ڏاڍو وڻندو هو ۽ جڏهن اهو ڪنهن هوٽل تي وڄندو هو
ته مان بيهي رهندو هوس ۽ جيستائين اهو پورو نه
ٿيندو هو، ڪيڏانهن نه ويندو هوس. فلمي گانا تن
ڏينهن ۾ ديوانگيءَ جي حد تائين مقبول هوندا هئا.
مونکي ياد آهي ته موهني ڪيسواڻيءَ کي (جنهن جو
پيءُ هولا رام پوءِ منهنجو سکر ۾ سينئر هو.) جڏهن
ڪلفٽن تي وهنجندي بِلو باٽل چڪ پاتو هو ته هوءَ
نيم بيهوش ٿي وئي هئي ۽ جڏهن کيس ڀرتي ٺهيل هوٽل
جي پڌر ۾ ليٽايو هئائون ته هڪ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج
جي ڇوڪريءَ، ان دؤر جو مشهور گانو، ”اي چاند چهپ
نه جانا“ ڳاتو هو. ان وقت ڪجهه انگريز سپاهي موجود
ها، جي ٿوري هندوستاني ڄاڻندا ها، تن اهو گانو ٻڌي
وڏا ٽهڪ ڏنا ها. ان دؤر ۾ آرزو لکنويءَ جو لکيل
گانو، ”جگ مين چلين پون کي چال“ جيڪو ڪي. سي. ڊي
ڳاتو هو، اهو به مون کي ڏاڍو وڻندو هو. سئگل مون
کي ورلي وڻندو هو. هن جا ’اڪ بنگلا بني نيارا‘
جهڙا گانا مون کي بور ڪندا ها. جيسين گيت جا ٻول
پيارا نه آهن، تيسين ڳائڻي جو آواز ڪيڏو به پيارو
هجي، مون کي نه وڻندو آهي. مان ڪيترو دور اچي نڪتو
آهيان. زندگي آبشار وانگر، مون کي ڪيترو نه لوڙهي
وئي آهي!
مون ڳالهه ٿي ڪئي زرينا جي والد بزرگوار جي. هن
مون کي گربخشاڻيءَ واري شاهه جي رسالي جا ٽي جلد
به تحفي طور ڏنا ها، جڏهن مان فرسٽ ايئر ۾ فرسٽ
ڪلاس فرسٽ آيو هوس.
مان انگريز سرڪار خلاف تحريڪ ۾ ايترو ملوث ٿي چڪو
هوس ۽ رتن ۽ سندر ساهتيه ۾ ڇپيل گجراتي، بنگالي،
هندي ناولن مون کي ايترو اتساهيو هو، جو هڪ ڀيري
مان انگريزن خلاف زوردار تقرير ڪري رهيو هوس، جا
اسٽوئرٽ گنج لڳ زرينا جو پيءُ پاسيرو بيهي ٻڌي
رهيو هو. مون پنجابيءَ جو هڪ لوڪ گيت پڙهي تقرير
ختم ڪئي.
بازار وڪاندي ڏوڪي
انــــگريز پرايا لوڪي
سمــجـهه نـه ڄــاڻـــــان.
خان صاحب منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو: ”پُٽ تون
انگريزن کي ڪڍي سگهندين؟“
”ڇو نه.“ مون جواب ڏنو. ”اسان هندوستاني ٽيٽيهه
ڪروڙ آهيون.“ منهنجي ڪم عمريءَ کي ڏسي هو فقط
مُرڪيو هو.
خان صاحب هڪ خدا ترس ماڻهو هو ۽ صوم صلوات جو
پابند هو. زرينا جا پيءُ جو ذڪر ڪندي نه ڍاپندي
آهي، هن کي ياد ڪري روئي ويٺي. ڇا نه آتشبازي
ٿيندي هئي شڪاپور ۾ شب برات تي! زرينا جن جي
گهٽيءَ ۾! ڦٽاڪا، ٽنڊڻيون، دُنگ، هوايون، بم گولا،
وڇون، ٽوٽڪا، رنگين ماچيس، چڻگائي سُيون، ڦرڻيون
ٻرنديون هيون. اهي نالا ته منهنجي ڌيءَ ڊاڪٽر
روحيءَ جي ٻارن رابيل، روهيل (اهو لفظ روح مان
نڪتل آهي.) سرمد ۽ ڪومل به نه ٻڌا آهن، جي ڪجهه
وقت اڳ هتي رهيل هئا، پر اهي مستقل طور دادوءَ ۾
رهندا آهن. نه وري اهي روماسا، پري سا، سونيا،
ماهه رخ ۽ بشريٰ ٻڌا آهن، جي منهنجي ڌيءَ ياسمين
جون ڌيئر آهن، جيڪا مڙس سان گڏجي عمري تي وئي آهي
۽ 11 ڊسمبر 1995ع تي موٽڻي آهي. هن جون ڌيئر اسان
وٽ ٽي ڏينهن اڳي اچي رهيون آهن، جيئن هو پيءُ ماءُ
جي آجيان ڪري سگهن. جدي ۾ منهنجو پٽ انيس پي. آءِ.
اي جو مئنيجر آهي، جيڪو سندن خيال رکي رهيو آهي.
انهيءَ جا ٽيئي ٻار شهريار، شاهه رخ ۽ نينا به
انهيءَ شڪاپور جي تهذيب کان غير واقف آهن. نه وري
منهنجي پٽ ڊاڪٽر سليم جون ڌيئر نين تارا ۽ پريا يا
منهنجي ڌيءُ نگهت جا پٽ شاهه زيب ۽ جهان زيب، جن
جا نالا منهنجي نياڻي اورنگ زيب رکيا ها. افسوس جو
هن جي فرشتا صفت ڌيءُ شفق گذاري وئي. مان هن جي
وفات تي ڏاڍو رنو هوس. ائين معصوم ٻار خدا ڇو ٿو
گهرائي وٺي؟ هن جي مصلحت ڪير ٿو ڄاڻي؟ ڇا اهي صور
اسرافيل تائين ٻار ئي رهن ٿا ۽ انهن کي جواني ۽
پيري نصيب نه ٿي ٿئي؟ ڇا اهي ٻار قيامت ۾ به ٻار
ٿي اُٿندا ۽ ڪؤثر ۽ سلبسيل جي ڪناري ڪنهن وڻ ۾
ميوي وانگر لڳندا. خدا جو اسرار ڪيترو بعيد از فهم
آهي!
جڏهن مان ننڍو هوندو هوس ته ڪونجان نالي هڪ عورت
پنهنجي خوبصورت ڌيءُ سان اسان جي گهر ايندي هئي.
مان هن کا روز پيرون وٺندو هوس، جيڪي هو ڪنگريءَ ۾
کڻي، وڪڻڻ ايندي هئي. پيرون منهنجو وات ڇلي ڇڏيندا
ها، پر پوءِ به مان هن کي چوندو هوس ته هوءَ روز
اچي. ڇو ته هن جي خوبصورت ڌيءُ نازان مون کي ڏاڍو
وڻندي هئي. ٻه چار ڏينهن هو نه آيون ۽ مون هنن جو
ڏاڍو انتظار ڪيو. هڪ ڏينهن هن جي ڌيءُ اڪيلي
ڪنگريءَ ۾ پيرون کڻي آئي. جڏهن مون هن کان هن جي
ماءُ لاءِ پڇيو ته چيائين: ”بابا امان کي ڪاري ڪري
ماري ڇڏيو آهي.“
مان حيرت مان هن ڏانهن ڏٺو، ڇو ته هن جي ماءُ ته
هُن وانگر گوري هئي. گهٽ ۾ گهٽ هن جو رنگ ڪنگريءَ
۾ پيل پيرن جهڙو ته هو.
مون رڙ ڪري هن کي چيو: ”تنهنجي ماءُ ته ڪاري نه
هئي.“
هن جواب ڏنو: ”بابا هن کي هڪ ڪٽوهڙ (ذات) سان
ڪاري ڪري ماريو.“
”ڪهڙو ڪٽوهڙ؟“
”پوکي کيتي ڪندو هو.“
ايتري ۾ منهنجي ماءُ اچي نڪتي، جنهن کي هن ساڳي
ڳالهه ٻڌائي ۽ جنهن مون کي سمجهايو ته ڪاري ڇا
ٿيندي آهي، ڄٽ زالن کي ڪاري ڪري ماريندا آهن.
اميءَ انهيءَ ڇوڪريءَ جا ڳوڙها اُگهيا، جا
اوڇنگارون ڏئي رهي هئي ۽ هن کي مون سان گڏجي تريل
پٽاٽا ۽ سرنهن جو ساڳ کارايو. پوءِ مون هن جو
ساندهه هڪ هفتو انتظار ڪيو، پر هوءَ پيرون کڻي نه
آئي. هاڻ جڏهن ڪَتيءَ جون مينهن ڦڙيون پونديون
آهن، تڏهن مون کي اهو مهانڊو ياد ايندو آهي، جنهن
تان ٽهه ٽهه ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا. جنهن جا چوليءَ
مان ٻه پيرون نظر ايندا ها. الائي ڇو ڪي ڪي مهانڊا
دل تي اُڪرجي ويندا آهن ۽ مِٽجي نه مِٽبا آهن.
اسان جي گهر ڀرسان گهگراڻين جو پاڙو هو، جتي چيلو
کٽاڻ وارو رهندو هو. چيلو ڦارون، گجر جي ڪرٽين،
بصرن جي ڳونڍن ۽ ڪتر، انب، ڪريلن، واڱڻن، مرچن،
ڇُهارن، ميهن، متيرن، گوبي، ڏؤنرن، ليمن، ٿوم،
ادرڪ، ڪشمڪش ۽ تر مغزيءَ جي کٽاڻ ٺاهيندو هو. ننڍي
بازار ۾ کٽو کٽاڻ وارو به ساڳئي قسم جي کٽاڻ
ٺاهيندو هو،. ننڍي بازار جي ڪنڊ تي نيوند حلوائيءَ
جو دڪان هو، جنهن اسان کان ناشتي لاءِ سيرو، پڙيون
۽ پٽاٽن جي ڀاڄي وٺي ايندا هئاسين ۽ شام جو مانيءَ
سان کائڻ لاءِ ڪچوريون ۽ پڪوڙا وٺي ايندا هئاسين.
نيوند سڀني کان سٺي مٺائي رکندو هو ۽ جنهن وٽ
مٺائيءَ جا وڌ کان وڌ قسم هوندا هئا. هن وٽ کوهيو،
مانهن جي مٺائي، کور جو مائو، جنهن ۾ پستا پيل
هوندا ها، جليبيون، مڱيريون، دندان گيري حلوو،
سائو مائو، ٻجن، ناريل ۽ پيٺي جون مٺايون، اڇي
برفي، نختي (بوندي)، تريل سڱر، تريل دال، ڄمون،
ڪارا ۽ ڳاڙها، ڏوٺيون، تسمئي وغيره ٺاهيون وينديون
هيون. هولو ۽ ڀوڄُو حلوائي به گهڻو ڪري ساڳيون
مٺايون ٺاهيندا ها، جن جون ڏياريءَ تي اسان وٽ
هندو پنڊيون ڀري موڪليندا ها. نيوند جي ڀرسان هڪ
قيمائي هوندو هو، جيڪو ڪاري مرچ ۾ قيمو پچائيندو
هو ۽ قيمو چمچي سان ڪڍي، وڏيءَ ديڳڙيءَ تي چمچي
سان ٺڪ ٺڪ ڪري ڌيان ڇڪائيندو هو. ڪَنڊي جي کُهيءَ
کان ڪجهه پنڌ تي ڀوڳڙي هو. جو ڀڳڙا تتل واريءَ ۾
ڦلاريندو هو ۽ جوئر ۽ مڪئي جا ڦلا به ڦلاريندو هو.
مرملا، ڦلا، آڀون، پيٺل ستون، چانورن، ڀڳڙن ۽ ترن
جا بوڻينڊا ۽ لايون به وڪڻندو هو. جي اسان پاند
ڀري وٺي ايندا هئاسين. ننڍي بازار ۾ حلوائي،
جوهري، ويرو لغڙائي به هوندا هئا. جنهن وٽ شمن
گڏي، ڏندي دار، لوٽڻ دار، ڏنگي دار، لغڙيون
وڪامنديون هيون، جي وٺي اسان شام جو ڪوٺن تي
اڏائيندا هئاسين. انساني روح وانگر ڪنهن پتنگ جي
اڏام ٿوري ۽ ڪنهن جي گهڻي هوندي هئي. ڪو وچ تي
ڪاٽا ٿي ويندو هو ۽ ڪو ڏاڍو ڏور وڃي ٽِڪ ٻڌي بيهي
رهندو هو. پر پوءِ به ان جي ڏور ٻي ڪنهن جي وس ۾
هوندي هئي. پر اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مان
ٻئي درجي انگريزيءَ ۾ پڙهندو هوس. انهن کان سواءِ
تصويرن جو هڪ دڪان هوندو هو، جنهن ۾ دنيا جي
بهترين آرٽ جا فوٽو هوندا ها، جتي مان ڪلاڪن جا
ڪلاڪ وڃي ويهندو هوس.
مون کي هاڻي ياد ٿو اچي، انهن ۾ ايل. گريڪو، بوتي
چلي، رفائيل، گويا وغيره جي تصويرن جا فوٽو هوندا
هئا. گويا جي ’ننگي ماجا‘ مون کي چٽيءَ طرح ياد
اچي ٿي. ان کي مون ڏسي پهريون ڀيرو تصور ڪيو هو ته
منو ڪپڙن اندران ڇا هوندي!
گهه جا واپاري، بجاج، سونارا، فوني وارا به هوندا
ها. اتي هڪ سک جو دڪان هوندو هو، جنهن جي وچ تي
ڪپڙي جو پردو ڏنل هو ۽ هُو ڪجهه هندو ڇوڪرا پردي
پويان وٺي ويندو هو ۽ جڏهن ٻاهر ايندو هو ته
پنهنجي ڌوتيءَ سان نرڙ تان پگهر ڦڙا اگهندو ايندو
هو ۽ انهن اسڪولي ڇوڪرن کي پينسلون، سانچا، نوٽ بڪ
۽ جپاني رنگ مفت ۾ ڏيندو هو. مون ڪانوَ جو گوشت
فقط هڪ ڪلاس فيلو سنڌي سک کي کائيندو ڏٺو هو، جيڪو
هو شاهي باغ جي پٺيان ڇرن واري بندوق سان ماري آيو
هو. مون کي اهو ڏسي جڏهن نفرت آئي ته هن چيو:
”اوهان مسلمان بيوقوف آهيو. ڪانوَ، طوطو، ڪبوتر،
جهرڪيون سڀ هڪجهڙا آهن. ڪوئي پکي حلال يا حرام
ناهي.“ هو نوريئڙا به رڌي کائيندو هو. ٻي ننڍي
بازار، جتي شيخن جي حويلي به هئي، هڪ دڪاندار ڏاڍا
مزيدار دهي بڙا، ڪاڪڙن جي ٿلهي کان پري بزار جي
ڪنڊ تي ٺاهيندو هو، جا ڍڪ بزار ۾ پوندي هئي.
دهي بڙن جي دڪان جي ڀرسان، مٺين شين جا دڪان هوندا
هئا، جن ۾ مصريءَ جا سنگ، ننڍا وڏا پتاشا، گبت،
ننڍا وڏا پستن، ڀڳڙن، بوهي مڱن ۽ بادامين وارا نقل
۽ ريوڙيون ملنديون هيون. اسان جي پاڙي ۾ نارائڻ
حڪيم جو دڪان هو، جو کٽا ليما پائيندو هو. جي ڪڏهن
ڪڏهن اسان چانورن سان کائيندا هئاسين ته مليريا جو
بخار لهي ويندو هو. اهي سڀ ڳالهيون اسان جي
پونيئرن جي خواب خيال ۾ به ناهن. مون کي پنهنجي
ننڍپڻ واري شڪاپور ساري، غالب جو هيٺيون شعر ياد
ايندو آهي:
الاهي ميري لبون پر يه کس کان نام آيا
که ميري نطق ني بوسي ميري زبان کي لئي.
ترجمو: (يا الاهي منهنجي چپن تي هي ڪنهن جو
نالوآيو،
جو منهنجي تارونءَ منهنجي ڄڀ کان چميون ورتيون.)
اتفاق سان منهنجو ننڍو سالو سرفراز، جنهن کي
منهنجون ڏوهٽيون ماما سفن ڪري ڪوٺينديون آهن، اڄ
اچي نڪتو آهي ۽ زرينا جي موجودگيءَ ۾ هن کان
شڪاپور جا تفصيل ٿو وٺان.
هن کان وڌيڪ معلوم ٿيو ته اسان جي پاڙي ۾ ڪُپڙين
واريون اينديون هيون، جن کي ڪليوپيٽرا ڪٽ نرڙ تي
ڪٽيل وار ۽ لوندڙين وٽ ڪُنڍڙا ڪاڪل هوندا ها ۽
منهن تي ڏينڀوڙيون ڪڍنديون هيون. ڪن کي ڏينڀوڙين
سان نرڙ تي چنڊ تارو ٺهيل هوندو هو. هٿن جي پٺيءَ
تي ست ست ڏينڀوڙيون هونديون هين ۽ ٻانهن جي بڪن
تي به، هو ٺڪر جون بيل گاڏيون، پينگها، گڏيون،
ڪپڙا، گهگهيون به آڻينديون هيون. اهي شيون ائين
لڳنديون هيون، ڄڻ موهن جي دڙي جي ميوزم مان آنديون
اٿائون. اهڙيون صورتون مون مصري ڪتابن ۾ ڏٺيون
آهن.
تهه اونهاري ۾ جڏهن ڇُڙيو پاڻي واهن ۾ ايندو هو ۽
ٽاڪ منجهند جو جڏهن ڪانوَ جي اک نڪرندي هئي، هُو
اسان جي گهرن ۾ گهڙي اينديون هيون ۽ ٺڪر جي ڪنگرين
مان پيرون ڪڍي وڪڻنديون هيون، جي اسان چاهه سان
کائيندا هئاسين.
ڇا دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي انهن ساروڻين کان
روڪي سگهي ٿي؟ ڇا ساروڻين تي زنجير پئجي سگهن ٿا؟
اها ٻي ڳالهه آهي جو اسان جو نئون نسل ويسر جي
انڌي کوهه ۾ ڪِريو آهي ۽ دنيا ۾ ان ڇا وڃايو آهي،
ان جو هن کي ڪوبه احساس ڪونهي. ڇا مان پنهنجي
تحرير ۾ اها دنيا بچائي سگهان ٿو، جا برصغير جي
تاريخ جو حسين ترين خواب هئي. ڇا پبلو نرودا جي
شاعري ميڪسيڪو ۽ لاطيني آمريڪا جي جهوني تهذيب کي
بچائي سگهي هئي؟ ڇا برصغير ۾ ڪوئي اهڙو شاعر يا
اديب آهي؟
مان سرفراز جي گفتگوءَ جي تسلسل کي ٽوڙڻ نه ٿو
چاهيان ۽ جيئن هو چوي ٿو لکندو ٿو وڃان: ”اسان
ڇتين ۾ ڪاٺ جا پينگها به ٽنگيندا هئاسين ۽ جنڊيءَ
لٿل ڪاٺ جي پاون سان هندورا به هوندا ها، جي ڪشمور
۽ هالا جا ٺهيل هوندا ها. اونهاري ۾ اسان هالا جي
هندوري ۾ لڏندا هئاسين. ڏنومل، پمن مل، گندومل
ڀرسان رهندا هئا. ڀرسان راڌا نالي هڪ بنگالي عورت
به رهندي هئي، جا هڪ سنڌي هندو خريد ڪري آيو هو.
هوءَ جڏهن وهنجندي هئي ته مان نم جي ڏار تان پنن ۾
لِڪي، هن جي در مٿان کتل لوهي سيخن جي اندر ڏسندو
هوس. هوءَ سانوري هئي ۽ ڪچي زيتون وانگر لڳندي
هئي. گهر جي سامهون ٽِڪي رهندي هئي، جنهن جو ڪرڙوڍ
پٽ هڪ ننڍي نيٽيءَ سان شادي ڪري آيو هو. اها مون
کي ڏاڍا پاسا ڏيندي هئي، جڏهن مان فرسٽ ايئر ۾
پڙهندو هوس ۽ بلوغت تي پهتو هوس. ڪرڙوڍ مڙس مان هن
کي رڄ نه ٿيندو هو. ڌني جي گهر ۾ هن کان اڳ وشنا
رهندي هئي، جنهن جو مڙس ڪوئيٽا ۾ زلزلي ۾ مري ويو
هو. زلزلي جي خبر جڏهن شڪاپور ۾ پهتي هئي، تڏهن
ماڻهو ڍڍڪرا ڪري روئي رهيا هئا ۽ مٿو پٽي رهيا
هئا، ڇوته اونهاري ۾ غريب شڪارپوري هندو به ڪوئيٽا
وڃي ڌرمشالائن ۾ رهندا هئا ۽ انهن مان ڪيئي مري
ويا هئا. وشنا کي هڪ ٻار هو. جوان وڌوا هڪ پَٽ تي
ڪِريل پڪي انب وانگر لڳندي هئي. ان ٻال وڌوا کي
ڏسي، مون کي ٽئگور ۽ شرت چندر چئٽر جي جا ناول ياد
ايندا هئا.
اي هومر کان هائنيءَ تائين شاعرؤ! اي. ٽي. ايس.
ايلٽ، ازراپائونڊ، اي سُوريلي شاعرؤ! لوئي آرگون
پال، اليوار، اي.ليو پارڊي، اي تاريخ نويسؤ!
آرٽسٽؤ! جن کي مون راتين جون راتيون جاڳي پڙهيو
آهي ۽ دوستي رکي آهي، مون لاءِ ايتري معنيٰ نه ٿا
رکو، جيتري اهي عام ماڻهو، اهي گمنام ماڻهو پنهنجي
گذران لاءِ پريشان ماڻهو، آرٽ ۽ ادب کان بي بهره
ماڻهو رکن ٿا. مون لاءِ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪنڊ ڪنڊ
ڏاڍي وسيع آهي. ڪريملن، ميرشاهه جي قبي ۽ لينن
گراڊ ، لکي در کان ننڍا آهن. نه گهرجن مون کي اهي
ميوزيڪل ڪنسرٽ، مون لاءِ مسرور فقير جي سِتار ڪافي
آهي. اي دنيا جا اهم ماڻهؤ! اوهان ناراض نه ٿيو،
مان اوهان مان ڪن تي اڳي ئي لکيو اهي ۽ ٻين تي
ڪنهن وقت لکندس. قدرت مون کي ايتري وٿي ڏيندي جو
سڀ سان ليکو چوکو لاهي وڃان! مون کي واري واري سان
خدا بچائي ان ڪري ورتو آهي، جيئن مان هن ڌرتيءَ جو
قرض موکي وڃان.
شڪارپور ميونسپالٽيءَ ۾ هڪ ڊريو صاحب نالي انگريز
ايڊمنسٽريٽر ٿي آيو، جو هڪ هندو طوائف نونا سان
عشق ڪندو هو، جيڪا هاٿي در لڳ رهندي هئي. مون اها
نونا ڏٺي هئي. ڪافي سال اڳ مون کي امراؤ جان ادا ۾
راڻيءَ جو ڪردار ڏسي اها عورت ياد آئي هئي. هوءَ
شڪارپوري هندياڻي هئي ۽ ريشمي پڙو ۽ گج پائيندي
هئي ۽ کيس پيرن ۾ سونا گهنگهرو ٻڌل هوندا هئا ۽
هاٿي در تي ايندي ويندي وڄ وانگر لشڪارا ڏيندي
هئي. تن ڏينهن ۾ مون لاءِ هوءَ طلسم هوشربا هئي،
جا مون ٻئي يا ٽئين درجي سنڌيءَ ۾ پڙهي هئي. پوءِ
ته جوانيءَ ۾ ايتريون طلسم هوشربائون منهنجي آغوش
۾ آيون جو ڪئسانووا مون کي ڏسي ها ته مون سان رشڪ
ڪري ها! ڇا هي مان پاڻ ۽ پنهنجي خاندان سان زيادتي
ڪري رهيو آهيان؟ عيسائيت ۾ ته اعتراف ۽ اقبال جرم
(Confession)
ماڻهوءَ جي هر گناهه کي ڌوئي، هن کي اڇو اجرو ڪري
ڇڏيندو آهي؟ ڇا روسو کي اولاد نه هئي، جنهن پنهنجا
اعتراف لکيا هئا. ڇا هيمنگ وي کي اولاد نه هئي؟
جنهن ڪلمنجارو جي برف
(Snow of Kilmanjoro)
۽ ٻين ناولن فيسٽا
(Fiesta)
وغيره ۾ پنهنجا معاشقا لکيا آهن. هيمنگ وي جي ته
پٽ پيءُ جي سوانح حيات لکي آهي. سعادت حسن منٽو جو
لاهور ۾ رهندو هو ۽ ترقي پسند هو، سو ته پنهنجي
جاءِ تي، پر شورش ڪاشميريءَ جهڙي اسلام پسند اديب
به ”اس بازار مين“ ڪتاب لکيو آهي.
عيسائيت ۾ اعترافِ گناهه ارتدادِ گناهه آهي ۽
منهنجا ڪتاب ئي ته منهنجا خطبه گاهه
(Pulpit)
آهن.
مون ۾ عيب اپار جو اعتراف اهو کنڀ آهي، جنهن جو
کٽي صرف خدا جي ذات آهي. مان پنهنجي شاعريءَ جي
سٽ، ”سڀ سانگ سجايو آ پيارا“ موٽائي ٿو وٺان، پر
پوءِ به پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ اهو تفصيل ضروري
آهي. جڏهن عارض و لب ائين لهلهائيندا هئا، جو
منهنجي زندگي لاله زار ٿي ويندي هئي.
هاڻي وري موٽان ٿو پنهنجي سالي سرفراز ڏانهن. هو
سَتي جَتي رهيو آهي ۽ هن مهل تائين شادي نه ڪئي
اٿس ۽ انهيءَ اميد تي آهي ته ڪنهن وقت حوران هن جي
هنج ۾ هونديون. هو ٻين به ڪيترن هندو مسلمان پاڙي
وارن جو ذڪر ڪري ٿو. اسان جي پاڙي ۾ هڪ آچر اپاهج
رهندو هو، جنهن کي نه ٻانهون، نه ٽنگون هونديون
هيون ۽ جنهن کي هڪ گاڏڙي ۾ هيٺان رلهي وجهي ليٽائي
ڇڏيو هئائون ۽ هن کي هٿ سان ماني کارائيندا هئا.
هن جي ڳالهه مون ان ڪري ڪئي آهي ته اهو ڏيکاريان
ته جنسي ناآسودگي هڪ اپاهج کي به ڪيترو بيچين
بڻائي ٿي ۽ جنسي آسودگيءَ کان پوءِ، هن جو منهن
ائين ٿو ٽڙي جيئن برسات ۾ ڀتر جو گل ٽڙي پوندو
آهي.
هڪ ڀيري مان شڪاپور ۾ سُڪي تلاءَ وٽان نعيم
صديقيءَ جي گهر ڏانهن وڃي رهيو هوس. جتان تلاءَ
شروع ٿئي ٿو، اتي هڪ وئشيا رهندي هئي. اڃان مان
موڙ وٽان لنگهيس ته ڇا ڏسان ته اها وئشيا ان اپاهج
آچر کي هنج تي کڻي پنهنجي گهر وڃي رهي آهي. آچر هن
کي چيو ته هن رلهيءَ هيٺان ٻه رپيا رکيا آهن.
وئشيا رلهي مٿي کڻي پائليون ۽ آڌيون ڳڻي ٻه رپيا
کنيا. آچر ائين هشاش بشاش لڳي رهيو هو، ڄڻ سڪندر
اعظم مئسي ڊونا فتح ڪئي هئي. آچر کي ياد ڪري مون
کي وڪٽر هيوگو جو ناول ”ناٽرڊيم جو ڪُٻو“
(Hunchback of Notredam)
۽ مغرب جو عظيم مصور تلوس لوترڪ
(Tolouse Lautric)
ياد آيا، پر اهي ٻئي ايترا اپاهج نه هئا. ڇا آچر
ڪنهن عورت سان شادي ڪري سگهي ها؟ اهو سوال آسمان
جي ڪنگري ۾ ڪنهن ڪمند وانگر وڃي اٽڪي ٿو.
هن جي تقدير ائين ڇو ٿي، ان جو ڪوئي غيب جو ڄاڻو
ئي جواب ڏئي سگهي ٿو. هو اهي ٻه رپيا هفتي ۾ بيک
وٺي ڪٺا ڪندو هو ۽ رتيءَ جي رهاڻ تي گهوري ڇڏيندو
هو. مان جڏهن موٽي آيس تڏهن ڏٺم ته اها وئشيا آچر
کي ڪڇ ۾ گاڏڙي ۾ ليٽائي رهي هئي.
مون کي ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته هو ڪنهن پٺاڻيءَ
طوائف وٽ شب باشيءَ لاءَ ويٺو هو ۽ اڃان ڪپڙا لاهي
رهيو هو ته هڪ فقير وئشيا جو در کڙڪائي سئن هنئين.
وئشيا در کولي هن کي چيو ته ڀر واري ڪمري جي در وٽ
اچي، ڇو ته هن جا پئسا اتي پيا آهن. مُنهنجو دوست
کٽ تي ويٺو رهيو، پر پورو ڪلاڪ هوءَ نه آئي. جڏهن
واپس آئي تڏهن، هن کان معافي ورتائين ۽ چيائينس
ته: ”فقير بابا ڏاڍو چرس پيتو هو ۽ گهڻي دير
لاتائين.“
”فقير توکي خيرات ڏني يا تو فقير کي خيرات ٿي
ڏني.“ منهنجي دوست پڇيس. ”چرس پيتو هئائين يا نه،
هڪ رپئي ڏيڻ ۾ ڪيتري دير ٿئي ها؟“
طوائف جوان ڏنس: ”رپئي جو سوال نه آهي، فقير خيرات
۾ تو وانگر شب باسي گهرندو آهي ۽ جي مان هن کان
انڪار ڪندي آهيان ته هو هليو ويندو آهي، مون کي
پِٽ جو ڏاڍو ڀؤ ٿيندو آهي.“
اي شرت چندر چئٽرجي، توکان چترليکا وسري وڃي، جي
آنءُ توکي اهي سڀ مشاهدا ٻڌايان، جيڪي مون تائين
پهتا آهن. اي هينري ملر! اي. ڊي. ايڇ. لارينس! اي
سعادت حسن منٽو! اي عصمت چغتائي! اي ڪرشن چندر! اي
راجندر سنگهه بيدي! اي موهن ڪلپنا! ڇا اوهان
معاشري جي ناسور جي پوري جراحت ڪري رهيا هُئو يا
ان کي لاعلاج ڪري رهيا هئو؟
اوهان کي معلوم آهي ته منهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا
ڪاپڙِي“ تي بندش وقت هڪ الزام اهو به هو ته ان ۾
فحاشي آهي. ڇا سچ به فحش ٿي سگهندو آهي؟
سرفراز کان نيو ايرا اسڪول وسري نه ٿو وسري. هو به
مون سان ساڳئي اسڪول ۾ پڙهندو هو ۽ مون کان هڪ سال
سينيئر هو. نيو ايرا اسڪول جي باغ ۾ هڪ کوهه هو.
جنهن جي ڀرسان ڄمون، توت ۽ زيتون جا وڻ هوندا هئا،
کوهه جون ڪنگريون مون کي جنم جنم جي چڪر وانگر
لڳنديون هيون ۽ پنهنجي پاڻي اوتي ڦرنديون رهنديون
هيون. طوطا ۽ بربليون، توت ٽڪي اڏامي ويندا ها.
بربلين ۽ طوطن تي ڪابه پابندي نه هوندي هئي ته هڪ
ئي توت يا زيتون کي ٽڪين. نيو ايرا اسڪول جو مالڪ
مينگهراج هو، جنهن جي ڌيءَ شانتي، اڃان تائين
الهاس ننگر ۾ رهندي آهي. هو اسان کان سڏ پنڌ تي
رهندا هئا.
نيو ايرا اسڪول ۾ ماستر کيئل داس فاني، پيتامبر
داس، بودا رام ڀوڄراج، پريم چند گانڌي، لڇي رام ۽
ڦتي چند هوندا ها. انهن مان کيئل داس بچيو هو ۽
مون سان ڀارت جي سيمينار تي ڀوپال مان ڪهي ملڻ آيو
هو ۽ ان تي فخر محسوس ڪري رهيو هو ته هو منهنجو
استاد آهي. هو ڏيڍ ٻه سال کن اڳ گذاري ويو. هن وقت
تائين سندس رک گنگا مان لڙهي وڃي سمنڊ تائين پهتي
هوندي. ڪيڏا نه اهي هڏ ڏوکي استاد هئا! انهن مان
ڦتي چند ڪلاس مان ڇُٽي ٿيڻ کان پوءِ، ڏهن ڇوڪرن جو
اسپيشل ڪلاس وٺندو هو ۽ ان لاءِ هو ڪائي وڌيڪ في
نه وٺندو هو. ايتريءَ ننڍيءَ عمر ۾ هن اسان کي
1857ع واري بلوي تي ڪافي ليڪچر ڏنا ها ۽ سمجهايو
هو ته آزاديءَ جي بيک نه ملندي آهي، نه اها گهه
ڳڙندي ڳٽي (ڪُٽي) آهي جا ڳڀرو کائي سگهن. آزادي
ڪاليءَ وانگر خون جي ڀيٽا گهرندي آهي ۽ جڏهن
ڌرتيءَ جي خون سان آبياري ٿيندي آهي، ان مان اهي
سدا گلاب ٽڙندا آهن، جي ڪڏهن به نه مرجهائبا آهن.
ڌرتي ماتا آهي، ان جي مٽيءَ مان مٿي تي تلڪ ڏيندؤ
ته اهو اوهان جي ماٿي تي چنڊ وانگر چمڪندو. ڪيترن
قوم پرستن هندن ۽ مسلمانن کي انگريزن جنم ٽيپ ڏئي
انڊمان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي قيد ڪري رکيو هو. جتي هنن
جا هڏا به ڳري ويا هوندا. جن کي سج ۽ چنڊ جا ڪِرڻا
روز چمندا هوندا. اوهان کي انگريز سامراج کي تهس
نهس ڪرڻو آهي. ان لاءِ گانڌي ۽ نهرو جيان مزاحمت
ڪريو. آزادي ڏني نه ويندي آهي، ڇني وٺبي آهي، بيک
۾ فقط اوبر جا ٽڪر ملندا آهن.
هُو 1857ع جو پس منظر به ٻڌائيندو هو ته ڪيئن
روٽيون ورهائي پيغام ڏنو ويو ته انقلاب آڻڻو آهي.
هن وير ساورڪر جو ان موضوع تي ڪتاب به پڙهيو هو.
جڏهن ساورڪر کي انگريزن پاڻيءَ جي جهاز ۾ انگلنڊ
ٿي وٺي ويا ته هو جهاز مان سئيز ڪئنال ۾ ٽٻو ڏئي،
مصر جي گهٽين ۾ گم ٿي ويو، جتان هو فرانس پهتو هو،
جتي هن اهو ڪتاب ’1857ع‘ غالباً فرينچ ۾ لکيو هو،
جو پوءِ انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيو هو. ماستر ڦتي چند
پوءِ انقلاب جي ڪارڻن تي ٻڌائيندو هو. جيڪي دهلي،
ڪانپور، اوڌ، بهار، جهانسي، راجپوتانا، مڌيه پرديش
۾ ٿيو هو، ان جي باري ۾ ٻڌائيندو هو. انگريز،
بهادر شاهه ظفر جي ٻن پٽن کي قتل ڪيو هو ۽ پوڙهي
بادشاهه کي نظربنديءَ ۾ رنگون موڪليو هئائون.
جهانسي جي راڻي ۽ تانتيا ٽوپي انگريزن کي خوب ٽوٽا
چٻايا، پر آخر هو به ماريا ويا ها. هندو ۽ مسلمانن
جو گڏجي خون وهيو هو ۽ مذهب جي فرق جي باوجود رت
جو رنگ ساڳيو ٿيندو آهي. |