پوءِ پيٽراعظم جي فتوحات جي باري ۾ ٻڌايائين. ساڍي
يارهين وڳي قدسيه تيار ٿي نڪتي ۽ اسان گڏجي نيوا
ندي تان پترا پئليس
(Peter Palace)
ڏانهن وياسون. رستي تي لينا مون کي ٻڌايو ته هتي
هڪ ڪئفي آهي، جنهن جو نالو ”رولو ڪتي جو ادبي
ڪئفي“
(Stray Dog Literary Café)
آهي، ان ۾ شاعر بلاڪ
(Poet Blok)
، مايوڪووسڪي، مينڊالسٽام
(Mandelstam)
۽ پاسترناڪ
(Pasternak)،
ساڳئي ڪمري ۾ نظر ايندا هئا. جيتوڻيڪ هو جدا جدا
ميزن تي ويهندا هئا ۽ جتي جڳ مشهور مصور شاگال
(Chagall)
جو اڃان ايترو مشهور مصور نه ٿيو هو، اهو به
ايندو هو. مون اهي سڀ شاعر پڙهيا هئا ۽ شاگال جون
ڪجهه تصويرون به ڪتابن ۾ ڏٺيون هيون، جي هن اٽليءَ
۾ ٺاهيون هيون. مون آندري بيليءَ جو ناول ”سينٽ
پيٽرس برگ“ ڪيئي سال اڳ پڙهيو هو، جنهن جهڙو درد
انگيز ناول مون اڃان نه پڙهيو آهي. دراصل انقلاب
جي شروعات ٿي هئي ائرسٽوڪريٽس
(Aristocrats)
جي بورجوا انقلابي حلقي ۾، جي ڊسيمبرسٽ
(Decemberist)
سڏبا هئا. هو شيمپئن جا ڍڪ پي رهيا ها ۽ فرينچ
انقلاب آڻڻ جهڙا خواب پئي لڌائون. مون ڪنهن ڪتاب ۾
پڙهيو هو ته جتي آڪٽوبر انقلاب آيو، اتي ئي 1930ع
۾ لينن گراڊ جا هزارين رهواسي گرفتار ڪيا ويا هئا
۽ تهس نهس ڪيا ويا هئا. اتي فاشسٽن ماڻهن کي ايتري
ته بک ڏني هئي، جو هنن سوٽن ۽ پَٽن ۽ پراڻي چمڙي
يا بوٽن جي چمڙي مان سُوپ ٺاهي پيتو هو. مون لينن
گراڊ جا نوَن سؤ ڏينهن، نازي گهيراءُ جي باري ۾
ڪتاب پڙهيو هو ۽ انسان جي بي مثال اذيت پرستي ۽ هن
جي درندگي ڏسي حيرت آئي هئي.
ان کان اڳ ۾ 1917ع ۾ جڏهن آڪٽوبر انقلاب آيو هو،
تڏهن جيسين بالشيوڪ اسيمبليءَ تي قبضو ڪن ته هنن
ڏٺو ته ارورا ڪروز جا ڪجهه خلاصي، ڪني پاڻيءَ جي
ڪسيءَ ذريعي، هنن کان اڳ ان محل ۾ پهچي ويا هئا.
ان ڪري ڪنهن لکيو هو ته انقلاب گٽر مان آيو هو.
روسي بورجوازي سڀ هڪ جهڙا نه هئا. ڪجهه واپاري آرٽ
جا سرپرست هئا ۽ روس جي مايئه ناز آرٽسٽن کي امداد
ڏيندا هئا. هنن ڪيئي وان گوگ، گوگين، مئٽسي ۽
پڪاسو جون تصويرون خريد ڪيون هيون ۽ لڪ چوريءَ
بالشويڪن جي مدد ڪئي هئائون. جيئن پاڪستان ۾ ميان
افتخار الدين وارا ڪندا هئا. پوءِ اسان فنلئنڊ جي
کاريءَ ڏانهن ويندڙ موٽر بوٽ تي چڙهياسون. هوا
ڪافي ٿڌي پئي لڳي، بانو قدسيه ۽ سرگي ايٽيمر جي ڇت
تي چڙهي ويا ۽ اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ مان ۽ لينا وڃي
اسٽيمر جي ڪائونٽر تي ويٺاسون ۽ روسي شيمپئن ۽
ڪئويئر
(Cavier)
مڇيءَ جو آرڊر ڏنوسون. اسان ٻه ٻه بوتلون ٿڌي
شيمپئن جون پيتيونسين. پوءِ اسين جهاز جي ڊيڪ تي
پاسي ۾ ٻن ڪرسين تي ويٺاسون. جيئن نيوا نديءَ جو
ان وقت نظارو ڏسي سگهون، جڏهن اتي سج جي
جهانجهرڇمڪي رهي هئي ۽ جڏهن موٽر بوٽ کي لوڏا اچي
رهيا هئا، تڏهن ٽي ڀيرا لينا اچي منهنجي هنج ۾
ڪِر. مون جڏهن کيس اٿاريو ته هن چيو: ”تون مون کان
چمي ڇو نه ٿو وَٺين.“ پوءِ هن ڳچيءَ ۾ ٻانهون
وجهي، چپ مون ڏانهن آندا، پوءِ شيئمپين کي ڳيت ڏئي
پي وئي ۽ منهنجي هٿ کي شفتالوءَ جو ڇهاءُ محسوس
ٿيو ۽ مون ڏٺو ته شيمپئن جي اثر هيٺ ٿڌي هوا ۾
لينا جو سفيد چهرو ڇليل ليڇيءَ وانگر گلابي ٿي
لڳو.
ٻن ڪلاڪن کان پوءِ اسان پترا پئليس پهتاسون. پهرين
نظر ته منهنجي آدم ۽ حوا جي بتن تي پئي، جيڪي جدا
جدا ڦوهارن وٽ کتل هئا. مون سوچيو ته هنن کي الڳ
ڇو ڪيو اٿائون. پاڻي ڏاڍو ٿڌو آهي، هنن کي ٿڌ
لڳندي هوندي. اتان ڦري زار جي محل ڏانهن وياسون.
محل جي چوٽيءَ تي ٻه ـــ مٿو باز کتل هو ۽ ان جي
مٿان سونو تاج هو. لينا جو مڙس صنم ساز هو. مون
لينا کان پڇيو ته: ”ڪير وڌيڪ پائدار آهي. پٿر يا
ٻولي؟“ هوءَ کلي ويٺي ۽ چيائين: ”هٽلر بمباري
ڪرائي ته پئليس جا ڪيئي مجسما ڀڃي ڀوري ڇڏيا هئا،
جي اسان وري ٺهرائي اڳي جيئن بيهاريا آهن، پر هو
پشڪن جي شاعريءَ تي بمباري ڪري نه سگهيو هو.“
مون هن کان خلصتي فرقي ۽ راسپوٽين جي باري ۾ پڇيو
۽ اهو به پڇيو ته ڇا جڏهن زارينا جي پٽ کي
هيمرفليا (هن بيماريءَ ۾ بدن ۾ ڪٿ به چهڪ اچي وڃي
ته رت نه بيهندو آهي.) ٿي پئي هئي ۽ جڏهن سڀ ماهر
ڊاڪٽر هن جو رت بند ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا هئا، تڏهن
راسپوٽين هن کي ٻانهن کان وٺي، وڏي ٽٻيءَ ۾ اچي
ويو هو ۽ دعا گهري هئائين ته زارينا جي پٽ جو رت
وهڻ بند ٿي ويو هو.“ ان تي لينا چيو: ”ان موضوع تي
يو. ايس. ايس. آر ۾ ڪوئي ڪتاب ناهي.“ مون لينا کي
ٻڌايو: ”انگريزيءَ ۾ راسپوٽين تي سَو کان وڌيڪ
ڪتاب لکيل آهن، جن مان چار ته مون به پڙهيا آهن.
موٽندي ڪائونٽ يوسوپوف جي محل ڏانهن هلنداسون، جتي
هن کي ايتري سائنائيڊ (زهر) پياري هئائون، جيڪا
جيڪڏهن لينن گراڊ جي پاڻيءَ ۾ ملائي وڃي ها ته سڄو
شهر زهر وگهي مري وڃي ها ۽ پوءِ جڏهن هو اها پچائي
ويو ته هن کي گوليون هنيون هئائون. اڃان هن ۾ ساهه
هو ته هن جو لاش گهلي نيوا نديءَ ۾ ڦٽو ڪيو
هئائون. لينا چيو: ”مون ڪائونٽ يوسوپوف جو محل ته
نه ڏٺو آهي. موٽي هلي رائيٽرس جي فارين بيورو کان
پڇنداسون، جي اهڙو ڪوئي محل آهي ته توکي ضرور
ڏيکاريندس.“
جڏهن ڦوهارن وٽان لنگهياسون ته رستي تي پاپلر جي
وڻن جون قطارون هيون. مون کي ياد آيو ته جڏهن مان
مياڻيءَ جي جهنگ ۾ ٻن خوبصورت عورتن سان گهمي رهيو
هوس، تڏهن مون ڪيئي پاپلر جا وڻ ڏٺا هئا. انهن مان
وڏي ساهيڙيءَ چيو ته: ”هنن وڻن ۾ تنهنجا هم ذات
پلجندا آهن.“
”ڇا مطلب؟“
”پٽ ڪينئان
(Silk Worms)
پاپلر جي پنن تي گذارو ڪندا آهن.“ لينن گراڊ ۾ ائبٽ آباد ۽
بالا ڪوٽ کان ديودار ننڍا ٿيندا آهن. پر اهي
ديودار ٻوڌي پگوڊا وانگر خوبصورت ٿا لڳن. ديودار
کي هتي ايلڪ ٿي چيو ويو. ٻين وڻن جا نالا لينا ۽
سرگيءَ کي به نه ٿي آيا. رستي تي لينا ٻڌايو ته
هوءَ لينن گراڊ کان 3 ڪلوميٽر پري ڊاچا
(Dacha)
(ننڍي گهر) ۾ رهندي هئي. روس ۾ سڀ زمين سرڪاري
آهي.ڪوئي پنهنجو گهر وڪڻڻ چاهي تڏهن به وڪڻي نٿو
سگهي. چڱي ڊاچا ٺهرائڻ تي 8ـ10 هزار روبل لڳن ٿا ۽
هوءِ زمين جو ساليانو ڪرايو 8 روبل ڏيندي آهي. هن
کي هڪ ننڍو پٽ آهي، جنهن لاءِ هو هڪ آيا
(Baby Sitter)
کي پنجاهه روبل ماهوار ڏيندي آهي. اها پگهار آهي
ته گهڻي، پر هوءَ خوش نصيب آهي جو هتي آيا ملڻ
مشڪل آهي. هڪ رٽائر ٿيل پوڙهي پورهيت هن وٽ ڪم
ڪندي آهي. جن عورتن وٽ ايترو پئسو نه آهي جو هو
آيا رکي سگهن ته هو ٻار، ٻارڙن جي اسڪول
(Kinder Garten)
۾ ڇڏي پورهئي تي وينديون آهن، جتي هنن جي نظرداري ۽ پالنا ڪئي
ويندي آهي. ڇا نه خوبصورت نظام هو، جو آمريڪا روس
کي افغانستان جي جنگ ۾ وچڙائي، درهم برهم ڪري
ڇڏيو!
ڪميونزم ڇو ناڪام ٿي، ان جو تجزيو مان پوءِ ڪندس.
لينن گراڊ جي گهيراءَ
Siege of Lenin Grad
۾ ٻارنهن لک ماڻهو مئا هئا. ڪيڏو نه سٺو هو هي
ديس، جنهن جا گورباچوف جي ڪتاب ”پرسٽريڪا“ لاهه
ڪڍي ڇڏيا.
اسان شام جو موٽياسين، سج جا سونهري ڪرڻا، پاڻيءَ
تي ائين پئجي رهيا هئا جيئن سراڻ تي چاقو تکي ڪرڻ
وقت چڻنگون نڪرنديون آهن. ان ڏينهن مون ۽ لينا
هوٽل ۾ ماني گڏجي کاڌي ۽ اڇو شراب پيئندا رهياسون،
ته ڏينهن ۾ منهنجو کاڌو پيتو واقعي ڊايوني سس
وانگر هو. ٻئي ڏينهن تي اسان اها جاءِ ڏٺي. جنهن ۾
لينن روپوش رهيو هو. شاعرائنا اختموفا جا ٿاڪ به
ڏٺا ۽ ارورا جنگي جهاز، فيوڊور دوستو وسڪي ۽ پشڪن
جا گهر به ڏٺا، جي ميوزم ۾ بدلايا ويا آهن، ڪائونٽ
يوسوپوف جو محل، جتي راسپوٽين کي سائنائيڊ پياري
هئائون ۽ گوليون هنيون هئائون ۽ واهه جي ڀرسان اها
لئمپ پوسٽ ڏٺي، جتي هن ٽپو ڏئي هٿ کوڙيا هئا ۽ پاڻ
بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. افسانه نگار ائنٽن
چيخوف
(Anton Chekhov) جو گهر، گورڪي پارڪ، ڪارل مارڪس پراسپيئڪٽ، مئڪسم گورڪي
پراسپيئڪٽ، ريپن انسٽيٽيوٽ آف پينٽنگ اسڪلپچر ائنڊ
آرڪي ٽيڪچر
Repin Institute of Painting and Sculpture and
Architecture،
موسيقيءَ واري طربيه جو مرڪز
(The Centre of Musical Comedy)، شاعر آسپ مينڊا السٽام جا ٿاڪ، نيپولين جي جنگ واري
آرٽ گئلري، جتي ائين پئي لڳو ته اسان ميدان جنگ ۾
بيٺا آهيون وغيره ڏٺاسين. حيرت آهي ته ان ساري چڪر
۾ اسان کي ٽراٽسڪيءَ جو نالو نشان به نظر نه آيو.
ٽراٽسڪي روس جو عظيم دانشور هو، جنهن جي انقلاب جي
تاريخ پڙهي ۽ ان ۾ هن جي ڪردار نگاري ڏسي، مان
وٺجي ويو هوس. هو سرخ فوج جو ڪمانڊر ان چيف هو.
لينن جو خاص دوست ۽ عظيم مقرر هو. انهن ڳالهين جو
مان ٻئي وقت ذڪر ڪندس.
فرار جي ڪا حد ٿيندي آهي! زرينا ڇا چوندي هوندي!
سنڌ واهه جي ٻئي ڪناري تي پهچندو هوس ته ٽٻي ڏئي
ساهي منجهائي موٽي ايندو هوس، ائين مان موٽي آيو
آهيان ۽ زرينا سان وري گفتگو جاري آهي.
جيتري قدر مون کي ياد آهي، زرينا جو والد بزرگوار
ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، جيڪب آباد، سکر، دادو ۽
حيدرآباد ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رهيو هو. ان زماني ۾
گهڻو ڪري ڪليڪٽر انگريز هوندا هئا. مان زرينا کي
به ٻاهر چڪر ڏياري ٿو اچان.
جڏهن مان وائيس چانسلر هوس. تڏهن منهنجي مرحوم
دوست شمس الدين جو نياڻو نورمحمد شاهه ميرپورخاص ۾
ڊپٽي ڪمشنر هو، هن مون کي ڪنهن دعوت ۾ صدارت لاءِ
ڪوٺ ڏني هئي. زرينا کي اهو ياد هو ته هوءَ نورمحمد
شاهه جي بنگلي ۾ رهي هئي. هن جي بنگلي جي اڱڻ ۾ ٽي
چار مور ٽهوڪا ڪندا هئا. ائين لڳندو هو ته مور
بادلن کي سڏي رهيا آهن، پر بادل ڪن لاٽار ڪندا
ويندا رهندا هئا. ”هڪ طرفي عشق جو اهوئي نتيجو
ٿيندو آهي.“ هن مون کي شڪايت ڀريل نگاهن سان ڏسي
چيو،”جيئن بادل مور جي سڏ کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري رمندا
رهندا آهن، تون به مون کي ائين ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري
رمندو آهين، پر مان توسان ٻانهن ۾ ٻڌل تعويذ جيان
ٻڌل رهي آهيان.“ مون ندامت جي احساس کي لنوائي، هن
کان ميرپورخاص جي باري ۾ وڌيڪ پڇيو. هن جواب ڏنو
ته:”جڏهن ڪتيءَ جو چنڊ چؤڏس رات پنهنجي پوري جوڀن
تي هوندو هو ۽ هوا ۾ ڪجهه ٿڌڪار هوندي هئي...“
مون هن کي وچ ۾ جهليندي چيو : ”تون ته شاعره ٿيندي
ٿي وڃين!“
هن وراڻيو : ”اسان جي جڏهن شادي ٿي هئي، تڏهن
منهنجي ويهارو سال کن عمر هئي. ان کان پوءِ هن وقت
تائين، تنهنجي پاڇي وانگر رهي آهيان. ڪنهن وقت اهو
پاڇو ننڍو هوندو هو، ڪنهن وقت وڏو ٿي ويندو هو.
مون توهان مان ڪجهه ته پرايو آهي.“
زرينا گفتگو جاري رکندي چيو: ”انهيءَ مُند ۾ بابا
شاميانا هڻائيندو هو ۽ سگهڙ ڳجهارتون ڏيندا هئا ۽
ڀڃندا هئا. مارو لوڪ گيت ڳائيندا هئا ته لونءَ
لونءَ اُڀي ٿي ويندي هئي. رهاڻ ٿيندي هئي ته ٿري
امل سان ڀريل ترِِي آڇيندا هئا. بابا چوندو هو ته
امل انسان ڀؤنتريءَ وانگر ڀڙڪو ڏئي اڏاري کائي
ويندو آهي.“
مون چيو ته : ”مون آتم ڪهاڻيءَ جي پهرين حصي ۾ ٿر
تي ڪافي لکيو آهي.“
”تو اسان جي گهر ۾ کٿا ڏٺا هئا، ڪيڏا نه خوبصورت
هئا. اهو کٿو جو بابا توکي به تحفي طور ڏنو هو،
جڏهن تون فرسٽ ايئر ۾ فرسٽ ڪلاس آيو هئين.“
”انهيءَ ڪري تولاءِ وصيت ڪئي هئائين ته تنهنجو سڱ
مون کي ڏنو وڃي.“
”ڪوڙا! بابا اهڙي وصيت نه ڪئي هئي. لکيو منجهه
نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي، تون منهنجي ڀاڳ ۾ لکيل
هئينءَ، ان ڪري تنهنجي ماءُ، امڙ کان سڱ گهريو
هو.“
هن ڳالهه جاري رکندي چيو هو: ”بابا، ٿر ۾ اٺ تي
سفر ڪندو هو، تڏهن ان جي چمڙي جي جهلن تي خوبصورت
ڀرت ڀريل هوندو هو. ٻيا اڇن ليڪن تي نيرن ليڪن
وارا ’جاجم‘ هوندا ها.“ هوءَ نالو ياد ڪري چوي ٿي
ته: ”هائو، انهن کي ’جاجم‘ چوندا هئا، جيڪي ويهارو
فوٽ کن ڊگها هوندا هئا، جي اسان ٻٽا چؤٽا ڪري
پائينديون هيونسين، جڏهن پوهه جا پارا پوندا ها.
ڪاٺ جي پيتين تي ڪاوا ڪيڏا نه خوبصورت لڳندا ها!“
زرينا، مون اڃان تنهنجي پيءُ جي حقيقت پوري نه ڪئي
آهي ته ٿر جا نانگ ياد ڪري، اچ ته تاج پور مان چڪر
ڏئي اچون.
نواب لغاريءَ اسان جي دعوت پنهنجي زمين تي ڪئي
هئي. اُتي ڪيڏي نه من موهڻي فضا هئي!
”اُتي تو هڪ فارسي شعر ٻڌايو ۽ ان جي معنيٰ ٻڌائي
هئي. اهو ڪهڙو شعر هو؟“
مون چيو:
نسيم خلد مي ورد مگر ز جوئبار ها
که بوئي مشک مي دهد هوائي مرغزار ها
ترجمو: (بهشت جي هوا گهلي رهي آهي ۽ جوئبارن تان
گهلندڙ هوا مان مشڪ جي خوشبو اچي رهي آهي.)
تاج پور ۾ هڪ بيٺڪ هئي، ان جي سامهون ڪيئي سفيدي
جا اوچا ۽ سڌا وڻ ها، جن جي پٺيان ڪيترائي ايڪڙ
ڪيلا بيٺل ها. ڀرسان ٽيوب ويل مان پاڻي ڪسين مان
وهي دلفريب فضا پيدا ڪري رهيو هو. نواب لغاري جو
نانگائي سؤٽ به عجيب ماڻهو هو، ڇا نالو هو هن جو؟
”مان ڀانيان ٿو ته هن جو پورو نالو شايد نواب محمد
خان لغاري هو.“ ڪيئن چئجي هن عمر ۾ ڪي ڳالهيون ياد
رهن ٿيون ڪي نه ٿيون رهن.
هيمنگ وي مڇ کي چيو هو: ”مڇ تون منهنجو ڀاءُ آهين،
پر مون کي توکي مارڻو ضرور آهي.“
پر نواب محمد خان چوندو هو: ”نانگ تون منهنجو ڀاءُ
آهين، مون کي توکي پالڻو آهي.“
ڪهڙا ڪهڙا نانگ هيا هُن وٽ. گڊا، پدم، ڪاريهر،
ڊمر، واڇر، لنڊيون، کپر، سنگ چُور، نانگ به هن وٽ
هوندا ها، جو تمام زهريلو نانگ ٿيندو آهي. اڃان
ٻيا به نانگن جا قسم ياد ٿا اچن. سونهري، ڪنڀاري،
گهوڙيال، چڙيل، ٻه منهين، پتنگ، ڪُرنڊ، سُرميل، هن
وٽ هر قسم جا زهريلا نانگ ها، سواءِ مار آستين جي،
جو منهنجو پسنديده نانگ آهي. اهي نانگ مئل ڏيڏر ۽
ڪوئا کائيندا ها.
لينن گراڊ ۾ منهنجي گائيڊ سرگي ٻڌايو هو ته
هندوستان ۾ نانگ کي شانپ پيا چون. نانگائي نانگ کي
ڳچيءَ تي لٺ ڏئي پڪڙي، منڍيءَ ۾ هٿ وجهي ڳياڙين
مان چاقوءَ سان ڏند ڪڍي وٺندا ها ۽ ڏندن ڪڍڻ کان
پوءِ چاقوءَ سان نانگ جي زهر جي ڳوٿري به ڪڍي
وٺندا ها.
منهنجي فطرت ۾ دوستن کي نانگن جيان پالڻ واري
ڪمزوري آهي، پر مان هنن جا چاقوءَ سان نه ڏند
ڪڍندو آهيان ۽ نه سندن وات مان زهري لفظن جي ڳوٿري
ڪڍي سگهندو آهيان. ان ڪري نيٺ هو مون کي ڏنگي
وجهندا آهن. مون کي تن سنگ چُور به ڏنگيو آهي. پر
قدرت مون کي اهڙو ڪو اذن ڏنو آهي جو مان هن وقت
تائين ته انهن جي هر زهر کان بچي ويو آهيان.
نواب محمد خان وڌيڪ ٻڌايو هو: ”سياري جو (ڊسمبر
کان فيبروريءَ تائين) نانگ ڪجهه نه کائيندو آهي.
ٻر مان ٻاهر به نه نڪرندو آهي. ڪيتري نه ساڃاهه
آهي پسونءَ کي ته سيءُ سٽي وجهندو! جڏهن هو ٻَر
مان نڪرندو آهي، ڪنهن انڊر گرائونڊ انقلابيءَ
جيان، تڏهن بک ۾ ڪوئو، چوزو ۽ بيدو کائيندو آهي.
جهرڪيءَ کي به کائي ويندو آهي. بيدي کي مٿي سان
ٿيلها ڏئي، پٿر سان ٽڪرائيندو آهي ۽ ان کي ڀڃندو
آهي. ڊسمبر ۾ ڪُتي ڪُتيءَ وانگر گانڊوڙ ڪندو آهي.
جيڪڏهن هُن جي مادي ڪنهن ماري وڌي ته ان کي ڳولي
لهندو آهي. نانگ جو وير هڪ حقيقت آهي. نانگ کي
ماڻڪيءَ ۾ صورت نظر ايندي آهي.“
مون ڳالهه جاري رکندي چيو: ”مان نظم ۽ نثر جي تلاش
۾ سنڌ جو چپو چپو ڦريو آهيان ۽ نوٽ ورتا آهن. شايد
انهن جي مدد سان مان ڪوئي ناول لکي، سنڌ کي امر
ڪري سگهان! سنڌ ۾ وچولي طبقي جا انسان نانگ ۽
وڇونءَ کان وڌيڪ زهريلا آهن. ڪارل مارڪس وچولي
طبقي سان نفرت ڪرڻ لاءِ صحيح هو. مون وِڇن جي باري
۾ نواب محمد خان کان پڇيو هو ته هن چيو هو: ”جروار
وِڇون ڪارو ٿيندو آهي ۽ ڪُتي کي کائيندو آهي ته
اهو بنا دانهن مري ويندو آهي. جروار کڙ کٻيتي
وانگر چمڪندو آهي. وِڇُون هڪ وقت اٽڪل ستر ٻچا
ڏيندو آهي. ڄمڻ سان وِڇُون ماءُ کي کائڻ شروع ڪندا
آهن. هُو ان جي پٺيءَ تي ويهي، ان کي کائيندا آهن.
ڇا نه سبق آموز ڳالهه آهي. هر سياست دان لاءِ جو
پنهنجيءَ اڳواڻيءَ تي ٽيڳرندو آهي.“
هن نانگن جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو: ”پدم کي ڦڻ تي نعل
وانگر نشان ٿيندو آهي. ڪلاڌاري نانگ کي مڻ، چار
انچ ٿولهه ۽ اک ڳاڙهي ٿيندي آهي. سندس مڻ نانگ جو
ئي ٽڪرو آهي ۽ باداميءَ وانگر ٿيندي آهي. ان کي
سنها سوراخ ٿيندا آهن ۽ ڪکيل هنڌ تي لائبي آهي ته
زهر چوسجي ويندو آهي.“
منهنجي شاعري اهڙيءَ مڻ وانگر آهي ۽ منهنجي
زندگيءَ جو سارو زهر چوسي ورتو اٿائين.
نواب محمد خان ساري عمر اهڙي کوجنا ڪئي هئي ۽ جي
هُو آمريڪا ۾ ڄمي ها ته ڪنهن لاڳاپيل اداري جو
ڊائريڪٽر هجي ها، پر سنڌ ۾ هن کي نانگائي سڏيندا
ها ۽ کيس حقارت سان ڏسندا ها. هن وڌيڪ ٻڌايو ته:
”نانگ ۾ ڄاڱري ٻير جيتريون ٿڌي سائي رنگ جون ٻه
زهر جون ڳوٿريون ٿينديون آهن، جن مان نيش (سنها
ڏند) نڪري ايندا آهن، جڏهن انهن کي چاقوءَ جي چهنب
سان ٿيڙ ڏيندا آهن.“ ڇا نه هڪ سياستدان لاءِ
تشبيهه آهي، جو فوجي آمريت جي چڪر ۾ ايندو آهي.
جوڳي نانگ جي ڳوٿريءَ ۾ سوراخ ڪري. هر هفتي زهر
ڪڍي ڇڏيندا آهن. نيش ۾ انجيڪشن جي نيڊل وانگر
سوراخ ٿئي ٿو، پر گرنار وارا، نيش تي چانديءَ يا
سون جو ريهو ٿا ڏين، جنهن ڪري ان جا سوراخ بند ٿيو
وڃن. آمر به عام سياستدانن سان ائين ڪندا آهن. هر
ايم. پي. اي ۽ ايم. اين. اي ۽ مجلسِ شوريٰ جي
ميمبر تي ريهو هڻي ڇڏيندا آهن.
”ڊمر، واڇر، لُنڊي، کپر، ٻه مُنهين، ڪُرنڊ نانگ به
پنجن کان ستن تائين ٻچا ڏيندا آهن ۽ ٻچن ڄڻڻ کان
پوءِ انهن مان آني وانگر اور نڪري ايندي آهي ۽ هو
پنهنجا ٻچا مهينو کن پيا کائيندا آهن. جيئن سنڌ جو
هڪ انقلابي رهنما ڪندو آهي. باقي نانگ آنا ڏيندا
آهن. ماپ جي لحاظ کان نانگ جو آنو هڪ انچ کان ساڍا
چار انچ ٿيندو آهي.“ ان کان پوءِ هن ڳالهه
کٽائيندي چيو: ”ڪي نانگ غير زهريلا به ٿيندا آهن.
ڳوراهو ست فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آهي. ڪارو سائو 4 يا
5 انچ ٿيندو آهي، ٻه مُنهين رنگ جي ناسي ٿيندي
آهي. ارڙ وڪڙ وجهندو آهي ۽ لاڙ ۾ پاڻيءَ واتڙو به
ٿيندو آهي، جيڪو پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. ڪارو علم به
ٿيندو آهي، ان جو هن انگريزيءَ ۾ ترجمو
(Black Magic)
ٻڌايو.“
نواب محمد خان انسانن کان وڌيڪ نانگن ۾ دلچسپي
وٺندو هو ۽ انهن جي چڪ سان ڪئنسر جو علاج ڪندو هو.
هن تي اخبارن ۾ مضمون ايندا ها، جي پڙهي خوش ٿيندو
هو. فضا الاهي، ڪنهن ڀيري هن نانگ کان ڪنهن مريض
کي ڏنگايو، جو مري ويو. هن تي قتل جو ڪيس ٿيو، پر
هو ان مان ڇٽو يا نه ۽ جيل ۾ مري ويو يا ٻاهر، مون
کي معلوم نه آهي. هيءَ ڳالهه جا منهنجي نوٽ بڪ ۾
لکي پئي آهي، ڏيکاري ٿي ته منهنجي سنڌ جي عوامي
زندگيءَ ۾ ڪيتري دلچسپي هوندي هئي. سنڌ جي چپي چپي
کي ڄاڻڻ لاءِ مون ساري سنڌ گهمي هئي، پر ان تي مان
پوءِ ٿو اچان، في الحال ته مان نيو ايرا ايوي
اسڪول جي پنجين درجي ۾ پهريون نمبر اچان ٿو ۽
شڪاپور هاءِ اسڪول ۾ داخلا ٿو وٺان. ڇهين درجي ۾
مان پنهنجي ڪلاس فيلو مُنوءَ کي ڏسي غالب جو شعر
جهونگاريندو هوس:
کوئي ميري دل سي پوچهي تيري تير نيم کش کو
يه خــــــلش کهان سي هوتي جو جگر کي پار هوتا
ترجمو: (تنهنجي اڌ تاڻيل تير جي باري ۾ ڪوئي مون
کان پڇي، هيءَ خلش ڪٿي هجي ها جي جگر مان پار ٿئي
ها.)
مان تيستائين نه رڳو بي خود دهلويءَ جي تشريح جي
مدد سان سارو ديوانِ غالب پڙهيو هو، پر ان مان
اڪثر غزلن جا غزل مون کي ياد هوندا هئا. مون کي
غالب سان ايتري محبت ٿي وئي هئي، جو ڪيئي سال پوءِ
جڏهن دهليءَ ويو هوس، تڏهن پنهنجي ٿري پيس فل سوٽ
سان غالب جي مزار جي ڏاڪڻ تي ويهي، پنهنجو فوٽو
ڪڍرايو هو. اهو فوٽو پوءِ مولوي عبدالله پنهنجي
رسالي ”نئين زندگي“ ۾ ڇپيو هو. شايد انسان جي جسم
۾ ڪائي برقي رو آهي، جا ٻئي انسان کي ڇڪي ٿي، جيئن
چقمق جا ٻه ٽڪرا هڪ ٻئي کي ڇڪيندا آهن.
منوءَ کي ڪاريهر وانگر ٻه ڪاريون چوٽيون هونديون
هيون، جي هن جي ڇاتيءَ تي لڙڪنديون هيون. هن کي
اتي ٻه ڪٽوريون نڪتيون هيون، جي نيٺ کير ڪٽوريون
ٿيڻيون هيون. عورت ڇا آهي؟ ٻور جي خوشبوءِ،
انبڙيون، وڻ پڪو انب، جو نيٺ ڇڻي پوي ٿو. ڇهن
مهينن کان پوءِ هوءَ ائين ٿي لڳي، ڄڻ ڪنڀر چڪيءَ
تي ٻه پيالا چاڙهيا هئا. گورو رنگ، ٽٽل نموريءَ
مان نڪتل کير وانگر ۽ هن جا چپ ڏاڙهونءَ جي ڪچين
مکڙين وانگر هئا. هوءَ نيلوفر جي ول وانگر وڌي رهي
هئي. جنهن کي سنڌيءَ ۾ پٻڻ جو گل چوندا آهن. هن جو
گهر شڪارپور ۾ ڪاري مياڻيءَ وٽ هوندو هو. مان روز
هن جي گهر وٽان لنگهندو هوس، جيئن هن کي هڪ نظر
ڏسي وٺان. هڪ ڀيري مان جڏهن هن جي در وٽ پهتس،
تڏهن هن اوچتو در کوليو ۽ اٽي لپ ڪنهن پينوءَ کي
ڏنائين، جيڪو در تي سئن هڻي رهيو هو. هن جون
ٻانهون چانورن جي اٽي کان به وڌيڪ اڇيون هيون.
هوءَ مون کي ڏسي وائڙي ٿي وئي. مون به ائين لپ
وڌائي، ڄڻ هن کان بکيا گهرندو هجان، پر هوءَ اوچتو
در بند ڪري هلي وئي. ان کان پوءِ هوءَ رات ۽ ڏينهن
جي سپنن ۾ اڀري ايندي هئي. انهيءَ عشق ۾ فقط اکيون
ملوث هيون. مون کي ياد ٿو اچي ته بسنت هال
حيدرآباد ۾ مون پنهنجو غزل پڙهيو هو:
”هيءَ سئن نه ڏيندي چئن، اُٿي ڏس ڪوئي آيو آ
پيارا،
هـي شــايــد ســاڳيــــو رمــتـو آ، اڳ اڃـايو آ
پياريو آ.“
چوڌاري واهه ٿي وئي هئي، پر ڪنهن به نه ڄاتو ٿي ته
منهنجي تحت الشعور ۾ ڇا هو؟ هنن تاڙيون ته وڄايون
ٿي، پر پوپٽ کسڪي ٿي ويو. جنهن وقت منهنجي ڦوهه
جواني هئي، تنهن وقت ڪيئي محبوبائون منهنجي
زندگيءَ ۾ آيون هيون، پر ڪابه انهيءَ رابيل جي گل
جهڙي نه هئي، جهڙي مَنو هئي، جنهن جي ٽاريءَ تائين
منهنجو هٿ نه پهچي سگهيو هو.
هوءَ رسيس ۾ اسڪول ۾ ورانڊي ۾ ٽهلندي هئي. ڄمونءَ
جي وڻ هيٺان، ساهيڙين سان بيٺي هوندي هئي. ڪلاس ۾
ويٺي هوندي هئي ته منهنجون اکيون هن تي کتل
هونديون هيون. اکين جي ٻولي اکيون سمجهنديون آهن.
هوءَ همه تن هائو هئي. هن مون کي ايترو اتساهيو
هو، جو صرف هن کي ڏيکارڻ لاءِ مان ڪيمسٽري، فزڪس،
جاميٽري ۽ ٽرگناميٽريءَ ۾ پهريون نمبر ايندو هوس.
جن سان هونءَ منهنجي ڪائي دلچسپي نه هئي. انگريزي،
سنڌي، فارسي ته مان پنهنجن استادن کان به وڌيڪ
ڄاڻندو هوس. جڏهن ڪوئي ماستر سوال پڇندو هو، ته
مان پهرين هٿ مٿي ڪندو هوس ۽ صحيح جواب ڏيندو هوس،
تڏهن مَنو مون ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏسندي هئي.اي حسن!
تون مون کي ايترو مُنڊي ڇو ڇڏيندو آهين؟ دنيا ۽
مافيها کان بي خبر ڇالاءِ ڪري ڇڏيندو آهين؟ تون ئي
ته موت جي مات آهين؟ توئي پيريءَ تائين منهنجي
تحرير کي جوان رکيو آهي. اهڙي ڪهڙي موميا آهي، جا
تو ۾ آهي ۽ جا جذبات کي جوان رکيو اچي!
مون گهڙيءَ لاءِ نه لکايو آهي ته منهنجي وهي مڙي
چڪي آهي، هميشه لاءِ اک ٻوٽ جو وقت ويجهو آهي. مان
اهو سڀ ڪجهه لکڻ ٿو چاهيان، جنهن منهنجيءَ شاعريءَ
کي اتساهيو آهي. هوءَ سرسوتي جنهن جو گهر سُڪي
تلاءَ کان ٿورو پري هو ۽ جا شام جو پنجين پنهنجي
بالڪنيءَ ۾ ويهي، منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ هن
وٽان وڃي، ڪنهن هرڻ وانگر ترسي، هن ڏانهن ورائي
ڏسندو هوس. اها رڃ وانگر منهنجي زندگيءَ مان گم ٿي
وئي، پر ازل جي اُڃ ڇڏي وئي. چندا ۽ چمپا جي جي
سُڪ پل جي ڀرسان فانيءَ جي ڪلب جي سامهون رهنديون
هيون، اهي سڀ منهنجا معصوم عشق هيون. اهي سڀ
ڪيڏانهن ويون، هڪ وڏو واچوڙو آيو ۽ انهن کي ڪک پن
وانگر اُڏائي ويو. هاڻي ته پتو نه آهي ته ڪهڙو پن
ڪٿي ڪريو، ڪهڙو ڪٿي ڪريو. ائين ٿو لڳي ته اهي
ڇوڪريون مون کي جڳ جڳانتر کان اڳي ڪٿي مليون هيون،
ڪٿي؟ ڪهڙي جاءِ تي؟ سو ياد نه آهي، پر پهرينءَ نظر
۾ منهنجي دل ۾ کپي ويون هيون ۽ ڪائي اڌوري ڪهاڻي
ٻيهر اڌوري رهڻي هئي. مير تقي مير چيو آهي:
ياد اس کي اتني خوب نهين مير باز آ
نادان پهر وه جي سي بهلايا نه جائي گا.
پر اڃان به ڀٽائيءَ ڇاته چيو آهي:
ڪڻا منجهه قرار، هئا هيڪاندا سنگ ۾،
ڳاهي ڳاهه فراق جي، ڪيا ڌارئون ڌار،
نه ڄاڻان ٻيهار، وري ملندا ڪن سين.
غالباً هن به ساڳئي ڪيفيت محسوس ڪئي هئي؟ مون ڀٽ
شاهه تي ڪنهن واقف عورت کان پڇيو هو: ”تون ڪير
آهين؟“
”مغلياڻي.“
جواب منهنجي هانءَ ۾ بڙڇيءَ وانگر لڳو هو ۽ اسان
ڪنهن اٽوٽ رشتي جو حصو بڻجي ويا هئاسين. عشق جو
معصوم آهي، دل تي ماڪ جي قطري جيان تروتازه رهي ٿو
۽ جنهن ۾ معصيت آهي، سڄي عمر ڪنڊي وانگر چڀندو رهي
ٿو.
ڇا پوپٽ يا ڀؤنر جو گل سان عشق ڪمتر درجي جو آهي؟
طوطو زيتون جي موجودگيءَ مان وڌيڪ لطف اندوز ٿئي
ٿو، پر ٽُڪيل زيتون ٽاريءَ تي ڪهڙا نه برا لڳندا
آهن!
’معصوم گنهگار‘ جوش مليح آبادي جي هڪ ترڪيب ڪهڙي
نه پياري هئي! مان به يقين سان چئي سگهان ٿو ته هر
گناهه جي باوجود مان معصوم رهيو آهيان. منهنجي دل
۾ گناهه جو احساس ائين رهيو آهي، جيئن ٽڙيل گلاب
جي گل ۾ ماکيءَ جي مک هوندي، جا هن کي ڏنگيندي نه
آهي. جڏهن مان بي. اي ۾ پڙهندو هوس، تڏهن پنڪج ملڪ
جو اهو راڳ:
پنڇي بانورا چاند سي پربت لگائي
ڇايا ديکهه ندي مين مورکهه نهين سمائي. |