ادا اختر وٽ علي ڳڙهه جون مخزنون، اردو رسالا
نيرنگ خيال، عالمگير، ادبي دنيا، ساقي، خيام ۽
مولانا آزاد جو الهلال ايندا ها. هو اڪثر اسد
ملتانيءَ جي شاعري، اسلم جيراج پوريءَ جي تحريرن ۽
چوڌري پرويز جا ڪتاب به مون کي ڏيندو هو. جن ۾
مصنف سائنس جي هر نئين ايجاد کي ڪنهن نه ڪنهن
قرآني آيت ۾ ڳولي لهندو هو.
مان مئٽرڪ کان پوءِ فيض احمد فيض جو ’نقش فريادي‘
۽ ن.م راشد جو ’ماورا‘ پڙهي چڪو هوس ۽ انهن کان
ڪافي متاثر ٿيو هوس ۽ اسلامي ڪتاب مون کي وقت جو
زيان لڳندا هئا.
جيتوڻيڪ ٻيا مسلم ليگي به اسان جي پاڙي ۾ رهندا ها
۽ رات جو ميڙو لڳندو هو، جو ’مسلم هو تو مسلم ليگ
۾ آ‘ تراني سان ختم ٿيندو هو. هو علامه اقبال،
چوڌري رحمت علي، قائداعظم محمد علي جناح ۽ مولانا
آزاد جي باري ۾ ڳالهائيندا ها. جو مان دلچسپيءَ
سان ٻڌندو هوس. پاڙي جي ماحول جي باري ۾ مون هڪ
پورو ڪتاب لکيو هو، جو 1965ع ۾ سندري اتم چنداڻيءَ
کي ڏيکاريو هو ۽ هن کي پسند آيو هو، پر ايوب خان
جي مارشل لاءِ کان پوءِ ان جا ڪيترائي صفحا مون
ڦاڙي ڇڏيا ها، جيئن هر آمريت جي دؤر ۾ ڪيترن ئي
نوٽ بوڪن مان صفحا ڦاڙي ڇڏبا آهن. ڇو ته اهي
اعتراض جوڳا آهن.
وڪالت کان پوءِ مان 24 ڪلاڪ سي. آءِ. ڊيءَ جي پهري
هيٺ رهندو هوس. ڪنهن وقت به منهنجي گهر ۽ آفيس جي
تلاشيءَ جو خطرو هوندو هو. مون کي جوانيءَ ۾ قدرت
رڪ جون رڳون ڏنيون هيون، نه ته منهنجي جاءِ تي چڱو
ڀلو ماڻهو ڊهي پوي ها. شاعرن سان آمرن ۽ عوام ڪهڙا
نه ويل وهايا آهن. ان جا ڪيئي مثال مون ان تقرير ۾
ڏنا آهن، جڏهن طارق اشرف، سهڻي رسالي جو شيخ اياز
نمبر ڀاڱو 2 جو مهورت ڪرايو هو. مان ساريءَ جک جو
تجزيو بي. اي تائين چڱيءَ طرح ڪري سگهندو هوس. پر
انهيءَ ڪتاب مان جو مون سندريءَ کي ڏيکاريو هو،
ڪجهه منتشر صفحا جي رهجي ويا ها سي هيٺ ڏيان ٿو:
پهرين صفحي تي لکيل آهي:
”مٿي تڙ رهي، گذاري وياڏينهڙا،
ڪڏهن ڪونه آئيو، تن پنوهارن پهي،
ويڙا سي وهي، جنم گذاريم جن سين.“
اهو وقت گذري ويو، جڏهن شاعريءَ مان ڪفن ۽ ڪافور
جي بوءِ ايندي هئي.
جڏهن لکنو ۽ دهلي جي بوسيده روايات کان متاثر ٿي
شاعر قافيه پئمائي ڪندا ها ۽ پنهنجو غزل پينوءَ جي
پاند جيئن ڦهلائي داد جي طلب ڪندا ها. ان ۾ نه
ڪوئي زندگيءَ جو شعور هوندو هو ۽ نه ڪائي مطالعي
جي وسعت. انهيءَ اردو غزل لاءِ ذوق به نه هوندو
هو. جنهن جون ٻه چار مناسبتون هنن لاءِ کوهه ۾
ڏيڏر جي ڪائنات ٿي چڪيون هيون. شاعر زندگيءَ جي
موج وتلاطم سان ناآشنا آهن. گذريل هڪ سؤ سال جي
سنڌي شاعريءَ کي ڪي تڪ بند شاعر ڄؤر وانگر چنبڙيا
پيا آهن. فارسيءَ ۽ اردو شاعريءَ جي تتبع ۽ تقليد
سنڌي شاعريءَ ۾ جمود پيدا ڪيو ۽ ٻئي طرف اسان جي
ڪلاسيڪي شاعريءَ ڪافي، وائي، بيت، ڏوهيڙي ۾ ڪا
نئين جدت نظر نه آئي. اوهان گذريل صديءَ جون
ڪافيون، بيت ۽ وائيون ڏسو، انهن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سٽ
ملندي، جا ادبي معيار تي پوري اچي ٿي، نه ته انهن
۾ ڪجهه عربيءَ جا جملا، ڪجهه صوفياڻيون روايتون،
ڪجهه پير جي پراڻي پڙ وانگي ڀُتي بي معنيٰ روحانيت
۽ ساڳي ساڳي لفظن جي الٽ ڦير آهي. گذريل صديءَ يا
انهيءَ کان وڌيڪ عرصو سنڌي شاعريءَ ۾ اها مَٽئي
متي مهراڻ واري مستي ختم ٿي وئي هئي، جا ڀٽائيءَ
جي شاعريءَ ۾ هئي. انهيءَ جي انحطاط جو سبب سياسي
۽ سماجي به هو ۽ انهن شخصيتن جي کوٽ به هئي، جن جي
گهري نگاهه ۽ اعليٰ حوصلو زندگيءَ جا قدر طئه ڪندو
آهي.
هاڻي ته پيري، بيماري، دوستي، دغا ۽ منافقي ڏسي
مون ۾ ڪافي ڦيرو آيو آهي، پر بنيادي طرح مان ساڳيو
ماڻهو آهيان جو سمجهندو آهي ته انسان جو مٿو
ڌرتيءَ جي گولي کان وڏو آهي. سکر ۾ منهنجي گهر جي
ڊرائينگ روم ۾ رومانيا جي هڪ تصوير ٽنگيل هوندي
هئي، جنهن ۾ هڪ ڏاڙهيءَ سان مفڪر پنهنجي ميز تي
ڌرتيءَ جو گولي ۽ ماڻهوءَ جي کوپريءَ ۾ ڇا نه
سمايل آهي. ان تي سوچيندو نظر ايندو هو. افسوس جو
سکر کان منهنجي عدم موجودگيءَ ۾ بجليءَ بل جي غير
ادائگيءَ ڪري بجلي کاٽي ڇڏي هيائون ۽ دهشت گرد ان
تصوير سوڌو سارو سرو سامان کڻي ويا ها ۽ ڇاڪاڻ جو
گهر ۾ بجلي نه هئي ته منهنجن ڪتابن ۽ رڪارڊ کي
باهه ڏئي روشني ڪندا ها ۽ ان ۾ چوريءَ لاءِ مال جي
تلاش ڪندا ها. اسان جي پاڙي جي چوڌاري دهشت گرد
رهندا آهن، جن منهنجا پنج سؤ ڪتاب ۽ پنجاهه اخبارن
جي تراشن وغيره جا فائيل ۽ سوين انگريزي، اردو ۽
سنڌيءَ جا رسالا ڪجهه سال اڳ ساڙيا ها. جيڪڏهن
تاريخ هنن کي تهس نهس ڪيو ته ڄڻ منهنجي علم جو
انتقام وٺندي.
اردوءَ جي شاعره فاطمه حسن، هڪ ڀيري آسٽريليا جي
انگريز شاعره اسٽيلا ڊراءِ ووڊ سان منهنجي ملاقات
ڪرائي هئي. ان کان پوءِ اسٽيلا منهنجي ڪيترن ئي
نظمن جا انگريزي ۾ ترجما ڪيا ها ۽ آسٽريليا ۾ مون
تي مضمون به ڇپايا ها، جي پوءِ مون کي ڏياري مُڪا
هئائين ۽ اڃان مون وٽ آهن.
فاطمه حسن ڳالهين دوران مون کان پڇيو، ”تو خوشونت
سنگهه جو ناول ’دهلي‘ پڙهيو آهي. مون پنهنجي
لائبريريءَ ۾ ڏٺو ته اهو ڪتاب موجود هو. پر مون هن
کي چيو ته: ”مون وٽ آهي ته سهي، پر مون پڙهيو
ناهي.“ جڏهن مون اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مون
سمجهيو ته هوءَ سنڌين تي طنز ڪري رهي هئي. هوءَ
مون سان ٻيهر جيڪڏهن ملي وئي ته کانئس پڇندس ته:
”تو خوشونت سنگهه جو ”منهنجو رت ڳاريندڙ پنجاب“
(My Bleeding Punjab)
ناول پڙهيو آهي؟“
عمر خيام جي رصدگاهه جي تباهيءَ کان پوءِ منهنجي
ڪتابي ذخيري جي تباهيءَ جو علم وادب جي تباهيءَ جو
ٻيو وڏو واقعو آهي. ڪنهن وقت غالب جو هيٺيون شعر
ياد ايندو آهي:
زندگي اپني جب اس دؤر سي گذري غالب
هم بهي کيا ياد کرين گي که خدا رکهتي تهي.
پر اها ڳالهه گهڻو پوءِ جي آهي. مان هي ڦاٽل نوٽ
بوڪ اتاري وٺان ته وري پنجين درجي انگريزيءَ نيو
ايرا اسڪول ڏانهن موٽي ٿو وڃان. ڦاٽل نوٽ بوڪ ۾
ڪجهه سالم پنا به آهن. مان اهي ٻي ڪنهن جاءِ تي
ڏئي سگهان ها، پر ان ساڳئي نوٽ بوڪ ۾ ڪيترن ئي
ڦاٽل صفحن کان پوءِ منهنجي پاڙي جو حال احوال به
آهي. پنجاهه کن ڦاٽل صفحن کان پوءِ هڪ هنڌ لکيل
آهي.
”شاعريءَ جي اهميت ان ڪري آهي جو هڪ عظيم شاعر
پنهنجي دؤر ۾ سڀ کان وڌيڪ حساس انسان آهي، ڇو ته
هن جي احساس ۾ اها زندگي آهي، جا هن جي ماحول ۾ نه
ٿي ملي ۽ ماحول جو روح هن جي مُٺ ۾ آهي. هو سوچي
سمجهي، پرکي، پروڙي انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته
ڀنڀور جون ڀتيون ڏسي رهيون آهن ته ڪيچ مڪان ڪيترو
پري آهن. شاعر اهو يڪدم هانءَ سان هنڊائي سگهندو
آهي، جو ڪجهه ماحول جي سيني ۾ هرکندو آهي. سياست
کي جيستائين منزل جو احساس ٿئي، اتهاس جو قافلو
ڊاٻو ڪري ٿڪجي ويهي ۽ جيستائين اٿي، ان کان اڳ ۾
شاعر جي ڇهين حِس سمجهي ويندي آهي ته ڪانءُ ڪنهن
لاءِ لنوين رهيو آهي ۽ واءُ ڪهڙي طرفان گهلي رهيو
آهي. آءِ. اي. رچرڊس
(I. A Richards)
پنهنجي ڪتاب ’ادبي تنقيد جا اصول‘
(The principles of Literary Criticism)
۾ ڪهڙو نه چڱو لکيو آهي:
“He is a point at which the growth of mind shows it
self.”
ترجمو: ”هُو (شاعر) اهو نقطو آهي، جتي ذهن جي ارتقا اظهار پذير
ٿئي ٿي.“
هر عظيم شاعر ۾ احساس جي اظهار جي قوت غير معمولي
ٿئي ٿي ۽ هن کان وڌيڪ شايد ڪوئي پنهنجي پاڻ جي
پروڙ رکي ٿو. هو شاعر ان ڪري آهي، جو هن جي پنهنجي
آزمودي ۾ دلچسپي، هن جي ٻوليءَ ۾ دلچسپيءَ کان جدا
نه آهي. اها هن جي فطرت هوندي آهي ته هو ٻوليءَ کي
سراڻ وانگر ڪم آڻيندو آهي. جيئن ان تي تکو ڪيل
چاقو ٻئي جي هانءَ ۾ کپي وڃي. پر شاعريءَ ۽ ان جي
دؤر جي ذهانت ۾ ويڇو وڌي ويو ته ان جو لطيف شعور
ختم ٿي ويندو.“
ڪيئي سٽون ڪٽي ڇڏيل آهن، جن کان پوءِ آهي: ”اهو
ادب خوش نصيب آهي، جنهن کي پنهنجي لوڪ ڪٿا ۽
ديومالا آهي. جنهن جي سورمين ۽ سورمن جي آنڌ مانڌ،
پيار، پيڙا ۽ پڇتاءُ، آشا نراشا، جياپي، جاکوڙ،
هار ۽ جيت، نئين کان نئين ادب ۾ رنگ روپ مٽائي اچن
ٿيون. انهيءَ ادب جون قوم جي جيءَ ۾ جڙون آهن. اڄ
به جڏهن جديد شاعر مومل ۽ راڻي، سورٺ ۽ راءِ ڏياچ،
ليلا چنيسر، سسئي پنهون ۽ عمر مارئيءَ کي پنهنجن
جديد کان جديد تر موضوعن ۾ آڻي ٿو ته شاعريءَ تي
مينهن ڦڙيون وسن ٿيون ۽ اها گلاب جي گل وانگر ٽڙي
پوي ٿي.
اردو ادب جڏهن ليلا مجنون، شيرين فرهاد، وامق
عذرا، دارا ۽ سڪندر کي تمثيل ڪري پيش ڪري ٿو، تڏهن
هو پان جي اڱاري لڳل ڏندن وانگر لڳي ٿو. اها ٻي
ڳالهه آهي ته غالب جهڙو جينيس ڪٽ چڙهيل لوهه کي
ڇهي، سون بڻائي ڇڏي ٿو.
هم ني مجنون په لڙکپن مين اسد
سنگ اڻهايا تها که سر ياد آيا
ترجمو: (اي اسد اسان ٻالاپڻ ۾ مجنونءَ تي
پٿر هٿ ۾ کنيو هو ته پنهنجو مٿو ياد آيو.)
³
تيشي بغير مر نه سکا کوهکن اسد
سرگشتھء خمار رسوم و قيود تها
³
تيشيءَ کان سواءِ فرهاد جبل ٽڪيندڙ نه مري سگهيو
اي اسد.
هو رسمن جي قيد ۾ ڦاٿل هو. (فقط ٿڌو ساهه ڀري ها
ته مري وڃي ها.)
غالب جو نالو اسد
هو.
اردو ادب ۾ اهو اتفاق آهي ته فراق جهڙي شاعر
زندگيءَ کي رام جي بنواس سان تشبيهه ڏني آهي. (مون
ان تي هڪ مضمون روزاني برسات ۾ لکيو هو.) مغربي
تهذيب پنهنجي مقامي انفراديت جي باوجود ڪافي
يڪرنگي اختيار ڪئي آهي. جڏهن رلڪي
(Rilky)،
يسينن
(Yasinean)،
ازرا پائونڊ ۽ وئليريءَ جهڙا شاعر به يوناني ــ
لاطيني
(Greco - Roman)
ديومالا سان پنهنجي تصور جي سجاوٽ ڪن ٿا، اها تڏهن
ادبي ذوق کي ڳوري لڳي ٿي.“
ان کان پوءِ ڪيئي صفحا ڦاٽل آهن، جن کي ڄڻ فاشي
ڪتا چٻاڙي ويا. نيم خواندهه ڪانسٽيبل ۽ اي. ايس.
آءِ مون تي رپورٽون ڪندا ها ۽ انهن رپورٽن تي
نالائق بيوروڪريٽس تحرڪ ۾ اچي ويندا ها، شايد وقت
کي زوردار ٿڦ هڻي، شهيد ڀٽي مون کي وائيس چانسلر
مقرر ڪيو هو ۽ محترما بينظير ڀٽو مون کي ’هلال
امتياز‘ جو تمغو ڏنو هو.
هاڻي اچان ٿو انهن صفحن تي جي وڌيڪ چاليهه پنجاهه
ڦاٽل صفحن کان پوءِ آهن ۽ جن ۾ منهنجي ننڍپڻ ۽
منهنجي پاڙي جو احوال آهي.
”اسان جو سارو محلو مسلم ليگي هو ۽ شڪاپور ۾ مسلم
ليگ جا سڀئي ڪارڪن منهنجا مائٽ هئا. جڏهن سانوڻ ۽
بڊي جي ٻُٺ ٿيندي هئي ۽ اسان جون وڏڙيون ”گهل اڙي
ڏکڻ، نيڻ ٿا ننڊ گهرن“ لوڪ گيت به ڳائينديون هيون
۽ ٻارن جي بت تان آرايون به مارينديون هيون. تڏهن
منهنجا ڪيئي مائٽ پاڙي جي پڌر ۾ کٽون وجهي ويهندا
هئا ۽ جيسين لڙي اڌ رات جو ڏکڻ گهلندو هو، تيسين
سياست ۽ ادب تي بحث به هلندو هو ۽ چرچو ڀوڳ به
ٿيندو هو. انهن مان ڪي علي ڳڙهه جا گريجويٽ هئا ۽
علامه اقبال، مولانا حالي ۽ اڪبر الله آباديءَ کي
پڙهيو هئائون ۽ انگريزيءَ ۾ محمد اسد جو ’اسلام جي
چوراهي تي‘
(Islam at Cross Roads)
۽ محمد علي جوهر جي ’ڪامريڊ‘ جا پراڻا شمارا پڙهندا ها. هنن
پاڻ سان گڏ علي ڳڙهه مخزن جا ڪجهه نمبر به آندا
ها. پاڙي ۾ ڪجهه هيٺينءَ ريت گفتگو ٿيندي هئي:
”اڙي ڀنگي، او مهاجن! هيڏي ته آءُ، گانڌيءَ جي
اولاد! ٽنگن کي ڪجهه زور ڏي!“
”گانڌي ڀنگي ــ واد ٿو آڻي.“
”رام ــ راج بدران سيتا ــ راج ڪري ته اسان
هندوستان ۾ شامل ٿيون.“
”دال کائوءَ جي دل ته ڏسو!“
”الائي اهي نعره تڪبير وارا مجاهد مرد ڪيڏانهن
وياجي بحر ظلمات ۾ گهوڙا ڊوڙائيندا ها؟ فقط اڻويهه
مجاهد ته هئا، جن بينگال فتح ڪيو هو!“
”تو، ’شڪوه‘ ۽ ’جواب شڪوه‘ پڙهيو آهي؟“
”پڙهيو آهي، مون کي سارو بر زبان ياد آهي.“
”ڏيڏر کي به زڪام ٿيو آهي. حيدر بخش جتوئيءَ به
’شڪوه‘ لکيو آهي.“
”جواب ته لکي ڏيکاري!“
”چون ٿا ته علامه اقبال جڏهن فرانس ۾ برگسان سان
مليو هو ته هن جون متيون منجهائي ڇڏيون هئائين.“
”مان ڀانيان ٿو ته جي برگسان، خوديءَ جو فلسفو
چڱيءَ طرح سمجهي وڃي ها ته مسلمان ٿي وڃي ها.“
”برگسان ڪهڙو ڪتاب لکيو آهي؟“
”خبر نه آهي، پر علامه اقبال کان ڪافي متاثر ٿيو
هو.“
”ڀلا نٽشي کان ته علامه اقبال اثر ورتو آهي؟“
”نه روميءَ کان، روميءَ انسان ڪامل
(Super Man)
جو تخيل نٽشي کان اڳ ۾ ڏنو هو.“
دي شيخ با چراغ همي گشت گرد شهر
کز دام و دد ملولم وانسانم آرزوست
ترجمو: (ڪالهه شيخ ڏيئو کڻي شهر ۾ چڪر ٿي ڏنو (چيو پئي) ڍور ڍڳا
ڏسي ملول ٿي پيو آهيان، منهنجي آرزو ته انسان
آهي.)
”اهو ڪير ٿو چوي؟“
”مان ڀانيان ٿو ته اهو مون چوڌري پرويز جي ڪنهن
ڪتاب ۾ پڙهيو آهي؟“
”ڪهڙو چوڌري پرويز؟ اهو نه جيڪو لکي ٿو ته جيڪا به
ترقي سائنس ڪئي آهي، اها اڳ ۾ ئي قرآن ۾ آهي.“
”غلام جيلاني برق به واهه جو قرآن تي لکي ٿو!“
”اسلم جيراجپوري به . تو اسد ملتانيءَ جو ڪلام
پڙهيو آهي؟ مطلع کان مقطع تائين اسلام ئي اسلام
آهي.“
”سنڌ ۾ ’پيام مشرق‘ ڪنهن به ڪتاب گهر تي نه ٿو
ملي.“
”نه. دهلي ۽ ال انڊيا مسلم ليگ جي ڪانفرنس ٿي رهي
آهي. مان ويندس ته ’پيامِ مشرق‘ وٺي ايندس.“
”اهو جوش مليح آبادي به ڪٽو ڪافر آهي. مون هن جو
رسالو ’ڪليم‘ ساڙي ڇڏيو آهي. تو هن جو نظم ”پير زن
ليگ“ پڙهيو آهي.“
”جوش مليح آبادي ۽ مولانا آزاد جهڙن جي بولتي جلد
ئي بند ٿي ويندي. اسلام طوفان وانگر اڀري رهيو
آهي. قائدِاعظم سڀني سان نبري وٺندو.“
”تون مسلم ليگ ۾ نه آهين ڇا؟“
”نه يار، مان رڳو مختيارڪار آهيان.“
”هاڻي ته توکي کپري بدلي ڪيو اٿائون. کپرو ته کاڻ
آهي. ڪجهه ڏاليون اسان ڏانهن به موڪلجانءِ.“
”توکي پروموشن ڪيئن مليو؟ وائڻي ڊپٽيءَ ته تنهن جي
ڏاڍي مخالفت ٿي ڪئي.“
”هٿ ڪوسو ڪيومانس.“
”هو لسو ڪراچيءَ هليو ويو ڇا؟“
”ڪهڙو لسو؟“
”هو سوناري جو ڇورو!“
”ڇورو نه هو پتاشو انب هو، انب!“
”رَءِ هُيوزءِ! ڏس ته سهين وائڻي جي ٻوليءَ ۾ به
دال ۽ پاپڙ جي ڌپ آهي.“
”سنڌي صوفين به واڻيا ته دلبر ڦاسايا ها، پر انهن
سان گڏ، هنن پنهنجي ٻولي به بگاڙي ڇڏي.“
”راجا ڀوڄ ۽ گنگو تيليءَ جي ٻولي لکي اٿائون.“
”اها هندوستاني ڪهڙي بلا آهي؟“
”آهي ته سنڍ، پر پوءِ به اردوءَ جي پهاڄ آهي.“
”اردو اسلامي ٻولي آهي. ان ڪري هندن کي ڏنڀي ٿي.
دراصل اردو، اسلام ۽ پاڪستان لازم ملزم آهن.
سنڌيءَ ۾ اسلامي سنڌي فقط علامه دائودپوٽو لکي
رهيو آهي.“
”انهيءَ کي علامه ڪنهن ڪيو آهي؟“
”عربيءَ جو وڏو ماهر آهي.“
”ڪنهن ڳالهه تان ڇڪتاڻ ٿئي ٿي ته گفتگو ٻيو روپ
وٺي ٿي.“
”تون احمق آهين.“
”احمق ڇو آهيان. بمبئيءَ جو گريجويٽ آهيان، تو
وانگر علي ڳڙهه ۾ گٺل ۽ گولر کائي ڊگري ته نه وٺي
آيو آهيان.“
”علي ڳڙهه اسلامي احياءَ جو مرڪز آهي.“
”هل ڙي هل، ٻه چار اردوءَ جا شعر ياد ڪري آيو
آهين، پاڻ کي وڏو عالم ٿو سمجهين. اهڙا شعر ته
لکنوءَ جي هر لؤنڊي کي ايندا آهن.“
انهيءَ اسلامي چڙيا ــ گهر جي چون چون ۾ رات لڙندي
هئي ۽ ڏکڻ واءَ جا ڪجهه جهلڪا ايندا ها ۽ سڀ ننڊ
جي گهيرٽ ۾ اچي ويندا ها. هوا ۾ نم جي ڪچي ٻور جي
خوشبو ڦهلجي ويندي هئي ۽ آڪاس جي ٿڌي نيراڻ ڏسندي
نيڻ ٻوٽجي ويندا ها ۽ پوءِ هرڪو پنهنجي گهر هليو
ويندو هو.“
وري هڪ ٻيو نوٽ بڪ منهنجي هٿ چڙهيو، جنهن جا به
ڪجهه پنا ڦاٽل آهن ۽ پوءِ هي به لکيل آهي:
”ٽئگور جا نثري نظم به منهنجي من تي گهاٽي جهڙ
وانگر ڇائنجي ويا هئا. جيتوڻيڪ منظوم شاعري هن تي
سانوڻ جي مينهن وانگر لهندي هئي. اوهيڙا ڪري وسندي
هئي ۽ هن جا نظم ائين ڪاغذ ڀري ڇڏيندا ها، جيئن
ننگر پارڪر وٽان، نديون ارڙاٽا ڪري وهنديون آهن.
مون ٽئگور جي پوئين شاعريءَ ۾ ڏٺو ته ٻه جلد نثري
نظمن جا لکيل هئا. مان جڏهن 1963ع ۾ هندوستان مان
آيو هوس ته پاڻ سان ڪيترائي ٽئگور جا ۽ ٽئگور تي
ڪتاب آندا هئم. ٽئگور جي مطالعي مون کي ان نتيجي
تي پهچايو هو ته ٽئگور کي نه پتنجلي جي چوڻين تي
پرکي ٿو سگهجي، نه مارڪسي جدليات ۽ فرائڊ جي نظرئي
جي روشنيءَ ۾، هن جي شاعريءَ جو يا انهن محرڪات جو
تجزيو ڪري سگهجي ٿو، جن هن جي شاعريءَ کي اتساهيو
هو.“
ٽئگور انقلابي ته هو پر هن جي قلب ونظر جي انقلاب
جو پرچار ٿي ڪيو ۽ نه تشدد سان ڪنهن حڪومت جي تختي
جي اونڌي ڪرڻ جو. نثري نظم ۾ هو اهي بلنديون ڇُهي
نه سگهيو هو، جن جي هن کي تمنا هئي، پر پوءِ به
انهن کي پنهنجي مهانتا هئي ۽ ڪوبه ائين نه چوندو
هو ته اهي اجايون هيون. پر اهي هن پوءِ پاڻ ئي لکڻ
ڇڏي ڏنا. تڏهن به انهن نه رڳو بنگالي ٻوليءَ پر
پوري ڀارت جي شاعريءَ ۾، نثري شاعريءَ جي روايت
قائم ڪئي. نه رڳو، انهن مان ڪي نثري نظم منفرد
هيا، پر منظوم شاعريءَ کان به زياده مؤثر هيا ۽
نئين ٽهيءَ کي موهي ڇڏيو هئائون.
مون وانگر ٽئگور جو طبقاتي جدوجهد سان نراجوادي
سمجهوتو به ته نه هو. ’نراجوادي سمجهوتو‘ اهي لفظ
مون ڪٿي پڙهيا هئا؟ شايد ڪرسٽافر ڪاڊ ويل جي ڪتاب
’شاعري ۽ حقيقت‘
(Poetry & Reality) ۾ پڙهيا هئم. ’نراجوادي سمجهوتي تي سوچي‘
(Anarchic Alloyance)
منهنجو ڌيان ڪاڊويل ڏانهن ويو. پوءِ جارج آرويل
ڏانهن، پوءِ، آندري مارلو، پوءِ اسٽيفن اسپينڊر
ڏانهن ۽ پوءِ هيمنگ وي ڏانهن ۽ خاص ڪري هيمنگ وي
جي ڊگهي ڪهاڻي ”ڪلمنجارو جي برف ڏانهن“ ڪهڙا ڪهڙا
نه مڙس شريڪ ٿيا ها، اسپين جي آزاديءَ جي بين
الاقوامي تحريڪ ۾. ڪيترو نه ان تحريڪ ادب کي
اتساهيو هو. آرويل، مارلو، همينگ وي جا ناول ’ڪنهن
لاءِ گهنڊ گڙي پيو‘
(For whom the bell tolls)
اسپينڊر جي شاعري، جا مون ڪاليج جي دؤر ۾ پڙهي
هئي. جڏهن مون اها پڪچر ڏٺي هئي. هوءَ گئري ڪوپر
(Garry Cooper)
جي قدآور شخصيت ۽ هوءَ ان فلم جي هيروئن، ڇانالو
هو ان جو؟ بيٽي ڊيوس. هن جي مٿي تي ننڍڙا وار ڪهڙا
نه خوبصورت ٿي لڳا. مون اها پڪچر ٽي ڀيرا ڏٺي هئي.
ان جي صورت ڪنهن سان ملي ٿي؟ گرم ۽ گداز جسم ياد
ڪري، مون ۾ جواني موٽي آئي. مون سوچيو ته منهنجي
جسم ۾ ساڳي گرمي نه رهي آهي ۽ مان پيريءَ ڏانهن
تيزيءَ سان وڌي رهيو آهيان. تڏهن ته مون کي ٽئگور
جا آخري نظم جي هن جي ڪتابن ’پرانتڪ‘، ’سنجوتي‘
(سنجها جو ڏيئو) ۽ ’آڪاش پرديپ‘ (اُڀ جو اُهاءُ) ۾
هئا، ڏاڍا وڻيا ها. هو شخص ويدانتي هو. شايد
سمرسيٽ ماهام چيو هو ته: ”ويدانتي ناستڪ جو نهٺو
نانءُ آهي.“ هي ويدانتي پنهنجي پوئينءَ وهيءَ ۾
پنهنجي سپني واري استري نه ٿو وسار سگهي. استري
جنهن جي پالڪيءَ جو رستو هن جي رڳ رڳ مان آهي.
’نبودي‘ وانگر، ڪير ڪير آيون هيون منهنجي جيون ۾!
هن ننڍي کنڊ ۾ عورت ۽ مرد جي تعلقات جي باري ۾
ڪيترا نه وسوسا آهن! ڪنهن به مها ڪويءَ لاءِ اهو
چوڻ ته هن جو ڪنهن سرير سان پيار هو، ڄڻ ته هن جي
مهانتا ۾ ڏار وجهي ٿو ڇڏي. ٽئگور هجي يا ڀٽائي يا
ٻيو ڪوئي، سڀئي اهڙي پيار کان مٿاهان آهن! ڇا سنت
جي معنيٰ ’نپوسنڪ‘ آهي؟
ڇا وديا پتيءَ وانگر پنهنجي واسنا جي اظهار ۾ ڪا
برائي آهي؟ مون ته ميراجيءَ تي به ميار نه ٿي ڏني،
جنهن جي زندگيءَ ۾ ميراسين رڳو هڪ ڀيرو آئي هئي ۽
ساري زندگي ان جي روپيا سان عياشي ڪندو رهيو هو.
نه ئي وري مون کي ماڌو لال حسين تي ڪوئي اعتراض
آهي. جيتوڻيڪ اُمرد پرستي منهنجي ڪمزوري نه رهي
آهي ۽ ساڳئي سبب ڪري نه مير تقي مير تي، نه آسڪر
وائيلڊ، نه آندري بيد تي مون کي اعتراض آهي. عورت
جا ڇُوئي مُوئي نه هجي، شرم ٻوٽي نه هجي، جا
’مينائي زر نگار‘ ۾ شراب ناب وانگر هجي، مون کي
وڻندي آهي. مون کي ايراني شاعره سيمين بهيماني جي
ڪتاب ”چلچراغ“ مان هن جو هڪ نظم ياد اچي رهيو هو:
من چون شراب ناب بمنيائي روزگار
مستي ده و لطيف و فرحت بخش وخوشگوار
رنگم برنگ لالئه خود روئي دشتها
بويم چون بسوئي وحشيء گلهائي کوهسار.
ترجمو: (مان مينائي روزگار ۾ شراب وانگر مستي ڏيندڙ لطيف، فرحت
بخش ۽ خوشگوار آهيان. منهنجو رنگ ائين آهي، جيئن
بيابان ۾ خودرو لالا جا گل ۽ منهنجي خوشبو ائين
آهي، جيئن ڪوهسار جي وحشي گلن جي خوشبو.)
ساڳئي نظم ۾ اڳتي چيو اٿائين:
”هن دير نه ڪئي ۽ مون کي پيتو ۽ مون کي پنهنجي
تارونءَ ۽ گلي جي گرميءَ سان ملائي ڇڏيائين.“
”چلچراغ“ مون کي ايران جي ڪلچرل اتاشي ڊاڪٽر محبوب
ٻين ايراني ڪتابن سان گڏ تحفي طور ڏنو هو. مون کي
ياد آيو ته اسان ڊاڪٽر محبوب جي بنگلي ۾ ويٺا
هئاسين. ڊاڪٽر محبوب ۽ هن جي ايراني زال ايرج مرزا
جو ڪلام پڙهي رهيا ها. ايرج مرزا ڄڻ اردوءَ جو
چرڪين يا جعفر زٽلي يا مرزا جان آهي. چڱو جو
منهنجي مصور دوست ۽ هن جي زال کي پارسي نه ايندي
آهي. اسان وسڪي پي رهيا هئاسين ۽ ايران جا لوڻيل
پستا ۽ ٻن ٽن قسمن جو پنير
(Cheese)
کائي رهيا هياسين. اتي ڪلچرل اتاشي به شريڪ هو. ٻاهر اسلام
آباد ۾ ولهه وسي رهي هئي. اندر گئس جي سِگري ٻري
رهي هئي ۽ شراب جو دؤر هلي رهيو هو. اٽڪل ٻي وڳي
رات جو ڊاڪٽر محبوب ماني رکائي.
اِن ايراني عورت جهڙيون ڪيئي عورتون منهنجي
زندگيءَ ۾ آيون هيون، جي نهايت پياريون هيون،
خوبصورت هيون ۽ انهن جا جسم پرڪشش هئا. پر مون
انهن جي باري ۾ اهو پيار نه محسوس ڪيو هو، جو
بيچين ڪندو آهي. نه مون سان اهڙي عورت ملي هئي، جا
چاهيندي آهي ته ٻئي کي نه رڳو پنهنجي آغوش ۾ آندو
وڃي، پر ان ۾ پاڻ کي ائين سمائي ڇڏجي جو، ’من تو
شدم تو من شدي‘ (تنهنجو من منهنجو آهي ۽ منهنجو من
تنهنجو آهي.) واري ڪيفيت پيدا ٿي وڃي. اهڙيون
عورتون منهنجي زندگيءَ ۾ دير سان آيون.
وري پُٺ تي نوٽ بڪ ڏانهن:
”انهيءَ دؤر ۾ لعل محمد لعل ۽ نعيم صديقي منهنجا
بهترين دوست ها. لعل محمد لعل سنڌي غزل جي تراش
خراش جو ماهر هو. طبيعت جو سادو ۽ سچو انسان، جنهن
مون کي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان کان اڳ ٻڌايو هو ته هن
پنهنجي خون سان اخوان المسلمين سان وفاداريءَ جو
واعدو تحرير ڪيو آهي. مون کي معلوم نه آهي، اها
اخوان المسلمين ڪٿي هئي! بهرصورت اهڙي ڪائي خفيه
تنظيم هئي ته سهين ۽ اها لعل محمد لعل جي ذهن جي
اختراع نه هئي.
شڪاپور ۾ هو ۽ مان مراد علي ڪاظم کان ”متاثر“
هوندا هئاسين. ڪاظم دين جي احياءَ جو قائل هو ۽ هو
ڪنهن وقت الوحيد جو ايڊيٽر رهيو هو. هڪ ڀيري هو
مفتون همايونيءَ جي ڳوٺ ۾، شايد رورل هيلٿ آفيسر
ٿي آيو. مان ۽ لعل محمد لعل هن سان ملڻ وياسين. هو
نهايت ئي باوضع ۽ پرخلوص ماڻهو هو ۽ شاعر به ڏاڍو
سٺو ٿئي ها، جي ايتري فارسي آميز سنڌي نه لکي ها.
هن جي وفات کان پوءِ هن جو ديوان پراسرار طور گم
ٿي ويو. ان رات هن جيڪي شعر ٻڌايا ها، انهن مان
مون کي ڪجهه ياد آهن:
غواصيء عميق خرد، ڪجهه نه ٿي سگهي،
هي ڪوڏ مون ڪٺا ڪيا، ساحل جي آس پاس.
صورت تازيانه آءُ، آ چڱو يار، آ نه آءُ.
هو پويون ڀيرو مون کي 1948ع ۾ فريئر روڊ تي اوچتو
مليو هو. مون کي صدر جي هڪ سٺي درزي عزيز جو سبيل
فل سوٽ پيو هو ۽ فارين ٽاءِ ٻڌل هئي. هن ڀاڪر
پائي، منهنجي ريشمي ٽاءِ کي ڇهندي چيو: ”ڇا ڪندو
آهين؟“
”خالد اسحاق سان گڏ وڪالت ڪندو آهيان.“
”خالد اسحاق توکي ڇا ڏيندو آهي؟“ هن پڇيو.
”حساب ته اڃا نه ڪيو آهي. جيڪي هن کي ملندو آهي،
هو رکندو آهي، جيڪي مون کي مليو آهي، مون کائي
کپائي ڇڏيو آهي. بهرصورت هن وقت تائين مون کي هر
مهيني پنج ڇهه هزار ملي ويا آهن. خالد جو پيءُ
ڪراچيءَ جو ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ آهي، هو ان وقت
مخيارڪار هو، جڏهن منهنجو سهرو خان صاحب حسين بخش
ڊپٽي ڪليڪٽر هو.“
”بس، ٻيو به ڪو پارٽنر اٿوَ ڇا؟“
”عبدالقادر شيخ به آهي، هو پني عاقل جو آهي ۽ هن
جو والد نور محمد طوطل ريهئبليٽيشن ڊپارٽمينٽ جو
سيڪريٽري آهي. اوهان هن وقت ڪٿي آهيو؟“
”فشريز ڊپارٽمينٽ ۾ هيڊ ڪلارڪ آهيان.“
”اڃان هيڊ ڪلارڪ آهيو؟“
”ڇا ڪيان، منهنجي صاف گوئي ۽ خودداريءَ کي منهنجا
آفيسر پسند نه ڪندا آهن.“
ڀرسان هڪ هوٽل هو، جنهن ۾ تتر ۽ ٻٽير ملندا ها،
جتي مان ٻه پهريءَ جي ماني کائڻ آيو هوس. مون ڪاظم
کي زور ڪيو ته هو به مون سان گڏجي ماني کائي. جڏهن
هوٽل ۾ ميز تي آمهون سامهون ويٺاسين ته ڪاظم ٿڌو
ساهه ڀري، فاني بدايونيءَ جي غزل مان ڪجهه سٽون
پڙهيون، جي منهنجون اڳ ئي پڙهيل هيون:
”اک معمه هي سمجهني کا نه سمجهاني کا،
زندگي کا هي کوهي خواب هي ديــواني کا.
هر نفس عمر گذشته کي هي مــيت فــــاني
زندگي نام هي مر مر کي جئي جاني کــــــا.
ترجمو: (هڪ ڳجهارت آهي نه سمجهڻ جي نه سمجهائڻ جي
زندگي ڇا لاءِ آهي، ڄڻ هڪ ديواني جو خواب آهي
هر ساهه گذريل عمر جو لاش آهي
زندگيءَ نانءُ آهي مري جيئڻ جو.)
پوءِ وري ٿڌو ساهه ڀري پڇيائين: ”اڃان شاعري ڪندو
آهين؟“
ڏاڍي . هاڻي ته اردوءَ ۾ به ڪري رهيو آهيان.“
مثال طور ڪجهه سٽون ٻڌاءِ!
”رات کروڻ بدل رهي هي ديکهه،
تيري زلفون مين ڊهل رهي هي ديکهه.“
”مان صلاح ڏيانءِ. يا وڪالت ڪري هاءِ ڪورٽ جو جج
ٿيءُ، يا گورنمينٽ ۾ نوڪري ڪري، ڪنهن ڊپارٽمينٽ جو
سيڪريٽري ٿيءُ. پئسو ڪماءِ، کاءُ پيءُ، عيش ڪر.
شاعري ته توکي رت جا ڍڪ پياريندي.“
مون هن کي جواب ڏنو: ”مان ڀريل ٻٽونءَ لاءِ ته نه
ٿو وڙهان. جيئڻ جي حق لاءِ ٿو وڙهان. شاعري به
جيئڻ جي حق ۾ شامل آهي. مان جسم جي پوئين رت ڦڙي
تائين لکندس. جيئن منهنجي تخليق ڪاري، منصور جي
شهادت کان به مٿي ڄاتي وڃي. هي ملڪ وڏي بڪواس آهي
۽ مان اها برداشت نه ٿو ڪري سگهان. مان جيڪي صحيح
سمجهندس، سو ضرور لکندس. ان لاءِ دارو رسن جي هر
آزمائش لاءِ تيار آهيان. مون کي هتي سياستدان مطلب
پرست لڳا آهن. انهن جي تقريرن جو مون تي ايترو اثر
ٿيو آهي، جيئن ٻيلي جي باهه تي اُلٽيءَ جو ٿيندو
آهي.“
ايتري ۾ بيرو اچي نڪتو. مون هن کي ٻنهي لاءِ هڪ هڪ
تتر ۽ ٻن ٻن ٻپٽيرن جو آرڊر ڏنو. بيري تڙ تڪڙ ۾
هوٽل ۾ رڌل ٻين کاڌن جا نالا به ورتا ته ڪاظم کيس
چيو ته هو ساون مرچن ۾ رڌل قيمي جي هڪ پليٽ به کڻي
اچي ۽ پتيل جي روٽي به کڻي اچي. پوءِ مون کي وري
چيائين: ”مان هڪ صلاح ڏيانءِ؟“
”ڀلي.“ مون وراڻيس.
”شاعري ڇڏي ڏي . ان ۾ نحوست آهي. ڏس هن وقت تائين
منهنجي پگهار ٽي سؤ رپيا آهي. شاعريءَ منهنجو اهو
حال ڪيو آهي. سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جي قدرشناسي ٿئي،
ناممڪن. تون هڪ هو وڻهار نوجوان آهين، ڇو ٿو اجائي
عمر وڃائين؟“
”مون اڳ بک تي به شاعري ڪئي آهي ۽ ساري عمر شاعري
ڪندو رهندس ۽ بک ڏک مون کي پنهنجي ماڳ تان موٽائي
نه سگهندا.“
هن مرڪي چيو: ”توکي اڃان زندگيءَ جو تجربو نه آهي.
زندگي ايتري آسان نه آهي.“
”ڪاظم صاحب، زندگي آسان يا مشڪل، پر مان شاعريءَ
سان توڙ تائين نڀائيندو رهندس.“
هن جي چپن تي هڪ تلخ مرڪ آئي ۽ هو چپ ٿي ويو. هن
مرچن ۽ قيمي ڏانهن هٿ وڌايو ته مون تتر ۽ ٻٽيرن
جون پليٽون سوري هن ڏانهن ويجهو ڪيون.
منهنجي هن سان اها آخري ملاقات هئي. ڪجهه وقت پوءِ
هن کي اوندهه ڳڙڪائي وئي ۽ مون ٻڌو ته هو گذاري
ويو. اِنا الله وَاِنا اليھ راجعون. هو فاني
بدايونيءَ وانگر دل شڪستو ٿي مري ويو. ساري زندگي
افلاس ۾ گذاريائين ۽ هن جي خودداري هن جي ترقيءَ
جي آڏو آئي.
مون کي اڃان تائين ته ڪو فرق نه آيو آهي. هي سارو
سماج ڪوڙ تي ٻڌل آهي. هڪ ڇيڻن جي ڍڳ وانگر آهي، ان
۾ عفونت آهي. پر جيڪڏهن ان کي تيلي ڏجي ته دونهين
تي مڇر ڀڄي ويندا. ان ۾ ساڳي اقربا پروري، رشوت
ستاني، دولت ۽ اقتدار جي نمائش ۽ علم وادب لاءِ
نفرت نه ته به بي پرواهي ضرور آهي.
هوڏانهن لعل محمد لعل کي قدرت عمر دراز عطا ڪئي
آهي ۽ هو شڪاپور لا ڪاليج جو پرنسپال آهي ۽ سکر
هاءِ ڪورٽ جي بئنچ جو سٺو وڪيل آهي. هو سال ڏيڍ اڳ
ڪراچيءَ ۾ مون وٽ فلئٽ ۾ پنهنجي ڪلام جو ڇپيل
مجموعو ”گونج“ کڻي آيو هو. سندس شاعريءَ تي اڳ لکي
چڪو آهيان. پنهنجي اڳ لکيل آتم ڪهاڻيءَ جي حصي ۾
مون ڪاظم سان گفتگو جو ذڪر ڪيو هو ۽ ان نوٽ بڪ مان
ڪيترا شدت پسند صفحا مون ڦاڙي ڇڏيا آهن. پوءِ نعيم
صديقيءَ جو ذڪر آهي.
نعيم صديقيءَ سان شڪاپور جي اسٽيشن روڊ تي لعل
محمد لعل منهنجي واقفيت ڪرائي هئي. هن چيو: ”هي
نعيم صديقي آهي، تخلص ’وجدي‘ ڪندو آهي.“
مون مرڪي چيو: ”پٺ ته سعديءَ وار اٿس!“
نعيم هڪ ٽهڪ ڏنو. پوءِ اسين دوست ٿي وياسين.
لعل محمد، جنهن پنهنجو تخلص بدلائي ’احمر‘ ڪيو هو،
سڳن آهوجا جو به يار هوندو هو. مان لعل محمد لعل
’احمر‘ ۽ مرحوم نعيم صديقي، شڪاپور ۾ ريل جو پٽو
وٺي، چار ميل گنڏ پنڌ ڪندا هئاسين. جڏهن ٻوڏ آئي
هئي، ۽ ڄامڙا اسٽيشن کان ڪجهه اوري هڪ ننڍو ڪنڀ
ڇڏي وئي هئي، تڏهن اسان ان ڪنڀ مان گوج مڇي
ماريندا هئاسين. نعيم، مرحوم حنيف صديقيءَ جو ننڍو
ڀاءُ هو، جو سنڌ جي تهذيب ۽ تاريخ تي اٿارٽي
سمجهيو ويندو هو. حنيف، قاضي فضل الله جو لاڙڪاڻي
۾ پارٽنر هو ۽ جڏهن قاضي فضل الله سنڏ جو چيف
منسٽر ٿيو ته حنيف کي ليگل ريمبرنسر ڪري رکيو
هئائين. (جو هاڻ لا سيڪريٽري سڏجي ٿو.)
نعيم جو والد بزگوار محمد صالح صديقي، سر غلام
حسين هدايت الله، سنڌ جي گورنر جو دوست هو. سر
غلام حسين به شڪارپور جو هو. مرحوم محمد صالح
صديقي ڪنهن وقت دلچسپ مذاق ڪري وٺندو هو. هڪ ڀيري
نعيم ۽ مان هزاري در وٽان پنڌ اچي رهيا هئاسين ته
نعيم اونچي آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. هن رستي تي هڪ
خوبصورت ڇوڪري ڏٺي هئي. ”واهه جو فلاڻيءَ جي ڌيءَ
آهي. ريوڙي آهي ريوڙي آهي!“ تيستائين هن جي گهر جي
اوطاق اچي وئي. جتي آرام ڪرسيءَ تي مرحوم محمد
صالح جو گرافيڪل مئگزين جو ڪوئي پراڻو پرچو ڏسي
رهيو هو، هن نعيم جا لفظ ٻڌي، کيس چيو:”نعمن بابا!
ننڍي ڌيءُ جي ڳالهه ٿو ڪرين يا وڏي ڌيءُ جي؟“ |