مون کي ته ڇا پر جي منهنجي ساري ڪٽنب کي جان ڏيڻي
پوي ته مان اهو به پسند ڪندس. منهنجو جواب هي آهي
ته، ”پنهنجي آدرش لاءِ جدوجهد کان سواءِ منهنجي
زندگي بي معنيٰ آهي.“
”پر ڇو؟ منهنجي سوال ته اتي ئي رهجي ويو، جتي اڳ
هو.“ هن ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ مان نظيريءَ جي سٽ
جهونگارڻ لڳس:
کسي که کشت نه شد از قبيلهء ما نيست
ترجمو: (جيڪو ڪٺو ناهي، اهو اسان جي ڪڙم مان نه آهي.)
(مان ڀانيان ٿو ته مٿيون ڊائلاگ مون سوڀي
گيانچنداڻيءَ سان ڪيو هو، معلوم نه آهي ته
يو.ايس.ايس.آر جي تالان والان ٿيڻ کان پوءِ هن جي
سوچ ۾ ڪائي ڦيرگهير آئي به آهي يانه!)
(وري ڪيئي صفحا ڦاٽل آهن.)
”چُرن چڻڪن چت ۽ هُرن منجهه هيئن.“
مون کي شاهه جي سُرسهڻي مان سٽ ياد آئي. مون سوچيو
:
”اڄ هيئين ۾ ڇاڇا نه هُري رهيو آهي! هي منهنجو
استاد کيئل داس فاني. بڊي جي نٽهڻ اس ۾ ڪانوَ جي
اک ٿي نڪري. رستي جو ڏامر تپي لوهه ٿي ويوآهي. تتي
هوا لڱ ساڙي رهي آهي ۽ بدن تي پت ٽڙڪي رهي آهي.
پگهر اگهي مان سُڪ پل تي هن جي گهر ۾ وڃان ٿو. آڳر
۾ پاڻيءَ جو ڇڙڪاءُ، واڻ جي آلي کٽ تي رلي، چوڌاري
ڪچيون ٿڌيون ڀتيون، جن مان بُهه جا ڪجهه ڪک نڪري
آيا آهن. هو کٽ تي ويٺو آهي ۽ ڪجهه لکي رهيو آهي.
ڇڊڙا، ڪڪيرا وار، موڪرو منهن، سانورو رنگ، سٻاجهو
سڀاءُ. مان هن جا پير ڇهان ٿو ۽ هُو منهنجي پٺي
ٺپي ٿو ۽ مون کي ڀرسان ويهاري ٿو.
”اڄ سورج تي نظم لکي رهيو آهيان، ’تنهنجي هستي،
تنهنجي مستي، تنهنجي بستي، بي مثال‘.“ مون کي
ساڳيءَ سٽ ۾ قافيئي جو ٽڪراءُ وڻي ٿو ۽ منهنجو
منهن ٽڙي پوي ٿو.
”سائين! مون اڄ هڪ نئون گيت لکيو آهي.“
”ٻڌاءِ.“
مان گيت پڙهان ٿو:
”سڀ آهه خيال وخواب او ساقي!“
”هاڻي تنهنجي عمر گهڻي آهي؟“
”چوڏنهن سال.“
”تو ڪوئي ساقي ڏٺو آهي؟“
مان لڄي ٿي وڃان ٿو ۽ ڪنڌ ڌوڻي نهڪر ڪيان ٿو.
”ساقي ڪنهن کي چوندا آهن؟“
”جيڪو مَيءِ پياري .“ مان لڄي ٿي وڃان ٿو.
”توکي ڪهڙي خبر ته مَيءِ ڪهڙي ٿيندي آهي؟ ڪويتا
وِههَ جو ڍڪ آهي. ڪلپنا جو امرت نه آهي. پهرين چکي
ڏس، پوءِ ان تي لِکو.“
”سائين گيت جو وزن ٺيڪ آهي.“
”اهو ضروري نه آهي ته اسين عربي ۽ فارسيءَ بحر ڪم
آڻيون. اسان جا ڪيترائي شاعر عربي ۽ فارسيءَ جا
وڏا ماهر هئا، پر پوءِ به نيٺ سنڌي بيت لکيائون.“
”پر بيوس سائين به ته فارسي بحر وزن تي لکي ٿو.“
”بيوس جي پارسي بحر وزن جي ڪڍ نه لڳي ها، ته
ساميءَ کان وڏو شاعر ٿئي ها. بيوس جي عظمت انهيءَ
۾ آهي ته هن صدين جو جمود ٽوڙيو آهي. سونهن سدائين
نه وسندي آهي، اها ڪڏهن ڪڏهن سانوڻ مينهن جيان
ايندي آهي ۽ صديون سڪائي ڇڏيندي آهي. جڏهن بُٺ
بَٺيءَ وانگر ٻرندو آهي، تڏهن وسڪارو ورندي آهي،
شاهه لطيف موسلا ڌار مينهن وانگر ٿي آيو ۽ جڏهن
ويو ته صديون مينهن ڦڙي نه وسي. شاهه لطيف کان
بيوس تائين سنڌي شاعري ، اها وشال واري آهي. جنهن
۾ ڪجهه ڪانڊيرا نظر اچن ٿا، جن کي اسان درخت چئون
ٿا. بيوس ڪانڊيرو ته نه آهي، پر هن ۾ اهو ٿڙ، اهو
ڇٽ ۽ اها ڇانوَ ڪٿي آهي! بيوس ۾ اها چنتا ۽ چيتنا
نه آهي، جا ڪويتا کي مهان بڻائيندي آهي، اڃان ان ۾
دير آهي، جڏهن وڄڙيون ورنديون ۽ چؤماسي جي چڪا
چوند ٿيندي.“ هن شفقت سان منهنجي مٿي تي هٿ گهمايو
۽ منهنجي شعر جي اصلاح ڪرڻ لڳو.
(مٿيون اظهار خيال کيئل داس فانيءَ جو آهي، ٻولي
منهنجي آهي.)
فرانس ۾ ائرسٽو ڪريٽ عورتن جا سئلون هوندا هئا،
جتي وڏن شاعرن، اديبن ۽ آرٽسٽن جو دعوتون ٿينديون
هيون. شڪارپور ۾ حجم جي دڪان کي سئلون چوندا هئا.
سئلون ۾ زيبدار ڪرسيون هونديون هيون، جي شهر ۾
ڪنهن جي اوطاق ۾ نه هونديون هيون. نبي بخش حجم، جو
منهنجو پاڙيسري هو، انهيءَ جو سئلون ان ڏس ۾ مشهور
هوندو هو ۽ اسان ڪجهه اسڪولي ڇوڪرا، اتي خالي
ڪرسين تي ويهندا هئاسين ۽ ادبي گفتگو ڪنداهئاسين.
انهيءَ سئلون ۾ منهنجي لاڙڪاڻي جي وڏي شاعر نواز
علي ’نياز‘ سان ملاقات ٿي هئي. لال لوئيءَ جي شام
هئي. ٻاهر ولهه وسي رهي هئي ۽ شڪارپور جي گهٽيءَ
گهٽيءَ ۾ هندو باهه جا مچ ٻاري رهيا هئا. نبي بخش
حجام جي سئلون ۾ سگري ٻري رهي هئي ۽ درين تي شيشن
مان ٻاهر ٻرندڙ شعلن جو شعاع ٿي نظر آيو. چوڌاري
سرنهن جي تيل سان ڀريل ڪيئي شيشيون رکيون هيون، جن
تي وديشي تيل جا ليبل لڳل هئا. اهي شيشيون اڻ ڄاڻ
گراهڪن تي رعب ڄمائڻ لاءِ رکيون ويون هيون.
سامهون ميز ۾ انگلينڊ جا شيشا ٽنگيل هئا. هڪ آئيني
ڀرسان نبي بخش حجم جو شاگرد، ڪؤڙو حجم، ڪنهن جا
وار ٺاهي رهيو هو ۽ هن جو خوبصورت چهرو ۽ وار
آئيني ۾ نظر اچي رهيا هئا.
سئلون ۾ لاڙڪاڻي جو مشهور شاعر نواز علي ’نياز‘
ويٺو هو. هن هڪ ڏينهن اڳ شاهي باغ ڀرسان هانڊي ۾
گلاب جو گل هٿ ۾ جهلي، گل تي مسدس جا ٻه سؤ بند
پڙهي، شڪارپور ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو. هونءَ ”سنڌو“
ماهوار رسالي ۾ رام پنجواڻيءَ جي نواز علي نياز تي
لکيل مضمون جي ذريعي اسان ڄاتو هو ته ”بيوس“ ۽
”نياز“ ان دؤر جا ٻه ڏاڍا وڏا شاعر آهن.
”سائين اوهان جي ”گل“ تي نظم ته شڪارپور کي وڄائي
وڌو آهي، اسان کي اهو نظم ٻڌائيندا؟“ نبوءَ حجم
چيو:
”هڪ شرط تي.“
نواز علي نياز جواب ڏنو:”ڪالهه مون کي گل هٿ ۾ هو،
جڏهن مون اهو نظم پڙهيو هو، اڄ اهو گل ڪونه آهي.“
هن ڪؤڙي حجم ڏانهن اشارو ڪري چيو:”جي اوهان اجازت
ڏيو ته مان هن گل جهڙي ڇوڪري جي زلف ۾ هٿ وجهي
اوهان کي اهو نظم ٻڌايان ٿو. هونءَ ته هُو منهنجي
پٽ برابر آهي.“
نبي بخش حجم ڪؤڙي کي چيو ته : ”گراهڪ جا وار ٺاهي،
اچي نياز صاحب جي ڀر ۾ ويهه.“
نياز صاحب ڪؤڙي جي زلفن کي آڱر تي وٽي نظم پڙهيو.
”گل ۽ بلبل ۾ آ جهڳڙو ته چمن ڪنهن جو آ.“
مون يڪدم نياز صاحب کي چيو ته : ”سائين اها سٽ ته
مولانا حاليءَ جي هڪ مطلع تان ورتل آهي.“
”گل و بلبل مين هي جهڳڙا که چمن کس کا هي
گل بتادي خزان آکي وطن کس کا هي.“
نياز صاحب منهنجي قد ڪاٺ کي ڏٺو. ان وقت منهنجي
عمر تيرنهن سال هئي. هن پڇيو: ”تو هن عمر ۾ مولانا
حالي پڙهيو آهي؟“
”ها، ڪنهن اردو رسالي ۾ هن جي ڪلام جو انتخاب
پڙهيو اٿم.“
”چڱو ٻڌ! پهرين سٽ مون برابر مولانا حاليءَ واري
مطلع تان ورتي آهي، پر مسدس، مخمس جا ٻه سؤ بند
منهنجا آهن. پوءِ هن ڏيڍ ڪلاڪ ۾ پنهنجو نظم پڙهي
پورو ڪيو. رڳو وچ ۾ ڪؤڙي جي زلفن کي ڪجهه ڇڪ اچي
رهي هئي ته هن هلڪي رڙ ٿي ڪئي. نظم پورو ڪري هن
موڪلايو. اسين به نبي بخش حجم جي سئلون مان ٻاهي
نڪتاسين. ٻاهر ڏاڍو سيءُ هو ۽ هوا پاڪيءَ وانگر
منهن تي چهه ڏئي رهي هئي.
ڪتاب ۾ اڳتي لکيل پنا به آهن، منهنجي زندگيءَ جي
ڪتاب وانگر. ان کان پوءِ وري هانڊي بابت به لکيل
آهي.
شڪارپور ۾ ”هانڊي“ جو بنياد مهراج رانول داس وڌو.
جتي هوليءَ جي موقعي تي ٽي ڏينهن صبح شام وڏا وڏا
هندستان ۽ پنجاب جا گوَئِيا، ڪٿڪ ۽ سازيندا ايندا
هئا، جي پڪي راڳ جو مظاهرو ڪندا هئا. هڪ ٻه مهينا
اڳ ۾ ٽڪيٽون وڪرو ٿينديون هيون. ماڻهو سيٽون رزروَ
ڪرائيندا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان کان ٻه ٽي سال
اڳ مفت ۾ هانڊو لڳندو هو. شڪارپور ۾ گوَئين کي
وڏيون پگهارون ڏئي، هندو سيٺيون راڳ جي تعليم
وٺندا هئا. سيٺ قيمتراءِ، ڀائي لال کان تعليم ورتي
هئي ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙي تعليم ورتي هئي، جن کان
شهر جا باشندا راڳ جي تعليم وٺندا هئا. حڪيم
سريچند چيٽومل ڇاپي وارو، مهراج نارد ڪندن مل
سونارو ۽ ٻيا چڱا ڳائيندڙ هئا.
شڪارپور ۾ گامڻ خان ۽ سينڌو خان وڏا گوئيا به
رهندا هئا، جي مري به هتي ويا، جن کان هندن ۽
مسلمانن تعليم ورتي هئي. مسلمانن ۾ ارباب ماڇي،
هادي بخش ميمڻ ۽ ٻيا ڳائيندا هئا. غلام حيدر ميمڻ
هندستان ۽ پنجاب ۾ وڏين ناٽڪ ڪمپنين ۾ زنانو ڪردار
ادا ڪندو هو ۽ ان وقت جو مشهور ائڪٽر هو.
حڪيم آغا غلام نبي صوفي شاعر ۽ ڊراما نويس هو.
سندس ڪتاب سچل سرمت نالي لکيل مشهورآهي. تنهن
شڪارپور ۾ ”الهلال سوسائٽيءَ“ جو بنياد وڌو ۽ سٺا
سٺا ناٽڪ اسٽيج تي پيش ڪيا. ڪيترائي شوقين ڪردار
کڻندا هئا، جن ۾ مشهور ڪم ڪندڙ ڪجهه هي آهن. آغا
حق نواز خان پٺاڻ، غلام حسين جهلڻ، وڏيرو پيرن
جوڙيو، مرحوم حڪيم عبدالرحيم، مرحوم جان محمد عرف
گلشن صوفي، جنهن پوءِ ڪيترين فلمن ۾ ڪم ڪيو.
عبدالغفار سومرو به وقت جو مشهور ائڪٽر هو. (اهو
احوال مون کي لعل محمد لعل خط زريعي موڪليو هو جو
مان پنهنجي نوٽ بُڪ تان اتاري ڇڏيو هو). مان نوٽ
بڪ رکي زرينا کي چوان ٿو، مون پنهنجي والدين تي
لکيو آهي، ڪجهه تنهنجي والدين تي به لکڻ چاهيان ٿو
۽ ياد ڪجانءِ، اڃان شاهي باغ ۽ بيگاري واهه تي به
لکڻو آهي. مون کي ويسر ٿي پئي آهي، توکان سواءِ
مان هي ڪتاب جيڪر لکي نه سگهان ها.
مان هاڻي ٻاهران چڪر ڏئي موٽي ٿو اچان. مان پاڻ ۾
پيهي دور ڏسان ٿو، سخت بارش پئجي رهي هئي. اردوءَ
جي مشهور افسانه نويس، ناول نگار ۽ ٽي. وي اسڪرپٽ
رائيٽر بانو قدسيه مون سان گڏ ماسڪو ۾ هئي. اسان
جو ٽيون ساٿي خاطر غزنوي هو، جو پشاور جو شاعر هو،
هُن کي پيڪنگ هوٽل مان دٻڙ دؤنس ڪري ايمبولينس ۾
کڻائي ويا هئا، ڇوته هن مليريا جي شڪايت ڪئي هئي،
جتي خاطر غزنويءَ کي علاج لاءِ رکيو هئائون. اسان
ٻنهي کي برساتون پيون هيون، پر خاطر اسپتال ۾ قيد
هو، اسان کي رڳو شيشي مان هن جو منهن ڏسڻ ڏنائون.
جنهن تي بارش جون بوندون پئجي رهيون هيون.اسپتال ۾
اڃان اهو طئه نه ڪيو ويو هو ته خاطر کي ڪوئي
وچرندڙ مرض آهي يا نه. تيستائين هن سان ملاقات جي
منع ٿيل هئي. قدسيه ۽ مان سيمينٽ جي ڇني هيٺان
بيٺا هئاسين. بارش اوڙڪون ڪري وسي رهي هئي. اڌ
ڪلاڪ گذري ويو، تڏهن به اسان کي خاطر سان ملڻ نه
ڏنائون ۽ چيائون، اڃان هن جون مختلف ٽيسٽون ڪرڻيون
آهن.
اسان کي رات لينن گراڊ وڃڻو هو. سو پيڪنگ هوٽل ۾
موٽي آياسون ۽ مختصر سامان کڻي ۽ باقي ڪلوڪ روم
(Cloak Room)
۾ رکيوسون. يارنهين وڳي اسان جو گائيڊ ۽ ٽرانسليٽر
(مترجم) سرگي، ڪار سوڌا پهتا ۽ اسان کي ماسڪو
ريلوي اسٽيشن تي وٺي آيا. ريلوي اسٽيشن تي ڪافي
گهماگهمي هئي. اسان بئنچ تي ويهي رهياسون. ڀرسان
هڪ خوبصورت جپسي ڇوڪري ماڻهن کان ڪجهه پئسا وٺي،
سندن هٿ ڏسي رهي هئي. هن کي پڃري ۾ هڪ چيهو هو جو
اسٽرابيريءَ ۾ ٻڌل جهرڪيءَ وانگر پئي لڳو. مون به
هن کي ڪجهه ڪوپيڪ ڏنا ۽ هن کي هٿ ڏيکاريو. هٿ ڏسي
هن پڇيو: ”پٺيان ڪوئي عشق ڇڏي آيو آهين، جنهن کي
ياد ڪري رهيو آهين.“
”هائو.“ مون کي ڪي چيروليون اکيون، ڪچنار جهڙا چپ
۽ اها رقص آميز رفتار ياد آئي جا مورڻيءَ ۾ هوندي
آهي.
”هتي به تنهنجي مقدر ۾ عشق آهي، پر ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ جڏهن تون لينن گراڊ مان موٽي ايندين.“
مون سوچيو ته ڏاڍو چڱو، شاعريءَ جي وٽ وسامي نه
وڃي. ڏيئي ۾ لاٽ لاءِ ڪا جسماني ضرورت آهي، ان کان
سواءِ زندگي ڪنهن وسيع بيابان وانگي لڳندي آهي. ان
عورت کان سواءِ ٻيا به جپسي ويٺا هئا، جي هن
جدلياتي ملڪ ۾ بي معنيٰ ٿي لڳا. اهي رولاڪ ڄڻ
روپوش هئا، جن کي روپي منهن هيا. سرگيءَ کي پتو نه
هو ته اهي ڪير هئا، ڪٿي رهندا هئا ۽ ڪٿان آيا هئا،
انهن کي نه ڪپڙي جون ٽوپيون، نه ڪپڙي جا بوٽ هئا ۽
نه بنهه سٺا اوورڪوٽ هئن. انهن کي فقط مفلوڪ
الحاليءَ جي باوجود ڪجهه بريف ڪيس هئا، جي روس ۾
عوامي انقلاب جي نشاني هئا. انهن کي گلي ۾ رنگين
اسڪارف ٻڌل هئا.
ٽرين ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ هڪ گاڏيءَ ۾ بانو قدسيه ستي ۽
ٻئي گاڏي ۾ مان ۽ سرگي. هر گاڏي ۾ بسترو، مگ،
ٽوال، باٿ روم، اليڪٽرڪ شيور لاءِ سئچ، خوشبودار
صابڻ ۽ هر شيءِ صاف سٿري هئي. گاڏي ۾ فرش تي ۽
ڪاريڊار ۾ قالين ۾ وڇايل هئا.
6 آگسٽ 1967ع جي ڊائريءَ ۾ منهنجو نوٽ آهي ته اڄ
سرگي ننڊ مان ستين بجي اُٿيو. مون کي ڇهين بجي جاڳ
ٿي هئي. ننڊ مان جاڳائڻ لاءِ تمام مٺڙي ۽ پياري
موسيقي هلي رهي هئي، مون دريءَ تان پردو پري ڪري
ڇڏيو. ريل جي پٽيءَ جي ٻنهي پاسي برچ جا خوبصورت
وڻ بيٺا هئا ۽ ڊاچا، گهر، کيت، گهاٽا جهنگل هئا.
مان اسٽيورڊ کي ڪجهه ڪوپيڪ ڏئي چانهه آڻڻ لاءِ
چيو. بسڪوٽ ريل ۾ ڪونه هئا. ريل ”ڪوبه نه روڪي،“
”ڪوبه نه روڪي،“ ”ويندس، ويندس.“ چئي وڃي رهي هئي.
مون سرگيءَ کان حال احوال ورتو ته هن ٻڌايو ته:
”مان پرڻيل آهيان، پر هاڻ زال کي طلاق ڏيندس. هوءَ
ارڙهين سالن جي خوبصورت ڇوڪري آهي پر فاحشه آهي.
پهرين ته منهنجو هن سان عشق هو، پر هاڻ الائجي ڇا
ٿيو آهي.“
ازابيل نالي هڪ ڪروڙڍ عورت، بيورو آف رائيٽرس
طرفان اسان کي لينن گراڊ اسٽيشن تي وٺڻ ڪار ۾ آئي.
اسان کي لينن گراڊ هوٽل ۾، جو اجنبي مهمانن لاءِ
مخصوص هو، ٻن ڪمرن ۾ ترسايائين. اسان هوٽل ۾ نوين
وڳي پهتا هئاسون. ازابيل اسان کي هوٽل ۾ ڇڏي پاڻ
هلي وئي.
ان وقت مشهور آمريڪين ايڪٽر اينٿوني ڪُئين
(Anthony Quin)
ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ سان گڏ ڪار مان لهي هوٽل ۾
گهڙيو پئي ته خوشبوءِ هوا ۾ پکڙجي وئي. ڪيئن چئجي
ته اها خوشبوءِ ان ڇوڪريءَ جي جسم ۾ هئي يا هن
سينٽ لڳائي هئي. ناشتو اسان ڊائيننگ روم ۾ ڪيو.
اتي ناشتو ڪمري ۾ ڪنهن کي به نه ڏيندا هئا. پوءِ
ڀل ته ملڪ جو سربراهه ڇونه هجي. هڪ روبل ۾ ماڻهوءَ
کي جيڪي وڻي سو کائي، کاڌي ۾ پارج
(Porridge)
مربو، مٺي ۽ کاري چيز(Cheese)،
اوٻاريل آنا، ٿڌي گوشت جا ٽي نمونا، گرم گوشت جا
ٻه نمونا، آنا، بن، روٽي، اڇي ۽ ڪاري چانهه، مختلف
قسمن جي ڪافي ۽ سلاد ڏيندا هئا. سرگيءَ ته ايترو
کاڌو ڄڻ هن پورو مهينو بک ڪڍي هجي. هن ڇهه اوٻاريل
آنا کاڌا، ٽي چار پليٽون گوشت جون ۽ ٻي ڪا چيز
کائي ٻه ڪوپ چانهه جا پيتائين. اسان ايترو ناشتو
ڪيون ها ته بيمار ٿي پئون ها. هو روسٽوف جو هو ۽
پهريون ڀيرو اسان سان گڏ لينن گراڊ آيو هو.
سرگي مون سان گڏ ساڳئي ڪمري ۾ هو ۽ ناشتو کائي
اسان اک لائي ورتي. مون هوٽل مان نيپولين برانڊي ۽
ڪجهه عطر جون شيشون ورتيون هيون، اٽڪل 12ڊالر لڳا
ها. هتي لينن گراڊ ۾ ٽين وڳي رات ٿي ٿئي ۽ نائين
وڳي صبح. 10 وڳي لينا آئي، جنهن انگريزي ڄاتي پئي،
اسان ڏانهن مترجم
(Translater)جي حيثيت ۾ موڪلي وئي هئي. هن ٻڌايو ته لينن گراڊ ۾ چار سؤ
نديون ۽ واهه آهن. ستر پليون آهن. جڏهن ڪار
ڪارنووسڪي پراسيڪٽ مان گذري ته مون ڏٺو ته اتي
ورڪي عاملن جي حيدرآباد ۾ جاين وانگر پٿر جون
جايون ٺهيل هيون. ساڳئي پٿر ۾ اڪر، ساڳئي قسم جا
ڪٽهڙا وغيره هئا. لينا ٻڌايو ته انقلاب کان اڳ اهي
خانگي جايون هيون ۽ 1917ع ۾ اهي قومي ملڪيت ۾
ورتيون ويون هيون.
لينن گراڊ، ماسڪو کان مختلف هئي، هتي جديد بلڊنگون
نه هيون. اسان کي لينا زار جو اهو محل، جيڪو پيٽر
اعظم ٺهرايو هو ۽ جنهن کي هرمتاج
(Winter Resort)
ٿي چيائون، به ڏيکاريو. زار جو حڪم هو ته هرمتاج
کان ڊگهي ڪابه جاءِ نه جوڙي وڃي. لينا اسان کي
اندر وٺي هلي ۽ ٻڌايائين ته : ”ان ۾ ٽي سؤ ملين
شيون رکيل آهن. هاڻي اهو ميوزم آهي ۽ ان کي
پارکوءَ وانگر ڏسڻ يارنهن سال لڳي ويندا. هاڻي اهو
عوام لاءِ کليل آهي. هونءَ هرمتاج کان سواءِ لينن
گراڊ ۾ ٻيا به پنجاهه ميوزم آهن. لينن ميموريل
ميوزم، آڪٽوبر انقلاب ميوزم، سينٽرل لينن ميوزم،
ميوزم آف هسٽري، ميوزم آف هسٽري آف رليجنس ۽
(Museum of History of Religions and Athiesim) وغيره.
هرمتاج نه رڳو لينن گراڊ جو وڏي ۾ وڏو ميوزم هو،
پر اهو دنيا جي سڀني ميوزمن کان وڏو آهي. ان ۾ جدا
جدا ملڪن ۽ دؤرن جي ماڻهن جي مصوري ، صنم سازيءَ
جا شاهڪار، نقاشي، آثارقديمه جا نوادرات، سڪا،
تمغا ۽ مستعمل آرٽ
(Applied Art)جا
نمونا آهن.
لينن گراڊ آڪٽوبر انقلاب جو گهوارو آهي ۽ لينن جو
شهر آهي، جنهن هڪ نئين پارٽيءَ جو بنياد رکيو هو.
انقلابي خلاصين ونٽر پئليس تي قبضو ڪيو هو، جنهن
لاءِ سمالني نالي جاءِ ۾ ساري ڪارروائي رٿي وئي
هئي. لينن هن شهر ۾ آڪٽوبر 1917ع کان مارچ 1918ع
تائين رهيو هو ۽ پرولتاري انقلاب جي رهنمائي ڪئي
هئائين. جڏهن سپاهي محل ۾ پهتا ته خلاصي اڳي ئي
اتي ڳجهيءَ موريءَ
(Sewer)
مان پهچي چڪا هئا. ان ڪري نقلاب دشمن چوندا هئا ته
انقلاب گٽر مان آيو هو.
اسان ٻپهريءَ جي ماني کائي، هوٽل جي نيوا نديءَ
واري در کان هرمتاج وياسون. نيوا تي ارورا ڪروز
پاڻيءَ جو جهاز بيٺو هو، جنهن ۾ ڏهه ڏينهن انقلابي
ڪٺا ٿيا هئا، جنهن جو جان ريڊ جي مشهور ڪتاب ”دنيا
کي جهنجهوڙيندڙ ڏهه ڏينهن،“(Ten
days that shook the world)۾
ذڪر ڪيو آهي. اسان پهريون ڀيرو هرمتاج جي انهن
ڪمرن ۾ وياسون، جتي روم ۽ يونان جا بت رکيل هئا.
روم ۽ يونان جو يورپ جي ثقافت جو سرچشمو آهي. سرگي
هڪ بت تي ڪتبو پڙهي چيو:” يه رومن سمراٽ هي.“ اسان
ان ڪري سرگيءَ کي سرگي داس ڪوٺيندا هئاسون جو هو
هندستان ۾ رهي آيو هو ۽ اتي هندستانيءَ جا ڪافي
لفظ سکيا هئائين. پروگرام کي ڪاريه ڪرم ٿي چيائين.
هن ٻڌايو ته هندستان ۾ هر نانگ کي ”شانڀ“ پئي
چيائون. هن ان جي هرقسم جو الڳ الڳ نالو نه ٻڌو
هو. ٻئي بت هيٺان لکيل لفظ پڙهي چيائين ته هي
يونان جو گرو آهي
(God of wine dioyinysus).ان
بت کي هٿ ۾ انگور جو ڇڳو ۽ ٻئي هٿ ۾ پيالو هو.
ڊايوني سس جو هڪ ٻيو بت به هو، جنهن ۾ هن کي هڪ هٿ
۾ پيالو هو ۽ هن جو ٻيو هٿ هڪ خوبصورت عورت جي
چيلهه ۾ پيل هو. مون سوچيو ته مان ڊايوني سس جو
پنر جنم آهيان. هيءَ زندگي رابيل جي گل تي ماڪ جي
ڦڙي وانگر آهي، اڏامندي ويرم ڪانه ڪندي، بهتر آهي
ته ان کي ڊايوني سس وانگر ماڻي وٺجي. ڊايوني سس جو
ذڪر مون نه رڳو يوناني ڏند ڪٿائن، پر غالباً ڊي.
ايڇ لارنس جي ناول ۾ به ڪٿي پڙهيو آهي. هن جو
فلسفو هو ته، ”جيڪي به هتي آهي، هاڻي آهي، ماڻي
وٺ!“ ”تري تائين پيءُ ته تون مون کي ماڻئين.“ جي
موت هڪ وهم آهي ۽ زندگيءَ کي بقا آهي تڏهن به
زندگي ساڳي رنگ روپ، ساڳئي فڪر ۽ احساس جي گهرائي
سان نه ملڻي آهي. هنس وانگر موتي چڳي وٺ، سَرُ
ڪهڙي وقت به سڪي وڃي! ائين برابر آهي ته هنس کان
ڪونج جي اتاهين اڏار بهتر آهي، جيڪا آسمان مان
تارا چڳندي آهي. يوناني فلسفي ايپي ڪيورس چوندو هو
ته: ”عيش جا طريقا ساڳيا نه آهن.“ خنزير جي شڪار ۽
شاعريءَ ۾ ساڳيو لطف نه آهي.“ سون جي زيورن واري
ڪمري تي سپاهي بيٺا هئا، خوبصورت واز
(Vase)
رکيل هئا، ڇتين ۾ سونا شاندار ليئر (جهار)
هئا، ليونارڊو ڊاونچيءَ جي ميڊونا
(Medona)،ان
دور جا هٿيار، لوهي توپ، وال پليٽون، (ڀت _
تَسريون) جڳ، اڇي ۽ ڪاري سنگ مرمر جا بت، سونا
پيالا، صندوقون، طباخ، ڇتين تي عمده نقش، سونا ڏول
۽ گنديون، چينيءَ، سون، ٽامي، ڪاٺيءَ ۽ پٿر جا
نوادرات، زرهون، صليبون، سون جون صراحيون، آرسيون،
سينگاردان
(Icon)، مورتيون، ڪرسيون، صوفا، مُنڊيون، ٿانوَ، مهرون، سڪا، ٻلا،
تخت تاج، گلدان، شمع دان، فانوس، سنگ مرمرجا
تلاءَ، مجسما ئي مجسما، مصر جا، روم جا، يونان جا،
روس جا، تصويرون ئي تصويرون هيون. اسان هڪ ڪمري ۾
ممي
(Mummy)به
ڏٺي ۽ سوچيو ته هيءَ ممي، لينن جي مميءَ کان وڌيڪ
پائيدار آهي، پر ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو آهي. آهن ته ٻئي
سڪل ماس جا لوٿڙا. لينا ٻڌايو ته هيءَ اها به جاءِ
آهي جتي انقلابين خونريزي ڪئي هئي ۽ اتي رت جا سڪل
دٻا پيا هئا. مان بخار مان اٿيو هوس، ان ڪري ڪجهه
ڪمرا گهمي موٽياسون. مان هرمتاج مان موٽندي سوچي
رهيو هوس ته روس جي زارن ڪهڙي ڪهڙي ملڪ جي ڦرلٽ
ڪئي هئي ۽ کربين ڊالرن جون شيون ڪميونسٽن پاڻ وٽ
محفوظ رکيون هيون ۽ انهن ملڪن کي موٽائي نه ڏنيون
هيون، جن جي اهي ملڪيت هيون.
حوري نورانيءَ مون کي هرمتاج تي هڪ ضخيم ڪتاب
انگريزيءَ ۾ ڏنو هو، جنهن ۾ کربين ڊالرن جي جرمني
۽ رومانيا جي تصويرن جا فوٽا هئا. مان ڀانيان ٿو
ته ايتريون تصويرون هٽلر جو ڪلچر منسٽر هرمن
گوئرنگ به ٻي جنگ عظيم ۾ يورپ مان ڦرلٽ ڪري ڪٺيون
نه ڪري سگهيو هو. نيٺ جيئن برطانيا جي ميوزم ۾
ڦرلٽ جو مال اڃان تائين آهي ۽ اڃان هند ۽ پاڪ کي
ڪوهنور ۽ تخت طائوس به نه موٽايو اٿائون. اشتراڪي
سامراجيءَ ۾ زر ۽ دولت جو هوس ساڳيو هو، جهڙو
سرمائيدار سامراجيءَ ۾! ٻاهر نڪتاسين ته سامهون
نيوانديءَ تي سج پويون ٽٻڙڪو ڏئي، راسپوٽين جي زخم
آلود سر وانگر ٻڏي ويو ۽ پٺيان رتائون پاڻي ڇڏي
ويو.
اسان ٿڪ پٽڻ لاءِ ٿوري دير ۾ هڪ پارڪ ۾ ويٺاسون،
جتي سوين ڪبوتر ۽ جهرڪيون ماڻهن جي پيرن ۾ ويٺيون
هيون ۽ انهن کان نه ٿي ڊنيون، ڄڻ اهي به ماڻهن جي
اجتماعيت جو حصو هيون. پوڙهيون زالون انهن کي چوڻو
وجهي رهيون هيون. پر ماڻهو ڪي.جي.بيءَ کان عزرائيل
وانگر ٿي ڊنا. پارڪ ۾ بانو قدسيه مون کي چيو:”مون
هڪ سنڌ ۾ سهڻيون عورتون ڏٺيون هيون، ٻيون هتي روس
۾.“ اتان اٿي اسان سينٽ نڪولس جي چرچ ڏانهن
وياسين. سرگيءَ پنهنجي هندستانيءَ ۾ چيو:”چرچ ڪتني
سندر هئه.“ دراصل روس ۾ اسان کي هندستان يا
بنگلاديشي سمجهندا ها، پر جڏهن اسان هنن کي چوندا
هئاسون ته: ”اسان پاڪستان مان ٿا اچون ته هو چوندا
هئا، ”دا، دا، دا، علي ڀٽو، علي ڀٽو.“
”هائو، هائو، هائو، علي ڀٽو، علي ڀٽو.“ اسان کي
ڪوئي ثقافتي تشخص نه آهي ۽ جتي به وڃون ٿا ته
هندوستاني سمجهيا وڃون ٿا.
چرچ ۾ سنگ مرمر جا حضرت عيسيٰ ۽ بيبي مريم جا بت ۽
شمع دان، صليبون، در، دريون، قبائون، ڪرست جون
مورتيون، سڀئي ڪنهن ٽامي جهڙي ڌاتوءَ مان ٺهيل
هيون، جن تي سونو پاڻي چڙهيل هو. چرچ ۾ سؤ کن
ماڻهو موجود هئا، جن ۾ اڪثر پيرسن هئا ۽ ڪجهه جوان
به هئا. سڀئي پاڻ کي واري ڪراس ڪري رهيا هئا ۽
انهن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ پادري وعظ
ڪري رهيو هو. مون کي الائجي ڇو من ۾ آيو ته هتي
ڪنهن وقت عيسائيت اڀري ايندي. صليب تي عيسيٰ جي
تصوير هڪ فالج زدهه ۽ شيشي جي قبر ۾ پوريل لينن
کان وڌيڪ اتساهه ڏيندڙ آهي. عيسيٰ کي خدا ابدي
زندگي عطا ڪئي هئي، اهڙو وقت ايندو جو لينن کي
ڪريملن واري قبر مان ڪڍي ڦٽو ڪندا، جيئن اسٽالن کي
ڪڍي ڦٽو ڪيو هئائون ۽ اڄ هو عام ماڻهوءَ وانگر
هيڻو هو. قبر شيشي جي هجي يا مٽيءَ جي، آخر قبر ئي
ته آهي!
رات جو مانيءَ جي ڪمري ۾، هوٽل جي مٿينءَ ماڙ تي
وياسين. روسي ويٽر دلڪش بو
(Bow)
ٻڌي ، صاف سٿرا، ديده زيب ڪپڙا پائي ٿڌو ۽ مٺو
ڳالهائي رهيا هئا. بورجوا ملڪن وانگر اسٽيج تي پاپ
ميوزڪ هلي رهي هئي. ٽي سؤ کن مهمان ميزن تي ويٺا
هئا. روسي، فِن، پول، مشرقي جرمنيءَ، ايشيائي روس،
آفريڪا ۽ ٻين ملڪن جا ڪافي ماڻهو دعوت تي آيل ها.
مون هڪ وهيءَ کان مڙيل آمريڪي ڏٺو، جيڪو هڪ سنهيءَ
ڳڀرو روسي ڇوڪريءَ سان پي رهيو هو ۽ نچي نچي هن کي
ڇڪي ڇاتيءَ سان ٿي لاتائين ۽ هن کان گهري چمي ٿي
ورتائين. ڇوڪري ائين ٿي لڳي ڄڻ هو هن جو سارو ساهه
ڇڪجي هن جي چپن تي آيو هو ۽ ڄڻ هن کي غش ٿي آيو.
سامهون ميز تي هڪ آرمينين جوڙو ويٺو هو. مون
سرگيءَ کي چيو ته: ”هو آرمينين ڇوڪريءَ کي ناچ
لاءِ چوي.“ چيائين ته: ”تون ڇو نه ٿو چئينس.“ مون
چيو: ”مون کي مغربي ناچ نه ايندو آهي.“ سرگيءَ مون
کان هڪ ڊالر اڌارو وٺي ايڪسپورٽ ڪئالٽي واڊڪا
گهرائي. واڊڪا پي مون کي چيائين: ”هڪ ڊالر ٻيو به
ڏي ته مان فارين سگريٽ گهرايان.“ سگريٽ آيا ته هن
آمريڪن سگريٽ ڊنهل جو ڪش هڻي چيو: ”هيءَ دنيا
ڪيتري نه خوبصورت آهي!“ ائين چئي هو اُٿيو ۽
آرمينين ڇوڪريءَ کي رقص لاءِ چيائين، جا نهايت
خوبصورت هئي، ڄڻ سنگ مرمر مان ٺهيل هئي. رقص ڪندي
سرگي ۽ هن جا بدن هڪٻئي کي زور سان ڇُهي رهيا هئا،
جيئن طوفان ۾ ٻه گل لاله هڪ ٻئي کي زور سان ڇُهن.
ناچ ڪندي ڇوڪريءَ کي ڀت جي اوٽ ۾ اسان جي نظر کان
پري وٺي ويو ۽ جڏهن موٽيو ته ڇوڪريءَ جي ٻانهن
پنهنجي ٻانهن ۾ وڌائين جا شاندليئر جي روشنيءَ ۾
ائين ٿي لڳي جيئن ڪوٺاريءَ ۾ سون رجي ويندو آهي.
قدسيه ٿورو کائي چيو ته: ”مون کي ننڊ ٿي اچي، مان
پنهنجي ڪمري ۾ ٿي وڃان.“ مان ۽ سرگي يارهين وڳي
تائين ويٺا رهياسون. هن مون کان هڪ ڊالر ٽيون به
اڌارو ورتو ۽ ايڪسپورٽ ڪئالٽي بيئر جون ٽي بوتلون
گهرايائين. چيائين: ”هي بيئر اسان کي فقط ڊالرن ۾
ملندو آهي. اسان وٽ روبل آهن، پر ڊالر لاءِ اسان
سڪندا آهيون. ڇو جو اسان کي ايڪسپورٽ ڪئالٽيءَ جون
شيون فقط ڊالرن ۾ ملنديون آهن. اسان وٽ ڊالر نه
آهن، پر مان توکي ٽن ڊالرن جي عيوض نوَ روبل ماسڪو
۾ هلي ڏيندس، جو انهن جو ريٽ بليڪ مارڪيٽ ۾ اهو
آهي. ڊالر روبل جو ترو ڪڍي وجهندو. اسان کي اهو
گهڻو پوءِ افغانستان جي جنگ مهل پتو پيو. لينن
گراڊ ۾ ٻي وڳي رات تائين ڏينهن هو ۽ مون کي
ڪالهوڪيون ڳالهيون هڪ سئربين وانگر نظر اچي رهيون
هيون.
ٻئي ڏينهن تي لينا آئي. مون هن کي نئپولين برانڊي،
آمريڪن سگريٽ ۽ ڪجهه سنئڪس
(Snacks)
آڇيون، جيڪي هوءَ برانڊيءَ جا پيگ پي کائي وئي.
غالباً هن ناشتو نه ڪيو هو. ڪچهري ڪندي هن ٻڌايو
ته: ”هي شهر پيٽراعظم 1703ع ۾ ٺهرايو هو. هن ماسڪو
مان گاديءَ جو هنڌ ڦيرائي پيٽرس برگ ۾ ڪيو هو،
جنهن جو نئون نالو هاڻ لينن گراڊ آهي.“
هن وڌيڪ ٻڌايو ته پشڪن پنهنجي نظم ”ڪُٽ جو
گهوڙيسوار“
(Bronze Horseman)
۾ لکيو هو ته:
”تقدير اسان جو قيام هتي لکيو آهي،
جيئن يورپ ڏانهن اسان دري ٺاهي سگهون.“
جڏهن پيٽرس برگ ٺهي راس ٿي هئي ته پشڪن ٻئي نظم ۾
چيو هو:
”نئين گادي جي اڳيان
قديم ماسڪو جو منهن پيلو ٿي ويو آهي
جيئن ارغوني لباس پهريل بيوهه جو منهن
هڪ ڪنواري راڻيءَ اڳيان لهي وڃي.“
تشبيهه مون کي ڦڪي لڳي. پر چوندا آهن ته پشڪن کي
ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ناممڪن آهي.
1812ع ۾ نيپولين جي شڪست، روسي فوج جي پئرس ڏانهن
فاتحانه يلغار، هڪ حب الوطنيءَ جي بي مثال لهر
ڊوڙائي ڇڏي هئي. پئرس جي فتح روس جي بين الاقوامي
عظمت وڌائي ڇڏي هئي. ان دؤر ۾ اوچو ڪلاسيڪي آرٽ
تخليق ڪيو ويو هو، جنهن جي پائي جو آرٽ يورپ ۾ ڪٿي
نه آهي. لينن گراڊ ۾ اچي هرمتاج ۾ نه وڃڻ گناهه جي
برابر آهي. دنيا ۾ اتان جهڙا ميوزم تمام ٿورن ملڪن
۾ آهن. لوور
(Louver)
پئرس ۾، برٽش ميوزم لنڊن ۾ ۽ نيويارڪ ۾ ميٽرو
پوليٽن ميوزم آف آرٽ
(Metropoliton Musium of Art)
شايد هُن جو مقابلو ڪري سگهي. ان ۾ چار سؤ نمائش
جا ڪمرا آهن ۽ هر سال ان ۾ ٽيهارو لک ماڻهو ايندا
آهن.
لينا ڏهه سال اسڪول ۾ ۽ ڇهه سال لينن گراڊ
يونيورسٽيءَ ۾ تعليم وٺي، لسانيات
(Linguistic and Philology)
۾ ڊگري ورتي هئي. هوءَ انگريزي نهايت فصاحت سان ڳالهائي
رهي هئي. انگريزيءَ سان گڏ جرمن ۽ لئٽن به ڄاڻندي
هئي. هن مون کي ٻڌايو ته: ”هن وقت چاليهه سيڪڙو
سرڪاري نوڪريون عورتن کي هيون ۽ ايندڙ ڏهن سالن ۾
مرد نوڪرين ۾ اقليت ۾ ٿي ويندا.“
پوءِ هن مون کي روس ۾ بازنطيني ۽ روسي ثقافت جي
باري ۾ ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته 15 صديءَ ۾ منگولن
ڪيئن روس کي تباهه ڪيو هو. 15 صديءَ ۾ ڪئٿرين اعظم
(Catherine the Great)
تاتارين کي شڪست ڏئي، ڪريميا آزاد ڪرائي هئي. اها روس جو حصو
ٿي وئي. ڪئٿرين جرمنيءَ ۾ ڄائي هئي. فرينچ
ڳالهائيندي هئي. ڪئٿرين کي پيٽر وانگر ’اعظم‘ جو
لقب هو، جيڪو روس ۾ ڪنهن ٻئي کي جيئري يا مئي نه
مليو هو. ڪئٿرين فرينچ دانشور والٽيئر سان خط
وڪتاب ڪندي هئي، والٽيئر جي مطالعي، هن جا سياسي
نظريا بلڪل بدلائي ڇڏيا هئا. والٽيئر جي آزادي
پسندي، هن جي حاڪميت پسنديءَ سان متضاد هئي، ڇوته
هن جي سياسي پس منظر ۾ غلامي
(Serfdom)
اڃان هئي. جنهن هن جي خيالات کي چون چون جو مربو ڪري ڇڏيو هو.
پر اهو ڏٺو ويو ته حرص
۽
هوس جي جاءِ تي صنعتي ترقي اڀري رهي هئي. تاريخ
نويس ڪليوچي وسڪي
(Kliuchevisky)
هن جي باري ۾ صحيح چيو آهي: ”ائرسٽوڪريسي هن کي
قابل محبت سمجهيو ۽ هن آفيسراڻي شان وشوڪت کي قابل
نفرت سمجهو. هوءَ هڪ ٻهراڙيءَ جي سفر تي وئي ۽
اتان جي رهاڪن ڳوٺ کي ڪنوار وانگر سينگاريو ۽ هر
ڳوٺ ۾ اهڙا منظر نظر آيس جن تي هوءَ ڪاوڙي. اي
ڪاش! اسان جا سياستدان ان مان ڪجهه سمجهي سگهن. |