هڪ ڀيري مان ۽ نعيم صديقي، حنيف صديقيءَ جي
لاڙڪاڻي واري آفيس ۾ هڪ رات گذاري چڪا هئاسين. تن
ڏينهن ۾ مون کي پئسي جي تنگي هئي، توڙي جو مون
ايل.ايل.بي به پاس ڪئي هئي. منهنجي ماءُ جي مرضي
هئي ته ڪائي چڱي نوڪري ڪيان. انهن ڏينهن ۾ مان ڄڻ
نعيم جي خاندان جو فرد ٿي ويو هوس. مون هن سان
ڳالهه ڪئي ته نعيم چيو :”ادا حنيف آهي ته ڪم سوال
ماڻهو، پر مان بابا ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کان چٺي
وٺي، توسان گڏجي ادا وٽ ٿو هلان ۽ چوانس ٿو ته
قاضي صاحب کي چئي، توکي اسسٽنٽ ڪمشنر رکي.“
اسان چٺي وٺي، ڪراچيءَ آياسين. شام جو حنيف صديقي
گهر ۾ ڪونه هو. گهر ۾ هن جا چائنيز ڪرٽن (پردا)
مغل تصويرون ۽ ٻيو آرائشي سامان، هن جي ثقافتي ذوق
جي تصديق ڪري رهيو هو. نعيم هن جو ريفريجريٽر
کوليو ۽ ان مان ٻه شيمپئن جون بوتلون ۽ هڪ شيريءَ
جي بوتل ڪڍيائين. سارو ريفريجريٽر وسڪيءَ ۽ شراب
سان ڀريو پيو هو. پوءِ اهي بوتلون ٿيلهيءَ ۾ وجهي
چيائين: ”هل ته تو واري فليٽ تي هلي پيئون.“ حقيقت
۾ اها فليٽ منهنجي نه هئي، پر حشو ڪيولراماڻيءَ جي
ڪرائي تي ورتل هئي، جنهن کي ٿورو وقت اڳ جلا وطن
ڪيو هئائون. حشو منهنجي عدم موجودگيءَ ۾ آيو هو ۽
زرينا کي چيو هئائين: ”ڌيءَ مان اندر اچان. مون کي
ڪجهه وقت ترسڻو آهي. مان ٻئي ڏينهن هندوستان ٿو
وڃان.“ زرينا حشوءَ جي نالي کان چڱيءَ طرح واقف
هئي، هن کيس اندر اچڻ ڏنو. هن پهرين ته ڪمري ۾ کٽ
تي نظر وڌي، جنهن تي هو ان وقت کان سمهندو هو،
جنهن وقت مان هن وٽ اڪيلو رهندو هوس.
سرلا غالباً ڊالميا سيمينٽ فيڪٽريءَ ۾ ڪنهن آفيسر
جي زال هئي، پر حشوءَ سان 1942واري انگريز سامراج
خلاف هلايل هلچل کان وٺي عقيدت ۽ محبت رکندي هئي ۽
مڙس جي پرواهه ڪئي بنا حشوءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ گڏ
گذاريندي هئي ۽ هن جي کٽ تي نوار جو حصو ٿي وئي
هئي.
مان جڏهن 1963ع ۾ دهلي ويو هوس، تڏهن سرلا جو مڙس
مري چڪو هو ۽ هن حشوءَ سان شادي ڪئي هئي. هن کي
اڳئين مڙس مان پاڻ جهڙيون ٻه خوبصورت ڌيئرن هيون ۽
حشوءَ مان هڪ پٽ هوس. جنهن جو نالو ’گل‘ هو، پر
حشو هن کي ’گل محمد‘ ۽ پاڻ کي ’حمشت الله خان‘
ڪوٺيندو هو.
’گل‘ کي نهروءَ بهترين چائيلڊ آرٽسٽ جي حيثيت ۾
انعام ڏنو هو ۽ جڏهن سيمينار تي ٻئي ڀيري ويو هوس
ته هو جرمنيءَ ۾ آرٽ جي وڌيڪ تعليم ۽ تربيت وٺي
رهيو هو.
حشوءَ هڪ ته ڪمري ۾، مٿي ذڪر ڪيل کٽ ڏانهن ڏٺو ۽
ٻيو سنڌ جي نشانيءَ طور، هالا جو ٺهيل هڪ گل دستو
کنيو. باقي سڀ ڪتاب سارو سامان، برتن وغيره ڇڏي،
زرينا کي چيائين: ”ڌيءَ! هي اوهان وٽ ڇڏيان ٿو. جي
مان موٽي آيس ته مون کي ڏجو، نه ته اهي سڀ اوهان
جا آهن.“
مان ڪراچيءَ ۾ خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان گڏ
وڪالت ڪندو هوس، جيڪي ٻئي منهنجا ڪلاس فيلو رهيا
هئا. مون جڏهن ڏٺو ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي شاعري ناممڪن
هئي، ته اوچتو مون خالد اسحاق کي چيو: ”مان
ڪراچيءَ کي ڇڏي ٿو وڃان ۽ سکر ۾ وڪالت ڪندس.“
خالد اسحاق مون کي مرڪي چيو: ”ٽي مهينا منهنجي
آفيس ۾ تنهنجي ڪرسي خالي رهندي.“
مان فلئٽ مونس جي حوالي ڪري، سکر هليو ويس. پٺيان
مونس پنهنجي لااباليءَ طبيعت جي ڪري، حشوءَ جو
سارو سامان ۽ سمورا ڪتاب تلف تاراج ڪري ڇڏيا.
مون ڳالهه ٿي ڪئي نعيم جي. حنيف صديقيءَ جي گهران
موٽي، اسان ٻه ڊزن سيخ ڪباب ۽ نان صدر مان ورتا ۽
آياسين فلئٽ تي. ٻئي شئمپئن جون بوتلون به
پيتيونسين ۽ نان سان ڪباب به کاڌاسين.
نعيم چيو ته: ”رات جو ادا سان ڳالهه ڪندس. تون صبح
جو ڏهين وڳي اسان وٽ پهچي وڃجانءِ.“
مان ٻئي ڏينهن ڏنل وقت موجب نعيم جي گهر پهتس.
حنيف آفيس لاءِ تيار بيٺو هو ۽ نعيم کي چيائين ته:
”چئين وڳي قاضي صاحب جي بنگلي تي هلنداسين. تيسين
منجهند جي ماني هن کي هتي کاراءِ!“
اسان مرحوم حنيف سان گڏجي قاضي صاحب جي بنگلي تي
وياسين ته اسان کي ويسٽرن پڪچر جو نظارو نظر آيو.
قاضي صاحب جي هٿ ۾ ريوالور هو ۽ ڀرسان ڊي. ايس. پي
ان جي لبلبي کي دٻائي رهيو هو ته گوليون وڃي پير
جي ٿڙ ۾ ٿي لڳيون. جڏهن ڊي. ايس. پي ريوالور مان
هٿ ٿي ڪڍيو ته قاضي صاحب جو هٿ ڏڪي ٿي ويو ۽ لبلبو
دٻايائين ته گولي ڪنهن اونڌي رکيل بالٽيءَ کي وڃي
لڳي، جا وڻ جي ڀرسان رکي هئي. قاضي صاحب ريوالور
ڊي. ايس. پيءَ کي موٽائي ڏنو ۽ چيو ته: ”وري سڀاڻي
ٽارگيٽ شوٽنگ ڪنداسين.“
ان کان پوءِ هو، مرحوم حنيف سان اڌ ڪلاڪ ڪمري ۾
ڳالهائيندو رهيو. حنيف جڏهن ڪمري مان ٻاهر نڪتو،
تڏهن هن مايوسيءَ واري انداز ۾ چيو: ”قاضي صاحب
چوي ٿو ته اسسٽنٽ ڪمشنر ته نه، پر اي. پي. پي
(اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر) چوي ته ڪريانس.“
مون حنيف صاحب کي چيو: ”سائين مان اهڙو جڏو وڪيل
ته نه ٿيندس، جو اي. پي. پي ٿيان.“
پاڪستان کان پوءِ مون کي آل پاڪستان ترقي پسند
مصنفين جو وائيس پريزيڊنٽ ڪيائون. ڇو ته ان وقت
مان واحد سنڌي هوس، جو اردوءَ ۾ قابل قبول جديد
شاعري ڪري سگهندو هوس ۽ جنهن جي اردوءَ جي ڪلچر ۽
زبان سان ايتري آشنائي هئي، جيتري هنن جي به نه
هئي، جي اڃان تائين دهلوي، الله آبادي، گڙگانوي ۽
فتح پوري وغيره هيا. مان نه رڳو ترقي پسند مصنفين
جي ويهڪن ۾ شريڪ ٿيندو هوس ۽ شعر پڙهندو هوس، پر
حلقه ارباب ذوق ۾ به ويندو هوس. حلقه ارباب ذوق ۾
الطاف گوهر ۽ ممتاز حسين به شامل هئا. جن مان اڳتي
هلي الطاف گوهر، ايوب خان جو انفارميشن سيڪريٽري
ٿيو ۽ چون ٿا ته هن جي ڪتاب ’دوست ۽ نه حاڪم‘
(Friends not Masters)
جو مصنف هو ۽ ٻيو اڳتي هلي اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر
ٿيو.
مان جڏهن دل جي علاج لاءِ ڪرامويل اسپتال لنڊن ۾،
ان سان لڳ هاسٽل ۾ رهيل هوس ته الطاف گوهر، مرحوم
حسن عابديءَ جي بي. سي. سي. آءِ ۾ ڪنهن عهدي تي
هو. هن افتخار عارف کي منهنجي مزاج پرسيءَ لاءِ
موڪليو هو، ڇو جو هو پاڻ ڪنهن ضروري ڪم ۾ مصروف
هو. افتخار عارف، جميل جالبيءَ کان پوءِ مقتدره
قومي زبان جو چيئرمين آهي.
قاضي فضل الله سان گفتگو کان ڪيئي سال پوءِ، در
محمد اوستي ۽ ٻين تي سنگين جرم جي مبينا ارتڪاب
ڪري، اي. ڊي. ايم جيڪب آباد وٽ فرياد داخل ڪئي وئي
هئي ۽ مون کي ۽ قاضي فضل الله کي جوابدارن جو وڪيل
ڪيو ويو هو.
جعفر خان جمالي، جيڪو در محمد اوستي جو دوست ۽
سياسي سرپرست هو ۽ جمالي قوم جو سردار به هو، تنهن
پيشيءَ کان پوءِ، اسان جي مان ۾ پرتڪلف دعوت ڪئي
هئي. مان قاضي صاحب جي ويجهو ويٺو هوس. هن منهنجي
آڏي پڇا ۽ سرڪاري وڪيل غوث بخش شيخ سان انگريزيءَ
۾ تند ۽ تيز گفتگو ٻڌي هئي ۽ مون کان متاثر ٿي نظر
آيو ۽ مون کي چتائي ڏسي چيو هئائين: ”تون مون وٽ
حنيف صديقيءَ سان گڏ نوڪريءَ لاءِ آيو هئين. مون
کي افسوس آهي، ته مون تو جهڙي ذهين ماڻهوءَ کي
مايوس ڪيو هو.“
مون جواب ڏنو ته: ”قاضي صاحب! اوهان افسوس نه ڪيو،
افسوس ته مون کي ڪرڻ گهرجي جو مان نوڪريءَ جو
تمنائي ٿيو هوس.“
زندگي خواب وانگر گذري ٿي وڃي. نعيم، ثميره زرين
جي ڀاءُ غلام محمد سان گڏ ايم. بي. بي. ايس جي
لاءِ علي ڳڙهه ويو هو. پر هاسٽل ۾ هن کي هڪ اگرو
شرط نه وڻيو هو، جو اتان جي شاگردن هن کي وڌو هو.
غلام محمد اهو شرط قبول ڪيو هو. اسان جو هڪ بزرگ
سياستدان ان کي اوٽي موٽي چوندو هو.
وقت درياءَ وانگر ڇوليون هڻندو وهندو رهيو. مان
وڪالت ۾ چڱيءَ طرح پير کوڙي سگهيو هوس. نعيم
بمبئيءَ مان ايم. بي. بي. ايس ڪري لنڊن ويو، جتان
ستن سالن ۾ ايف. آر. سي. ايس ڪري موٽي آيو. هو
اتان هڪ اطالوي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري، کيس به ساڻ
وٺيو آيو. مون ٻنهي تي هڪ نثري نظم لکيو آهي، جو
ڪنهن ڪتاب ۾ ڇپيو آهي. اوچتو مون کي نعيم سان آخري
ملاقات ياد پئي.
”نعيم، مون کان تنهنجي هڪ غزل جو مطلع وسري نه ٿو
وسري.“
”ڪهڙو؟“
”زندگي پنهنجي خرابات ۾ گذري ويندي،
اجنــبي نــالھ ونغــمـــات ۾ گذري ويندي.“
”خرابات ۾ گذري ته بهتر. مون کي تو وانگر منصور
ٿيڻو ناهي.“
”نعيم توکي شاعريءَ سان ڪيتري نه محبت هوندي هئي!
تون ته چوندو هئين ته پٽ ــ ڪِئين جي هڪ گهڙي،
ساپي جي سوَ سالن کان بهتر آهي.“
نعيم جواب ڏنو: ”مان هاڻ به ائين ٿو چوان. مون فقط
شاعريءَ تان توجهه پري ڪري، زندگيءَ تي مرڪوز ڪئي
آهي. پٽ ـــ ڪِئين کان به پوپٽ بهتر آهي، جيڪو
ڀانت ڀانت ڦلواڙيون ڦرندو وتندو آهي. مان چوان ٿو
ته دنيا گهمان، زندگي غزل وانگر گذاريان ۽ موت جي
مقطع ۾ ايتري رنگيني ڀريان، جو منهنجو آخري قافيو
حافظ ۽ خيام کان وڌيڪ ترنم ريز ٿي وڃي.“
”نعيم، تون مغرب ۾ رهي، ڪيترو نه بدلجي ويو آهين!
مغربيت سان ته مون کي به محبت آهي. جديد تهذيب جو
پورو نچوڙ اتي ملي ٿو. پر تون ۽ مان ته سنڌ جي مٽي
آهيون. ڪڏهن ته انهيءَ بٺ تي بوندڙيون وسنديون.
ڪڏهن ته اتي به ڦوڳ ڦولاربا!“
نعيم ٽهڪ ڏنو.
”سنڌ جي مٽي، ڀٽائيءَ جي ڀٽ جي مٽي، درازن جي دز.“
”نه بابا، مان مٽي نه آهيان، مان بٺ تي بيهي بادل
ڏسڻ نه ٿو چاهيان. آخر انسان ذات جي ساري تهذيب
اسان جي تهذيب جو ورثو آهي. جي انسان ويانا ۽ روم
جي ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ رات گذاري سگهي، ته تو وانگر
روهڙيءَ ۾ رات ڇو گذاري؟“
”نعيم تو ته شاعريءَ کي هميشه لاءِ ڇڏي ڏنو آهي!“
”ها، ڇو ته سنڌي ٻوليءَ کي............“
(نوٽ بڪ مان هڪ يا ٻه صفحا ڦاٽل آهن.)
”مان يورپ جون آرٽ گئلريون، آپيرائون، نائيٽ ڪلبون
ڇڏي ڏيان ۽ هتان جون ڀتيون ۽ ڀاڻ ڇا لاءِ پسند
ڪريان؟ آخر مان ڪو اردوءَ جو ميراثي شاعر ته
ناهيان، جنهن جي معاش جو ذريعو مشاعرو ٿي سگهي!
مان ڊاڪٽر به آهيان ته انسان به آهيان. پاڪستان ۾
ٺٽي جي اسپتال ۾ مون کي رکيو هئائون. اتي هڪ ڏينهن
مون هڪ ڳوٺاڻي ٻڍڙيءَ جي ملم پٽي پئي ڪئي، جا بيل
گاڏيءَ تان ڪِري پئي هئي. مون بيماريءَ ۾ رنگ،
قوم، نسل ۽ معاشي حيثيت ۾ فرق جي باوجود، هر مريض
کي هڪ جهڙو ڪري ڏٺو آهي. ماڻهو، جو پهاڙ ڏاري
سگهندو آهي، بيماريءَ ۾ ڪِئليءَ جهڙو ڪمزور هوندو
آهي. مون هن کي رڙيون ڪندي، جبرندي، وڦلندي ۽ وٽ
کائيندي ڏٺو آهي ۽ مون کي سدائين هن تي رحم آيو
آهي. ان ڪري مون کي هيڻي جي دک تي ويتر ٻاجهه
ايندي آهي. مون اڳي ذڪر ڪيل ٻڍڙيءَ جي ملم پٽي ٿي
ڪئي ته هڪ پٽيوالو آيو ۽ چيائين ته: ”اسسٽنٽ ڪمشنر
صاحب کي ڏينڀوءَ ڏنگيو آهي ۽ کيس بدن تي ڇاپاڪو ٿي
پيو آهي. اوهان کي گهرايو اٿائين.“
مون هن کي چيو ته: ”مان هن ٻڍڙيءَ جي ملم پٽي ڪري
۽ هڪ ٻه ٻيا مريض، جيڪي ٻهراڙيءَ مان آيا آهن،
انهن کي ڏسي اچان ٿو.“
گهڙي مس گذري ته پٽيوالو ڀڄندو آيو ۽ چيائين ته:
”صاحب اوهان کي سڏي رهيو آهي ۽ چيو اٿائين ته ٻيو
سڀ ڪم ڇڏي هليا اچو.“
مون وري به هن کي چيو ته: ”مان ٿوري دير ۾ اچان
ٿو.“
جهٽ پلڪ بعد ٽيون ڀيرو آيو ته مان هن سان گڏجي
ويس. ڏٺم ته صاحب بهادر مُٺيون ڀيڪوڙي وڦلي رهيو
آهي ۽ مون کان دڙڪي سان پڇيائين ته: ”ڊاڪٽر تون ته
جيل جيل ٿو ڪرين. مان چاهيان ته توکي هن وقت
گرفتار ڪرائي سگهان ٿو.“
مون هن کي جواب ڏنو ته: ”تون مريض آهين، تنهن ڪري
مان توسان سختيءَ سان ڳالهائي نه ٿو سگهان. توکي،
مون کي جيل ۾ وجهڻ جي همت آهي ته وجهي ڏس.“
ان تي هن مون کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مڪون اولاريون.
مون هن کي ڪوئي جواب نه ڏنو ۽ رڳو پٽيوالي کي چيم:
”اچ ته توکي دوا ڏيان.“ اسسٽنٽ ڪمشنر مون کي آخر ۾
انگريزيءَ ۾ دڙ ڪو ڏنو: ”مان توکي ڏسي رهندس.“
هو سي. ايس. پي آفيسر هو ۽ هن جي وڏي پهچ هئي. سي.
ايس. پي ڪوريئڙي جو ڄار هو، جنهن ۾ چوٽيءَ تائين
پهچڻ ۾ دير نه لڳندي هئي. مون کي قلاقات ۾ سول
سرجن ڪري موڪليائون. غالباً هن اها سزا سمجهي، ڇو
ته اتي رشوت جي گنجائش نه هئي. اياز! اعتبار ڪر،
ٻن سالن کان مون کي زال چوندي هئي ته مون کي فرڪوٽ
وٺي ڏي، پر مان ايترا پئسا بچائي نه سگهيو هوس، جو
هن جي طلب پوري ڪري سگهان. آخر پئسا ڪٿان آڻيان؟
سرڪاري دوائون وڪڻان؟ ڪوڙا ميڊيڪو ليگل سرٽيفڪيٽ
ڪڍان يا ڪوڙيون شاهديون ڏيان؟ پگهار مان ته گذر
اوقات به مشڪل سان ٿيندو آهي. مون ادا حنيف جي
سامهون، گورنمينٽ سان ٿيل بانڊ ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ڦٽي ڪئي ۽ هن کي چيو ته: ”مان وچ اوڀر وڃي رهيو
آهيان ۽ اتي قسمت آزمائيندس ۽ هن ايگريمنٽ کي ٿڪ
هڻي هليو ٿو وڃان، تون پٺ جو خيال رکجانءِ.“ هاڻي
مان بحرين ۾ سول سرجن آهيان. سٺ هزار مهينو (هن
وقت جي ويهن لکن جي برابر) پگهار ملندي آهي، ٻه
موٽرون آهن. بنگلو آهي. ٻار ڪنوينٽ اسڪول ۾ پڙهندا
آهن، وقت شاعريءَ کان سٺو پيو گذري!“
نعيم ڪجهه سال اڳ دل جي دوري پوڻ سبب گذاري ويو.
سندس هڪ ٻه نظم ڊي. جي سنڌ ڪاليج جي ادبي سرڪل
پاران ڇپيل ڪتاب ’لهرون‘ ۾ شامل آهن. جنهن ۾
منهنجو نهايت باغياڻو نظم ”او باغي او راڄ دروهي“
ڇپيل آهي. پروفيسر رام پنجواڻي اهو نظم دِلي تي
ڳائيندو هو ۽ ٻه ڀيرا جلسن ۾ چيو هئائين: ”اسان
اسيمبليءَ ۾ ٻه چونڊون فقط انهيءَ نظم جي ڪري
کٽيون.“
نعيم جو ٻيو به ڪيتروئي ڪلام هو، جنهن جي باري ۾
اهو پتو نه پئجي سگهيو ته اهو ضايع ٿي ويو يا هن
کان ڪٿي وڃائجي ويو يا سندس اطالوي زال ان کي
اهميت نه ڏئي ساڻ ئي نه کنيو ۽ پنهنجي وطن موٽي
وئي. غالب چيو آهي:
سب کهان کچهه لالھ وگل مين نمايان هوگئين
خاک مين کيا صورتين هونگي که پنهان هوگئين.
پر افسوس، انهن صورتن تي آهي، جيڪي فقط خاڪ ۾
پنهان ٿيون ۽ لالھ وگل ۾ نمايان نه ٿي سگهيون.
نعيم جي ڳالهه منهنجي دل ۾ کپي وئي هئي. انسان
ڪنهن به آدرش لاءِ پنهنجو چئن ۽ آرام ڇو ڦٽائي؟ هن
کي ڪهڙي خبر ته اهو آدرش صحيح به آهي يا نه؟ ڪير
نه ٿو چاهي ته ڏينهن جو ڇٻر جي ڇانءَ هجي ۽ رات
ڪنهن مٺڙيءَ ماڻهوءَ جي چڳ سان چنبڙي پوي ۽ پرهه
ڪنهن پرينءَ جون پنبڻيون چمندي اچي! سک ڪنهن کي
پيارو ناهي! ڪنهن ڪيلي جهڙي بدن تي هٿ گهمائيندي
مون کي ڪيترو نه سُرور ايندو آهي! هٿن ۾ عورتن جي
ماس جو ڀرپور ڇهاءُ ڪيترو نه لڀائيندو آهي!
ڪنهن سلوڻي سوادي شيءِ جو سواد ڪيترو نه وڻندو
آهي! هيءَ حياتي، هي کن پل جو ميلو،ڪهڙو نه موهڻو
آهي! هي ڀانت ڀانت جا ماڻهو، هي روشنين جا شهر، هي
تِن جون گوناگون ٻوليون، هي رنگ رنگ جا ڦوڪڻا جي
هوا ۾ اڏامي ڦاٽي پون ٿا. هي طنابون، هي قناتون،
هي گهنگهرو، هي ڇم ڇم ڪندڙ رقاصائون، هي جام،هي
صراحيون، هي جيئڻ جا سڀ سانگ ڇڏي، اوچتو ڪوئي
اجنبي قلندر ان ميلي ۾، وائـڙو گهمندو نظر اچي ٿو
۽ پنهنجي اڪيلائيءَ ۽ اٻاڻڪائيءَ کي چوڌاري جهرمر
۾ جرڪندو ڏسي، رلي ڪلهي تي کڻي رمندو رهي ٿو. هن
کي ڪوئي منڊ نه ٿو موهي سگهي. ڪوئي سانگ نه ٿو
سرچائي سگهي. هو سوچي ٿو ته ڦوڪڻا ناپائدارآهن.
انهن جي هوا ۾ هستي ئي ڪهڙي آهي! چانڊوڪيءَ ۾ هن
جي رليءَ جون چتيون چمڪي رهيون آهن ۽ ڪوئي اڻائو
ڊگرهن جي پيرن کي ڇڪيندو ٿو رهي.
وچ ۾ ويهارو پنا ڦاٽل آهن، پر وڌيڪ مواد منهنجي
آتم ڪهاڻيءَ جي تسلسل ۾ کپي وڃي ٿو.
”آهه! هي تنهائيءَ جي زندگي! چوڌاري جيل جون
ڀتيون، مٽي، چُن ۽ پٿر جون ڀتيون، گونگيون،
ٻوڙيون، انڌيون ڀتيون، جن ۾ نه پکي جو پڙلاءُ آهي،
نه وڻ جو پاڇو آهي.جن جي سيخن مان آڪاس ڌرتيءَ جي
ٿڌي ساهه وانگر لڳي رهيو آهي. کير ڌارا ڪنهن چنڊال
جي سنگهه وانگر پکڙجي وئي آهي. انهيءَ تنهائيءَ ۾
جنسي جذبو ڪهڙو نه چريو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڪاري
ڪڇونءَ جي پٺيءَ جهڙي گدلي گدلي ننڊ اچي ويندي
آهي. اهو سڀ ڪجهه انسان ڇالاءِ سهي ٿو؟ ڪنهن آدرش
لاءِ؟ آدرش، آدرش، جنهن کي ڪويءَ ”ڪڪريون منهن جو
ويس“ چيو آهي.
روسي ناول نويس گوگول جي ناول ”ٽارس بلبا“
(Taras Bulba)
جي پوئين حصي ۾ آهي ته ٽارس بلبا جو پٽ پنهنجي
محبوبه لاءِ پنهنجي قوم، پنهنجي قبيلي ۽ وطن سان
غداريءَ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو ته هوءَ هُن کي چوي
ٿي: ”مون کي ڇڏي ڏي، مون لاءِ پنهنجي قوم ۽ وطن کي
ڪيئن ٿو قربان ڪرين!“ جنهن تي هو جواب ڏئي
ٿو:”منهنجي مِٺي! تون ئي منهنجي قوم آهين، قبيلو
آهين، وطن آهين.“ ڪنهن عورت لاءِ آدرش کي ڇڏڻ يا
فقط عورت کي آدرش بنائڻ ايترو ڏکيو آهي نه آهي،
جيترو آدرش لاءِ پوري عورت ذات جي صحبت کان محروم
رهڻ. (وري اڌ پنو ڦاٽل آهي.)
”جي تون اهو سوال سلين ته شايد مون کي زندگيءَ جي
آدرش جي معنيٰ ملي وڃي.“
”ڪهڙو سوال؟“
”ڪوئي به زندگيءَ جو عيش ۽ آرام ڪنهن آدرش لاءِ
قربان ڇو ڪجي؟“
”مثال طور!“
”تون جي چاهين ها ته هڪ بهترين آفيسر يا وڪيل ٿي
سگهين ها، پنهنجي لاءِ، پنهنجي اولاد لاءِ عيش ۽
آرام پيدا ڪري سگهين ها، پر ان هوندي به تو هيءَ
زندگي قبولي! تون چوندو آهين ته ڪيترائي سال تون
جنهن ڪوٽ؟ ۾ نظربند رهيو آهين، اتي سانجهي ڪنهن
مساڻ جي ڏائن وانگر ايندي آهي ۽ رات ڪنهن گونگيءَ
چريءَ وانگر چپ هوندي آهي. تو خود چيو هو ته جيل
جي ڪنهن ڪمري ۾ توکي رکيو ويو هو، اتي ايتري ته
تنهائي ۽ خاموشي هئي، جو جڏهن تو پريان ڪنهن ٻار
جي روئڻ جو آواز ٻڌو هو، تڏهن تون نڙي ڦاڙي رڙيون
ڪيون هيون ۽ رنو هئين. ان سڀ جي باوجود، تنهنجو
ارادو ۽ عزم اڃا مستحڪم آهي، تون انهيءَ پيڙا کي
ڪهڙي پرينءَ جي پار جي مٺائي سمجهي رهيو آهين؟
توکي ٻئي جهان ۾ به اعتبار نه آهي، توکي اهو به
يقين نه آهي ته تون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪوئي انقلاب
ڏسي سگهندين. مُئي کانپوءِ سج اُڀري يا نه اُڀري!
تو اها پيڙا ڇو چونڊي ورتي آهي؟ ٻيو مثال ٻڌ!
جيڪڏهن اتفاق سان اهو موقعو اچي جڏهن توکي جان
ڏيڻي پوي يا پاڻ کان وڌيڪ ڪارائتي ساٿيءَ يا
پنهنجي آدرش کي جوکي ۾ وجهڻو پوي ته مون کي يقين
آهي ته تون پنهنجي جان ڏيڻ پسند ڪندين. ڇو، آخر
ڇو؟“ |