”پوءِ منهنجو گهگهو وچ تان ڦاڙي ٻه اَڌ ڪري
ڇڏيائين، ۽ مون سان زوريءَ زنا ڪيائين. هن مون کي
ٻڌايو هو ته طِلا جا ڪُشتا کائيندو هو، ۽ تر ۾ هن
جهڙو جوان ڪونه هو. مون کي هن مان هڪ ٻار به ٿيو،
انهيءَ وچ ۾ سيشن ڪورٽ منهنجي يار حمزي ۽ هن جي
مائٽن کي سزا ڏئي ڇڏي. پوءِ مون کي وڏيري ٻڌايو ته
”جوابدارن جي اپيل به هاءِ ڪورٽ رد ڪري ڇڏي آهي!“
”هڪ ڀيري چوڪيدار کي ڪوٽ جي در وٽ گهري ننڊ اچي
وئي هُئي، ان ڏينهن شايد هن ڀنگ پيتي هئي جا مون
هن کي ڪونڊي ۾ گهوٽيندي ڏٺي هئي. پير پير ۾ پائي،
مان هن جي ڀرسان ويس ۽ کيسي مان چاٻيون ڪڍي ورتم.
وڏيرو مون کي خرچ لاءِ پيسا ڏيندو هو، جن مان مون
ٻه سو رپيا بچايا هئا. آهستي آهستي مون در جو ڪلف
کوليو ۽ رات جي انڌيري ۾ وٺي ڀڳيس. رستي تي مون هڪ
بگي جوابدارن جي ڳوٺ لاءِ ڀاڙي ڪئي. مان ڀانيان ٿي
ته
بگيءَ
واري کي من ۾ اڳيئي چور هو، يا چوڌاري سُڃ ڏسي هن
بگي روڪي، ۽ مون کي ٻانهن کان ڇڪي، بگيءَ تان هيٺ
لاٿائين، ۽ لئي جي پٺيان دسي، پنهنجو منهن ڪارو
ڪيائين. هو سُونڊ مُنهون سوئر هو، مون دانهن ڪُوڪ
نه ڪئي ڇو ته مون
کي
ڀَو ٿيو ته هي به نه ڪٿي وڏيري وانگر منهنجو گهگهو
ڦاڙي ڇڏي! مون مان رَڄُ ڪري، اُٿي پنهنجيءَ شلوار
جو اڳٺ ٻڌائين ۽ منهنجي ڪنن مان سٽ ڏئي مُرڪيون
لاٿائين ته منهنجو رت نڪري آيو، ۽ پوءِ گاڏيءَ تي
چڙهي پٺتي موٽي ويو.
”مون دهي تي ڪجهه دڳ سڃاتو، جنهن تي اڳي مان ڪيئي
ڀيرا بيل گاڏيءَ تي حيدرآباد وئي هيس. مون کي حمزي
جي سوٽ مان خبر پئي ته هن جي ڦاسيءَ جي تاريخ مقرر
ڪئي ويئي آهي. هو ڏاند ڊوڙائيندو مون کي بيل
گاڏيءَ تي وڪيل صاحب وَٽ وٺي آيو، جنهن هيءَ پٽيشن
داخل ڪئي.“
پٽيشن پڙهي ڪورٽ ڦاسي روڪي ڇڏي ۽ سپرنٽنڊنٽ
حيدرآباد جيل کي اهڙيءَ تار جو آرڊر ڪيو. هن پوءِ
شنوائيءَ جي تاريخ رکي ۽ ٻيءَ تاريخ تي فرياديءَ ۽
جوابدارن کي ڪورٽ ۾ گهرايو. آغا حسن علي ۽ جسٽس
ڪانسٽنٽائين بينچ تي هئا، آغا حسن عليءَ چيو ته
مريم کي سڏيو وڃي، ۽ فرياديءَ کي ڪڙاڪي دار آواز
۾، مريم ڏانهن اشارو ڪري، چيائين، ”هيءَ تنهنجي
ڌيءَ مريم آهي، هن کي سڃاڻين ٿو؟ ڪوڙ ڳالهائيندين
ته هاڻي جو هاڻي هٿڪڙيون هڻائيندو سانءِ.“ فريادي،
جو ٻهراڙيءَ جو سادڙو هاري هو، ٿر ٿر ڪنبڻ لڳو، ۽
هٿ
ٻڌي جج صاحب کي چيائين، ”هائو، سائين اِها منهنجي
ڌيءَ مريم آهي.“ ججن جوابدارن کي ڇڏي ڏنو ۽ آرڊر ۾
لکايو ته ”جي مريم چاهي ته
زوراور خان تي زوريءَ زنا جي فرياد لکائي سگهي ٿي.“ جسٽس حسن
عليءَ مُرڪندي مريم کي چيو، ”مائي، ڪاري ته تون به
هئين؟“
ان تي مريم جواب ڏنو ته ”صاحب، مون کي جي ڪهاڙي
هجي ها ته مڙس کي ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيان ها.“
ان تي آغا صاحب زباني پڇيس ته ”ڇو؟ آخر هن ڇا ڪيو
هو؟“ جواب ڏنائين ته ”گهر ۾ کٽ هڪ هئي، اُن تي پاڻ
به سمهندو هو ۽ مون کي ۽ منهنجي نئين ساماڻل ڀيڻ
کي هٿ وجهندو هو. هڪ ڀيري منهنجي ڀيڻ کي ڇڪ آئي ته
رڙ ڪيائين ۽ کٽ تان لهي، اُٿي ڌرتيءَ تي سمهي پئي.
مون مُڙس کي ڌِڪو ڏئي چيو، بي حياوَ، قرم ساق!
توکي شرم نه ٿو اچي؟“ ٻئي ڏينهن مان چاڏي لسيءَ جي
۽ مکڻ ۽ ڍوڍو ٻنيءَ ۾ مڙس ڏانهن کڻي ٿي ويس ته
رستي تي منهنجي نظر حمزي تي پئي، هن کي موڪري ڇاتي
هئي ۽ ڳچيءَ ۾ چانديءَ جو تعويذ پيو هو. هو کوهه
جي ڳاڌيءَ تي ويٺي، ڏاند وهائي رهيو هو. هُن کي
ڏسڻ سان منهنجي هن ڏانهن دل ڇڪجي وئي. مان ڳاڌيءَ
ڏانهن قدم وڌايو ته هن مون
کي
ڇڪي چپ چپن سان ملايا، جي بصريءَ جي پوپ کان مٺا
هئا.“ مريم جج صاحب سان بي جهجهڪ ڳالهائڻ لڳي.
”حمزو جتوئي هو ۽ اسان لاڙڪ، هن کوهه کي ٻن پاسن
کان لوڙهو ڏئي ڇڏيوهو، جتي ڪڏهن ڪڏهن مون سان دل
وندرائيندو هو. منهنجي مڙس کي کُڙڪ پئجي ته صلاح
ڪيائون . ڳوٺ ۾ سڀ گهر جتوئين جا هئا ۽ ٻه گهر
لاڙڪن جا هئا. جي اسان ڪنهن جتوئيءَ کي مارينداسين
ته جتوئي اسان کي ڄڻ ٻچي نه ڇڏيندا. پوءِ مون کي
شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جو بهانو ڪري حيدرآباد وٺي آيا
۽ وڏيري جي ڪوٽ ۾ ناحق بند ڪيائون، هڪ مڙس در تي
ڪهاڙي کڻي پهرو ڏيندو هو. وڏيري منهنجي پيءُ کي
صلاح ڏني ته ٿاڻي تي ڳجهه ڳوهه ۾ فرياد لکائي اچي
۽ پنهنجي ڪمدار کي هزار رپيا ڏئي چيائين ته ”هي
صوبيدار کي ڏجان!“ صوبيدار ڪنهن جاچ ۾ ويل هو،
ڪمدار هيڊڪنسٽبل کي ٻه سئو رپيا ڏنا ۽ چيائينس ته
”هنن جي فرياد لِک، پر جيستائين صوبيدار اچي ته
ڪنهن کي سڻس نه پئي؟“ پوءِ هو موٽي ڳوٺ ويا ۽ لٽا
ڪپڙا، ٿانو ٿپا هنڌ بسترا بيل گاڏي ۾ رکي، ڪوٽڙيءَ
لڏي آيا. جتوئن شايد سمجهو ته رَن آهي وات واکاري،
ڪٿي ممڻ نه مچائي وجهي، انڪري لڏي ٿا وڃن. ٻئي
ڏينهن ٻه سَو ٻيا به ڏئي، ڪمدار کي صوبيدار ڏانهن
موڪليائون ۽ چوائي موڪليائونس ته ”ثابتي اهڙي
ٺاهه، جو هاءِ ڪورٽ تائين نه ڇُٽن.“ ٻئي ڏينهن
صوبيدار حمزي ۽ هن جي پنجن مائٽن کي گرفتار ڪري
جوابدارن جي ڪڍ رت لڳل ڪهاڙيون لاتيون. هڪ جوابدار
کي مارڪُٽ ڪري، هن کان مختيارڪار وٽ باس ڏياري، ته
”مريم پهرين حمزي جتوئي سان ياري رکي، ۽ ڪجهه وقت
پوءِ ٻئي جتوئيءَ سان ياري رکي. هن جي پهرئين يار
حمزي تيش ۾ اچي مريم ۽ هن جي ٻئي يار کي ماري وڌو،
۽ ٻئي لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائون!“
”اها سچي ڳالهه مون کي وڏيري
زوراور
خان ٻڌائي هئي، جڏهن هن کي خاطري ٿي وئي ته مان هن
سان لڳي وئي آهيان.“ پوءِ مريم هٿ ٻڌي آغا حسن
عليءَ کي چيو ته ”جي منهنجو مُڙس بي حياءُ هو ته
مان بي حياءُ ڇو نه ٿي سگهان ٿي؟“
آغا حسن
علي،
کاڏيءَ هيٺان هٿ رکي، مريم کي خاموشيءَ سان ٻُڌندو
رهيو.
اهڙي هڪ ڪيس جي باري ۾ مون کي پير غلام حيدر،
ائڊيشنل سيشن جج به ٻڌايو هو. هڪ رات مان پير صاحب
جي چيمبر ۾ ويٺو هوس ۽ جرم ۽ سزا جي مسئلي تي
ڳالهائي رهيو هوس. هن مون کي ٻڌايو ته هو ڪنهن به
ملزم کي ڦاسيءَ جي سزا نه ڏيندو آهي.
”ڪنهن کي به نه؟ پوءِ هن ڪيڏيءَ به بيدرديءَ سان
قتل ڪيو هجي.؟“ مون پڇيو.
هن چيو ته ”ڪيئن
به
قتل ڪيو هجائين، مان هن کي وڌ ۾ وڌ جنم ٽيپ ڏيندو
آهيان.“
”ڇو؟“ مون پڇيو.
هن جواب ڏنو، ”جڏهن مان نواب شاهه ۾ ائڊيشنل سيشن
جج هوس، تڏهن مون وٽ هڪ ڪيس هليو، جنهن ۾ چيو ويو
ته ”فلاڻي فوتيءَ کي جوابدارَ گهلي ڪري، درياهه جي
ڀر تي وٺي آيا ۽ هن کي ڪهاڙيون هڻي، لاش درياه ۾
ڦٽي ڪري ڇڏيائون. فريادي، جو ڪجهه پنڌ تي ماکي
لاهي رهيو هو، هُلچو ٻُڌي، وڻ تان هيٺ ڏٺو ۽
جوابدارن کي چڱيءَ طرح سڃاتائين. جوابدارن واردات
تان رت هاڻي مٽي کوٽي، درياهه ۾ وجهي ڇڏي. پوليس
ڪجهه ٻڪرارن جا بيان به ورتا، جن ڪجهه پنڌ تي جهنگ
مان جوابدارن کي فوتيءَ کي گهليندي ڏٺو ۽ پاڻ
ٻُوڙن ۾ لڪي ويا. پوليس جوابدارن کان رت لڳل
ڪهاڙيون به
هٿ ڪري مشير نامان ٺاهيا. پوليس هڪ جوابدار کي واردات تي وٺي
وئي، ۽ مشير نامون ٺاهيو. سڀني جوابدارن ساڳي
واردات ڏيکاري. فرياديءَ جتان ماکي ٿي لاٿي، اُن
جو مشيرنامون به ٺهيو. اڃا فرياديءَ پورو مانارو
نه لاٿو ۽ اُتي ماکيءَ جون مکيون وري وڃي ڪٺيون
ٿيون هيون. جوابدار جي باس لکي، صوبيدار جانڻ خان
مختيارڪار (فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ) کي هزار رپيا رشوت
ڏئي چيو ته اُها پنهنجن هٿ اکرن ۾ 164 جي فارم تي
اُتاري، اُن تي صحيح ڪري ڏئي، ”فريادي ۽ شاهد ايڏا
ٻالا ڀولا ۽ سادا سودا هئا، جو مون کي اعتبار اچي
ويو ته ڳالهه سچي آهي. جوابدار جو وڪيل ڪا چڱي آڏي
پڇا به نه ڪري سگهيو ۽ نه فرياديءَ جي جوابدارن
سان ڪائي دشمني ثابت ڪري سگهيو.
پير صاحب چئن جوابدارن کي ڦاسيءَ جي سزا ڏني. هاءِ
ڪورٽ جوابدارن جي اپيل رد ڪري ڇڏي. جوابدارن جي
معافيءَ جي درخواست به رد ٿي ۽ چارئي ڪُوپا مُڙس
ڦاهي چڙهي ويا.
اُن کان پوءِ صوبيدار جنهن اُهو ڪيس چالان ڪيو هو،
جيپ ۾ سفر ڪري رهيو هو ته ڪائي تکي ويندڙ بس جيپ
سان
ٽڪري، ۽ هو هن جا ساٿي چيڀاٽجي ويا. جيپ بس سان
ٽڪر کائي، چٻي ٿي! بس جو ڊرائيور بس ڀڄائي هليو
ويو. جڏهن ٿاڻي تي خبر پئي، ته سڀ ڌَڪي مري چڪا
هئا. صوبيدار جانڻ خان جو موت کان پوءِ، جو ٻيو
صوبيدار آيو ۽ جنهن جو فوتي صوبيدار سان تڪرار هو،
اُهو پير صاحب وٽ آيو ته پير صاحب کي ٻڌايائين ته
اُهو ڪيس ڪوڙو هو! ”فوتي“ سيوهڻ مان کيرٿر جا پهاڙ
ٽپي، حلاوان ڏي بلوچستان ڀڄي ويو. اُتان جي ڌاڙيلن
سان گڏجي هُن نواب شاهه ۾ هڪ پنجابي زميندار جي
گهر ڌاڙو هنيو. پر زميندار جي پهري دارن ڌاڙيلن
مان ٻه مُڙس پڪڙي ورتا، جن مان هڪ مٿي ذڪر ٿيل ڪيس
وارو فوتي به هو! هُن باس ۾ اِهو به باسيو ته هن
جي قتل جو واقعو ڪوڙو ٺاهيو ويو هو، جوابدارن جي
دنگئي زميندار جي چُرچ تي اهو قتل جو سارو واقعو
گهڙيو ويو هو ۽ جاچ بلڪل ڪوڙي هئي.
”اُن سڄي ڪوڙي واقعي ۾ جوبدار ڦاهي چڙهي چڪا، ۽
مان اُنهن کي زندگي موٽائي نه ٿي ڏئي سگهيس.“
پير صاحب جو اِهو قصو ٻڌي، مون کي هئمليٽ مان
شيڪسپيئر جون سٽون ياد آيون:
There are many things in the world, Horatio than
thy philosopy can dream of.
(هن ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ تي ڪيئي شيون آهن، جي
تنهنجي فلسفي جي خواب وخيال ۾ به نٿيون اچي سگهن،
هوريشو!)
مون مغرب جي قنوطي فيلسوف جي ڪتاب ۾ ڪٿي پڙهيو ته:
Every parting gives a foretaste of death, every
coming to- gether a foretaste of resurrection.
(هو الوداع ۾ موت جي لغار آهي ۽ هر ملاقات ۾
پُنرجنم جِي.)
اهي سٽون ياد ڪري، مون پنهنجي وائي ”ٽڙي پوندا
ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل“ لکي.
تقسيم کان پوءِ فيض جو هيٺيون نظم اُن دور ۾
اُردوءَ جو بهترين نظم هو:
يه داغ داغ اُجالا يه شب گزيده سحر
يه وه سحر تو نهين جس کي آروز لي کر
چلي تهي يار که مل جائي گي کهين نه کهين
فلک کي دشت مين تارون کي آخري منزل
کهين تو هوگا شبِ سست موج کا ساحل
کهين تو جاکي رُکي گا سفينهء غمِ دل
اُردو شاعريءَ ۾ ترقي پسنديءَ جي امام فيض احمد
فيض ڪيڏي نه ياسيت ڦهلائي هئي! مون کي حمايت عليءَ
تي غصو آيو هو، جڏهن هڪ مضمون ۾ ”يه شب گزيده سحر“
وارو استعارو ٽي. ايس. اليٽ جي لفظن
“night-bitten mormn”
جو ترجمو چيو هئائين. ڇا، اها ڳالهه محض اتفاق نه
ٿي ٿِي سگهي؟ ۽ جي واقعي ترجمو به هئي ته اِهو
شعوري يا غير شعوري، ۽ جي ترجمو هو ته اصل جيترو
خوبصورت هو. حمايت علي منهنجو دوست هو، ۽ مون تي
پورو ڪتاب لکيو اٿائين، جنهن لاءِ مان سندس
ٿورائتو هوس، پر اُن وقت مون کي هو هيڊڳڙيءَ جو
پساري لڳو هو.
اُن وقت مان غم واندوهه جي سٺ پُره اونهي کوهه ۾
ڪريو هوس. مون فرار لاءِ اُردوءَ شاعري ٿي ڪئي.
مون کي اُن دور تي سوچي، سنڌيءَ جو پهاڪو ”انڌن
آندو، ڪُتن لڪيو“ ياد آيو هو.
ڇا اوهان سوچي به سگهو ٿا ته شيخ اياز هزل به لکي
سگهندو؟ مان حفيظ هوشيار پوريءَ کان اُردو هزل
ٻڌندو هوس ۽ کيس پنهنجا هزل ٻڌائيندو هوس. سکر ۾
هڪ اُردو شاعر، جنهن کي سڀ ”لنگور صديقي“ چوندا
هئا، ۽ منهنجو اسٽينو گرافر اوباش، ٻَئي هزل گو
شاعر هوندا هئا. مان اُنهن جا هزل ٻڌي، ٽهڪ ڏيندو
هوس. مون کي اهو سوچي پاڻ تي عجب ٿو اچي ته مان
ڪيتريءَ ذلت جي تري ۾ وڃي ڪريو هوس! جڏهن مون
ڪراچي ڇڏي، تڏهن چيم ته ”الوداع وندي ماترم“
الوداع جن گن من ادي نايڪ جئه هئه!“
شاعر ڪيترا نه ساده لوح انسان آهن ۽ سياست دان
پوري عوام وانگر واه واه ڪري هنن کي استعمال ٿا
ڪن! گانڌيءَ جهڙا مها پُرش ماريا ٿا وڃن ۽ پٽيل
جهڙا پِٽِيل سياست دان اقتدار ۾ اچن ٿا. بوس هوائي
حادثي جو شڪار ٿئي ٿو، نهروءَ جهڙا سرڪس جا شينهن
تاج ۽ تخت جا وارث ٿا ٿين. برصغير جي تاريخ ۾
فارسيءَ جي ڪتاب ”ڪليله ودمنا“ جهڙيءَ ڪهاڻيءَ
سان، سنڌ ”پاڪستان ٺهراءُ“ انڪري بحال ڪيو هو ته
بار بار پاڪستان تي مارشل لا مڙهيو وڃي ۽ جمهوريت
کي ليڙون ليڙون ڪيو وڃي! ڇا، قائداعظم اِن لاءِ
جدوجهد ڪئي هئي، جنهن جو پرسانِ حال ڪونه هو جڏهن
هن کي زيارت مان آندو ويو ۽ جنهن سان فقط هڪ نرس
گڏ هئي، جا هُن تان مکيون هٽائي رهي هئي! ڇا،
ڪئبينيٽ مشن پلان ٺيڪ نه هئي جنهن پوءِ نهروءَ جي
هٺ ڌرميءَ ريزا ريزا ڪري ڇڏي! اِها پلان ڪانگريس ۽
مسلم ليگ ٻنهي قبول ڪئي هئي. جڏهن ڪنهن پريس
رپورٽر
نهروءَ کان ڪانفرنس ۾ بمبئي ۾ پڇيو هو ته ”ڇا،
ڪئبينيٽ مشن پلان اوهان پوري تسليم ڪئي آهي،
نهروءَ جواب ڏنو ته ”ڪانگريس سڀ زنجير لاهي
اسيمبليءَ ۾ گهڙندي
۽ هر حالت جي مقابلي لاءِ آزاد هوندي.“
بس، ان
ڳالهه قائداعظم ۽ مسلم ليگ کي تعجب ۾ وجهي ڇڏيو، ۽
ڪانگريس جي ديانتداريءَ تي هنن کي شڪ پيو، ۽ پلان
تان هٿ کڻي ويا! پوءِ ڪانگريس جي ورڪنگ ڪميٽيءَ
ڏاڍيون ڪوششون ڪيون ته سمجهوتي کي بچايو وڃي ۽ بار
بار دهرايو ته پوري پلان قبول آهي، پر پلان جي
ناڪاميابيءَ جي ساري ذميواري نهروءَ تي آهي. هو
توري تڪي نه ڳالهائيندو هو ۽ انهيءَ خمار ۾ هوندو
هو ته هو هندستان جو اڪيلو اڳواڻ آهي، جو سوشلسٽ
بلاڪ سان ٺاهه ڪري اُن کي ترقي پسند معاشرو ڏيڻ
وارو هو! ڇا، نهروءَ ئي ساري ديس کي انڌي کوهه ۾
ڦٽي ڪيو!
پلان جي ناڪاميءَ، بهرحال، ڌرتي منهنجي پيرن هيٺان
ڪڍي ڇڏي هئي، ۽ ڊايونيسس جي ڏند ڪٿا ۽ ايپي ڪيورس
جي فلسفي مون کي پاڻ ۾ پناهه ڏئي. پوءِ جڏهن حشوءَ
کي ديس نيڪالي ڏني وئي، تڏهن مون پوري ورِش کي
بُجو ڏَئي پنهنجي دنيا ٺاهي.
مان وري اچان ٿو وڪالت جي زندگيءَ ۽ پنهنجي
شاعريءَ تي، جا مون لاءِ زنده رهڻ جو هڪ بهانو
بني:
غوث بخش ميمڻ ۽ ديوان پرمانند مون سان گڏ پڙهيا
هئا. غوث بخش ميمڻ اُن وقت شڪارپور ۾ پوليس پر
اسيڪيوٽر هو، جنهن ايس. پي.، سي. آءِ. ڊي، ٿي
رٽائر ڪيو. هڪ ڀيري مان ڪراچيءَ ۾ هن جي آفيس ۾
ڪم سان ويس. مون اُتي هڪ اُردو رسالي جو ايڊيٽر
ڏٺو، جو اُتي هيڊ ڪلارڪ
هو. جڏهن مان وائيس چانسلرشپ جو مدو ختم ڪري
ڪراچيءَ آيو هوس، ته احمد سليم، پنجابيءَ جو اديب
۽ شاعر ۽ منهنجي چونڊ ڪلام جو پنجابي شاعريءَ ۾
مُترجم، مون وٽ آيو، ۽ چيائين ته ”هندستاني
ڪميونسٽ افسانه نويس، رام لال، جِي زاهده حنا ۽ هن
جي مڙس جون ايليا پنهنجي گهر ماني ڪرائي آهي ۽
توکي دعوت موڪلي اَٿائون ته ”تون به اچي سگهين ته
بهتر.“ مون رام لال جون ڪجهه ڪهاڻيون پڙهيون هيون،
۽ هُن سان ملڻ چاهيو. مان زاهده حنا جي گهر ۾، ٽن
چئن مهمانن سان گڏ، ايس. پي، سي، آءِ. ڊيءَ جي
آفيس جو اُهو هيڊ ڪلرڪ به ڏٺو ته ويٺو هو. رام لال
هر هندستاني ڪميونسٽ وانگر وائڙو هو ۽ پنجاب جي
دوري کان پوءِ سنڌ ۾ واءُ مينهن ڪندو آيو هو. هو
مورک ۽ مت هيڻ هو ۽ پنهنجي سامعين کي ڄاڻڻ سواءِ ۽
اهو سوچڻ
کان
سواءِ ته متان ڪوئي واءُ سئاءُ لهڻ آيو هجي، هو
جنرل ضياالحق کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو، ۽ چيائين ته
”مان جتي پنجاب ۾ ويو آهيان، اُتي ماڻهو جنرل ضيا
جي خلاف آهن.“ مون کي اها ڳالهه به خيال ۾ هُئي ته
هڪ سي. آءِ. ڊيءَ وارو اسان جي وچ ۾ ويٺو آهي ۽
ٻيو ته مان ان راءِ جو هُيس ته جنهن شخص ڀُٽي جهڙي
شاطر سياست دان جو ترو ڪڍي ڇڏيو، اُهو ايترو جلدي
نه ويندو. مون رام لال کان پڇيو ته ”تون پارٽيءَ
کي هتان جي دوري جي باري ۾ رپورٽ ڪندين؟“ هن
معصوميت سان چيو ته ”ها.“ ڄڻ ته اسان هنن جا ورهين
جا واقف هئاسين! اِن تي مون هن کي چيو ته ”رام
لال! پارٽيءَ کي چئجانءِ ته ”شيخ اياز چيو پئي ته
جنرل ضياء الحق پندرنهن سال
نه ويندو؛ ۽ جي هندستان کي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي
ته جنرل ضياء سان ڪري. تنهنجي پارٽيءَ ۾ سنڌي
ڪميونسٽ مون کي چڱيءَ طرح سُڃاڻن.“ هو منهنجو جواب
ٻڌي، مايوس ٿيو، ۽ هن جي جدلياتي ماديت جي پتنگ جي
ڏور هڪ گشڪي سان ڪٽجي وئي. ڏهه سال پوءِ زاهده حنا
پراڻي سکر ڪنهن شاديءَ جي تقريب ۾ آئي هئي ته
منهنجي گهر به آئي. هن اچڻ سان چيو ”اياز صاحب! تو
صحيح ٿي چيو ته جنرل ضياء پندرنهن سال نه ويندو.
اڃا ته اقتدار ۾ آهي.“ مون هن کي جواب ڏنو ته هاڻي
سڀئي سُڪ آهيون. تون فقط
(Imponderable factors of history)
(شعور کان
بعيد تاريخ جي عنصرن) تي اعتماد رکي ٿي سگهين.
هڪ ڏينهن مان ڪُئينس روڊ تي پنهنجي آفيس ۾ ويٺو
هوس، دري کلي پَئي هئي، سامهون ڪلاڪ کان سي. آءِ.
ڊيءَ وارو اڳٺ ڇوڙي پيشاب جي بهاني سان پيشاب خاني
۾ بيٺو هو. ايتري ۾ مون وٽ هڪ پاڙيسري ڇوڪرو آيو ۽
اچي چيائين ته ريڊيو تي آيو آهي ته جنرل ضياء الحق
جو هوائي جهاز
C.130
ملتان لڳ بم جي ڌماڪي سان اُڏامي ويو.“ مون هن کي
سامهون اشارو ڪري، چيو ته ”سامهون هن سي. آءِ.
ڊيءَ واري کي اها ڳالهه ٻُڌاءِ، ته هن جو پيشاب ته
پورو نڪري، ڪلاڪ کان بيٺو آهي ۽ پيشاب بيٺو ڪري.“
ڇوڪرو سڌو سي. آءِ. ڊيءَ واري وٽ ويو، جو اڳٺ ٻڌي
وٺي ڀڳو.
سال کن پوءِ غوث بخش ميمڻ گذاري ويو.
اِها ته نڪتي ڳالهه مان ڳالهه، جا غوث بخش جي باري
۾ تسلسل قائم رکڻ لاءِ مون ڪئي.
مون اِن کان اڳ چوڻ چاهيو ٿي ته هڪ ڀيري ۾ شڪارپور
۾ هڪ منهنجو ڄاڻو سُڃاڻو وڪيلُ غوث بخش ميمڻ ۽
ديوان پرمانند سان شڪارپور جي بار روم ۾ ويٺو هو.
ديوان به شاعريءَ سان ٿوري کَشٽَ ڪندو هو ۽ هڪ
ڀيري ڪاليج جي مِسلينيءَ (مخزن) ۾ هن جو غزل ڇپيو
هو. هُن کي غوث بخش صلاح ڏني ته ”اياز به هِتي
آهي. مشاعرو ٿي وڃي!“ منهنجي ڄاڻو سڃاڻو وڪيل به
ڪنڌ ڌوڻ ڪئي، هو به ”فاعلاتن فاعلات“ ڄاڻندو هو.
غوث بخش مصرع طرح ڏني ”لاڄيءَ جي لڄ رکجانءِ،
رام.“ پنهنجي ڄاڻو سڃاڻو وڪيل جو نالو ڄاڻي واڻي نه ٿو لکان، ڇو ته گذاري ويو آهي
۽ جوان ٻارَ ڇڏي ويو آهي، مان هن لاءِ فقط ”وڪيل
صاحب“ ٿو لکان. هُن مصرع ٻڌي، غوث بخش ڏانهن زهر
ڀري نگاهن سان ڏٺو، ۽ پنهنجو گائون کڻي، بار روم
مان نڪري ويو! مون غوث بخش کي چيو ته ”انهيءَ
واهيات مصرع طرح تي هُن ايترو بُتال ڇو کاڌو؟“
جواب ڏنائين ته ”لاڄي هڪ لاجواب هندو وڌوا آهي، جا
شڪارپور ۾ ٺاٺارڪيءَ گهٽيءَ ۾ رهندي آهي. هن جا ڳل
ته ناهن، رس گُلا آهن. اياز هن جا چپ مصرع اول ۽
مصرع ثانيءَ وانگر آهن. ۽ هوءَ سرتاپا غزل آهي.
تون هن کي ڏسين ته شاعري وسري وڃيئي. وڪيل صاحب
اُنهيءَ بربُل کي الائي ڪيئن ڦاسايو آهي. هن
پنهنجي گهوڙي گاڏي ورتي آهي ۽ شام جو جَمني پِي،
لاڄيءَ کي بگيءَ تي اڳيان ويهاريندو آهي ۽ پاڻ
گهوڙي جون رينان وٺي، شاهي باغ مان ٿيندو، چودڳيءَ
تائين ڦري ايندو آهي. لاڄيءَ کي لکيدر تان رابيل
جون ڪُنڍيون وٺي ڏيندو آهي، جي هوءَ لوڪ لڄا جي
پرواهه نه ڪري پائيندي آهي. وڪيل صاحب اڪثر موتيءَ
جون چار ڪُلفيون، راڌي ڪبابَ ۽ دنبي مل جا پَڪَل
ڦلڪا وٺي، لاڄيءَ جي گهر ويندو آهي. ماڻهو چوندا
آهن ته لاڄي ڪسٻياڻي آهي پر مان ڀانيان ته لاڄيءَ
جو وڪيل صاحب سان عشق آهي. تو پاڻ ڏٺو آهي ته وڪيل
صاحب خاص سهڻو نه آهي پر دل جي آئيني ۾ محبوب جو
عڪس هميشه ڀلو نظر ايندو آهي. عشق اُها رنگين عينڪ
آهي جنهن مان اُس به ڇانوَ لڳندي آهي. مون کي وڪيل
صاحب تي ڪاوڙ آهي. شڪارپور جو موتيءَ جو داڻو
تڳائي ويو آهي، ۽ مان ۽ ديوان جهڙن مڙسن کي لاڄي
اک کڻي به نه ڏسندي آهي!“ ڳيت ڏئي، هن وڌيڪ چيو،
”ٻي هڪ مزيدار ڳالهه ٻُڌايانءِ. لاڄي آسودي ڪُلَ
جي وڌوا آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ هوءَ ٺهي سنبري،
چوٽيءَ ۾ سونو چوٽيءَ ڦُل ۽ نڪ ۾ جڙدار ڦُلڙي پائي
آئي. هن کي گهنگهرن واريون پنڙيون ۽ ڳچيءَ ۾ڪٺمال
پئي هئي، ڄڻ سوناري جي دڪان جي نمائش ڪري رهي هئي!
”سوني تي سهاڳو هيءُ ته وڪيل صاحب جڏهن شاهي باغ
ٽپندو آهي ۽ بي سُري آواز ۾ ڏوهيڙا ڳائيندو آهي،
ته لاڄي هن جي منهن تي هٿ رکي ساڳيا ڏوهيڙا سُريلي
آواز ۾ ڳائيندي آهي. هڪ ڀيري هو شاهي باغ ٽپيا، ته
جهنگ مان چار شاهينگ ڪهاڙين سان نڪتا ۽ وڪيل صاحب
کي ڌڪ به هنيائون ۽ گهوڙي جون واڳون زوريءَ
کسيائون. پوءِ هو لاڄيءَ کي جهنگ ۾ ڇڪي ويا ۽ هن
جو سارو قِمامُ لاٿائون. ڪي چون ٿا ته هن سان زوري
به ڪيائون. پوءِ هڪ شاهينگ لاڄيءَ جي پٺي ٿڦي، هن
کي چيو ته ”هاڻي وڃي شادي ڪرينس. جي مُڙس جو پُٽ
هوندو ته توسان نڪاح ڪندو.“ لاڄي موٽي آئي ته وڪيل
صاحب گاڏيءَ ۾ ٿڙ ٿڙ ڪنبي رهيو هو. لاڄيءَ کي
موٽائي وٺي آيو.“ اها سڄي خبر غوث بخش کي پوليس
مان پئي هئي.
جڏهن غوث بخش مصرع طرح ڏني ته وڪيل صاحب سمجهي ويو
ته غوث بخش کي خبر آهي ته لاڄيءَ سان ڪهڙي تعددي
ٿي هئي. ”وڪيل صاحب پوءِ بگي گهوڙو وڪڻي ڇڏيو ۽
لاڄيءَ جي گهر ڀنگ پي ويندو هو. هڪ ڀيري هو ڀنگ جو
گهاٽو گلاس پي نڪتو، نشي ۾
ٽُٻُ.
هن هميشه وانگر لاڄيءَ لاءِ شيون ورتيون ۽ هٿ ۾
رابيل جون ڪنڍيون کڻي، لوڪ بيت ڳائيندو آيو:
جيڪو پيئي سو جيِئي
ايندو ڏسي يار کي ڦوُڪ نه ڏي ڏيِئي.
ٺاٺارڪيءَ گهٽيءَ ۾ هڪ ننڍو سُڪل کوهه هو. گهٽيءَ
۾ ميونسپل جي بتيءَ جو بلب فيوز ٿي ويو هو. رڳو
لاڄيءَ جي گهر ۾ بجليءَ جي بتي ٻري رهي هئي. اوچتو
ٿيڙ کائي وڪيل صاحب وڃي کوهيءَ ۾ ڪريو ۽ هن کي ڌڪ
لڳا. هن جي ڄنگهه ٻانهن نه ڀڳي، پر مُري جي سخت
موچ اچي وئي. وڪيل صاحب جي رڙ تي رڙ ٿي پئي.
”لاڄي! لاڄي!“
”لاڄي لالٽين کڻي هيٺ لهي آئي. رڙ سُڪل کوهيءَ مان
ٿي آئي، جتي هُن وڪيل صاحب کي ڏٺو. هن کوهيءَ ۾
مُنهن وجهي چيو ته ”اُلڪو نه ڪر! مان اجهو ٿي بانس
جي ڏاڪڻ کڻي اچان.“ هوءَ تيزيءَ سان گهر ڀڳي،
لالٽين جا هيڏانهن پوندڙ پاڇاوان هڪ پُراسرار فضا
پيدا ڪري رهيا هئا. ڀرسان پپل مان چٻري جو آواز
آيو، جو هن کي اُپسَوڻ لڳو. لاڄي بانس جي ڏاڪڻ
کوهيءَ ۾ لاهي رکي ۽ پاڻ هيٺ لهي وئي. وڪيل صاحب
جي رڙَ هيٺ ۽ رڙ مٿي ٿي پَئي. لاڄيءَ هن کي سهارو
ڏِئي، آهستي آهستي، ڏاڪڻ تي چاڙهيو ۽ مٿي پهچي هن
کي گلي ۾ ٻانهن ڏيئي، وِک وِک کڻائي، ڏاڪڻ تي مٿي
چاڙهيائين. پوءِ ڪَوڙو تيل ٽاڪوري مُري تي سيڪ
ڪيائين. لاڄي ڪنهن ڪنهن وقت آفيم کائيندي آهي ۽
هُن وٽ تولو ٻه تولا آفيم
پيو
هوندو آهي. هن ٿورو آفيم کاڌو ته هن کي پنڪي اچي
وئي. هو صبح جو ننڊ مان اُٿيو ته هن کي ٿورو سُور
هو، سو سڄو ڏينهن اُتان هو ٻاهر نه نڪتو. وڪيل
صاحب جي پاڙي ۾ هن جي نه موٽڻ ڪري هُلچو ٿي ويو ۽
هن جي تلاش شروع ٿي. نيٺ هو بانس جي لٺ ٽيڪيندي،
آهستي آهستي، سڌو آفيس ۾ پهتو. جڏهن هُن جا والي
وارث اُتي پهتا، تڏهن اُنهن کي چيائين ته ”مُري کي
موچ اچي وئي هئي ۽ رات جو مان آفيس ۾ سُتو هوس.“
”ٻئي ڀيري رات جو ڪنهن هن کي بُلٽري ڪُتو بڇايو،
جنهن سندس پئنٽ کي چڪ سان ڇِڪ ڏئي ڦاڙي، هن جي ماس
جا رَپَڙَ لاهي وڌا. لاڄيءَ ڪُتي جي رومڙَ ٻُڌي،
ڪٽهڙي مان هيٺ ڏٺو. سياري جي رات هئي. لاڄيءَ جي
چلهه ۾ ڪافي ڪاٺيون ٻري رهيون هيون، هُن هڪ هِڪ
ڪري چار ٻرندڙ ڪاٺيون ڪُتي ڏانهن اُڇلايون، جن مان
هڪ هن کي لڳي ۽ هو ڪوڪڙاٽ ڪندي ڀڄي ويو. هڪ ٻي
ٻرندڙ ڪاٺي هٿ ۾ جهلي، لاڄيءَ هيٺ اچي ڪڙو کوليو ۽
ڪاٺي ڪُتي طرف ڪري وڪيل صاحب کي ڏاڪڻ ۾ ڇِڪي، ڪڙو
اندران بند ڪري ڇڏيو. لاڄيءَ هن کي پٽي ٻڌي ۽ ٻئي
ڏينهن هن کي سِول اسپتال کڻائي وئي. سول سرجن ڪُتي
جي چڪ جي اثر لاهڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن پيٽ ۾ هن کي
سُيون هنيون. هُن کي ڀو هو ته ڪٿي ڪتو ڇتو نه هجي،
پوءِ لاڄيءَ وڪيل صاحب کي چيو ته اسان جي ڪَڍَ
دشمن آهن. مان تنهنجي آفيس ۾ ايندس. |