سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:ڊاڪٽر بلوچ: هڪ مثالي عالم

باب-

صفحو :2

ضياءُ الدين. ايس. بلبل                                        تاثر

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

لاڙڪاڻي ۾ ڏهين ”آل سنڌ ادبي ڪانفرنس“ جي موقعي تي اندر سڀا وانگر سينگاريل اسٽيج تي ڪيئي اداڪار ايندا رهيا ۽ پنهنجن نظمن، مقالن، تقريرن وغيره کان سامعين تي معنى جي گلن جي ورکا ڪندا رهيا. اهڙي فضا کان پيدا ٿيل منهنجي نيم خوابيده محو حيرت حالت ۾ اوچتو تغير پيدا ٿيو. ڇرڪ ڀري پوري هوش ۽ عقل سان اسٽيج طرف متوجهه ٿيڻو پيو. هڪ تيز رفتار، مسلسل، چٽي ۽ صحيح تلفظ واري آواز منهنجي ڌيان کي جهٽي، جهٽڪو ڏئي جهليو هو. ڏسان ڇا ٿو ته اسٽيج تي بنهه نيپولين بونا پاٽ واري پوز (طريقئه ادا)  سان هڪ نوجوان پنهنجو مقالو پيش ڪري رهيو آهي. هڪ هٿ ۾ مقالي وارا ڪاغذ، ٻيو هٿ پٺئين پاسي (نيپولين وانگر) ورايل، ڄنگهون اسٽيج جي ڪارزار تي ڪجهه ويڪريون ڪري کپايل هيون. مقالي واري ڊگهي عرصي ۾ رکي رکي ڪڏهن هڪڙي ڄنگهه کي اڳ ۾ ڪري ان تي اهل ڏيئي ٿي بيٺو. بس، سواءِ هن موزون ۽ يڪسان چرپر جي ٻي ڪا به دستوري ۽ رواجي جنبش جهڙوڪ مٿي کي ڌوڻڻ يا هٿن جا اشارا ڪرڻ يا ڪُلهن کي لوڏڻ، نظر نه آئي. نه وري آواز جي ڌار ۾ ڪمي پيشي يا ان جي الحان يا ترنم ۾ ڪو لاهه چاڙهه ٻڌو ويو. الفاظ وڏ ڦڙي مينهن وانگر تڙ تڙ ۽ تڪڙا ڪرندا رهيا، مگر هئا سڀ سنجيده، سلوڻا، مسلسل ۽ مڻيادار. ڀر ۾ ويٺل هڪ دوست منهنجي دلچسپيءَ کي ڏسي ٻڌايو: ” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ“. مقالي پيش ڪندڙ جي في الفور جائزي وٺي چڪڻ بعد ڌيان سندس بيش بها مقالي ڏانهن ڇڪجي ويو. سچ چيو اٿن ته ”چوندر کي نه ڏسجي، پر جيڪي چيو وڃي ٿو، تنهن کي ڏسجي“ ائين نه ڪجي ته پوءِ رڳو چوندڙ جي شخصيت ۾ پاڻ کي وڃائي ويهڻ جو خوف آهي. چڱو ٿيو جو منهنجو خيال به جيڪي هو چئي رهيو هو، ان ڏانهن ڊوڙي ويو. اهو هو سنڌي زبان بابت مشهور مقالو، جنهن سنڌي زبان جي اصل ۽ نسل واري پراڻي پر نه ختم ٿيندڙ بحث جي بحر ۾ جِنبَ اُڇلي. اهو مشهور مقالو ”تحفئه لاڙڪاڻي“ جي سونهن ۽ سينگار ٿيو آهي. اهو مقالو هن بحث ۾ اها اهميت ٿو رکي، جيڪا پرل هاربل آمريڪا جي سياسي زندگيءَ ۾ رکي ٿو يا ”ورهاست“ هند پاڪ جي تاريخ ۾ رکي ٿي. هي پهريون دفعو هو جو دليلن ۽ انگن اکرن سان هڪ محقق اها ڳالهه چٽي ڪري ٻڌائي ته سنڌي زبان پاڻ هڪ مڪمل ۽ پراڻي زبان آهي، جنهن تي ايراني، آريائي ۽ سامي ٻولين جا اثرات پيا، پر جنهن کي سنسڪر جي ڄائي چوڻ غلط آهي. هي پهريون دفعو هو جو هند ۽ سنڌ جي وچ ۾ جيڪو اصلي ۽ اونهو ثقافتي فرق ۽ امتياز آهي، تنهن کي چٽو پٽو ڪري بيڊپائيءَ ۽ بي ريائيءَ سان پيش ڪيو ويو. هي پهريون دفعو سنڌي تمدن کي سامي تمدن جهڙو مڃيو ويو ۽ نه آريائي تمدن جهڙو، جيئن سمجهڻ جو رواج هلندو پئي آيو.

حقيقت هن طرح ٿي نظر اچي ته هند ۽ سنڌ جي وچ م وڏي خليج حائل هئي ۽ سنڌ جو رخ وچ مشرق جي طرف هو ۽ اها عربستان ۽ بلوچستان جي وسيلي افريڪا سان ڳنڍيل هئي ۽ ٻئي طرف ايران ۽ ترڪي ۽ ڪوهه ڪاف جي ذريعي يورپ سان ڳنڍيل هئي. جن اڻ آرين، ڪاري رنگ ۽ نڪ بينن جي ماري مات ڪرڻ جي هام آرين هنئي آهي ۽ جن کي هو ڪيترا ڪڙا نالا ڏين ٿا جهڙوڪ راڪسس، دسيوس وغيره سي خود اهڙائي غاصب ٿا ڏسجن، جن سنڌي ”سٻاجهن“ تي اڄ ڇاپو هنيو ٿو ڀائنجي. سنڌي جن اچي ڪوئٽيا ماٿري واري تهذيب جو بنياد وڌو، تن بابت ڊاڪٽر موصوف صحيح فرمايو ته اهي الهندي کان آيل ٿا ڏسجن. اهو اشارو يقيني طرح سٿين قوم (Scythian) ڏانهن ٿي ڏٺو، جي ڪئسپين سمنڊ جي طرف کان آيا. بلوچستان ۾ دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي الف-بي هٿ ٿي آهي. سنڌي نسل ڪڻڪ رنگو ۽ چوب نڪ سان ڊگهن وارن وارو آهي. اهي گهوڙي سواريءَ جا شوقين هئا. وچ مشرق جي غارن ۾ جيڪي آڳاٽن انساني کوپرين جا نشان مليا آهن، تن کي نينڊرٿل انسان جا هڏا چيا وڃن ٿا، جي ڀرون جي مٿان وارو هڏو نرڙ کان وڌيڪ ٻاهر وڌيل رکن ٿا. پر تازو انهن سان گڏ ٻيون کوپڙيون هٿ آيون آهن، جن جي ڀرن وارن هڏن جي وچ ۾ خال آهي يعني انهيءَ هڏي جو اڀار اکين جي مٿان يڪسان نه آهي، پر وچ تي نڪ واري جاءِ تي غائب آهي. هنن کي وڌيڪ سڌريل نموني جي نينڊرٿل ماڻهوءَ جا هڏا چيا وڃن ٿا. منهنجي ناچيز راءِ ۾ اهي سنڌي نسل وارن جا هڏا ٿي سگهن ٿا. عجب جي ڳالهه آهي جو منهنجي علي ڳڙهه واري دوست ڊاڪٽر ايف. اي. خان تازو کوجنا ڪندي ڪوٽ ڏجيءَ جي تهذيب ۽ تمدن کوٽي ڪڍي آهي، جا سندس خيال موجب هڙاپا ۽ موئن جي دري کان به ست سؤ سال قديم آهي. ساڳيءَ طرح منڇر جي ڍنڍ وارن مهاڻن کي سنڌ جو قديم ترين باشندو تسليم ڪيو ويو آهي. اهي مهاڻا، موئن جو دڙو ۽ منوئن قوم پاڻ ۾ لڳ ڀڳ ٿا نظر اچن. منوئن ئي اها قوم آهي، جنهن اٽليءَ جي سامهون ڀونچ سمنڊ ۾ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن کي چمڪايو. انهن جو سنڌين سان ڪهڙو سنٻنڌ ٿو نظر اچي، سو مضمون جدا عرض رکيو ويندو. مطلب ته اسٽيج تان جيڪو مقالو پيش ٿي رهيو هو، سو نهايت محققانه، طبعزاد، نئون ۽ نرالو هو. هن مقالي موجود ٿيل ماڻهن ۾ هڪ قسم ڦڙڦوٽ وجهي ڇڏي.

ڊاڪٽر موصوف هن وقت 36، 37 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. سنجهوري تعلقي جي جعفر خان لغاريءَ جي ڳوٺ کي سندن توليد جو شرف حاصل ٿيو آهي. علي ڳڙهه، جي سنڌي پيدا ڪيا، انهن ۾ ڊاڪٽر موصوف پهرين صف وارن منجهان آهي. ايم. اي، ايل. ايل. بي پاس ڪيل، پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان وٺي آيو اهي ۽ هينئر سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد جي تعليم کاتي جو پروفيسر آهي. مٿس علي ڳڙهه ۾ علامه عبدالعزيز صاحب ميمڻ چيئرمين شعبه، عربيءَ جو گهرو ۽ گهاٽو اثر پيل ٿو ڏسجي، جنهن جو ڊاڪٽر موصوف شاگرد آهي.

سندس اڻٿڪ طبيعت سندس حليه شريف مان ظاهر آهي. سنڌي ٻوليءَ کي ۽ سنڌي تهذيب ۽ تمدن کي مالا مال ڪرڻ لاءِ جيترا جتن ۽ سفر هن باهمت نوجوان ڪيا هوندا، انهن جي اڌ جيترا به ٻئي ڪنهن مشڪل سان ڪيا هوندا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي لغت جي ڪم لاءِ هن جون ابتدائي ڪوششون وڏي ڀاڱي ڪامياب ٿيون ۽ هنن جاکوڙن سان سنڌي نڙ وڄائڻ وارا، ڳجهارتن ڏيڻ ۽ ڀڃڻ وارا، ناچ ۽ جهمر وارا، بينن وڄائڻ وار، سرندائي، شرنائيءَ وارا، شاعر، گويا، وغيره هن اڪيچار ڳولي لڌا آهن ۽ ريديو پاڪستان جي پروگرامن جي سونهن ۽ سينگار جو سرچشمو پيدا ڪري ورتو اٿس.

سندس مضمون ته تمام گهڻا آهن، باقي مون کي جيڪي ڪتاب سندس تصنيف ۽ تاليف جا معلوم آهن، جي تازو شايع ٿيا آهن ۽ معياري ڪتاب آهن: هڪڙو آهي ”ٻيلاين جا ٻول“ ۽ ٻيو آهي. ”ڪليات حمل فقير“ منهنجي ناچيز راءِ ۾ سندس بهترين پيشڪش آهن. اهو ولولو، جوش ۽ جذبو، صداقت ۽ کوجنا آهي، جا سنڌ جي سست طبع ۽ رندي قلندري شان ۾ هڪ نئون جذبو پيدا ڪري رهي آهي. هن جي اثر هيٺ هڪ ”سڄڻن جو ساٿ“ اهڙو سنبري چڪو آهي، جن جي هٿان سنڌي ثقافت، فنڪاري ۽ سگهڙائپ جو سر اوچو ٿي سگهندو. باوجود ان جي ڊاڪٽر بلوچ گهمنڊ ۽ وڏائيءَ کان بلڪل خالي آهي. ساڻس ڪو وِک ڀريندو ته وڏو احسان پيو ڀائيندو ۽ پاڻ ڪنهن سان ڀال ڀلائيندو ته ياد به نه ڪندو. هن لحاظ کان بونا پارٽ سان سندس مٿي ڏنل تشبيهه نه ٿي بيهي سگهي.

خدا همت ڏئي اسان جي اهڙن باهمت نوجوانن کي، جيڪي کوجنائن ۽ ڪوششن سان پنهنجي پياري وطن جي سر کي اوچو رکي سگهن.

اللٰهم زِد فَزِد!

(نئين زندگي، مئي 1958ع ۾ ڇپيل)

محمد عمر چنڊ

ڊاڪٽر بلوچ جي ڳولا ۾

1950ع واري ڏهاڪي جي اوائلي سالن ۾ جڏهن آءٌ سنڌي الف-ب پڙهي ڪتابن اٿلائڻ پٿلائڻ يا پڙهڻ پرجهڻ جهڙو ٿيس، تڏهن ڪيترائي نالا سنڌي ٻوليءَ جي عالمن جا پڙهڻ ۾ ۽ ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. پڙهندا هئاسين ته مرزا قليچ بيگ نالي ڪو ماڻهو هو، جنهن هر قسم جا ڪتاب لکيا ۽ واهه جا لکيا. پوءِ اهو به پڙهيوسين ته ڊاڪٽر گربخشاڻي نالي ڪو ماڻهو هو، جنهن شاهه جي رسالي کي گڏ ڪيو ۽ ان بابت وڏيون ڪي علم واريون ڳالهيون لکيون اٿن. پڙهندا هئاسون ته ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب نه رڳو ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سان شاهه جي رسالي تي ڪم ڪيو، پر شاهه عبدالڪريم جو رسالو، گرهوڙي صاحب جو رسالو ۽ لنواريءَ واري جو رسالو ڇپرايو آهي. اڳتي هلي جڏهن سُڌ ٻُڌ جهڙا ٿياسون ته ٻُڌو سون ته ان بزرگ نيٺ پنهنجي هڪ مختصر آتم ڪهاڻي لکي ڇپرائي آهي، جنهن ۾ ڏيکاريو اٿس ته ڪيئن غربت جي هيٺاهينءَ کان ٻاهر نڪري، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي محنت، ايمانداريءَ ۽ ذهانت سان مٿي پهتو. ان آتم ڪهاڻيءَ مان پڙهندڙن کي اهو ڏڍ مليو ٿي ته ڪو به ماڻهو پنهنجي صلاحيت سان اڀري سگهيو ٿي. چيائون ته ڪو عثمان علي انصاري آهي، جنهن سچل جو رسالو ڇاپرايو آهي. مخدوم محمد زمان طالب المولى صاحب اسان جو مرشد هو ۽ اسين اڃا ننڍا ئي هئاسين، جو ’ياد رفتگان‘ ’ڪشڪول‘ ۽ پوءِ ’ڪافي‘ عنوان وارا ڪتاب ڇپرايائون، جيڪي پوءِ اسان پڙهيا. ٻيا به گهڻيئي ڪي نالي وارا ماڻهو هئا، جن جا ڪتاب جڏهن سمجهه ڀريا ٿياسون ته آهستي آهستي پڙهياسون: جيئن ته غلام محمد شاهواڻي، ميران محمد شاهه، محمد ابراهيم شيخ، غلام محمد گرامي، سيوهڻ جا ٻه چنا صاحبان، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا. انهن مان ڪي اسان جي اک پٽڻ کان اڳ پنهنجو وارو وڄائي ويا هئا ۽ ٻيا اسان جي ننڍپڻ جي زماني ۾ ايڏي ته وڏي نالي وارا هئا، جو اسان جي ننڍڙن ذهنن کي به اهي علم جا ايڏا وڏا سمنڊ ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جن ڏانهن جيڪڏهن اک کڻي نهارجي ته هوند نظر کٽي پوي، پر نظارو نه کٽي.

علم جي انهيءَ پوئين زماني جي سمنڊن مان هڪڙي سمنڊ جو نالو آهي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جنهن جي لاءِ چيائون ٿي ته نه رڳو سنڌي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو آهي، پر تعليم جو به وڏو ماهر آهي. ٻڌوسون ته آهي به اسان جي تر جو، سنجهوري تعلقي جو، جهول جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ جو: پر جهول اسان جي نو آباد کان ان وقت ايترو پري لڳندو هو، جيترو اڄ نيوزيلينڊ پاڪستان کان پري لڳي ٿو. ان ڪري، اهڙو ڪو آسرو ڪونه هو ته بلوچ صاحب سان به ڪا ملاقات ٿيندي! پر اوڙي پاڙي ۾ جيڪي ڄاڻو ماڻهو هئا، سي چوندا هئا ته بلوچ صاحب نه رڳو شاهه جو ڄاڻو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي لغات (ڊڪشنري) پيو لکي، لوڪ ادب کي گڏ پيو ڪري، ۽ ٻيا الائي ڪهڙا ڪهڙا وڏا وڏا ڪم پيو ڪري. اهڙيون ڳالهيون ٻڌي عبرت مان اسان جو ته وات پٽجي ويندو هو. چوندا هئاسون ته اهو ڊاڪٽر بلوچ صاحب الائي ڪهڙو ماڻهو هوندو، جيڪو هوند الله ڏيکاري! پر گهڻي وقت تائين ڊاڪٽر صاحب کي ڏسڻ جو اهو شوق رڳو دل ئي دل ۾ رهيو، ملاقات نصيب ڪانه ٿي.

1957 يا 1958ع ۾ آءٌ ٽئين درجي انگريزي (اڄڪلهه جي ستين ڪلاس) ۾ هوس ته اخبار م هڪڙو اشتهار ڏٺم، جنهن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي ڪانفرنس لاءِ مضمون لکڻ ۽ پڙهڻ جي دعوت ڏني وئي هئي ته ليکڪ مضمون لکي اداري جي آنرري سيڪريٽريءَ کي حيدرآباد جي پتي تي موڪلي ڏين. آنرري سيڪريٽري جو نالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڄاڻايل هو. آءٌ ڪو ليکڪ ته ڪونه هئس، پر مون کي الائي ڪٿان عقل آيو، جو يوسف جي خريدارن ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مون به هڪڙو مضمون لکيو ۽ ٽپال ۾ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي ڄاڻايل پتي تي ڏياري مُڪو. ان مضمون جو عنوان هو ”شاهه جي ڪلام ۾ عشق حقيقيءَ جو تصور“ پوءِ سگهو ئي مون کي هڪڙو خط مليو، جنهن ۾ مون کي ڀٽ شاه جي ميڙي تي فلاڻي تاريخي وڃي پنهنجو مضمون پڙهڻ جي دعوت ڏني وئي هئي. دعوت ڏيڻ وارن سمجهيو هوندو ته هن مضمون جو ليکڪ ڪو وڏو عاقل بالغ ماڻهو هوندو ۽ اهڙين گڏجاڻين جي طريقيڪار کان واقف هوندو، پر ڳالهه ابتي هئي. آءٌ ميڙي تي ويس ته سهي، پر وڃي مجمعي ۾ جتي جاءِ هٿ آيم، اتي ويهي رهيس. ڀانيم ته مون کي جو سڏايو اٿائون، سو مون کي پاڻهئي مضمون پڙهڻ لاءِ سڏيندا ته آءٌ به ڊوڙ پائي وڃي پهچندس.  پر مون کي اها ساڃهه ڪانه آئي ته ڪو اڳواٽ انتظام ڪرڻ وارن سان ملبو ۽ انهن کي ٻڌائبو ته آءٌ آيو اهيان. آءٌ مڳ ٿيو پنهنجي جاءِ تي ويٺو رهيس، وقت گذري ويو ۽ سڏ مون کي ڪونه ٿيو. نڪي مضمون پڙهي سگهيس، نڪي ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ويجهو ملاقات ٿي، پر لائوڊ اسپيڪر تي سندن وڏو گرجدار آواز پري کان ڪنن تي پوندو رهيو، جو سڄي ڪانفرنس جي ڪارروائي پاڻ پئي هلايائون. آءٌ  وري موٽي اچي گهر پهتس وچ ۾ پوءِ ڪيترا سال گذري ويا. مون کي 1966ع ۾ اها خبر پئي ته ڊاڪٽر صاحب اهو مضمون ڪو 1959ع واري شماري ۾ ڇپي ڇڏيو هو. ان وقت ڊاڪٽر بلوچ صاحب جا عالماڻا مضمون ’مهراڻ‘ ۽ ٻين رسالن ۾ ايندا رهندا هئا ۽ سندن ڪتاب ’زيب ادبي مرڪز‘ ۽ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۽ ٻين ادارن وٽان ڇپجندا رهندا هئا، جن ۾ نه رڳو وچولي سنڌ جي ٻوليءَ جو مٺاس ۽ پختگي هئي، پر ٿورن لفظن ۾ گهڻي ڳالهه ڪرڻ جو اهڙو ڪو ڏانءُ هون، جو ماڻهو حيران ته هيءَ ڳالهه ڪيئن چئي اٿن. جيڪا ڳالهه ڊاڪٽر صاهب جن هڪڙيءَ پئرا ۾ ڪري وٺندا هئا، سا جيڪڏهن اسان چوڻ چاهيون ته هوند پنن جا پنا ڪارا ٿي وڃن، پر هوند وري به ڳالهه اهڙي بلائتي نه بيهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي لکڻين مان اهي ڳالهيون محسوس ڪندا هئاسون، پر ساڻن ملاقات ڪانه ٿي ٿِي.

1962ع ۾ اسان ايگريڪلچر ڪاليج ۾ پهتاسين، جتي هر سال شاهه جو ڏينهن ملهائڻ جو پروگرام ٿيندو هو. هڪڙي سال فيصلو ٿيو ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب کي شاهه صاحب تي تقرير ڪرڻ لاءِ گهرائجي. آءٌ انهن ٻن ٽن شاگردن مان هئس، جيڪي کين مقرر ٿيل شام جو حيدرآباد مان وٺي آيا. اسان کي ڪاليج وارن هڪڙي کليل جيپ ڏني هئي ۽ موسم هئي سياري جي. ڊاڪٽر صاحب جن ته شايد اهڙن قافلن تي هريا پيا هئا، پر مون کي تمام گهڻي لڄ ٿي ته هيڏو وڏو ماڻهو، جنهن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ هيترا سال واجهايو اٿئون، ان کي وٺي اچڻ لاءِ ههڙي گاڏي ملي آهي. ڊاڪٽر صاحب جن تقرير ڪئي ۽ سامعين سان گڏ مون به هڪ ڪنو ٿي پند پاهڻ وانگر مبهوت ٿي ويهي تقرير ٻڌي. ٻيا ماڻهو به شوق ۽ انهماڪ سان ٻڌي رهيا هئا. مون تقرير  ته وڏي شوق سان ٻڌي، پر سياري جي سيءَ ۾ ڊاڪٽر صاحب کي کليل جيپ ۾ آڻڻ واريءَ ڳالهه جو منهنجيءَ دل ۾ ايڏو ارمان بيٺو هو، جو همت ڪري مون پرنسپال کي وڃي چيو ته ”اوهان وٽ ٻي جيڪا ڍڪيل گاڏي آهي، اها جيڪڏهن ڏيو ته واپسيءَ ۾ اسين ڊاڪٽر صاحب کي ان تي حيدرآباد ڇڏي اچون.“ پوءِ خبر ناهي ته اسان جي هلندي پڄندي ايتري ئي هئي يا ماڻهن وٽ علم جو قدر ايترو ئي هو يا پرنسپال جي مرضيءَ خلاف مقرر کي سڏايو ويو هو، جو پرنسپال اها ڳالهه نه مڃي ۽ اسين وري به انهيءَ کليل جيپ ۾ ويٺاسين ۽ ڊاڪٽر صاحب کي وڃي خير جو حيدرآباد پهچايوسين.

ان بعد ڪن سالن کان پوءِ هڪ ٻئي جي پويان، ڪجهه وٿيءَ سان، به موقعا اهڙا آيا، جن ۾ آءٌ ڪن چونڊن جي سلسلن ۾ انٽرويو ڏيڻ ويس. اتفاق سان ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن انهن ٻنهي موقعن تي انٽرويو وٺڻ وارن منجهان هئا. ٻئي انٽرويو بعد جڏهن گهڻو وقت گذري ويو ۽ نتيجي جي خبر نه پئي ته مون ڊاڪٽر صاحب کي هڪڙو خط لکيو ته جيڪي ماڻهو انٽرويوءَ ۾ ڪامياب نٿا ٿين، انهن کي به انٽرويوءَ جي نتيجي جو اطلاع ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهن جو اوسيئڙو ۽ انتظار لهي. ڊاڪٽر صاحب جن فوراً مون کي ان خط جو جواب ڏنو. پاڻ چيائون ته اوهان جي ڳالهه بلڪل صحيح اهي ته سڀني اميدوارن کي اطلاع ڏيڻ کپي ته انهن جي انٽرويوءَ جو ڇا ٿيو، پر اسان وٽ پاڪستان ۾ اهڙي اطلاع ڏيڻ جو دستور نه رهيو آهي، ان ڪري اوهان کي اطلاع ڪونه ڏنوسين. ان کان پوءِ مون کي وڏيون همٿائيندڙ ڳالهيون لکيائون،  جن جو مقصد هو ته اوهان نوجوان آهيو ۽ اڃا دنيا اوهان جي اڳيان پئي آهي، اوهان محنت ڪندؤ ته گهڻو اڳتي وڌندؤ

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org