هنن ٻنهي لغتن جي تدوين وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب هيٺين ڳالهين جو
خاص خيال رکيو:
(1) ٻنهي لغتن ۾ اهڙا عربي ۽ فارسي لفظ شامل نه
ڪيا ويا، جيڪي اصلي معنى ۽ صورت ۾ اردوءَ ۽ سنڌيءَ
۾ مروج هئا.
(2) اهڙا خاص اردو لفظ ۽ محاورا به شامل نه ڪيا
ويا، جيڪي عام گفتگوءَ ۾ ڪم نه ايندا آهن.
(3) لغتن جي جامعيت ۽ افاديت تي خاص ڌيان ڏنو
ويو.
(4) هنن لغتن جي تياريءَ وقت لفظن، اصطلاحن،
محاورن ۽ انهن جي معنائن لاءِ ”فرهنگ آصفيه“ ۽
”جامع لغات“ بنيادي لغتون قرار ڏنيون ويون،
(5) هنن لغتن جي تياريءَ ۾ جان. ٽي. پليٽس (
John. T. Platts) جي ”هندستاني- انگلش- اردو ڊڪشنريءَ“ مان به مدد ورتي وئي.
(6) ٻنهي لغتن جي ترتيب، سٽاءَ ۽ لفظن جي
سڃاڻپ، ”جامع سنڌي لغات“ وارن اصولن موجب مُرتب
ڪئي وئي.
هنن لغتن جي تياريءَ کان پوءِ پير حسام الدين راشديءَ انهن کي
ڏٺو ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان، اردو لفظن جي چونڊ ۽
صحيح صورتخطيءَ جو ذمو پنهنجي سِر تي کنيو. اهو ئي
ڪارڻ آهي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب، ڊاڪٽر غلام مصطفى
خان جو نالو مرتب طور پاڻ سان گڏ شامل ڪيو. هنن
لغتن جي صاف ڪاپين جي تياريءَ ۾ شيخ محمد اسماعيل
۽ پروفن پڙهڻ ۾ ممتاز مرزا، ڊاڪٽر صاحب سان تعاون
ڪيو؛ جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ان وقت جي وائيس
چانسلر ڊاڪٽر محمد رضي الدين، لغتن جي تڪميل ۾
سندس هر ممڪن مدد ڪئي.
هي ٻئي لغتون، سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويجهڙائيءَ ۽
لاڳاپن پيدا ڪرڻ ۾ ڪارگر ثابت ٿيون آهن، پر اڃا
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هنن لغتن کي وڌيڪ جامع
بنايو وڃي، ۽ اهو ڪم به منهنجيءَ نظر ۾، ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جهڙو عالم ئي پورو ڪري سگهي ٿو، ڪنهن
سڌڙئي ۽ سيکڙاٽ جي جاءِ نه آهي.
2- جواهر لغات اڪيچار سنڌي:
هن لغت جو مصنف، 19 صديءَ جو برک عالم آخوند عبدالرحيم ’وفا‘
عباسي هو، ۽ ان جي تياريءَ جو عرصو 1951-1845ع
وارو ڄاڻايو وڃي ٿو. هيءَ لغت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي
مرتب ڪيل نه آهي، پر ان جي اشاعت ۽ ان تي مختصر
مهاڳ لکڻ جو سَهرو ڊاڪٽر صاحب جي سِر تي آهي. هن
صاحب، هن ناياب لغت کي نه رڳو منظر عام تي آندو،
پر ان جي اهميت کان پڻ سنڌي پڙهندڙن کي واقف ڪيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب، مصنف جي علميت ۽ لغت نويسيءَ جي
ڄاڻ بابت لکي ٿو: ”هن لائق مصنف، خالص سنڌي اُچار
وارن اکرن جي صورتن کي سنوارڻ ۽ سنڌي الف- بي جي
شروع کان وٺي آخر تائين ترتيبوار سٽاءَ قائم ڪرڻ
وارو جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو، سو تاريخي لحاظ
سان وڏيءَ اهميت وارو آهي. سندس الف بي جي پٽيءَ ۽
ڊاڪٽر اَرنيسٽ ٽرمپ واري پٽيءَ کي ڀيٽڻ سان معلوم
ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر ٽرمپ جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو، سو
گهڻيءَ حد تائين آخودن عبدالرحيم کان ئي حاصل
ڪيو.“
ڊاڪٽر صاحب اهو به لکيو آهي:
”انهيءَ ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌي لغات جي تصنيف ۽ تاليف جي
تاريخ ۾ آخوند عبدالرحيم جي لکيل هيءَ ”جواهر لغات
سنڌي اڪيچار“ پهريون وڏو ڪارنامو آهي.“
هيءَ لغات، ڊاڪٽر بلوچ صاحب، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرمئن
هئڻ واري عرصي ۾، 1993ع ۾ ڇپائي پڌري ڪئي.
3 – هڪ جلدي سنڌي لغت:
سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۾ ”جامع سنڌي لغات“ هڪ وڏو ڪارنامو
هو، جيڪو ڊاڪٽر بلوچ صاحب سرانجام ڏنو. جڏهن 1991ع
۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو ۽
ڊاڪٽر صاحب هن اداري جو پهريون باني چيئرمئن بڻيو
ته هن سنڌي لغت بابت وڌيڪ تحقيق ۽ تاليف طرف ڌيان
ڏنو، ۽ هيٺين چئن قسمن جي لغتن تيار ڪرڻ جي رٿا هٿ
۾ کنيائين:
(1) جامع سنڌي لغات جي اختصار تي مشتمل هڪ جلدي
سنڌي لغت؛
(2) مفصل سنڌي - انگريزي لغت
(3) مفصل انگريزي – سنڌي لُغت
(4) اطلاعاتي صحافتي ڊڪشنري
ڊاڪٽر صاحب ”انگريزي- سنڌي لغت“ جي رٿا تيار ڪئي، ۽ ”هڪ جلدي
سنڌي لغت“ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ڊسمبر 1993ع تائين هن
لغت جا الف-ب جي پهرين يارهن اکرن جا لفظ ۽ اصطلاح
ترتيب ڏئي ڪمپوزنگ ۾ ڏنا ويا. فيبروري 1994ع ۾
ڊاڪٽر صاحب جئين ئي چيئرمئن شپ تان لٿو ته هن لغت
جو ڪم رُڪجي ويو. ڊاڪٽر صاحب طرفان اٿارٽيءَ جي
نئين چيئرمئن کي خط لکڻ کان پوءِ مختصر عملي جي
مقرري ٿي ۽ ڊاڪٽر صاحب 16 جولاءِ 1994ع کان لغت جي
ڪم ۾ ٻيهر هٿ ڳنڍيا، ۽ جون 1997ع ۾ ”هڪ جلدي سنڌي
لغت“ جي ڪم جي تڪميل ٿي.
هن لغت جي ترتيب ۽ تاليف ۾ ”جامع سنڌي لغات“ وارا ساڳيا بنياد
اڳيان رکيا ويا، البت گهٽ استعمال ٿيندر ڏکيا علمي
۽ ادبي لفظ، طبي ۽ فني اصطلاح، قبيلن، قومن ۽ شهرن
وغيره جا نالا ڪڍي، ان ۾ ”جامع سنڌي لغات“ جو
اختصار شامل ڪيو ويو. ڪي ٿورا نوان لفظ ۽ اصطلاح
پڻ هن هڪ جلدي لغت ۾شامل ڪيا ويا. ”جامع سنڌي
لغات“ 3088 صفحن ۽ 93000 لفطن ۽ اصطلاحن تي مشتمل
هئي، جڏهن ته هيءَ هڪ جلدي سنڌي لغت 729 صفحن ۽
27000 لفظن ۽ اصطلاحن تي آڌاريل آهي.
محترم حميد سنڌيءَ جي چيئرمئن شپ واري دؤر ۾ جڏهن آءٌ سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ سيڪريٽري ٿي آيس ته اداري جي
پبليڪيشن آفيسر محمد امين لغاريءَ مون کي هن لغت
جو فائيل ڏيکاريو ۽ ٻڌايو ته ثقافت ۽ سياحت کاتي
جي سيڪريٽري جناب عبدالحميد آخوند صاحب جي خواهش
آهي ته هيءَ لغت جلد کان جلد ڇپجي پڌري ٿئي. اها
منهنجي خوش نصيبي چئجي، جو منهنجي ۽ محترم امين
لغاريءَ جي تجويز تي محترم حميد صاحب هيءَ لغت
ڇپائڻ لاءِ راضي ٿيو. اداري ۾ لغت جو مسودو ڪمپوز
ٿيل تيار پيو هو، ان ڪر بنا دير لغت ڇپائيءَ لاءِ
ڏني وئي، پران وچ ۾ حميد سنڌي صاحب جي جاءِ تي
مشهور ماهر لسانيت پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي الانا
اٿارٽيءَ جو نئون چيئرمين مقرر ٿي آيو. الانا صاحب
جي چيئرمئن شپ واري دؤر جو هيءُ پهريون ڪارنامو
اهي، جو هيءَ لغت، آگسٽ 1998ع ۾ ڇپجي منظر عام تي
ائي. هن لغت م ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو مختصر پر جامع
مهاڳ به موجود آهي، ۽ مون هڪ ننڍڙي ماڻهوءَ، سندس
نقش قدم تي بانبڙا پائيندي، هن شاهڪار لغت ۾ ”سنڌي
زبان ۾ لغت نويسيءَ“ بابت پنهنجو هڪ مضمون پڻ شامل
ڪيو. آءٌ خوش نصيب آهيان، جو مون اٿارٽيءَ جي
سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾- ڊاڪٽر الانا جي دؤر ۾، هن
لغت ڇپائڻ جي سعادت حاصل ڪئي.
ڪجهه عرصي کان ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي مرتب ڪيل
’شاهه جي رسالي جي لغت‘
جو ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ۽ ان جو وڏو حصو ڪمپوز پڻ ٿي
چڪو آهي. جڏهن اها لغت منظر عام تي ايندي ته
يقيناً ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لغات نويسيءَ واري
پورهيي ۾ سندس اهو هڪ وڏيڪ قيمتي اضافو ۽ ڪارنامو
ڳڻيو ويندو.
آءٌ پنهنجو هيءُ مختصر مقالو، ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي خراج تحسين
پيش ڪندي، اشاعت هيٺ آڻائي، جيڪا خوشي محسوس ڪري
رهيو آهيان، ان جو اندازو لڳائي نه ٿو سگهجي. شال!
منهنجيءَ عقيدت جا هي روڙيل رنڊا، ڊاڪٽر صاحب جهڙي
عالم آڏو اگهامن!
مددي ڪتاب
(1)
جامع سنڌي لغات،
(5 جلد): مرتب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
(2)
سنڌي اردو لغت:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان.
(3)
اردو سنڌي لغت:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان.
(4)
جواهر لغات اڪيچار سنڌي:
آخوند عبدالرحيم عباسي
(5)
هڪ جلدي سنڌي لغت: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
(6)
ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مطالعو:
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
(7)
ٻولي، ادب، تعليم:
محمد ابراهيم جويو
(8)
مطالعو سنڌ جو:
پير حسام الدين شاهه راشدي
(9)
سنڌي جوت:
ايڊيٽر لڇمڻ ڪومل
(ڊاڪٽر مرليڌر جيتلي جو سنڌي لغت نويسيءَ بابت مضمون)
(10)
هوءَ جا ٽمڪي باهڙي: محمد ابراهيم جويو
محمد يوسف شيخ
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هڪ عظيم ماهر تعليم
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان مون کي پهرين ملاقات جو شرف 1965ع ۾
حاصل ٿيو، جڏهن آءٌ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ بي. اي آنرس
جو شاگرد هئس. سائين بلوچ صاحب ان وقت شعبهء تعليم
جو سربراهه هو. ايڏي ڊگهي عرصي دوران، اڄ کان هڪ
سال اڳ تائين به ڪڏهن منهنجي وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه
ايو ته مون کي ڊاڪٽر صاحب جي تعليمي ڏاهپ ۽
پيشورانه عظمت تي لکڻ جو شرف حاصل ٿيندو. البته
گذريل سال ڏيڍ کان جيئن جئين بلوچ صاحب سان صحبت ۽
قرب جا موقعا مليا ته سندس افڪار جي گهرائي ۽ شخصي
عظمت وڌيڪ واضح ٿيڻ لڳي، ۽ پوءِ اهو ارادو به پيدا
ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ جي تعليمي فڪر (
Educational Thought)
تي باقاعدي ڪم ٿيڻ گهرجي، ۽ جيڪڏهن اهواعزاز مون
کي حاصل ٿئي ته پنهنجا ڀاڳ ڀائيندس.
سوچ جي اهڙين ڌارائن ۾ جڏهن
”سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم“
پاران حڪم ٿيو ته
”ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: هڪ عظيم تعليمي ماهر“ جي عنوان سان هڪ مقالو لکان، ته سرهائي ته تمام گهڻي ٿي، مگر
مسئلو اهو پيدا ٿيو ته درياهه کي ڪوزي ۾ڪيئن
سموئجي. ان جي باوجود، محض حصول سعادت خاطر مختصر
معروضات قلمبند ڪرڻ جي جسارت ڪريان پيو.
پاڪستان ۾ اهو رواج ٿي پيو آهي ته هر پراڻي يا رٽائرد هيڊ ماستر
يا پرنسپال کي تعليمدان سڏيو پيو وڃي. مون کي
پنهنجي متعلق به ڪيترن ئي موقعن تي اهڙي مبالغي
آرائي ٻڌي اندر ئي اندر ۾ پشيمان ٿيڻو پيو آهي.
ڀلا اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته محض روزگار خاطر
ڪنهن به مخصوص پيشي ۾ 30 -25 سال گذارڻ سان ماڻهو
ان پيشي جو ماهر ليکيو وڃي.؟
علم جي ڪنهن به شاخ تي عبور ۽ بصيرت جو بنياد وسيع مطالعي، عميق
سوچ، طويل تجربي ۽ مسلسل مشاهدي سان گڏوگڏ متعلقه
علم جي شاخ ۾ ايندڙ توسيع ۽ تبديليءَ کان آگاهيءَ
تي هوندو آهي. انهن مڙني وصفن جي ميلاپ سان متصف
هئڻ وارو شخص لازماً متعلقه علم يا پيشي ۾ نه رڳو
پنهنجا مخصوص افڪار ۽ تصورات رکندو آهي، بلڪ هو ان
پوزيشن ۾ به هوندو آهي ته پنهنجي معاشري لاءِ
خصوصاً، وقتائتا، ٺوس ۽ قابل عمل نظريا پيش ڪندو
رهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلووچ اهڙو ئي هڪرو عالم ۽
داناءٌ آهي، جهن گذريل اڌ صديءَ کان تعليمي ميدان
۾ نه رڳو عملاً خدمتون پئي انجام ڏنيون آهن، بلڪ
نهايت قيمتي، اوريجنل، برمهل ۽ قابل عمل تصورات به
پيش ڪندو رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه هن نهايت
خاموشيءَ، يڪسوئيءَ، خلوص، حلم، انڪساريءَ ۽ مڪمل
شرح صدر سان پئي ڪيو آهي.
آءٌ بلا خوف ترديد چئي سگهان ٿو ته تعليمي تصورات جي موجوده ۽
مسلمه مفهوم جي روشنيءَ ۾ سنڌ حقيقي معنى ۾ جيڪي
عظيم تعليمي مفڪر پيدا ڪيا آهن، اهي صرف ٻه آهن:
علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ.
آءٌ ته اهو چوڻ ۾ به ڪا هبڪ محسوس نه ڪندس ته
تعليمي ميدان ۾ باقاعده (Formal)
۽ منظم (Organised)
انداز ۾ فڪر (Thought)
پيش ڪرڻ وارو واحد سنڌي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ آهي.
آءٌ اڳ ۾ عرض ڪري چڪو آهيان ته ڊاڪٽر صاحب جي تعليمي فڪر تي
تمام گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ايترو وڏو ڪم
آهي، جو جيڪڏهن ڪو چاهي ته ان تي
Ph.D
جي ڊگري به حاصل ڪري سگهي ٿو. في الحال هتي اسين
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تعليمي تصورات جو مختصر
۽ اجمالي جائزو پيش ڪريون ٿا. اسان جي هن جائزي جو
بنيادي ۽ مکيه ماخذ ڊاڪٽر صاحب جو اهو مقالو آهي،
جيڪو پاڻ اڄ کان 52 ورهيه اڳ ڪولمبيا يونيورسٽيءَ
مان
Ph.D
لاءِ تيار ڪيائون. مقالي (Thesis)
جو عنوان آهي:
Proposals for the Education of Teachers in
Pakistan
for the New National System of Education.
ساڍن ٽن سؤ کان وڌيڪ صفحن تي مشتمل اهو مقالو علم جو ڀنڊار آهي،
جيڪو جيترو جلد شايع ٿئي اوترو چڱو. ان مقالي ۾
تاريخي تناظر ۾ تعليمي تصورات جي شروعات، اوسر ۽
مختلف معاشرن ۽ دورن م انهن جي ترويج ۽ اطلاق جو
تقابلي مطالعو به آهي ته مختلف شعبن ۾ بيشمار
تجويزون به آهن. مقالي جو مکيه محور ته استاد آهي،
جيئن عنوان مان ظاهر آهي، پر ندرت سان ڀرپور جيڪي
تعليمي افڪار ڊاڪٽر صاحب پنهنجي مذڪوره مقالي ۾
پيش ڪيا آهن، اسان محض انهن جي مختصر ۽ اجمالي
جائزي تي ئي اڪتفا ڪئي آهي.
ڏٺو و ڃي ته ڊاڪٽر صاحب پهريون پاڪستاني آهي، جنهن ان موضوع تي
تحقيق ڪري هڪ اهڙو گران قدر ۽ مفصل مقالو پيش ڪيو
آهي، جيڪو انساني معاشري جي نهايت ئي اهم پهلوءَ،
يعني تعليمي نظام جي ٺوس بنيادن تي جوڙجڪ جو هڪ
نهايت ئي مدلل ۽ جامع خاڪو پيش ڪري ٿو، ۽ اهو اڄ
به اوترو ئي مؤثر ۽ قابل عمل آهي. ساڳئي وقت ان
مقالي جو محض سرسري مطالعو ئي ڊاڪٽر صاحب جي علمي
۽ فڪري حيثيت متعين ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.
نومبر 1947ع ڌاري ’قومي تعليمي ڪانفرنس‘ ڏانهن پنهنجي پيغام ۾،
پاڪستان جي باني، قائداعظم محمد علي جناح فرمايو
هو:
"There is no doubt that the future of our state
will and must depend upon the
type of education
we give to our children, and the way in which we
bring them up as future citizen of Pakistan."
ائين ٿو لڳي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قائداعظم جي مذڪوره
پيغام ۾
Type of Education جي تعين ڏانهن حوالي کي پنهنجي لاءِ ڄڻ ته هڪ
Assignment
ٿو سمجهي ۽ پوءِ ان جي جواب ۾ مرتب ڪيل تفصيلي
خاڪي جي تمهيد طور چوي ٿو:
"At the persent stage this much is certain: the
new
type of education in
Pakistan is to be national in conduct and
character and closely related to the needs of
the people of each province and of the nation as
a whole."
ڪمال آهي نبض شناسيءَ جو ۽ مجوزه نسخهء ڪيميا جي
اثر پذيريءَ متعلق اعتماد جو، ۽ انتها اهي معروضي
۽ حقيقت پسندانه سوچ جي. اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو
اڳ به ڊاڪٽر صاحب کي اها بصيرت حاصل هئي ته مختلف
صوبن ۽ علائقن جون ٻين شعبن سان گڏ تعليمي
تقاضائون به مختلف ٿي سگهن ٿيون؛ تنهنڪري، هڪ
نوزائيده ملڪ ۾ صرف اهڙيون ئي رٿائون ۽ پاليسيون
ڪامياب وينديون، جيڪي قومي سان گڏ صوبائي مقصدن ۽
مفادن پٽاندڙ هونديون ۽ اهي ئي قومي ايڪي ۽ اتحاد
کي هٿي ڏيئي سگهنديون.
ساڳئي قسم جو پڙاڏو اسان کي علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جي افڪار
۾ پڻ ملي ٿو. سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان آڪٽوبر 1955ع
۾ جاري ڪيل تعليمي مجله
The Sindh Unoversity Journal of education جي پهرئين شماري لاءِ ڏنل پيغام ۾ علامه صاحب فرمائي ٿو:
"Our education needs a redical change and an
entirely new orientation. Mere tinkering will
not help. Platitudes borrowed from others and
half-way means suggested by expediency, will
kill the last hope."
مذڪوره حوالي ۾جنهن انقلابي تبديليءَ (Radical
change)
ڏانهن علامه صاحب 1955ع ۾ اشارو ڏنو آهي، ان جو ڄڻ
ته ڊاڪٽر صاحب کي 1949ع ۾ ئي ادراڪ حاصل آهي.
فرمائي ٿو:
………Not every or any kind of education can solve
our problems. By consensus the present system of
education cannot.
اڳتي هلي پاڻ ئي ٻڌائي ٿو ته پاڪستان م گهربل تعليمي تبديلي آڻڻ
لاءِ جيڪا نئين سر جوڙجڪ ڪرڻي آهي، انجو مزاج ڪهڙو
هئڻ گهرجي. فرمائي ٿو:
A new educational re-organisation in
Pakistan must
harmonize the best from the past with the
present for the future progress of the country.
اها آهي اها نگاه دوربين، تاريخ جي گهري مطالعي مان پيدا ٿيل
بصيرت ۽ حال جي گُهرجن ۽ نت نين ڌارائن جو مشاهدو
ڪندڙ اک، جن جو حامل ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ماضيءَ
جي بهترين حاصلات کي حال سان هم آهنگ ڪرڻ وارو
نسخو تجويز ڪري ٿو؛ جنهن ۾ ملڪ جي ترقيءَ جو راز
سمايل آهي. اهو اهڙو نسخو آهي، جيڪو هر دور ۾، هر
ملڪ ۽ هر معاشري سان يڪسان لاڳو آهي ۽ ان جي
آفاقيت ۽ دائمي اثر پذيريءَ کان ڪو به صاحب فهم
انڪار نٿو ڪري سگهي.،
ڊاڪٽر صاحب جا زير بحث افڪار اڄ کان اڌ صدي اڳ قلمبند ٿيل آهن،
جڏهن ته سندس عمر اڃا جوانيءَ وارين حدن اندر هئي؛
پر مطالعي جي وسعت، فڪر جي گهرائي، علمي بصيرت ۽
مسلسل مشاهدي ۽ انهن جي منطقي ميلاپ سان اخذ ڪيل
نتيجن جي بنياد تي ڊاڪٽر صاحب اڄ کان پنجاهه سال
اڳ فرمايو هو:
"In the absence of educational advancement, our
hard-won freedom might succumb to internal
upheanals amoung the ignorant population."
تعليمي طور پٺتي پيل معاسري ۾ داخلي انتشار متعلق ڊاڪٽر صاحب جي
اڳڪٿي پاڪستاني معاشري تي سؤ سيڪڙو صادق آئي.
تعليم جي عطمت ۽ آفاقيت ۾ سندس اهو ويساهه ئي آهي،
جنهن جي بنياد تي هو تعليم کي بيڪ وقت قومي وجود ۽
بقا جي ضمانت، استحڪام جو ذريعو ۽ بيروني اڳراين
خلاف نهايت مضبوط ۽ مؤثر دفاعي هٿيار سڏي ٿو. هو
چوي ٿو:
"Education and enlightenment opinion are also
two only safeguards against any external
aggression. In national education is the only
sure and permanent guarantee of national defence
and national strength. In the present conditions
of conflicyt and confusion, no country can be
ignorant and be free and strong at the same
time"
مختصر پر جامع لفطن ۾ ڊاڪٽر صاحب
ڪيڏي نه آفاقي حقيقت کي سمويو اهي! مٿئين حوالي ۾
آخري جملو فڪري گهرائي، لفظن جي انتخاب ۽ ٻوليءَ
جي سونهن جو نهايت نادر نمونو آهي. يعني اهو
ناممڪن آهي ته ڪو ملڪ ۽ معاشرو جاهل هجي، پوءِ به
آزاد ۽ مستحڪم رهي سگهي! جهل ۽ آزادي ٻه متضاد
شيون آهن. فرد توڙي سوسائٽيءَ جي آزادي ۽ عزت نفس
جو گهڻو تڻو دارو مدار ان جي عملي برتريءَ تي آهي،
جنهن جي ذريعي معاشرو پنهنجي آزاديءَ جي بقا ۽
مزيد استحڪام جا وسيلا ڳولي لهي ٿو.
ڊاڪٽر بلوچ، تعليم جي انهيءَ فضيلت ۽ عظمت جو خصوصي طور پاڪستان
جي حوالي سان ڪيتري قدر قائل آهي، ان جو اندازو
سندس هنن لفظن مان چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو:
"It would be suicidal for
Pakistan
if the reconstruction of national education is
stopped, slowed or postponed in favour of any
other means of defence."
مٿئين حوالي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب پاڪستان جي دفاع ۽
بقا لاءِ قومي مزاج سان ٺهڪندڙ تعليمي نظام جي
نئين سر جوڙجڪ کي هر ٻئي ذريعي تي نه رڳو ترجيح
ڏئي ٿو، بلڪ ان نئين سر جوڙجڪ جي عمل جي التوا يا
محض سست رفتاريءَ کي به قومي خودڪشيءَ جي برابر
سمجهي ٿو- ۽ ٿيو به ائين! آزاديءَ جي حصول کان رڳو
25 ورهين جي اندر ئي اسين خودڪشيءَ جا مرتڪب
ٿياسون. پنهنجي ئي جيءَ جُسي جو اڌ وڃائي ولها
ٿياسون ۽ اڄ به نشانِ منزل کان بيخبر اونداهيءَ ۾
ٿاڦوڙا پيا هڻون.
قومي تعليم نظام جي نئين سر جوڙجڪ متعلق سوچيندي ڊاڪٽر بلوچ جتي
پنهنجي فڪر جو ناتو تاريخ سان جوڙي رکي ٿو، اتي
ويهين صديءَ ۾ اُسرندڙ انهن ٻن نظامن تي به سندس
گهري نگاهه آهي؛ جن ۾ هڪڙي فرد جي ترقي ۽ فلاح کي
ئي سڀ ڪجهه سمجهي افراد کي مسابقت جي آکاڙي جي
حوالي ڪري ٿو ۽ ٻيو وري ماڳهين فرد جي ذات جي نفي
ڪري، هن کي معاشرتي مشين جو محض هڪ پرزو قرار ڏئي
ٿو. پر انهن ٻنهي نظامن جي مقابلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ کي
پنهنجي ملي مزاج جي پوري پروڙ آهي. هن کي پنهنجي
قوم جي اجزاءِ ترڪيبي، معاشرتي جوڙجڪ ۽ فلسفہء
حيات جو شعور اتم درجي حاصل آهي؛ ان ڪري هو هڪ
مسلم معاشري ۾ فرد ۽ معاشر جي باهمي تعلق ۾ نه رڳو
توازن جو قائل آهي، بلڪ فرد ۽ معاشري کي هڪ بئي جو
معاون ۽ مددگار قرار ڏيندي، ان ڳالهه تي اصرار ڪري
ٿو ته قومي تعليم جو اغراض و مقاصد جي فرد توڙي
معاشري جي ترقيءَ سان سنئين سڌي نسبت هئڻ گهرجي.
فرمائي ٿو:
"According to our social philosophy, individual
and community (or society) are complementary to
each other. Therefore the aims and objectives of
our national education must be directly related
to the development of the individual as a member
of the society."
معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ آڏو تعليم جو فرد جي همہ جهت اوسر سان
قريبي لاڳاپو هئڻ لازمي آهي. پر فرد اهو جيڪو پاڻ
کي سوسائٽيءَ جو رڪن ٿو سمجهي ۽ معاشري ڏانهن پاڻ
کي ذميوار ٿو ڀانئي. معاشري کان ٻاهر يا معاشري
کان بي نياز فرد پنهنجي اوسر لاءِ جيڪي راهون
متعين ڪري، ان جو ذمو رياست يا حڪومت تي نٿو رکي
سگهجي.
فرد جي علمي ۽ فڪري اوسر، سندس بامقصد شخصيت سازي ۽ معاشري سان
مشروط سندس ترقيءَ کي انتهائي اهميت ڏيندي، ڊاڪٽر
بلوچ قومي تعليم جي اغراض و مقاصد ۾ پڻ فرد کي ئي
محور بڻائي ٿو. سندس فڪر مطابق:
Objectives fo national education are broadly
two- fold:
(i)
to help the individual appreciate and develop those
values, attitudes and ideas which are cherished
by the society, and
(ii)
to equip him with such skills and understanding and
knowledge which will be useful to him in solving
his problems and meeting his needs in the
society.
وسيع تناظر ۾ تجويز ڪيل مٿي ڄاڻايل تعليم جي ٻن مقصدن تي ويچار
سان ڊاڪٽر صاحب جو ڏنل قومي تعليم جو تصور نهايت
واضح ٿيو وڃي؛ جنهن جي اطلاق ۽ ترويج سان فرد نه
رڳو معاشري جي مسلمه قدرن جو حامل ٿيو پوي، بلڪ
انهن کي هٿي وٺائڻ ۾ به پنهنجو گهربل ڪردار ادا
ڪري ٿو. ساڳئي وقت اها ئي تعليم فرد کي اهڙي ڄاڻ،
فهم ۽ مهارت سان آراستہ ڪري ٿي، جيڪي معاشري ۾
رهندي سندس گهرجن جو پورائو ڪن ۽ سندس مسئلن جو حل
پيش ڪن.
مذڪور اغراض و مقاصد جي حامل تعليمي نظام جي پيڙهه جا پٿر ڪهڙا
هوندا؟ اهو آهي اهو اهم سوال، جيڪو ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ کي خود ساختہ ترقي پسندن ۽ نام نهاد
Humanism
جي پرچار ڪن کان مميز ۽ ممتاز
ڪري ٿو. ان سوال جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر هڪ سچي مؤمن
۽ قرآن ۽ سنت جو حقيقي فهم رکندڙ عالم جي حيثيت ۾
اسان جي آڏو اچي ٿو ۽ اهو محض اتفاق ڪونهي، بلڪ
منطقي نتيجو آهي ان فهم جو، ان ويساهه جو ۽ صالح ۽
آفاقي سوچ جو. تعليمي تصويرات جي حوالي سان ڊاڪٽر
نبي بخش خان بلوچ دنيا جي آڏو جيڪا پنهنجي تازه
ترين ڪاوش رکي آهي، ان جو عنوان ئي آهي:
"Education based on Islamic Values: Imperative
and Implications. (Published by Pakistan Study
Centre Sindh University."
ڊاڪٽر آر. اي. شاهه جي فڪري بلوغت متعلق آءٌ ڪيترا
به تحفظات رکندو هجان، پر مذڪور ڪتاب متعلق سندس
ان راءِ سان اتفاق ڪرڻ کان سواءِ نٿو رهي سگهجي
ته:
"It is for the frist time that the proposition
of education based on Islamic Values is thrown
into bold relief in the analysis presented in
this work."
ڊاڪٽر صاحب جو اهو ڪتاب، جنهن جي آخري پروف ريڊنگ
جو مون کي شرف حاصل آهي، ڊاڪٽر صاحب جي پنجاهه
ساله تعليمي فڪر جو تسلسل آهي، جنهن ۾
Islamization of Education
جي تصور جي حقيقي صورتگري ڪندي، اهڙي تعليمي نظام
جي نئين سر جوڙجڪ متعلق بحث ڪيو ۽ تجويزون ڏنيون
ويون آهن، جيڪو مطابق رکندو هجي قومي مقصدن ۽
مفادن سان ۽ حامل هجي اسلامي قدرن جو.
اسان ڳالهه پئي ڪئي انهن بنيادن جي، جن کي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي
مجوزه تعليمي نظام جي عمارت جي اڏاوت لاءِ لازمي
قرار ڏئي ٿو. سندس خيال مطابق اهي بنياد ٻن قسمن
جا آهن: هڪڙا تاريخي بنياد ۽ ٻيا انساني ۽ اخلاقي
بنياد.
تاريخي بنياد مان مراد ڊاڪٽر صاحب جي نزديڪ ماضيءَ کان اها
آگاهي، جيڪا اسان کي پنهنجن قدرن ۾ پختو ويساهه
عطا ڪري.
انساني ۽ اخلاقي بنيادن جو تعلق زندگيءَ جي انهن تصورن سان آهي،
جن جو بنياد توحيد تي اهي ۽ پوءِ ان بنيادي تصور
سان هم آهنگ جيڪو به فعل يا عمل هوندو، اهو هر
فرد، هر معاشري ۽ بني نوع انسان لاءِ مفيد هوندو.
انهن بنيادن تي تعمير ٿيندر قومي تعليمي نظام ۾
روحاني ۽ مادي (دنياوي) قدرن ۾ هم آهنگي لازمي
آهي.
علم ۽ حلم جي وچ ۾ رڳو پهرئين اکر جو فرق آهي، پر
علم جهڙي اڻکٽ قوت ۽ اٿاهه سمنڊ جي ڇولين کي زر
خيزي ۽ سيرابيءَ جو ذريعو بنائڻ لاءِ حلم جهڙي وصف
جو هجڻ لازمي آهي، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي علم سان گڏ
حلم جو مجسمو ڏسڻو هجي ته هو ڊاڪٽر نبي بخش خان
بلوچ کي ڏسي، جنهن پنهنجي شعوري عمر جا ستر سال
علم جي تحصيل، ترويج ۽ تقسيم ۾ صرف ڪيا آهن. ان ۾
ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو، جيڪڏهن ائين چئجي ته ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ، پاڪستان جي تعليمي نشاةِ ثانيه جي
بانين مان هڪ آهي، جڏهن ته کيس پاڪستان جي
يونيورسٽين ۾ شعبهء تعليم جي قيام جو باني هئڻ جو
شرف پڻ حاصل آهي |