سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :6

مان ڀانيان ٿو ته ٻئي ڏينهن تي اسان آرٽ گئلريءَ ۾ ايل گريڪو، روبنس، ريمبران ۽ ٻين مصورن جون تصويرون ڏٺيون. مون کي اتي اجنتا ٿي ياد آئي، جا مون مائيڪل اينجلو کي ڏيکاري هئي، پر ان ڳالهه تي مان پوءِ ٿو اچان ته مائيڪل اينجلو جو مون کان پنج سؤ سال اڳي ڄائو هو، اهو منهنجو همسفر ڪيئن ٿيو هيو.

شام جو قادر بخش نظاماڻي آيو ۽ ٻئي ڏينهن تي هن جو ڀائيٽو خير محمد نظاماڻي برائيٽن وٺي هليو، جنهن جو احوال مون پنهنجي ڪتاب ’اڀر چنڊ پس پرين‘ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي، جيڪو دلچسپيءَ کان خالي نه آهي. ٻئي ڏينهن صبح جو جو ڏهين بجي هڪ پنجابي ڊاڪٽر باري نالي ۽ هن جي زال (نالو وسري ويو آهي، جا پوٺوهار جي پنجابڻ هئي ۽ انهيءَ لهجي ۾ ڳالهائي رهي هئي.) اسان وٽ آيا جي رسول بخش پليجي جا مداح هئا. ٻئي اڌيڙ عمر جا ٿي چڪا هئا، پر هن جي زال ۾ اڃان جوت هئي، جيتري اڌ سڙيل ميڻ بتي ۾ هوندي آهي. هنن مون کي ٻڌايو ته انگلنڊ ۾ رسول بخش پليجي جا پوئلڳ ها، جي اڪثر پنجابي ها. آمريڪا ۾ به تقريباً ساڳي حالت هئي. ڪجهه وقت پوءِ ڊاڪٽر هاليپوٽو آيو جو سنڌ انٽرنيشنل سنڌي ڪانگريس جو پريزيڊنٽ آهي ۽ هن وقت پاڪستان جي ڪنهن جيل ۾ هو ۽ هاڻ آزاد ٿي ويو آهي. الطاف گوهر سان منهنجي پراڻي واقفيت هئي، جو ان وقت بي. سي. سي. آءِ ۾ ملازم هو. جنهن جي سرپرست مرحوم حسن عابدي منهنجي ڪجهه مدد ڪئي هئي. جنهن لاءِ مان هن جو شڪر گذار آهيان. هن اردوءَ جي شاعر افتخار عارف کي مون ڏانن موڪليو، جنهن مون کي الطاف گوهر جا سلام ڏنا ۽ منهنجي خير عافيت پڇي. تازو حوري نورانيءَ جي دعوت تي هو مون سان مليو هو ۽ ٻڌايو هئائين ته جميل جالبيءَ جي جاءِ تي هن کي مقتدره قومي زبان (National Language Authority)  جو چيئرمين مقرر ڪيو هئائون. هن منهنجي ڪتاب ”ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ۾ دلچسپي ڏيکاريندي چيو ته ”ان جي اردوءَ ۾ ترجمي جو ڪم مان فهميده رياض يا آفاق صديقيءَ کي سپرد ٿو ڪريان. حوريءَ جي دعوت تي اردو افسانه نويس هاجره مسرور ۽ هن جي مڙس احمد علي خان سان به منهنجي ملاقات ٿي، جيڪو روزاني ڊان جو ايڊيٽر آهي ۽ سارو وقت منهنجي ڀرسان ويٺو رهيو ۽ قومي ۽ بين الاقوامي حالات تي مون سان خيالن جي ڏي وٺ پئي ڪيائين. مان حالات جي نزاڪت کي مدِنظر رکي، ان تي تبصرو نه ٿو ڪيان، اُتي منهنجي شاعريءَ جي اردوءَ ۾ مترجم فهميده رياض ۽ ٻين ڪيترن ئي اردوءَ جي اديبن سان ملاقات ٿي، جيڪي نهايت محبت ۽ جوش سان مليا. انهن مان ڪي اڳيان ترقي پسند به هئا. احمد علي خان سان گفتگوءَ کان پوءِ مون سان فهميده رياض ملي، جڏهن مان وڃي رهيو هوس ۽ چيائين ته تنهنجا سنڌي شاعريءَ جا پويان ڪتاب ته بي مثال آهن. هوءَ سنڌي چڱيءَ طرح ڄاڻي ۽ اڳي منهنجي منتخب ڪلام جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪري سنڌالاجيءَ مان ڇپايو هيائين، جنهن جي اردو دنيا ۾ اهميت انهيءَ ڪري،  نه ٿي جو فهميده رياض ۽ هن جو سنڌي مڙس ظفر اڄڻ، ڀٽي کي ڦاسيءَ کان پوءِ هندستان جلاوطن هيا ۽ اتي ست سال رهيا ها، جتي فهميده رياض انگريزيءَ ۾ پاڪستاني ادب تي ڪتاب لکيو هو. جنهن ۾ پاڪستاني اديبن ۾ فقط مون تي خاص باب لکيو هئائين. منهنجي فهميده رياض سان پهرين ملاقات سبطِ حسن جي گهر تي سعيده گذدر جي موجودگيءَ ۾  ٿي هئي. جتي هن بلوچي بغاوت تي اردوءَ ۾ هڪ نظم ٻڌايو هو. هوءَ ان وقت رياض جي زال نه رهي هئي ۽ غالباً لنڊن مان موٽي آئي هئي. ٻئي ڀيري جڏهن هن جي ظفر اڄڻ سان شادي ٿي چڪي هئي، تڏهن مون هن کان پڇيو: ”تو ظفر سان شادي ڪئين ڪئي؟“ هن مختصر جواب ڏنو: ”مان ۽ ظفر ساڳيءَ آفيس ۾ ڪم ڪندا هياسين، هڪ ڏينهن ظفر اوچتو منهنجي ٻانهن ۾ هٿ وجهي پڇيو: ”مون سان شادي ڪندينءِ؟“ مون به چيو: ”ها. پوءِ اسان ٻنهي جي شادي ٿي وئي.“

هن جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب مون کي انور فگار هڪڙو سکر ۾ ڏئي ويو هو جو شڪاپور جو عاشق ۽ منهنجي استاد کيئل داس فانيءَ جو وڏو مداح آهي ۽ جنهن هن جي ڪلام کي ترتيب ڏنو آهي ۽ اهو ادبي بورڊ کي ڇپائيءَ لاءِ حوالي ڪيو اٿائين. هن ئي منهنجي ڄم جي اصل تاريخ ۽ ’سدُرشن‘ رسالي مان منهنجي پهرين شعر جي فوٽو ڪاپي مون کي موڪلي هئي ۽ اهو نظم هاڻي شڪاپور هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ڇپايل ڪتاب ’شڪاپور صدين کان‘ ۾ ڪنهن مضمون ۾ ڇپيو آهي.

هاڻي ڪرامويل هاسپيٽل کي ڇڏي گهڻي دير ٿي وئي آهي. بقول نصير مرزا زندگيءَ کي ريوائنڊ (Rewind)  ڪيان ٿو ۽ ڪرامويل هاسپيٽل ۾ موٽي ٿو وڃان. پر جيستائين زندگي روائينڊ ٿي، ڪوئي صاحب بنا اڳ طئه ڪيل وقت جي اچي نڪري ٿو ۽ مان زندگيءَ جو وڊيو ڪئسٽ ميز تي رکي ٿو ڇڏيان.

مون کي هڪ واقعو ياد آيو ته مان هڪ ڊچ آرٽسٽ وٽ خيرپور ويندو هوس، جو اتي گهرو هنر جي تعليم ڏيندو هو ۽ جنهن جو تحفي طور ڏنل هڪ خوبصورت واز (Vase)  اڃان تائين مون وٽ ڊرائينگ روم ۾ رکيو آهي.

مان هن وٽ ويٺو هوس ۽ ڪائنات جي تخليق جي باري ۾ هن جون حيرت انگيز تصويرون ڏسي رهيو هوس ته هن جي در تي ٺڙڪو ٿيو. هن دروازو ٿورو کولي ملاقاتيءَ کي چيو: ”اڄ مون کي وقت ناهي، سڀاڻي اچجانءِ.“ دروازو ٺڪ سان بند ڪري ڇڏيائين. پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته اهو شخص هن جو دوست هو ۽ روز شام جو هن سان گڏجي چهل قدمي ڪرڻ ويندو هو. اي ڪاش!......

مون کي لنڊن مان موٽي شڪاپور جي گهٽين ۾ وڃڻو آهي ۽ ان تقدير جو تسلسل بيان ڪرڻو آهي، جا انگريز شاعرن آڊن هيٺين لفظن ۾ ظهاري آهي:

ترجمو: (مون وٽ جو ڪجهه به آهي، آواز آهي.

جو ان پيچيده دروغ گوئيءَ جون ڳنڍيون کولي ٿو.

ان رومانوي دروغ گوئيءَ جون، جا گهٽيءَ ۾ هڪ جنسيات پرست ۽ دنيوي انسان ۾ آهي.)

پر ان تسلسل ڏانهن موٽڻ لاءِ هن لنڊن جي سفر جو احوال پورو ڪرڻو آهي، جو تاريخ وار مون کي ياد ناهي. ڪرامويل هاسٽل ۾ منهنجي رهائش کان هڪ ڏينهن پوءِ راج چيو هو ته: ”اڄ رات جي ماني سڀني سان گڏجي اسان وٽ کائجانءِ.“ اسان راج جي گهر وياسين جو پهرين منزل تي هو، جتي پهچڻ لاءِ لفٽ لڳل هئي. هڪ بنگالي بورچيءَ جا تريل سنبوسا کائي ۽ ٿوري وسڪي پي، اسان مانيءَ جي ميز تي آياسين. گفتگو ۾ ڪا گرم جوشي ڪانه هئي، ڪابه رنگيني نه هئي ۽ اها مانيءَ وانگر بي سواد هئي. سال 1976ع ۾ جڏهن مان اڪيلو ويو هوس ته راج جي گهر ڪينٽڪي چڪن (Kentukky Chicken)  سان وسڪي ڏاڍي وڻي هئي. مانيءَ کان پوءِ راج اسان کي ڪرامويل هاسٽل ۾ ڇڏي ويو. ها، گيتا کي جڏهن منهنجي ڏوهٽيءَ جو نالو روماسا ٻڌايو  ويو ته هن حيرت مان پڇيو ته: ”اهو ڪهڙيءَ ٻوليءَ جو نالو آهي؟“ مون جواب ڏنو ته: ”سنڌيءَ جو. ڀيرومل مهرچند پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ هڪ سنڌي راڻيءَ جو نالو روماسا لکيو آهي.“ پر جڏهن لاهور ۾ منهنجي پٽ سليم جي شادي ٿي هئي، تڏهن هن جي سهري خواجه يوسف مون کي ٻڌايو هو ته اهو فارسيءَ جو لفظ آهي جو ’رو ـــ مهه ـــ سا‘ يعني ’منهن چنڊ جهڙو‘ آهي. ان کان پوءِ گيتا ۽ راج هاسٽل تي آيا نه فون تي پڇيائون ته مون دل جي باءِ پاس ڪرائي يا نه؟ ۽ جيئرو به بچيو آهيان يا نه؟ منهنجي اي. سي. جي (ECG)  ۽ مئگنيٽڪ اسڪيننگ (Magnetic Scaning) رپورٽن ۾ ڪجهه به نه نڪتو هو. رڳو آرٿرائيٽس (Arthritis) جي تڪليف هئي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر فقط ٺڳيءَ جي في ورتي ۽ ٻه ڊسپرين جون گوريون ڏنائين، جي مون نه کاڌيون ڇو ته اهي ڪئنسر ڪنديون آهن.

ٻئي ڏينهن اسان پول شاعره جي دڪان تان، پولنڊ جي ادب ۽ ان جي سياست جي باري ۾ ڪتاب خريد ڪيا. هن مون کان منهنجي ايڊريس ورتي ۽ پوءِ جڏهن کيس معلوم ٿيو ته مان هڪ دور دراز ديس جو شاعر آهيان، تڏهن هن مون کان پنهنجي پولش شاعريءَ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب تحفي طور ڏنو. پوءِ اسان ٽيوب ٽرين ۾ ڦرندا رهياسون. ان وقت مون کي غالب جو شعر ياد اچي رهيو هو:

”غنچه تا شگفتنها برگ عافيت معلوم

باوجود دلجمعي خواب گل پريشان هي.“

ترجمو: (مکڙي ٽڙڻ تائين هوندي، انهن جي پتين جي پڇاڙي معلوم آهي. ٿر ٿانءُ هجي ته ڇا، گل جو خواب ته پوءِ به پريشان آهي.)

جڏهن مان بمبئيءَ ۾ ’شاهه سچل، سامي‘ سيمينار ۾ صدارت لاءِ ويو هوس، تڏهن گيتا به لنڊن مان آئي هئي. موتي پرڪاش ۽ ڪلا پرڪاش به دبئيءَ مان آيا هئا. گيتا پنهنجي اڳوڻي باندرا واري گهر ۾ رهيل هئي. هن اتان ارجن شاد کي فون ڪيو ته: ”اياز هتي ڪجهه ڏينهن کان رهيل آهي، پر مون کي فون به نه ڪئي اٿائين.“ ارجن شاد منهنجو دوست آهي. هن منهنجي زرينا جي پنهنجي گهر ۾ ماني ڪئي هئي. جتي ارجن جي زال موهني، زرينا سان ايترو گهائل مائل ٿي وئي هئي، جو اسان جي موٽڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ٺاڪر چاولا جي گهر آئي، جتي اسان رهيل هئاسين، اتي هن زرينا کي ٺاهوڪو جوڙو تحفي ۾ ڏنو. جڏهن هن مون کي گيتا جي ميار ڏني، تڏهن مون هن کي هي فارسيءَ جو شعر ٻڌايو:

”مرنجان دلش را که اين مرغ وحشي

زبامي که برخواست مشڪل نشيند.“

ترجمو: (ان جي دل نه رنجاءِ، جو اهو وحشي پکي،

جنهن بام (ڇڄهري) تان اٿي ويو، ان تي مشڪل سان ويهندو آهي.)

راج مون کي لنڊن ۾ ٻڌايو ته هو لنڊن ۾ ڄام صادق عليءَ جي بنگلي جي مرمت ڪرائي رهيو هو. ان وقت ڄام صادق علي پاڪستان ۾ هو. جڏهن بينظير جي 1988ع واري حڪومت هئي، هو ٻيهر پاڪستان آيو ۽ بينظير جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ وزيراعليٰ بڻيو. راج هن سان لنڊن ۾ ٽڪيل هو. انهن ڏينهن ۾ شاعر تنوير عباسيءَ جي گهر تي ڪائي تقريب هئي، جتي هو ڏينهن ٻه رهيو هو. جڏهن موٽي آيو ته اوچتو مون کي چيف منسٽر هائوس مان فون ڪيائين ۽ چيائين ته: ”تو هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مون بمبئي، لنڊن ۽ لينن گراڊ ۾ عشق ڪيا ها. اها بمبئيءَ ۾ ڪير هئي؟“

مون هن کي چيو ته: ”مون اهو ڪتاب، توکي ٻين ڪتابن سان گڏ پاڻ لنڊن ۾ ڏنو هو. مان هن جو نالو وٺڻ نه ٿو گهران، ڇو ته هن جي چاندنيءَ جهڙي طبيعت مون کي ڏاڍي وڻي هئي. پر اڃان مون هن سان عشق جو اظهار نه ڪيو آهي.“

”چڱو اهو ته ٺهيو، پر تو فلاڻي کي ڇا چيو آهي؟“

مون هن کي جواب ڏنو: ”مرحوم رشيد ڀٽي شراب جي اثر هيٺ واهي تباهي ڳالهيون ڪندو هو، جن کي ٻُڌي انهيءَ فلاڻي (نالو مان لکڻ نه ٿو چاهيان) پنهنجي گمان کي رنگ روغن ڏنو آهي، جا هن جي عادت آهي. توکي ياد هوندو ته مرحوم شيد ڀٽي پنهنجيءَ ڪيفيت ۾ الهاس نگر ۾ ڇا چئي رهيو هو، جنهن تي اسان هن کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو هو. جيستائين هن جا حواس درست نه ٿيا ها تيستائين هن کي ٻاهراچڻ نه ڏنو هو. تون فقط ٻه منٽ آءُ ته مان توکي ساري ڳالهه سمجهائي سگهان.“

هن غصي جو شديد اظهار ڪندي چيو: ”بهتر ٿيندو ته تون مون کي هڪڙو خط لکي پنهنجي پٽ جي ذريعي موڪل. مان ڪار ڪاهي، پرنس ڪامپليڪس وٽ اچي بيهان ٿو.“

مون هن کي چيو ته: ”اهو خط پنهنجي پٽ کي نه ڏيندس. مان تو وٽ پاڻ ٿو کڻي اچان.“

مان خط لکي هيٺ لهي دروازي وٽ بيٺس ته راج ڪار ۾ اچي پهتو. هن جي منهن تي غصو هو. هن کي اهي لفظ جيڪي فلاڻي چيا هئا، اهي هن مون کي ٻڌايا ۽ اهي لفظ ٻڌي ڪنهن کي به غصو اچي ٿي سگهيو ۽ مون فقط هن کان پڇيو ته: ”هن کي اها جرئت ڪيئن ٿي جو هن اهي فحش لفظ توکي مُنهن تي چيا.“

ان تي راج چيو ته: ”هائو، هن کي اها جرئت ڪيئن ٿي! هو اڃان ايئرپورٽ تي نه پهتو هوندو. مان هن کي ڳولي ٿو لهان. باقي تنهنجي اسان جي دوستي ڇُٽي.“ هو تيزيءَ سان رستي تان ڪار هلائي هليو ويو. ڄڻ ڪنهن قئنچيءَ سان پٽ جو تاڪيو ڪتريو. افسوس! ڪيترا نه پيارا ڏينهن منهنجي تپش آميز زندگيءَ تان جهڙ وانگر لهي ويا!

بهرصورت مان پوئين ڀيري لنڊن جي سفر جو قصو پورو ڪري وٺان، ڇو ته ڪافي ڊگهو ٿي ويو آهي. مگسي اسان کي لنڊن جي زُو (عجائب گهر) ۾  وٺي هليو، جتي هڪ هنڌ تي هرڻ بيٺا ها، جي انسان کان نه ٿي ڊنا. مون هڪ هرڻ جي مٿي تي هٿ گهمائيندي فوٽو ڪڍايو هو، جيڪو منهنجي البم ۾ آهي.

جيڪو جڏهن ماهوار سهڻيءَ جي ’شيخ اياز‘ نمبر ۾ ڇپيو ته ماهتاب محبوب کي ڏاڍو وڻيو هو. مون ماهتاب ۽ محبوب سان ڪافي وقت گڏ گذاريو آهي،  جو مون کان اڃان نه وسريو آهي. افسوس جي ڳالهه آهي ته مان بيماريءَ سبب حيدرآباد وڃي نه سگهيو آهيان. ماهتاب آخري دفعو مون سان هڪ تقريب ۾ ڪراچيءَ ۾ ملي هئي، جتي حيدرآباد اچڻ لاءِ چيو هئائين.

اُن کان پوءِ اسان مگسيءَ جي ڪار ۾ شيشا چاڙهي چيتن ۽ شينهن جهڙن وحشي جانور جي وچ مان لنگهياسون. ٻاهران بورڊ لڳل هو ته هرڪو پنهنجو خطرو کڻي وڃي سگهي ٿو. پر جانور خاموش ويٺا رهيا ۽ ڪار تي رومڙ نه ڪيائون. نيٺ اسان بگهڙن جي واڙ وٽ پهتاسين، جتي سوَ کان مٿي بگهڙ خاردار لوڙهي ۾ بند آهن. گذريل ڀيري جڏهن مان سال 1976ع ۾ اتي نما شام جو آيو هوس، تڏهن راج ۽ گيتا مون سان ساڻ هئا. ان وقت بگهڙن جي اوناڙ آسمان مان نيزي وانگر پار ٿي وئي هئي. ڪيئي بگهڙ اوناڙي رهيا هئا، شام جو انڌيارو وڌي ويو هو ۽ موت جي ياد ٿي ڏياريائين. ٻئي ڀيري مگسي، جڏهن هو پاڪستان ۾ تازو آيو هو،  تڏهن حيدرآباد مان مون کي فون ڪيو هئائين ته مون وٽ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ايندو. هن لنڊن ۾ اسان سڀني جي ماني ڪئي هئي ۽ هن جي زال منهنجي زال سان گهائل مائل ٿي وئي هئي. مگسي اسان کي هڪ تفريح گاهه تي وٺي هليو، جتي ڊولفين (Dolphins)  تلاءَ مان ٽپا ڏئي ڪجهه جهپي رهيون هيون. مان ته ڀانيان ٿو ته سنڌيءَ ۾ ڊولفن کي ”ٻلهڻ“ چوندا آهن. پرمانند ميوارام جي لغت ۾ ڊولفن (Dolphin)  جي معنيٰ دِلفين يا ’مي‘ لکي آهي. پويون لفظ مون شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ نوري تماچيءَ ۾ پڙهيو آهي.

”تون تماچي تڙ ڌڻي، مان مهاڻي مي،

مون کي ڏهاڳ مَ ڏي، گهڻو ريسارا سپرين.“

زرينا هاڻي هل ته شڪاپور موٽون. لاٽوڻي ڦري ڦري ڪِري پئي آهي. جيئن زندگي لاچار ٿي ويندي آهي. ان ۾ مان وري ڏور ٻڌي اُن کي هلايان ٿو. اسان پاڙي جي پڌر ۾ بيٺا آهيون. ڪجهه پاڙي جون غريب زالون، عاج يا چانديءَ جون ٻانهيون پايو، دلا حوض جي ڀرسان رکي بيٺيون آهن. هڪڙيءَ کي ته ڇليءَ باداميءَ جهڙي شڪل آهي، ٻي نيسر جي هيٺان جهڪي گهڙو ڀري رهي آهي ۽ شلوار مان هن جون ڪيوڙي جهڙيون رانو ظاهر ٿي رهيون آهن. هن جي ٻنهي رانن مان وٿي ائين لڳي رهي آهي، جيئن گدري جي ول ۾ ڪڏهن ڪڏهن آمهون سامهون ٻه گدرا هوندا آهن. سندس گهڙو ڀرجي ٿو ته مهارت سان ان کي اڇل سان کڻي چيلهه تي رکي ٿي ۽ ٻيءَ کي ڀرڻ لاءِ وارو ڏئي ٿي. ان کوهه جي گاديءَ ۾ هٿ وجهي، ڪوئي زور ڏئي هلائي رهيو آهي. ڇو ته گاديءَ تي تنهنجون ٻه ٽي ساهيڙيون ويٺيون هيون. اهو کوهه منهنجي ڏاڏي بنگل شيخ کوٽايو هو، جو ميونسپل ڪائونسلر هوندو هو، جنهن جي نالي سان اهو کوهه منسوب هيو.

لاٽون ۽ لاٽوڻي جنڊيءَ لڳل آهن ۽ ڪشمور جا ٺهيل آهن. اِٽي ڏڪر به جنڊيءَ تي چڙهيل آهن. بڪٽ، لين، مونَ، نار آروهي، يڪ، نه ڄاڻان اهي ڪهڙي ٻوليءَ جا لفظ آهن، جي تاريخ ائين ڳڙڪائي ڇڏيا آهن، جيئن ارڙ نانگ ڪوئي ساهوارو ڳڙڪائي ڇڏيندو آهي. زرينا جي گهر ۾ ڇا ڇا سامان نه هوندو هو. چڪرا، ويلڻ، اکريون، مهريون، کٽوليون ۽ کٽن جا پاوا، پلنگ، پينگها، ڪرسيون، ٽپايون، آرسيون، دٻلا، ٿالهيون، جهنجهڻ سڀ جنڊيءَ چڙهيل هوندا هئا. هن جو سارو گهر ڪنهن مصور جي روح وانگر لڳندو هو. هن جو پيءُ خانصاحب حسين بخش ان وقت جيڪب آباد جو ڊپٽي ڪليڪٽر هو، جنهن وقت ڪليڪٽر گهڻو ڪري سڀ انگريز هوندا هئا. لاٽوڻي ڦري ڦري ليٽي پئي ته اسان ڪوڏين راند کيڏڻ لڳاسون. چٽڪٻري ڪوڏيءَ کي گانءِ، سونهري رنگ واري ڪوڏي بائلي، خاڪي رنگ واريءَ کي گبو، سرمائي رنگ واريءَ کي سُرميل ۽ وڏي ڪوڏيءَ کي ڊينگ چوندا هئاسون. ڪيڏيون صديون سمايون هيون انهن لظن ۾! پشت بپشت اسان جا وڏا اهي لفظ ڪم آڻيندا رهيا ها، جن کان سندن پونيئرن ٻڌا هئا. معلوم نه آهي ته اهي لفظ آريائي يا سنڌ ديس جا هئا ۽ موهن جي دڙي يا هڙپا ۾ استعمال ٿيندا هئا. ڇو ته هي سارو اتر پاڪستان وارو علائقو ڪاٺيا واڙ، ڪڇ ڀڄ، گجرات تائين سنڌ ديس هو. جنهن کي هاڪڙو درياءُ باقي هند کان ورهائي ڇڏيندو هو. هند ورش کي اسان جي پوري معلومات نه هئي.

ڀرسان منهنجي جيڏا شيشي ۽ پٿر جي جدن سان گچيءَ رانگ کيڏي رهيا هئا. اِنڊا، ڪبوتري، رنگارنگي پٿراوان چدا، رنگ رنگ جون گوليون، جڏهن چدو چدي کي چُٽيو وڃي ٿو ته ”سڀ گل“ جون صدائون اڀرن ٿيون. اسان جي پاڙي ۾ ٽي نمون هيون. هڪ ته اسانجي گهر جي دروازي لڳ هئي ۽ نه رڳو ان جا ڏار ۽ ٽاريون اسان جي ڇڄهري سان گسنديون هيون، پر ان جون ڪيئي لامون ڪوٺي تي ڇت وانگر وڌي آيون هيون. جڏهن نمن ۾ ٻور ٿيندو هو ته سڄو پاڙو ان سان خوشبوءِ سان واسجي ويندو هو. سانوڻ جو مينهن نمن جا پن ڌوئي چهچ ساوا ڪري ڇڏيندو هو ته طوطا، ڪٻريون، بربليون،جهرڪيون، نوريئڙا هر وڻ تي هوندا هئا. انهن وڻن ۾ ڳجهن ٻه آکيرا ٺاهيا هئا.

اسان جي پاڙي ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي هڪ جيترا رهندا هئا. منهنجي گهر جي ڀرسان هڪ گندو مل رهندو هو. اهو چئين بجي ننڊ مان اٿي ميران ٻائيءَ جا ڀڄن ۽ ڪبير جا دوها ڳائيندو هو ۽ ائين پرارٿنائون ڪندو هو، ڄڻ خدا سان محو گفتگو هو. ڄڻ خدا رات هنن جي گهر ۾ گذاري هئي ۽ سامهون واري مسجد ۾ ملان رمضان اڪيلو ننڊ ڪندو هو. هنديءَ جو آواز ٻڌي مون کي اهو سوچي ته اڃان باک نه ڦٽي آهي، ننڊ وٺي ويندي هئي. گندي مل جو ڏوهٽو يا پوٽو مون سان بمبئيءَ ۾ گڏيو هو. جڏهن پوپٽي هيراننداڻيءَ منهنجي آجيان لاءِ هن جي ٽولي کان ڀڳت ڪرائي هئي ۽ اٽڪل سؤ کن ماڻهن جي ماني به ڪئي هئي. پوءِ گندي مل جي پوٽي، منهنجي ۽ زرينا جي پنهنجي گهر ماني به ڪئي هئي. جتي نند جويري، گيتاراج ۽ ٻيا آيا هئا.

ڪاڏي بمبئي وڃي نڪتس! ماڻهوءَ جو من ڪيڏو نه چنچل آهي. جڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي! ايڪا گرتا (Concentration) نالي ڪا ڳالهه ڪانهي. اها ڪنهن يوگيءَ جو اُٺاءُ آهي.

هاڻي وري زرينا وٽ شڪارپور موٽي ٿو اچان. پاڙي ۾ اسان جي گهر ڀرسان گگني نالي هڪ هندو رهندو هو. جنهن کي ٽي ڌيئر هونديون هيون، جن مان هن جي ڌيءَ سُران ڏاڍي خوبصورت هوندي هئي. مون کي انسان جي سونهن ننڍي هوندي کان ئي مُنڊي ڇڏيندي هئي. جڏهن اسڪول ۾ پهرين درجي انگريزيءَ ۾ هوس، تڏهن مون پنهنجي استاد سائين کيئل داس فانيءَ کان روهڙيءَ واري ”بيڪس“ فقير جي هڪ شعر جي سٽ ٻڌي هئي:

”ساجن سائين سئر ڪرڻ لئه، آيو ٿي انسان.“

ان سٽ مون کي ائين ٻڌي ڇڏيو هو، جيئن اسان ننڍي هوندي بربل کي پيٽي وجهي، ان سان ڳنڍيل ڌقاڳو ٻڌي، هڪ هٿ تي ويهاري هيرائيندا هئاسين. اسان جي پاڙي ۾ هڪ شخص گاجي نالي رهندو هو. سنڌي ماڻهو غازيءَ کي کاجي سڏيندا هئا. جيئن ٻين مقدس نالن جو نه رڳو تلفظ ڦيرايو اٿائون، پر انهن جو مخفف اهڙو ڪيو اٿائون جو اهو مضحڪه خيز لڳندو آهي. فتني جي ڀَو کان رڳو هڪ ٻيو مثال ٿو ڏيان. هُو وليءَ کي وَلو چوندا هئا.

مان پنهنجي گهر جي پهرين منزل ڀرسان ڏار تي چڙهي، نم جي پنن ۾ لڪي ويندو هوس ۽ سران کي ڏسندو هوس، جڏهن هوءَ ٿورو تاڪ ٻيڪڙي، ننگي ٿي سنان ڪندي هئي. دراصل اسان جي جاءِ ۾ هڪ حال هو. جنهن ۾ منهنجي پيءُ پنجاهه مغربي مصوريءَ جا نقل ((Replicas مڙهائي ٽنگي ڇڏيا هئا. جنهن ۾ هڪ تصوير ۾ شل ننگي عورت پٺي ڏئي ويٺي هوندي هئي ۽ هن جا ٿڙا پڪل ناسپاتين وانگر لڳندا هئا. اُها سُران وانگر لڳندي هئي، جڏهن هوءَ سنان ڪندي هئي. بابو سائين وڏو عاشق مزاج انسان هو، پر هن تي مان پوءِ ٿو اچان. ٻيو اسان جي پاڙي ۾ سيٺ چئنراءِ رهندو هو، جنهن جو گهر زرينا ۽ هن جي مامي شيخ واجد عليءَ جي گهر جي وچ ۾ هوندو هو. چئن راءِ شڪارپور ڪانگريس جو صدر ۽ واجد علي شڪارپور مسلم ليگ جو صدر هو، پر اها ڳالهه پوءِ جي آهي. وقت جون واڳون ڍريون ڇڏ، ڇوته اهو تيز رفتار گهوڙو آهي، ائين نه ٿئي ته غالب وانگر تنهنجي قابوءَ ۾ نه اچي!

هـي رو مـيــن رخش ڪهان ديکهئي تمهي

ني هاتهه باگ پر هي نه پاهي رڪاب مين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com