سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر

باب: --

صفحو :4

مون کي نهج البلاغه مان حضرت عليءَ رضه  جو هڪ قول ياد آيو: ”اها تدبير جا موت جي ڪارڻ ٿي سگهي ٿي، اها به تقدير جو حصو آهي.“ مون سوچيو: ماڻهو علاج لاءِ ملڪ کان ٻاهر وڃن ٿا ۽ انهن جا لاش ملڪ ۾ موٽي اچن ٿا. مون کي ٿامس مئن جي ناول، ”جادوءَ جو پهاڙ“ (Magic Mountain) مان ڪجهه جملا ياد آيا:”اسان تيرگيءَ مان اچون ٿا، تيرگيءَ ۾ موٽي وڃون ٿا، پر ان کي اسان محسوس نه ٿا ڪريون ، ابتدا ۽ انتها کي، ڄم ۽ موت کي داخلي وجود نه آهي، اهي ٻئي معروضي وجود جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا.“

اسان واقعي ٿيمس نديءَ جي ڪناري تان واپس ٿي رهيا هئاسين. ٻين لاءِ ته انهن جو معروضي وجود آهي، پر مان هڪ خواب گرد آهيان. مون کي اهو سڀ داخلي ٿو لڳي. ماضيءَ کي داخلي حقيقت کان سواءِ ٻي ڪهڙي حقيقت آهي؟ غالب چيو آهي:

”از ڪاخ وَڪو بلند پريشان زڪاخ وڪو،

ديدم زچشم ماهه تماشاءِ اين سراءِ.“

ترجمو: (ڪوٺي ۽ گهٽيءَ کان مٿي ۽ ڪوٺيءَ ۽ گهٽيءَ کان بيزار ٿي، مون چنڊ جي اکين سان هن سراءِ کي ڏٺو.)

رابرٽ لوويل، آمريڪي شاعر جي نظم مان به ڪجهه ياد اچي رهيو آهي:

يسوع!

مان جيڪر رات جو مران

پر منهنجا پورا حواس برقرار هجن

جيئن چنڊ لهي ويندو آهي.

ٽئين ڏينهن جڏهن ڪرامويل اسپتال ڏانهن وڃون پيا، تڏهن زرينا کي تربوزي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، جن تي لاڙي ڀرت ڀريل هو. تڏهن هڪ ڪروڙڍ انگريز عورت رستي تي بيهي رهي ۽ انگريزيءَ ۾ پڇيائين:”تون ڪهڙي ديس جي آهين، جهڙو تنهنجي منهن جو خوبصورت رنگ آهي، اهڙا تنهنجا ڪپڙا ۽ انهن تي ڀرت ۽ تنهنجي چپن تي هلڪي سرخي آهي.“

مون هن کي چيو:”اسان سنڌي آهيون.“

هن پورو نه سمجهيو ۽ چيائين:” هندي، انڊين ٿو چوين نه؟“

مون جواب ڏنس:”اسان سنڌي آهيون، ڪنهن وقت انڊين هئاسين، پر اسان جو ديس سنڌ هاڻي پاڪستان جو حصو آهي.“

”اوهه پاڪستان! اوهين پاڪي آهيو؟“

”نه، پاڪستاني.“ پوءِ هوءَ ڪنڌ کي جهٽڪو ڏئي هلي وئي.

اسان هاسٽل موٽي آياسون، ڇوته رپورٽون اڃان نه آيون هيون. سليم ۽ روماسا مارڪيٽ مان موٽيا هئا ۽ صوف، انگور، چيري ۽ نارنگيءَ جي رس جا دٻا وٺيو آيا هئا. مون کي چيريءَ جو جوس ڏسي ڪجهه کل آئي.

جڏهن اسان سي.اينڊ.ايس. ڪاليج شڪاپور ۾ پڙهندا هئاسين، تڏهن مان، منهنجو دوست نعيم صديقي ۽ غلام الله اعواڻ گڏجي، ريل جي ذريعي ڪوئيٽا ويا هياسين. هڪ ڏينهن اسان مري بروئري (Muree Brewary) گهمڻ جو ارادو ڪيو. ڪوئيٽا ۾ اسان ميلن جا ميل پنڌ گهمندا هئاسين ۽ اسان کي هڪ پٺاڻ دوست پهاڙ تي چڙهڻ به سيکاريو هو ۽ اسان ڪافي اوچو چڙهي ويندا هئاسين. رستي تي اسان کي هڪ ميوي جو دڪان نظر آيو، جنهن ۾ ٻين ميون سان گڏ تازي چيري به رکي هئي، جيڪا سوا رپئي سير ملي هئي. (تن ڏينهن ۾ سوا رپيو وڏي ڳالهه هئي.) اسان سير چيري خريد ڪئي ۽ طئه ڪيوسين ته مري وئي گهمي پوءِ کائينداسون. جڏهن مري برئوري پهتاسين ته اتي پهاڙيون نظر آيون. منهنجو ته ورزشي بدن هوندو هو ۽ نعيم به ڳورو نه هو، باقي غلام الله ٿلهو متارو، ڀريل بُڪنو هو ۽ هوٽل تي مانيءَ سان دنبي جو سيرکن گوشت هڪ وقت کائي ويندو هو. سو مان ۽ نعيم ٽپ ڏيندا مري برئوريءَ جي پهاڙين تي چڙهي وياسين، جيئن اتان ڪوئيٽا جو نظارو ڏسون ۽ غلام الله وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ چيائين ته: ”اوهان ڀلي گهمي اچو، مان اوهان جو انتظار ڪندس.“ جڏهن پهاڙين جي چوٽ تان گهمي واپس غلام الله وٽ پهتاسين ته اسان کي ڏاڍي بک لڳي هئي، اسان غلام الله کان چيريءَ جي پڇا ڪئي، ته هن هڪ آنو چيري اسان جي سامهون رکي ۽ يڪدم چيائين:”مان به ويٺو هوس واندو، سو بک جو لڳي ته ٿورڙي چيري کائي ويس.“

نعيم ته انگلينڊ مان ايف.آر.سي.ايس ڪئي ۽ هڪ اطالوي ڇوڪريءَ سان به شادي ڪئي ۽ جڏهن گذاري ويو ته هو بحرين ۾ سول سرجن هو. غلام الله ايم.بي.بي.ايس ڪئي، سا به علي ڳڙهه مان ۽ پنهنجي جاب ۾ ترقي ڪري سول سرجن ٿيو. اوچتو منهنجي مرڪ تلخي ۾ تبديل ٿي وئي، ڄڻ ته مان ڀل ۾ ڪنهن ڪوڙي ونگي ۾ چڪ وڌو هو. 1965ع ۾ مان سکر جيل ۾ هوس، منهنجي گرفتاريءَ کان پوءِ شهر ۾ هُلايو ويو هو ته مون وائرليس تي هندستان کي پيغام پئي ڏنو ۽ پهچايو ۽ اهڙو وائرليس سيٽ مون وٽان آفيس جي تهه خاني مان لڌو ويو هو.منهنجي نظربنديءَ جا آرڊر ٽن مهينن لاءِ هئا، جيڪي وڌائي سگهبا هئا. ان وچ ۾ منهنجي سَسُ کي جيري جي ڪئنسر ٿي پئي. هوءَ اسان وٽ رهندي هئي ۽ زرينا ماءُ جي بيماريءَ جو ٻڌي، ذري گهٽ هوش حواس وڃائي ويٺي هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون کي به سخت مليريا ٿي پئي. غلام الله اعواڻ، جو انهن ڏينهن ۾ سکر جو سول سرجن هو، جيل ۾ دوري تي آيو ۽ منهنجي مليريا جي چڪاس ڪيائين. مون هن کي پنهنجو احوال ٻڌايو ۽ چيو ته:”مون کي پنهنجي بيماريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏي ته مان گورنمينٽ کي درخواست موڪليان ته مون کي ان سبب ڪري آزاد ڪيو وڃي.“ هن رکائيءَ سان چيو:”پنهنجي پٽ کي سول اسپتال موڪلجانءِ ته مان ڏسندس.“

انيس جڏهن مون سان جيل تي ملاقات لاءِ آيو ته مون کيس اعواڻ سان ملي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ وٺڻ لاءِ چيو. انيس جڏهن ٻي ملاقات لاءِ آيو ته پهريون سوال جو مون هن کان پڇيو،”اعواڻ کان سرٽيفڪيٽ ورتئه؟“ هو روئي ويٺو ۽ چيائين: ”بابا! مون کي هن جواب ڏنو ۽ چيائين ته، مان ڪنهن غدار کي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهيان.“

مون کي اها ڄاڻ هئي، سکر ۾ مون کي غدار سڏيندا هئا، منهنجا ٻار اسڪول نه وڃي سگهندا هئا، آيو ويو مهاجر پٿر هڻي، منهنجي گهر جا شيشا ڀڃي ويندو هو، جيڪڏهن بليڪ آئوٽ ۾ منهنجي زال هٿ بتي ٻاريندي هئي ته ان کي ڪڏهن ڊائيننگ ٽيبل جي هيٺان رکندي هئي ۽ ڪڏهن سمهڻ واري ڪمري ۾ کٽ هيٺان رکندي هئي، پر جي ٻاهران ڪنهن واٽهروءَ کي دهو پوندو هو ته دروازا ڀڃڻ لڳندا هئا. جڏهن انيس گهرکان ٻاهر نڪرندو هو ته هن کي ٿڦڙون هڻندا هئا. هڪ ڀيري پورنماسيءَ جي هڪ رات غصي ۾ زرينا مهاجر عورت کي چيو: ”هوءَ خدا جي بتي آسمان ۾ ٻري رهي آهي، ان کي ته وسائي ڏيکار!“

جڏهن ٻار ماني کائيندا هئا ته پاڙيسري مٽيءَ جون مٺيون ڀري اسان جي روشندانن مان اڇلائيندا هئا، ۽ مئي اچي ٻارن جي مانيءَ ۾ پوندي هئي . ڪي مهاجر چڱا ماڻهو به هوندا هئا. هڪ ڀيري چور اسان جي گهر ٽپيا ۽ ڪڙو پئي کوليائون. منهنجي زال جا چؤماڙ تي ڪوٺي تي ستل هئي، ان ڪڙي کلڻ جو آواز ٻڌو ۽ ڪوٺي تان اڱڻ ۾ نهاريائين ته هن کي ڪي ماڻهو ٻُٽن سان نظر آيا. منهنجي زال ۽ ٻارن وٺي چور چور ڪئي ته پاڙي جا مهاجر ڌڪا، لٺيون ۽ بندوقون کڻي آيا. انهن کي ڏسي چور وٺي ڀڳا ته ڀڄندي هڪڙي جي گوڏ ڇڙي وئي ۽ هُو شل ننگو ڀڄندو ويو. چور ٽئي سنڌي هئا، مون کي انهن جي نالن جي خبر به پئي، پر مون ايف. آءِ. آر نه لکائي. هڪ ماءُ جي بيماري ۽ ٻيو اهڙو بيپاڙو پاڙو، انهن ملي زرينا جي ذهن تي ڏاڍو اثر ڪيو. مون انيس جي ڳالهه ٻڌي ڏند ڀڪوڙي چيو: ”پٽ مان ٻاهر اچان ته ساري ڀنڀور کي باهه ڏيندس.“ منهنجي آزاديءَ کان پوءِ جو احوال ’ساهيوال جيل جي ڊائري‘ ۾ ڏنل آهي.

خير، مان موٽي اچان ٿو غلام الله اعواڻ ڏانهن، جنهن کي ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ اسڪرين آئوٽ ڪيو هو ۽ مون کي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو وائيس چانسلر ڪيو هو. هڪ ڀيري غلام الله اعواڻ مون وٽ ڄامشوري ۾ آيو ته ڪنڌ جهڪائي مون کي چيائين: ”هيءَ منهنجي ڀيڻ ثميره زرين آهي، هن کي ڪائي نوڪري ڏي.“ پهرين ته مون کي خيال آيو ته هن کي چوان ته: ”توکي ڪنهن غدار کان نوڪري گهرندي شرم نه ٿو اچي.“ پر پوءِ ثميره جي موجودگيءَ جو خيال رکي چپ ٿي ويس.

ثميره هڪ سانوري صورت واري ڇوڪري هئي، جنهن جا خدوخال پُرڪشش به نه هئا. مون غلام الله کان پڇيو: ”هن ڇا پاس ڪيو آهي؟“ هٻڪندي جواب ڏنائين: ”مئٽرڪ آهي.“ مان ڀانيان ٿو ته هن چيو: ”انڊر مئٽرڪ آهي، پر توهان ته ڄاڻو ٿا ته هيءَ افسانه نويس آهي.“ ”ها، اهو چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو.“ مون جواب ڏنو. مئٽرڪ پاس کي وڌ ۾ وڌ اٺين گريڊ جي ڪلارڪي ملي سگهندي آهي، پر هيءَ مشهور اديبه آهي ۽ سندري اتم چنداڻي، جڏهن مون وٽ رهيل هئي، تڏهن خاص هن سان ملڻ شڪاپور وئي هئي. مون هن کان پڇيو: ”اوهان درخواست آندي آهي؟“

هن کيسي مان درخواست ڪڍي منهنجي ميز تي رکي. مون ان تي غالبا لکيو ته: ”هيءَ مشهور افسانه نگار آهي. هن کي فوراً سنڌالاجيءَ ۾ سورهين گريڊ ۾ مقرر ڪجي ٿو. تصديق لاءِ ڪاغذ بورڊ اڳيان رکيا وڃن.“ غلام الله ٿئنڪ يو چئي مون کان موڪلايو. مان اڃان وائيس چانسلر هوس ته غلام الله حيدرآباد ۾ گذاري ويو ۽ ثميره زرين کي پنهنجي ڀاءُ سان ايتري محبت هئي جو، هوءَ به هن جي موت کان پوءِ ٻن ڏينهن ۾ گذاري وئي.

عبدالقادر جوڻيجو ٻڌايو ته سنڌالاجيءَ ۾ هن کي ڪافي اذيت ڏني وئي هئي. مون هن کي جواب ڏنو: ”ان باري ۾ اهڙا انسان ڪائي شڪايت نه ڪندا آهن. فقط مري ويندا آهن. تاريخ ۾ هو مجسم شڪايت ٿي جيئندا آهن.“

اسان ٽئڪسي ۾ ڪرامويل هاسٽل پهتاسون، جتي ٻه ماڻهو منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا. هڪ منهنجو پراڻو دوست مگسي هو، جو هيٿرو ايئرپورٽ تي پنهنجي ڪار ۾ اسان کي وٺڻ آيو هو ۽ ٻيو هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو ليڪچرار هدايت پريم، جو اديب به هو ۽ جنهن جي انگلينڊ ۾ تعليم لاءِ مون سفارش ڪئي هئي. هدايت پريم کي جڏهن مون ڪائي جوس (رس) آڇي ته هن مون کي ڄام صادق عليءَ جي باري ۾ هڪ لطيفو ٻڌايو ته: ”مان پهريون ڀيرون جڏهن ڄام صادق عليءَ جي لنڊن واري گهر ويس ته هن پڇيو: ”ڇا پيئندين؟“ مون جواب ڏنو: ”ڪائي جوس هجي ته بهتر.“ ان تي ڄام صادق عليءَ چيو: ”جي جوس پيئڻي هئي ته منهنجي گهر ڇو آئين؟ هاڻي جي وسڪي پيئن ته واهه، نه ته گڊباءِ!“ ڄام صادق علي ان وقت جلاوطن هو.

مون هدايت پريم کي ٻڌايو ته ڄام صادق علي سنڌ جي روايتن جو دلدادو آهي. هڪ ڀيري مان قاضي عبدالقادر سان گڏجي هن جي گهر ويو هوس، قاضي عبدالقادر سنڌ جي وزيراعليٰ جناب ممتاز علي ڀٽي جو پوليٽيڪل سيڪريٽري هو، پر جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي سنڌ جو وزيراعليٰ ٿيو ته ٻئي پاڻ ۾ ٺهي نه سگهيا ۽ عبدالقادر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. جڏهن کان بينظير ڀٽو اختيار ۾ آئي آهي، تڏهن کان شايد هو سنڌ پبلڪ سروس جو چيئرمين آهي. وسڪيءَ جو د‍ؤر هلي رهيو هو،  غلام نبي ميمڻ، جيڪو ون يونٽ جي دؤر ۾ وزيرِ قانون هو ۽ منهنجي ڪتابن تي بندش وڌي هئائين، اميد علي قريشي جو رٽائرڊ ايس. اي هو ۽ علي نواز وفائي جي اڳ ئي منهنجا دوست هئا، اتي ويٺا هئا. غلام نبي ميمڻ ڀٽي جي دؤر ۾، ون يونٽ واري دؤر جي گورنر ملڪ امير احمد جا ڳڻ ڳائي رهيو هو، ملڪ صاحب هيئن هو، ملڪ صاحب هونءَ هو. مون کي غلام نبيءَ ۽ امير احمد ٻنهي تي غصو هو، ڇو ته منهنجن ڪتابن تي بندش جا ٻئي ذميوار هئا. مون غلام نبيءَ کان پڇيو: ”ملڪ امير احمد کي پٽ گولي هڻي ڇو ماريو؟“ هو وسڪيءَ جو گلاس ڳيت ڏئي پي ويو. ڄام، جنهن کي پس منظر جي ڄاڻ هئي، مون کي ڪن ۾ چيو: ”اياز هاڻي ڇڏيس، پنهنجي هوش ۾ ناهي.“ مان خاموش ٿي ويس. غالباً ان کان ڪجهه وقت اڳ مان سخت بيمار ٿي پيو هوس ۽ جناح اسپتال ۾ داخل هوس، ان وقت جمال ابڙو سنڌ پراونشل اسيمبليءَ جو سيڪريٽري هو، هن جناب ممتاز علي ڀٽي کي منهنجي بيماريءَ جي باري ۾ اطلاع ڏنو. ممتاز ڀٽو ان وقت گهڻو ڪري سنڌ جو گورنر هو يا وزيراعليٰ هو. ممتاز ڀٽي، ڄام صادق کي جناح اسپتال موڪليو هو، جيڪو اچي ٿرٿلو مچائي ويو ۽ ڊاڪٽرن کي منهنجي اهميت ڏيکاريائين، جو نه فقط مون کي اسپيشل وارڊ ۾ رکيائون، پر منهنجو وڌيڪ خيال به رکڻ لڳا. مون هدايت پريم کي چيو: ” هدايت، مون کي ڄام صادق جي هڪ ڳالهه نه ٿي وسري . هن مون کي چيو هو ته، هن جي پيءُ ڪانڀو خان هن کي تلقين ڪئي هئي ته جي ڪوئي اٺ سوار ڏسين ته ميل پنڌ ڪري هن جي آجيان ڪندو ڪر ۽ اٺ جي واڳ وٺندو ڪر. عجيب متضاد طبيعت وارو انسان هو، چڱو ته ڏاڍو چڱو، نه ته سنگ چور نانگ وانگر ڏنگيندو هو.

پوءِ هدايت اسان سان گڏجي اڌ لنڊن ڦريو، ڏسڻ جهڙي رڳو هڪ جاءِ تي نه وياسين. هو ڪارڊ تي نڪتل ڪارل مارڪس جي قبر ۽ ان جي مٿان ڇپيل مارڪس جو فوٽو کڻي آيو هو ۽ مون کي چيو هئائين: ”مارڪس جي مزار تي هلندين، هتان ٽيهه ميل پري آهي.“ گوربچوف جي پيرسٽروئڪا پڙهڻ کان پوءِ منهنجن نظرن ۾ مارڪس يا ڪميونزم جي وقعت نه رهي آهي. مون هدايت کي چيو: ”هي ڪو مارڪس علي شاهه آهي ڇا، جو ان جي مزار تي ٽيهه ميل پري هلي دعا گهرون! مان ويست منسٽر ائبي ۾ شيڪسپيئر جي قبر تي هلندس.“ ان کان پوءِ مگسيءَ اهو چئي موڪلايو ته ”سڀاڻي مون کي آفيس ۾ حاضر رهڻو آهي.“ ۽ هدايت وعدو ڪري ويو ته هو سڀاڻي ايندو.

ٻئي ڏينهن تي اسان ويسٽ منسٽر ائبي وياسون، جتي انگلينڊ جا ڪيئي بادشاهه ۽ اهم ماڻهو پوريل آهن. پهرين ته اسان شاعرن جي ڪنڊ ڳولي لڌي. اتي چاسر ۽ ٽيني سن پوريل هئا. باقي شيڪسپيئر، ملٽن، ڪيٽس ۽ ٻين بي تعداد شاعرن جا يادگار اُڀا بيٺا هئا. اهو ڏسي مون کي هڪ يوناني دانشور جو قول ياد آيو: ”سڪندر اعظم پنهنجي يادگار لاءِ هڪ سونو سڪو ڇڏيو هو. سڪي جي هڪ پاسي سڪندر جي تصوير اڪريل هئي ۽ ٻئي پاسي استغراق جي عالم ۾ هڪ فلاسفر جي ۽ ٻئي پاسا هڪٻئي سان ملي نه ٿي سگهيا ۽ نه ڪڏهن مليا. فلسفي ۽ حاڪم هڪ ٿين، اها ناممڪن ڳالهه آهي. شيڪسپيئر جي باري ۾ اڪثر اهو چيو ويو آهي ته هو پنهنجا شاهڪار تاريخ جي ٻئي ڪنهن دؤر ۾ نه لکي سگهي ها. انگريز تهذيب جا ڪيترائي پهلو هن جي د‍‍ؤر ۾ شگفته ٿي پيا هئا. ايلزبيٿ جي دؤر جا انگريز نهايت ڦڙت هئا، هنن پراڻا تعلقات ڇني ڇڏيا هئا ۽ نوان اڃا پيدا نه ڪيا هئا. ايلزبيٿ جي د‍ؤر ۾ ازمنهءِ وسطيٰ (Medivial Times)  جي سوچ کي رد ڪيو هئائون. اکٽ سونجهه ۽ پڇ پڇ سان جديد دنيا کي ڏٺو هئائون. تنهن وقت تائين اهي جنگيون ختم ٿي چڪيون هيون، جن انگلينڊ کي يورپ جي سجاڳيءَ ۾ شموليت کان جهلي بيهاريو هو. ايلزبيٿ تخت تي هئي ۽ تعليم فقط شرفاءَ جي اولاد لاءِ نه هئي. پر غريب غربي جا ٻار به پڙهي ٿي سگهيا. رئلي ۽ ڊريڪ (Raleigh and Drake)  نئين نئين ملڪ جي ڳولها ڦولها ڪري، مادي ۽ ذهني حاصلات آڻي رهيا هئا ۽ دانشوري پنهنجي چوٽ تي چڙهي چڪي هئي. ان دؤر فرانسز بيڪن جهڙا دانشور پيدا ڪيا. گيو آرڊينو برونو (Gio Ordion Brono)  آڪسفورڊ ۾ هيلوسينٽرڪ (Helio Centric)  نظرئي تي ليڪچر ڏيندو هو. جنهن ۾ هن دينيات جي پراڻي نظرئي کي رد ڏنو هو، جنهن موجب انسان ئي ڪائنات جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. هاڻي بهشتِ برين ڏاڍو پري وڃي رهيو هو

پر شيڪسپيئر جي جينيس تي فقط هن جو دؤر ڇانيل نه هو. هر دؤر هن ۾ نوان اقدار ڏٺا آهن. هو فقط پنهنجي دور لاءِ نه هو، پر ابدي هو. مون هن جي اڳيان ڪنڌ جهڪايو، جنهن جا هڏا به ڀڄي ڀُري ويا هوندا.

ساڳيءَ طرح مون دهليءَ ۾ غالب جي سنگ مرمر جي مزار جي ڏاڪڻ تي ويهي فوٽو ڪڍايو هو ۽ ان جي عظمت جو اعتراف ڪيو هو. جنهن جي قبر ته دهليءَ ۾ رهجي وئي، پر جنهن جي شاعري ڪراچيءَ کان مالاڪنڊ تائين گونجي رهي آهي. اهو فوٽو ’نئين زندگي‘ رسالي ۾ مرحوم مولوي عبدالله ڇاپيو هو. پر هاڻي منهنجي البم ۾ ان جي ڪاپي به نه رهي آهي.

پنهنجي دؤر ۾ شيڪسپيئر ڪيڏي نه رنگا رنگ زندگي ڏٺي هئي! لنڊن ان جو مرڪز هئي.

شيڪسپيئر سان هن جا همعصر ڪيڏو نه ساڙ ڪندا هئا، هن جي شهرت ڏسي سڙندا هئا. اشتهار ڇپرائي هن کي گاريون ڏنيون ويون هيون ۽ هن تي غداريءَ جا الزام مڙهيا ويا هئا. پر اڪثر ماڻهو هن جي خلاف نه هئا، رڳو شاعر ۽ ڊراما نگار پنهنجي باهه ۾ سڙندا هئا. هو شاعر، ڊراما نويس ۽ ائڪٽر هو.

مون حيرت سان سوچيو ته زندگيءَ جو ڏک سک ڪيترو نه عارضي آهي. مون کي هڪ رات ڏند ۾ ڏاڍو سور هو ۽ ٻئي ڏينهن مان سور جون گوريون وٺي، سکر ۾ سٽي ڪورٽ وٽ بيٺو هوس ته علي احمد بروهي مليو. ڳالهيون ڪندي، مون علي احمد بروهيءَ کي چيو: ”ٻڌ ته بروهي، رات مون کي ڏند ۾ سور هو ۽ ننڊ نه پئي آئي. هاڻي سور لهي ويو آهي، ڪهڙي ثابتي آهي ته ڏند ۾ سور هيو يا نه؟“ هن کي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي ۽ موڪلائيندي چيائين: ”تون واقعي فلاسفر آهين!“

شيڪسپيئر جي دؤر ۾ پليگ (مهامريءَ) لنڊن ۾ ڏهون حصو ماڻهو ماري ڇڏيا هئا، پر وري زندگي ساڳئي نموني روان دوان ٿي وئي هئي. ٿيئٽر کلي ويا هئا ۽ اداڪارن وري جماعتون ٺاهيون هيون ۽ شيڪسپيئر وري به ناٽڪ لکڻ لڳو هو. ماضي هڪ خوابِ پريشان وانگر ٿي لڳو، جيئن مون کي پاڪستان جي آمريت وارو دؤر لڳندو آهي، جيڪو هڪ نظرياتي پليگ ۾ وچڙيل هو.

مون ڪٿي پڙهيو هو ته شيڪسپيئر جو سيڪنڊ ارل آف اسيڪس (Second Earl of Essex)  سرپرست هو ۽ هن شيڪسپيئر جي پيءُ کي ڪوٽ آف آرمس (Coat of Arms)  اعزازي طور ڏياريو هو. هو راڻيءَ جو لاڏلو هو، پر هن کي اقتدار جي هوس جلاد جي اڏيءَ تائين پهچايو. هن کان پوءِ هن شيڪسپيئر جي غم زده زندگي شروع ٿي. مئڪبيٿ جا هيٺيان لفظ هن جي روح جي تاريڪ ترين گوشي مان نڪتا آهن. جي مون کي پاڪستان جي هر آمر جي موت کان پوءِ ڏاڍو ياد آيا هئا.

ترجمو: (زندگي هڪ گهمندڙ ڦرندڙ پاڇو آهي ۽ هڪ بيڪار کيڏاري آهي، اهو پنهنجي مختصر عمر لاءِ سيٽجي ۽ پوسرجي رنگ منچ (اسٽيج) تي هلي ٿو. ۽ پوءِ وري ٻڌجڻ ۾ نه ٿو اچي. اها (زندگي) اهڙي ڪهاڻي آهي جا ڪنهن ڀوڪ ٻه ڀيرا ٻڌائي آهي ۽ جا لڙ ڪاوڙ سان ڀريل آهي. جنهن کي ڪا معنيٰ نه آهي.)

شيڪسپيئر کي انسان ذات تي رحم آيو هو ۽ هن اهي قوتون ڄاتيون ٿي جن سان هڪ ماڻهوءَ، هڪ حاڪم يا احمق کي مقابلو ڪرڻو ٿي پيو. اسان سڀني ۾ پنهنجي تباهيءَ جا جراثيم آهن، جيڪي وڌي وڃن ٿا، جنهن وقت به انهن لاءِ حالات سازگار ٿين ٿا. ان ڪري ئي شيڪسپيئر جا جيڪي الميا آهن، انهن ۾ هن جا ڪردار المناڪ انجام تي پهچن ٿا ۽ پنهنجي الميئي جي خلاف ائين ٽپا ڏئي ڦٿڪن ٿا، جيئن هڪ مڇي ڄار ۾ ڦاسي پوندي آهي، پر پوءِ به هن جي غم واندوهه جي د‍ؤر ۾ به اهڙا متوازن ڪردار ملن ٿا، جن کي دوستيءَ جو احساس ۽ موسيقيءَ لاءِ ڪن ـــ رس آهي ۽ جي زندگيءَ کي نعمت سمجهي ماڻن ٿا. ڪافي وقت پوءِ هن جي بي چين من ۾ چئن آيو ۽ آنڌي (The Tempest) جي تخليق ٿي، جنهن ۾ هڪ ڪردار پراسپيرو، مرڪي اطمينان سان چوي ٿو:

“We are such stuff as dreams are made on and Life is rounded with sleep.”

ترجمو: (اسان اهڙي شيءِ آهيون، جنهن تي سپنا اُڻيا وڃن ٿا ۽ زندگيءَ کي ننڊ چوڌاري ورائي ڇڏي ٿي.)

ڪيڏو نه عظيم هيو هي انسان، جنهن غالبا ڇٽيهه طربيه (Comedies) ۽ الميا (Tragedies)  ۽ ڪيترائي سانيٽ لکيا هئا! مان شيڪسپيئر تي لکڻ چاهيان ته هڪ پورو ڪتاب لکي سگهان ٿو، پر ان ڳالهه تي اڪتفا ٿو ڪيان ته هن جهڙا جينيس صدين ۾ هڪ ڀيرو پيدا ٿيندا آهن ۽ موت کان پوءِ هنن جي خوشبوءِ هر ڏسا ڦهلجي ويندي آهي. رڳو اڳين يو. ايس ايس. آر ۾ شيڪسپيئر جون 28 ٻولين ۾ پنج ملين ڪاپيون ڇاپيون ويون هيون. ملڪ ۾ هن جا ناٽڪ ٽي سؤ کان وڌيڪ ڀيرا اسٽيج تي آندا ويا هئا. مان هڪ ٿڌو ساهه ڀري ويسٽ منسٽر ائبي مان نڪران ٿو ۽ هدايت پريم کان پڇان ٿو: ”تو هري رام هري ڪرشنا مندر ڏٺو آهي؟“

هدايت چيو: ”اهو لنڊن ۾ آهي ڇا؟“

مون کي ياد آيو، اڳيئن ڀيري جڏهن 1976ع ۾ برٽش ڪائونسل جي دعوت تي مان لنڊن آيو هوس ۽ چيئرنگ ڪراس هوٽل پڪاڊليءَ جي سامهون رهندو هوس، ته گيتا ۽ راج مون کي هري رام هري ڪرشنا مندر وٺي هليا هئا، جو لنڊن کان اٽڪل ويهه ميل پري ٻهراڙيءَ، ۾ هو. چوڌاري ايترو سڪون هو جو دل پئي چاهيو ته ڀرسان ڪنهن ٻنيءَ ۾ ليٽي ٿڪ ڀڃان. مندر ۾ اندر وياسين ته ڪجهه انگريز مٿا ڪوڙائي برهمڻن جيان ڪارا ٿلها چوٽا ٻڌي ويٺا ها، جن ۾ پٺيان ڳنڍ ڏنل هئي، جيئن ڪارٽيج جي جنرل هني بال ۽ هن جي لشڪر کي ڏنل هوندي هئي. ٻه ٽي انگريز عورتون به ويٺيون هيون. هڪ ٺوڙهو انگريز ميران ٻائيءَ جا ڀڃن ڳائي رهيو هو.

”گهايل ڪي گيت گهايل جاني، اور نه جاني ڪوءِ.“

هونءَ ته ميران ٻائيءَ سان منهنجو عشق آهي، جيئن منهنجو پنجابي دوست ۽ پنجابيءَ ۾ منهنجو مترجم اديب احمد سليم، امرتا شيرگل، سک مصوره سان عشق ڪندو آهي، جنهن جي موت کان ويهه سال پوءِ هو ڄائو هو ۽ جنهن تي هن انگريزيءَ ۾ ڪتاب به لکيو آهي. سامهون شرڌالو انگريزياڻيون کڙتال ۽ چپڙيون وڄائي رهيون هيون، جن جي سرتار تي ڳائڻي انگريز جو چوٽو لڏي رهيو هو. مون کي اهو ماحول ڏسي، ميران ٻائيءَ جي اهڙي پياري گيت کان ئي ڪرڀ اچي وئي ۽ مون چپن ۾ جهونگاريو:

”پاگل ڪي گت پاگل خاني، اور نه جاني ڪوءِ.“

وري جو گيتا ڏنڊوت ڪيو ته مون کي سارو ماحول اجنبي لڳو ۽ دل چاهيو ته اتان ڀڄي وڃان. راج مون کي ٻڌايو ته گيتا اندر ۾ ٽٽي چڪي هئي ۽ ڪنهن ماهر نفسيات سان مشورو ڪندي هئي. اهو مندر سوامي پرڀو پاد ٺهرايو هو ۽ ان لاءِ ڪنهن لارڊ هن کي ويهارو ايڪڙ زمين مفت ۾ ڏني هئي. مون کي اهو معلوم ٿيو ته اها مشن پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي. نه ڄاڻان اتي منهنجو ردِعمل اهو ڇو هو! هونءَ ته مون ۾ نه ڪوئي تعصب آهي ۽ نه ڪنهن جي مذهبي اعتقاد لاءِ نفرت يا بغض آهي. منهنجو عقيدو ته علامه اقبال وارو آهي، جنهن کي هن هيٺئين شعر ۾ بيحد روانيءَ سان سمايو آهي:

”نه تو اندر حرم گنجي نه در بتخانه مي آئي،

وليڪن سوئي مشتاقان چه مشتاقانه مي آئي.“

ترجمو: (نه تون حرم ۾ ماپي ٿو سگهين ۽ نه بت خاني ۾

پر مشتاقن ڏانهن ڪيڏي نه مشتاقانه انداز سان اچين ٿو.)

اڳي ته منهنجي به اردوءَ جي مشهور شاعر مير تقي مير واري ڪيفيت هوندي هئي.

”مير کي دين و مذهب ڪو تم پوچهتي کيا هو اس ني تو،

قشقه کينچا دير مين بيڻها کب سي ترک اسلام ڪيا.“

پر جڏهن کان ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو ته ڪميونزم انساني فطرت سان راڱا ڪيا آهن، تڏهن کان مان هاڻ ساڳيو ماڻهو نه رهيو آهيان ۽ هاڻي جهڙو مذهبي نظريو منهنجو ساري عمر نه رهيو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com