ڊاڪٽر بلوچ صاحب، پنهنجي هن ڪتاب ۾جيڪا ٻولي ڪم
آندي آهي، اها ڪنهن به صورت ۾ شاهڪار کان گهٽ
ڪانهي. سندس انداز ۽ اسلوب ته ملاحظه فرمايو:
”هڪ طرف جا حافظ جيڪڏهن علم جا درياءَ وهائي ڇڏيا ته ٻئي طرف
سندس وقت ۾ احمقن به پنهنجي علم ۽ عقل جي ڏيوالي
جا پڙها پئي ڏنا. ائين پئي ڀانيائيون ته علم ۽ عقل
کين ئي ورثي ۾ مليو، باقي ٻين کي ڪا خبر ڪانهي
هئي. سندن ڄاڻ ٿوري ۽ دعوى وڏي هئي، اونداهيءَ کي
روشني پئي سڏيائون ته ڏينهن کي رات ٿي
ڪوٺيائون“.(ص142)
طنز و مزاح:
اهي ماڻهو جيڪي ڄاڻن ٿا ته تاريخ ۾ سندن قوم سان مذاقون ٿيون
آهن يا دؤر جون حالتون هنن جي ماروئڙن سان مذاقون
ڪن ٿيون ته اهڙن ماڻهن سندن قلم کي رت روئڻ کان
سواءِ ٻيو ڇا ايندو؟ پر جڏهن ڏسندا ته سندن پنهنجا
پنهنجن سان مذاقون ڪري رهيا آهن؛ ڌرتيءَ وارا
ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ ڌرتيءَ کي ڌر تتي بڻائي رهيا
آهن؛ تڏهن هنن هٿان جيڪي ڏکن جا ڏونگر ڪرن ٿا،
انهيءَ بار کي هلڪي ڪرڻ لاءِ هو طنز و مزاح جو
سهارو وٺن ٿا.
ڊاڪٽر بلوچ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڏکن جي
ماضيءَ ۽ حال کان باخبر آهي، ڇو ته هو محقق آهي ۽
هر محقق کي اهي سور ۽ انهن سورن جا مذڪور مقدر ۾
لکيل هوندا آهن. پر ڊاڪٽر صاحب کي پنهنجي دؤر جي
جن نهام نهاد عالمن، نقادن ۽ ساڃهه وندن سان واسطو
پيو آهي، هو انهن جي علمي حيثيت ۽ فڪري بيهڪ کان
ڀليءَ ڀت باخبر آهي. اها ساڃهه کيس هن جي دؤر جي
طنز و مزاح جي بادشاهن ۾ شامل ڪري ٿي.
ڏسو ته اڄوڪي دؤر جي اوندهه وندن ۽ عالم جي ابتڙ هلندڙن لاءِ
ڊاڪٽر بلوچ صاحب طنز و مزاح کان ڪيئن ٿو ڪم وٺي!
”اسان واندڪائيءَ ۾ وٽس ويندا آهيون ۽ وندر خاطر سندس ٻول ٻڌندا اهيون. پاڻ
به اسان سان انهيءَ ڪري ٺهندو آهي، جو رڳو پاڻ
ڳالهائيندو آهي ۽ اسين چپ ڪري ويهي سڻندا آهيون.
اسان ماٺ تي ان ڪري مجبور هوندا آهيون، جو سندس
آڏو ڳالهائڻ جي ڳلي ڪانهي. هو به اسان کي پنهنجي
قدردانن ۾ تڏهن ڳڻي ٿو، جڏهن اسين رڳو کيس ٻڌون ئي
ٻڌون، پر ڪڇون ڪين.“
(ص 145-144)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضون
”گول لاٽون، چورس چُڳهه“ منهنجيءَ نظر ۾ انهيءَ ڪري هڪ ادبي ۽ قلمي شاهڪار آهي،
جو هن کان اڳ ڊڪٽر بلوچ صاحب داخليت جي اثر وارا
ذاتي مضمون لکيا ئي ڪونه آهن. ان ڪري، هن ڪتاب ۾
سنڌ، سنڌي ٻولي، علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت کان سواءِ
خود محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به موجود آهي.
”گول لاٽون، چورس چڳهه“ مضمون، ڊاڪٽر صاحب جي اندر
واري انسان، ماٺيڻي سڀاءَ ۽ وڙائتي نقاد وارن روين
کي سمجهڻ ۾ آساني پيدا ڪري ٿو. جڏهن به ڊاڪٽر نبي
بخش بلوچ جي شخصيت ۽ سندس لکڻين جي حوالي سان
نفسياتي جائزي وٺڻ وارو مطالعو ڪيو ويندو ته هن
مضمون کي ڪڏهن به نظر انداز ڪري نه سگهبو.
ڪتاب جي اهميت:
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڪتاب جي پهرئين جلد تي تبصرو ڪندي، مون اڳ ۾
ئي چيو ۽ لکيو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جا ڪيترا موضوع
تحقيقي ڪمن ۽ ڪتابن جا موضوع آهن. هي ڪتاب جهڙوڪ
تحقيقن جي دنيا ۾ نون موضوعن جي نشاندهي ڪري ٿو،
مثال طور ”سورهيه بادشاهه“ تي الڳ ڪتاب لکڻ جي
ضرورت آهي ۽ ”خلافت تحريڪ“ تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب
لکي سگهجن ٿا. اهڙيءَ ريت ”سنڌ جون رانديون“، ”سنڌ
جا عوامي فيلسوف“، ”سنڌ جون ڪاريگريون“،”وياسي
وينجهار“، ”سنڌ جون مايون“،”سنڌ جو اوڀڙ“ الڳ الڳ
ڪتابن جا موضوع آهن. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ
جي هن ڪتاب جي اها اهميت آهي ته هن ڪتاب ذريعي
تحقيقي ڪم لاءِ نت نوان موضوع متعارف ڪرايا ويا
آهن.
سنڌ جي علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت تي تحقيق ڪندڙن لاءِ هن ڪتاب کي
جيڪڏهن هڪ اهم ”هئنڊ بوڪ“ چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو؛
ڇو ته هيءُ ڪتاب ماخذن تلاش ڪرڻ جي ڏانءَ کان وٺي
مواد جي ترتيب ڏيڻ ۾ رهنمائي ڪي ٿو.
ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت ان ڪري به وڌي وڃي ٿي ته انهيءَ سان
”آتم ڪٿا“
جي صنف ۽ فن م نئين تجربي ڪرڻ ۽ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش
ڪئي وئي آهي. اسان وٽ سوانح نگاري، آتم ڪٿا ۽
يادگيرين بابت کوڙ سارا ڪتاب موجود آهن، پر هيءُ
ڪتاب انهن صنفن ۾ هڪ ”منفرد تجربي“ جي حيثيت رکي
ٿو.
منهنجي نظر ۾ ڪتاب جي اهميت ان ڪري به ٻيڻي ٽيڻي ٿي وڃي ٿي، جو
هيءُ ڪتاب خود ڊاڪٽر صاحب جي شخصيت، طبيعت ۽
نفسيات تي روشني وجهي ٿو. هن ڪتاب ۾ جتي ڊاڪٽر
صاحب واقعن، ڳالهين ۽ شخصيتن جو هڪ محقق ۽ غير
جانبدار ليکڪ جي حيثيت ۾ بيان ڪيو آهي، اتي شعوري
۽ لاشعوري طور پنهنجي شخصيت ۽ طبيعت تي به روشني
وجهندو ويو آهي.
ڏسو ته پنهنجي دؤر ۽ پاڻ تي ڪيئن روشني وجهي ٿو ۽ اسان کي گهڻو
ڪجهه حاصل ڪرڻ جو ڏانءُ ڪيئن ڏئي ٿو:
”پنهنجي وقت ۾ اسان ڏٺو ته هر اڌ پڙهئي پاڻ کي عقل جو وير ڪري پئي ڄاتو.
ڪنهن به ائين ڪونه ڀانيو ته ڪو آءٌ نه ٿو ڄاڻان ۽
بئي کان پُڇان، يا منهنجي ڄاڻ محدود آهي ۽ ڪنهن
ٻئي کان سکان! اسان پنهنجي ذاتي تجربي مان اهو
پِرايو ته پڇڻ کان سواءِ پروڙڻ مشڪل آهي؛ ان ڪري
اسان عالمن آڏو ته هميشه سَر جهاڪيو، پر ٻهراڙيءَ
جي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪندي پڻ محسوس ڪيو ته هو
جيتوڻيڪ اڻ پڙهيا آهن، ته به اڻڄاڻ ناهن ۽ غريب
آهن گڻ وارا آهن. اسان چاهيو ته کانئن سکون ۽
پرايون، پر اها سَکڻي سَڌ تڏهن پوري ٿي، جڏهن اسان
جي مَن مڃيو ته جيڪي هو ڄاڻن ٿا، سو اسين نه ٿا
ڄاڻون “ (ص 142)
منهنجو ڪم:
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ جلد پهرئين“ جو
تنقيدي مطالعو ڪندي، جيڪو مختصر مقالو لکيم، ان ۾
علمي، ادبي، تحقيقي ۽ اشاعتي دنيا سان لاڳاپيل
ماروئڙن سان به صلاحون ۽ شڪايتون ڪيم. پهرين
شڪايت سنڌ ۾ عالمن جي بيقدريءَ بابت هئي ۽ مون
مثال ڏنو هو ته آمريڪاجي سابق صدر ڪلنٽن جي گهر
ڌياڻيءَ کي اتان جي پبلشرن ڪروڙين روپيا آڇيا ته
جيئن هوءَ وائيٽ هائوس، پنهنجي ور، گهر ۽ پاڻ بابت
يادگيريون لکي ڏئي. اها مائي ته نه آهي عالمياڻي،
نه وري مُلياڻي! نه ڪو هن جي وڏن ڪتاب لکيا ۽ نه
وري ڪو ڀُل ۾مقالو ۽ مضمون لکيو. پوءِ به سندس
يادگيرين جي قدرداني ڪندي، کيس لکڻ تي آماده ڪيو
ويو ۽ ان لاءِ هن کي ڪروڙين روپيا آڇيا ويا. ان جي
برعڪس سنڌ ۾ جن اڌ صدي لکيو، پڙهيو ۽ پنهنجي وقت
توڙي صحت جي قرباني ڏني، تن کي علمي، ادبي ۽
اشاعتي ادارا اهڙي ته آڇ نه ٿا ڏين، پر ڪنهن
معاوضي تي سندس قلمي مسودا به ڪونه ٿا ڇپرائين!
مون صلاح ڏني هئي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي
ذهن، زبان ۽ سيني ۾ سنڌ جي تاريخ، علم، ادب ۽
ثقافت جا خزانا لڪل آهن، اهو اسان جي مفاد ۾ آهي
ته سندس جاکوڙ، جستجوءَ، محنت، مواد ۽ معلومات کي
اسان هٿ ڪري ڪتابن جي صورت ۾ ڇپرائي محفوظ ڪريون.
پر ائين ڪونه ٿيو ۽ شايد ائين ڪونه ٿيندو. اسان
پنهنجن آدرشن جي قدرداني ڪونه ڪنداسين. هنن کي
سندن شان، مان ۽ محنت جيترو معاوضو ڪونه ڏينداسين.
پوءِ به هو پاڻ قدرداني ۽ همت افزائي ڪندا. اهو ئي
سبب آهي جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هي ڪتاب،
پبلشر فيروز احمد جي ادبي خدمت جي قدردانيءَ طور،
مصنف کي معاوضي نه ڏيڻ واري ڇوٽ پٽاندر شايع ٿيو
آهي! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ انهيءَ حوالي سان به
اسان کان گوءِ کڻي ويو ته هن جهڙوڪ چانهن به
پياري، ماني به کارائي ۽ ڀر ۾ ويهاري سيني ۾
سانڍيل راز به ٻڌايا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
هونئن به هن دؤر جو اسان ۾ وڏي کان وڏو محقق ۽
عالم ته آهي ئي آهي، پر مفت ۾ ماڻهن کي مشورا ڏئي
پنهنجي وڏ ماڻهپائپ جو ثبوت به ڏنو اٿس.
پهرئين تنقيدي مضمون ۾ مون ٻي صلاح ڏني هئي ته ڊاڪٽر بلوچ
پنهنجي يادگيرين وارن ڪتابن ۾ انتهائي مصروف هجڻ ۽
ٻين سببن ڪري ڪوزي ۾ درياهه بند ڪندو ٿو وڃي، ان
ڪري سندس اهڙي قلمي ڪاوش کي جامع ۽ مڪمل بنائڻ
لاءِ انڊيڪس، حاشيون، وضاحتي نوٽ، سوانحي خاڪا ۽
ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون اچي نه ٿيون سگهن. ان ڪري
ٿيڻ هيئن گهرجي ته ڪو محقق يا ڪو قلم ڌڻي ڊاڪٽر
صاحب جي مسودن تي سندس نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري ته جيئن
ڪتاب ڇپجڻ وقت اهي رهيل خزانا به عوام اڳيان اچي
سگهن. پر جڏهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي يادگيرين تي
مشتمل هي ٻيو ڪتاب اڳيان آيو ته مون پنهنجي آس
اڌوري ڏٺي؛ ان ڪري فيصلو ڪيم ته تعارفي ۽ تنقيدي
مطالعي ڪرڻ وقت، آءٌ ئي گهٽ ۾ گهٽ انڊيڪس وارو ڪم
مڪمل ڪري ڇڏيان. هن مضمون ذريعي آءٌ پنهنجي اها
خواهش پوري ڪري رهيو آهيان ته هن مقالي ۾ ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي ڪتاب جي ٻئي جلد جي انڊيڪس به ڏئي
رهيو آهيان.
اسان جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي دنيا ۾ ڪتابن جو ته مناسب اضافو
ٿيندو رهي ٿو، پر انهن ۾ انڊيڪس، وضاحتن ۽ حاشين
وغيره ڏيڻ جو رواج ڪونهي، جنهن ڪري اسان جو نه ته
تحقيقي ذهن ۽ ذوق ٺهيو آهي ۽ نه وري تحقيقي طريقن،
ذريعن ۽ وسيلن جي واڌ ٿي آهي. جڏهن ته ڪتابن ۾ ڏنل
اهڙي معلومات اڳتي هلي ”ريسرچ ٽُولس“ (Research
tools)
کي جنم ڏئي ٿي. انڊيڪس (Index)
ته هر قسم جي ڪتاب ۾ ڏئي سگهجي ٿي، پوءِ اهو
ڪهاڻين جو ڪتاب هجي يا شاعريءَ جو، مطلب ته تخليق،
ترجمي، تنقيد ۽ تحقيق جي هر ڪتاب ۾ انڊيڪس ڏئي
سگهجي ٿي. مثال طور هڪ ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻين جي
مجموعي کي ئي وٺو. ڪهاڻي/ افساني ۾ ڪردار آهن،
منظر نگاري آهي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه آهي. قبول ڪيوسين
ته ڪردار نقلي آهن. پر انهن ڪردارن جي انڊڪيس ڏيڻ
سان اسان کي کوڙ ساريون ڳالهيون ملي وينديون. مثال
طور ڪهڙوڪهاڻيڪار ڪهڙن نالن کي ڪردار طور ڪم آڻي
ٿو. هو پنهنجن ڪردارن ذيعي معاشري ۾ نوان ڪردار
ڏسڻ گهري ٿو يا موجوده ڪردارن کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي
ٿو؟ اهڙو ڪم ٿيل هجي ها ته هوند سنڌيءَ ۾ اسان ”
افساني جي انسائيڪلوپيڊيا“ مرتب ڪري
سگهون ها،
جنهن ۾ ڪردارن، ڪهاڻين جي عنوانن، افسانه نگارن ۽
افسانن جي نقادن بابت، افساني جي ڪتابن جي پبلشرن
۽ پرنٽرس تي هزار ڏيڍ صفحي جو مواد ڏئي سگهون ها.
اهڙيءَ ريت مون ”انڊيڪس“ کي مانوس ڪرائڻ لاءِ
مخدوم محمد امين ”فهيم“ جي شاعريءَ جي ڪتاب
”پيغام“ جي انڊيڪس ٺاهي، جيڪا انهيءَ ڪتاب ۾ ڏنل
آهي. جيڪڏهن شاعريءَ جي ڪتابن ۾ ائين انڊيڪس ڏني
وڃي ته ٻيو نه ته گهٽ ۾ ”قافيه-ڪوش“ جي نالي سان
اسان قافيي جي لغت مرتب ڪري سگهون ٿا. اهڙيءَ طرح
باقي ڪتابن ۾ ڏنل انڊيڪسن کي ڌيان ۾ رکي، اسان
جيڪڏهن مشاهيرن، ماڳن، مڪانن، ڍنڍن ڍورن، ادارن ۽
تنظيمن، اوڀڙ ۽ جيوت وغيره جي الڳ الڳ يا گڏيل
انڊيڪس شايع ڪرايون ته هوند نئين محقق کي مواد ۽
معلومات هٿ ڪرڻ ۾ آساني ٿي پئي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هن ڪتاب ۾ نئين اوڀڙ جي لڳ ڀڳ چار سؤ
اسمن؛ علم ادب ٻوليءَ ۽ تاريخ جي اڌ سؤ کن
داخلائن؛ قومن، ذاتين، ڪڙم قبيلن جي ٻه سؤ کن دخلا
ئن؛ پنج سؤ کن ماڳن مڪانن ۽ ايترن کان وڌيڪ
مشاهيرن جي نالن جو وچور ۽ تفصيل موجود آهي. ڊاڪٽر
بلوچ صاحب جي هن ڪتاب جي انڊيڪس تي جيڪڏهن تفصيلي
ڪم ڪجي ته هوند ٽن چئن سون صفحن جو ٻيو ڪتاب جڙي
پوي.
ڪيڏي نه ڏک جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
جهڙا ماهر ۽ استاد محقق موجود آهن ۽ اسان انهن مان
ڪم ته وٺي نه سگهيا آهيون، ليڪن کين ڪم ڪرڻ جو
موقعو فراهم ڪندي به، پنهنجي انا ۽ بخل کان ڪم وٺي
رهيا آهيون. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هن ڪتاب ۾
ڊاڪٽر صاحب اهو نه لکي ها ته:
”منهنجن مهربانن لوڪ ادب جو ڪم بند ڪيو ته متان وڌيڪ ڪتاب لکڻ جي ڪي منهنجو
مان مرتبو وڌي وڃي! افسوس جو لوڪ ادب سلسلي جي
تحقيق بند ڪري وڏو نقصان ڪيائون“ (ص 63)
ڊاڪٽر بلوچ جي مون پارن نقادن ۽ اڻ ڳڻين مداحن تي اهو فرض عائد
ٿئي ٿو ته حڪومت کان پرزور مطالبو ڪيو وڃي ته
ڊاڪٽر صاحب جي تاحيات ڪم ڪرڻ لاءِ موقعا، ذريعا ۽
وسيلا پيدا ڪيا وڃن ته جيئن هو هيڪاندو ٿي، قوم کي
گهڻو ڪجهه ڏئي سگهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو علمي، ادبي ۽ تحقيقي تجربو، منهنجيءَ
ڄمار کان به وڏو آهي، ان ڪري سندس قلمي پورهئي جي
ڪٿ ڪرڻ لاءِ منهجا ماپا ۽ پئمانا هر وجهه کان گهٽ
۽ ننڍا آهن؛ ان ڪري منهنجو هي تعارفيه ۽ تنقيدي
مضمون هڪ نماڻي ڀيٽا کان مٿي ڪونهي. جيئن ته ڏيهه
جو هي جڳ مشهور سپورنج ۽ سٻاجهڙو محقق اسان کان
عقيدتن ۽ محبتن کان علاوه به گهڻو لهڻي، ان ڪري
مون هن ڪتاب کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ مطالعي جي
آڌار تي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل:
(1)
اوڀڙ
(2)
علم ادب، تاريخ ۽ ثقافت
(3)
غير انساني جيوت
(4)
قومن، ذاتين، ڪڙمن قبيلن ۽ نُکن پاڙن
(5)
ماڳن مڪانن
(6)
۽ مشاهيرن
بابت انڊيڪس مرتب ڪئي آهي ته جيئن
منهنجي هيءَ نماڻي ڪوشش محققن لاءِ ڪي قدر لاڀائتي
ٿي سگهي.
(الف اوڀڙ:
آتانگر/ڏٿ (89)، آرهاڙي/ڏٿ(89)، آل/ڏٿ(89)،آمڻ/گاهه(73)، ابت
ڪنڊڙي/ٻوٽي(79)، اٽم/ٻوٽي(69)،اٽنگڻ/ٻوٽي(78)،اٺ
سوپاري/ڏٿ (90۽ 91)، اڇوڪ/ٻوٽي (82)، اڇي
آڏيري/ٻوٽي(81)، اڍائي پتي/ٻوٽي(76)،اڪ/ٻوٽو(37 ۽
64)، اڪ ڦلي/ڏٿ،(88)، اگهاڙو/ٻوٽو (79۽80)،
اڱڻ/ٻوٽي (69)، انب/وڻ (37۽ 56)، اوريو/ڏٿ(87)،
اوئن/ٻوٽي/ڏٿ/گاهه (58، 68، 70، 79 ۽ 83)،
ايريال/ٻوٽي(80)، بڇنانگ/ٻوٽي(78)، برانج/گاهه (67
۽ 72)، برما ٻوٽي/ٻوٽي(77،80 ۽ 81)، برما
ڏنڊي/ٻوٽي (77)، بکڙو/ول/گاهه/ٻوٽي (65، 67، 68،
73، 81 ۽ 82)، بن گوبي/ٻوٽي(80)، بواند/گاهه (73)،
بوڊا ٻوٽي/ٻوٽي(77)، ٻاجهر/فصل (157 کان 159)،
ٻانور/گاهه (72)، ٻائري/وڻ (64، 89 ۽ 80)، ٻٻر/ وڻ
(64)، ٻگرو/ڏٿ (88)، ٻر/ڏٿ (90 ۽ 91) ٻرانجهڙو/ڏٿ
(82)، ٻرو/گاهه (72)، ٻونگر/ڏٿ (87)، ٻورهاڙو/ٻوڙو
(65)، ٻوڙو/ٻوڙو (65 ۽ 73)، ٻوهه/ٻوٽو (64، 70،
75، 82 ۽ 87)، ٻٻر/ وڻ (162)، ٻيڪہ/ گاهه (68)،
ٻئونر/وڻ (64)، ڀٽ جو بصر/ٻوٽي (77)،
ڀڄٽي/گاهه(74)، ڀرٽ/گاهه/ٻوٽي (65 کان 67، 72، 80،
83 ۽ 157)، ڀرٽ جو ٻج/ڏٿ (87)، ڀڪڙو/گاهه (72 ۽
73)، ڀڳڙا ول/ول (65۽ 87)، ڀنگري/ٻوٽي/گاهه (68،
72، 73 ۽ 79)، ڀوئي/گاهه (74)، تتري پپري/ٻوٽي
(77)، تر/فصل(65)، تڳر/ٻوٽي (79)، تڳي/ٻوٽي (71)،
تمر/وڻ(84)، تهائي/ٻوٽي (71)، ٿم/گاهه (72)،
ٿمون/گاهه/ٻوڙو (65 ۽ 72)، ٿوڪ/ گاهه (72)،
ٿوهر/ٻوٽي (75)، ٿوهر ڦلي/ڏٿ (88)، ٽاڪر/ وڻ (64)،
ٽڪنڊي/ٻوٽي (81)، ٽرنگ/گاهه (72)، ٽوهه/ٻوٽي/گاهه
(65،72، 75، 81، 82۽ 175)، ٽوهه جو ٻج/ ڏٿ (86)،
ٽنگڙي/گاهه (65 ۽ 68)، ٽن وڻ/ ٻوٽي (71)،
پانهيرو/ڏٿ (88)، پٻڻ/فصل/گاهه (158)، پٽ بصر/ ڏٿ
(90)، پٽ ڪنوار /ٻوٽي (70، 77، 80، 82، 88)، پٽ
کنڀي/ ڏٿ (89)، پٽلهه/گاهه (68)، پپون/ڏٿ (70، 77،
72، 88 کان 90)، پنير/ٻوٽي (163)، پوتار/گاهه
(73)، پوتار جو ٻج/ ڏٿ (86)، پوئي جو بج/ڏٿ (86)،
پيرون/ڏٿ(72، 88، 89، 163)، جبل جو بصر/ٻوٽي (77)،
جنسا ٻوٽي/ٻوٽي (78)، جوڳيئڙو/ٻوٽي (77)،
جونکار/ٻوٽي (75)، جوئر/فصل (65، 158 ۽ 159)،
ڄار/وڻ (81)، ڄاڱرا ٻير /ڏٿ(89)، ڄاڱري ٻير/
وڻ(64)، ڄانڀو/ فصل (158)، ڄائور/ٻوٽي(71)، ڄم/ڏٿ
(90)، جهٽ/ وڻ (64)، جهنگ بصر/ٻوٽي (777)، جهنگ
ٽوهه/ٻوٽي (79)، جهنگلي توري/ٻوٽي (79)، جهنگلي
موري/ٻوٽي (79)، جهنگلي واڱڻ/ٻوٽي(79)،
جهيرڻي/گاهه (67)، چڀڙ/ڏٿ (88 ۽ 89)، چڳ/گاهه (65
۽ 72)، چندرس/ٻوٽي (77)، چندروڙ ڪاٺي/ٻوٽي (77)،
چندور/ٻوٽي (77)، چوپار/گاهه (73)، چوهاڪني/ٻوٽي
(76)، چيڻو ٻج /ڏٿ(87)، چيهو/ گاهه (74)، ڇار/
ٻوٽي (69)، ڇانهان /ڏٿ (89)، ڇڀڙو/ ول (65)،
ڇپري/ٻوٽي (65، 68، 70، 71 ۽ 80)، ڇلانڊرو/گاهه
(83)، ڌامڻي/گاهه (72)، ڌڪڙي/گاهه (68 ۽ 72)، ڌنار
کٿوري/گاهه (73، 79 ۽ 81)، ڌوڙ ڇپڙي/گاهه (73)،
ڌئونر ڦلي/ٻوٽي (73) ڏاڙهون /وڻ (163)، ڏنهين/گاهه
(66، 73 ۽ 83)، ڏونرا /ڏٿ(90)، ڏير/گاهه (83)،
ڊامڻ/گاهه (65، 73 ۽ 74)، ڊڀ/ گاهه (80)، ڊرڀ/
ٻوڙو (65 ۽ 83)، ڊراٻڙ/ ٻوٽي (70)، ڊاماهو/ٻوٽو
(65، 69، 73 ۽ 75)، ڊرمه /ٻوٽي (68)، ڊرنو/گاهه
(74)، ڊريٻڙ/ٻوٽي (68 ۽ 70)، ڊريٻڙ جو ٻج /ڏٿ(86)،
ڍال ڇپري/ٻوٽي (73)، ڍڪڻ/ول (65)، راٺ/ ٻوٽي (76 ۽
82)، رائنڪ/ڏٿ (90)، رتن جوت/ٻوٽي (75، 78 ۽ 81)،
روش گروهه/ ٻوٽي (75)، ريچاڪ/ٻوٽي (75)،
زارداڻي/ٻوٽي (69)، زامر/ٻوٽي (70 ۽ 74)، زخم حيات
/ ٻوٽي (69)، زهمر/ٻوٽي (70)، ساڏوهي/ٻوٽي
(81)سارنگ /ٻوٽو (67، 68 ۽ 73)، ساري / ٻوڙو
(65)، سالار / ٻوٽو (67)، سامونڊري/ گاهه (84)،
سانوڪ جو ٻج/ ڏٿ (87)، سانوڻي/ گاهه (65 ۽ 74)،
سانئين جو ٻج/ ڏٿ(87)، ساوڙي/گاهه (65)، سٽڪنڊي
/ٻوٽي(82)، سٽي/ول/ڏٿ (65، 67 ۽ 89) سج ول /ٻوٽي
(73 ۽ 75)، سڄاتو/ٻوٽي (73)، سر/ٻوڙ (65، 159،۽
160)، سرجن ٻوٽي/ٻوٽي(73)، سرهاڙو/ٻوڙو(65)،
سرهو/ٻوڙو (65)، سرهل/ گاهه(72)،
سرهڙو/گاهه(68)، سرهيه/ فصل (158)، سڪل پيرون/ ڏٿ
(91)، سڳا/گاهه(82)، سڱر/ڏٿ(88 کان 91)،
سنا/ٻوٽي (77)، سناوڙي/گاهه/ڏٿ (72، 88 ۽ 89)
سنپات/ٻوٽي(76 ۽ 71)، سنوانجڙو /ٻوٽي(77)، سنهار
/ٻوٽي(74)، سنهڙو/گاهه(69)، سون اڪري/ٻوٽي(73)،
سونا ٻوٽو /ٻوٽي (75)، سونهڻ /گاهه(83)،
سونيري/ٻوٽي(75)، سونهري /ٻوٽي(75)، سڻ
/ٻوٽي(64، 67، 71، 74،80 ۽ 82) سيوڻ/گاهه(73)،
سيڻ/گاهه/ٻوڙو(65 کان 67، 73، 74)، سيڻ جو ٻج /ڏٿ
(87) شهار /(74) صحت ڪندرو /ٻوٽي(77)، عرق شير
/ٻوٽي(69)،ڦاڳ ول /ٻوٽي((78)، ڦار /گاهه(68)، ڦٺيو
/ٻوٽي(75) ڦريهه/گاهه(67)، ڦڙهه /گاهه(67)، ڦڙهه
جو ٻج /ڏٿ(86)، ڦنگي /ڏٿ(89)،
ڦوڳ/ڏٿ/ٻوٽي/گاهه(64، 71، 73 ۽ 88)،
ڦوڳي/گاهه(72)، ڦونگيون/ڏٿ (89)، ڦير/گاهه(68 ۽
72)،ڪاڳر جزا /ٻوٽي69)، ڪارو ڀنگر /ٻوٽي (81)،
ڪارو پيڃالو /ٻوٽي(82)، ڪارينگ/ ڏٿ(89)،
ڪانڊيرو/ٻوٽو(65 ۽ 162)، ڪانڊيري/ ٻوٽو(65)،
ڪانڪہ/ وڻ(64)، ڪانهه/ٻوڙو(65 ۽ 79) ڪتو/گاهه(74)،
ڪتڻ/گاهه(65، 67 ۽ 73)، ڪپئي/ٻوٽي(74)، ڪرانجهه/
گاهه(65 ۽ 79)، ڪرٽيو جو ٻج/ ڏٿ (87)، ڪرڙ/ وڻ
(66، 81 ۽ 87)، ڪرمت /ٻوٽي(75) ڪرنگهه /گاهه(87)،
ڪرنگهه جو ٻج / ڏٿ (87)، ڪرهه/گاهه(68)، ڪڙائيو
/ٻوٽي (77)، ڪڙو /گاهه (72)، ڪڙو لاٺيو /ٻوٽي(69)،
ڪسر / ٻوڙو(159)، ڪڪوڙو /ٻوٽي(60، 68، 70 ۽ 77)،
ڪک منڌيئڙو / ڏٿ (90 ۽ 91)، ڪل/گاهه(68 ۽ 83)
ڪنڊلي/ٻوٽي (79)، ڪنڊي /ٻوٽي/ وڻ (71)، ڪنڊي جو
ٿر/ ڏٿ(89)، ڪنوار ٻوٽي /ٻوٽي (80)، ڪني ٻوٽي/
گاهه(73)،ڪوتڪ /ٻوٽي(69 ۽ 82)، ڪوٽينڀڙ/ ڏٿ(89)،
ڪوڏي/ٻوٽي(79)، ڪوڍير / ڏٿ (79، 89 ۽ 90)، ڪوراڙ
ول/ٻوٽي (78)، ڪورڙ / گاهه (74)، ڪوري /گاهه (65،
66، 73 ۽ 82)، ڪوري جو ٻج/ڏٿ (86)، ڪوڪڙ/ڏٿ (90 ۽
91)، ڪونڀٽ/ وڻ (64، 71، 80، 89 ۽ 91)، ڪونڀٽ جو
ٻج/ ڏٿ (86)، ڪهو/وڻ (64)، ڪئا ڪني/ ٻوٽي (76)،
ڪئا ڍال/ ٻوٽي (71، 81 ۽ 82)، ڪيسوڦل/ ٻوٽي (78)،
ڪيڙي گاهه /ٻوٽي (69)، ڪيوڙو/ميوو (56)،
کاٽونبو/ول (65)، کاوڙ/ڏٿ (89)، کٻڙ/ وڻ (64، 65۽
73)، کٽ کٽايون/ ڏٿ (90 ۽ 91)، کپ/وڻ/ٻوٽي (64 ۽
71)، کرسڻ/ٻوٽي/گاهه (65، 70، 73، 78 ۽ 82)،
کرو/گاهه (72)، کوائي/گاهه (83)، کهه/گاهه (65)،
کئونر/ ڏٿ (89)، کير/وڻ/ڏٿ (64 ۽ 91)، کير
کِپ/ٻوٽي (65، 70 ۽ 79)، کيرول/ٻوٽي (70، 79 ۽
80)، کيراول/گاهه (65 ۽ 68)، گاجيا/ٻوٽي (82)،
گاميش/ٻوٽي (70 ۽ 68)، گانگهٽيا/ ڏٿ (89)،
گاؤزبان/ٻوٽي (70)، گدري/گاهه(68)، گدڙول/ٻوٽي
(79)گرپنا/ڏٿ (90)، گگر/ٻوٽي (79)، گگر جون
گگليون/ٻوٽي (80)، گگريول/ول (65)، گگرال/ٻوٽي
(79) گڻ ول/ٻوٽي (76)، گڻگيڙي/ٻوٽي (76)، گوار/فصل
(65، 88، 157 ۽ 158)، گوساٽو/ٻوٽي (77)، گوش
موش/ٻوٽي (69 ۽ 70)، گوکرو/ٻوٽي (68، 78 ۽ 82)،
گوگهيٽا/ڏٿ (90) گولاڙو/ڏٿ (65، 89 ۽ 90)، گوڙ
گاهه/ٻوٽي (79)، گيگڙال/ول (65)، ڳاڱو/ڏٿ (88 کان
90)، ڳاڱي/وڻ (64)، ڳاڱيا ول/ ڏٿ (89)،
ڳرانجهه/ٻوٽي (70)، ڳرانجهڙو/ٻوٽي (70)،
ڳڙويل/ٻوٽي (76)، ڳمون/ڏٿ (90۽ 91)، ڳم جو بج/ ڏٿ
(87)، ڳمهول/ٻوٽي (82)، ڳنڍير/گاهه/ٻوٽي (65، 70،
78 ۽ 82)، ڳيراتڙي/ٻوٽي (69)، گهوڙا ول/ٻوٽي (65،
70، 78 ۽ 82)، لاٺيو/گاهه (65، 67، 72 ۽ 73) لاڙي
ڍنگر/ ڏٿ (90)، لاڻو/گاهه (64، 65، 73 ۽ 157)،
لاڻي/ وڻ(64) لاڻيءَ جو ٻج /ڏٿ (87)، لچڻ/گاهه
(83)، لڳسي جو ٻج/ڏٿ (87)، للر/ٻوٽي/گاهه (81، 82،
87 ۽ 157)، لنب/ گاهه (65، 72 کان 74)، لنب جو ٻج/
ڏٿ (86 ۽ 87)، لنبو/ٻوٽي (75)، لودرکيس/ٻوٽي (76)،
لورانڊو/گاهه (84)، لوڻڪ/ڏٿ (87)، لوهيڙو/وڻ (64،
159 ۽ 160)، لئانڊري/ گاهه (83)، ليار/ ڏٿ (89)،
ليزم ٻوٽي/ ٻوٽي (78)، ليڙا/گاهه (72)، ليمون/وڻ
(163)، ليهار/ڏٿ (90)، مال/ٻوٽي (74)،
مانڌاڻو/گاهه (65 ۽ 83)، مانڌاڻي جو ٻج/ڏٿ (87)،
مرٽ/ٻوڙو (65 ۽ 89)، مرٽ جو ٻج/ ڏٿ (86) مريڙو/ڏٿ
(80 ۽ 87)، موڙي سڱر/ڏٿ (90)، مزلي/ڏٿ (90)،
مکڻي/گاهه (67)، مکڻيءَ جو ٻج/ڏٿ (87)، مڱ/فصل
(157)، مڱ ريال/ ٻوٽي (82)، مليرو/ڏٿ (87)، ملير
ميندي/ٻوٽي (79)، منڍ/ ٻوٽي (71)، منڍري/ٻوٽي (72،
73، 75 ۽ 82)، منگها/ڏٿ (88)، موٿ /گاهه (73 ۽
74)، موٿارو/گاهه (74)، مور/ٻوٽي(70)، موراڙي/
ٻوٽي (80)، موسلي/ٻوٽي (79)، موش ڪني/ ٻوٽي (76)،
مونهه/ٻوڙو (65، 67 ۽ 72)، مرهه/ٻوٽي (70) ميٽي جو
ٻج/ڏٿ (87)، ميخ ڪلي/ٻوٽي (75)، ميک ول/ ٻوٽي
(75)، ميهو/ول/ڏٿ (65 ۽ 88)، نانگلي جو ٻج/ڏٿ
(87)، ناڙو/ول (65)، نداول/گاهه (72)، نڙو/ٻوٽي
(75)، نورول/ ٻوٽي (78)، واهو/ول (65)، وڏو کنڀ/
ڏٿ (89)، ول/گاهه (72)، ونجهل/ گاهه(65 ۽ 66)،
ويڪر/گاهه (72)، وينگو/وڻ (64)، وڻ ڦر/گاهه (68)،
وڻ ڳانيال/ٻوٽي (81)، وڻهه/ڏٿ (64 ۽ 78)، وهر/ٻوٽي
(75)، ويڪر/گاهه (65)، هاٿي سونڍي /ٻوٽي (76 هرڻ
کرڻ/ پوٽي (77)، هرڻ گاهه/ گاهه (73)، هزارداڻي/
ٻوٽي (70 کان 73، 75 ۽ 79)، هلڙو/گاهه/ٻوٽي (63،
70 ۽ 72)، هلڙي جو ٻج/ڏٿ (87)، هميرو/ٻوٽي (82)،
هنجهاول/ٻوٽي (76)، هنس پڳي/ٻوٽي (77).
(ب) علم ادب، ٻولي ۽ تاريخ:
”الانبياء في تاريخ الفاء“ (ڪتاب/10)،
الجماهر في معرفة الجواهر“ (ڪتاب/121 ۽ 135)،
الوحيد (اخبار/24 ۽ 27)، ”امن سڀا“ (تحريڪ/ 26 ۽
30)، انگريزي (ٻولي / 3، 11 ۽ 111)، بلوچستان
يونيورسٽي (ادارو/167)، بلوچي (ٻولي/167 ۽ 171)،
”بياض هاشمي“ (ڪتاب /9)، ”بيت“ (ڪتاب/ 44، 47 ۽
153)، ”بيت الحڪمت“ (ادارو/146)، ”تاريخ معصومي“
(ڪتاب/7)، ”تحقيق الخلافة“ (ڪتاب/24)، ”ترڪ
موالات“ (تحريڪ/29) ”تفسير ڪوثر“ (ڪتاب/32)،
”پاڪستان هسٽاريڪل سوسائٽي“ (ادارو/7)، ”جمع
الجوامع“ (ڪتاب/10)، ”جنگ ناما“ (ڪتاب/ 169)، ”جنگ
نامو“ (ڪتاب/196)، ”جميعت العلماء“ (پارٽي/27)،
”حر تحريڪ“ (تحريڪ/23 ۽ 33)، ”خلاصة البيان“
(ڪتاب/166)، ”خلافت ڪانفرنس“ (پارٽي/23، 24، 26،
30 ۽ 31)، ”خون حرمين“ (ڪتاب /30) ”رهاڻ، هيرن جي
کاڻ“ جلد 1، (ڪتاب/ 105)، سرائڪي (ٻولي/ 111، 147
۽ 167)، سنڌ يونيورسٽي (ادارو/113)، سنڌي ٻولي/3،
4، 32، 59، 60، 61، 69، 97، 106، 107، 112، 138 ۽
167)، ، سنڌي ادبي بورڊ (ادارو/123)، ”شاهه جو
رسالو“ (ڪتاب/ 61، 98، 99، 110، 112، 132، 133 ۽
137)، ”عام راءِ“ (رسالو/138)، عربي (ٻولي/ 6،
106، 107، 138، ۽ 142) غازي تحريڪ (تحريڪ/34)،
فارسي (ٻولي /106 ۽ 107)، ”فتح نامه“ (ڪتاب/7)،
”فرهنگ آصفيه“ (ڪتاب/4) ”قانون مسعودي“ (ڪتاب/7)،
”قطع تعلقات“ (تحريڪ /29)، ”ڪانگريس“ (پارٽي/30)،
”ڪتاب الحيوان“ (142)، ”ڪتاب الهند“ (ڪتاب/7)،
کاري جي مڇي“ (ڪتاب/83)، ، ”گيتا“ (ڪتاب/106 ۽
111)، ”مٺي جي مڇي“ (ڪتاب/83)، ”مثنوي روم“
(ڪتاب/105)، محمدن ڪانفرنس (ڪانفرنس/30)، مسجد
منزل گاهه تحريڪ (تحريڪ/34)، ”مشڪواة المصابيح“
(ڪتاب/116)، ”مقامات هريري“ (ڪتاب/ 138)، ”مقامات
همداني“ (ڪتاب/138)، “موطاء“ (ڪتاب/10)، “ميلڪ
ڪافور وارو قصو“ (ڪتاب/52)، ”نفائس اللغات“
(ڪتاب/4)، ”وٽوهڙ“ (ڪتاب/30)، هندي (ٻولي/3) ۽
”يادِجانان“ (ڪتاب/24) |