سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :3

ڏهن سالن جي ٻار وانگر، منهنجي نظر ۾ ٻارن جي پاندن ۾ بائليون، سُرميل، گبو، ڊينگ ۽ گانءِ  ڍينگ ۽ گانءِ ڪوڏيون آهن.بائلي ننڍڙي سونهري ڪوڏي کي ڍينگ ٿلهيءَ ڪوڏيءَ کي، گبو خاڪي رنگ واريءَ  گبو خاڪي رنگ واريءَ ڪوڏيءَ کي، سُرميل سرمائي رنگ واري ڪوڏيءَ کي ۽ گانءِ چٽڪمري ڪوڏيءَ کي چوندا هئا. ليڪڙ جي کيڏارين مان هر هڪ، هڪ بائلي ڏيندو هو، پوءِ هر کيڏاري سڀ بائليون ڦٽي ڪندو هو ۽ جنهن جي بائلي اونڌي پوندي هئي، اهو کٽي ويندو هو.

”زرينا، ’ذرا عمر نڪته ڪو آواز دينا‘ ٻيون ڪهڙيون رانديون ڪندا هئاسين؟ مون کان ته ڪوڙئين ڪتاب پڙهي پنهنجي زندگي ئي وسري وئي آهي. فرانس، جرمني، اٽلي، انگلنڊ، آمريڪا، جپان، چين، هندستان، پوري مغرب ۽ مشرق جي ادب کي مون ڏٺو آهي، پر مون کي پنهنجي جنم ڀومي شڪاپور ياد نه آهي. ڪاليج جي زماني ۾ مان انگريزي شاعر گولڊ سمٿ جو نظم ’ويران ڳوٺ‘ (Deserted Village)  پڙهندو هوس. پر شڪاپور اڄڪلهه ان کان به وڌيڪ ويران لڳي رهي آهي. اسان ان کي پنهنجي تصور ۾ ئي اُڀاري سگهون ٿا.

مون سئمون دي بوار جو سارتر تي لکيل ڪتاب ’الوداع‘ (Adieu)  پڙهيو. جنهن ۾ سارتر جي موت کان اول سئمون سان ڪيل گفتگو ڏنل آهي. خدا نه ڪري ته هي ڪتاب ان ڪتاب وانگر ثابت ٿئي. مون کي اڃان ڪيئي ڪتاب لکڻا آهن. مون هڪ هنڌ لکيو هو ته: ”جنرل ضياءَ الحق مون کي مدو (وائيس چانسلرشپ جو) پورو ڪرڻ ڏنو ته موت ايترو بي مروت ڪٿي آهي؟“ منهنجي ڏات جڏهن به علي بابا وانگر ’کل جا سم سم‘ چوندي آهي ته هڪ نئون ادبي خزانو لڀي پوندو آهي. ها، تون سلسلي کي جاري رک. ٻيون ڪهڙيون رانديون ڪندا هئاسين.“

زرينا جواب ڏنو ته : ”اسان ڇوڪريون ته هڪ راند ”ايسي موري لال ڪٽوري“ کيڏنديون هيونسين. جنهن ۾ ڇوڪريون پاڻ ۾ هٿ ملائي ڦيرا ڏينديون هيون ۽ ڪاريءَ رات ۾ ائين لڳنديون هيون، ڄڻ ڪتيون آسمان ۾ ڦري رهيون آهن. اسان جي وارن جون ربنيون ۽ هٿن ۾ شيشي جون رنگارنگ ڪنگڻيون ڦيري وقت دلفريب فضا پيدا ڪنديون هيون. ڪيئي رانديون کيڏنداهئاسين. ڪهڙيون ٻڌائي ڪهڙيون ٻڌايانءِ. نوڙيءَ ٽپي، لِڪي ڇپي، جهومڙي جهمي، اِٽي ڏڪر. جهومڙي جهٽي ۾ چار ڀيچي هوندا هئا. اهي سڀئي پنهنجي هٿ تي هٿ هڻندا هئا. هڪ سڄي هٿ جي تري ابتي رکندو هو ٽي ڄڻا سبتي رکندا هئا، ته اهو ڇٽي ويندو هو. جي ٻه ڄڻا تريون سُبتيون ۽ ٻه ابتيون رکندا هئا، ته راند ٻيهر هلندي هئي. عجيب غريب گيت به ڳائينديون هيونسين.

ٽنڊڻي ڙي ٽنڊڻي

اسين تنهنجا ماڻهو

چٻينداسون ڏاڙهون.

هيءَ کڙ کڙ ڪهڙي،

ستن ڀائن جهڙي

ستئي ويا ڪم تي

ديڳ چڙهي دم تي

بابل کي چئجانءِ

دادل کي چئجانءِ

منهنجي گڏي آڻجانءِ

روپي ۾ تورائجانءِ

سون ۾ مڙهائجانءِ.

يا

ارچڪ مرچڪ

ڌاڻا ڌرچڪ

آگ پٽيئڙو

ناگڻ جوڳڻ

ڪارا ڪُٽي

مٽي ڇٽي.

اهي ڪهڙيءَ ٻوليءَ جا لفط آهن، جا اسان جي قديم ماضيءَ ۾ ڳالهائي ويندي هئي، جا هاڻي مدفون ٿي چڪي آهي. اسان جا ٻار ته انهن ڳالهين مان ڪجهه به نه ڄاڻن! هڪ اجنبي تهذيب جي چؤڏول ۾ گهوماٽيون ۽ ڀانواٽيون کائي رهيا آهن. هنن ته اهي رانديون ٻڌيون به نه آهن ۽ نه ئي هنن کي انهن شين جو ڪو پتو ئي آهي، جيڪي اسان شڪارپور ۾ ڏٺيون هيون. هو پنهنجي شهر ۾ جلاوطن آهن. اسان جي ٻوليءَ سان راڱا ڪيا ويا آهن ۽ اسان جي تهذيب تي هاڃا هنيا ويا آهن. اسان جو تشخص تباهه ڪرڻ ۾ پنهنجو هٿ آهي. اسان پنهنجي پاڻ جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهيون. پنهنجي شخصيت کي مسخ ڪرڻ ۾ اسان ماهر آهيون، تاريخ کي ڪهڙو ڏوهه  ڏيون؟

ٻي راند هئي، جهمٽ مُٽو، جنهن ۾ هڪ ڀيچي چيلهه جهڪائي اونڌو ٿي اکيون پوري بيهندو هو. پٺيان هن جي چيلهه تي هڪ ڄڻو مُڪ تي مُڪ رکي بيهندو هو. ڀرسان بيٺل ٻيو ڀيچي چوندو هو: ”ايڻ ميڻ، جهمٽ مٽو، دودو ڪيڻ.“ جي هُن ٻوٽيل اکين سان چيو ته پٺيءَ تي مُڪ رکندڙ دودو نه آهي ۽ واقعي اهو دودو نه هوندو ته ٻيو ڀيچي، هن جي پٺيءَ تي مُڪ رکندو هو. وري هن کان ساڳيو سوال پڇندو هو. پر جي اهو سچ پچ دودو هيو ته هن جاءِ تي دودو چيلهه جهڪائي، اکيون ٻوٽي بيهندو هو ۽ ٻيو ڀيچي هن جي پٺيءَ تي مُڪ رکي بيهندو هو ۽ هن کان پڇندو هو: ”ايڻ ميڻ، جهمٽ مُٽو، راڻو ڪيڻ،“ ۽ راڻيءَ جي سڃاڻپ شروع ٿي ويندي هئي. ڇوڪريون جڏهن اها راند کيڏنديون هيون ته هڪ ڇوڪري چيلهه جهڪائي، اکيون ٻوٽي بيهندي هئي ۽ ٻه ڇوڪريون هٿ مٿان هٿ رکي، هن جي چيلهه تي رکنديون هيون ۽ ٽين ڇوڪري چوندي هئي:

ڦوٽا ڦڪيندس، لؤنگ لٽيندس،

هيٺينئڙو ڪنِ مٿينئڙو.

اکيون پوريل ڇوڪريءَ جي ڪنهن به ڇوڪريءَ جو صحيح نالو ٻڌايو ته انهيءَ کي اکيون پوري، چيلهه جهڪائي بيهڻو پوندو هو ۽ ٻه ڇوڪريون هن جي چيلهه تي هٿ رکي بيهنديون هيون ۽ ساڳيو سوال ڪنديون هيون.

زرينا، انگريزي شاعر آسڪر وائيلڊ هڪ نهايت غم انگيز نظم لکيو هو.ريڊنگ جيل جو گيت Ballad of Reading Jail جنهن جي پهرين سٽ هئي:

Every one kills the things he loves.                  

(هر ڪوئي ان شيءِ ئي کي قتل ڪري ٿو، جنهن سان هن جي محبت آهي.)

اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان قتل ڪري، پنهنجي خودڪشي ڪئي آهي. هاڻي تون ڪي ٻيون رانديون ٻڌاءِ؟“

”ٻيون رانديو ن اوهان ڇوڪرا کيڏندا هئا. گهوري، ڪوڏي ڪوڏي ۽ هڪ عجيب راند ’الله داد ڙي‘ به کيڏندا هئا. الله داد شايد شڪاپور جو نامي گرامي ڌاڙيل هو. ان جي اطلاع سان اوهان و‎ٺي پيرين، مٿي اگهاڙي ڀڄندا هئا ۽ شڪاپور جا اٺئي دروازا گهمي ايندا هئا. لکي در، هزاري در، هاٿي در، سُوي در، خانپوري در، ڪَرن در، واڳڻو در، نوشهرو در. انهن سڀني جي خاڪ اوهان جي پيرن کي چنبڙيل هوندي هئي ۽ اڄ به انهن کي سڏي رهي آهي. تو ڪڏهن محسوس ڪيو آهي ته شڪاپور، ڪراچيءَ کان هزار ڀيرا بهتر هئي؟ هتي ڇا آهي؟ ڪارخانا، انهن مان نڪرندڙ دونهين جا ڪڪر، هڪ طرف اوچا ماڙا، ٻي طرف غريبن جون جهوپڙيون، برصغير ۾ سرمائيداري نظام اسان کي غليظ ۾ غليظ زندگي ڏني آهي. بمبئيءَ ۾ به جنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ اسان رهندا هئاسون، ان جي سامهون گندي فوٽ پاٿ تي جهوپڙيون هونديون هيون، جتي ماڻهو سمهندا، رڌيندا ۽ پچائيندا هئا. چؤڌاري گندگي هوندي هئي.  ايئرڪنڊيشنڊ هوٽل مان نڪري ڪار ۾ ويهندا هئاسون ته ڌپ ڪجهه وقت اسان جو پيڇو ڪندي هئي. ڪراچي به هڪ گندو تلاءُ آهي، جنهن ۾ ڄؤرون ئي ڄؤرون آهن. رت پياڪ ڄؤرون!“

 ان تي مون سوچيو ته ڪراچيءَ ۾ جيڪي به باذوق يادگار آهن، اهي انگريزن جي دؤر جا آهن. سٽي هال ڪلاڪ (City Hall Clock)  جارج پنجين جي جوبليءَ جي يادگار طور ٺهرايو ويو هو. ڊي. جي. سنڌ سائنس ڪاليج، 1887ع ۾ وجود ۾ آيو، فريئر هال جيڪو تڏهن جي گورنر سر بارٽل فريئر جي يادگار طور 1885ع ۾ ٺهرائي مڪمل ڪيو ويو هو، (جنهن جي ڇت تي پاڪستان جي مشهور مصور صادقين جون پينٽنگس ٿيل آهن.) جڏهن سنڌ جي سرزمين ڇڏي رهيو هو. نيوهام گليءَ جي ڪنڊ وٽ قائداعظم جو گهر هيو. ڪراچي پورٽ هيڊ ڪوارٽر جو بمبئيءَ جي گورنر لارڊ ولنگٽن 1916ع ۾ ٺهرايو هو. ميري ويدر ٽاور جو 87ــ1886ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر وليم ميري ويدر ٺهرايو هو. سنڌ ڪلب، هولي ٽرئنٽي ڪئيٿڊرل (Holy Trinity Cathedral)  سينٽ ائنڊريو چرچ، وڪٽوريا ميوزم، امپريس مارڪيٽ، گورنر هائوس ۽ ميونسپل آفيس سڀ خوبصورت فنِ تعمير جا نمونا انگريزن ٺهرايا هئا، جن جي اسان پوري نظرداري به نه ڪري سگهيا آهيون.

هاڻي ته محمد علي جناح روڊ تي نڪتل دونهون (Exhaust Fume) قائداعظم جي مزار کي به خراب ڪري رهيو آهي. جنهن تي ڄڻ نيرو استر چڙهي ويو آهي. جنهن جي اندر وڏو ۽ خوبصورت شاندليئر چين جي سرڪار لڳارايو هو. باقي آغا خان ميڊيڪل ڪاليج جي خوبصورت عمارت تي اسان جي حڪومت لاف زني نه ٿي ڪري سگهي. ها، پيراڊائيز پائنٽ (Paradise Point)  اها ته قدرت ٺاهي آهي. باقي وڏيون عمارتون ته سمينٽ جا دٻا آهن، پوءِ اها اسٽيل مل هجي يا پورٽ قاسم، فن تعمير ۾ بدذوقيءَ جي انتها آهن. ان کان ته حيدرآبادي عاملن جا گهر هزار ڀيرا چڱا آهن. شڪاپوري سيٺيون به باذوق انسان هئا. پيار علي الانا، جڏهن سنڌ جو وزير تعليم هو، تڏهن مون کي ڪاٺ جو هڪ در ڏيکاريو هئائين، جيڪو هن شڪاپور مان، ڪنهن سراءِ مان خريد ڪري، ان جي مرمت ڪرائي هئي ۽ جيڪو نهايت خوبصورت دروازو هو، جنهن ۾ ڪاٺ ۾ ڀڳت ڪبير، گرو نانڪ، ميران ٻائي ۽ ٻين اهم شخصيتن جي تصويرن جي اُڪر ٿيل هئي. اهڙي ڪاريگري ته مون پوري پاڪستان ۾ نه ڏٺي آهي. شڪاپور جا ڊکڻ واقعي پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪراچيءَ جا رستا به شڪاپور جيان ڀُڄي ڀُري پيا آهن، پر شڪاپور جي رستن تي ايتري واهيات ٽرئفڪ نه آهي، جيتري ڪراچيءَ جي رستن تي آهي. فارين ايڪسچينج عيش آرام جي ڳالهين تي ضايع ڪيو وڃي ٿو. فقط ڪراچيءَ ۾ ايتريون موٽر ڪارون آهن، جيتريون پوري هندستان ۾ نه آهن. پوني ۾ مون فقط عطر سنگتياڻي وٽ وڏي فارين ڪار ڏٺي هئي، نه ته سڀ ائمبيسيڊر ۾ ماروتي هلائي رهيا هئا، جيڪي هندستان ۾ ٺهنديون آهن. اوڀر پنجاب ۾ ايتري ڪڻڪ اُپائي وئي آهي، جو پنجاب ۾ ايترا گودام نه ٿا ملن، جتي اها محفوظ رکي سگهجي ۽ ڀارت سرڪار ان کي ڪتب آڻڻ لاءِ فيصلو ڪيو آهي ته ڀارت جي ڪروڙين اسڪولي ٻارن کي منجهند جو ويلو مفت کارايو وڃي. اسان وٽ ته ڪڻڪ جو اٽو وڃي اسي رپئي ڏهه سير تي پهتو آهي. چڻن جي دال وڃي چاليهه رپيا سير لڳي آهي. غريب ماڻهوءَ کي دال ماني به نصيب ناهي. غريب وڃي غريب تر ٿيندو ۽ امير وڃن امير تر ٿيندا. هوڏانهن اشتراڪي نظام جي چيلهه ڀڄي پئي آهي ۽ سرمائيداري هڪ راڪاس وانگر انسان ذات کي رڙڪي رهي آهي. ٻڏندي کي ٻوڙن جو سهارو به نه بچيو آهي. پر مان ته نظير اڪبر آبادي ٿيندو ٿو وڃان! اٽو، دال، ڇا ڇا جي باري ۾ لکي ويو آهيان.

اوچتو زرينا ٻڌايو ته ’برسات‘ روزانيءَ ۾ آيو آهي ته سوڀو گيانچنداڻي ۽ تاجل بيوس ڏاڍا بيمار آهن ۽ حڪومت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته انهن جو علاج ڪرايو وڃي ۽ دانشورن ڏانهن بي توجهي نه ڏيکاري وڃي! زرينا ٻيهر خبر پڙهي چيو: ”الله جي در توبهه زاري آهي. ڇا ڪميونسٽ سچ پچ خدا کي نه مڃيندا آهن؟“ زرينا پاڻ پنج ئي وقت نماز به پڙهندي آهي ۽ ٽيهه ئي روزا به رکندي آهي ۽ زڪوات به ڏيندي آهي ۽ پنهنجي پٽ انيس کي چيو اٿائين ته هن کي حج نه ته عمرو ضررو ڪرائي.

انيس هن وقت جدي ۾ پي. آءِ. اي جو مئنيجر آهي. ڪجهه وقت اڳ هوءَ پاڻ بيماريءَ ڪري ٻه مهينا کٽ تان به اُٿي نه سگهندي هئي، پر دعائن ۽ خدا ۾ هن جي يقين هن کي چاق چڱو ڀلو ڪيو آهي. مون زرينا کي چيو ته: ”سوڀو ضعيف الاعتقادي ۽ مذهب جي استحصال جي خلاف آهي.“ پوءِ مون هن کي بي. بي. سيءَ جي خاطوءَ مارڪ ٽلي (Mark Tully)  جي ڪنڀ جي ميلي جي رپورتاج مان هڪ لطيفو ٻڌايو: ”ڪنڀ ۾ ٻن قسمن جا برهمڻ پروهت هوندا آهن، هڪڙا گهٽيا ۽ ٻيا پانڊا. مارڪ ٽليءَ کي ڪنهن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ پنهنجي خانداني پانڊي جي هڪ ڪهاڻي ٻڌائي: ”منهنجي پيءُ جي موت کان پوءِ اهو پانڊو مون سان مليو ۽ مون کان بائيسڪل لاءِ پئسا گهريائين ته جيئن پرلوڪ ۾ منهنجو پيءُ بائيسڪل تي وڃي. مون هن کي چيو ته اهو منهنجي پيءُ جي شان وٽان نه آهي، جو هو بائيسڪل تي گهمي، ڇو ته هو فقط گهوڙي يا هاٿيءَ تي سواري ڪندو هو. پر اها منهنجي وڏي حماقت هئي. يڪدم پانڊي مون کان هاٿيءَ جي قيمت گهري، جڏهن مون انڪار ڪيو ته هن وري بائيسڪل جي قيمت لاءِ ضد ڪيو ۽ چيو ته سرير مان نڪري تنهنجي پيءُ جي آتما هلڪي ٿي پئي هوندي ۽ ان لاءِ بائيسڪل ئي ڪافي آهي.“

زرينا کلندي پڇيو: ”اهو ڪنڀ جو ميلو ڇا آهي؟“

مون زرينا کي جواب ڏنو ته: ”جديد ڀارت نه فقط رابندر ناٿ ٽئگور، فلسفي سروپالي، راڌا ڪرشن (جيڪو ڪنهن وقت ان جو صدر به هو) ۽ نهروءَ ۽ مهاتما گانڌيءَ جو ديس آهي، پر هونءَ وڏي جک آهي.“

”ڪُنڀ لفظ سنڌيءَ ۾ مستعمل آهي ۽ ان جي معنيٰ دلي يا سماڌي آهي. اسان جي ٻنيءَ تي جڏهن شڪاپور ۾ پهرين وڏي ٻوڏ آئي هئي، تڏهن ان جي سڪڻ کان پوءِ چيائون ٿي ته ٻوڏ ٻنيءَ ۾ ڪنڀ هڻي وئي آهي ۽ وڏي کڏ ڪري وئي آهي. ڪُنڀ جو ميلو پرياگ (الله آباد) ۾ گنگا ۽ جمنا جي سنگم وٽ ٿيندو آهي. سنگم اها جاءِ آهي، جتي گنگا ۽ جمنا نديون پاڻ ۾ ملنديون آهن. اتي ماڻهو پنهنجن پاپن ڌوئڻ لاءِ ٽي ڀيرا سنان ڪندا آهن. دهليءَ ۾ منهنجي بزرگ دوست تيرٿ وسنت مون کي صلاح ڏني هئي ته مان پرياڳ ۾ گنگا ۽ جمنا جو سنگم ڏسي اچان. اتي سانجهيءَ جو لکين، اٽي جا ڏيئا ٻاريندا آهن، جي لهوارا لڙهندا ويندا آهن. انهيءَ کي سنڌيا جو سمو چئبو آهي، پر راج اڃان ڪار نه ورتي هئي ۽ مون بس تي وڃڻ نه پئي چاهيو، ڇو ته ان وقت به مون کي گوڏن جي سور جي تلڪيف هئي. ان ڪري مون کان اها ياترا رهجي وئي.

مارڪ ٽلي لکيو آهي ته، ميلو هر ٻارنهين سال لڳندو آهي ۽ 1977ع ۾ ڪنڀ جي ميلي تي ڏهه ملين ماڻهو آيا هئا. گنگا کي هندو پنهنجي پوتر ندي سمجهندا آهن ۽ هتان به پنهنجا سنک (رک) ان ۾ پرواهه ڪرڻ لاءِ موڪليندا آهن. توکي ياد آهي ته جڏهن اسان هندوستان هليا هئاسين ۽ مان بين الاقوامي مشاعري جي صدارت ڪري رهيو هوس ته اتي چترو ناگپال، گنگا جي خلاف هڪ نظم پڙهيو هو، جنهن ۾ چيو هئائين: ”دنيا جي هندن جي رک، ان ۾ وڌي وڃي ٿي ۽ ان ۾ ٽي ڀيرا ڪروڙين ماڻهو سنان ڪن ٿا، پنهنجي مَرُ لاهين ٿا ۽ اهڙي گنديءَ نديءَ جو جَل ماڻهو ڪيتري نه ويساهه سان پيئن ٿا ۽ اسان جي سنڌوندي ڪيتري نه پوتر آهي. (هن سنڌوءَ کي اسان جي ندي پئي چيو. جيتوڻيڪ اها کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر وٽان وهي سمنڊ ۾ پوي ٿي.) اهو نظم ٻڌي هڪ جن سنگي تپي باهه ٿي ويو ۽ غصي ۾ اُٿي بيٺو ۽ شاعر کي رڙ ڪري چيائين: ”تو جيڪي گنگا لاءِ چيو آهي، ان لاءِ معافي وٺ! گنگا ماتا آهي ۽ اَپوتر ڪڏهن به ٿيڻي ناهي. توکي سنڌوءَ جي باري ۾ جيڪي چوڻو هجي ڀلي چؤ!“ شاعر ويچارو اسٽيج تان هيٺ لهي ويو.

زرينا هاڻي ڪنڀ ۽ ڪراچيءَ مان ڪڪ ٿي پيا آهيون. اچ ته ٻي ڪنهن جاءِ تان، هن جک کان گهڻو پري چڪر هڻي اچون ۽ پوءِ موٽي شڪاپور اچون. دائود پوٽن جي شڪاپور، ڪلهوڙن جي شڪاپور، ميرن جي شڪاپور، دُرانين جي شڪارپور، آئي وئي لاءِ شڪارگاهه، جنهن جي پڪن رستن تي مان ايترو گهميو آهيان، جو ان جي مَرُ منهنجي پيرن ۾ پيهجي چڪي آهي.

اوچتو مان زرينا کي لنڊن ۾ ٿيمس نديءَ جي ڪناري تي وٺي ٿو وڃان. اسان پيهه مان لنگهي، آئيس ڪريم جي ڪون ورتي. مون سان زرينا، اسان جو پٽ سليم ۽ ڏوهٽي روماسا گڏ آهي. پل وٽان موٽر لانچون ڏسي رهيا آهيون. پاڻي ڌيري ڌيري وهي رهيو آهي ۽ گندي پاڻيءَ جو پورو نيڪال نه ٿو ٿئي ۽ اونهاري هجڻ ڪري ڪِني پاڻيءَ جي ڌپ اچي رهي آهي. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته سياري ۾ ان تي پارو ڄمي ويندو آهي. شايد سليم چيو، ڇوجو هو ڊبلن مان سياري ۾ ويو هو ۽ اتان ڪراچي آيو هو. ان نديءَ به شڪارپور وانگر ڪيئي قومون ڏٺيون آهن. ڪيلٽ (Celts) رومن، ائنگلو سئڪسن، جوٽ (Jutes)،ڊين (Danes) ۽ وائيڪنگ (Vikings). ايلزبيٿ جي دؤر ۾ ان کان پوءِ ماڻهو ان نديءَ ۾ نون ملڪن جي ڳولها ڦولها ۾ جهاز ويندا ڏسندا هئا. جن 1880ع ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪاهون ڪري، يونين جئڪ جا جهنڊا چاڙهيا هئا. 1880ع کان 1900ع تائين برٽش ايمپائر دنيا تي ڇانئجي وئي. ان تي روماسا جا پنهنجي عمر کان وڌيڪ ذهين آهي، مون کان پڇيو: ”اسان به اڻويهين صديءَ ۾ غلام هئاسين؟“

مون هن کي جواب ڏنو: ”هائو ڌيءَ ! 1873ع ۾ چارلس نيپئر سنڌ فتح ڪئي هئي. هن جو هڪ جهاز ڪوٽڙيءَ ڀرسان بيٺو آهي. مان وائيس چانسلر هوس، تڏهن ان جهاز تي مون انگريزن کان آزاديءَ جي شام ملهائي هئي، جا رات جو دير تائين هلي هئي. ڪنهن ڀٽي صاحب کي دانهن ڏني هئي ته : ”شيخ اياز عياشيون ٿو ڪري .“ ان تي ڀٽي صاحب کيس جواب ڏنو هو: ”جي انگريزن کان آزاديءَ جي شام عياشي آهي ته اهڙي عياشي سڀني پاڪستانين کي ڪرڻ گهرجي.“

مون کي ياد آهي ته مياڻي ٻيلي جي انچارج ڊي . ايف. او. جي دعوت تي مان ۽ منهنجون ٻه پروفيسرياڻيون انهيءَ جاءِ تي ويا هئاسين، جتي سنڌ جي تقدير جو فيصلو ٿيو هو. اُتي فقط انگريزن جو قبرون هيون ۽ انهن تي ڪتبا به هئا، پر ڪنهن به سنڌ جي سورمي جي قبر نه هئي. پروفيسرياڻين، جن مان هڪڙي ان ڊي .ايف.او جي اڳ ئي واقف هئي، تنهن هن کي ٻيلي ڏيکارڻ جي فرمائش ڪئي. ڊي .ايف. او اسان کي پاپلر جا وڻ ڏيکاريا هئا، جن تي ريشم جا ڪيڙا پلجندا آهن.

سينيئر پروفيسرياڻيءَ چيو :”اُتي تنهنجا همذات رهندا آهن.“

”ڇا مطلب.“

”پٽ ڪينئان(Silk Worm).“

مون سوچيو ته مون لاءِ زندگي پاپلر جو هڪ وڻ رهي آهي، جنهن جون ڪيئي ٽاريون آهن. ان جي ٿڙ وٽ زرينا رهي ٿي، جنهن جون پاڙون هن ڌرتيءَ ۾ ايتريون کتل آهن جو انهن کي ڪنهن به ڇڪ سان ڪڍي نه ٿو سگهجي. ٻيلي ۾ ڪيئي سڪل پن ڌرتيءَ تي ڪريل هئا، جن تان ويندي اسان جي بوٽن جو آواز اچي رهيو هو. سُرمائي شام، جڏهن وڻن تي ڇانئجي وئي ۽ ساري فضا ڪنهن کي الوداع ڪرڻ جي ڪيفيت وانگر لڳي، تڏهن اسان موٽي ريسٽ هائوس ۾ آياسون ۽ هڪ ٻئي ڏانهن اجنبي نگاهن سان ڏسڻ لڳاسون. اسان ڪير هئاسين؟ هتي ڪيئن ڪٺا ٿيا هئاسين؟ ڇا اسان جي ڄاڻ سڃاڻ عارضي هئي يا ابدي هئي؟ ڇا هن کان اڳي ڪڏهن اسان مليا هئاسين؟ يا هن زندگيءَ کانپوءِ وري ملنداسين؟ مان يڪدم سنڌ وساري، ٿيمس نديءَ ڏانهن وران ٿو، جنهن تان ٻي جنگ عظيم ۾ جرمن بامبر (Bomber) اڏامندا هئا، پر هاڻ ان نديءَ تان فقط هيليڪاپٽر اڏامندا آهن، جن کي ميٽرو پوليس (گاديءَ جو هنڌ، لنڊن) تان اڏامڻ ڏنو ويندو آهي.

ٿيمس تي سج لهي رهيو هو، جنهن ۾ ندي ڪنهن ازلي لوهار وانگر لوهه پگهاري رهي هئي ۽ ڇوليون ائين لڳي رهيون هيون، جيئن لوهه تي وڏاڻ لڳندا آهن.

اوچتو مان ڪافي دير لاءِ ٽٻيءَ ۾ اچي ويس. مون کي انگريز شاعر ٽي.ايس.اليٽ ياد اچي رهيو هو. جنهن پنهنجي شهره آفاق نظم بنجرزمين(Waste Land) ۾ چيو هو:

I see crowds wslking round in a ring

A crowd flowed  over London Bridge,so many

I had not thought death had undone so many

ترجمو: مان ماڻهن جا حشام ڏسان ٿو

هڪ هجوم لنڊن برج(پل) تي روان دوان هو

مون کي ته اهو سوچ ۾ به نه آيو ته

موت ايترن کي ماري مات ڪيو آهي.

لنڊن جهڙي شهر ۾ به ٽي. ايس. اليٽ هل هلاچي وارن گندن پاڙن ۽ روڳائتي، چتيون لڳل رستن سان پنهنجي پيش رو اديب ڪارلائل وانگر نفرت ٿي ڪئي ۽ ڄاتو ٿي ته ماڻهن جون پاڙون انهن پٿراون چتيون لٿل رستن ۾ نه هيون ۽ هن ان تي هرهر سوچيو هو ته ڇا اهي هن ڪچري ۾ ڦٽنديون ۽ سايه دار وڻ ٿينديون! انهيءَ ڪري هن لنڊن کي غيرحقيقي شهر ڪوٺيو هو. جاگيرداري دؤر کي ختم ڪري سرمائيداري دؤر جي صنعتي تهذيب انساني اقدار، اعتماد، فيض ۽ لطف و عنايت کي ختم ڪري، هڪ نفسا نفسيءَ واريءَ تهذيب کي جنم ڏنو آهي، جنهن جو محرڪ جذبو، دولت ۽ اقتدار جي هوس آهي. جنهن بي وفا، رياڪار ۽ دورنگا انسان پيدا ڪيا آهن، جي اندر ۾ ڇوڇا ۽ کوکلا آهن. ساڳي نظم ۾ ٽي.ايس.اليٽ چيو آهي:

Weare the hollow men

We are the stuffed men/Ieaning together

Head piece filled with straw

This is the world ends

Not with a bang but with a whimper

ترجمو: اسان کوکلا ماڻهو آهيون

اسان ڀوسي سان ڀريا ويا آهيون، هڪ ٻئي تي ڳاٽ رکون ٿا

اسان جون کوپڙيون ڪڙٻ جي ڪتر سان ڀريل آهن

انهيءَ طريقي دنيا ختم ٿئي ٿي

ڌماڪي سان نه پر ڪنجهه ڪار سان.

مٿئين نظم جو حصو مغربي تهذيب جي لونءَ ڪانڊاريندڙ تجزيو آهي ۽ ڪراچيءَ جي لنڊن سان ڀيٽ ائين آهي جيئن ڪنهن شاهراهه سان سوڙهي گهٽيءَ جي هجي، جيڪا ڪنهن کڏ تي کٽي ٿي. مون کي بانگِ دار مان علامه اقبال جو هڪ شعرياد آيو:

”تمهاري تهذيب اپني خنجر سي آپ هي خودڪشي ڪريگي،

جــو شــاخ نــازڪ پـه آشــيــانــه بــنــي گــا نــاپــايدار هوگا.“

ترجمو: اوهان جي تهذيب پنهنجي خنجر سان ئي پاڻ ئي خودڪشي ڪندي، جو آکيرو ڪچيءَ ٽاريءَ تي ٺهندو، جٽاءُ نه ڪندو.

اوچتو روماسا مون کي ڌونڌاڙي چيو:”نانا، ڇاٿا سوچيو؟ رات لٿي آهي، پريان ٿيمس ندي اونداهي ٿي وئي آهي، فقط اسٽيمرن ۽ لانچن ۾ ڪجهه بلب ٽمڪن ٿا. بهتر آهي ته هاسٽل موٽي هلون.“

”امان،“ مون جواب ڏنو.”مان ٽي.ايس. ايلٽ سان ڳالهائي رهيو هوس، جيڪو انگلينڊ ۾ هن صديءَ جو وڏي ۾ وڏو شاعر هو. هن تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب منهنجي هڪ دوست ۽ باذوق اديب بدر اڄڻ ڇپايو آهي، جو توکي ڪراچيءَ هلي ڏيندس. مون هن جي موت کان پوءِ هن تي لکيل هڪ ڪتاب آمريڪا مان گهرايو هو، جنهن ۾ هن تي هڪ مضمون جو عنوان هو، ”ڇا هو مري ويو“ (Magnetic Scaning) جي رپورٽ به ملي ويندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com