اسان جي پاڙي جي چئني طرفين هندن جون حويليون
هيون. منهنجي گهر کان سوَ قدم پري نيڀن پور هوندي
هئي، جتي فقط شيخ رهندا هئا. هندو ڏاڍا آسودا
هوندا هئا. اهي سمرقنڌ، بخارا، روس، ايران،
هندوستان، مسقط ۽ عرب سان واپار ڪري، ڪروڙين رپيا
ڪمائي شڪاپور ۾ آڻيندا هئا. انهن جي زالن کي رنگين
پڙا، انگيون ۽ ڇڄ سون جا پيا هوندا هئا. هو ڪراين
۾ ڏهه ڏهه ڪنگڻيون، ٻانهن ۾ ۽ ٺونٺين وٽ هيرن سان
ڪنگڻ، دهريون، نسبيون، ويڙهه، پازيب، نورا، چوٽيءَ
ڦل، ڇلا، تائٿ وغيره ايترا ڳهه پائينديون هيون جو
سونَ سان سٿجي وينديون هيون. جيئن روهيڙي جو وڻ
بسنت ۾ گلن سان جهنجهجي پوندو آهي. مون انهن جي
يادگيري پنهنجي ڪتاب ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ ۾ ’سُر
سورٺ‘ ۾ چٽي آهي.
اسان جا مائٽ پڌر ۾ کٽون وجهي، پتي راند کيڏندا
ها، انهن راندين ۾ ڪجهه هندو به شامل هوندا ها. هڪ
ته اهو بدنام شخص هو، جنهن جوان زال يڌشٽر وانگر
جوئا ۾ هارائي هئي. هڪ ڀيري هڪ ريشمي پڙي سان
نهايت خوبصورت جوان هندو عورت وڃي رهي هئي. ان وقت
منهنجي عمر ست يا اٺ سال مس هئي. مون کي هڪ مائٽ
چُرچ ڏني ته هن جو پڙو مٿي ڪري، اڳيان اچي ڏسينس
ته ڇا اٿس. مون ائين ڪيو ته ان هندو عورت مون کي
زور سان بجا هنيا، جو مان ٻاهر نڪري آيس ۽ وٺي کٽ
ڏي ڀڳس، جتي منهنجا مائٽ ويٺا هئا. منهنجي مائٽ
کلي پڇيو: ”ڇا ڏٺئه؟“ ”ناڪ وانگر ڪا شيءِ هئي.“
مون جواب ڏنو. گندو مل، حويليءَ ۾ رهندا هئا، جن
جي گهرن جا در ٻيءَ گهٽيءَ ۾ هوندا هئا، جنهن ۾
شيام لال نالي ڪوئلن جو واپاري هندو رهندو هو. هن
جي ڌيءُ ۽ ان جي ساهيڙي گوپي مون سان ان وقت عشق
ڪنديون هيون، جنهن وقت مان مئٽرڪ ۾ هوس ۽ منهنجي
پٺيان بريڊلين وانگر ڦرنديون هيون. گوپيءَ جي ماءُ
ته منهنجي ماءُ کي دانهن ڏئي چيو هو ته: ”هي
تنهنجو پٽ پيءُ تي ويو آهي، ان تي روڪ رک، جي گوپي
هن جي ڪڍ تنهنجي گهر گهڙي ته هن کي ڄُنڊن کان وٺي
ڪڍي ڇڏجانءِ.“ پر اها گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي. مون
جڏهن ڳالهه وچ ۾ ڪٽي، تڏهن سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو
هوس.
اسان جي گهر جي سامهون ٻه هندن جا گهر هيا، جن جي
پٺ تان هنن جون حويليون هونديون هيون. هندن جي
حويلين ۾ رهڻ جو ڪارڻ، تاريخ ۾ مسلح حمله آور هئا،
جي هنن جي گهرن ۾ پيهي سڀ ڪجهه تلف تاراج ڪندا ها
۽ هنن جي ننگن جي عزت به محفوظ نه هوندي هئي. انهن
۾ هڪ ٽِڪي واياڻي هئي، جنهن جو چاليهن سالن جو پٽ
هڪ چوڏهن ورهين جي ڇوڪريءَ موهنيءَ سان پرڻجي آيو
هو. اونهاري جي رات هئي. تارا نيري آسمان ۾ ٽمڪي
رهيا هئا، اوچتو الوپ پکيءَ جو آواز آيو ۽ مون کي
جاڳ ٿي وئي. الوپ پکيءَ جي آواز تي مون کي سدائين
جاڳ ٿيندي هئي. مان ماءُ کان پڇندو هوس: ”اهو ڪهڙو
پکي آهي، جو تيز اڏامي گم ٿي وڃي ٿو ۽ نظر به نه
ٿو اچي.“
اميءَ کي ڪوئي جواب سمجهه ۾ نه ايندو هو ته هوءَ
چوندي هئي: ”اهو ڪوئي روح آهي، جو ڪجهه ڳولهي رهيو
آهي.“ مون ڪافي وقت تائين پاڻ کي الوپ پکيءَ وانگر
ڀانيو هو، جو ڪنهن جي ڳولا ۾ هو، جا هن کي هٿ نه
ٿي آئي. پر ان رات مون ٽِڪيءَ جي گهر مان رڙيون
ٻڌيون، ڄڻ ڪنهن کي چاقو لڳي رهيا ها. مون ڀرسان
ستل نوڪرياڻيءَ کي جاڳندو ڏسي پڇيو: ”هي رڙيو ڪنهن
جون آهن؟“ هن وراڻيو ته: ”مرد آهي رنڙ ۽ منهن تي
ڪاٺ گدري جي ٻجن جيترا وڏي ماتا جا ڪارا چُگهه اٿس
۽ زال آهي رابيل جي گل جهڙي، ننڍي نيٽي، مڙس نه ٿو
وڻيس.“ مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته پوءِ هن اهڙي مڙس
سان شادي ڇو ڪئي؟ شاديءَ جي رات ايڏيون رڙيون ڇو
ٿي ڪيائين ۽ ساري پاڙي کي ننڊ مان جاڳايائين پئي!
ڪجهه ڏينهن پوءِ خبر پئي ته هن زال پنجين سوين
خريد ڪئي آهي.
ڀرسان ٻيا هندو به رهندا هئا ۽ اٺ ڏهه گهر اسان جي
بلراڻي ۽ ڇتاڻي شيخن جا ها ۽ اتان پنجاهه قدمن تي
نيڀن پور جو پاڙو هو، جتي ٽيهارو گهر هرواڻي شيخن
جا ها ۽ اسان جي گهر کان سؤ کن قدمن تي جُماڻين جو
پاڙو هوندو هو، جتي خانواڻي شيخ رهندا ها. اسان جي
گهر کان ٻه سؤ قدم پري وطڻ جي ڪنڊ ڏي عطا محمد ۽
ٻين شيخن جا گهر ها. مير شاهه جي قبي ۽ ننڍيءَ
بازار ۾ به شيخن جا گهر هيا. اسان جا اٽڪل ٻه سؤ
گهر هوندا هئا. اسان جون ذاتيون به هندن وانگر
هيون. اسان جي گهر کان ٻه سؤ قدمن تي اوتارو هو،
جتي راڻي پور واري پير صالح شاهه جو خليفو حيدر
شاهه رهندو هو. اتي روز شام جو ڌمال وڄندي هئي.
هاڻي ته اهو ڌمال جو آواز رات جي اونداهيءَ ۾ مون
کي موت جي ياد ڏياريندو آهي. دل چوندي آهي، ڌمال
جيترو وڄي سگهي، وڄي، جيستائين رات جي اونداهي
ڇائنجي وڃي.
اسان جي گهر جي ڀرسان دمينتي ديويءَ جو ميران
اسڪول هيو، جتي صبح جو ميران جا ڀڃن ڳايا ويندا
ها. جتي زرينا پڙهندي هئي. رُڪِي، ساوتري، لجا،
سُکان، ڪوشليا، پتلي، وديا، لڇي ۽ چندري هن جون
هندو ساهيڙيون ۽ ڪشمير، سلطانه گوهر مسلمان
ساهيڙيون هيون. هن جون هندو ساهيڙيون ڪنهن آنڌيءَ
۾ ڪک پن ٿي اڏامي ويون ۽ الائجي ڪٿي وڃي ڪِريون.
رڳو رڪي زرينا سان بمبئيءَ ۾ ملي هئي، جا سنڌي
اديب ٻلديو گاجرا جي ڀاڄائي هئي ۽ زرينا سان شاهه،
سچل سامي سيمينار تي ڏاڍي سڪ سان ملي هئي ۽ جڏهن
ٻلديو گاجرا منهنجي پنهنجي گهر ماني جهلي هئي ته
ڪي به آئي هئي ۽ زرينا سان ڪيترو وقت ڪچهري ڪئي
هئائين ۽ هن کي ڪن ساهيڙين جي باري ۾ ٻڌايو
هئائين، جيڪي جيئريون هيون ۽ جن جي باري ۾ کيس
معلوم هو.
ننڍپڻ جون ساهيڙيون ۽ ننڍپڻ جا دوست ڪيڏا نه پيارا
ٿا لڳن! انهن سان ڳالهيون ڪري انسان پنهنجي ماضيءَ
کي موٽائي سگهي ٿو؛ ماضي، جو هونءَ اڻ موٽ آهي. هڪ
انگريزي پهاڪو آهي ته ’هڪ پراڻي دوست کان بهتر
ڪوئي آئينو نه آهي‘. ديوان ذوق ۾ مون کي فقط هڪ
شعر وڻيو هو:
اي ذوق کسي همدم ديرينه کا ملنا
بهتر هي ملاقاتِ مسيحا وخضر سي.
آمريڪا جي مشهور دهرئي مفڪر انگرسال چيو هو: ”هر
ڪوئي پڇي ٿو، ’ڪيڏانهن؟‘ ۽ هر ڪو جواب ڏئي ٿو:
’ڪيڏانهن به نه!‘ جيستائين مان ان ڳالهه ۾ اعتبار
ڪندو هوس ته زندگي ۽ موت جي وچ ۾ سفر دوستي آسان
ڪري ڇڏيندي هئي. پر ويجهڙائيءَ ۾ مون کي محسوس ٿيو
هو ته: ”جي تون پنهنجو دوست آهين ۽ خدا تنهنجو
دوست آهي ته توکي ٻئي دوست جي ضرورت نه آهي.“
مان ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته ڪرپس مشن پلان چڱي
هئي. نه ڪشمير ۾ خونريزي ٿئي ها ۽ ڪراچيءَ ۾ ۽ نه
پوپٽي هيراننداڻيءَ کي، ’مان سنڌڻ‘ ڪتاب لکڻو پوي
ها. تاريخ جي بطن ۾ ڇا آهي، اهو ڪير ٿو ڄاڻي. ائين
ته نه آهي ته مان ويد وياس جو ٻيو جنم آهيان.
ڪيترا نه ڪردار منهنجي شاعريءَ مان ليئا پائي رهيا
آهن! ڇا اهي سڀ منهنجي ماضيءَ مان ڇڄي ويا؟ پبلو
نرودا کي به لاطيني آمريڪا سان ايتري محبت نه هئي،
جيتري مون کي برصغير سان آهي.
اچ، زرينا اچ، مان وري تِرڪي ٿو وڃان. اسان جي گهر
جي ويجهو مسند واهي هئي، جنهن جي ڀرسان شڪاپور
ميونسپالٽي هئي. جتي اسان جو پٽ انيس ايڊمنسٽريٽر
ٿيو هو. هن منهنجي چوڻ تي، فائير برگيڊ جي هوز
پائيپن سان شاهي باغ جا وڻ ڌورايا هئا. پر ڇا هو
اها مٽي لاهي سگهيو هو، جا پن پن تي ڄمي وئي هئي؟
شڪاپور جي فائير برگيڊ ته ڇا، پوري برصغير جا
فائير برگيڊ اها آڳ اجهائي نه سگهندا، جا من من ۾
ٻري رهي آهي. جا شايد ڪنهن نيوڪلير جنگ جا شعلا ٿي
اڀري اچي. محترمه بينظير ڀٽو ڪيڏي نه ڪوشش ڪري رهي
آهي ته نيوڪلير جنگ ۾ ڪراچي ۽ دهلي تباهه نه ٿين،
پر مون کي ته ناسٽر ڊيمس
(Naster Damus)
ويهينءَ صديءَ لاءِ عظيم اڳڪٿي ڪندڙ وانگر ڪائي قيامتِ صغرا
نظر اچي رهي آهي. ڪوئي زبردست طوفان اچي رهيو آهي،
جو جهونا بڙ پاڙئون پٽي ڦٽي ڪندو ۽ گهرن جون ڇتيون
اڏامي پري پري وڃي ڪِرنديون ۽ انهن جي سر سر سان
نه ملندي!
زرينا، مان توکان معافي ٿو وٺان، منهنجو منُ
ڀٽائيءَ جي هن سِٽ جيان ٻُري رهيو آهي:
”ڪا جا ڪُن ڪرين، ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾.“
ٺهيو وساريس، هل ته شاهي باغ لڳ بيگاري واهه تي
هلون. جتي سانوڻ ۽ بڊي ۾ ٽيوب کڻي لاٽ پوندا
هئاسين. بيگاريءَ جي ڀر تي بڙ جا وڻ هوندا هئا. جن
جون لامون صديون جهونن جوڳين جي جٽائن وانگر
هونديون هيون. جن کي چنبڙي، اسان جهولو جهليندا
هئاسين ۽ ڪڏهن واهه جي ٻئي پار ٽپو ڏيندا هئاسين ۽
ڪڏهن ڌڙام ڪري پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيندا هئاسين. شاهي
باغ ڀرسان هندن جا دڪان هوندا هئا، جتان دال،
دانگيءَ جي ماني، انبڙين ۽ بصر جي کٽاڻ وٺي ڪيتري
چاهه سان کائيندا هئاسين. دميون ٻڌندا هئاسين،
توريون کڻندا هئاسين. تون ۽ تنهنجو خاندان، تنهنجي
پيءَ سان ڇڪڙي تي چڙهي ايندو هو. عورتون، عورتاڻي
تڙ تي هليون وينديون هيون ۽ تنهنجا ڀائر ۽ پيءُ ۽
اسان مرداڻي تڙ تي هليا ويندا هئاسين. تڙ ٻه هوندا
هئا. هڪڙو هندڪو ۽ ٻيو مسلمانڪو. الائي انهن تڙن
تي اهو نالو ڇو رکيو اٿائون؟ پاڻيءَ جو ته ڪو مذهب
نه آهي ۽ نه ان تي بڙ جي ڇانءَ جو ڪوئي دين ڌرم
آهي ۽ نه وري واهه جو ئي آهي، جو وقت وانگر روان
دوان آهي.
مسلمان ڪي تڙ تي ورلي ڪو هندو ايندو هو، باقي
هندڪي تڙ تي مسلمان ويندا هئا ۽ هندو انهن کي نه
جهليندا هئا. پپل، سرنهن، نم ۽ بڙ جا وڻ ڪنڌيءَ تي
به هوندا هئا ۽ تڙن جي اندر به هوندا هئا. واهه جي
ڀر تي ڏاڪڻيون هونديون هيون، جتي گرميءَ سبب بدن
کي ميٽ لائي اسان جا وڏڙا چؤباس کيڏندا هئا ۽ اسان
سارو وقت تڙڳندا رهندا هئاسين. ننڍيءَ بيگاريءَ جي
ڀر تي ٿاڌل به گهوٽبي هئي، جنهن ۾ ڪڏهن ڀنگ به
وجهندا هئا، جنهن کي سُکو چوندا هئا. جڏهن سُکو
گهاٽو هوندو هو ۽ پياڪن تي نشو چڙهي ويندو هو،
تڏهن جمني ڀري چوندا هئا، ’اچي، تنهنجو سر بچي،
ڪوڙِي ڪانگڙ ۾ نچي.‘
هونءَ ڇڙئي پاڻيءَ ۾ وهنجي، ڀنگ جي هڪ ٻه جمني پي،
ٿڌا ٿانهريا، منهنجا مائٽ، ڪلهن تي بوڇڻ رکي، گهر
موٽندا هئا ۽ انبن سان چانور کائيندا هئا يا جڳو
پڪوڙائيءَ جا پڪوڙا ۽ ساڳ گهرائيندا هئا. بيگاريءَ
۾ مون موت سان ٻيو ڀيرو مُنڊو اٽڪايو هو. مان ترڻ
سکي رهيو هوس ۽ دمي به ٻڌل نه هئي ۽ صفا ٻڏي ويو
هوس، پل جي هيٺان منهنجي وارن ۾، منهنجي ڪنهن مائٽ
جو هٿ پئجي ويو هو ۽ پوءِ ته مون کي ڇڪي ڪنڌيءَ تي
ليٽايو هئائون ۽ منهنجي پيٽ کي زور ڏئي پاڻي ڪڍيو
هئائون. مان اڌ ڪلاڪ بيهوش هوس. زرينا مون موت سان
ويهارو ڀيرا ڪلهو گسايو آهي، پر هر ڀيري تِر تان
بچي ويو آهيان. ان کان اڳ ۾، مون ۽ ٻين ڇوڪرن، مير
شاهه جي قبي کان ڪجهه پري، پڪي ٻير ۾ رستي چهنبدار
پٿر کڻي ٿي هنيا. هڪ ڇوڪري جو پٿر ٻير جي ڏار سان
ٽڪرائجي منهنجي مٿي تي اچي ڪِريو ۽ ٺينڍيون ڪري رت
وهڻ لڳو. جڏهن مان گهر پهتس، تڏهن منهنجا ڪپڙا رت
۾ ڀنل ڏسي، منهنجي ماءُ روئي ويٺي ۽ منهنجي پيءُ
کي سڏ ڪيائين، جنهن چيو: ”تنهنجي ائنڙائپ ڏسي،
منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ٿي.“ هن منهنجي
لؤندڙين وٽان ڪپڙي سان رت اگهي، مٿي ۾ ٿيل چگهه ۾
پيٺل سرمو وڌو ته رت بيهي ويو ۽ اهو سرمو منهنجي
مٿي ۾ ڇهه مهينا سڪل پيو رهيو. ٻين واقعن جو مناسب
وقت تي ذڪر ڪندس.
ڪنهن ڪتاب ۾ روسي مفڪر والٽيئر چيو هو: ”انسان ذات
کي ئي ڄاڻ آهي، ته مرڻو آهي ۽ اها ڳالهه هن پنهنجي
تجربي مان ڄاتي ٿي. جي ڪوئي ٻار اڪيلو وڏو ٿئي ۽
ڪنهن بيابان ۾ پيدا ٿئي ته ان کي موت جي ائين خبر
نه پوندي، جئين ڪنهن ٻليءَ کي يا ڪنهن ٻوٽي کي نه
هوندي.“ پر ائين ٿي نه ٿو سگهي، اسان موت کي
چوڌاري ڏسون ٿا.
هڪ عورت مهاتما گوتم ٻڌ وٽ پنهنجو مئل ننڍو ٻار
کڻي آئي ۽ هن کي چيائين: ”هي منهنجو سڪيلڌو پٽ
آهي، ان کان سواءِ مان جي نه سگهندس. اِهو مون کي
جيئاري ڏي.“
گوتم ٻڌجواب ڏنس، ”هڪ شرط تي توکي تنهنجو پٽ
جيئاري ڏيندس. تون ساري ڳوٺ جي گهر گهر مان پڇي
اچي ٻڌاءِ ته اهڙو ڪوئي گهر آهي، جتي ڪوئي مئو نه
هجي.“ ٻئي ڏينهن اها عورت ٻڌ وٽ آئي ۽ هن کي
چيائين: ”نه اهڙو ڪوئي گهر نه آهي.“ ان تي گوتم ٻڌ
هن کي چيو: ”موت، انسان جو مقدر آهي ۽ ان کان ڪائي
راههِ فرار نه آهي.“
بابا سائين چوندو هو.
”ڪاڏي ويو پڻي ماڻي
اڃان نه ٿو ڄاڻي!“
اهو صحيح آهي، ”شاعر ۽ سائنسدان چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا
ته جڏهن اسان مري وڃون ٿا، اسين نه ٿا رهون، سو
موت اسان لاءِ نه ٿو رهي.“ حيرت آهي، انگريز سريت
پسند
(Mystical)
شاعرن کي، ان مان تسڪين ملندي هئي ته: ”هي رزق
برق لباس واري عورت به انت ڪيڙن جو کاڄ ٿيندي.“
هسپانوي مفڪر يونامِنو جو هي قؤل ڪٿي پڙهيو هوم:
”هر دهرئي تي به هڪ پاڇائون پئجي رهيو آهي، جو بي
ڪئتائيءَ جو پاڇائون آهي، جو روح جي ڪنهن تهه خاني
تي پوي ٿو. انهيءَ بي ڪئتائي کان سواءِ اسان ڪيئن
ٿا جي سگهون!“ زندهه رهڻ جو ارادو آسانيءَ سان ختم
نه ٿو ٿئي. منهنجي مرغوب فلسفي سورين ڪيرڪي گارڊ
(Soren Kierke Gaard)
چيو آهي: ”روح جي ابديت ان مان ثابت آهي ته روح جي
بيماري، روح کي ختم نه ٿي ڪري سگهي، پر جسم جي
بيماري، جسم کي ختم ڪري سگهي ٿي.“ ساڳيءَ طرح
انسان جي ابديت جو ثبوت اهو به آهي ته ”مايوسي هن
جي خوديءَ
(Self)
کي ختم نه ٿي ڪري سگهي. جي انسان ۾ ڪجهه ابدي نه
هجي ها ته مايوس نه ٿئي ها. ۽ جي مايوسي هن جي
خوديءَ کي ختم ڪري سگهي ها ته مايوسي، مايوسي نه
رهي ها.“
هاڻي، هن سال مارچ ۾ منهنجا ٻاهتر سال پورا ٿيندا.
مون کي اطالوي شاعر ورجل جو قول ياد اچي رهيو آهي:
”اجهو، موت توکي ڪن کان وٺي چئي رهيو آهي، ’جي وٺ!
مان اچي رهيو آهيان!‘ پر مون کي الڪو ناهي.
شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامي ’مئڪبيٿ‘ ۾ بلڪل صحيح چيو
آهي: ”زندگيءَ جي بحراني بخار کان پوءِ هن چڱي ننڊ
ڪئي. بغاوت هن لاءِ اڳي ئي خراب ثابت ٿي هئي. هاڻي
ته ڪابه تلوار يا زهر يا پنهنجن جو بغض ۽ حسد يا
ڌاري فوج جي ڀرتي ــ ڪابه شيءِ هن کي ڇُهي نه ٿي
سگهي.“
زرينا مان وري وڃي فلسفي جي ڌٻڻ ۾ ڪِريو آهيان،
مون کي ان مان ڇڪي وٺ ته شڪاپور موٽي هلون.
مون روميلا ٺپر جو نهايت دلچسپ ڪتاب ’انڊيا‘ پڙهيو
هو، جو هوءَ مڪمل نه ڪري سگهي هئي ۽ سندس مڙس راج
ٺپر هن جي موت کان ڪيئي سال پوءِ اهو ڇپايو هو.
(خشونت سنگهه لکيو آهي ته راج ٺپر هن کي ان وقت
پناهه ڏني هئي، جيستائين اندرا گانڌيءَ جي قتل کان
پوءِ دهليءَ ۾ سکن جو قتل ۽ غارتگري پوري ٿي هئي.)
ها ڏس، زرينا! هو ڇوڪرا هاڻي ڪوڏي ڪوڏي ڪري رهيا
آهن، پر هيءَ ڪهڙي وينگس اچي نڪتي آهي؟ ڀرت ۽ ٽڪ
جي ڪم واريون رليون وڪڻي رهي آهي. ڪجهه ڪڪرن وارا
ٻه ٻه پڙا اجرڪ به اٿس. ائين ٿو لڳي ته آسمان مان
تڳائي آئي آهي. انهن تي کير لڳل نه آهي. رلين تي
ٽڪنڊا ۽ چؤڪنڊا ٽڪر ڪپي ڳنڍيا اٿائين. ڄاريءَ وارا
اڳٺ به اٿس ۽ انهن تي جنجيرا رکيا اٿائين. هن کي
ست رنگي ۽ سوسيءَ جو لباس پيو آهي. جنهن تي ڪچ
ڪوڏين جو ڪم ٿيل آهي. هن جي ننڍي پٽ کي ڪاون واري
ٽوپي پئي آهي. وينگس کي جهانءِ سان نٿ پئي آهي،
ٻئي ڄڻ ريمبران جي ڪنهن تصوير جو فريم ڀڃي، ان مان
نڪري آيا آهن. ايتري ۾ هڪ ڇٻي وارو ٿو اچي، جنهن
کي ڇٻي ۾ بسڪٽ، نان کٽايون، ننڍا ڪيڪ، ٽِڪڙن وانگر
بسڪوٽ، ريوڙيون، گلاب جي پاڻيءَ جي خوشبوءِ
واريون، ڳڙ ۾ ٺهيل ڀڳڙن، تِرن ۽ چانورن جون لايون
۽ بوڻينڊا، سڱر جون چڪيون، بادامين يا کاڄن وارا
نقل، کنڊ ۽ ڀڳڙن وارا نقل، ڳڙ جي گجڪ، بيسڻ جو
سڱر، سنهو ۽ ٿلهو، گبت، مصريءَ جا ڳنڍا، وڏا ۽
ننڍا پتاشا آهن. اسان پيٽ ڀري کائيندا هئاسون.
زرينا ٿڌو ساهه ڀري چيو: ”دنيا ڪيئن نه پلٽو کائي
وئي آهي. نه رڳو شين مان ميٺاج نڪري ويو آهي، پر
ماڻهن مان به نڪري ويو آهي. ماڻهو ماڻهوءَ جو ماس
ٿو کائي. تون ته سياست ڄاڻين. هي اسان جي تهذيب
سان قهر ڪنهن ڪيو آهي؟“
گنو، مائي واري ۽ مصالحي واري قلفي ۽ ڪيئي سُڪل
ميوا وجهي، لوهه جي ڪاري ٿال ۾ رکي، هٽ مان ٻاهر
نڪتو آهي. هڪ هندو بهه اوٻاري مٽ ۾ کڻي آيو آهي.
منهنجا پئسا کپي ويا آهن ته زرينا مون کي بهه وٺي
ڏئي ٿي. گيڙي، گهورڙيو ڪورين جي پاڙي کان ٿورو
پرڀرو رهندو هو، اهو ڇٻي ۾ شڪاپوري ڪيلا، ڪم،
ٻوراني، کارڪون، خشيون، لوڙهه، کيروليون وغيره کڻي
آيو آهي. هو ڇٻو موڙي تي رکي شيون وڪڻي ٿو. جڏهن
ڇٻو مٿي تي رکي ٿو ۽ موڙو ڪڇ تي کڻي ٿو ته اسان جا
ڪي شرير مائٽ، هن جي پٺيان بيهي ٻوراڻين جا ڳنڍا
کڻي وٺن ٿا ته هن کي پتو ئي نه ٿو پوي. گيڙي
منجهند جو ميوو کڻي ايندو آهي.
وري شام جو ڇٻي تي رڌل مڱن جي دال، ڪچالو، اوٻاريل
پٽاٽا، ڀينڊيون، ڇولا، پاپڙ ۽ چٽڻيءَ جو چاڏو کڻي
ايندو آهي. شام جا ڇهه وڄندا آهن ته ڪوئي گهورڙيو
ڪپڙي جي پٽيءَ ۾ ويڙهي آئسڪريم کڻي ايندو آهي. ٻيو
گهورڙيو در تي رڌي خشي لال ڇهارا پتل جي ٿال ۾ کڻي
ايندو آهي. انهن تي چانديءَ جا ورق لڳل هوندا آهن.
پڌر ۾ ڪرسيون پيون هونديون آهن. اتي بلو ڀٽو، سيخ
ڪباب پچائيندو آهي ۽ کيرڻيءَ جون ڍڪڻيون ڀري رکندو
آهي، هندو ته ان ڀوَ ڪباب کان نه کائيندا آهن ته
متان ڳئونءَ جي گوشت جا هجن. اسان ايتريون شيون
کائيندا آهيون جو رات جو ورلي ماني کائيندا آهيون.
ڪڏهن ڪڏهن جڳوءَ کان ساڳ وٺي چانورن سان کائيندا
آهيون يا گوبندي کان کير جي ملائي يا ريٻڙي وٺي
کائيندا آهيون. اهي ماڻهو ڪي هيمنگ وي يا آرٿر
ڪوئلر ته ناهن جو انهن جا نالا ڏيان، پر اهي
منهنجي ’مان‘ جو حصو ٿي ويا آهن ۽ انهن جي جاءِ نه
سمرسيٽ ماهم ڀري ٿو سگهي، نه برٽرانڊ رسيل. اهي
عام ماڻهو جن کي پنهنجي انفراديت هئي، جا هر فسلفي
۽ ادب کان وڌيڪ اهميت ٿي رکي، ڇو ته اها منهنجي
ماضيءَ جو اٽوٽ انگ آهي.
”شڪاپور ۾ هاڻي ته شام جو راڪاس ڦري ٿو وڃي. ان
ڏينهن منهنجي ڀاڻيجيءَ کي پستول ڏيکاري ڪي شاهينگ
هن جا ايرينگ لاهي ويا. اسان واري زماني ۾ ساري
رات گهر جا در کليا پيا هوندا هئا. چوريءَ جو ڪو
خطرو نه هوندو هو.“
بمبئي روز ووڊ هوٽل ڇڏي، جنهن شخص وٽ اسان پهريون
رهيل هئاسين، اهو منهنجو دوست نند جُويري، اصل
شڪاپور جو آهي. هو جڏهن ويزا وٺي پاڪستان آيو هو،
تڏهن شڪاپور جي رستي تي پنهنجي بوٽ جو آواز ٻڌي،
هن جي دل ٻڏي ٿي وئي. موٽي هن شڪاپور جي ساروڻين
تي نظم لکيا هئا. زرينا نند جي زال چندا سان
ڳالهيون ڪري رهي هئي ته نند مون کي چيو: ”تو ڪالهه
منهنجا شڪاپور جي باري ۾ نظم پڙهيا آهن، جي توکي
اهي پسند آهن ته مون کي انهن تي مهاڳ لکي ڏي. نند
جي ڪمري جي وڏي دري سمنڊ ڏانهن کلندي هئي. مون اها
کولي ڇڏي ۽ ان جي ڀرسان ميز رکي سمنڊ ڏانهن ڏٺو ۽
اڌ ڪلاڪ ۾ هن کي مهاڳ لکي ڏنم، جو هن جي ڪتاب ۾
ڇپيو آهي. نند لاءِ شڪاپور پريتما به هئي، ماتا به
هئي ۽ ان جو افسوس ناڪ حال ڏسي، هن جي هانوَ ۾ وڍ
ٿي پيا. ڌرتيءَ سان ايترو پيار مون ورلي ٻئي ڪنهن
۾ ڏٺو هوندو. ان وقت منهنجو دوست مشهور ڪهاڻي نويس
شيام جئسنگهاڻي به ويٺو هو، جنهن تي ۽ سندس زال تي
مان پوءِ لکندس، جڏهن ’شاهه سچل سامي‘ سيمينار تي
لکيم. شيام مهاڳ پڙهي چيو: ”مون به ساڳي ڳالهه
سوچي هئي.“
اسان جي پاڙي ۾ هڪ گنگا نالي هندواڻي رهندي هئي،
جنهن کي نه ڄاڻان پاڙي وارا گنگي ڇو سڏيندا هئا.
اها ٻئي ٽئين ڏينهن اسان جي گهر ايندي هئي ۽
هندستان ۾ ويجهڙائيءَ ۾ ڪنڀ جي ميلي جون ڳالهيون
ٻڌائيندي هئي. هوءَ ٻڌائيندي هئي ته ڪنڀ جو ميلو،
هندن جو وڏي ۾ وڏو ڏڻ آهي، جيڪو الهه آباد (هاڻي
پرياگ) ۾ ٿيندو آهي. جتي هر ٻارهين سال ڪروڙين
هندو ايندا آهن ۽ سنگم وٽ گنگا اشنان ڪندا آهن.
سنگم اها جاءِ آهي، جتي گنگا ۽ جمنا نديون پاڻ ۾
ملنديون آهن. هڪ ٽين ندي سرسِوَتي به سنگم وٽ اچي
ساڻن ملندي هئي. پر هاڻي ان جو نانءُ نشان به ڪونه
آهي.
مون پنهنجي آپيرا ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسيءَ‘ ۾ لفظ
’گنگا‘، ’جمنا‘ ۽ ’سرسِوَتي‘ گنگيءَ جون ڳالهيون
ياد ڪري لکيا هئا. هوءَ وهيءَ کان مٿي چڙهي چڪي
هئي. نڪ ۾ ڏانوڻيءَ واري نٿ ۽ ڦلڙين وارو ڇيٽ جو
پڙو پائيندي هئي. هوءَ پڙهيل ڳڙهيل هئي ۽ بابا وٽ
ايندي هئي. مان جڏهن پهرين درجي انگريزيءَ ۾
پڙهندو هوس، تڏهن پنهنجي استاد کيئل داس فانيءَ
کان ڪنڀ جي ميلي جي باري ۾ تفصيل معلوم ڪيا هئا.
هن ٻڌايو هو ته ڪنڀ، دِلي، ٿانوَ يا سمانڌ کي
چوندا آهن. مون کي ان وقت ياد آيو ته جڏهن مان
سنڌيءَ جي پهرئين يا ٻئي ڪلاس ۾ پڙهندو هوس، تڏهن
شڪاپور جي ارگرد وڏي ٻوڏ آئي هئي. (ان جو تفصيلي
ذڪر مان پوءِ ڪندس) ۽ اسان جي زمين ۾ وڏو ڪنڀ ڪري
وئي هئي. جنهن ڪري اسان جي ڪجهه زمين بيڪار ٿي پئي
هئي. ڪنڀ جو ميلو، برهما جي باري ۾، هندڪي ڏند ڪٿا
کي ملهائڻ لاءِ ڪندا آهن. برهما، جنهن هندو ڌرم
موجب ساري سرشتي پيدا ڪئي هئي، پنهنجي سمانڌ ۾ آدي
ساگر تي ويٺو هو. جڏهن هن جي اک کلي ته هن سرشٽيءَ
جي رچنا شروع ڪري ڏني هئي. ديوتائون ۽ دئيت به ان
ڪم کي پورنتا تي پهچائڻ لاءِ ساگر کي ولوڙڻ لڳا
ها. سڀ کان اول اهو امرت جو ٿانءُ هيو، جنهن مان
پيئڻ سان هر ڪو امر ٿي ويو. دئيت اهو ٿانءُ کڻي
ورتو، پر اِندر جي پُٽ، جنهن جي آڪاش تي راڄ ڌاني
هئي، سو ٽاڪرو ڪانوَ جهڙو روپ ڌاري، ڌرتيءَ تي
اڏري آيو ۽ دئيت کي ڀڄائي ڪڍيائين. ڪي چون ٿا ته
پنهنجي انهيءَ اڏار ۾ هو چئن جاين تي ترسيو، جن
مان هڪ پرياگ يا الهه آباد به هئي. ٻيا چون ٿا ته
امرت جا ڦڙا چئن جاين تي ڪِريا. اندر جي پٽ کي سرڳ
ڏانهن ورڻ ۾ ٻارنهن ڏينهن لڳا. هندو ڏند ڪٿا موجب
ديوتائن جو هڪ ڏينهن مِرتيو لوڪ جي ماڻهن جي
ٻارنهن سالن جي برابر آهي. ڪنڀ جا ميلا ٻارنهن
سالن ۾ چئن جاين تي لڳندا آهن. پرياگ (الهه آباد)
وارو ميلو سڀني ميلن ۾ اهم آهي. هر ڏند ڪٿا وانگر
هن ڏند ڪٿا ۾ به ڀورڙا ۽ ويسوڙا اعتبار رکي سگهن
ٿا، پر پوءِ به ان ميلي تي ڪروڙين ماڻهو اچن ٿا.
مون ڪٿي پڙهيو هو ته اتي هندو سڌارڪ ۽ فيلسوف شنڪر
آچاريه اٺين نائين صديءَ ۾ آکاڙا ٺهرايا هئا، جي
خانقاهن وانگر هوندا هئا، جتي ڪٽر ۽ ويڙهاڪ ساڌو
رهندا هئا. آکاڙي جي رسم هن ٻڌ ڌرم کان ورتي هئي،
جيتوڻيڪ اتي ٻڌ ڌرم ختم ٿي رهيو هو.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن هندو ديو مالا ڏاڍي وڻندي هئي،
جيئن ته: ”ڪامديوَ جي سينڱ کي پنج ٻاڻ هوندا آهن.
سينڱ ڪمند جي ڇڙيءَ جي هوندي آهي. سينڱ زِههَ کي
ماکيءَ جي مکين جي قطار هوندي آهي.ٻاڻ جي ڏانڊيءَ
سان ڪنول جا گل هوندا آهن.“ مون انهن ڏند ڪٿائن
مان، پنهنجي شاعري ۽ نثر ۾ به استفادو ڪيو آهي، نه
ته گهڻيون ڏند ڪٿائون ضعيف الاعتقاديءَ جو شڪار
هونديون آهن ۽ اهي يوناني ڏند ڪٿائن وانگر ادب ۾
استعمال ڪونه ٿينديون آهن.
هاڻي جڏهن بابا جي ڳالهه نڪتي آهي، تڏهن مان هن تي
ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو. مون کي هن جي صورت ياد اچي
ٿي، هُو ان وقت سٺ ورهين جو هو. وچولي قد ڪاٺ جو ۽
بدن جو سنهو، منهن جو گندمي رنگ، ٿري پيس گرم سوٽ
جي مٿان اوورڪوٽ، مٿي تي ڪنهن زريءَ ڀريل خلي تي
ريشمي پڳ، هٿ ۾ لوهي ڇڙي، لارڊ ڪچنر وانگر مڇون،
پيرن ۾ اوني جورابا ۽ چمڙي جو ولائتي بوٽ. جيڪڏهن
سردي تيز هوندي هئي ته هٿن ۾ اوني دستان پائيندو
هو. ڪوٽ جي مٿئين کيسي مان نڪتل رومال ۽ کيسي جي
اندر واچ پيل هوندي هيس. اهو منهنجو پيءُ شيخ غلام
حسين، جو خودي شيخ بنگل جو پٽ هو، جيڪو ميونسپل
ڪائونسلر هو. هو لا ايجنٽ هوندو هو، جو بئريسٽر
کان ڪجهه گهٽ ڄاتو ويندو هو. هو اڪثر بمبئيءَ
ويندو هو ۽ بئريسٽر ملا کي ڪيسن جي ذميواري
سونپيندو هو ۽ کيس سارو ڪيس تيار ڪري ڏيندو هو.
بمبئيءَ مان گوا به ويندو هو ۽ پاڻ سان گواني شراب
جون ڪيئي خوبصورت بوتلون آڻيندو هو. خالي بوتلون
منهنجي ماءُ سجائي رکندي هئي. گواني شراب جو ذڪر
مان گواني پس منظر ۾ ڪندس.
اسان جي گهر وٽان گهٽي ويندي هئي، جنهن جي هڪ پاسي
ڪاڪڙن جو ٿلهو هوندو هو ۽ ٻئي پاسي ننڍي بازار جا
وڏي بازار تي کٽندي هئي ۽ اها وڃي ڍڪ بازار ۾
پوندي هئي. ننڍي بازار ڏانهن ويندڙ رستي تي هڪ
جهونو پپل جو وڻ هوندو هو. جنهن ڀرسان هڪ هندو
جوتشي رهندو هو، جو بابا جو دوست هو. بابا جو جوتش
۾ ڏاڍو اعتبار هوندو هو. منهنجي ڄم کان پوءِ يڪدم
هن وٽ وڃي منهنجي جنم پتري ٺهرائي هئائين، جا مون
وڏو ٿي ڏٺي هئي ۽ جا ڪنهن ڳاڙهي ڪپڙي جي پوش اندر
ڊگهن پنن تي هنديءَ ۾ لکيل هئي. جڏهن مان ٿورو وڏو
ٿيس، تڏهن بابا مون کي ٻڌايو هو ته جوتشيءَ هن کي
منهنجي باري ۾چار ڳالهيون خاص طور تي ٻڌايون هيون:
1. هي چڙهندڙ سج وقت ڄائو آهي، ان ڪري هن ۾ غصو
گهڻو ٿيندو.
2. علم لاءِ ديوانو هوندو ۽ جتي هن کي ملندو، اتي
ان جي تلاش ڪندو.
3. کيس سفر جو شوق ٿيندو ۽ ولايت جو سفر به ڪندو.
4. ساري عمر پئسو هن جي ڪڍ رهندو ۽ هي پئسي جو
محتاج نه هوندو.
تن ڏينهن ۾ شڪاپور مان ڪوئي مسلمان ولايت نه ويو
هو، سو بابا کي ان ڳالهه تي اعتبار نه آيو. پر
چيائين ته ڪيئن چئجي، اها ڳالهه به سچي نڪتي. علم
جي تلاش ۽ سفر جي شوق واري ڳالهه هن کي ڏاڍي وڻي،
ڇوته کيس به اهڙي تلاش ۽ اهڙو شوق هوندو هو. مون
کي هن جي پيري ياد آهي، جڏهن مان پهرين درجي
انگريزيءَ جو امتحان ڏئي موٽي آيو هوس، ان کان
ڪجهه ڏينهن پوءِ هو گذاري ويو. هن سڪرات جي عالم ۾
اکيون پٽي مون کان پڇيو: ”بابا، تون ڪلاس ۾ پهريون
نمبر آيو آئين؟“ جڏهن مون چيو: ”هائو.“ تڏهن هن
هميشه لاءِ اکيون پوري ڇڏيون ۽ وڃي انسان ذات جي
اڪثريت سان مليو.
بابا اٺ ڏهه سوٽ بمبئيءَ مان سبائي آيو هو، ڇو ته
اتي بئريسٽر مُلا کي ڪيسن ۾ وڪيل ڪرڻ ويندو هو ۽
ان وقت سنڌ بمبئيءَ جو حصو هئي. هن کي ٻه ٽي ڀيرا
سياري ۾ نمونيا ٿي پئي هئي ۽ جڏهن سيءُ شروع ٿيندو
هو ته هو اُهي اوني ڪپڙا پائيندو هو. مون کي هڪ
پراڻي منشيءَ عبدالغفور دائي ان باري ۾ بابا جي
خوش طبعيءَ جي ڳالهه ڪئي هئي ته هو بابا سان فريئر
هال ۾ سير ڪري رهيو هو. بابا کي ٿري پيس سوٽ ۽
اوور ڪوٽ پيو هو. عام ماڻهوءَ کي ايتري سردي نه
پئي ٿي. جڏهن ڪجهه پارسي ڇوڪرين بابا کي ڏٺو ته
ٽهڪ ڏنائون. جنهن تي منشي عبدالغفور بابا کي چيو:
”چاچا ڏسين ٿو، هي ڇوب چينيون توتي کلن ٿيون.“
بابا جواب ڏنو: ”غفور کلڻ ڏين، خدا جا گل آهن،
ٽڙندا رهن ته چڱو.“ |