ٻيو هاسو سونارو واجد عليءَ وٽ روز ايندو هو ۽ پتي
کيڏندو هو ۽ هن جي ڪهچريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. جڏهن
مان وڪالت ڪندو هوس ته هو خيرپور واري مرحوم مير
علي نواز جي زال باليءَ وٽ وٺي هلندو هو ۽ هن کان
هيرا، پکراج وٺي، هن کي وڪڻي ڏيندو هو.
مان جڏهن ڇهين درجي ۾ پڙهندو هوس ته واجد بخش لوهر
عرف واڌل جي آکاڙي ۾ پٿر جون پڃريون ۽ لوهه جي ويٽ
کڻندو هوس. جنهن ۾ لوهه جي ٿلهي سيخ ۽ وزني ڦيٿا
هوندا ها ۽ ڏنڊ بيٺڪون به ڪڍندو هوس. هڪ ڀيري مون
ويٽ ۾ ڪجهه زياده ڦيٿا وڌا هيا، جيئن مون سَٽ ڏئي
ويٽ مٿي ڪري ٻانهونا اڀيون ڪيون، تيئن ويٽ ڏنگي ٿي
منهنجي سِرَ تي ڪِري ها، جي واڌل لوهر ان کي جهلي
نه وٺي ها. اها هئي موت سان منهنجي ٽين ڪُلهي گس.
چوٿين موت سان گوڏي گس تڏهن ٿي، جڏهن مان ريل جي
ٿرڊ ڪلاس ۾ سکر مان شڪاپور موٽي رهيو هوس. بڊي جي
مند هئي ۽ گاڏيءَ ۾ ڏاڍو ٻوسٽ هو، تنهن ڪري مان
گاڏيءَ جي دروازي جي هيٺئين ڏاڪي وٽ رڪ جي نلڪن ۾
هٿ وجهي بيٺس. اڃان شڪاپور جي ڦاٽڪ وٽان ٽرين مس
گذري هئي ته مون کي ڪنهن ازغيبي طاقت مٿي ڇڪي ورتو
۽ مان مٿي ٿي دروازي وٽ ٿي بيٺس. جيڪڏهن مان مٿي
نه ٿيان ها ته گاڏيءَ جي دروازي جا ڏاڪا پليٽ فارم
جي ايترو ويجها ها جو منهنجون ٽنگون ٽڪرا ٿي وڃن
ها.
ادا اختر مطالعو براءِ مطالعو ڪندو هو. هن ساري
عمر ڪتاب ۽ رسالا پڙهيا ها، پر انهن مان ڪجهه به
پرايو نه هئائين. هُو ادب جو آفيمي هو. شام جو
جڏهن پڙهي ٿڪجي پوندو هو ته پاڙي جي پڌر ۾ پيل کٽ
تي ليٽي پوندو هو ۽ ليڙي نالي حجم هن کي زور ڏيندو
هو. هُو هر روز ليڙي سان ساڳيو چرچو ڪندو هو:
”ليڙا! سنڌيءَ جي هڪ سٽ ٻڌي اٿي، ’هلڪي ذات حجام
جي، جيئن ٺڪر تي ٺينڊ.‘“ ته ليڙو ائين کلندو هو جو
ٺڪر تي ٺينڊيءَ وانگر لڳندو هو.
شڪاپور ۾ هر ذات جي ڪائي نه ڪائي چڙ هوندي هئي.
دايا، ليمي تي چڙندا ها، سيد پوئڪيءَ تي، شيخ
ڪانوَ تي، حجم واڱڻ تي چڙندا ها. اهڙيءَ طرح ڪوري
۽ ٻيءَ هر ڪنهن ذات جي ڪائي نه ڪائي چڙ هوندي هئي.
جي ڪوئي ڪنهن کي پنهنجي چڙ ياد ڏياريندو هو ته
هُو مِکر ڪري مڇرجي ويندو هو ۽ هن کي مڃائڻ مشڪل
ٿي پوندو هو ۽ ان لاءِ ڏنڊ ڀرڻو پوندو هوس.
هاءِ اسڪول ڀرسان اوڌو داس تارا چند اسپتال هئي.
جتي اوڌو داس جي مورتي لڳل هوندي هئي، پر هن جو
نالو ڏاڪڻ تي لڳل هوندو هو. جيئن آيو ويو ان کي
لتاڙيندو وڃي. مون کي اڃان معلوم نه آهي ته ٻي
ڪنهن پنهنجي انا کي ائين ماري مُڃ ڪيو آهي.
اسپتال کان اڳتي ريلوي لائين ۽ اسٽيشن هئي. جنهن
کان اڳتي هندن جا باغ هوندا ها ۽ انهن جون بيٺڪون
ٺهيل هونديون هيون. ان کان پوءِ سي. اينڊ ايس
ڪاليج، پوءِ بيگاري ۽ پوءِ سنڌ واهه هوندو هو.
شڪاپور پنهنجي پاڻ ۾ هڪ پوري ڪائنات هوندي هئي،
جنهن کان ٻاهر وڃڻ تي دل نه ٿيندي هئي. سارو شهر
ڄڻ سهي جي بج وانگر نرم لڳندو هو. لکي در تي رابيل
۽ گلاب جون ڪنڍيون وڪامنديون هيون، جي شام جو
شڪاپوري پنهنجي پاڻ کي ڳچين ۾ پائيندا ها. پر آءُ
هر روز ڪنهن ڪونج جهڙي ڳچيءَ ۾ وجهندو هوس. جنهن
جي گهر ڏانهن ويندي روز مان ٺاٺارڪي گهٽيءَ مان
لنگهندو هوس، جتي ٺاٺارا ڪُٽ جا برتن ٺاهيندا ها.
انهن جي ڪٽ ڪٽان جو آواز اڃان تائين ڪوههِ ندا جي
سڏ وانگر منهنجن ڪنن ۾ ٻرندو آهي.
مون حاتم طائيءَ جي قصي ۾ پڙهيو هو ته ڪوههِ ندا
هڪ جبل هو، جنهن مان سڏ ايندو هو ۽ جيڪو ان سڏ تي
ويندو هو ته وري نه موٽندو هو.
شام جو مون کي پاٽولي پٽ جا ڍيرا ويڙهندي نظر
ايندا ها. جڏهن مان پنهنجي دوست جي ڀيڻ گارگيءَ
سان ميونسپالٽيءَ واري رستي تي نڪري ويندو هوس،
تڏهن گارگي مون کي تاڃي پيٽي پٽ لڳندي هئي.
لکي در جي ڀرسان گوشت مارڪيٽ هوندو هو. جنهن جي
مٿان ڪيئي هليون (سِرڻيون) لامارا ڏينديون هيون.
اهو منظر منهنجي تحت الشعور مان اڀري آيو هو، جڏهن
مون لکيو هو:
”هونءَ وڏيرو هِل ڙي!
بگڙي جي سرڪار ته هن جي جهرڪيءَ جهڙي دل ڙي!“
شڪاپور ۾ خصوصاﱢ ۽ سنڌ ۾ عموماﱢ ڪوبه جهرڪيءَ يا
ڪبوتر کي نه ماريندو هو. پر جڏهن مهاجر آيا، تڏهن
انهن اهي سونَ هزارن جي تعداد ۾ ماري تري يا رڌي
کاڌا ها.
’جيئري جيت کي، متان مارين تون.‘
منهنجو هڪ پيارو دوست ڪار جي ڊگهي سفر ۾ ڳائيندو
هو.
شام جو مان، جمال صديقي، غلام قادر مطلباڻي
چانڊوڪي راتين ۾ اسٽيشن جي پريان، رستم ڳوٺ ڏانهن
ويندڙ رستي تائين ويندا هئاسين، جتي خانه بدوشن جا
قافلا لٿل هوندا هئا. اتي هنن جا کٿي جا تنبو کتل
هوندا هئا ۽ هنن جا ڪتا ۽ گڏهه ٻڌا بيٺا هوندا ها.
هنن جون ڇوڪريون ڏاڍيون سهڻيون هونديون هيون ۽
سارو منظر چانڊوڪيءَ ۾ ريمبران جي هڪ تصوير وانگر
لڳندو هو. مون زندگيءَ ۾ پهريون نظم ٿڏي تي چيو
هو، جو منهنجي حافظي ۾ سپ ۾ موتيءَ وانگر بند هو ۽
گهر اچي لکي ڇڏيو هو. اهو نظم هو، ’خانه بدوشن جو
قافلو‘ جو پوءِ ’سنڌو‘ رسالي ۾ ڇپيو هو. جو انور
فگار هڪڙي مون کي ڪجهه سال اڳ ڪراچيءَ موڪلي ڏنو
هو.
خان صاحب حسين بخش جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، مان خود
اناج مارڪيٽ وڃي ڀلاوڻن سان، پنهنجي ٻنيءَ مان آيل
ان جو حساب چڪائي ايندو هوس ۽ ڏسندو هوس ته ڪيئن
نه بهانن سان ان مان ڪٽوتي ٿا ڪن. اناج مارڪيٽ ۾
طرح طرح جي اناج جا کرا رکيل هوندا ها، جي نه ڄاڻ
مون کي ڇو وڻندا ها.
ڍل به مان ڏئي ايندو هوس، جنهن تي تپيدار رپئي تي
ٻياني رشوت طور وڌيڪ وٺندا ها ۽ جيڪڏهن ڪوئي ان کي
ڏيڻ کان انڪار ڪندو هو ته ڍل بستگيءَ ۾ ڦيرگهير
ڪري، هن کان ٻيڻي ڍل وٺندا ها.
اسان وٽ هڪ مشهور لوڪ گيت هو، ’تپيدار ڙي، ماريو،
قلم وجهي ٿو ڪن ۾.‘ تن ڏينهن ۾ ماءُ ڪنهن کي دعا
ڪندي هئي ته چوندي هئي ته پٽ شل تپيدار ٿين يا
ناڪي منشي ٿين! ٻيو نمبر رشوت خور ناڪي منشي هوندا
ها.
منهنجي لاشعور ۽ تحت الشعور ۾ مطالعي سان گڏ
مشاهدو به رهيو آهي، جو منهنجي شاعريءَ ۾ اُٻڙڪا
ڏئي نڪتو آهي ۽ اهو ٿر جي سٺ پُرهه کوهه وانگر کٽي
نه ٿو کٽي، جئن ڪنهن محبوبه جي محبت جي باري ۾ بار
بار اظهار سبب دل بيزار نه ٿيندي آهي. دراصل
شاعريءَ ئي منهنجي محبوبا رهي آهي. ٻيو محبوبائون
ان لاءِ بهانا رهيون آهن. انهن جا ڳل، چپ، وار،
اکيون ۽ سارو بدن منهنجي شاعريءَ ۾ ترو تازه آهن ۽
وقت انهن کي مرجهائي نه سگهيو آهي. ’ٺٽي جي هوا ۾
گلابي بدن‘ به هڪ يادگيري هئي ان گرم جسم جي، جو
جنهن وقت منهنجي آغوش ۾ هو، تنهن وقت مون ڪمري جي
دري کولي ڇڏي هئي، جنهن جي شيخن مان ايندڙ چانڊوڪي
هن جي گلابي بدن کي گلاب جي گل ۾ بدلائي رهي هئي.
پر ان وقت مان جمال صديقيءَ سان ڪراچيءَ ۾ وڪالت
ڪندو هوس.
پر اڃان ته مان ڇهين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس.
فارسيءَ جي پوري بحر وزن تي مون کي گرفت اچي وئي
هئي. هڪ ڀيري سنڌيءَ جي استاد، ڪلاس ۾ ڪنهن سٽ جو
وزن پڇيو ته هڪ ڇوڪري کلي چيو ته، ”سٽ کي ڪيئن وزن
ٿيندو؟“ مون هٿ مٿي ڪيو ته مون کي ان سوال جو جواب
اچي ٿو ۽ مون استاد کي چيو: ”ان جو وزن مفعولن چار
رڪني آهي.“
”چار رڪني ڇا آهي؟“ استاد پڇيو.
مون وراڻيو: ”چار ڀيرا مفعولن.“
ان تي مون کي استاد چيو ته: ”تون ته مون کان به
وڌيڪ ٿو ڄاڻين.“
هن کي خبر نه هئي ته مون کي ’متفاعلن‘ چار رڪني به
ايندو هو، جو مان علامه اقبال جي ’بانگ درا‘ ۾
شايع ٿيل هڪ غزل مان سکيو هو. ڇهين درجي تائين مون
کي فارسي بحر وزن تي پورو عبور هو. بيت ۽ وائيءَ
ڏانهن ۽ ماترائن تي ٻڌل شاعريءَ ڏانهن مون گهڻو
وقت پوءِ توجهه ڏني. شاعريءَ جي تخليق ۾ تحت
الشعور ۽ لاشعور جو وڏو هٿ آهي. انگريز شاعر وليم
بليڪ جو هڪ وڏو سِريت پسند
(Mystical)
شاعر هو. ان شاعريءَ کي الهام ڪوٺيو آهي. جا فطرت جي رهنمائي
(Divine Guidance)
سان وجود ۾ اچي ٿي. ڄڻ ڪوئي ازغيبي هٿ شاعر جي
قلم کي جهلي چوي ٿو ته: ”هيئن لک! هئين لک!“ مان
دعويٰ سان چئي ٿو سگهان ته مون جيان ڪتابن پٺيان
ڪتاب دنيا جي ڪنهن به شاعر ننڊ مان اٿي تخليق نه
ڪيا آهن. ان ڳالهه جو عيني شاهد فقط ڊاڪٽر قاضي
حيات آهي، جو جڏهن منهنجي بيماريءَ وقت خوش خط ۾
منهنجو شعر شام جو نقل ڪرڻ ايندو هو،. تڏهن مان
بستري تان اٿي به نه سگهندو هوس. جڏهن هو ٻئي
ڏينهن ايندو هو ته اڳي کان ٽيهارو صفحا وڌيڪ لکيل
هوندا هئا. مان بتي وسائي ڀرسان قلم ۽ نوٽ بڪ لکي
پوءِ سمهندو هوس. اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳندو هوس ۽
اوندهه ۾ ڪجهه لکي، پوءِ سمهي پوندو هوس. وري ٿوري
دير اک لائي جاڳندو هوس ۽ ٻيو ڪجهه لکي سمهندو
هوس. ائين سلسلو صبح تائين هلندو رهندو هو. ڪنهن
وقت اوندهه ۾ مان اُبتي قلم سان پني تي رهڙا ڏئي
ويندو هوس، جن تي ٻئي ڏينهن قاضي حيات چاڪ ڀريندو
هو ۽ پوءِ نقل ڪري ڇڏيندو هو. اهو سلسلو ٻه ٽي سال
هليو، جيستائين هو لکيءَ ٽرانسفر ٿي ويو. پوري
زندگيءَ ۾ مون کي منظر حيات جهڙو مداح نه مليو
آهي. مان هن جو ٿورو ڪڏهن به لاهي نه سگهندس.
منظر حيات جو سوچي مون کي فارسي شاعر آذريءَ جو
هيٺيون شعر ٿو ياد اچي:
به آن گـــروهه که در ساغر وفا مستند
زما سلام رسا نيد هر ڪجا هستند.
ترجمو: (انهيءَ گروهه کي جو وفا جي ساغر تي مست
آهي
اسان جو سلام پهچايو، جتي به آهي)
دراصل جڏهن فيروز احمد موٽ وٽان ”گهاٽ مٿان
گهنگهور گهٽا ۾“ ڪتاب ڇپڻ لاءِ کڻي ويو، تڏهن مون
کي چيائين ته، ”مهرباني ڪري نثر ۾ وڌيڪ لکو، ڇو ته
اوهان جي لکيل نثر جي سنڌيءَ ۾ ضرورت آهي.“
محمد ابراهيم جويي به جڏهن ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“
پڙهيو هو، تڏهن هُن به ساڳي ڳالهه ڪئي هئي. مون
جڏهن پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جو ٻيو حصو ”ڪٿي نه ڀڃبو
ٿڪ مسافر“ جي نالي سان ڪجهه لکيو، ته ٻه شخص ان
ڳالهه جا اکين ڏٺا شاهد آهن ته مون مهيني کن ۾
پنهنجي نوٽ بوڪن ۾ يارنهن سؤ صفحا لکيا آهن. هڪ
ستار پيرزادو جو ان ڪتاب جو نقل ڪرڻ هر روز ايندو
آهي ۽ ٻيو عبدالحميد ابڙو، جيڪو ملير جو سيشن جج
آهي ۽ جنهن جهڙو، جمال ابڙي کان سواءِ، مون سان
ڪوئي ٻيو ادب دوست ۽ راڳ جو ڄاڻو جج نه مليو آهي.
عبدالحميد ابڙو چوندو آهي ته مون کي ٻن دانشورن
سان عقيدت رهي آهي، هڪ مرحوم اي. ڪي. بروهي سان ۽
ٻيو مون (شيخ اياز) سان. هن کي شاهه لطيف جي رسالي
جو ڪيترو حصو ياد آهي. مون هن کي ٻڌايو ته مون
شاهه جو پورو رسالو 1968ع ۾ ساهيوال جيل ۾ چڱيءَ
طرح پڙهيو ۽ پوءِ ان کي پڙهڻ ڇڏي ڏنو، ڇو ته
منهنجي شاعريءَ ۾ شاهه لطيف جا لفظ اُڀري ٿي آيا ۽
مون خليفي نبي بخش وانگر هن جو پڙاڏو ٿيڻ نه ٿي
چاهيو. مون هن کي چيو، ”هاڻي مون کي هن ڪتاب ۾
ڀٽائيءَ جا ڪجهه بيت گهرجن.“ هن ان وقت حافظي مان
مون کي ڪيئي بيت لکايا. جن مان ڪي هن ڪتاب ۾ ٽڙيل
پکڙيل آهن. هاڻي جڏهن منهنجي عمر جا 72 سال مارچ
1996ع تي پورا ٿيا آهن ۽ زندگيءَ جو نشيب و فراز،
نيڪ ۽ بد، حسن و قباحت پوري گهرائيءَ سان ڏسي چڪو
آهيان ۽ اهو منهنجي رڳ رڳ ۾ سرايت ڪري ويو آهي،
تڏهن وري مون کي وليم بليڪ جا لفظ ياد ٿا اچن:
”جنهن دؤر ۾ شاعر جو ڪم مڪمل ٿيندو آهي ۽ پنهنجي
دؤر جا وڏا واقعا رونما ٿيندا آهن ۽ اُهي انهيءَ
دؤر ۾ پرجهيا پروڙيا ويندا آهن، تڏهن شاعري تخليق
ٿيندي آهي. هڪ گهڙيءَ ۾ نبض جي هڪ ڌڪ ڌڪ ۾.“
ان ڳالهه ۾ اعتبار ته شاعري الهام آهي، مون هر وقت
۽ هر جاءِ تي ڪيو آهي. حضرت عيسيٰ دوم چيو هو ته:
”هو خدا جا الفاظ تڏهن چئي سگهندو هو، جڏهن هڪ
فرشتو هٿن ۾ ٽانڊا کڻي، هن جي چپن سان مهٽي انهن
کي پاڪ ڪندو هو.“
اها ڳالهه مون جان پريس
(John Press)
جي ڪتاب ’باهه ۽ چشمو‘
(Fire and the Fountain)
۾ پڙهي آهي. ان ۾ وڌيڪ لکيل آهي ته:
”ملٽن به اهڙو تصور ڇڏيو آهي ته اهڙي تخليق پنهنجي
پٺيان ڇڏيان جو زندهه جاويد هجي.“
ڪيترائي شاعر آهن، جن پاڻ کان ٻاهر ڪنهن مافوق
الفطرت قوت جي رهنمائي پنهنجي لاءِ ضروري سمجهي
آهي. غالب چيو آهي:
’آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين
غــالـب صــريـــــر خامھ نوائي سروش هي.‘
ترجمو: (هي مضمون غيب مان منهنجي خيال ۾ اچي رهيا
آهن.
اي غالب! قلم جو آواز فرشتي جي سڏ وانگر آهي.)
اردو ۽ فارسيءَ ۾ ان مافوق الفطرت قوت کي ’هاتف‘
چوندا آهن. ڪنهن مهل اها قوت شاعر کي پورو نظم
لکائي ٿي، ڪنهن وقت ترنم واري هڪ سٽ لکائي ٿي ۽
ٻئي ڏينهن لاءِ مواد مهيا ڪري ڏئي ٿي. ڊبليو. بي.
ييٽس
(W.B Yeats)
پنهنجي موت جي بستري تي هڪ نظم لاءِ مواد نثر ۾ 7
جنوري 1939ع تي ٽين وڳي صبح جو لکايو هو. پر اهو
نظم 23 جنوري 1939ع تي مڪمل ٿيو هو. اها ڳالهه مٿي
ذڪر ڪيل ڪتاب ۾ فخر سان لکيل آهي. ييٽس اهو شاعر
هو، جنهن ’گيتا نجليءَ‘ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو
هو ته رابندناٿ ٽئگور کي نوبل انعام مليو هو. جو
هونءَ شايد کيس نه ملي ها. انهيءَ ييٽس جي فقط هڪ
نظم جو ذڪر ايتري طمطراق سان ڪيو ويو آهي. پر مون
ان ڪيفيت ۾ ڪيئي ڪتاب لکيا آهن، ان هوندي به پراوا
ته ڇا پر پنهنجا به اها قدرداني نه ٿا ڪن، جو ڪنهن
وات ڳاڙهي کي جيڪي جيءَ ۾ اچي ٿو، منهنجي باري ۾
لکي ٿو. غالب ساڳيءَ ڪيفيت ۾ هڪ شعر لکيو هو:
تو اي کھ محو سخن گسترانِ پيشيني
مـــباش منکر غالب کھ در زمان تُست
ترجمو: (تون جواڳين شاعرن جي سُخن ۾ محو ٿي ويو
آهين،
غالب جو منڪر نه ٿيءُ جو تنهنجي وقت ۾ آهي.)
دراصل اها زماني جي ناشناسي ڪا نئين ڳالهه ناهي.
فردوسيءَ جو جنازو طوس مان هڪ طرف کان نڪري رهيو
هو ته محمود غزنويءَ جا موڪليل مُهرن سان اٺ ٻئي
دروازي کان اچي رهيا ها.
جيڪڏهن حالي ’يادگار غالب‘ نه لکي ها ۽ عبدالرحمان
بجنوري غالب تي ڪتابچي ۾ ائين نه لکي ها ته:
”هندوستان ۾ ٻه مقدس ڪتاب لکيا ويا آهن، ’ويد‘ ۽
‘ديوانِ غالب‘ ته غالب جو قدر نه ٿئي ها. نه ته
هونءَ غالب جي ديوان مان پساري پڙيون ٻڌندا رهن
ها. پر انهن ڪتابن جي ڇپجڻ کان پوءِ سڄي هندوستان
۾ واهه واهه ٿي وئي. |