر چيتائتو مُڙس آهي. هن
ڪيئي ڀيرا حفيظ کي منهنجي روبرو سمجهو، سڄاڻ ۽
ڏاهو ڪوٺيو هو. اتفاق سان ڪار ۾ گفتگو ڪندي، پليجي
اٺ ڀيرا مائوءَ جي سرخ ڪتاب مان حوالا ڏنا، ۽ چيو
ته ”ڪامريڊ مائوءَ هيئن به چيو آهي، هونءَ به چيو
آهي....“ ان تي حفيظ قريشيءَ چيس ته ”پليجا صاحب!
جي مائو اِئين نه چوي ها ته اِها ڳالهه اعتبار
جوڳي نه هجي ها ڇا؟“ پليجو ڳاڙهو ٿي ويو، پر
منهنجيءَ موجودگيءَ ۾ ماٺ ٿي ويو. اُن وقت حفيظ
قريشي سياست ۾ هن سان همرڪاب هو. حفيظ قريشي
ڳالهين ۾ جنهن طريقي سان حوالا ڏيندو هو ۽ اُنهن
جي تشريح ڪندو هو، سو به هن جو خاص ڍنگ هو. هڪ
ڀيري هُن منهنجو غزل پڙهيو:
هيءَ هُرکُر رين بسيرن جي
ٿي ويندي ساک سويرن جي.
پوءِ هن چيو ته ”هر لفظ منڊيءَ تي جواهر وانگر
جڙيل آهي ۽ اوهان جي اکين اڳيان اڄوڪي سنڌ اُڀري
اچي ٿي ـــ ”هرکر“ ”رين بسيرا“ ”ساک“ ”سويرا“ انهن
لفظن تي سوچي ڏسو. ڇا ته موتي اسان جي شاعر پوتا
آهي! اهو شعر پروپئگنڊا به آهي، نه به آهي. پوءِ
اڳتي ٻيو شعر پڙهيائين:
مون مرڪي پنهنجو پاند ڏٺو،
رت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي.
پوءِ سامعين کان سوال پڇيائين: ”اوهان کي خبر آهي
ته بسنت ۾ ڪهڙو وڻ ڦلاربو آهي! بسنت ۾ ٻير اڳ ۾
ڦلاربي آهي ۽ جيئن وقت گذرندو آهي، اُن جا ٻير
ڳاڙها ٿيندا ويندا آهن. اهو آهي شاعر جو مشاهدو.“
مان گهڻو اڳتي نڪري آيو آهيان ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي
گهاٽين ولين ۾ وڃائجي ويو آهيان. پر سکر ڪورٽ ۾
پير رکان، ان کان اڳ ۾ مولانا گراميءَ جو ذڪر
ضروري ٿو سمجهان، جو به فصاحت ۾ پنهنجو مثال هو،
لفظ لهريون ڪري هن جي زبان تي ايندا هئا. جڏهن مون
تي مڇر ڀون ڀون ڪري رهيا هئا، ڪيئي وڇون ڪاٽي رهيا
هئا
۽ ڪيئي نانگ اُلري رهيا هئا، تڏهن هُن منهنجو دفاع ڪيو، ۽ جيئي
سنڌ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. هن مشرقي شاعريءَ تي
اٽڪل اَسي صفحا لکي، منهنجن مخالفن کي دُونَ وارو
زوردار ٺونشو هنيو، ۽ هنن جي ناسن مان رت ٺينڊيون
ڪري وهڻ لڳو. ڪنهن وقت اهو تبصرو کين کاٻَر وانگر
منهن تي لڳو، ڪنهن وقت دانگيءَ وانگر. هو کوکلا،
اندر سکڻا، اڻ ڄاڻ، مُدي خارج ماڻهو هئا، سڀ ڪڙٻ
جي ڪانن وانگر ڪُتِرِ ٿي ويا. مون کي پوءِ معلوم
ٿيو ته کودڙي کي کوسڙو نه هڻبو ته کوئس نه ڇڏيندو.
باقي اخبار کيچل ڪندي رهي ۽ اُن کي به وقتَ بند
ڪري ڇڏيو. مان سوچيندو آهيان ته ڇا هر مُئي کي
مرحوم چوڻ ضروري آهي؟ جي ها ته پوءِ دوزخ ۾ ڪير
واڙيا ويندا؟ مولانا گراميءَ هنن کي اهڙو آڪيڙو
چاڙهيو، جو هنن جا ٻوٿ بند ٿي ويا. پوئين مارشل لا
کان پوءِ، ڌرتيءَ هيٺان سيءَ جي موسم گذاري،
ڪاريهرن وانگر ٻِرن مان نڪري آيا ۽ وري ڦَڦڪارَڻ
لڳا. پر نيٺ هُنن جو سارو رينگٽ بند ٿي ويو، وقت
اُنهن تي ٻُوٿاڙيون چاڙهي ڇڏيون، ۽ هو مون لاءِ ڪو
ٻُوهو ٻاري نه سگهيا. اُن ساريءَ سوڀ جو سهرو
مولانا گراميءَ تي آهي، جنهن سانَ ليٽائي
وڌا.مولانا ۾ نه فقط پيٽ جي پُرخوري هئي، پر قلم
جي شهزوري به هئي.
هاڻي مان ٿو سکر ڪورٽ ڏانهن اچان، جتي مون کي اهي
تجربا ٿيا، جي ڪنهن وڪيل کي ورلي ٿيا هوندا. ڪٿان
ڪهاڻي شروع ڪيان؟ منهنجو سارو رڪارڊ ته دهشت گردن
جلائي ڇڏيو، بهرصورت جو ڪجهه ياد اچي ٿو، اُهو
لکان ٿو:
هڪ ڀيري جوئر ڍڍِي ۾ هئي، بهارَ هيڏانهن هوڏانهن
لامارا ڏَئي رهي هئي، پيهي تي ڪوئي به نه هو.
زينيءَ رانجهي کي ڏسي چوطرف ڏٺو. جڏهن کيس ڪوئي
نظر نه آيو، سواءِ رانجهي جي، ته اوچتو هوءَ جوئر
جي کيت ۾ گهِري وَئي. رانجهي تي ڄڻ وِڄُ ڪري.
ڪَڪيون ڪُنڊيون مينهون ڇڏي، هن جي پٺيان ويو.
جهرڪيون چوڌاري چون چون ڪري رهيون هيون. جي ماڻهو
ڏسن ها ته اُڏامي وڃن ها. رانجهي ٻه چار قدم کنيا
ته ڏٺائين زيني هن جو انتظار ڪري رهي آهي. هن کيس
ٻک ۾کڻي زمين تي ليٽايو. هن پنهنجو پوتڙو لاهي پري
ڦٽي ڪيو، زينيءَ کي ڳاڙها ڳل، ۽ زيتوني رنگ هو، ۽
هن جا اُرهه انبورجي ويا هئا. هُن نه رڳو هٿن پيرن
تي پر دُن جي هيٺان مينديءَ مان گل ٺاهيا هئا. کيس
ڳاڙهي ڇيٽ جو گهگهو ۽ سٿڻ پئي هئي. هن جو ڳاڙهو
رئو مٿي تان سِرڪي هيٺ ڪريو. رانجهي جي اوگهڙ ڏسي
هن جي اندر ۾ آريون هلڻ لڳيون. اوچتو رانجهي کي
ڪانن ۾ چُرپر ۽ ماڻهن جي سُسُ پُس ڪنين پئي. شايد
ٻه مڙس اچي رهيا هئا. هو پوتڙو ڌرتيءَ تي ڇڏي، هرڻ
وانگر ڇلانگ ڏيندي ۽ ڪانا چيريندي ٻَنيءَ مان ٻاهر
هليو ويو. هُن زينيءَ جو آواز ٻُڌو ته ”مون سان
زوري پئي ڪيائين.“ ايتري ۾ ڪُهاڙيءَ جا ڌڪاوَ ٿيا،
رانجهو مينهون ڇڏي وٺي اُگهاڙو ڀڳو. گهر پهچي هن
رسيءَ تان ٻيو پوتڙو ڇڪي، پاڻ کي ٻڌو، ۽ زال کي
هِڪو ٻڪو ڇڏي، وٺي پيرين اُگهاڙو ڀڳو ۽ گهوٽڪيءَ
مان ويندڙ بس ڏانهن ڊوڙ پاتائين. هن کي کيسي ۾ڪجهه
رپيا ها جن مان هن اُٻاوڙي جي ٽڪيٽ ورتي. هُو
ايترو ڊنل هو، جو ڪنهن سهي وانگر ٿي لڳو، جنهن جي
پٺيان ڪاتر سان ڀيلُ ڊوڙندو هجي. اُٻاوڙي مان هن
واري واري سان پُٺ تي ڏٺو ته ڪوئي اچي ته نه رهيو
آهي، موت جو ڀَو محبت جي تَوَ کي نهوڙي چُڪو هو.
رانجهي جي ٻُڌسُڌ وڃائجي وئي هئي. هن جو سوٽ هن کي
ٻِت ٻت ڪندي ڏسي وائڙو ٿي ويو. هن کي لسيءَ جو
گلاس ڏئي، هن کان حال احوال ورتائين. رانجهو لسي
پي سامت ۾ آيو ۽ سوٽ کي پيرائتي ڳالهه ٻڌايائين.
اُتي وڙائتي جو پُٽ ڳهڻو به ويٺو هو. رانجهي کين
چيو ته کيس گهر ۾ پناهه ڏين، جيستائين زينيءَ جا
خوني پڪڙجن، ڇو ته هنن زينيءَ کي ضرور ماري وڌو
هوندو. ڳهڻي رانجهي کي جواب ڏنو ته ”اسان ڀاڙئي کي
پناهه نه ڏيندا آهيون. تون جي ڌڪ بچائي بچي اچين
ها ته جيءَ ۾ جايون ڏيونءِ ها.“ رانجهي جواب ٻڌي
وڙائتي کان رڳو ويهه رُپيا اُڌارا ورتا ۽ بس ۾
ڀيڙيائين رحيم يار خان ڏانهن ۽ ٻئي سوٽ سوڀاري جي
گهر پهتو. هن جو در کڙڪايائين ته دروازو هن جي زال
سگهڙِ کوليو. هن جا حال ڏسي سگهڙ کانئس پڇيو
”ڀائڙا خير ته آهي؟“ هن جواب ۾ هن کان پڇيو،
”سوڀارو ڪٿي آهي؟“ سگهڙ چيس ته ”ٻاهر ڀاڄي وٺڻ ويو
آهي، اجهو آيو.“ جيستائين سوڀارو ڀاڄي وٺي موٽي
تيستائين هُن کي اندر ۾ آنڌ مانڌ ايتري هئي، جو
ڪمري جي هڪ ڀت کان ٻيءَ ڀت تائين ٿي ڦريو ۽ سڄي
مُڪ کٻيءَ تريءَ تي
پئي هنيائين. جڏهن سوڀارو آيو، جو به هن کي ڏسي وائڙو ٿي ويو،
رانجهو سوڀاري کي ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويو ۽ سارو حال
احوال ٻُڌائي چيائينس، ”رڳو جان بچائي ڀڳو آهيان.“
سوڀارو ڌِگّ مڙس هو ۽ ڪُهاڙيءَ جو ڪوڏيو هو. پنج
اٺ مڙس هن کي وٺي نه سگهندا هئا. هن رانجهي کي چيو
ته ”سوٽ اُلڪو نه ڪر! هتي تنهنجو وار به ونگو نه
ٿيندو، منهنجي زال پڇيئي ته چئجانس ته ”مون
ويڙهاند ۾ مڙس ماري وڌو آهي.“ متان سچي ڳالهه
ڪرينس! تون هتي رهي پو، مان واقعي جي باري ۾ خبر
چار رکان ٿو.“ سوڀاري پنهنجي هڪ دوست ميهر کي
رانجهي جي ڳوٺ موڪليو، جنهن مان کيس معلوم ٿيو ته
زينيءَ جي مڙس ۽ ڏير زينيءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪري ماري
وڌو هو، ۽ پوليس ٻنهي جوابدارن کي جهليو هو، جن
مئجسٽريٽ جي سامهون قلم ڪ پ
ڪ
هيٺ باس ڏني آهي. ميهَرَ مان وڌيڪ خبر پئي ته
فريادَ زينيءَ جي پيءُ لکرائي هئي، ۽ زينيءَ جي
مڙس ۽ ڏير رَت هاڻيون ڪُهاڻيون ڪڍي ڏنيون هيون.
جڏهن ڪيس چالان ٿيو، ته سوڀارو مون وٽ آيو چيائين،
”تون فرياديءَ پاران ڪيس کڻ!“ مون رانجهي کي چيو
ته ”فريادي ڪٿي آهي ته مان هن کان وڪالت نامون
وٺان.“ ان تي رانجهي جواب ڏنو ته ”مان هُن سان ملي
نه ٿو سگهان، هُن کي ساري خبر هوندي. هو ۽ هن جو
پُٽ مون کي ڪارو ڪري ماريندا.“ بهرصورت رانجهو مون
وٽان وڪالت نامون کڻي ويو ۽ جڏهن موٽي آيو ته
چيائين ته ”وڏيءَ تڪليف سان هن کان آڱوٺو وٺرايو
اٿم.“ مون سمجهيو ته آڱوٺي جو نشان ٻئي ڪنهن جو
آهي، سو رانجهي کان اُن جي تصديق ڪرايم. مون وڪالت
نامون نه داخل ڪيو، ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رانجهو
سوڀاري سان گڏ آيو ۽ چيائين ته ڳوٺ ۾ هُلي ويو هو
ته منهنجي زال هڪ شَرَ سان لڳي وئي آهي ۽ وڏي واڪي
چوندي ٿي وتي ته منهنجو مڙس هڪ يارِ ۽ هڪ زال رکي
سگهي ٿو ۽ مان مڙسُ ۽ هڪ يارُ ڇو نه ٿي رکي سگهان.
مون ٻنهي کي گهر ۾ اعتراض جوڳيءَ حالت ۾ ڏٺو ته
ٻنهي جا ڪُهاڙيءَ سان ڳپل لاهي وڌا! مون تي خون جي
ايف. آءِ. آر لکائي وئي آهي، منهنجا گرفتاريءَ کان
اڳ ضامن ڪرائي ڏي.“ مون هن کي چيو ته ”آهي ته مشڪل
پر مان ڪوشش ڪيان ٿو.“ هن جي ضمانت جي درخواست رد
ٿي. مون کيس صلاح ڏني ته بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ
ڪڍاءِ، پر اُهو کيس نه ملي سگهيو. جڏهن هو گرفتار
ٿيو ۽ هن تي ڪيس هليو ته مون هن کي صلاح ڏني ته هو
ڏوهه باسي ۽ چئي ته مون خونَ غيرت جي ڪري ڪيا آهن.
فوتي منهنجيءَ زال سان ڪارو هو. ڪورٽ ٻه
سرڪاري شاهد ورتا ته آڏيءَ پڇا ۾ ظاهر ٿي پيو ته
رانجهي جي زال وڳندي وتندي هئي ته ”جي منهنجو مُڙس
يارِ ڪري ٿو سگهي ته مان يارُ ڇو نه ٿي ڪري
سگهان!“ رانجهي چيو ته هن پنهنجي زال ۽ هن جي يار
کي اعتراض جوڳيءَ حالت ۾ ڏٺو هو، هو ڪو ڀاڙيو ته
نه هو ۽ ٻنهي کي غيرت ۾ ڪهاڙيءَ سان ڳڀا ڪر ڇڏيو
هئائين. رانجهي کي ڏهه سال ٽيپ ملي.
ڏهرن جي ڳوٺ لڳ جاڙي خان ڏهر جي ٻه سو ايڪڙ زمين
جنهن جي پٺ تان جهنگ هو، اُتي هو تترن جو شڪار ڪرڻ
ويندو هو. چاڙهاڪي جو شڪار کيس آسان لڳندو هو. هو
ڪَرڙ وَڍُ هو ۽ چاپئين ڏاڙهي وٺرائيندو هو ته هن
جي وَهي ڇُپي ويندي هئي ۽ هو اڃا جوان لڳندو هو.
اُتي هُن ڪمرو ٺهرايو هو، جنهن جي مٿان هن جو ڪوٺو
هو، ڪوٺي تي سِرنهن ۽ نم جي وڻن جون شاخون ايترو
جهڪي آيون هيون، جو ڇت وانگرلڳنديون هيون، ۽ پريان
ڪوٺي تي نظر نه پئجي سگهندي هئي. جڏهن شام جا پاڇا
گهاٽا ٿيا، تڏهن هُن گهر کان ٿورو پري گهوڙو روڪي،
اُن جو لغام وڻ سان ٻڌي ڇڏيو ۽ اُتان هو پير پير ۾
ڏَئي جهنگ ۾ آيو. هن ٽارچ لائيٽ تي ٻه جوڙا تترن
جا ڏٺا، جي ڀرسان وڻ جي ٽارين تي ننڊ ۾ هئا، جن کي
بندوق جي هڪ فائر سان ڪيرائي وڌائين. ٺڪاءَ تي پکي
واهيرا ڇڏي اُڏاڻا ۽ فضا ۾ شور مچي ويو. پوءِ هو
پنهنجي ڪمري ۾ آيو، جو هن آرام لاءِ ٺهرايو هو، ۽
ڪجهه
ڏينهن اڳ پنهنجي هاريءَ آسودي کي ڏنو هو، جو
پنهنجيءَ زال وسائيءَ سان اچي اُتي رهيو هو. هُن
ڏٺو ته ڪُنڊ ۾ وسائي چلهه تي ويٺي هئي ۽ هن جو
منهن مکڻ وانگر رجي ويو هو. هوءَ ڪانڊيُن ڪاٺِينُ
تي ڪجهه تري رهي هئي. جڏهن جاڙي خان پڇيس ته ”ڇا
ٿي ترين.“ تڏهن هن چيس ته ”ڀوتار، ڪرويليون ٿي
تريان.“ ڪرويليون چڀڙ جو قسم هو، جو جهنگ ۾ ولين ۾
ٿيندو هو ۽ غريب هاري اُهي ٻه اڌ ڪري، تري، مانيءَ
سان شوق سان کائيندا هئا. هُن کيس وڌيڪ چيو ته
”ڪرويليون جون پنج ڇهه وليون اسان جي گهر جي ڀرسان
جهنگ ۾ آهن، جتان پٽي آئي آهيان.“ وسائيءَ جو منهن
باهه جي روشنيءَ تي ڏنگِي سونَ وانگر ٿي لڳو. هن
جي ڪراينُ مٿان عاج وانگر اڇيون ڪنگڻيون پيون هيون
۽ ڪنن ۾ چانديءَ جا پنڙا پيا هئا ۽ ڪارا وار
ڌرتيءَ تي لڙڪي رهيا هئا. جاڙو خان وٺجي ويو ۽ هن
تي چيٽڪ چڙهي ويو. عشقُ ڪکن ۾ باهه جي چڻنگ وانگر
ٿئي ٿو، ۽ گهڙي نه ٿي گذري ته اُلا اُڀرڻ لڳن ٿا.
هن وسائيءَ کي چيو ته هن کي ڏاڍي بُک لڳي آهي، ۽
تترن جا جوڙا ڏئي چيائينس ته ”اِهي ڇلي رڌ! ڪجهه
مون کي کاراءِ، ڪجهه پاڻ کائو.“ جاڙي خان وسائيءَ
کان پڇيو ته ”ڪڻڪ جي اَٽي جي ماني پچيائين ٿي يا
جوئر جي اَٽي جي؟“ وسائيءَ جواب ڏنو ته ”سائين،
مون ته چانورن جو اٽو ڳوهيو آهي. ڪڻڪ يا جوئر جو
اٽو ته گهر ۾ ڪونهي.“ جاڙي خان کيسي مان ٽيهه رپيا
ڪڍي آسودي کي ڏنا ۽ چيو، ”ڪجهه سيرَ ڪڻڪ جو ۽ ڪجهه
جوئر جو اَٽو ۽ مرچ مصالحا ڳوٺ مان وٺي آءُ!“ جڏهن
آسودو ٽيهه رپيا وٺي ويو ته وسائيءَ چيس ته ”اسين غريب ماڻهو آهيون،
اسان ڪرويلين سان چانورن جي ماني کائينداسين،
ڪرويليون اچي تريون آهن، ٿورو سوڪ ٿين ته تتر ڇلي
ٿي وٺان!“ ٿوريءَ دير کان پوءِ اُٿي ته گرميءَ ۾
پگهرجي وئي هئي. جاڙي خان چيس ته ”هل ته ڪوٺي تي
ٿا هلون. اُتي وائک آهي، اُتي هلي تتر ڇلهه ـــ
تترن جا کنڀ ڀورا ۽ ڳاڙا
سَرن داٻن وارا هئا.“ ائين چئي، جاڙو خان ڏاڪڻ
چڙهي ڪوٺي تي ويو. وسائي، حڪم جي بندي، تتر ۽ ڇُري
کڻي هن جي پٺيان مٿي چڙهي وئي. مٿي ٿڌي هوا ٿي
لڳي، ڀرسان گهاٽو جهنگ هو ۽ تيرينهنءَ جي چانڊوڪي
من کي وڻي رهي هئي. جاڙي خان بندوق رکي، وسائيءَ
کي ڏٺو. هن جو منهن چانڊوڪيءَ ۾ تازي ماهي کير
وانگر ٿي لڳو. هن کي ٻه مهينا شادي ڪئي ٿيا هئا ۽
هوءَ اڃان سامائي مس هئي! هن جي ململ جي چولي مان
ڄڻ ٻه وڏيون ڪرويليون نظر اچي رهيون هيون. هوءَ
ڌرتيءَ تي تتر ڇلڻ ويٺي ته جاڙي خان هن جي پٺ تان
ويهي هن جي ڪڇن ۾ ٻئي ٻانهون وڌايون. جاڙي خان جي
تن بدن ۾ ڪانڊيون ڪاٺيون ٻرڻ لڳيون. پوءِ تتر ۽
ڇري هن کان وٺي پٽ تي رکي ۽ هن کي ٻانهن ۾ کڻي واڻ
جي کٽ تي ليٽيائين. پوءِ هن کي ڪنڌ تي چميون
ورتائين ته هُن چيو ”منهنجو مڙس اٽو وٺي ايندو
هوندو. تون مون وٽ ڏينهن جو اچجانءِ جڏهن منهنجو
مڙس هر ڪاهڻ ويندو آهي.“ هو ٻَئي جلدي هيٺ لهي
آيا. جڏهن آسودو آيو ته جاڙي خان کي چيائين،
”سائين، تترن لاءِ گِههُ به ڪلال کان اوڌر تي وٺي
آيو آهيان.“ وري هن جاڙي خان کان پڇيو ته ”سائين!
اسان تتر ته ڪڏهن نه رڌا آهن. اُنهن کي به ڪُڪڙ
وانگر ٻوٽيون ڪري چاڙهيون!“ ”ڀلي!“ جاڙي خان جواب
ڏنو، اُن تي آسودي هن کي چيو ته ”سائين اسان تتر
هڪ چاڙهيون يا ٻه؟“ ان تي جاڙي خان چيو ته ”چارئي
چاڙهيو، اڄ بُک ڏاڍي لڳي آهي.“ جاڙي خان ٻه تتر
کاڌا ۽ ٻيا هنن کي کائڻ لاءِ ڏنائين ۽ آسودي کي
ڏهه رپيا ڏئي چيائين ته ”هي گهه جا پئسا.“ آسودي
کيس چيو ته ”سائين، ان جي ڪهڙي ضرورت هئي. هي
سڀڪجهه ته اوهان ڏنو آهي.“ وڏيري کيس چيو ته
”سُرخو گهوڙو ڪجهه پنڌ تي بيٺو اٿي، اهو ڇوڙي
آءُ!“ هو گهر کان ٻاهر ويو ته جاڙي خان وسائيءَ جا
اُرهه نپوڙيا ۽کيس چيائين ته، ”سڀاڻي
سج چڙهڻ کان پهر پوءِ!“ جڏهن آسودو گهوڙو ڪاهي
آيو، جاڙي خان رڪاب ۾ پير وجهي، گهوڙي تي لانگ
ورائي ۽ هن کي اَڙي هڻي چانڊوڪيءَ ۾ اُڏامندو ويو.
وسائيءَ جون اکيون ڪيترو پنڌ هن جي ڪڍ ڊڪيون
جيستائين هو اُنهن کان اوجهل ٿي ويو. هن کي ائين
ٿي لڳو ته جاڙو خان هن کي کنڀي وڃي رهيو هو، ۽ هن
دل ۾ سوچيو ته ”يار ۾ ڪيڏي نه ڇڪ آهي! انب جي
ماکيءَ ۾ شايد ماکيءَ جي مک کي ايتري هجي، تڏهن ته
رنون ڪهاڙيءَ جو موت مرڻ چاهينديون آهن!“
پوءِ وسائي ۽ آسودو اچي باقي تتر ۽ مانيءَ تي
ويٺا. اُهڙو سوادي کاڌو هنن سڄي عمر نه کاڌو هو.
هنن فقط شاديءَ جي رات پاليل مرغيءَ جو ٻوڙ فقط هڪ
ڀيرو زندگيءَ ۾کاڌو هو. هو نه ته ڪرويلين، سرنهن
جي سائي ۽ سُڪل ساڳ ۽ ڍوڍي تي هريل هوندا هئا. ٻئي
ڏينهن سج چڙهئي، جاڙي خان سُرخي گهوڙي جو لغام
وسائيءَ جي گهر کان ٿوري پنڌ تي ٻڌو. مُند ته لڙي
وئي هئي، پر اُس اڃا کائي رهي هئي. جاڙي خان ڪمري
۾ گهڙي،
وسائيءَ جو منهن هٿن ۾ وٺي، هن کان چپن ۽ ڳُتي کان
ڳچيءَ تائين چمي ورتي. وسائيءَ کي ائين لڳو ڄڻ تتر
کي ڪنهن تڪبير ڏني هئي. هوءَ ڇَهَه تي کٽ تي ليٽي
پئي ۽ جاڙي خان جي ڀاڪر ۾ ڪافي وقت اکيون
ٻوٽي
پئي رهي. هن جي هٿن ۾ سُر سُر ٿي رهي هئي، اُهي هن
وڌايا.
ڪجهه وقت کان پوءِ جاڙي خان هُن کي گهر جي خرچ
لاءِ سَئو رپيا ڏنا ۽ پوءِ هن کان موڪلائي سُرخي
گهوڙي تي ٽپ ٽپ ڪندو ويو. گهوڙي جا سنب ڄڻ هن جي
هانو تي ڪري رهيا هئا. جاڙو خان ڏسڻو واسڻو وچينءَ
وهيءَ وارو مڙس هو. چپن مٿان شهپر، چاپئين ڏاڙهي ۽
گهنڊيءَ وار هئس، جن ۾ ڦڻي اُڀي ڏنل هوندي هئي. هن
جو رنگ گوروهو، وڏين اکين ۾ ساري رات سُرمي داڻي،
پاڻيءَ ۾ پسائي، سرمو پائيندو هو. هو بوسڪيءَ جي
شلوار قميص ۽ پيرن ۾ ملتاني جُتي پائيندو هو. |