تعصبي ۽ دغاباز، فريبي ۽ مڪار، جن کي ڌن لالچ ڇڪي
آئي هئي. اُن وقت هڪ لطيفو عام هو ته هڪ ڪروڙ پتي
مهاجر ٻئي ڪروڙ پتي مهاجر کان سڱ گهريو، ته پوئين
مهاجر کيس چيو ته ”هندستان ۾ تون حجام هئين، مان
توکي سڱ نه ڏيندس.“ ان تي پهرين مهاجر جواب ڏنس ته
”مان به تنهجي اصل نسل کي سڃاڻان. تون به اتي ”ڪان
مَليا“ (ڪن جي مر ڪڍندڙ) هئين.“ پوءِ ٻئي ٺهي ويا.
آيل ۽ ويٺل مسلمان داداگير متروڪه جائداد جي
ڪاروبار ۾ شريڪ هئا. هو هندن جي دڪانن ۽ مڪانن تي
لڳل تالاڀڃي، اُنهن تي قبضو ڪري، اُهي ڳريءَ
پڳڙيءَ تي وڪڻي رهيا هئا ۽ جعلي دستاويز لکارائي،
اُنهن تي جعلي صحيحون ڪرائي، پاڻ ئي اُنهن تي
شاهدن جي حيثيت ۾
صحيون ٿي ڪيائون. رجسٽرار جي آفيس ۾حصو پتي ڏئي، دستاويز ورهاڱي کان
اڳ جي تاريخ جا رجسٽر ڪيا ويندا هئا. جعلي
مهرون، جعلي
دستخط،
جعلي
اسٽامپ پيپر عام واهپي
۾
هئا، جنهن کي جيڪو مالِ غنيمت هٿ آيو اُهو هُن کي
ڦٻي ويو. شريف ماڻهو سڀڪجهه لٽائي آيا. حريف ماڻهو
ڪروڙ پتي بڻجي ويا. ڪوئي قانون نه هو، ڪائي ايف.
آءِ . آر نه لکي ويندي هئي، جنهن جي جاءِ ڦٻائڻي
هوندي هئي ۽ ملڪيت لٽڻي هوندي هئي، اُن متعلق
آفيسرن سان ساز باز ڪري، مڪان يا دڪان جي مالڪ کي
سيفٽي ايڪٽ هيٺ مُلڪ بدر ڪيو ويندو هو. چوڌاري
طوائف الملوڪي هئي، ڪنهن جي دادرسيءَ وارو ڪوئي نه
هو. فقط مسجدن ۾ لائوڊاسپيڪرن تي، سربفلڪ انهن جون
صدائون اينديون هيون. رپورٽ داخل نه ڪئي ويندي
هئي. فقط فرياديءَ کان جوابدار جو نالو ۽ ائڊريس
پڇندا هئا ۽ پوءِ هن کي ٿاڻي تي گهرائي، هن کان
پيسا وٺي هن کي ڇڏي ڏيندا هئا ۽ جنهن پئسا نه ڏنا
اُنهيءَ تي ڪنهن ٽائوٽ کان رپورٽ لکارائي
اُنهيءَ کي گرفتار ڪندا هئا. خالقڏني هال ۾ مهاجرن
سوين ڪبوتر ڇَرَن وارين بندوقن
سان ماري
کاڌا
ڇوته اُهي حلال هئا، دراصل سارو معصوم رت سرحد جي
هِن پار يا هُن پار حلال هو. هندستان ۾ لڏي آيلن
تيمورلنگ ۽ نادر شاهه جي دؤر کان وٺي 1857ع تائين
ڪيئي ”شهر آشوب“ ڏٺا هئا ۽ شاعرن انهن تي مسدس
لکيا هئا ۽ اهي اهڙن دل ڏاريندڙ ۽ لونءَ
ڪانڊاريندڙ حادثن تي هريل هئا. اسان کان مدد خان ۽
ٺٽي جي بازار کي ٻوچوگيزن جون ڏنل باهيون وسري
چُڪيون هيون. ان ڪري اسان کي تاريخ جي چؤڏول ۾
ڀانواٽي اچي رهي هئي. موت تي نظرون، موت جون خبرون
جن سان اخبارون ڀريل هيون، اسان جي زندگيءَ جو
معمول ٿي چُڪيون هيون. مان اشرف سان هڪ بجي تائين
شراب پي جيستائين گهر موٽي، ايندو هوس، تيستائين
ننڊ ۾ منهنجا ڇپر ڳؤرا ٿي ويندا هئا ۽ بستري تي
ليٽي خواب جي آغوش ۾ هليو ويندو هوس.
هڪ ڀيري مون سرسوتيءَ کي سپني ۾ ڏٺو، هوءَ مون سان
مئٽرڪ ۾ پڙهندي هئي، شڪاپور ۾ هن جو گهر سُڪي
تلاءُ کان ڪاسائي محلي ڏانهن ويندي، رستي ۾ پوندو
هو. ڪڻڪ رنگي، قد ڪاٺ جي پوري ساري، بالڪنيءَ ۾
منهنجي ديدار لاءِ ويٺي هوندي هئي. هن ننڊ ۾ مون
کان پڇيو ته ”سرسوتي ڪنهن کي چوندا آهن.“ ”هائو“
مون جواب ڏنو. ”سنگيت جي ديويءَ کي؟“ ”پوءِ تو مون
کي وساري ڇو ڇڏيو آهي، ڄاڻين ٿو ته مان تُنهنجو
تون آهيان، تون پاڻ کي وساري رهيو آهين، ڇا تون
مون کان سوا زندگي گذاري سگهندين؟“
اشرف جا اٺ هزار کپي چُڪا هئا، باقي ٻاونجاهه هزار
بئنڪ جي حبسِ بيجا ۾ هئا. هڪ ڀيري هو بيچ لگزري
هوٽل ۾ نه هليو ۽ مرينا بار ۾ مون کي بيئر جون ٻه
بوتلون پيئاري چيائين: ”هل ته اڄ ڪوثر جي ڪناري تي
گهُمي ڦِري اچون.“ هو مون کي نيپئر روڊ تي رقاصه
خوشنوديءَ جي ڪوٺي تي وٺي هليو، ۽ چيائين ته ڪنهن
وقت هيءَ نواب رامپور جي محبوبه هئي! هوءَ گل
اندام هئي، رقص ۾ هن جي ڪمر بيدِ مجنونءَ جي
ٽاريءَ وانگر ٿي لڳي، ڪنهن اُردو شاعر جي محبوبه
جي ڪمر وانگر معدوم ٿي ٿي وئي ۽ ڳولئي نه ٿي لَڌي.
هن کي گلاب جي مُکڙيءَ جهڙا چپ هئا ۽ فارسي شاعر
جي مبالغي آميز تصور وانگر اُن ۾ چُمي ماپي سگهي
ها يا نه! اشرف وڌيڪ چيو ته ”خوشنودي اُردوءَ جي
چڱي شاعره آهي ۽ هن وٽ هند جي ثقافت جو ذخيرو آهي،
اُن جو دروازو کوليندين ته حيرت ۾ رهجي ويندين.
هُن خوشنوديءَ کي پنج سئو رُپيا ڏئي چيو ته ”اڄ
رات هي تو وٽ منهنجو مهمان آهي. هن کي ٻيو سئو
رپيو ڏئي چيائين ته هن جي خورد ونوش جو پورو
انتظام ڪجانءِ! مان تو وٽ جوان مرد ٿو ڇڏي وڃان،
نواب رامپور ته مخنث هو.“ ائين چئي، مون کي مخاطب
ٿي چيائين، ”مان اڄ رات زال سان شب عروسي ٻيهر ٿو
منايان. هن لاءِ موتئي جا جُوڙا ۽ هار ٿو وٺي
وڃان ۽ سُٺي ۾ سُٺا رس گلا ۽ گلاب جامن، ڪباب ۽
نان وٺي ٿو وڃان، جي هن کي ڏاڍا وڻندا آهن. تون
عيش ڪر، توکي ڪافي بُک لڳي هوندي.“ مون اشرف کي
چيو، ”ايترا پئسا ڇو ٿو وڃائين؟ منهنجين اکين هن
جو ذائقو چکي ورتو. اُهو ڪافي آهي.“ هن جواب ڏنو،
”اياز، سڀاڻي بئنڪ کُٽي وڃي ته؟ پئسا نادان ڪٺا
ڪندا آهن.“ پوءِ هن نظير اڪبرآباديءَ جي هڪ سٽ
دُهرائي:
”گر مرد هي تو عاشق ڪَوڙي نه رکهه ڪفن کو!“
اشرف جيتري فراخدليءَ سان پوريءَ زندگيءَ ۾ ڪوئي
شخص مون سان نه هليو آهي. شايد اشرف ۽ اَشرفيءَ جو
ڪوئي ناتو آهي!
خوشنوديءَ مون لاءِ اڌ بوتل اسڪاچ جي ۽ نان ۽ ڪباب
گهرايا. اَلاجي سارو وقت مون کي ”مير“ جو شعر ڇو
ياد آيو:
ناحق هم مجبورون
پر
يه تهمت هي مختاري
کي
کرتي هين جو آپ کري هين هم ڪو عبث بدنام کيا
ياد کي عقاب جا پر ٿيندا آهن، هڪ اُڏار ۾ ڪٿان جو
ڪٿي وڃي پهچندي آهي.
هاڻي مان جمال سان گڏ وڪالت تي ٿو اچان. ڪورٽ
چيمبر پهرينءَ منزل تي پرينءَ ڪنڊ ۾ اسان جي آفيس
هئي، اُن کان پوءِ عبدالحي قريشيءَ جي، جو پوءِ
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ٿي رٽائر ٿيو، اُن کان
پوءِ اي ڪي بروهيءَ جي، ۽ اُن کان پوءِ
نورالعارفين جي، جو پوءِ ايم. پي. اي ٿيو. اُن کان
پوءِ هاشم رضا، ڪمشنر ڪراچيءَ ۽ ڪاظم رضا ڊي. آئي
جي ڪراچيءَ جي ڪنهن ڀاءُ علي رضا وڪيل جي آفيس
هئي. هو دقيانوسي طرز جو غزل گو شاعر به هو. ڪجهه
سال اڳ مون هُن جو ڇپيل مجموعهء ڪلام ڏٺو هو.
پهرين ٻن جي باري ۾ ”نمڪدان“ جي ايڊيٽر مجيد
لاهوريءَجو شعر هو:
کاظم رضا کي ساتهه نه هاشم رضا کي ساتهه
اي دل معامله هي تجهي اب خدا کي ساتهه
ڪجهه وقت کان پوءِ، مجيد لاهوري، جو ڏاڍو موٽو هو،
سچ پچ هارٽ اٽئڪ ۾ مري ويو. هن ڪراچيءَ مان شايع
ٿيندڙ پنهنجي رسالي ”نمڪدان“ ۾ سنڌ ۾ اُردوءَ تي
طنز ڪري، هڪ شعر لکيو هو:
”پان مين چونا جاستي مارو.“
هڪ ڀيري اشرف ۽ مان بولٽن مارڪيٽ جي ميوي بازار
مان ٻه وڏا پپيتا ورتا. اُن ڏينهن اشرف مون کي چيو
ته مارڪيٽ ڀرسان هوءَ مجيد لاهوريءَ جي فلئٽ آهي،
هَلُ ته اُتي هلون، ٻه ٽي لطيفا ٻُڌون، سياسي
تفريح ٿي ويندي. اسان هڪ بجي اُتي پهتاسين، مجيد
فلئٽ جو دروازو کوليو، هُن جو نغاري جيڏو پيٽ ۽
پاٽ جيڏو منهن هو. هن رڳو چيو ته ”مان سڄي زندگي
ٻه پهريءَ جو ٻين وڳين ننڊ مان اُٿيو آهيان. رڳو
هڪ ڀيري راويءَ جي ڪناري اٺين وڳي جاڳ ٿي ڇو ته
مون خوفناڪ خواب ڏٺو هو.“ پوءِ منهنجي هٿ مان
پپيتا کَسي، پئڪيٽ ۾ ڏٺائين ۽ پئڪيٽ کٽ تي رکي
پنهنجي پيٽ تي هٿ هڻي چيائين ته ”اهي پپيتا هي پيٽ
کائيندو. تنهنجو پيٽ ته مجنونءَ جهڙو آهي. ڪهڙي
ليليٰ سان عشق ڪيو اَٿي!“ پوءِ منهنجي ۽ اشرف جي
ڳچين ۾ کٽ جي پاون جيڏيون ڳوريون ٻانهون وجهي چيائين، ”يار معافي ٿو گهران، مون کي ٻي بجي تائين ننڊ
ڪرڻي آهي.“ اسان کي دروازي تي ڇڏي، اندران بُلٽ
ڏئي ڇڏيائين. مون ۽ اشرف موٽي هڪ ڪلو ڪشميري صوف
ورتا. ان ڏينهن اشرف منهنجو ڪئفيٽيريا بار ۾
مهمان هو.
دراصل اُردو شاعريءَ کي مسلم ليگي سياست جيتري
اهميت هوندي هئي. مون کي ياد آ هي ته جيئن پاڪستان
ٺهيو تيئن لياقت علي خان ڪراچيءَ (صدر) جي هڪ پارڪ
۾ تقرير پوءِ ڪئي، رئيس امروهويءَ هڪ واهيات قطعو
پهرين پڙهيو. هنديءَ ۽ اُردو جو جڳهڙو پاڪستان جو
مُک ڪارڻ هو. مون ڪٿي پڙهيو ته غالباََ ڪانپور ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو هڪ سيشن ٿيو هو، جنهن ۾ مهاتما
گانڌيءَ ٺهراءُ بحال ڪرايو هو ته هندستان جي قومي
زبان هندي ٿيندي. بابائي اُردو جو گانڌيءَ جو مداح
هو، اُهو گڏجاڻيءَ ۾ موجود هو، ۽ جڏهن حيدرآباد
دکن ۾ پنهنجي گهر موٽيو، تڏهن هن گهر ۾ رکيل
گانڌيءَ جو چرخو ڊاهي ڍير ڪيو، ۽ چيو، ”گانڌي،
مڪار! هند جي قومي زبان اُردو آهي، تون ڇا به
چئه!“ سن 1963ع ۾ مون جڏهن اُتر پرديش ۾ ڪار ۾ سفر
ڪيو هو، تڏهن رستي تي ڪسان يا عام شهري هندستاني
ڳالهائي رهيا هئا. آسان اُردوءَ وانگر، ٻنهي ۾ ڇڙو
ديوناگري ۽ عربي رسم الخط جو فرق هو. پهريون رسم
الخط هندوءَ کي پيارو هو، ٻيو مسلمان کي. حيرت جي
ڳالهه آهي ته هندستان ۾ لڏي ويل سنڌي هندو اڃا
تائين عربي رسم الخط جي حمايت ڪن ٿا ۽ اڪثر ڪتاب
اُن ۾ ڇپايا اٿائون. سنڌي هندوءَ جهڙو سلجهيل دماغ
ڀارت جي ٻئي ڪنهن هندوءَ کي نه آهي. سنڌيءَ جي
مشهور اديبا، ڪملا گوڪلاڻيءَ، مون کي جئپور ۾
ٻڌايو هو ته جڏهن اجمير ۾ اسڪولن ۾ ديوناگري لپي
مڙهي وئي، تڏهن ماسترن اسٽرائيڪ ڪئي ۽ ديوناگريءَ
۾ تعليم ڏيڻ کان انڪار ڪيو. سنڌي ماستر ايترا گهڻا
هئا، جو لاچار سرڪار عربي رسم الخط ۾ تعليم روا
رکي. جيئن اها ته نڪتي ڳالهه مان ڳالهه، اصل موضوع
ته جمال صديقيءَ جي هئي، جو مون کي ڪمائيءَ مان
چار آنا حصو ڏيندو هو، ۽ مون کي اندازاََ
هڪ هزار رپيا ملندا هئا.
ڪجهه مهينا اسان سان عبدالحي قريشيءَ پارٽنرشپ
ڪئي. اسين سڀ ڪلاس فيلو هئاسين. جمال، عبدالحي،
خالد اسحاق ۽ شيخ عبدالقادر. عبدالحي قريشي ڪجهه
وقت هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ رٽائرمينٽ
کان پوءِ گذاري ويو، اهم اها ڳالهه نه آهي ته
ماڻهوءَ جو موت ڪيئن ٿيو، ڪڏهن ٿيو ۽ ڪٿي ٿيو. ۽
ڪير هن جي جنازي نماز تي آيا. اهم ته اها ڳالهه
آهي ته هن زندگي ڪيئن گذاري. عبدالحي هڪ خوشحال ۽
مطمئن زندگي گذاري، خدا کيس جوارِ رحمت ۾ رکي.
مان جمال جي آفيس ۾ خوش هيس. هڪ ڀيري هن مون کي
بولٽن مارڪيٽ جي ٿاڻي تي موڪليو ته ڪنهن اصيل تي
داخل ٿيل فرياد جو بولٽن مارڪيٽ ٿاڻي تان نقل وٺي
اچان، ته ٻئي ڏينهن تي هن جي گرفتاريءَ کان اڳ
ضمانت وجهي سگهون. مون جمال کي ايف. آر جو نقل ۽
جوابدار جو وڪالت نامو صحي ڪرائي آڻي ڏنو. ٻئي
ڏينهن تي جمال ته ويو هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل
ڪرڻ، ۽ منهنجي مختيارڪار ۽ فرسٽ مئجسٽريٽ جي ڪورٽ
۾ ڪيس جي حاضري رکيل هئي. مختيارڪار کڙپيل ۽ ڪٽ
مست ٿي لڳو، هو کَکُ ٿي چڪو هو، پيشانيءَ ۾ پيرا
پئجي ويا هئس، اکيون ڏرا ڏئي ۽ منهن چوپو ٿي چڪو
هوس. هن کي منگالي ۾ رک جي رنگ جهڙيون ٿلهيون مڇون
هيون. مُڙس مِرچائي ۽ مهاڏو اَٽڪائڻ وارو ٿي لڳو.
اوچتو ڪنهن سينئر وڪيل سان آڏي پُڇا تي رڳڙو ڪري،
هن کي رهنڊون ڏَئي ٿي وڌائين. هن وٽ هلندڙ ڪيس
پورو ٿيو ته سرشتيدار کي چيائين ته ”ٻيو ڪيس کڻ!“
ڪورٽ ۾ ٻين مهاجر وڪيلن سان گڏ ٻه سينئر وڪيل ويٺا
هئا. اُنهن ۾ هڪ ڪلڪتي جو هو. ڪاري شيرواني، ڦندڻ
واري ڳاڙهي ٽوپي، شيروانيءَ جي مٿئين کيسي ۾ سادو
اڇو رومال، شيروانيءَ جي ڪالر ٻاهران ٻه اڌميريون
پٽيون
(Bands)
ٻڌل ـــ لمبو ڏگهه، ڌدم ڌڙاڪي وارو، گوڙائو مڙس ٿي لڳو. اُن
اُٿي چيو ته ”يوئر هانر، مان ڪلڪتي بار ائسوئيشن
جو صدر ۽ سهروديءَ جو دوست ٿي رهيو آهيان. تون
غالبا مون کي نه سڃاڻين. هاڻي منهنجو ڪيس کڻ، ڇو
ته مون کي ٻين ڪورٽن ۾ به ڪيس رکيل آهن!“ مئجسٽريٽ
کيس اشارو ڏنو ته ”ويهي رهه!“ ايتري ۾ الله آباد
جو هڪ مهاجر وڪيل اُٿي بيٺو ۽ چيائين، ”حضورَ، هي
سچ ٿو چوي. مان به لکنو جي بار ائسوئيشن جو صدر
هوس ۽ لياقت علي خان جو ساٿي رهيو آهيان. هن کان
پوءِ منهنجو ڪيس کڻ، مون کي به تڪڙ آهي.“
مختيارڪار، سرشتيدار ڏانهن منهن ڦيري، ڪڙاڪي دار
آواز ۾ چيو، ”هنن کي سمجهاءِ ته اهڙا وڏا وڪيل
آهن، ته هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس کڻن، هڪ فرسٽ ڪلاس
مئجسٽريٽ وٽ ڇو ٿا لُور لُور ڪندا وتن؟“ ٻنهي
وڪيلن سنڌي نه سمجهي، پر هنن کي ڪاوڙ آئي ته
مختيارڪار کين سڌي منهن جواب نه ٿو ڏئي، سو گوڙ
گنبوڙ ڪرڻ لڳا. ”چپراسي!“ ٻڍي شينهن اُردوءَ ۾
گجگوڙ ڪئي، ”ٻاهران سپاهيءَ کي سڏ ته هنن کي هٿ
ڪڙيون هڻي. مان هنن کي توهين عدالت ۾ ٿو گرفتار
ڪيان!“ ٻَئي وڪيل ڪيس ڪڇ ۾ کڻي، ٺڪاءُ ڏئي ڀڄي
ويا. مختيارڪار رُعب دار آواز ۾ چيو، ”ڪلڪتي مان
آيو هجي يا الله آباد مان، ڪيس هتي لِسٽ وار
کڻندس. هنن جي پگهار نه ٿو کانوان، پاڪستان جي
حڪومت جي ٿو کانوان. ڪنهن جي بابي جو نوڪر ته نه
آهيان!“ پوءِ هن مُڇن کي ٿورو وَٽ ڏنو ۽ لسٽ موجب
ڪيس هليا.
ٻئي ڏينهن اِها ڳالهه ساريءَ ڪراچيءَ بار
ائسوسئيشن ۾ هُلي وئي، جا سٽي ڪورٽن ۾ ٿي هئي.
اي. ڪي. بروهي هاءِ ڪورٽ جو وڏي ۾ وڏو وڪيل هو، ۽
شيرمحمد شيخ سٽي ڪورٽ ۾ مصروف ترين وڪيل هو،
شڪارپوري شيخ هو ۽ مون کي ”مائٽ“ ڪوٺيندو هو. هو
هر روز انگلنڊ مان آيل نئين بو
(Bow)
ٻڌي
ايندو هو ۽ هن کي ڪراچيءَ جي بهترين درزيءَ، حميد،
جا سبيل خوبصورت فل سوٽ پيل هوندا هئا. هو شهزادي
جي ڏِک ڏيندو هو. سندس والد رٽائرڊ سيشن جج هو ۽
سندس ڀاءُ مير محمد شيخ سنڌ سيڪريٽريٽ جو ڪلچرل
اتاشي مقرر ڪيو ويو، هُن جو ٽيون ڀاءُ علي احمد شيخ، جو انجنيئر هو ۽ مون کي اسلام
آباد ۾ ڪجهه سال اڳ ۽ ويجهڙائيءَ ۾ هڪ تقريب ۾
مليو هو. شيرمحمد شيخ کي ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪرڻ ۽
ڌُڪڙ تي اٽي هڻڻ جو شوق هوندو هو، ڪنهن کي ڪُک ۾
ڪان هڻي هو پنهنجيءَ سنڌائتي نشاني بازيءَ تي خوش
ٿيندو هو. مون کي بار ائسوسئيشن ۾ ٻُڌي چيائين،
”مائٽ، تون ته اُردو چڱيءَ طرح ڳالهائي سگهندو
آهين ۽ اُردوءَ جو شاعر آهين. تون به پاڻ کي لکنوي
۽ ڪلڪتوي سڏاءِ، نه ته پير کوڙي نه سگهندين.“ مون
هن کي چيو ته، ”سائين فڪر نه ڪيو، مان هنن جي بڻ
بنياد مان واقف آهيان.“ ”لکنوي“ ۽ ”ڪلڪتوي“ لفظ
ٻڌي، ڪِن مهاجر وڪيلن جا ڪن کڙا ٿي ويا. شير محمد
کان پوءِ پڇيائون ته ”هن توکي ڇا ٿي چيو؟“ هُن
جواب ڏنو ته ”هو مختيارڪار جي شڪايت ڪري رهيو هو،
۽ مون سان جڳهڙي جي ڳالهه ڪيائين.“ هنن کي ڪوئي شڪ
پيو، سو ڦري مون کي چيائون ته ”تون اُردوءَ وانگر
سنڌي به صاف پيو ڳالهائين! ڇا، سنڌ ۾ اُردو رائج
هئي ۽ اُردوءَ جا اسڪول هئا؟“ مون جواب ڏنو ته
”نه، پر اسان جي هڪ وڏي شاعر سچل اُردوءَ ۾ شاعري
ڪئي، جڏهن ولي دکنيءَ
دکن
۾ ڪئي هئي، باقي ٻيو مطالعي جي ذريعي مون زبان تي عبور حاصل ڪيو
آهي.“ جڏهن مون هنن کي ٻڌايو ته مان انجمنِ ترقي
پسند مصنفين ڪراچيءَ جو نائب صدر آهيان، ۽ حلقهء
احبابِ ذوق ۾ به شعر پڙهندو آهيان، تڏهن هڪ
اُردوءَ واري وڪيل مون سان هٿ ملائيندي، پنهنجو
تعارف ڪرايو ۽ چيو ته ”تون
سچو پاڪستاني آهين. ٻيو ڪوئي سنڌي وڪيل اُردوءَ جا
ٻه لفظ ڳالهائي نٿو سگهي؟ سنڌين کي پاڪستاني ٿيڻ ۾
وقت لڳندو، ۽ هو اسان جي صحبت ۾ رهي اُردو سکي
ويندا.“
مرحوم شير محمد شيخ جي ذهنيت، جا پوءِ ظاهر ٿي،
مان اڃا سمجهي نه سگهيو آهيان. ٻئي ڏينهن تي هن
بار ائسوسئيشن ۾ چيو، ”مائٽ، اهو سچ آهي ته جمال
توکي ٿاڻي تي موڪليو ته ايف. آءِ. آر جو سادو نقل
۽ وڪالت نامون وٺي آءُ ته ضمانت جي درخواست داخل
ڪيون؟“
مون جڏهن هُن کي ”هائو“ ۾ جواب ڏنو، تڏهن هن چيو
ته ”مون سان شام جو آفيس تي ملجانءِ!“ مان شام جو
جڏهن هن جي آفيس تي ويس، ته هن منهنجي روبرو
پنهنجي منشيءَ کي چيو، ”اڄ جي اوڳڙ کڻي آءُ!“ منشي
هُن وٽ ڪجهه سوَ جا نوٽ ۽ ڏهين ڏهين جا نوٽ کڻي
آيو، ۽ چيائين، ”سائين، اڄ ساڍا پنج سو مليا آهن.“
شير محمد بنا ڳڻڻ جي نوٽ کيسي ۾ وجهي ڇڏيا. اُن
کان پوءِ مون کي چيائين ته ”جمال توکان ڪجهه مهينا
سينئر آهي. مون تنهنجي آڏي پُڇا ۽ تقرير ٻُڌي آهي،
تون هُن کان ڇا ۾ گهٽ آهين، جو هو توکان منشيءَ
وارو ڪم ٿو وٺي؟ مان ته اهو ڪم پنهنجي منشيءَ کي
به نه چوان، پر اصيل کي ئي چوان ته پاڻ وٺي آءُ!“
هن ڪجهه وقت سينئر وڪيل جي اخلاقيات تي ڳالهايو ۽
چيائين، ”هي ڪارڊ رک، ان ۾ منهنجي
گهر جي ائڊريس آهي، رات جي ماني سڀاڻي مون وٽ
کائجان، پر اچجانءِ اٺين بجي ڇو ته ساڍي ستين بجي
مان ڪراچي ڪلب مان موٽندو آهيان.“ هن وڌيڪ ٻڌايو
ته ”ڪلهه ڪراچي ڪلب ۾ سنڌ جي چيف جج طيبجيءَ وزير
اعليٰ کي دٻ پٽائي هئي ۽ چيو هئاسين ته ”مان
قائداعظم کي توتي دانهن ٿو ڏيان.“ مان ڪراچي ڪلب
ڪڏهن نه ويو هوس. هن اُتان جا احوال ٻُڌائي، مون
تي رُعب رکيو. نه ڄاڻان ته اُن وقت مون مان شاعر
جي سرمستي ڪيڏانهن وئي هئي ۽ مٿاهين بيروڪرسيءَ جي
خرمستيءَجون ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو رهيس. وڪالت
منهنجن هڏن مان مِکُ چوسي وتي هئي.
جمال منهنجو ننڍي هوندي جو دوست هو ۽ ”غالب“ جي
لفظن ۾ منهنجو ”هم مشرب، هم پيشھ ۽ هم خوار“ هو.
اتفاق سان ٻئي ڏينهن هن مون کي اوچتو چيو ته ”تون
اڄ ڪيس تي نه وئين ۽ ڪيس هلي ويو.“ مون هن کي چيو
ته ”مون کي صبح جو سرشتيدار هڪ بجي جو ٽائيم ڏنو
هو، مان هن کي اِها ڳالهه منهن تي چئي سگهان ٿو ۽
مئجسٽريٽ کي به درخواست ڏيون ٿا ته ان سبب ڪري هو
آڏي پُڇا لاءِ شاهد ٻيهر گهرائي. مئجسٽريٽ منهنجو
واقف آهي ۽ مان هن کي چيمبر ۾ چوندس ته سرشتيدار
فرياديءَ کان وڍي وٺي، مون سان ڌوڪو ڪيو آهي.“ ان
تي جمال جو پارو چڙهي ويو ۽ چيائين، ”۽ جي
مئجسٽريٽ شاهد ٻيهر نه گهُرايا ته؟ تون ڪيئن ٿو
چئين ته مئجسٽريٽ خود ان دوکي ۾ شريڪ نه هو؟ جناب،
ائين ڪم نه هلندو، ۽ توکي سارو وقت ڪورٽ ۾ ويهڻو
پوندو.“
جمال جو لهجو نهايت تلخ هو، هن جو آواز ايترو
ڪَڙو، کهرو هو، جو منهنجو من ڀرجي آيو. مون هن کي
چيو ته ”تون مان ننڍپڻ جا دوست آهيون، مان تنهنجون
ڇڙٻون سهڻ ته تو وٽ نه آيو آهيان. مان تنهنجي
دوستيءَ جي ڪري ٿاڻي تي به ويو آهيان. مان تنهنجو
ڪو منشي ته نه آهيان.“
اُن وقت منهنجي تحت الشعور ۾ شير محمد جو آسرو به
هو . جمال ان تي ڪاوڙجي چيو، ”الوداع.“
”الوداع جمال، پارٽنرشپ رهي نه رهي، اُميد ته
تنهنجي منهنجي دوستي رهجي ايندي.“ مان شام جو شير
محمد جي
فلئٽ ڳولي لڌي ۽ هن وٽ پوري اٺين بجي ويس. گهنٽيءَ
تي هُن جي ڪرستان زال در کوليو، جا بدن جي نِهري ۽
منهن مان حيادار ۽ بردبار
ٿي
لڳي.
”اچ، اچ مائٽ! مان تنهنجي ڪري پنج منٽ دير سان
پهتو آهيان. ڪراچي ڪلب ۾ ميربنده علي ٽالپور سان
ملاقات ٿي، هو مون ڏانهن هاءِ ڪورٽ جو اپيلون
موڪليندو آهي. اُٿڻ نه پئي ڏنائين پر مون هن کي
چيو ته مون هڪ دوست کي 8 بجي جو ٽائيم ڏنو آهي،
مان
گهر تي نه هوندس ته هو موٽي ويندو.“
هُن سگريٽ جو ڪش هنيو ۽ اُن جو دونهون هُن مان
ايندڙ سينٽ جي خوشبو سان ملي ويو. هن ٻن گلاسن ۾
بلئڪ ليبل جو ٻٽو پيگ وڌو ۽ هر گلاس اڌ تائين سوڊا
سان ڀريائين ۽ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون
ڪيائين. ۽ مهاجر وڪيلن جي آڪڙ ۽ پاٽي خانيءَ ۽
ڪالر ميري ۽ شيروانيءَ تي تبصرو ڪندي، چيائين،
”مون هڪ مهاجر وڪيل کان پڇيو ته ”قائداعظم سنڌي هو
يا الله آبادي يا ڪلڪتوي، تڏهن هن جواب ڏنو ته
”شير محمد صاحب! قائداعظم فقط پاڪستاني آهي“ اُن
تي مون هن کي چيو، ”اوهان سڀ به پاڻ کي پاڪستاني
چئو، ڪلڪتوي ۽ الله آبادي نه چئو، ۽ هندستان جي
ڪنهن مُلڪ جو نالو پنهنجي شناخت طور ڪم نه آڻيو.“
ائين چئي، هن هڪ ڇوٽو پيگ به ٺاهيو ۽ ماني رکائي.
ماني کائي، مون شير محمد کي چيو ته ”مان جمال کي
الوداع ڪري آيو آهيان، مان اوهان جي آفيس ۾ ڪم
ڪرڻ چاهيان ٿو. شيرمحمد پنهنجن ڪِريم لڳل وارن کي
ڄمائيندي، چيو، ”اياز صاحب! اوهان جلدي ڪئي، دراصل
منهنجا اصيل مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي ڪيس هلائڻ
نه ڏيندا آهن. مون کي سخت افسوس آهي ته اوهان جمال
سان پارٽنرشپ ڇڏي ڏني. تون بار روم ۾ اچي ويهندو
ڪر، مان ڪڏهن ڪڏهن توکي ڪيس موڪليندو رهندس.“
مون هُن کي ڪجهه نه چيو، ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ هن
کان موڪلايو.
مان جڏهن ٻئي ڏينهن بار روم آيس، تڏهن کيسي ۾ فقط
ٽي سئو رپيا هئم. جمال وٽ جڏهن هوندو هوس، ته
بغداديءَ جو هندو سيٺ آسودومل دوست ٿي
ويو هوم. آسودو مل سفيد فام، ڪوتاه قد ۽ کُٿي مَٿي وارو مڙس هو. هو
اڇيءَ جوڙيءَ جي شلوار قميص ۽ سياري ۾ اُن جي مٿان
گِڊلو پائيندو هو. هو منهنجو دوست ٿي ويو هو، ۽ ٻه
ٽي ڀيرا منهنجي پنهنجي آفيس تي دعوت به ڪئي
هئائين، جنهن جي ڀرسان گدام ۾ کنڊ جون ڪيئي ڳوڻيون
رکيون هونديون هيون. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اُنهيءَ
مون کي بار روم ۾ اچي چيو ته ”مون ڏينهن جو ڏيئو
ٻاريو آهي، تون منهنجو ڪيس کڻ!“ مون کانئس وائڙو
ٿي پڇيو ته ”ڏينهن جو ڏيئو ٻارڻ ڪهڙو ڏوهه آهي؟“
هن جواب ڏنو، ”سائين اسان واپاري ماڻهو، ڏينهن جو
ڏيئو ٻارڻ ڏيوالي ڪڍڻ کي چوندا آهيون. مون تي
ويهارو لک قرض ٿي ويو، جو مان ادا ڪري نه ٿو
سگهان.“ پوءِ ٿوري دير رکي چيائين، ”اڄ رات جو
ماني مون وٽ کائجو!“
مان شام جنهن وقت هُن وٽ رڪشا ۾ پهتس، تڏهن هن
بلئڪ ڊاگ وسڪي پيئاري، چڪن تڪا، نان ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ
کارايو. پوءِ بلئڪ ڊاگ جون ٻه بوتلون ۽ سگريٽن جو
ڪريٽ به ڏنو ۽ ڪوٽ جي اندرئين کيسي مان ڪجهه سَو
جا نوٽ ڪڍي ڏنا، جي پوءِ مون ڳڻيا ته پنج سئو هئا.
هُن گدام مان کنڊ جون ڳوڻيون هٽائي، گُدام خالي
ڪري ڇڏيو هو ۽ مون کي چيائين ته ”مون وٽ فقط هيءَ
آفيس ۽ گدام آهي، جو مان قرض خواهن کي ورهائي ڏيڻ
چاهيان ٿو. پوءِ هن پڇيو ته ”تفصيلي حقيقت لاءِ
بار روم ۾ ڪڏهن اچان؟“ مون هن کي جواب ڏنو ته ”ٻن
ڏينهن کان پوءِ.“
اُن وچ ۾ مون
Insolvency Act
تي ڪتاب ورتو ۽ درخواست ٺاهڻ لاءِ ٻئي ڏينهن سول
ڪورٽ رولس ورتا. مون هن جي پٽيشن ٺاهي ۽ هڪ سِول
جي وڪيل کي ڏيکاري. هو معمر ماڻهو هو جنهن پٽيشن ۾
ڪجهه درستيون ڪيون، پوءِ ٻئي ڏينهن مون اُها ٻيهر
ٽائيپ ڪرائي، ضروري صحيون وٺي، داخل ڪئي. ان وچ ۾
شيرمحمد شيخ جڏهن
به
مون سان بار روم ۾ ملندو هو. فقط ”هَلو“ چوندو هو.
مون ۽ جمال ۾ غلط فهميءَ ڦهلائڻ سان شيرمحمد جي
ڪهڙي اذيت پرستيءَ جي جذبي کي تسڪين ٿي ملي، اِهو
ته مان نه ٿو چئي سگهان، پر اُها چائت هن جي چِت ۾
ڇو آئي، سا به سمجهه کان ٻاهر هئي. هن جي پنهنجي
دوستي زماني سازيءَ جي هئي، شايد هُن کي اسان ٻنهي
جي بي غرض دوستي نه ٿي وڻي!
اُن ڳالهه کي ڪيئي سال گذري ويا، گردشِ
گردونِ گردان ڏاڍا ڦيرا ڏٺا. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَجو وائيس چانسلر
هوس، تڏهن ايم. ايم. پيرزادو، جو اُن وقت سپريم
ڪورٽ جو سينئر وڪيل هو، ۽ منهنجو جونيئر رهي چُڪو
هو، تنهن جي ڪراچيءَ ۾ مون سان ملاقات ٿي ۽ مون کي
دعوت ڏيئي، شام جو ڪراچي جمخاني ۾ وٺي آيو. اسين
ڪائونٽر تي اچي ويٺاسين، جتي شيرمحمد شيخ ٻن سيٺين
سان محوگفتگو هو ۽ ائين ڏک ڏئي رهيو هو، ڄڻ ٽاٽا ۽
برلا جي صحبت ۾ ويٺو هو. هُن اسان لاءِ ٻن پيگن جو
آرڊر ڏنو. مون پيرزادي کي اک ڀڳي ۽ هُن اسان ٻن
لاءِ الڳ الڳ ٻن پيگن جو آرڊر ڏنو. ايتري ۾
شيرمحمد چيو، ”منهنجي وسڪي پسند نه آيوَ ڇا؟“ ان
تي پيرزادي کيس چيو ته ”هي منهنجو مهمان آهي.
اوهان جي وسڪي پوءِ پيئنداسين.“ پوءِ پيرزادو،
ٻَئي گلاس کڻي، هڪ ننڍيءَ ميز تي اچي ويٺو، ۽ حال
احوال ڏيڻ لڳو. هن ٻڌايو ته ”شيرمحمد شيخ ڪراچي
جمخاني جو پريزيڊنٽ آهي، پاڻ کي يو. ايس. اي جو
پريزيڊنٽ ٿو سمجهي.“ ان تي مون چيو، ”ڪينيڊيءَ کان
ڇا ۾ گهٽ آهي!“ پيرزادي ٽهڪ ڏنو، ته اُهو ٻڌي،
شيرمحمد پنهنجا ناياب دوست ڇڏي، وسڪيءَ جا ٻه گلاس
کڻي آيو ۽ اسان سان اچي ويٺو. هن جي دوستن کي ديگ
جيڏيون پُٺيون ۽ ٻاٽيءَ جهڙا منهن هئا ۽ واري سان
پئنٽ جو پٽو ڇڪي مٿي ٿي ٻڌائون. شيرمحمد اڃا تائين
خوبصورت نه، تڏهن به ساڳئي ٺٺ ٺانگر وارو مڙس هو.
هو وسڪي کڻي آيو ته مون دل ۾ چيو ته اِها وسڪي شيخ
اياز لاءِ نه پر وائيس چانسلر لاءِ آهي. جڏهن هُو
گلاس ميز تي رکي، وڃي پنهنجي ”وال اسٽريٽ“ ۾ ويٺو،
ته پيرزادي کي ڄڻ ڪکُ سنگهي ويو. هن چيو ته ”اهي
گلاس ميز تي رکيا رهن ۽ مان ٻيا ٻه پيگ ٿو
گهرايان.“ هن آرڊر ڏنو ته شيرمحمد اُٿي آيو،
چيائين، ”شيخ صاحب! مان واريءَ آڇ تي ڪوئي اعتراض
آهي ڇا؟“ مون جواب ڏنو ته ”مون ته اڳي به اوهان وٽ
وسڪي پيتي آهي.“ هن کي ڪجهه ياد آيو ۽ هن جو منهن
وَن وَن ٿيڻ لڳو، ۽ هو موٽي ڪائونٽر تي وڃي ويٺو.
آخرين ڀيرو شيرمحمد سان منهنجي مُلاقات ڪارڊيو
وَئسڪيولر اِنسٽي ٽيوٽ ۾ ٿي. هو ڪنهن مريض کان
طبيعت پڇڻ آيو هو. جڏهن خبر پيس ته لاڳيتي ڪمري ۾
آءٌ به داخل هوس، تڏهن مون کان به پڇڻ لاءِ هلي
آيو. هو اڃا ڏسڻو وائسڻو هو ۽ تيز يو. ڊي. ڪلون
لڳائي آيو هو. هن خوبصورت نرس ڏانهن ڏٺو، جا بستري
تي منهنجي پاسي ۾ ويٺي هئي، ۽ پوءِ منهنجي صحت جي
باري ۾ پڇيائين. مون کيس چيو ته ”شيخ صاحب، هاڻي
بهتر آهيان. اسان جي اڳين ملاقات ڪراچي جمخاني ۾
ٿي هئي، جتي اوهين پريزيڊنٽ هئا.“ جڏهن مون کان
پڇيو ته اوهان جي صحت ڪيئن آهي.“ تڏهن چيائين،
”ٺيڪ، مان هر مهيني مڪمل چيڪ اپ ڪرائيندو آهيان،
مان ڪراچي جمخاني جو ڏهه سال پريزيڊنٽ رهيو
آهيان.“ پوءِ ”رابرٽ ڪينيڊيءَ“ مون کان ائين
موڪلايو، ڄڻ هن کي
ڌؤنس
ڦٻي وئي هئي. ڪُرسچوف کي ڪيوبا تان هٽائي ڪڍيو
هئائين!
اسپتال مان نڪرڻ کان پوءِ ڪنهن کان معلوم ٿيو ته
شيخ صاحب ڪنهن بيماريءَ ۾ گذاري ويو هو. موت نه
ڪئلنيڊر ڏسي ايندو آهي ۽ نه وزٽنگ ڪارڊ موڪلي
ايندو آهي. ڪولمبيا جو هڪ پهاڪو آهي ته ”هُن کي
مَري، تاريڪيءَ ۾ وڃڻو آهي، پوءِ ڀلي هو ميڻ بتيون
وڪڻندو هجي!“ ڊينمارڪ جو به هڪ پهاڪو آهي ”موت
نقارا وڄائيندو نه ايندو آهي.“ نه ڄاڻان ته
شيرمحمد جي وفات جي خبر اخبار ۾ ڇپي هئي يا نه؟ نه
ڄاڻان ته هن جي موت کان پوءِ ئي نقارا وڳا هئا يا
نه؟ نه ڄاڻان ته گهڻا سيٺيون هن جي جنازي نماز تي
آيا هئا! |