سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :25

سنڌ ۾ نقاد پراڻيون خرزينون کوليندا رهيا آهن ته من ڪوئي سڳر ٿوڪ ملي پوي. هتي، جيڪڏهن لعل لِڏ مان لڀي پوندو آهي ته ان جي قيمت هونءَ کان سؤ ڀيرا وڌيڪ هوندي آهي. بهرصورت نه غالب پنهنجي مڃتا لاءِ لکيو هو، نه مان لکندو آهيان ۽ نه ڪوئي قابل ذڪر شاعر لکندو آهي. مون کي اهي شاعر نه وڻندا آهن، جي هڪ مشاعريءَ ۾ غزل، نظم يا وائي پڙهڻ لاءِ ٽي سؤ ميل سفر ڪري ايندا آهن ۽ پنڊال ۾ ويهي ان ڳالهه جو انتظار ڪندا آهن ته، ڪڏهن ٿو هنن جو وارو اچي. جڏهن شعر پڙهي کيپ کٽندا آهن، تڏهن تهه سياري ۾ به پگهرجي ويندا آهن. شايد هنن کي علامه اقبال جو هيٺيون شعر تسلي ڏيندو آهي:

موتي سمجهه کي شان کريمي هي چن لئي

قــــطرات تهــي جــــو مري عرقِ انفعال کي.

ترجمو: (موتي سمجهي ڪريم جي شان چونڊي ورتا

منهنجا پگهر ڦڙا جيڪي مايوسيءَ ۾ وهيل ها.)

سچ ته اهو آهي ته شاعر پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ لکندو آهي ۽ نه ٻين جي تحسين لاءِ. فقط امير مينائيءَ جهڙا شاعر لکندا آهن ته:

صد بوتلون کان نشه هي اس واهه واهه مين

اڄڪلهه جيڪي منهنجي دل شڪني ڪرڻ چاهين ٿا، تن کي ڏسي مون کي صائب جو هيٺيون شعر ياد ٿو اچي:

به نخل بار وَر سنگ از درو ديوار مي بارد

اگـــــر اهلِ دلي آماده شو صائب ملامترا

ترجمو: (هي ميويدار وڻ تي هر طرف کان پٿر اڇلايا ويندا آهن،

اي ائب! جيڪڏهن تون اهل دل آهين ته ملامت تي هري وڃ.)

مان هنن کي ڪيئن سمجهايان ته ماديت جي فلسفي ۾ اعتبار انسان ذات ۾ برابريءَ جي نفي آهي. مون اٽليءَ جي هڪ ڪرسچن سوشلسٽ پارٽيءَ جي مئني فيسٽو جا پهرين سٽ پڙهي، اها هئي:

Man is born in the image of  the divine.                     

(انسان پرتو الاهي آهي.) اهوئي فلسفو آهي، جو صحيح جمهوريت جو بنياد آهي، ڇوته هڪ پرتو الاهي ٻئي پرتو الاهيءَ کان برتر نه ٿو ٿي سگهي ۽ ان جي استحصال جي لاءِ ڪوئي به جواز نه ٿو رهي. باقي جي انسان، انسان کي مادو سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ته هن کي روح نه آهي، انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ استحصال تي عار ڇو ٿئي؟ ان لاءِ مون کي ڪوبه سبب نظر نه ٿو اچي. مون کي جواهر وجديءَ جو هڪ فارسي شعر ياد اچي رهيو آهي:

ازدلــم انــديـــشھء آن لعل آتش گون گذشته

گويا از دريائي آتش زور قي پر خون گذشت

ترجمو: (دل مان هن باهه جهڙي لعل جو خيال نڪري ويو.

ڄڻ باهه جي درياهه مان ڪائي خون سان رڱيل ٻيڙي هلي وئي.)

مون کي پنهنجي نئين نسل جي بي سمجهي ۽ بيقدري ڏسي ڀٽائيءَ جو هڪ بيت ٿو ياد اچي:

آڏ تـــراڇــا آهــــڙا، ڏونــــــگر ۾ ڏارون،

هيئون هيرڻ پن جيئن، ڦٽي ٿيو ڦارون،

ڪنهن کي ڏيکاريون، ڪونهي سوداگر سُور جي.

ڪالهه ڊاڪٽر مهڪريءَ جي ڳالهه نڪتي جو منهنجو بزرگ دوست هو. جنهن جي مون اڳ پنهنجي ڪتاب ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ ۾ تعريف به ڪئي هئي. اڄ ستار پيرزادو هن جو ڪتاب ”مهڪري جا مضمون“ کڻي آيو آهي، جيڪو محمد ابراهيم جويي ترجمو ڪري ڇپرايو آهي. مون ڪتاب کوليو آهي ته ڏٺو هڪ مضمون آهي: ”ڇا کٽولي جو موت نه کپي!“ ان ۾ ميسور جي جنگ ۾ ٽيپو سلطان جي موت، سقراط جو خوشيءَ سان زهر پي مرڻ، مسيح جو مصلوب ٿيڻ، منصور حلاج جو پنهنجي ڦاسيءَ جي رسيءَ کي چمي ڏئي مرڻ، صوفي سرمد جي سر جو ڪپجڻ، قراة العين طاهره جو جلاد جي هٿان موت، سيزر جو بروٽس جي خنجر سان موت، انهن سڀني موتن کي ساراهي چيو اٿس ته: ”اهي جڳان جڳ جيئرا آهن ۽ پنهنجي ذاتي معجزي سان هنن پاڻ کي کٽولي جي عام ۽ حقير موت کان بچائي ورتو.

حضرت عيسيٰ ته خدا جو پيغمبر هو ۽ هن جي شهادت مشيت ايزيءَ جو حصو هئي. پر ڇا هر ماڻهوءَ جو کٽولي تي موت حقير ۽ عام موت آهي؟ مون کي اهو مضمون پڙهي مرڪ آئي هئي. مهڪري ته پاڻ 84 ورهين جي عمر ۾ بستري تي موت مئو ۽ هن ٽي ڀيرا پنهنجي پنهنجي ٻانهن ۾ مشين وجهائي هئي، جنهن تي هن جي دل دڪ دڪ ڪندي هئي ۽ سندس مترجم جويو صاحب به اسي ورهين کان مٿي ٿي چڪو آهي، منهنجي دعا آهي ته قدرت کيس ڪنهن اتفاقي موت کان محفوظ رکي ۽ هو به پنهنجو نتيجه خير ڪم ڪندو، بستري تي وفات پائي.

پر ڇا مائيڪل اينجلو، سسٽين چئپل (Sistine Chapel)  تي ڏينهن رات محنت ڪري غلطي ڪئي؟ ڇا بهتر ٿئي ها جي هو ان دؤر جي ڪنهن مقامي جنگ ۾ ماريو وڃي ها! هو 1664ع ۾ ڄائو هو ۽ 1775ع ۾ گذاري ويو. جي هو ايترو نه جيئي ها ته تخليق آدم جهڙي شاهڪار تصوير ڪڍي سگهي ها؟ ڪالي داس 375ع کان 455ع تائين زندگي ماڻي ۽ چندر گپت جي دؤر ۾ ’وڪرم اروشي‘، ’ميگهه دوت‘ ۽ ’شڪنتلا‘ جهڙا شاهڪار لکيائين. جي هو اڳ ۾ مري وڃي ها ته دنيا عظيم ناٽڪن کان محروم رهجي وڃي ها.

شيڪسپيئر 1564ع تي ڄائو هو ۽ 1616ع ۾ وفات ڪيائين ۽ ايلزبيٿ اعظم جي دؤر کي سرسبز ڪري ويو.

سعديءَ لاءِ چون ٿا ته هن سؤ سالن کان وڌيڪ زندگي ماڻي ۽ بهترين غزل ۽ ’بوستان‘ ۽ ’گلستان‘ جهڙا شاهڪار مڪمل ڪري ورتائين.

امير خسروءَ جي دؤر ۾ اٺ جنگيون ٿيون هيون، جيڪڏهن هو هر جنگ ۾ بچي نه وڃي ها ته اهي غزل ۽ بي مثال ’ڪهه مڪرنيون‘ ڪير لکي ها؟ ۽ سازن ۾ ستار ۽ موسيقيءَ ۾ خيال ڪير ايجاد ڪري ها؟

اطالوي شاعر ليو پارڊي 1798ع کان 1837ع تائين جيئرو هو ۽ روس جو رومانوي شاعر لرمنتوف ويڙهه (Duel)  ۾ ماريو ويو. هو ڪم عمريءَ ۾ وفات سبب ايترو تخليق ڪري نه سگهيا جيتري هنن ۾ صلاحيت هئي.

ليوناڊو ڊوانچي، دنيا جي عظيم شاهڪارن ’رات جي پوئين ماني‘ (Last Supper) ۽ ’مونا ليزا‘ جو خالق 1452ع ۾ ڄائو هو ۽ 1519ع ۾ گذاري ويو. هو جي اڃان وڌيڪ جيئي ها ته دنيا کي ٻيو به امر آرٽ ڏئي سگهي ها.

عظيم مصور وان گوگ 1853ع ۾ ڄائو هو. 1890ع ۾ جوانيءَ ۾ پاڻ کي گولي هڻي ماريو هئائين. هن جي موت سان دنيا ڪيترين تصويرن کان محروم ٿي وئي؟

ڀٽائيءَ کي جي طويل عمري ملي ها ته وڌيڪ سُر ڏئي سگهي ها. جي دودي ۽ درياءَ خان سان گڏ دفنايا نه وڃن ها. تاريخ ۾ اهڙا هزارين مثال آهن، جي ثابت ڪن ٿا ته شاعر ۽ اديب جي مَسُ، ڪنهن وقت شهيد جي خون کان وڌيڪ اهم هوندي آهي. هن کي ساري زندگي صليب ڪلهن تي کڻڻي پوي ٿي ۽ ڪيئي بروٽس کيس پٺيءَ ۾ ڇرو هڻن ٿا. خود مهڪريءَ جا ڏنل مثال ڏسو. قراة العين طاهره ۽ سرمد تي موت مسلط ڪيو ويو هو. سقراط زهر نه پيئي ها ۽ جلاوطني قبولي ها ته فلسفي کي وڌيڪ گهرائي ڏئي سگهي ها.

مهڪريءَ جو ڏنل ٽيپو سلطان جو مثال ذرا مختلف آهي. هو آزاديءَ جي جنگ ۾ ايترو وچڙي ويو هو، جو هن جي پٺ تي موٽ جو سوال ئي نه ٿي اٿيو. انگريزن جي گهيراؤ ۾ بهادريءَ سان وڙهندي ماريو ويو، پر جي هو تانتيا ٽوپي، جهانسيءَ جي راڻي ۽ نانا صاحب وانگر هڪ هنڌان ٻئي هنڌ ڀڄي سگهي ها ته انگريزن سان گوريلا جنگ وڙهندي، هنن کي وڌيڪ ٽوٽا چٻائي سگهي ها. شهادت يا طويل عمري خدا جي دين آهي. انسان اها سجائي ڪري ته هو شهيد کان وڌيڪ دنيا کي ڏئي ٿو سگهي.

ڪن سياستدانن جون جڏهن ڪاٺيون کپي وڃن ٿيون، تڏهن هُو دونهين دکندي رکڻ لاءِ نوجوانن جا هڏا ان ۾ ڪاٺيون ڪري وجهن ٿا. ان ڪري سندن شهادت جي اهميت جتائين ٿا.

ڪنهن به ترقي پسند کان موت لاءِ پڇبو ته چوندو ته، موت بري ڳالهه آهي. پوءِ به هو ڪيترن نوجوانن کي انقلاب جي مچ کي مچائڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. مون وٽ چين جي انهن شاعرن تي هڪ ڪتاب آهي، جي هڪ اڌ نظم لکي چانگ ڪائي شيڪ جي گوليءَ سان اڏايا ويا ها.

ڪيئن چئجي ته اهي زندهه رهن ها ته انهن مان ڪوئي لائوزو ۽ ڪنفيوشس کان به وڏو مفڪر پيدا ٿئي ها. غالب، بهادر شاهه ظفر سان گڏ 1857ع واري بلوي ۾ مري پوي ها ته فرق رڳو اهو پوي ها ته اسان غالب جي ديوان کان محروم ٿي وڃون ها. شاهه لطيف ڀٽائي، مدد جي خلاف تلوار کڻي ها ته ڪهڙا ڦاڙها ماري ها؟ رڳو سنڌ کي زندهه جاويد ڪرڻ وارو رسالو تخليق نه ٿئي ها.

ادب ۽ آرٽ، سياست جو هٿ ڪنڊو نه آهي. دراصل ويهين صديءَ ۾ ادب ۽ آرٽ جي ٿيوريءَ سان راڱا ڪيا ويا آهن. ڇا شاعر جو اهو ڪم نه آهي ته هُو پڙهندڙ کي ڌرتيءَ جي ساري دک مان ڪجهه وقت لاءِ نجات ڏياري؟ ’آرٽ آرٽ جي لاءِ‘ واري نظرئي ۾ ڪائي رجعت پرستي نه آهي. آخر معاشي ۽ اقتصادي انقلاب جو مقصد ڇا آهي؟ اهو ئي ته انسان جا معاشي ۽ اقتصادي مسئلا حل ڪري، هن کي تخليقي سرگرمين لاءِ فرصت مهيا ڪري ڏني وڃي. ان لاءِ ڀلي انقلابي ۽ سياستدان جاکوڙين. پنهنجا نظريا آرٽسٽ جي نڪ ۾ ناڪيلي نه ڪن ته بهتر ٿيندو. آرٽ ابدي آهي، سياست عارضي آهي. چار تقريرون ۽ آخر ۾ ايتري خاموشي جو ماڻهو سچ به چئي نه سگهي! آرٽ ۾ ابدي سچ آهي، جنهن کي وقت پائمال ڪري نه ٿو سگهي.

مون کي پنهنجي بزرگ دوست مهڪريءَ سان بيحد پيار هو. مان جڏهن وائيس چانسلر هوس ته اسان منجهند جي ماني اڪثر گڏ کائيندا هئاسين. هن جي ظرافت نهايت سنجيده ۽ زندگيءَ جو دور رس نقطه نظر بي مثال هو. پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته مون کي هن سان اختلاف جو حق نه آهي. رات جو جيڪي شب گرد مون سان گڏ ڦرندا آهن، انهن ۾ ڊاڪٽر مهڪري به هوندو آهي.

وري موٽي ٿو اچان پنهنجي اصل موضوع آرٽ جي تخليق تي. آرٽ کان سواءِ ٻي هر تخليق آرٽسٽ لاءِ بي معنيٰ آهي. پال گوگين جي ڀونِ وچ سمنڊ جي هڪ ٻيٽ تي پالينيزين (Polynesian)  عورتن جون ننگيون تصويرون ڪڍندي، هڪ پالينيزين عورت سان محبت ٿي وئي ۽ ان مان هن کي هڪ پٽ ڄائو. پال گوگين جي موت کان اٽڪل اڌ صدي پوءِ هڪ لائيف مئگزين جي فوٽو گرافر انهيءَ سرزمين جي ۽ ان تي رهندڙ خوبصورت عورتن جي فوٽوگرافي ڪرڻ ويو، جن گوگين جي مصوريءَ کي اتساهيو هو. هن پال گوگين جي پٽ کي ڳولي لڌو. هو نِڪر پائي ڪناري تي مڇي ڦاسائڻ لاءِ ڪُنڍي وجهي ويٺو هو. هن جو پيٽ وڏو ۽ بي ڊولو ٿي لڳو. مٿو گنجو ٿي ويو هوس ۽ منهن ۾ گهنج پئجي ويا هئس. هن جو منهن پاروٿي گدري جهڙو ٿي لڳو. هن جون ٻانهون ۽ ٽنگون ڦلهڙيون ۽ اڌ سڪل ڪمند جي ڇڙين وانگر ٿي لڳيون. هُو ڪُنڍي وجهي آسري ۾ ويٺو هو ته مڇي ڪڏهن ٿي ڦاسي.

مون هن جو لائيف رسالي ۾ فوٽو ڏسي ٽهڪ ڏنو. ڇا جيڪو مصور نهايت خوبصورت تصويرون ڪڍي ٿي سگهيو، اهو تصور به ڪري ٿي سگهيو ته ازلي مصور هن سان اهڙو مذاق ڪندو؟

زرينا، رمضان جي برڪتن جو مهينو آهي. تون ڀلي درود شريف پڙهه ۽ دعا ۾ مون کي شامل رکج، جيئن مان اهو سڀ ڪجهه لکي پورو ڪريان، جو مان لکڻ چاهيان ٿو ۽ جيئن ڪنڀر جي نهائينءَ وانگر ڪوئي ڪچو گهڙو نه نڪري، جو سهڻيءَ کي سير ۾ ٻوڙي ماري.

انگريزي شاعر ڊريٽن (Drayton) ، جرمن شاعر مارلو (Marlowe) تي هڪ شعر لکيو هو:

For that fine madness still he did retain

Which rightly should possess a poets brain. 

ترجمو: (هن ۾ اڃان تائين اها عمدي ديوانگي هئي،

جا ڪنهن شاعر جي دماغ تي حاوي هئڻ گهرجي.)

ساڳيءَ ڳالهه جو جرمن شاعر شلر (Schiller)  ذڪر ڪري ٿو. جڏهن هو چوي ٿو ته: ”تخليق ڪارن ۾ عارضي ۽ ٿوري وقت لاءِ ديوانگي ٿيندي آهي.“ ڇا اها ديوانگيءَ جي ڪيفيت مون کان لکائي رهي آهي؟ ننڊ مان وري وري جاڳائي رهي آهي؟ مون کي ڀٽائيءَ جون ڪجهه سِٽون ياد ٿيون اچن:

ڪَنُ ٿي ڪيچين ڪڇيو، ڪُڇ نه ڪڇيائون،

رهــي نه رتـــيءَ جــيــتـــري، انـهـــن وٽ آئــــون،

وڍي وڌائـــون، هـــو جـــــــو وڻ هـــئـــــڻ جــــــــو.

 

ڪُن ٿي، ڪيچين ڪڇيو، ڪڇ نه ٿا ڪڇن،

پــــــاڙان پــــوءِ وڍن، هُــو جــو وڻ هـــئــــڻ جـــو.

منهنجي ذهن ۾ ڪيئي تخليق ڪار اڀري اچن ٿا ۽ ڪنهن وقت منهنجي رهنمائي ڪن ٿا، جيئن ٽي. ايس. ايليٽ جو وليم بليڪ ۽ ڊانٽي جي جهنم ۽ بودليئر جي زندگيءَ جي ’پالهي پڻي‘ جو تصور، هن جي هيٺين سٽن ۾ اڀري اچي ٿو. جڏهن هو لنڊن جي باري لکي ٿو.

”غير حقيقي شهر

سياري جي ناسي باک جي ڪوهيڙي ۾

هڪ هجوم لنڊن پُل تان وڃي رهيو هو، ايترا ماڻهو،

مون نه ڄاتو هو ته موت ايترن کي مات ڪري چڪو آهي.“

اها ساڳي اثر جي ڳالهه آهي، جيئن مئين عنات ۽ لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ جو ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي اثر آهي. ڇو ته ان ۾ مئين عنات ۽ لطف الله قادريءَ جون ڪيئي سٽون اچي ويون آهن ۽ انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ٿوري ڦير گهير ٿيل آهي. ٽي. ايس. ايليٽ ۾ شاعر جي تحت الشعور جو اظهار آهي، جنهن ۾ هن جو مطالعو ائين لڪي ٿو وڃي جيئن ڪوهيڙي ۾ ٽيمس ندي ڍڪجي ويندي آهي. آرٽسٽ تي ڪنهن وقت جنون جي ڪيفيت ڇائنجي ويندي آهي ۽ هن جون ساريون صلاحيتون غير شعوري طور اڀري اينديون آهن. جڏهن روسي رقاص نجنسڪي لنڊن ۾ اسٽيج تي رقص ڪندو هو، تڏهن لڳندو هو ته پردا ائين ڦاٽي پوندا جيئن تانسين جي ڳائڻ سان ڏيئا ٻري پوندا ها. ان وقت نجنسڪيءَ جي پراسرار ڪيفيت کي ڪجهه هيٺ لاهڻو پوندو هو. برنارڊشا تاريڪيءَ جي انهن گهراين ۾ ڏسي نه سگهيو هو، جڏهن هن چيو ته: ”نظم، نثر کان آسان آهي.“ ۽ شيڪسپيئر جي خلاف تيز وتند لفظ ڪم آندا هئائين ته هو شاعريءَ جي ڪيفيت کي سمجهي نه سگهيو آهي. هن لاءِ شاعر جي حيثيت ۾ ڪجهه تحسين جي اظهار کان پوءِ چيو هئائين ته: ”هو ڊراما نويس ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ ڪافي ڪمزور آهي.“ هن اهو نه ڄاتو هو ته ڊراما ۽ تفڪر هن جي شاعريءَ ۾ ڇُپيل آهن، جو مئڪبيٿ، هئمليٽ، قليو پطره جهڙا ڪردار هن جي آواز، تاڃي پيٽي ۽ شاعريءَ جي ترنم مان ظاهر ٿين ٿا ۽ ان ۾ هڪ سمفني (Symphony) جي ڪيفيت آهي. جنهن ۾ متضاد موضوع هڪٻئي ۾ رلمل ٿي ويا آهن.

جي مٿين ڳالهه ڌيان ۾ رکبي ته منهنجون ٽي آپيرائون ’دودي سومري جو موت‘ ۽ ’رني ڪوٽ جا ڌاڙيل‘ ۽ ’ڀڳت سنگهه کي ڦاسي‘ آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندا.

مون اهي لفظ لکيا پئي ته پير محمد ڪيلاش، اردوءَ جيءَ هڪ نوجوان شاعره ثروت ظفر کي وٺي آيو. ڇو ته ڪجهه ڏينهن اڳي هوءَ مون کي ڪجهه نظم ٻڌائي وئي هئي، جي مون کي پسند آيا ها ۽ نوجوان نسل جي اردو شاعريءَ جي نموني طور هن ڪتاب ۾ داخل ڪرڻ ٿو چاهيان. اهي ڪجهه هن طرح آهن:

اپني حالت پر بهت تشويش هي

که اب هوائين

حامله هين

ميري کانون مين ان کي درد کي آواز

گونجين دي رهي هين

وه ميري در په دستک دي رهي هين

انهين ميري ضرورت هي

مگر خاموش هون مين

 

اور ميري شهر کي ساري مسيحائون ني بهي

چپ سادهه رکهي هي

مگر هم سب اس خوف مين هين

اور همين اب فکر هي که

اس انوکهي ايک زچگي سي

هماري شهر کا کيا کچهه بني گا

هماري شهر کو کيا کچهه ملي گا.

هاڻي غالباﱢ انهن حامله هوائن جو اسقاطِ حمل ٿيو آهي!

اڄڪلهه مان ته پنهنجي ڪمري مان ئي ٻاهر نه ٿو نڪران ۽ گوشهء نشيني ايتري ٿي وئي آهي، جو صائب جو شعر هر هر ٿو ياد پوي:

بمن دهند اگر باغ خله را صائب

حضور گوشھء دل اختيار خواهم کردم.

ترجمو: (اي صائب! جيڪڏهن مون کي بهشت ڏين

تڏهن به مان دل جي ڪنڊ ۾ رهڻ پسند ڪيان.)

مان جڏهن کان هي ڪتاب لکي رهيو آهيان ته ڀٽائيءَ جي بيت جي هڪ سٽ منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهي آهي.

”جان جو پيهي پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ.“

اهو ’پاڻ‘ ڪائنات کان وڏو آهي. جيڪڏهن ان جو صحيح شعور ٿئي ٿو ته هن عمر جو هر پل وڏي غنيمت آهي.

دوشنبي (تاجڪستان) ۾ منهنجي دوست گل رخسار هڪ ٻيڙي درياءَ ۾ ويندي ڏسي، مون کي هي شعر ٻڌايو هو:

غافل مشوز عمر که چون کشتيء بر آب

استاده مي نمايدو چون تيرمي ردو.

ترجمو: (”عمر کان غافل نه ٿي جو ٻيڙي پريان پاڻيءَ تي،

بيٺل نظر اچي ٿي پر تير وانگر وڃي ٿي.“)

عمر جو اختصار ۽ بي اعتباري منهنجي ايتري ڪثير تخليق جو ڪارڻ آهي. ڪير ڄاڻي ته ڪڏهن ٿي قدرت موتي سِپ ۾ بند ڪري ڇڏي! ڪيئن چئجي ته سِتار جي تار ڪڏهن ٿي ٽٽي ۽ نغما بيهي وڃن ٿا. ڪيئن چئجي ته مان ’ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ بدران ’ڪٿي به ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ چئي هميشه لاءِ ليٽي پوان! اي قلم اڃان ساٿ ڏي! اي دل اڃان دڪ دڪ ڪر! مون کي اڃان پنهنجو اندر اوتڻو آهي.

زرينا، مان ايڏي وڏي ٽٻي ڏئي وري سطح تي اڀري آيو آهيان. منهنجون اکيون واريءَ سان جهانوريل آهن. ڇا ڇا نه ياد اچي رهيو آهي. ماضي، حال، مستقبل!

هي منهنجو دوست گل خان نصير آهي. بلوچي شاعر. جنهن جو بلوچي شاعريءَ جو ڪتاب ’شپ گروج‘ (رات جو وڄ جي گرج) مون کي، مون سان گڏ قيدي، پسند خان، سکر جيل ۾ 1995ع ۾ پڙهي ٻڌايو هو. پسند خان جلاوطن هو ۽ بغاوت سبب ڏهه سال يا عمر قيدجي سزا ڪاٽي رهيو هو. اها بغاوت هن ٻين بلوچي رهنمائن سان جلاوان ۾ ڪئي هئي. هڪ ڀيري گل خان نصير، حسن حميدي، مان، ابراهيم جويو ۽ ڊاڪٽر حسان گڏجي ’عوامي ادبي انجمن‘ جو مئني فيسٽو لکيو هو، جو ”ڪٿي ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ ضميمي طور ڇپيل آهي. جنهن جو اردوءَ ۾ ترجمو محمد ابراهيم جويي ڪيو هو.

مئني فيسٽو جي ڊرافٽ کان پوءِ، پوئين رات ڪامريڊ فتح الله عثماني، سڀني جي ماني پنهنجي گهر ’شانتي ڪنج‘ ۾ ڪئي هئي. جتي گل خان نصير، ايوب خان تي پنهنجو هڪ بلوچي نظم، اردو ترجمي سان گڏ ٻڌايو هو، جنهن جي هڪ سٽ مون کي اڃان ياد آهي. ”ايوب خان! گدڙ پٿر نه چٻاڙي سگهندا آهن!“ انهن ڏينهن ۾ گل خان نصير منهنجي ساراهه ۾ به نظم لکيو هو، جو ڪنهن ميڙ ۾ پڙهيو هئائين. مون هن جي سکر ۾ ڪيڏي نه تواضع ڪئي هئي!

ان کان پوءِ ڀٽي جي دؤر ۾ مراد علي مرزا سکر ۾ منهنجي گهر آيو هو. هُو ان وقت ريڊيو پاڪستان ۾ ملازم هو ۽ هاڻي سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري آهي. (تازو خبر پئي ته هاڻي کيس اتان فارغ ڪيو ويو آهي) ۽ بينظير جي آتم ڪهاڻي، ’پورب ڄائي‘ جي نالي سان ترجمو ڪري چڪو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com