مٿيون نثر، نظم جي سرحد کي ڇُهي ٿو. مان فقط ايترو
وڌائي ٿو سگهان ته اسان جا پاڙي وارا به سنڌ واهه
تي مجلسون ڪندا ها ۽ جيستائين مند مٽبي هئي ۽ سرءُ
۽ تپاوليءَ جي مند ايندي هئي ۽ درياهه ۾ مڇيءَ جي
ڪجهه ڌپ ٿيندي هئي، تيستائين ويندا رهندا ها. اسان
۽ هندن ۾ فرق اهو هوندو هو ته هندو گوڏن تائين
انگوڇا ٻڌندا ها ۽ اسان پيرن تائين گوڏ ٻڌندا
هئاسين. هونءَ مذهب جي فرق جي باوجود، سڀني سنڌين
جون صورتون هڪجهڙيون هيون.“
سنڌ واهه تي حيدرآباد، سکر جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي
مان ماڻهو ايندا ها. واهه جي ڀرتي پوليس جون
چؤنڪيون، ٽانگا اسٿان، مندر ۽ مسجدون هونديون
هيون. جمعي ۽ آچر تي ماڻهو هزارن ۾ هوندا ها ۽
پنهنجي هٿن سان کاڌو تيار ڪري، پنهنجي پنهنجي مجلس
کي کارائيندا ها. ٻه وڏا ميلا چاليهو ۽ نوروز
لڳندا ها. شيخ واجد علي واهه تي مجلسون ڪرائيندو
هو ۽ ٻارن کان اٺ اٺ آنا ۽ وڏن کان رپيو وٺندو هو.
بنگلي ۾ لٽا ۽ بوٽ لاهي، گوڏ ٻڌي، اچي بنگلي
سامهون ويهندا هئاسين ۽ ڳچيءَ تائين پاڻيءَ ۾
هوندا هئاسين. کاڌي ۾ ٻاڪري گوشت جو پلاءُ، زردو ۽
انب هوندا هئا. مان پاڻ کان ڪائي ننڍي ڇوڪري، ٽيوب
۾ کڻي لاٽ پوندو هوس ۽ پڪيءَ پل تائين هن جي بدن
جو ڇهاءُ جسم کي گرمائيندو هو. ڇوڪريون انگوڇا
ٻڌنديون هيون ۽ ٽيوب ۾ مٿي وچ ۾ ٿي ويهنديون هيون
۽ پاڻي ڍڪ لاءِ ڪافي هوندو هون ۽ ڪنهن انجير جي پن
جي ضرورت نه پوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن زالن جي گهاٽ وٽ
پپر جي ڇانءَ ۾ ويٺل هم ڪلاسي ڇوڪريون دَيا، مَنو،
سرسوتيءَ تي نظر پوندي هئي ته انهن کي وري وري ڏسڻ
لاءِ ٿوري پنڌ تان واري واري لاٽ پوندو هوس. اهي
پوءِ ائين گم ٿي ويون، جيئن پپل جي ڇانءَ سانجهيءَ
کان پوءِ گم ٿي ويندي هئي ۽ گهاٽ تي اداسائي
ڇائنجي ويندي هئي.
واهه جي ڀرتي انبن جا باغ هوندا ها، جتان لڪ
چوريءَ اڌ ڪچا انب پٽيندا هئاسين. شام جو جڏهن
تڙڳي تڙڳي ٿڪجي هچ ٿي پوندا هئاسين، تڏهن ٽانگي تي
واپس لکيدر تي لهندا هئاسين. جتان ٿورو پنڌ ڪري
شيخن جي پاڙي ۾ پهچندا هئاسين.
مون پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ جا بار بار نوٽ وٺي، ان کي
مڪمل ڪرڻ جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو هو، انهن مان ڪي
نوٽ منهنجي نوٽ بڪن ۾ آهن، جي مان جيئن جو تيئن ٿو
ڏيان.
شڪاپور جي گوشت مارڪيٽ کان ڪجهه پنڌ تي پير
اسماعيل شاهه جو ميلو ڌوم ڌام سان لڳندو هو. اهو
ميلو سنڌ جي وڏن ميلن ۾ شمار ڪيو ويندو هو. سنڌ جي
ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو ايندا ها، ٽي ڏينهن برابر ناچ
گانا ۽ ملاکڙا ٿيندا ها. چونڊ ملهه ايندا ها.
ڌمالون، ڳجهارتون، آکاڻيون، کاڌي پيتي جا دڪان
ملطب ته جيئن ڀٽ شاهه يا قلندر شهباز تي ميلو
لڳندو هو، ائين رونق هوندي هئي.
شڪاپور ۾ جيڪي به ڌنڌي وارا رهندا هئا، انهن جي
باري ۾ مون سارو تفصيل ڄاتو ٿي، ڇو ته مون انهن جي
زندگي ويجهڙائيءَ کان ڏٺي هئي. ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۾
منهنجي هڪ نظم جون پهريون ٻه مصراعون آهن:
”هي ميرانجهي سانجهي آ، يا ڌوڙ ڌئي جي جهول،
ڄاڻ ستارا چمڪي نڪتا، ان مان سونَ آسمان.“
’ڌوڙ ڌئي‘ جي باري ۾ شاهه لطيف ڀٽائيءَ کان وٺي هن
وقت تائين ڪنهن به شاعر نه لکيو آهي. انهن جي
زندگين ڏانهن مون پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪجهه اشارا ڪيا
آهن.
رات جي گڏي وينجهر جي ڌيءُ،
جنهن جون اکڙيون هيري کاڻ.
*
جي تون سچ صراف، ڦورو ڦول ته مان وڃان،
*
تنهن جا سپنا اهڙا جهڙا پاٽوليءَ جا هٿ،
منهن جا سپنا اهڙا جيئين ارجن جي هٿ رٿ.
*
گهاڙؤ گهڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهن جي ڳل جيان،
سورٺ توتي ڇو نه، ور ور مان واريو وڃان.
ڪورين جو ذڪر منهنجي سُر ڪاپائتي ۽ مهاڻن جو ذڪر
نوري ڄام تماچيءَ ۾ آهي. جيڪي ’ڪپر ٿو ڪن ڪري‘ ۾
شامل آهن. ساڳئي ڪتاب ۾ لوهرن جي باري ۾ مسلسل
بيت، ”اڳ نه اهڙا آڳڙيا“ لکيا آهن. ڪجهه ٻين ڌنڌن
جو به ذڪر آهي، جي مون غور سان ڏٺا ها، پر شعر
وسري ٿا وڃن. مثال طور هڪ هنڌ سوناري جي ڪوٺاري
شعر ۾ ڪم آندل آهي.
اڄ جميل الدين عاليءَ جو ڪارڊ پهتو آهي. هڪ پاسي
عقاب جي تصوير آهي ۽ ٻئي پاسي عاليءَ جو خط آهي،
جو عاليءَ سعودي عرب مان لکيو آهي. هن خط ۾ لکيو
آهي ته: ’هن حرمين شريفين ۾ منهنجي لاءِ دعا گهري
هئي ته مان جلد صحتياب ٿيان ۽ وڌيڪ تخليق ڪيان.“
عالي سن 1947ع کان منهنجن ڪافي هائوس جي دوستن مان
هيو ۽ اڃان تائين اسان جا دوستانا تعلقات آهن، پر
هن جي باري ۾ تڏهن لکندس جڏهن ’آل پاڪستان رائيٽرس
گلڊ‘ جي باري ۾ لکيم. في الحال اهو چوڻو آهي ته:
”اميد ته عاليءَ جي دعا خدا تعاليٰ جي درگاهه ۾
مستجاب ٿئي ۽ مان نه رڳو آتم ڪهاڻي، ’ڪٿي نه ڀڃبو
ٿڪ مسافر‘ جو ٻيو حصو لکي سگهندس، پر ان جو آخري
حصو ’ڪٿي به ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ به لکي سگهندس. اها
ازلي قوت جا هن ڪائنات کي هلائي رهي آهي، ان جي
مهر سان، زندگيءَ جي ساري پريشانيءَ کي پاسي رکي،
هر رنج و الم، حسن ۽ دوستيءَ کان مٿي اُڀري، ان
ڪم کي توڙ تائين پهچائيندس.
ڪنهن چيو آهي: ”ڪوبه ماڻهو پنهنجي لاءِ جزيرو نه
آهي. هر ماڻهو پوري انسان ذات جو حصو آهي. هر
ماڻهوءَ جو موت مون کي سُسائي ڇڏيندو آهي. ڇاڪاڻ
ته جو منهنجي انسان ذات سان وابستگي آهي.“ ان ڪري
ئي مون کي اونو رهندو آهي ته گهنڊ ڪنهن جي لاءِ
گڙي رهيو آهي.
وڏا ماڻهو ياد ڪري مون کي ٽي چوڻيون ياد اينديون
آهن. پهرين ته ٿامس ڪارلايل جي آهي: ”جي ڪوئي
پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ماڻهو آهي ته پنهنجي موت ۾
هُو ڏهه ڀيرا وڏو ماڻهو ٿي ويندو.“
ٻي چوڻي مون کي تڏهن ياد آئي، جڏهن جمال ابڙي فون
تي چيو ته هو پنهنجي آتم ڪهاڻي ”ڪٿا“ جي نالي سان
لکي رهيو آهي. ٻي چوڻي هئي ايلزبيٿ ٽيلر جي ته:”
تون رڳو پنهنجي موت کان پوءِ ئي ڏند ڪٿا ٿي
سگهندو آهين.“
ٽين چوڻي هئي انهيءَ جينيس البرٽ ڪاموءَ جي، جنهن
ڪٿي (غالباً نوٽ بوڪ ۾) لکيو هو ته :” انسان ذات
تنهنجي دليلن، تنهنجي سچ ۽ تنهنجي ساريءَ ڪاوش جي
سنجيدگيءَ جي باري ۾، رڳو تنهنجي موت کان پوءِ ئي
سوچي سگهندي .“ ڪاموءَ ناولن ”پليگ،“ ”ٻاهريون
ماڻهو“ ۽ اجنبي ڪتابن جو مصنف هو، جن مان سندس
دؤر جو گهرو شعور ٽپڪي ٿو.
ڪيئي يار دوست وڃي انسان ذات جي اڪثريت سان مليا
آهن، انهن مان ڪنهن سان وري ملاقات نه ٿي آهي، جو
هنن کان پڇي ڏسجي ته هنن اڳتي ڇا ڏٺو آهي؟ ڪيئي
دوست ۽ واقفڪار مون کي ننڊ کان اڳ ائين ورائي
ويندا آهن، جيئن ڪي شب گرد اوچتو نيري غار مان
نڪري پر ڦڙڪائيندا هجن. شيخ مجيب کي گولي هنئي
وئي. ان وقت مان ايم. پي.اي هاسٽل ۾ بيڊ تي
(Bed Tea) پي رهيو هوس، جو سراج ميمڻ مون کي فون تي اها ڳالهه ٻڌائي هئي،
تڏهن ڪوپ منهنجي هٿ مان ڪري پيو هو ۽ ڇيهون ڇيهون
ٿي ويو هو.
شهيد ڀٽي جي ڦاسيءَ جا پرون مون کي تڏهن ٿي پيا،
جڏهن مان پنهنجي جونيئر غلام مصطفيٰ شاهه وٽ ويٺو
هوس، جو ان وقت حيدرآباد ۾ ايڊيشنل سيشن جج هو.
غلام نبي خان پٺاڻ جو سينيٽ جو وائيس چيئرمين هو،
هن جي ڳوٺ سلطان ڪوٽ جو رهندڙ هو ۽ غلام مصطفيٰ
شاهه هن جو دوست هو، هُن کيس فون تي ٻڌايو ته پير
بخش ڀٽي (شهيد ڀٽي جي چاچي) هن کي ٻڌايو آهي ته
ڳڙهي خدا بخش ۾ پراسرار چرپر ٿي رهي آهي ۽ اڄ رات
ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. شهيد ڀٽي کي رسيءَ ۾ لڙڪايو
ويو. جي.ايم.سيد ڪجهه مهينا اڳ جناح اسپتال ۾ موت
سان مهاڏو اٽڪائي گذاري ويو. مان جڏهن هن کان پڇڻ
ويو هوس ته مان ايترو بيمار هوس، جو هن جي فرزند
امداد شاهه مون کي ڏسي چيو: ”شيخ صاحب ايتري
بيماريءَ ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.“
سبطِ حسن گلشن اقبال ۾ منهنجي گهر کان ڪجهه پنڌ
تي رهندو هو. مون هن کي فون ڪيو ته : ” مان هاڻي
اوهان وٽ اچان؟“ هن چيو:”ڀلي.“ ڪنهن سبب جي ڪري
مان هن وٽ وڃي نه سگهيس ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو
هندستان ويو، جتي هو دل جو دورو پوڻ سبب گذاري
ويو. فيض احمد فيض آخري ڀيرو مون سان اسلام آباد
جي انٽرڪانٽيننٽل ۾ علامه اقبال جي ورسيءَ تي
خشونت سنگهه، لوئي فشر ۽ پروفيسر گئنگو وسڪيءَ سان
منهنجي ساراهه ڪئي. هو پنهنجي ڳوٺ سيال ڪوٽ ۾ پيش
امام جي حيثيت ۾ نماز پڙهائي لاهور موٽيو ته گذاري
ويو. فيض پنهنجي پهرين هارٽ اٽيڪ تي هڪ رقت انگيز
نظم لکيو آهي. پر پوءِ به اڳي جيان پيئندو ۽
جيئندو رهيو. روسي اديبه لڊميلا مون کي ٻڌايو هو
ته هوءَ کيس جام تي جام ڀري ڏيندي هئي ۽ هو ساري
ساري رات پيئندو رهندو هو ۽ کيس ڏسندو رهندو هو.
لڊميلا، فيض جي ورسيءَ تي ڪراچيءَ ۾ آئي هئي. هُن
کي ڏسي مون کي ائن ميري شمل ياد آئي هئي، جا
ايراني ڪلچرل سينٽر ۾ اڌ رات تائين اسان سان به پي
رهي هئي ۽ حسام الدين شاهه راشديءَ کي گهوري به
رهي هئي، ڄڻ ته هن جي گهور کي ڪائي ٻولي هئي، جا
فقط اکيون ڳالهائينديون آهن. انهن تي سوچي مون کي
ڀٽائيءَ جو شعر ياد ايندو آهي.
”مــــري نـه مـيــهـــار، وٿــــــــاڻ نه ولهو
ٿئي،
وڇــن جي وٿــاڻ جــــو، ونــــگو ٿئي نه وار،
ساهڙن مون سينگار، ماڻهن ليکي ميهڻو.“
هي مرحوم محمد طفيل احمد آهي جو سنڌ جو ڪنهن وقت
چيف جسٽس ۽ گورنر هو ۽ مرحوم جمال الدين صديقيءَ
جو دوست هو. ان منهنجي ضامن جي درخواست بنا فيءَ
هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي، جا مسٽر خميساڻيءَ
اڳيان ٻڌڻ لاءِ رکي وئي. مرحوم اي . ڪي . بروهي
ڪنهن ڪيس سانگي لاهور ويل هو، جڏهن هُو موٽي آيو
ته مون هن سان ڳالهه ڪئي. هن چيو ته : ”مان ٿو
وڪالت نامو داخل ڪرايان ۽ طفيل کي مدد ڪندس.“
عبدالحميد ابڙو، جيڪو اڄڪلهه سيشن جج آهي ۽ سنڌ ۾
منهنجو ۽ مرحوم اي . ڪي. بروهيءَ جو مداح،
حيدرآباد ۾ هڪ ڀيري راڳ جي محفل ۾ راڳ ٻڌندي، اٿي
بيٺا هئا ۽ سندن وار اُڀا ٿي ويا هئا، جڏهن ڳائڻي
ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت ڳاتو هو:
”مٿان مينهن نه پون، ساوا گاهه نه سومرا
مــاڙيـچــون مـــحلــن ۾، مُور نه مٿو ڌونِ،
جــيــڏين ڌاران جُونِ، عمر کاڌي هئين.“
هي جسٽس خميساڻي آهي جو ڪڏهن سکر ۾ بار جو ميمبر
هو ۽ جنهن منهنجي قبل از گرفتاري ضمانت جي درخواست
ان ڪري رد ڪري ڇڏي هئي، ڇوته ايڊوڪيٽ جنرل فقط
ايترو بيان ڏنو هو ته سکر جي انتظاميه هن وقت شيخ
اياز کي گرفتار ڪرڻ نه ٿي چاهي. ان جو وڌيڪ احوال
مون ”ساهيوال جي ڊائري “۾ لکيو آهي. مان ساهيوال
جيل ۾ هيس ته جسٽس خميساڻي گذاري ويو هو ۽ ڪجهه
مهينا پوءِ مون اخبار ۾ پڙهيو هوته اهو ايڊوڪيٽ
جنرل، جنهن منهنجي ڪيس ۾ مٿيون بيان ڏنو هو،
حيدرآباد مان ڪراچيءَ ايندي رستي تي ڪار جي حادثي
مري ويو. مُئا ڪيڏا نه وڳر ڪري ٿا ورن! ڪيڏا نه
واقف هئا، جي مٽي ڳڙڪائي وئي آهي. تمام ڊگهي فهرست
آهي.
سنڌ متحد محاذ ۾، منهنجي خا بهادر کهڙي، علي محمد
شاهه راشدي ۽ قاضي اڪبر سان شناسائي ٿي. علي محمد
شاهه مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. هُو منيلا ۾ سفير هو
ته پٺيان ايوب خان مارشل لا ريگيوليشن 164 لاڳو
ڪيو هو. هن منيلا مان مون کي خط لکيو ته مان هن جو
زمينن جي باري ۾ ڪيس هلايان، جي حڪومت ٿي کنيون
وئي. مون خط ڏسي هن جو ڪيس کنيو ۽ هن ڏانهن وڪالت
نامون موڪليم ته صحيح ڪري موڪليا.
مير آف خيرپور ۽ پير پاڳاري جون زمينون مارشل لا
ريگيوليشن جي زد ۾ اچي ويون. پر علي محمد راشديءَ
جي هڪ انچ به زمين نه وئي. هن جو ڀاءُ پير حسام
الدين شاهه راشدي منهنجو ڪافي گهرو دوست هو. هن جي
مانيءَ جي دعوت ۾ هن، غلام رباني آگرو، مولوي
عبدالله ۽ اردوءَ ۾ پنج جلدي تاريخ سنڌ جي مصنف
مولوي قدوسيءَ سان ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون ۽
جڏهن آغا بدرالدين دراني جي ڳڙهي ياسين جي فارم تي
ائن ميري شمل سان ويو هو ته مون کي گڏ وٺي هليو
هو.
علي محمد شاهه راشدي هڪ ڀيري مون کي چيو ته : ”
فلاڻي کي مون چيو ته شاهه لطيف کان تون وڏو شاعر
آهين.“
هن چيو ته : ” اهو وڌاءُ آهي.“ تنهن تي مون وراڻيس
ته : ” وڌاءَ جا ٽي سبب ٿي سگهن ٿا : هڪ ته مون کي
سنڌي ٻولي نه ايندي آهي. ٻيو ته مون شاهه لطيف کي
نه پڙهيو آهي ۽ ٽيون ته شاهه لطيف جي پوين سان
منهنجو ڪوئي ملڪيت جو تڪرار آهي.“
مون راشديءَ صاحب کي چيو ته : ” سائين، مان
ڀٽائيءَ جي پيرن جي خاڪ، جي ڀٽائي نه هجي ها ته
منهنجي شاعري وجود ۾ ڪيئن اچي ها. توهان اهو چئي
سگهو ٿا ته مان ڀٽائيءَ جو تسلسل آهيان، پر اها ٻي
ڳالهه آهي، هن سان همسريءَ جو اظهار نه آهي.
بهرصورت مون کي اوهان جي ڪيس جي في ملي وئي.“
مرحوم علي محمد شاهه راشديءَ منهنجي پٺيءَ تي هٿ
هڻي چيو ته: ”پنهنجو پاڻ سڃاڻ، اٿي قيمت سندو
قطرو. توکي ڪهڙي خبر ته تو ۾ اڃان ڪهڙو خزانو دفن
آهي.“
مون چيو: ”سائين، ڀٽائي ولي الله هو، مون گنهگار
جي هن سان ڪهڙي ڀيٽ آهي؟“
علي محمد شاهه جواب ڏنو: ”اها ٻي ڳالهه آهي.“ پر
پوءِ ٽهڪ ڏئي چيائين: ”تجهي هم ولي سمجهتي جو نه
باده خوار هوتا.“ مون ڀانيو ته راشدي مون تي طنز
ڪري رهيو آهي.
قاضي اڪبر جڏهن اسپين ۾ پاڪستان جو سفير هو، تڏهن
منهنجي هن سان گهرائپ گهٽ هئي ۽ رڳو ڪجهه سال اڳ
پنهنجي اورينٽ هوٽل ۾ مون کي چانهه پيئندو ڏسي، هو
مون سان هم ڪلام ٿيندو هو ۽ هڪ ڀيري چيو هئائين:
”نوجوان، ڏسان ٿو ته تون اها خدا سان سرڪشي ڪيترو
وقت ڪري ٿو سگهين!“ جڏهن هو سفارت جي عهدي تان
استعفيٰ ڏئي آيو، تڏهن مون هن جي ڄام شوري ۾ دعوت
ڪئي هئي. ان کان پوءِ هو هر هفتي پنهنجي گهر
منهنجي دعوت ڪندو هو ۽ پنهنجي گوناگون زندگيءَ جا
تجربا ٻڌائيندو هو.
هي مير رسول بخش ٽالپر آهي، جيڪو گجرات جيل مان
ڪراچيءَ جيل ۾ بدلي ٿي آيو هو. جنهن سان مون کي
ساڳئي سيل ۾ رکيو هئائون. ٻنهي جي ڪراچي هاءِ ڪورٽ
۾ رٽ پٽيشن هلڻي هئي. هو پنهنجي جيل راشن جا
روزانه مليل پئسا مون کي ڏئي ڇڏيندو هو ۽ مون کي
جيڪي وڻندو هو، سو گهرائيندو هوس. مير صاحب فقط
منجهند جو ٽماٽن سان ماني کائيندو هو ۽ چوندو هو
ته نه هو ناشتو ڪندو آهي ۽ نه رات جي ماني کائيندو
آهي. اسان وٽ سرڪاري مشقتي هو، جيڪو بورچيءَ جو ڪم
به ڪندو هو. هن کان جڏهن مون احوال ورتو ته، هن
ٻڌايو ته: ”ڪنهن جرم لاءِ ڪورٽ کيس نوَ مهينا ٽيپ
ڏني هئي. هڪ ڀيري مان هن کي چيو ته: ”تون لکڻ
ڄاڻين.“ هن جواب ڏنو ته: ’ها!‘
مون هن کي چيو ته: ”لک، مون کي هي شيون پنهنجي
اڪائونٽ مان گهرجن“
مان هن جا انگريزيءَ ۾ اکر ڏسي حيران ٿي ويس. ڪو
ڪاتب به اهڙا سهڻا اکر لکي نه سگهندو. هن پنهنجي
غلطي محسوس ڪندي چيو: ”اياز صاحب! مون مئٽرڪ پاس
ڪئي آهي ۽ پنهنجي ڪتابت تي ڏاڍي مشق ڪئي آهي. مون
کي پڪ ٿي وئي ته هو سي. آءِ. ڊيءَ جو هو ۽ ان ڪري
هن کي اسان تي مسلط ڪيو هئائون. مير صاحب جو ايوب
خان تي گارين جو ڦهڪو پوندو هو. مون هن کي ان لاءِ
مشقتيءَ جو احوال ڏنو، ”مير صاحب چيو ته: ”جيل ۾
ته اڳي ئي آهيون. ايوب خان وڌيڪ ڇا ڪندو.“
رسول بخش پليجو ۽ حفيظ قريشي حيدرآباد مان ٽرانسفر
ٿي آيا. انهن جي سيل ڊاڪٽر رشيد حسن خان (مائواسٽ
ليڊر) ۽ راحت حسين ڪاظمي، جو پوءِ بينظير جي
ڪئبنيٽ مرڪزي هيلٿ منسٽر ٿيو ۽ جيڪو ماسڪو نواز
هو، به هنن سان گڏ هيا.
هڪ ڏينهن اسان جيل ۾ ڀٽي جو ڏينهن ملهايو ۽ سڀني
سياسي قيدين جي دعوت ڪئي. حفيظ قريشيءَ چيو ته:
ٻاهران هن جو سمگلر دوست قاسم ڀٽي کاڌي خوراڪ لاءِ
شيون موڪليندو. شام جو جڏهن مير صاحب جيل جو چڪر
ڏئي رهيو هو، تڏهن اسان واري سيل ۾ غلم وڇايو ويو
۽ ويهارو کن سياسي قيدين جي دعوت ڪئي وئي. تقريرون
ٿيون ۽ مون کان انقلابي شعر پڙهايا ويا. سڀني جي
اڳيان ڪافي، بسڪيٽ، ڪيڪ ۽ سڪو ميوو رکيو ويو. پوءِ
خبر پئي ته اهي سڀ مير صاحب جا ها، جيڪي هو ڪٻٽ ۾
رکندو ويندو هو ۽ ناشتي ۽ رات جي مانيءَ بدران
کائيندو هو.
هي ريشم آهي. جنهن منهنجي شاعريءَ کي ڪيئي پٽ جا
جوڙا پاتا آهن ۽ جا کوجا قبرستان ۾ دفن آهي. هوءَ
سنڌ جي پهرين جديد شاعره هئي. هن کان اڳ ۾ ڪي اڻ
پڙهيل سگهڙياڻيون ٿيون هيون، جن جا نالا ’داسي‘ ۽
’مرکان سيخڻ‘ هيا. ريشم ساٿي رسالي جي، سندري اتم
چنداڻي ۽ ٻين ٻن سان گڏ ايڊيٽر هئي. هن جا هيٺان
ٻه نظم ’ساٿي‘ جي نمبر ۾ ڇپيا هئا، جو ٽن سؤ صفحن
تي مشتمل هو ۽ جو مون وٽ لائبريريءَ ۾ ڪونه آهي.
انهن ٻن نظمن جون پهريون سٽون هيون:
پهريون: ’هن دنيا جي ويرانيءَ ۾ منزل ملندي يا
نه؟‘
ٻيو: ’مکڙي ڇا کان شرمائي؟‘
ان کان پوءِ مون، هن جا ٻيا ٻه نظم پنهنجي رسالي
”اڳتي قدم“ ۾ ڇاپيا ها، جيڪو مان پنهنجي دوست لڇمڻ
راجپال جي مدد سان ڪڍندو هوس. (لڇمڻ مون کي
بمبئيءَ ۾ مليو هو. گهڻو ڪري انڪم ٽيڪس ڪمشنر ٿي
رٽائر ٿيو هو.) انهن نظمن ۾ هڪ نظم آهي:
گهرو احساس
آءُ ته مان توکي بهلايان،
نغمي جو جادوِ ڦهلايان
هلڪا هلڪا شيرين شيرين
توکي ڪيئي گيت ٻڌايان،
خاموشيءَ جون لهرون چيري،
تن جي سيني تي لهرايان،
ڳايان ڳايان تيسين ڳايان،
جيسين پنهنجي دل ۾ ڀانيان،
دنيا ساري خواب
ساٿي
دنيا ساري خواب
اونداهيءَ ۾ جيڪا دهڪي
تاري جيئن دل منهنجي آهي.
پنهنجي هستيءَ کان گهٻرائي
چانڊوڪيءَ کي هر دم چاهي
تارو اوندهه ۾ هوندو آ
چانڊوڪيءَ ۾ هوندو ناهي
دوري ۽ مجبوري ڇا کان،
گڏجي پنهنجي دنيا ٺاهي
تارو ۽ مهتاب
ساٿي ساري دنيا خواب
هوءَ جا هاڻي خواب عدم ۾ آهي. ان جو ٻيو نظم آهي،
جيڪو ’بيوس‘ جي انداز ۾ آهي.
او ساز زندگيءَ جا!
سُرَ ٿو سوين سڻائين
هر تار ٿو وڄائين
ڪنهن وقت ٿو کلائين
منهن زرد دل دکي آ،
ڪنهن وقت کل خوشيءَ جا،
ڇيڙين پيو ترانا
سمجها نه مون نرالا
آواز زندگيءَ جا،
او ساز زندگيءَ جا!
او ساز زندگيءَ جا!
يا عيد هئي وطن ۾
۽ چاندني چمن ۾
يا دور ديس کان هان
۽ آ اَماس من ۾
کولي نه ٿو ٻڌائين
پر راز زندگيءَ جا
او ساز زندگيءَ جا!
ڪنهن وقت ڏس ته ڳوڙها
ڄڻ ٿي ڏسان سپن ۾
انداز زندگيءَ جا،
او ساز زندگيءَ جا!
اڳ پوءِ ڏي نهاريون
۽ آس تي گذاريون
ڪلهه کي نه جي ساريون
کِن ۾ سوين مڪاريون
لک ناز زندگيءَ جا
او ساز زندگيءَ جا!
پر هن جي زندگي جو، جنهن جو وجود سراپا موسيقي هو،
ساز اوچتو ٽٽي پيو ۽ جيڪي نغما انهن تارن ۾ سمايل
ها، سي اڀري نه سگهيا ۽ هميشه لاءِ خاموشيءَ جو
حصو ٿي ويا.
هي جمال صديقي آهي، جيڪو وڪالت ۾ منهنجو پهريون
پارٽنر هو ۽ آخر تائين هم پيالا ۽ هم نوالا دوست
به رهيو ۽ سکر ۾ وفات ڪري ويو.
هي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي آهي. جنهن بزم صوفياء جي
پهرين گڏجاڻيءَ ۾ چيو هو: ”سيد! هيءَ ڪهڙي چريائپ
آهي. صوفي سڀ مري کپي ويا. هي سوشلزم جو دؤر آهي،
تو ڇا جي بزم صوفياء ٺاهي آهي؟“ جنهن تي مون سيد
کي ٽيڪ ڏني هئي ۽ چيو هوم ته: ”صوفي ڪميسار کان
بهتر آهي، جو هن ۾ خوفِ خدا آهي ۽ ان ڪري هو ڪنهن
تي ظلم نه ڪندو. اهو نالو بهتر آهي. ڪافي وقت
لڳندو جو هن حڪومت کي خبر پوندي ته هي چريا صوفي
ڪير آهن؟ ۽ کين ڇا گهربو آهي؟“
هي ع. ق. شيخ آهي. جنهن منهنجي ڪجهه ڪتابن جا
سرورق ٺاهيان آهن. هن جي ڌيءُ ڊيلان ريشم جي
ساهيڙي هئي ۽ منهجي دوست عبدالستار جي پهرين زال،
جيڪو مون سان گڏا يل. ايل. بي پڙهندو هو ۽ پوءِ
ڪراچي هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل هو. ع.
ق. شيخ سان منهنجون محمد ابراهيم جويو جي صحبت ۾
ملاقاتون هيون. پر جڏهن مان وائيس چانسلر هوس،
تڏهن مان، محمد ابراهيم جويو، مراد علي مرزا ۽ آغا
نور نبي گڏ کائيندا پيئندا هئاسين. ع. ق. شيخ هر
روز پنهنجي ڪمري ۾ رکيل شيون ڦيرائي رکندو هو،
تنهن ڪري ڪمرو نئون نظر ايندو هو. هن جي ڪمري ۾
ٿوريون شيون هونديون هيون. هن جون ڪجهه نڪتل
تصويرون، ڪئلينڊر ۽ ٻه ٽي چينيءَ جون شيون هونديون
هيون. هن کي ڏسي مون کي فيض احمد فيض جو اهو شعر
ياد ايندو هو، جو مونس بار بار دهرائيندو هو.
پيو که مفت لگادي هي خونِ دل کي کشيد
گران هي اب کي مئي لالھ فام کهتي هين.
هو کٽ جي هيٺان ديسي جِن جي بوتل ڪڍندو هو، جو ان
مان علاو الدين جي جن وانگر نڪري ايندو هو. مون
کي اڌ پيگ ڏيندو هو. مان ديسي شراب نه پيئندو هوس،
لاچار هن جي دل رکڻ لاءِ پي ويندو هوس. ع. ق. شيخ
پوءِ پنهنجي رهائش واري جاءِ پنهنجي ڀيڻ کي موٽائي
ڏئي پاڻ وڃي حيدرآباد جي قبرستان جي ڀرسان جاءِ
ٺهرائي هئائين. جتي هو جيئرن دوستن کان ڪٽجي ويو
هو، رڳو نور محمد کوجو هن وٽ ويندو هو. جڏهن چنڊ
قبرستان تي اڀرندو هو، جنهن سان مصوريءَ جي دوران
هن محبت ڪئي هئي. ان جون يادگيريون ڪنهن قبر تي
ڪتبي وانگر ٻڌائيندو هو ۽ غالب جو غزل پڙهندو هو:
مدت هـــــــوئي هئي يار کو مهمان کئي هوئي
جــــوش قــــــدح سي بزم چراغان کئي هوئي
ترجمو: (مدت ٿي آهي جو يار مهمان ٿيو هو
۽ جام ۾ ايترو جوش هو جو بزم ۾ ڏيئا ٻري ويا
هئا.)
هو هڪ نهايت نهٺو انسان هو، پر زماني جي بي
اعتباريءَ ۽ دوستن جي بي پرواهيءَ جو شاڪي هوندو
هو. جڏهن مان عبدالستار سان گڏ پڙهندو هوس ته
عبدالستار مون کي هن جا ڪجهه نثر جا ٽڪرا ٻڌايا
ها، جي جيڪڏهن سعادت حسن منٽو، عصمت چغتائي ۽
راجيندر سنگهه بيدي ٻڌن ها ته هنن کي پگهر اچي وڃي
ها. پر هن جي پيري، تنهائيءَ ۾ ايتري مجبور هئي جو
ڀٽائيءَ جو هيٺيون بيت بي اختيار ياد اچي ويندو
هو:
”پنڌ نه پنڌن جيترو، ڪيئن سجهندي ڪيهه،
جيــڪر ڪريان ريهه، چوندا منڌ چري هئي.“
هن پڇاڙيءَ تائين ڪيهه نه ڪئي ۽ هن جو پنڌ پڄي
ويو. مان هن جي قبر تي ويو هوس ته ڀٽائيءَ جو
هيٺيون بيت بار بار منهنجي چپن تي آيو هو:
”ڀر ڀنجهوءَ ويهي، ڪهڙيون ڪندي ڳالهڙي،
خبر نه پيئي، ته ڏاج ڏنس ڪيترو.“
اهو ڀٽائيءَ جو ڪمال آهي، جو قبر کي ونيءَ جهڙي
خوبصورت تشبيهه ڏني اٿس.
هي ڪامريڊ اشرف آهي، جو مون سان ۽ هڪ اردو شاعر
ساحل بلگراميءَ سان گڏ مرينا هوٽل ۾ اڌ رات تائين
پيئندو هو ۽ بل پاڻ ڀريندو هو. هو اسان کي مجاز،
جوش ۽ فراق جا لطيفا ٻڌائيندو هو. جن مان ڪجهه جوش
مليح آباديءَ پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ”يادون کي برات“
۾ لکيا آهن.
اشرف هڪ رومانوي اشتراڪي هو ۽ پراسراريت هن کي
وڻندي هئي. هن بندر روڊ تي هڪ هندو واپاري جي آفيس
هٿ ڪئي هئي، جتي هو ڪميونسٽن جي گڏجاڻي رکندو هو.
هڪ ڀيري هن 555 سگريٽن جو دٻو اونڌو ڪري، ان مان
هيٺينءَ پنيءَ سوڌا سڀ سگريٽ ڪڍي، ان جي هيٺان
گڏجاڻيءَ جي ايجنڊا رکي ته متان سي. آءِ. ڊيءَ
وارا اوچتو ڇاپو هڻن. ٻئي ڀيري هن حيدر بخش جتوئي
جي دوست هاري ليڊر عبدالقادر ۽ منهنجي بندر روڊ تي
ڪنهن بار ۾ دعوت ڪئي. جڏهن نشي ۾ ڌت هئو، تڏهن هو
چئي رهيو هو:
Sonara, I have served thee in my own fashion.
(سونارا شاعر جي محبوبه جو نالو) مون تنهنجي
پنهنجي طريقي سان خدمت ڪئي آهي.)
هن جو مطلب هو ته هن ڪامريڊن کي پياري، پارٽيءَ جي
خدمت ڪئي هئي. مون اها سِٽ ڪنهن انگريزيءَ جي ڪتاب
۾ پڙهي هئي، جا شايد رابرٽ سئسون
(Robert Sasoon)
جي هئي، جو پهريون جنگِ عظيم ۾ ماريو ويو هو ۽
جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ وقت پنهنجي محبوبه کي مخاطب ٿي چئي
هئائين.
اشرف پيارو دوست هو. هُو مون کي نيپيئر روڊ تي هڪ
رقاصه مقصوديءَ وٽ وٺي هلندو هو، جا نواب رام پور
جي داشته رهي چڪي هئي ۽ اردوءَ جي شاعره به هئي.
هُو هُن وٽ ٻه ٽي ڪلاڪ ويهي، هن جا غزل ٻڌي داد
ڏيندو هو ۽ هن کي ٻه ٽي سوَ رپيا ڏئي ايندو هو.
اشرف ڪافي وقت مون سان گذاريندو هو ۽ منهنجي اردو
شاعريءَ جو مداح هو، جا مان ترقي پسند مصنفين جي
انجمن ۽ حلقهءِ اربابِ ذوق ۾ پڙهندو هوس. هن جي
چوڻ تي مون کي انجمن ترقي پسند مصنفين جو وائيس
پريزيڊنٽ ڪري کنيو هئائون. انجمن جو سيڪريٽري ظهور
نظر هو، جنهن جي باري ۾ مون ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ ۾
لکيو آهي.
هڪ ڀيري انجمن، هندوستان جي مشهور اشتراڪي شاعر
سردار جعفريءَ جي دعوت ڪئي. اهو 1947ع جو زمانو
هو. سردار جعفريءَ تقرير ڪندي چيو: ”پاڪستاني شاعر
فاشزم کان دور رهن.“ته هڪ نوجوان اردو اديب هن کان
پڇيو: ” علامه اقبال، لينن جو ترانو لکيو آهي، ڇا
هن جي شاعريءَ ۾ فاشزم هئي؟“ ”ها، منهنجي جان
هئي.“ سردار جعفري جواب ڏنو.
پر هڪ ڳالهه نه ٿي وسري. هڪ ڀيري اشرف مون کي ميري
ويدر ٽاور جي ڀرسان هڪ فارين بئنڪ غالباََ گرئنڊ
ليز ڏانهن وڪٽوريه گاڏيءَ ۾ وٺي هليو. ڇوته اتي هن
جو هڪ اينگلو انڊين ڇوڪريءَ مارگريٽ سان لنچ لاءِ
وقت رکيل هو. مارگريٽ جا بئنڪ ۾ ملازمه هئي. بئنڪ
جي ٻاهران هن سان هڪ لڳي پندرنهن منٽن تي ملڻي
هئي. اشرف وڪٽوريا واري کي ڪرايو ڏنو ۽ اسان ٻئي
بئنڪ ٻاهران ٽين وڳي تائين بيٺا رهياسين، اوچتو
ڪارونڀار ڇانئجي ويو. مينهن به چوي اڄ نه پوان ته
ڪڏهن پوان! اسان ڀڄي وياسين. هڪ ٽين جي پڙچ هيٺان
بيهي رهياسين. اوچتو مارگريٽ هڪ انگريز سان
وڪٽوريا مان لٿي ۽ اشرف کي ڏٺو نه ڏٺو ڪري بئنڪ ۾
هلي وئي. اشرف ٿڌو ساهه ڀري مير جو هيٺيون شعر
پڙهيو:
”ياد اس کي اتني خوب نهين مير باز آ،
نـــادان پهر وه جسي بهلايا نه جائي گا.“
ان ڳالهه مون کي شيڪسپيئر جي ”جيئن توکي وڻي“
(As you like it)
مان، ان جي ڪردار آرلنڊو جي سٽ
ياد آئي ته ، ”ڪيڏو نه تلخ تجربو آهي جو خوشي
ڏانهن ٻئي ڪنهن جي اکين سان ڏسجي!“
پوءِ اسان پنڌ موٽي آياسين. ڪجهه وقت کان پوءِ هو
گذاري ويو. هڪ ڀيري هو منهنجي فليٽ ۾ آيو (ان وقت
مان ۽ حشوءَ جو سؤٽ ماڌو ان فلئٽ ۾ رهندا هئاسين ۽
چيائين ته پوليس هن جي گهر تي هن جي ڀاءُ شرف کي
گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپو هنيو هو، پر هُو ڪوٺو ٽپي
روپوش ٿي ويو. شرف، صحيح معنيٰ ۾ هڪ ڪميونسٽ هو.
جنهن جي پارٽيءَ سان بيحد وابستگي هئي. هُو
گرفتاريءَ جي ڀوَ کان اوڀر پاڪستان ڀڄي ويو ۽
تيستائين اوڀر پاڪستان جي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان گڏ
ڪم ڪندو رهيو، جيستائين بنگلاديش نه ٺهيو.
هڪ ڀيري مان وئڪيشن ۾ زرينا سان گڏجي بئمبينو
سئنيما تي ويو هوس ته اتي مون کي ڪامريڊ شرف ملي
ويو. هن کي بنگلاديش جي ڪامريڊن بچائڻ جي ڏاڍي
ڪوشش ڪئي، پر انهن ۾ جيڪي قوم پرست ها، هن جي
برخلاف ٿي پيا. هن بنگلاديش ۾ خونريزيءَ جا لرزه
خيز داستان ٻڌايا. ڪراچيءَ ۾ هو ريڙهيءَ تي سبزي
وڪڻي ٻارن جو پيٽ پاليندو هو.
منهنجو ڪافي هائوس جو ساٿي عمر عابد زبيري، جيڪو
فيڊرل سيڪريٽري مسرت حسين زبيريءَ جو ڀائيٽو هو،
جنهن جي معرفت منهنجي ٽراٽسڪائيٽ موسيٰ بام جيءَ
سان واقفيت ٿي هئي. سو به اوڀر پاڪستان ۾ سرگرم
سياسي ڪارڪن هو ۽ موٽي اچي بنگلاديش تي ڪتاب لکيو
هئائين ۽ ڪجهه وقت اڳ گذاري ويو آهي.
هي محمد امين کوسو آهي، جو هوٽلن ۾ مهينن جا مهينا
ٽڪيو پيو هوندو هو ۽ جيڪڏهن پئسو نه هوندو هوس ته
اوڌر تي ضيافت ڪندو هو، نيٺ ڳوٺان پئسا گهرائي،
يڪو ئي بل ادا ڪندو هو. هن حشوءَ کان فلسفي
اسپينسر
(Spencer)
تي ڪتاب وٺي، مهيني ۾ پورو ڪيو ۽ تيستائين هن جي
هوٽل جو بل ڪتاب جي قيمت کان ٽيهارو ڀيرا وڌي ويو.
هي ڪامريڊ جمال الدين بخاري آهي، جنهن پنهنجي ترقي
پسنديءَ جي ثبوت لاءِ هڪ هندو عورت شانتيءَ سان
شادي ڪئي هئي. جڏهن سندس پٽ مون سان لاڙڪاڻي ۾
گڏيو هو، تڏهن جماعت اسلاميءَ جو ميمبر هو. ترقي
پسندن کي ڄڻ هن جي ڏاڙهي ڏاڙهي رهي هئي.
هي مولوي عبدالله آهي، جو ’نئين زندگي‘ رسالو
ڪڍندو هو ۽ جو ڊاڪٽر ذاڪر حسين سان جامع مليءَ ۾
رهيو هو ۽ جنهن جو تڪيو ڪلام ’ڇڏ زوراور‘ هوندو
هو. هن تي مون گمبٽ ۾ هڪ غزل به لکيو هو، جيڪو
اڃان غلام ربانيءَ کي ياد آهي. مولوي عبدالله، پير
حسام الدين شاهه راشديءَ ۽ سينيٽر حسين شاهه
راشديءَ جو دوست هو. جڏهن کيس ڪائي بلو فلم
ڏيکاريندا هئاسين ته هُو سٿرن ۾ هٿ وجهي ٽنگو
سيڪڙيندو هو ۽ جيڪڏهن فلم اڌ ۾ بند ڪندا هئاسين ته
ڇرڪ ڀري چوندو هو ’ڇڏ زوراور! باقي به ٿي وڃي.‘ هو
امير حمزي جي داستان مان عمر خيام جي زنبيل وانگر
ويهه سير وزني ٿيلهو پاڻ سان کنيو وتندو هو، جنهن
۾ ڪيئي اخبارون، رسالا ۽ هن جا ڇپيل ڪتاب هوندا
ها. هن جي بي خوديءَ واري موجودگي، ڪوري ڪاغذ
وانگر سادي ۽ هلڪي هوندي هئي.
هي عبدالقدوس قدوسي آهي، جنهن مون وٽ يونيورسٽيءَ
۾ تاريخ سنڌ جا پنج حصا آندا ها ته انهن تي هن کي
پي. ايڇ. ڊي ڊگري ڏيان. اهو به پير صاحب جي حلقي
جو ماڻهو هو ۽ سينيٽ جي فيصلي کان اڳ گذاري ويو.
جي کيس ڊگري ملي وڃي به ها ته ڇا ٿئي ها؟ گذاري ته
هونءَ ئي وڃي ها پر فريم ٿيل ڊگري هن جي گهر جي
ديوار تي ٽنگي رهي ها. ڇا ڪي ماڻهو پنهنجي سنگ لحد
تي به ايم. اي.، پي. ايڇ. ڊي لکن ٿا؟
هي ڪامريڊ پوهو آهي. جنهن وٽ مان روپوشيءَ دوران
ويندو هوس، جو هر ڀيري شڪايت ڪندو هو ته سندس ورتل
شيئرس جي قيمت ڪِري پئي آهي. پڇاڙيءَ ۾ به اها
ڳالهه ڪندي، غالباً 1970ع ۾ گذاري ويو. مون هن کي
هڪ ڀيري چيو هو ته: فلاڻي عورت هن جي زندگيءَ جي
وارياسي ۾ اڪيلو گل آهي، ته هو منجهي پيو هو. چڱو
جو هن کي اُهو ڏينهن ڏسڻو نه پيو ته انهيءَ گل جون
واڇون ٽڙيل پکڙيل پنکڙين وانگر ٿيون لڳن ۽ هوءَ هڪ
گل جهڙي ڪنواري ڇوڪري نه رهي آهي. پر هڪ سس آهي،
جنهن کي ٿوهر جي شاخ جهڙي زبان آهي. ان وقت غلام
رباني آگرو ٽهڪ ڏئي ويٺو هو. جڏهن به پوهوءَ جي
ڳالهه نڪرندي آهي ته هو اها سٽ دهرائي ٽهڪ ڏيندو
آهي. ٽهڪ ربانيءَ جي زندگيءَ ۾ ائين هيا جيئن
سٽوڙيءَ جي زندگيءَ ۾ سِڪا هوندا آهن، جي هُو
مٺيون ڀري اڇليندو آهي.
هُو منهنجو پيارو دوست نعيم صديقي آهي، جيڪو بحرين
۾ گذاري ويو ۽ جنهن جي باري ۾ مون اڳيئي لکيو آهي. |