مون کي ياد آيو ته ڪافي سال پوءِ، مان سکر هاءِ
ڪورٽ ۾ ڪائي اپيل هلائي، اڃان ٻاهر مس نڪتس ته هڪ
آمريڪن جيڪو ڪورٽ ۾ اندر ويٺو هو ۽ مون کي ٻڌي
رهيو هو، منهنجي پٺ تان ٻاهر نڪري آيو ۽ مون کي
چيائين ته مون کي وقت ڏيو ته مان اوهان سان اوهان
جي آفيس ۾ ملان، ڇو ته مون کي اوهان کي ڪجهه ڪتاب
ڏيڻا آهن. مون کيس ڇهين وڳي جو وقت ڏنو. پوري ڇهين
وڳي هو مون وٽ ڪيترائي ڪتاب کڻي آيو، جن مان مون
هڪڙو پرڀو پاد جو ڪتاب ورتو. هن سنڌيءَ ۾ به
پنهنجي مشن جا ڇپيل ڪتاب ڏنا، جن مان مون هن کان
پرڀو پاد جو ڪتاب ’ڀڳوت گيتا جيئن آهي‘ خريد ڪيو.
جنهن جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڀڳتي
سوسائٽي، سوامي نارائڻ مندر وارن ڇپرايو هو. جنهن
۾ هندي لفظن جي جاءِ تي عام فارسي لفظ ڏنا ويا
آهن، جيڪي سنڌيءَ ۾ ضم ٿي ويا آهن. مون کي حيرت
آئي ته هن آمريڪيءَ مون کي ڪٿي اچي ڳولي لڌو آهي،
هن کي ڪيئن خبر پئي ته مان هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلائي
رهيو آهيان ۽ هن ڪيئن ڪئينس روڊ تي منهنجي آفيس
ڳولي لڌي هئي. هن کي ڪيئن خبر پئي ته سوامي نارائڻ
مندر وارن ڀڳوت گيتا جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڇاپيو آهي.
مون کي ته هو ڪو سي. آءِ. اي جو ايجنٽ ٿي لڳو.
اهڙو شڪ مون کي هڪ آمريڪي نوجوان ۾ به پيو هو جو
ان وقت ادبي بورڊ ۾ رهيل هو ۽ ڀٽي صاحب خلاف پي.
اين. اي واري تحريڪ دوران ديوانا وار سنڌ جو گشت
ڪري رهيو هو ۽ تحريڪ جي چرپر تي چوڪسي رکي هئائين.
هن جو راز تڏهن فاش ٿيو، جڏهن هن کي ايراني مغبچي
وانگر خوبصورت ڏسي ٻن هم جنس پرست
(Homo Sexual)
سنڌي انجنيئرن دعوت ڏئي گهرايو ۽ گفتگو ڪندي
سنڌيءَ ۾ هن جي باري ۾ ڪجهه اعتراض جوڳا لفظ
ڳالهايائون، تڏهن هن يڪدم ردِعمل ڏيکاري کين
سنڌيءَ ۾ دٻ پٽي.
جن ’الوپ سرڪار‘
(Invisible Government)
ڪتاب پڙهيو هوندو، تن کي معلوم هوندو ته اهڙو
تاڃي پيٽو پوري هندستان ۾ ڦهليل آهي. مون هدايت
پريم کي چيو: ”هل ٻي لنڊن ڏيکار، مان مارڪس ۽
سواميءَ کي ڏسڻ نه ٿو چاهيان.“
هو اسان کي 108 بيڪر اسٽريٽ ۽ شرلاڪ هومز هوٽل وٺي
هليو. مون کي هوٽل جو نالو پسند آيو، ڇو ته ننڍي
هوندي سر آرٿر ڪونن ڊائل جا شرلاڪ هومز تي ڪيئي
ناول پڙهيا هئا، جي سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيل هئا ۽ اسان
پوڪر داس ائنڊ سنز جي ڪتاب گهر تان وٺندا هئاسين،
جيڪو ڍڪ بازار جي ڇيڙي تي هو. مان ان جي باري ۾
پوءِ لکندس، جڏهن زمان جي کاهي ٽپي، زرينا سان اتي
پهچندس جتي لاٽوڻي اڃان هلي پئي. اسان شرلاڪ هومز
۾ سنئڪ کائي (جيڪي ڪافي مهانگا هئا) بڪنگهام پئليس
ڏانهن وياسون، جيڪو راڻي وڪٽوريا کان وٺي هيل
تائين شاهي رهائش گاهه ريو آهي. اتي چاليهه ايڪڙ
باغ آهي، جتي اونهاري ۾ رايل گارڊن پارٽيون
ٿينديون آهن. جتي فقط ڪنوارا ۽ ڪنواريون دل
وندرائينديون آهن ۽ مهمانن کي فهمائش ڪئي ويندي
آهي ته پنهنجا پرڻيل پٽ ۽ ڌيئر نه وٺي اچن. وڏي
طمطراق سان ٻاهر محافظن (گارڊن) جو جٿو بيٺو هو
جيڪو صبح جو ساڍي يارهين وڳي بدلبو هو ۽ ڪيئي
ماڻهو اهو ڏسڻ ايندا آهن. انگريز هڪ روايت پرست
قوم آهي. پوءِ مون هدايت کي چيو ته ڪجهه پارڪ به
ڏسون. اتي ئي ٽرئفڪ جي پيهه ۽ گوڙ شور ختم ٿئي ٿو
۽ هڪ کلئي نيري آسمان جو سائبان نظر ٿو اچي. چوندا
آهن ته لنڊن جا پارڪ اتان جا ڦڦڙ آهن، جي اها
آڪسيجن کڻن ٿا جا وڻ پيدا ڪن ٿا. پهرين ته پاڪ هند
۾ مغل باغات وانگر اهي شهنشاهيت جي ميراث هئا. مون
ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته اورنگزيب جي ڀيڻ روشن آرا
بيگم جي باغ ۾ هن جا ٻه آشنا ٽپي آيا هئا، ته انهن
کي پڪڙي، قلعي جي ديوار تان هيٺ اڇلائي، سندن هڏ
گڏ ڀڳا ويا هئا ۽ عاقل خان اورنگزيب جي ڌيءُ ۽
فارسيءَ جي شاعره زيب النساءَ مخفيءَ کي چيو هو:
”سرخ پوشي به لبِ بام مِي آيد.“
ترجمو: (ڳاڙهن ڪپڙن واري ڪٽهڙي تي نظر ٿي اچيم.)
ان تي زيب النساءَ جواب ڏنو هوس:
”نه به زاري نه به زور و نه به زر مي آيد.“
ترجمو: (نه زاريءَ سان نه زور سان ۽ نه زر سان اچي ٿي.)
اهو ٻڌي عاقل خان، مخفيءَ جي باغ ۾ ٽپيو هو ته
اورنگزيب کيس هڪ ديڳ ۾ پورائي باهه ڏني هئي، جتي
هو سڙي رک ٿي ويو هو. پر جمهوريت جي اچڻ کان پوءِ
شالار باغ وانگر لنڊن جا پارڪ به عوام لاءِ کوليا
ويا آهن ۽ هاڻي عوام جي ملڪيت آهن.
پوءِ هدايت پريم اسان کي سينٽ جيمس رايل بوٽنيڪل
گارڊن ڏيکارڻ وٺي هليو، جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته
ان ۾ ساري دنيا جي ٻوٽن جا قسم ڪٺا ڪيا ويا آهن.
اهو 1759ع ۾ سلطنت لاءِ مهم هلائيندڙن ٺاهيو هو،
جن جٿان ڪٿان اهي ٻوٽا ڪٺا ڪيا هئا. اتان رايل
فرنٽ گارڊن ۾ وياسون، جنهن ۾ هڪ خوبصورت ور وڪڙ
ڍنڍ هئي، جنهن ۾ هنس پيا ترن. ان ۾ لنچ ٽائيم
ڪنسرٽ
(Lunch Time Concert)
وقت منجهند جي وقت موسيقيءَ جو پروگرام هوندو هو،
پر 1882ع ۾ آئرش ريپبلڪن آرميءَ جي جوانن، ان ۾ بم
لڪائي رکيو هو ۽ ان کي ان وقت تباهه ڪيو هو، جنهن
وقت راڻيءَ جو رسالو وڃي رهيو هو. رسالي مان چار
ماڻهو مري ويا ها ۽ ست ڦٽجي پيا ها. هاڻي ان ساڳئي
آئرش ريپبلڪن آرميءَ ٻه سؤ سال جک ماري انگريز
حڪومت سان ٺاهه ڪيو آهي. ان موضوع تي گوروِڊال
(Gorevidal)
جو مشهور ناول ٽرنٽي
(Trinity)
اجايو ويو، جنهن منهنجي راتين جي ننڊ ڦٽائي هئي.
ان سان گڏ انهن شاعرن جي شاعري به وئي، جن آئرش
آزاديءَ جي جدوجهد کي شاعريءَ ذريعي اُتساهيو هو.
ساڳئي وقت فلسطين جي باغي شاعري، جنهن جي ڪاپي
نرنجن نالي منهنجي هڪ مداح ڊين مارڪ مان مونکي
موڪلي هئي، بي معنيٰ ٿي وئي، جڏهن ياسر عرفات
يهودين سان ٺاهه ڪيو. آخر ڀٽائيءَ ڪهڙي جدوجهد ڪئي
هئي؟ هو ته ڀٽ تي ويٺو هوندو هو ۽ دنبورو هلائيندو
هو، پنهنجا ٻار ٻچا به نه پالي سگهندو هو ۽ جنهن
وقت ڪوئي فقير هن جي ڳورهاري زال لاءِ پلو وٺڻ
لاءِ ڊوڙندو ٿي ويو ۽ ڀٽائيءَ هن کي ڊوڙندو ڏسي
سبب پڇيو ته خبر پيس ته سندس گهر واريءَ کي پلي جي
کائڻ جي سڌ ٿي آهي، ان ڪري فقير پلو وٺڻ لاءِ
ڊوڙندو پئي ويو، تنهن وقت هن چيو: ”اهو ٻار ئي
گهوريو، جيڪو ڄمڻ کان اڳ ئي منهنجي فقيرن کي ٿو
ڊورائي، وڏو ٿيو ته پوءِ ڇا ڪندو؟“ چون ٿا ته بيبي
سڳوريءَ جي پيٽ ۾ ئي ٻار سُڪي ويو ۽ کين وري ڪابه
اولاد نه ٿي.
اڄڪلهه اها ڳالهه ورجائي ٿي وڃي ته شاعر، اديب ۽
دانشور جي ڇا سان وابستگي آهي. پر نه ڄاڻان ڇا جي
لاءِ ان جو ڪوئي جواب نه ٿو ڏئي.
ڪميونسٽ پارٽيءَ جي لائين ته ان افلاطوني بڪواس جو
ورجاءُ هئي، جنهن شاعريءَ کي رد ان ڪري ڪيو هو، ڇو
ته سڪارٿي ڳالهه رڳو سياسي نظام جي آهي. سياسي
ماڻهو شاعرن کي ڇو ٿا ميار ڏين، جڏهن سماج ڪوئي
غلط رخ وٺي ٿو؟
هٽلزم ۽ اسٽالنزم جي دؤر ۾ سماج جڏهن اهڙو رخ ورتو
ته اهو دؤر پنهنجي دؤر جي ناڪاميءَ جو نتيجو بڻيو،
ڇاڪاڻ ته اهو دؤر سماجي ۽ سياسي جمهوريت جا آدرش
بچائي نه سگهيو ۽ اها ناڪامي انهن طبقن جي هئي، جي
ان دؤر جي سياست تي اثر وجهن پيا.
اهي اديب ۽ شاعر هئا، جي زبان جي پاڪيزگيءَ جي
تحفظ جا سڀني کان وڌيڪ اهل هئا، يورپ ۾ اڻويهينءَ
صديءَ جي پهرين حصي ۾ پنهنجي دنيا ۾ گوشه نشين ٿي
ويا ۽ هنن مان ڪي وهم ۽ وسوسن ۾ وٺجي ويا ۽ هنن کي
پنهنجي ماحول تي پنهنجي شاعريءَ جي برتريءَ جو
احساس ٿيو ۽ ان کي مقصد بالذات سمجهيائون ۽ ماضيءَ
جي پرستش ڪرڻ لڳا. بودليئر جهڙن شاعرن سياست کان
نفرت ڪئي. ان ڳالهه گذريل دؤر تي برو اثر وڌو. اهو
سماج بي پرواه ٿي ويو، تان جو مطلق العنانيت
ڇانئجي وئي. اهو دليل اثرائتو آهي ۽ ان کي رد
بالڪل نه ٿو ڪري سگهجي ته سياست جي قباحت ڏانهن
شاعريءَ جو ردعمل ايڏو به نه ٿيڻ کپي. دراصل يورپ
۾ ماڻهو اخلاقي ۽ سياسي طرح بي حس ٿي چڪا هئا. پر
ان ڳالهه جا به ٻه پهلو آهن. ڇا شاعريءَ ۾ ڪا اهڙي
ڳالهه هئي جو مختلف سماجن ۾ عام ذميداريءَ جو بار
شاعرن تي وڌو وڃي، جي خوابن جا رهواسي آهن؟ ٻيو ته
شاعرن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو دانشور طبقو نه آهي.
مثال طور سائنسدان، فلسفي ۽ سياسي مدبر جن جو به
احتساب ڪيو وڃي؟ جي اسان ان پهلوءَ تي غور ڪنداسين
ته سائنسدانن ۽ سياستدانن ويهينءَ صديءَ جي وچ کان
وٺي اڄ تائين فرض ڪيو هو ته هنن جي ڪا ذميواري
ناهي، آئن اسٽائن نيو ڪلير بم جي تجربي کان گهڻو
اڳ اسان کي اطلاع ڏنو هو ته اسان کي ايتري توانائي
آهي جو اسان پاڻ کي تباهه ڪري سگهون ٿا. انهيءَ
ڳالهه جو انهن حالتن ڏانهن اشارو ٿي سگهي ٿو، جنهن
وڏي تباهي
(Holocaust)
ممڪن بڻائي. اهڙيءَ تباهيءَ کان پوءِ ڪجهه الزام
ته آئن اسٽائن تي به اچي وڃن ها. ڇا خدا آئن
اسٽائن کان سندس ڪئيءَ جو حساب نه وٺندو؟ هن جي
سائنسي تحقيق جو نتيجو هيرو شيما ۽ ناگا ساڪيءَ جي
تباهي نڪتي، پر ممڪن آهي ته اهو پراڻو سوال ته
ڪيترو علم انهن انسانن جي هٿ ۾ هجي، جن جي اخلاقي
۽ روحاني تعليم ڪمل نه هجي، ايترو اثرائتو نه آهي،
پر ان طبقي جي باري ۾ ته بلڪل صحيح آهي، جيڪو سماج
جو تربيت يافته طبقو آهي، جنهن جو نالو ملٽري آهي.
حيرت آهي ته هارورڊ يونيورسٽيءَ جي پريذيڊنٽ ان
وقت تاڙيون وڄايون هيون، جڏهن آمريڪا ۾ لاس الماس
(Los Almas) جي بيابانن ۾ پهريون ڀيرو ائٽمي تجربو ڪيو ويو هو ۽ ان ڦاٽ
کاڌو هو. اتي ٻيا به ذميدار ماڻهو بيٺا هئا ۽ جڏهن
هڪ پل ۾ ائٽم بم ڦاٽ کاڌو هو ته ٽئي گد گد ٿيا هئا
۽ هڪ ٻئي سان جوش سان هٿ ملايا هئائون. اهو ردِعمل
صحيح هو يانه، ان تي مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. پر ان
لاءِ ذميوار رينياسنس
(Renaissances)
دؤرجي لامحدود کوجنا لاءِ آزاد هئي، پوءِ ان ۾
جديد دنيا لاءِ چڱائي هئي يا برائي هئي.
اها آزادي اسان جي پوئينءَ اڌ صدي پيدا ڪئي آهي،
جا مادي حاصلات لاءِ لامحدود کوجنا ڪري ٿي. پر ان
جا خطرا واضح آهن ۽ قيامت بعيد از قياس نظر نه ٿي
اچي. البرٽ آئن اسٽائن کان ڪنهن پڇيو: ”توکي ٽين
جنگ عظيم جي باري ۾ ڪجهه چوڻو آهي؟“
آئن اسٽائن جواب ڏنو: ”مون کي افسوس آهي ته مان
ٽين جنگ جي باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهان، پر جي
چوٿينءَ جنگ عظيم جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهين ته مان
ڪجهه چئي سگهان ٿو.“
جنهن ماڻهوءَ هن کان سوال پڇو هو، انهيءَ کي
اعتبار نه ٿي آيو ته جنهن کي ٽين جنگ عظيم جي باري
۾ ڪجهه نه ٿو اچي، اهو چوٿينءَ جنگ عظيم جي باري ۾
ڇا چوندو! هن بي اعتباريءَ سان کيس چيو: ”چڱو، مون
کي چوٿينءَ جنگ عظيم جي باري ۾ ٻڌايو!“
البرٽ آئن اسٽائن هن کي چيو: ”چوٿين جنگ عظيم بلڪل
نه لڳندي، بس ايترو ئي چوٿين جنگِ عظيم لاءِ چئي
ٿو سگهجي. جيستائين ٽين جنگِ عظيم جو سوال آهي،
ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.“
هن جو مطلب هو ته جي ٽين جنگِ عظيم لڳي ته ڪجهه
بچندو ئي ڪونه ته پوءِ چوٿين جنگ عظيم ڇاتي لڳندي
.
ڇا آدم ذات جي انهيءَ خاتمي جو علم اڳواٽ سمجهدار
طبقي کي ملي نه ٿي سگهيو؟ اسان ته هڪڙي ننڍڙي ديس
جا رهواسي آهيون، جن جي قول ۽ فعل کي ڪائي اهميت
نه آهي. پر ناگاساڪيءَ جي تباهيءَ کان پوءِ مون
لکيو هو:
”ناگاساڪي ڪافي ناهي
سڀ ڪجهه ناس ڪندو نادان!“
۽ هيرو شيما تي پورو نظم لکيو هوم، جنهن جو پويون
بند هي هو:
”هي ڪير کڙو آ کنڀيءَ تي
هي تون آهين هي مان آهيان
جن امن نه آندو ڌرتيءَ تي!“
پر اسان جو ته ڪنهن بين الاقوامي ٻوليءَ ۾ ترجمو
نه ٿيو آهي، اسان کي ڪير ٿو اهميت ٿو ڏئي؟ هيءَ
ذميداري جيڪڏهن ڪنهن حد تائين پئي ٿي ته يورپ ۽
آمريڪا جي شاعرن تي پوي ٿي.
پوءِ به اسان برصغير جي حال ۽ مستقبل لاءِ چيو
آهي، اسان پنهنجي ذميداري نڀائي چڪا آهيون. باقي
ذميداري سائنسدانن، ملٽريءَ جي شخصيتن، فلسفين ۽
اهل اقتدار تي آهي، جي اهي صاحب ڪردار آهن ته سماج
تي اثر انداز ٿيندا، نه ته مورڳو حسن جي تخليق جا
هن افراتفري ۽ پريشان حاليءَ وارتي دؤر کي سڪون
قلب پهچائي رهي آهي، شاعران کان به وانجهي ٿي
ويندا ۽ جي هڪ رومانوي انداز ۾ سڌاري جو بار پاڻ
تي کڻندا، ته نه هِن دنيا جا رهندا نه هُن دنيا
جا.
انگلينڊ ۾ قؤل ۽ عمل جدا جدا هٿن ۾ هئا، پر
ارڙهين صديءَ جي فرانس جا اديب عملي سياست سان
رابطي ۾ نه رهيا هئا. اهي نجا سياسي نظريا مبهم
Generlizations
(خاص کي عام چوڻ) چئي پيش ڪندا رهيا. پر انهن کي
پاڻ ۾ خود اعتمادي ڏاڍي هئي ۽ هنن اهو سمجهيو ته
سندن تعلق پسندي هڪ پيچيده سماج ۾ اوچتو شديد ڦيرو
آڻي سگهندي. انقلاب لاءِ ائين جواز پيدا ڪيو ويو.
عوام کي اهو آدرش ۽ سماج جي مستقبل جو تخيل ڪافي
آئـڙيو ۽ جنهن جا نتيجا اگرا نڪتا. ڪجهه وقت پوءِ
هڪ فرينچ قلم ڪار لکيو:
”شهنشاهيت عوامي حڪومت ۾ نه بدلي، پر اهل قلم
شهنشاهه ٿي پيا.“ اهل قلم مان خاص طبقو، جنهن کي
بوهيمين
(Bohimian)
چوندا هئا، انهن جو ملاقاتي ڪمرو ڪافي هائوس هوندو
هو. جيئن اسان جي وقت ۾ لاهور ۾ هو. جڏهن ميان
افتخارالدين جون ”امروز“ ۽ ”پاڪستان ٽائيمز“
اخبارون نڪرنديون هيون ۽ فيض احمد فيض انهن جو
ايڊيٽر هو. پر اها گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي.
فرانس جي انقلاب وقت اهي بوهيمين پاڻ کي مسيحا ۽
پيغمبر سمجهندا هئا. هو پنهنجي زندگيءَ کي ته ڪائي
ترتيب ڏئي نه سگهيا هئا، پر اهو سمجهيائون ٿي ته
هو تاريخ جي پوري افراتفري ختم ڪري سگهندا. هو
مسيحي دينيات کان ڌرتيءَ تي حڪومت الاهي
Kingdom of God on Earth
جو نظريو کسي ويا ۽ ان ۾ اضافو ڪيائون ته حڪومت
الاهي تاريخ جي ڪنهن خاص ميعاد ۾ ايندي، انقلاب
کان پوءِ وارا دانشور، انقلاب کان اڳ وارن دانشورن
سان متفق نه رهيا، ڇوته سائنس ترقي ڪئي ۽ عقل جي
پرستش
(Deification)
ڪئي وئي. انهيءَ سائنس ۽ مذهب جي اتحاد جي ذريعي
دانشور، سائنسدان ۽ پادري پنهنجا ڪردار ادا ڪرڻ
لڳا.
انگريزي ادب ۾ عملي سياست ۾ حصو وٺڻ جي باري ۾
نظريه سازن ۽ عملي سياستدانن ۾ ڪجهه وٿي هئي.
آمريڪا ۾، جڏهن اها ڪالوني هئي ۽ ان جي آزاديءَ
کان پوءِ ساڳي ڳالهه ٿي ته محب الوطن دانشور آئيني
اجتماع ۾ شريڪ ٿيا. وچولي طبقي جي اڀرڻ سان، ذهنيت
بدلجڻ لڳي. آرٽ کي عبادت سمجهيو ويو ۽ آرٽسٽ
پنهنجي ذوق ۽ يقين سان رهنمائي ڪئي. پر ڪجهه وقت
کان پوءِ اهو فرض ڪيو ويو ته عوام آرٽسٽ جي عبادت
۾ مخل ٿي رهيا هئا، ان ڪري آرٽسٽ عوام کان متنفر
ٿي پيا.
مارڪس وادين جو تجزيو اهو هو ته 1848ع کان پوءِ
بورجوازي ۽ دانشور ۾ وڏو نفاق اچي ويو.
فرينچ انقلاب وانگر روسي انقلاب ۾ به دانشورن جو
وڏو هٿ هو. قوم پرستيءَ ۾ آزاديءَ ۽ سوشلزم جا
تصور روس ۾ اڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري دانشورن جي
ذريعي پهتا. روس ٺهيل ٺڪيل نظريا يورپ مان ورتا،
جي يورپ جي حقيقت سان مطابق ته هيا، پر روس جي
حقيقت سان انهن جو ڪوبه واسطو نه هو. دانشور ۽
مصلح طبقي ۾ انقلابي به هئا، جن مان ڪن کي مغرب
سان نفرت هئي، ڪن کي محبت هئي. ڪي مصلح ۽ تعمير
پسند هيا ۽ انقلابين واري ٿرٿلي سان هنن دنيا
بدلائڻ نه ٿي چاهي. هنن وٽ انقلاب جا خيال پرست
نظريا
(Utopia)
هئا. يورپ جي انهيءَ نظرياتي پس منظر مان علحدگي
پسنديءَ، يورپ ۾ پرتشديد انقلاب لاءِ فضا هموار
ڪئي، جا ان کان اڳ يورپ جي متحريڪ مسيحائي انقلاب
پسنديءَ کان مختلف هئي. دانشور طبقي جي بورجوا
قانون جي نظرئي لاءِ شديد نفرت مارڪس لاءِ سازگار
فضا پيدا ڪئي. دانشور، جن جو سياسي ۽ سماجي تنظيم
سان واسطو نه هو، نه ئي کين حڪومت هلائڻ جو تجربو
هو ۽ جي ساڳئي وقت انتها پسند به هئا، پنهنجي
خيالي دنيا ۾ رهندا هئا. ظاهر آهي، انگلنڊ ۽
آمريڪا ۾ نظريه سازن ۽ حڪمرانن ۾ ڪافي ويڇو هو ۽
ان ڪري ئي فرانس ۽ روس جا دانشور رڳو نظرياتي
ٿيورين ۾ اڙجي ويا. ائين به آهي ته روسي دانشور
بالشويڪ انقلاب جا باني هيا، پر انهن ڪڏهن به نه
سوچيو هو ته زار شاهيءَ جي خاتمي کان پوءِ ڇا
ٿيندو! اهي روسي عوام جي فطرت نه سمجهي سگهيا هئا.
کين عوام تي حڪومت ڪرڻ جو فن نه ٿي آيو ۽ اهي
خوابن جي دنيا جا رهواسي ها. انهن جا خواب ڪجهه
اسٽالن جي دؤر ۾ ته ڪجهه اسٽالن جي موت کان پوءِ
ٽٽا. جڏهن ڪروشچوف هن جي ظلم ۽ تشدد جي باري ۾
انڪشاف ڪيا ۽ سولزي نٽسن ان تي نهايت بي جگريءَ
سان لکيو، تان جو يو. ايس. ايس. آر جي سربراهه
مملڪت گوربچوف، ”پيرسٽروئڪا“ ڪتاب لکي ساري ڍونگ
کي وائکو ڪري ڇڏيو. پر پاڪستان جا دانشور اڃان
ساڳئي خواب ۾ رهي رهيا آهن، جنهن ۾ فرينچ ۽ روسي
انقلابي هوندا هئا ۽ جنهن حقيقت جو پاڪستان ۽
برصغير جي حقيقت سان ڪوئي واسطو ناهي. معاشي انصاف
ضروري آهي، پر اهو ڪيئن اچي، ان جو ڪنهن به قطعي
جواب نه ڏنو آهي. سرمائيداري ۽ نج ڪاري به وڏو
فراڊ آهي ۽ پوري دنيا ۾ استحصال جو ذريعو آهي.
بهتر آهي ته شاعر پنهنجي دنيا ۾ موٽي وڃي ۽ پنهنجي
شاعريءَ کي وقت جي خردبرد کان محفوظ رکي. آرٽ فقط
زندگيءَ ۾ معاشي ڦيري لاءِ نه آهي. زندگي نهايت
وسيع آهي، انهيءَ جو هر پهلو آرٽ جو موضوع ٿي سگهي
ٿو. ان کان پوءِ هدايت پريم اسان کي ٽاور آف لنڊن
ڏيکارڻ وٺي هليو. اهو ٽاور پري کان ڦڙڪي جو ٿي لڳو
پر ويجهو وڃڻ سان نهايت پختو ۽ مضبوط ٿي لڳو. هتي
روزانو سياح ايندا آهن.
مون کي سفر جو پورو سلسلو ياد نه ٿو اچي. شايد
هدايت پريم اسان کي ٽرئفلگر اسڪوائر وٺي هليو هو.
هي تمام وڏو اسڪوائر آهي، جو نيلسن جي بحري فتح جي
يادگار طور ٺهرايو ويو آهي. اهو اسڪوائر تڏهن
ٺهيو، جڏهن لنڊن پنهنجي حڪومت جي اوج تي هو. اتان
ئي لنڊن جا سڀ رستا ڦٽن ٿا. اتي ڪيئي ماڻهو ڪٺا
ٿين ٿا ۽ هزارين ڪبوترن کي چوڳو وجهن ٿا. ڪبوترن
کي نيلسن جي مجسمي لاءِ ڪائي عزت نظر نه ٿي آئي.
لنڊن اڃان ته صاف سٿرو شهر آهي. چين ۾، جهرڪين
جڏهن بيجنگ جي ديوارن کي خراب ٿي ڪيو ته مائوزي
تنگ ثقافتي انقلاب جي دوران سرخ فوج کي حڪم ڏنو هو
ته بيجنگ ۾ هڪ جهرڪي به زندهه نه ڇڏي وڃي ۽ سڀ
ماريون وڃن. هي ماڻهو ها يا دئيت ها! تاريخ انهن
لاءِ اڃان پوري فتويٰ نه ڏني آهي. رڳو مائوزي تنگ
جي هجر اسود جو مجسمو، جيڪو ڪيئي ٽن ڳؤرو هو، رڪ
جي رسين سان ٻڌي، ڪنهن ريت ڌرتيءَ تي ليٽائي، گدام
۾ پورو اٿن. لنڊن جي اها حالت نه ٿيڻي آهي، جيئن
اڳئين سيرگاهن جي ٿي هئي، جن کي ڏسي هڪ فارسي شاعر
چيو هو:
”پرده داري مي ڪند بر قصر قيصر عنڪبوت،
چغد نوبت مي زنده برگنبذ افراسياب.“
معنيٰ: (قيصر جي ڪوٽ تي ڪوريئڙو پردي داري ڪري رهيو آهي. چٻرو
افراسياب جي گنبذ تي نقارو وڄائي رهيو آهي.) |